شخصيتون ۽ خاڪا

منير کان ماڻڪ تائين

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ماڻڪ جي لکڻين ۽ ماڻڪ جي شخصيت تي لکيل مضمونن/تاثرن/احساسن جو مجموعو آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ شاعر ۽ ليکڪ مصور حسين آھي. شوڪت شورو ماڻڪ بابت لکي ٿو:
”ماڻڪ سنڌي زبان جو ھڪ نھايت ئي ذھين، سڄاڻ، حساس ۽ گهڻ – اڀياسي ليکڪ ھو. ماڻڪ رڳو ڪھاڻي ۽ ناول جي فارم، ٻولي ۽ اسلوب ۾ تبديلي ۽ نواڻ ڪانه آندي؛ پر ھن جا موضوع به نھايت ڇرڪائيندڙ آھن. ھن جي پوئين دور جي لکڻين ۾ ھڪ سجاڳ ذھني پيڙا نمايان آھن، جيڪا اڄ جي موتمار ۽ مايوس حالتن جي پيداور آھي. ماڻڪ انھن حالتن کي قبول نٿو ڪري ۽ ذھني سطح تي انھن کان بغاوت ڪري ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 2453
  • 409
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مصور حسين
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منير کان ماڻڪ تائين

بي معنى زندگي ۽ ماڻڪ : شوڪت حسين شورو

بي معنى زندگي ۽ ماڻڪ : شوڪت حسين شورو

ماڻڪ سنڌي زبان جو ھڪ نھايت ئي ذھين، سڄاڻ، حساس ۽ گهڻ – اڀياسي ليکڪ ھو. ھن جي ذھانت ۽ اڀياس ھن جي لاءِ شاھ جي لفظن ۾ ”اکر اڳيان اڀري واڳون ٿي وريام“ ثابت ٿيا. ماڻڪ پنھنجي ھڪ فلسفانه لکڻي ”پاتال ۾ بغاوت“ جي ڪردار سيفيس کان چورايو آھي: ”ھا، جڏھن سوچ نه ھئي، انڀو نه ھو، تڏھن پيڙا به نه ھئي، منھنجي درگهٽنا تڏھن کان شروع ٿي جڏھن مونکي منھنجي سرت ٿي ۽ مون پنھنجو پاڻ کي انڀو ڪيو. جڏھن منھنجي درگهٽنا منھنجي آڏو پڌري ٿي ته ان مونکي ڇيڇاڙي ڇڏيو. ھن پاڻ – سجاڳيءَ منھنجي ھستيءَ ۾ مانڌاڻ مچائي ڏنو.“ اھائي ڳالھه ماڻڪ سان ٺھڪي اچي ٿي. جڏھن ھن کي پنھنجي سرت ٿي ۽ ھن پاڻ کي جن حالتن ۾ ڏٺو تن ھن جي وجود کي ڌوڏي ڇڏيو. ڪامئو چيو آھي، ته Beginning to think is beginning to undermine سوچ ماڻڪ جي ذھن ۾ کاٽ ھڻي ھن کان زندگيءَ جون بي پرواھيون، نظرياتي وابستگيون ۽ آئيندي جو آئيڊيل اميدون لُٽي ورتيون.
ماڻڪ شخصي طور ڪڏھوڪو مري چڪو ھو. ھن زندگيءَ جو بار ھڪ فرض، ھڪ نيم، ھڪ عادت سمجهي ڍويو پئي؛ پر ھن ان بي معنى زندگي کي معنى ڏني ھئي لکڻ سان، ماڻڪ ليکڪ جي حيثيت سان ڪڏھن به ڪونه مئو ھو ۽ ھو اڄ به جيئرو آھي. اسان جا ڪيترا ليکڪ اھڙا آھن جيڪي طبعي طور جيئرا آھن، وڏي ڄمار ماڻي اٿن، پر ھو ادب ۾ گهڻو اڳ مري چڪا آھن. ماڻڪ انھن ليکڪن مان ڪونه ھو. ھو آخري دم تائين جيئر جاڳندو ليکڪ ھو.
ماڻڪ ۾ ڀرڀور تخليقي قوتون ھيون، جيڪي ناسازگار حالتن ۽ دٻيل گهٽيل ماحول ۾ به ڪمزور نه ٿي سگهيون. ھڪ انسان جي حيثيت سان ماڻڪ ڪمزور ۽ ڊنل ھو. ھڪ مستقل ڊپ ھو: عدم تحفظ جو، بي سلامتيءَ جو، اڪيلائيءَ جو ۽ اھو ڊپ ھن جي نسن ۾ رت سان گڏ ڊوڙندو ٿي رھيو؛ پر ھڪ ليکڪ جي حيثيت سان ھو بيحد سگهارو ھو. ھن پنھنجين ڪھاڻين ۽ ناولن ۾ دٻيل ۽ گهٽ ٻوساٽ واري ماحول ۾ Insecurity سبب پيدا ٿيل ڊپ جو ڀرڀور انداز ۾ اظھار ڪيو آھي – بنا ڪنھن ڊپ جي. ماڻڪ ڊپ واري ماحول ۾ جيئندو رھيو ۽ آخري وقت تائين لکندو رھيو.
مون ماڻڪ کي زندگيءَ ۾ آھستي آھستي Outsider بڻجندي ڏٺو. ھو ڪنھن وقت سياست ۾ تمام سرگرميءَ سان حصو وٺندو ھو. ڪاليج ۾ شاگرد ليڊر ٿي رھيو ھو. ھن جي تقريرن ۽ نعري بازيءَ ۾ جذبات جي شدت ھوندي ھئي. شروع شروع ۾ پڪو قوم پرست ھو؛ پر سکڻي قوم پرستي بنا ڪنھن اصول ۽ آئيڊيالاجيءَ جي سندس دانشورانه ذھن کي آئڙي. ھن مارڪسزم جو مطالعو ڪيو. ھن شروعات ۾ جيڪي ڪھاڻيون ۽ ڊراما لکيا ھئا تن ۾ گهڻو تڻو قوم پرستي جو موضوع ھو؛ پر مارڪسٽ بڻجڻ کان پوءِ ھن جي لکڻين ۾ طبقاتي ڇڪتاڻ وارو جزو شامل ٿي ويو. تڏھن ھو دلير سنڌي ھو.
منھنجي ويجھي دوست ھئڻ جي باوجود مون کي ھن جون لکڻيون نه وڻنديون ھيون. مون کي ھن جي لکڻين ۾ پرچار وڌيڪ لڳندو ھو، فن گهٽ. اسان جو پنھنجو ھڪ ادبي حلقو ھو ان وقت، جنھن ۾ امداد حسيني، علي بابا، عبدالحق عالماڻي؛ منير سنڌي ۽ آئون ھئاسين ۽ عبدالقادر جوڻيجو جڏھن به ڳوٺان ايندو ھو. بعد ۾ مشتاق شورو ۽ مدد علي سنڌي به اچي شامل ٿيا. اسان جو ٽولو Angry young man ليکيو ويندو ھو.
اسين روزانو شام جو پھرين مسلم ھوٽل جي ڇت تي پوءِ جارج ھوٽل ۾ گڏبا ھئاسين. سياست، ادب ۽ وڏن اديبن جون گلائون روز جا موضوع ھئا. چڱي ڳالھه اھا ٿي ته اسان کي دنيا جي ماڊرن لٽريچر پڙھڻ جو شوق جاڳيو. ڪافڪا، دوستو وسڪي، سارتر، ڪامو وغيره جون لکڻيون پڙھي ھڪ ٻئي سان بحث ڪندا ھئاسين. اڀياس جي لحاظ کان منير اسان سڀني کان اڳرو ھو. اسين گهڻو تڻو فڪشن پڙھندا ھئاسين؛ پر منير فڪشن سان گڏ تنقيد ۽ فلاسافيءَ جو اڀياس ڪيو.
انھن ئي ڏينھن ۾ منير، ماڻڪ بڻيو. 1970ع واري جنگ کان پوءِ پيدا ٿيل حالتن ۾ ھڪڙي ڪھاڻي ”بگهڙن جي راڄ ۾“ لکي، ماڻڪ جي نالي سان. پوءِ جڏھن ھن ناولٽ ”لڙھندڙ نسل“ لکيو، ته ڄڻ سنڌي ادب ۾ ھڪ ڌماڪو ٿيو. ماڻڪ بنا ڪنھن رک رکاءُ ۽ لڪائڻ جي پوري سچائيءَ سان ھڪ فرسٽريٽيڊ نوجوان جو ڪردار چٽيو ھو، جيڪو سنڌ جي نئين، لڙھندڙ نسل جو نمائندو ھو. ان ناولٽ تي سخت اعتراض ٿيا؛ پر ماڻڪ جي تخليقي قوتن جي اڳيان اھي اعتراض ۽ گاريون بند نه ٻڌي سگهيا. ماڻڪ انساني من اندر ڀريل گند ۽ غلاظت کي کليل لفظن ۾ بيان ڪيو ھو. مون ڪيترن بزرگ ۽ وڏن اديبن جي واتان ماڻڪ کي ڪچيون گاريون ملندي ٻڌيون . ماڻڪ جي بي رحم سچائي انھن کي ڏکي لڳي ھئي.
ماڻڪ ڪراچيءَ ۾ جيڪي ست اٺ سال رھيو تنھن دوران اتي جي مشيني ۽ بي رحم زندگي ڄڻ ھن جي شخصيت کي ڳڙڪائي وئي. ھڪ نظرياتي ملڪ جي سفارتخاني ۾ نوڪريءَ جي دوران ھن کي جيڪي تلخ تجربا ٿيا، تن رھي کھي ڪثر ڪڍي ڇڏي.
ماڻڪ جي لکڻ جي اسٽائيل ۽ موضوع ته بدلجي ويا ھئا؛ پر ھن جي طبيعت ۾ به ھڪ عجيب تبديلي اچي ويئي. ھو ھاڻي اڳيون جذباتي ۽ جوشيلي مزاج وارو منير نه ھو. ھن جو مزاج ٿڌو ۽ Indifferent بڻجي ويو ھو. ھو ڪنھن ڪنھن وقت مونکي بنھه Outsider لڳندو ھو. بحث کان لنوائڻ، چپ چاپ رھڻ ۽ دوستن جي ڪچھريءَ ۾ ويٺي به ڄڻ اڪيلو ۽ سڀني کان الڳ ھوندو ھو. ھن جي اکين ۾ معصوميت ھئي ننڍڙن ٻارڙن جھڙي ۽ انھن ۾ سدائين ھڪ اڄاتو خوف پيو ڇلڪندو ھو؛ پر اھو سڀ ماڻڪ کي ھڪ ليکڪ جي حيثيت سان مات نه ڪري سگهيو. ماڻڪ جي سجاڳ ۽ سڄاڻ ذھن حالتن سان سمجهوتو نه ڪيو. ”پاتال ۾ بغاوت“ جھڙي لکڻي ان ڳالھه جو ثبوت آھي.
ماڻڪ سنڌي ادب جو سيفيس آھي. لکڻ ھن جي لاءِ ھڪ نامعلوم ڊپ کان بچاءَ جو وسيلو ھو. ماڻڪ ان ڊپ کان جند ڇڏائڻ جي لاءِ پاڻ کي لکڻ ۾ مشغول رکيو ۽ اھا مشغولي ھن جي لاءِ سسيفين ٽاسڪ ھئي. ھن پڇيو ته نيٺ زندگيءَ جي جبل تي چڙھڻ – لھڻ منجهه رڌل ھجڻ منجهان ڇا پرايت؟ جڏھن ته موت اٽل آھي. ماڻڪ سسيفيس جي واتان امر کي للڪاري ٿو. ماڻڪ ۾ ھڪ ھيڻي انڪاري ليکڪ جي ھوڏي سرڪش ھئي. ھڪ نستي ڏاھي جو، مٿس مڙھيل امر کي مڃڻ کان نابري وارڻ. ماڻڪ سسيفيس وانگر ھر موجود اختيار ۽ ڄميل، مٿان سوار ٿيل Establishmentسجي خلاف ھو.
ماڻڪ رڳو ڪھاڻي ۽ ناول جي فارم، ٻولي ۽ اسلوب ۾ تبديلي ۽ نواڻ ڪانه آندي؛ پر ھن جا موضوع به نھايت ڇرڪائيندڙ آھن. ھن جي پوئين دور جي لکڻين ۾ ھڪ سجاڳ ذھني پيڙا نمايان آھن، جيڪا اڄ جي موتمار ۽ مايوس حالتن جي پيداور آھي. ماڻڪ انھن حالتن کي قبول نٿو ڪري ۽ ذھني سطح تي انھن کان بغاوت ڪري ٿو. شايد ان ڪري ھن پاڻ کي منافقيءَ ۽ ٺڳين سان ڀريل سماج ۾ Misfit، اڪيلو ۽ ھيڻو ڀانيو. نوڪري وڃڻ کان پوءِ نه ھن جي ڌنڌي سان دل لڳي ۽ نه وڪالت سان. اھو سڀ ھڪ ھيڻي، حساس ۽ سچي فنڪار جي سھپ کان ٻاھر ھو. ھن سمجهوتي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ماڻڪ ھارايل ھو، پوءِ به سوڀارو – ھيڻو ھو، پوءِ به اڏول. جڪڙيل ھو، پوءِ به سرڪش. ننديل ھو، پوءِ به ھٺيلو.



(ھي مضمون ”مُئل ماڻھو جيئري پيڙا“ تان کنيل آھن، جنھن کي ماڻڪ جي وفات کان پوءِ امداد حسينيءَ ۽ سحر امداد سھيڙيو ھو.)