اگهاڙو سچ : شوڪت حسين شورو
ماڻڪ: بيرحم، ظالم ۽ قاتل ليکڪ. سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان ھٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنھن کي سنڌي ادب جا تارا ٺيڪيدار ليکڪ مڃڻ لاءِ تيار نه آھن ۽ پڙھندڙ ھن کي شوق سان پڙھڻ کان پوءِ گاريون ڏيندا آھن.
ڏسڻ ۾ بنھه سادو، اٻوجهه، پر اصل ۾ ميسوڻو. اڳ ۾ گرم بحث ڪندڙ، ھاڻي گهڻو ڪري خاموش رھندڙ، من ۾ خطرناڪ ڳالھيون سوچيندڙ ۽ رڳو سوچيندڙ نه. جيڪڏھن ھو اُھي خطرناڪ ڳالھيون من ئي من ۾ سوچيندو رھي ته اسين سڀ ڍڪ ۾ رھون ھا. اسين سڀ الائجي ڇا ڇا سوچيندا آھيون، الائجي ڇا ڇا ڏھاڙي ڏسندا آھيون – گنديون، ڪنيون، واھيات ڳالھيون. پر پاڻ ئي انھن تي لڄي ٿيندا آھيون، پنھنجو پاڻ کي ڇنڀيندا آھيون ۽ مڃڻ کان انڪار ڪندا آھيون ته اسان جي چؤطرف اھو گند به آھي.
اسان وٽ ڪلاسيڪي چوڻي آھي ته گند کي ڦلھوريو ته ڌپ ڪندو. ھن نئين دور ۾ اسين سچ کي لڪائڻ جي خلاف آھيون، اسين سڀ حقيقت پسند آھيون، پر ان سان گڏ مھذب پڻ آھيون، اسين سچ کي، حقيقت کي ڪپڙا پھرائي پيش ڪندا آھيون.
۽ ماڻڪ جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ آھي ئي اھو ته ھو اگهاڙو سچ پيش ڪري – ھن حقيقت تان ڪپڙا لاھي ڇڏيا آھن. آئون ڄاڻان ٿو ته اسان مان گهڻا ان ڳالھه کي قبول نه ڪندا. ھا، جي چاھين ته ماڻڪ کي دل کولي گاريون ڏئي سگهن ٿا، پر اھو خيال رکن ته وڏي وات گاريون ڏيندي گڦون وھائيندي، رڙيون ڪندي، ڪٿي چريا نه ٿي پون ۽ ڪپڙا لاھي رستن تي ڊوڙڻ نه لڳن. نه، اسين مھذب ماڻھو آھيون. اسين رڳو بڇڙو ڪنداسين ۽ ماڻڪ کي آھستي آھستي فضيلت سان ٻه ٽي ڪچيون گاريون ڏئي ڇڏينداسين. تھذيب ۾ رک رکاءُ، مصلحت پسندي ۽ ٿوري منافقت اڻ ٽر آھن.
۽ انھن ئي ڳالھين کي نون ڪھاڻيڪارن ڦٽي ڪري ڇڏيو آھي، ٿُڏي ڇڏيو آھي. روايتن جو ليڪو لنگهي ويندڙ، اگهاڙو سچ پيش ڪندڙ – لڙھندڙ نسل جا ليکڪ جن ڪڏھن پيغمبر ھئڻ جي، سونھين ھجڻ جي دعوى نه ڪئي آھي. ھو پنھنجي ذھن جو، پنھنجي وجود جو بار لکڻ وسيلي لاھڻ چاھين ٿا. ۽ اھو رڳو ھنن جو بار ڪونھي، سڄيءَ نئين ٽھيءَ جو بار آھي، نين حالتن جو بار آھي. ماڻڪ ان بار لاھڻ جي، اسان سڀني کي آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
(”ماڻڪ مٽ سندوم“ تان ورتل)