ماڻڪ جو خالي ڇڏيل ادبي مورچو : انور پيرزادو
ماڻڪ ڳالھائيندو گهٽ ھو. شايد سوچيندو وڌيڪ ھو. ڏاڍو ماٺيڻو، بردبار، سولائي سان تيش ۾ ايندڙ ماڻھن جي ابتڙ، پر پنھنجي خيال وارو – پنھنجي تي اچي ته بس – ھن سان بحث ڪرڻ سولو نه ھوندو ھو، ڇاڪاڻ ته ھن جا دليل پختا ھوندا ھئا. ھو اجايو نه ڳالھائيندو ھو ۽ ھر مسئلي تي پنھنجو ذاتي، تخليقي ردعمل ظاھر ڪندو ھو. بيحد حساس ماڻھو جنھن جون شاھد ھن جون ضيائي مارشل لا ۾ لکيل ڪھاڻيون آھن. ڌڏندڙ بالڪنيءَ مان اُلر ڪندڙ جو اوسيئڙو.
ھُو جيڪو ھو، سو پنھنجي ڪھاڻين ۾ ھو. ذاتي زندگيءَ ۾ ھو تمام گهڻي رواداري کان ڪم وٺندو ھو، ڪنھن سان اجايو سجايو بحث به نه ڪندو، ڪو جُلھه ڪري ويندو ته ان جو ھروڀرو جواب نه ڏيندو، ٻڌ ڌرم واري غير اھنسائي ۽ شاھ ڪريم بلڙي جھڙي سھپ.
پر جڏھن قلم کڻي ويھندو ته ڪوڙھي سماج جا آنڊا گونڊا ڪڍي ٻاھر رکندو. حويليون حرڪت ۾ اچي وينديون ۽ وڏيرڪي سنڌي ڪلچر جو اسلام خطري ۾ پئجي ويندو. ڏسو سندس ڪتاب (لڙھندڙ نسل). بھادر ايڏو جو ضيائي ظلم خلاف ايم آر ڊي تحريڪ کان به اڳ ادب جي محاذ تي جيترو ماڻڪ وڙھيو ٻيو نه ٿو سُجھي.
پاڪستان جي تاريخ ۾ ڏھڪاءُ جي لحاظ کان ھڪ ايوب واري مارشل لا مشھور آھي ۽ ٻي جنرل ضياءَ واري. ايوبي مارشل لا ۾ ڳوٺن اندر ماڻھن بورچيخاني جي استعمال جون ڇريون ۽ ڪاتيون زمين ۾ پوري ڇڏيون ھيون. پر ضيائي مارشل لا لڪ لنگهي وئي – سياسي مخالفت ۾ ڦاسي ۽ گولي کان وٺي ڦٽڪن ۽ منھن ڪارو ڪرڻ جھڙين غير انساني سزائن ۾ ھن مارشل لا جوڪو مقابلو ڪونھي.
اھڙي دھشت واري ماحول ۾ انتھائي فنڪاري سان رياستي دھشتگرديءَ خلاف اڪيلي سر جنگ ڪرڻ ماڻڪ جو ئي حوصلو ھو. ڀٽي کي ڦاسي اچي چڪي ھئي، ڳڙھي خدابخش وارو علائقو ڇھه مھينا گهيري ۾ ھو ۽ سنڌ ۾ ڪِول به نه چُري سگهندي ھئي ۽ خاص ڪري جنرل ضياءَ جي ”اسلامي سزائن“ خلاف ڪو به لکي نه سگهندو ھو ۽ نه ڪا اخبار ڇاپي سگهندي ھئي. ان وقت ماڻڪ ھٿن ڪپڻ واري موضوع تي ھڪ امر ڪھاڻي لکي.
ماڻڪ سان منھنجي پھريون ڀيرو ملاقات روسي سفارتخاني جي صحافتي نوڪري دوران ٿي. ان وقت ماڻڪ ڪميونسٽ پارٽي ۾ ڪم ڪري ھاڻي آزاد خيال رھڻ لڳو ھو ان ڪري سختگير ڪميونسٽ ھن کي انارڪسٽ چئي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا جنھن جي ھن کي ذرو به پرواھ نه ھوندي ھئي. پنھنجي ڪھاڻين ۾ ھو جيڪو لکندو ھو. ان سان فڪري اختلاف ھن جا دشمن به نه ڪري سگهندا ھئا. البت ھن جي ڊڪشن کي ھضم نه ڪري سگهندا ھئا ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪڙي حقيقت پسندي ھوندي ھئي، سيڪس، ڪرائيم، نشو، ٻھروپائي، رت جي رشتن جو مادي اثرن ھيٺ بي معنى ٿيڻ ۽ مذھب جي صاف اڇي غلاف ھيٺان مومنن جي اندر ۾ ويٺل ابليسن کي جڏھن ماڻڪ ڪڍي ٻاھر ڪندو ھو تڏھن مذھبي ڍونگ ۽ ٺڳي تي پلجندڙ سماجي ڪيئان ڦٿڪڻ لڳندا ھئا.
۽ اھو ماڻڪ جيڪو پنھنجي ڪھاڻين ۾ سچ ۽ حق جارحاڻي انداز ۾ چوڻ ڪري انارڪسٽ سڏبو ھو، سو سنڌي ادبي سنگت جي محفل ۾ جڏھن سنڌي ڪھاڻي واري موضوع تي ڳالھائيندو ھو تڏھن ايئن لڳندو ھو ڄڻ ھو ڪنھن يورپي يا آمريڪي يونيورسٽي ۾ سنڌي ادب جو پروفيسر آھي. ھڪ بيحد سنجيدي فيلسوف وانگي انساني سماج جي انساني پھلوءَ جو جڏھن ھو ڇيد ڪري ويھندو ھو ته پوءِ ويٺلن جي حالت اھا ھوندي ھئي جو چوندا ھئا ته ان موضوع تي ماڻڪ ڀرڀور ڳالھائي ويو آھي، ھاڻي ڪو نئون موضوع ڳوليو.
ماڻڪ پنھنجو انت پاڻ آندو ڇو آندو؟ چئي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان موضوع تي سنڌ ۾ تحقيق نه ٿي آھي. علامه آءِ آءِ قاضي جي زندگيءَ جي پڄاڻي به ائين ٿي – ڇو ٿي؟ ان تي به ڪا ريسرچ نه ٿي آھي. جيڪڏھن انھن موضوعن تي ڪم ڪرايو وڃي ته انوکيون حقيقتون سامھون اچي سگهن ٿيون پر اسان جي سنڌي سماج ۾ جيڏا وڏي قد جا ماڻھو پيدا ٿين ٿا انھن تي ريسرچ ايتري ئي ننڍي ۽ مختصر ٿئي ٿي.
تو سڱ ساھ کڻڻ سين، جيئڻ گوشي جا
مرڻ مون سين آءُ ته پٺيءَ تو پنڌ ڪريان
(ڀٽائي)
(انور پيرزادي جي ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ تان ورتل)