بيٺل دل جي خبر : مظھر ميمڻ
ماڻڪ سان منھنجو گهڻ منھون لاڳاپو ھو. ھڪ ته دوست فرد وارو لاڳاپو، جيڪو مونکي زندگيءَ جو لاڳيتو ۽ ھوند جو احساس ڏياريندو ھو. اھو ضروري ناھي ته ماڻڪ کي اھا ڄاڻ ھجي، ڇو جو اسان سڀ ڄاڻي ٻجهيءَ يا اڻڄاڻائيءَ ۾ ھڪ ٻئي جي زندگين کي ڪو نئون دڳ، ڪو نئون احساس ڏئي ويندا آھيون. اھو نئون دڳ کيسي گرم ڪرڻ جي ڪا واٽ به ٿي سگهي ٿي، ته ساڳي وقت اھڙو ھاڪاري ورتاءُ به، اھڙو ورتاءُ جو فرد کي جيئڻ ويل ۽ مرڻ کان پوءِ به حالتن جي ڦلھيار کان مٿانھون ڪيو بيھاري. مان اڃان تائين پاڻ تي ماڻڪ جي موت ۽ ان کان اڳ واري وقت جي ڇڏيل اثر جو پورو تجزيو نه ڪري سگهيو آھيان. ھا ھڪ مھل آ مھل ڪنھن ڏنگ جو احساس ضرور ٿئي ٿو، ”پر شايد اھو اسان جي بائلاجيڪل سسٽم جو پاڻ مرادو ۽ اڻ روڪ رد عمل آھي.”
ماڻڪ سان منھنجو سماجي ڳانڍاپو پڻ ھو. جيتوڻيڪ اسان ۾ ادب، زندگيءَ جي معنى، سياست ۽ اھڙن ٻين موضوعن جي سلسلي ۾ وڏا اختلاف ھئا، پر اڄ جي ادبي وڏيرا شاھيءَ وارين روايتن جي خلاف اسان ھڪٻئي کي ٻڌو ۽ ٻڌايو، ملندا رھياسين ۽ پرپٺ کاٽ ڪونه ھنياسين.
سندس ڪھاڻين جي مجموعي تي تبصرو ڪندي مون لکيو ھو ته ”حقيقت (وھندڙ زندگيءَ جي پس ۽ پيش منظر ۾) جي مختلف رنگن کي الڳ الڳ تخليق ڪرڻ سان، ڇا اسان ڪڏھن به سمپيورڻ حقيقت جو اڀياس ڪري سگهنداسين.”
جيتوڻيڪ مونکي ان جو جواب نه مليو آھي پر ھڪ جواب ضرور مليو آھي ته: اھو ته اسان کوھ جا ڏيڏر آھيون، سماجي ۽ ادبي لاڙن، نظريي ۽ مجموعي طور انساني زندگيءَ جي کيتر ۾ شعوري يا غير شعوري طرح اڃا اسان اھو سمجهيون پيا ھلون ته فرد يا گروپ جي صورت ۾ اسان جتي بيٺا آھيون، سچائيءَ جون سڀ ڌارائون اتان نڪرن ٿيون، اسان مان جيڪي اھو ورتاءُ به ڪنھن سياسي مصلحت جي ڪري نٿا رکن اھي يقينن مشاھدي جي اڻھوند جا ڏنگيل آھن.
ماڻڪ ھڪ مڪمل لاڙو رکندڙ انسان ھو ۽ ادب ذريعي ان جو کليل ۽ ڀرڀور اظھار ڪيائين. اڄ جڏھن ته ٽولي بازي جي ڪري لکڻ ۽ ڇپجڻ سولو ٿي ويو آھي (ادبي معيار کي پري رکندي) شايد اسان اھو احساس نه ڪري سگهون، ته ماڻڪ بنا ڪنھن گروه / ٽولي جي اڪيلي سر لکڻ ۽ جيئڻ لاءِ ڇا ڇا نه سَٺو ھوندو، جيتوڻيڪ اھا سڄي خبر سندس بيٺل دل ٻڌائي ٿي.
(ڪونج، لاڙڪاڻو، نومبر ڊسمبر 1994ع)