ڄميل وقت جون گرم يادون : نثار حسيني
اڄ 26 جنوري آئي ھا! 26 جنوري ساڳي 26 جنوري، سرد، پاري جيان ڄميل! سنڌ ساھت جي سنسار ۾ ڪوئي سڏڪو اڀري ٿو. لڳي ٿو کير ٿر جي ڪنھن اٿاھين چوٽيءَ تان ڪا برفاني ڇِپ کسڪي ڦسڪي اچي ھيٺائين تي ڪري آھي. ڪا ڳالھه سمجھه ۾ نٿي اچي ڇا ٿيو؟ ڇو ٿيو؟ ڪيئن ٿيو؟ اڃا ته چار پنج ڏھاڙا اڳ ساڻس روح رچنديون ڪيون ھيم. ھو مون وٽ آيو ھو ۽ چئي ويو ھو ته وري جلد ايندس، پر ھو نه آيو سندس مرتئي جو خبرنامو آيو . . . وقت ڄمي ويو آھي! وقت ٺري ويو آھي. وقت مري ويو آھي. ماڻڪ نه مئو آھي. ماڻڪ نه مئو آھي.
ماڻڪ سنڌي ادب جو بي ڊپو، سگهارو ۽ خود سر ليکڪ، ھن کان 21 سال اڳ اڄوڪي ڏھاڙي يعني 26 جنوري 1982ع تي جسماني طرح اسان سڀني کي حالتن جي ٽواٽي تي ڇڏي، پاڻ اچانڪ، ڪمدلو سٽاڻي سفر تي سنبري پيو. ڄڻ ٽاڪ منجهند جو سج الھي ويو. ٻڏي ويو سنڌوءَ جي ھن پار ڪنھن پاتال ۾. اھا ھڪ حقيقت آھي پر مان نه مڃيندو آھيان. مان ماڻڪ جي مرتئي جي حقيقت تي ويساھ نه آڻي سگهيو آھيان، مان پنھنجي من کي سمجھائي نه سگهيو آھيان، ان لاءِ ته ڪي ڪي حقيقتون، حقيقتن ھوندي به سپنن جو ويس ڌاري اينديون آھن ته ڪي سچ ۽ ساڀيائون سچ ھوندي به خواب ڀاسنديون آھن. ماڻڪ ناھي مئو. ماڻڪ ناھي مئو.
ماڻڪ پنھنجي لکڻين جي روپ ۾ حقيقت پسند ڪڙو، اگرو ۽ اگهاڙو سچ لکندڙ موٽ ۾ ٿلھيون متاريون گاريون کائيندڙ ليکڪ ھو. ڪالھه، اڄ ۽ سڀاڻ به اسان وٽ ھو. آھي ۽ موجود رھندو. حويلي جا راز، لڙھندڙ نسل، رڃ ۽ پڙاڏا، پاتال ۾ بغاوت، ساھ مٺ ۾، ڇھه انام ڪھاڻيون، سنڌ جا سپوت، ڪلاچيءَ جي ڪن ۾، مائي بختاور ۽ زندگي ھڪ ڪُن. ماڻڪ جا اھي ناول، ڪھاڻيون۽ ناٽڪ سنڌي اتھاس جا املھه ۽ اڻمٽ اثاثا آھن ۽ سنڌي ساھت جي جديد ۽ ترقي پسند تحريڪ جو بنياد.
ماڻڪ ھڪ ليکڪ: ساري سھيوڳي سٿ ۾ تمام گهڻو ڪانٽروورشل / اختلافي، مايوسي ۽ ايئمرڊٽي جي ڦھلاء جو مٿس مکيه الزام ، ھن مايوسي ۽ ايئمرڊٽي کي فيشن طور ڪڏھن به پنھنجي لکڻين ۾ نه ٽنبيو پر ھن ان کي پنھنجي حقيقت پسندي، مشاھدي ۽ اڀياس جي آڌار تي ڪمال تي پھچايو.
ماڻڪ ماڻھوءَ جي سطح تي گنڀير، اٻوجھه ۽ ابھم اھڙو جھڙو ٻار، وقت ۽ حالتن جي تبديلين سندس سڀاءٌ ۽ طبيعت تي ڪوبه ڦيرو ڪونه آندو. اھائي معصوميت، اھائي خوداعتمادي مان گنڀيرتا! ڇو ته ھو ڪڏھن به پاڻ کي زمان ۽ مڪان جي پابندين جو غلام بڻائي نه سگهيو. ڪنول ٽڙيو ھو پر زماني جو ڪوسو واءُ کيس ڪومائي نه سگهيو. اھائي مرڪ، اھائي مھڪ سندس مک تي، اھوئي پنھنجي سڄڻن ۽ ساٿين لاءِ سنڌوءَ جيڏو اڻميو پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ سنيھه.
ماڻڪ ويچارن جي آنھري آڏو: پاڻ پسي ٿو، پاڻ ڪڇي ٿو:
مان ماڻڪ، منير احمد مان ماڻڪ ڪيئن ٿيس؟ ان جو سبب ھن مھل ٻڌائي نٿو سگهان.
”منھنجي لکڻين جي موٽ ۾ جيڪڏھن ڪو پڙھندڙ /سھيوگي ڪلاڪار ڪا ٿلھي متاري گار ڏئي ڪڍي ته به، مان رڳو مرڪندس ڇو ته اھو سندن حق مڃان ٿو.”
”ادب ۾ فرسٽريشن جو جائز يا ناجائز ھجڻ منھنجي آڏو ڪائي اھميت نٿو رکي، ۽ ڪن پابندين يا ٻين سبب ڪري زندگي ۾ فرسٽريشن آھي ته، ان جو اظھار ادب ۾ اوس ٿيندو، اھو ھڪ تاريخي نڀاءُ آھي.”
”منھنجي نظر ۾ اديب به ھڪ انسان آھي. انسان جو پيچده سماجي ناتن ۾ قول ۽ فعل ۾ تضاد، منطقي آھي ۽ اديب به ان کان پاڻ کي ڌار رکي نٿو سگهي، پر جيڪڏھن اھو تضاد قومي تحريڪ ناتي سان آھي ته پوءِ اھو فرق موقعي پرستي، ڪيرئيرازم، خود غرضي ۽ ذاتي مفاد کي، قومي مفاد مٿان رکڻ آھي. ھا ڪائنر پڻو به ان جو ڪارڻ آھي. ”
”مان ليکڪ، ڪنھن کان به متاثر ناھيان، پر ليکڪن جي تخليق ۽ لکڻين مان متاثر آھيان.”
”منھنجي ڪنھن سان ڪا به شڪايت ڪانھي البت ديس دروھين ۽ انسان دشمنن کان نفرت اٿم سخت.”
”منھنجي زندگي کي جلا بخشيندڙ سپنو؛ انساني آزادي : سوچ جي، اظھار جي عمل جي، ديس جي ڌرتي تي وسندڙ اٻوجھه انسانن جي مھاجي، اقتصادي تحفظ ۽ سلامتي جي. “ منھنجي سونھن جو تصور: پورھيت جي پگهر جي ڌپ، ميرن ۽ ٿڳڙون ٿيل ڪپڙن وارو وجود”
”انساني زندگي کي ڪنھن به ٺپي ھيٺ: نظرياتي يا عقيدن، اصولن پٽاندڙ قيد ڪرڻ خلاف لڳاتار سرگرمي، جسماني توڙي ذھني جاکوڙ سان منھنجي پسند جو خيالي اسڪيچ ٺھي ٿو.”
”زندگي! اھا زندگي منھنجي نظر ۾ ھر قسم جي پابندين کان آزاد ذهني جسماني چرپر سميت.....”
”مان وٽ ديس واسين لاءِ ڪوبه سنيھو ڪونھي ھا پر ڪجھه سوال، سوچ لاءِ رکان ٿو:
اسان جي قومي وجود جو، پنھنجي قومي سڃاڻپ جي ناتي سان جو ڪجھه ٿي رھيو آھي، ان بابت ڪڏھن سوچيو اٿو؟
جيڪڏھن سوچيو اٿو يا سوچيو ٿا ته : ته جذباتي ٿي، پر ان جي بچاءَ لاءِ ڪي تدبيرون ۽ گڏيل عمل؟
سڀاڻي اسين پنھنجي اصلي، قومي حيثيت مان تاريخ جي وھڪ ۾ باقي رھنداسين؟
اسان جا دشمن ڪير آھن؟ دوست ڪير؟
قومن جي زوال جي تاريخن ۽ خود پنھنجي تاريخ جي اڀياس مان ڪڍيل نتيجا ۽ جياپي جون راھون؟
جياپي جو ساس آھي يا نه؟
”ڪا آس، ڪا اميد سندم ھن ۾، ھا . . . ٻه واٽي تي بيٺل مان : يا ته : باغي ٿي اڀران!
يا ته: جڏھن صبح جو سج اڀري ته، منھنجو مئل، اڻ ساھو وجود کٽ تي پيل ھجي / جنھن ايڪسيڊنٽ ۾ ختم ٿي وڃان ! ! !
آس ۽ اميد جي ٻه واٽي تي بيٺل ھي مھان ليکڪ ڪھڙي واٽ ٿو وٺي:
يا ته: باغي ٿي اڀران
يا ته: يا ته: ۽ ھا 26 جنوري 1982ع واري صبح جو جڏھن سج اڀريو ته ھن ڄڻ پنھنجي آس جي ڪونيل ۽ ڪنوارين ڀاؤنائن کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو، سندس مئل ۽ اڻ ساھو وجود کٽ تي پيل ھو!
او ماڻڪ، منھنجا مٺا دوست! جيون جي واٽ ۾ رڪاوٽون ته اچن ٿيون، ان ڪري ئي سفر سٽاڻو ۽ مارڳ منجهيل ھجي ٿو . . . مارڳ جي ماڻ تائين ويڇا وڌي وڻ ٿي وڃن ٿا ۽ ھا اھي رڪاوٽون ڪٿي ڪٿي انھن قافلن کي روڪيو ڇڏين پر ماڻھوءَ جو ھي من ۽ منورتي سچ ته ڏاڍيون عجيب شيون آھن. سورن جي سانچي ۾ گهڙي سڙجي، ڏکن ۽ ڏولاون جي واٽن تي وڍجي ڪٽجي، اھو روڙو ۽ پٿر گهڙجي، ڇلجي اھڙو ته لسو ۽ سھڻو پٿر بنجيو پوي جو جيون جي يادن جي شوڪيس جو شوپيس ٿيو پئي. ماٺ ٿيو پوي!
ماڻڪ! ڪيترو نه ڪڙو سچ آھي اھو!؟ جو وقت گذرڻ سان تنھنجي اھڙي نموني اسھڻ جو المناڪ ايڪسيڊنٽ ھاڻي منھنجي ذھن جي يادگيرين جي شوڪيس جي ھڪ حسين ۽ املھه ڪليڪشن بنجي پئي آھي!
پر رڳو يادون ئي ته جيون ناھي؟ بسنتي رت ۾ ھو ڏس نوان گونچ ڦُٽندا آھن پر سياري جا سُڪي ۽ وڇڙي ويل پن واپس نه ورندا آھن. سڌو خال ته بھرحال رھندو آھي، ڀلي ڪوئي به ان کي ڀرڻ جا ھزار حيلا ڪري!
ڄميل وقت جون ھي گرم يادون تيستائين من مارڳ تي مچ مچائينديون رھنديون جيستائين سنڌ جو اتھاس باقي آھي جيستائين ان ۾ ماڻڪ جون لکڻيون وٽين وانگيان جرڪنديون ۽ چمڪنديون رھنديون . . .
اڄ 26 جنوري آھي. ھا! ساڳي 26 جنوري، سرد پاري جيان ڄميل! سنڌي ساھت جي سنسڪار ۾ ڪوئي سڏڪو اڀري ٿو، لڳي ٿو کيرٿر جي ڪنھن اتاھين چوٽيءَ تان ڪا برفاني ڇڀ کسڪي، کسڪي اچي ھيٺائين تي ڪري رھي آھي . . . ڪا ڳالھه سمجھه ۾ نٿي اچي! ڇا ٿيو؟ ڇو ٿيو؟ ڪيئن ٿيو؟ وقت ڄمي ويو آھي، وقت ٺري ويو آھي! وقت مري ويو آھي. ماڻڪ نه مئو آھي. ماڻڪ نه مئو آھي. ماڻڪ جيئرو آھي. ماڻڪ جيئرو آھي.
(روزانه عوامي آواز، خاص اشاعت 6 جنوري 2003ع)