جڏھن سڄڻ سفر ھليا : نصير مرزا
26 جنوري، اڱاري جي ڏينھن، ٻي وڳي منجهند برک ڪھاڻيڪار ”ماڻڪ“ جي اوچتي دکدائڪ وفات واري خبر 27 جنوري تي شام سوائين ڇھين وڳي تصديق ۾ تبديل ٿي چڪي ھئي. کوڙ سارن دوستن جو پنڊ پھڻ دائرو ۽ وچ ۾ سائين نثار حسينيءَ تصديق لاءِ الاءِ ڪھڙي اخبار کي فون ڪيو.
سائين فون تي ڳالھائڻ جي ابتدا ڪئي. ته دل ڌڙڪڻ لڳي ته اھا خبر . . . . . شايد . . . نه نه ! پر اوچتو ڳالھائيندي، سائين اکين ئي اکين ۾ چئي ڏنو ”ماڻڪ ختم ٿي ويو.“ جهلڪ پلڪ لاءِ سڀ فريز ٿي وياسين، پر برف کي آخر ته ڳرڻو ئي ھيو ۽ ان کان اڳ جو اکين ۾ برف رجڻ لڳي، ٻيڙيءَ جي سوراخن مان پاڻي اندر ڌوڪي چڪو ھو ۽ نيشنل سينٽر جون ڏاڪڻيون ڏاڪو ڏاڪو ڪري ھيٺ لھي رھيا ھئاسين، ته ڏاڪڻ تان لھندي ٿڪل ٿڪل وکون کڻندي ائين لڳو، ڄڻ ڏاڪڻ جي ڏاڪن تي تيز اڇا بليڊ رکيا ھئا. ۽ پوءِ ھيٺ شھر جا رستا، فليٽ، ڪارون، بسون، آسپاس کوڙيل اشتھاري بورڊ. ھر شيءِ ھڪ ۾ خالي پڻو جو احساس. سائين نثار اوچتو ھلندي چيو: ”يار سعيد! ماڻڪ جي ڊيٿ نروس ڪري ڇڏيو آھي ۽ مان سوچڻ لڳس ته، موت اھڙي وٿ/ سگهه آھي جيڪا ماضي، حال، مستقبل ۾ سڄي دنيا جي ماڻھن، ساھ وارين شين تي حاوي رھي آھي. قلم ته برابر ليکڪ جي ھٿ وس ھوندو آھي پر ھو اُن سان پنھنجي تقدير ۽ ڄمار ته نٿو لکي سگهي، ۽ ماڻڪ به مري ويو، اڳتي ھلي اسان مان به ھر ھڪ کي ڌرتيءَ تي ھلي پنھنجو پنڌ کٽائڻو آھي، اھو طريقو ازل کان ھلندو اچي. ”پر ڇا اھا ماڻڪ جي وڃڻ جي مھل ھئي؟”
”مون کي چاڙھي چيئنءَ ويو وڻجارو اوھري” مٿان اھا به عجب جھڙي دکدائڪ ھڪجھڙائي آھي، ته بنھه انھي ساڳي (ماڻڪ واري) خوبصورت ايج ۾ . جو ماڻڪ بنھه پيارو دوست ۽ برک ڪھاڻيڪار عبدالحق عالماڻي به ويچاري ڀاڀي ۽ ھڪ پٽ کي اڪيلو ڇڏي ھليو ويو. ماڻڪ جي ڏات، ذات، فن ۽ فڪر تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ لاءِ مان نھايت ننڍڙو آھيان. ”نه“ برابر آھيان. ڪھاڻي کان، ناول کان، ناٽڪ کان تنقيد تائين، سنڌي ٻولي جي ھن ذھين ليکڪ جي ھڪ ڊگهي ادبي ياترا آھي. ماڻڪ ھر صنف ۾ زندگيءَ جي تلاش جو سفر ڪيو آھي. زندگيءَ جي اڀياس جا طريقا ھر احساس ۽ آدرشي ليکڪ وٽ پنھنجا ھوندا آھن ۽ ماڻڪ وٽ به ھئا. ماڻڪ بيشڪ ته – نه فقط سنڌيءَ ٻوليءَ جو ذھين ۽ گهڻ پڙھيو ليکڪ ھو، پر ھن جيڪو ڪجھه به پڙھيو ھو، اُن بابت ھن سوچيو به ھو. ماڻڪ وٽ ھر متضاد سياسي ۽ قومي مسئلي جي لاءِ ھڪ راھ ھوندي ھئي. ماڻڪ پنھنجي آخري لکڻي توڻي پنھنجي آدرشن سان وفادار نظر اچي ٿو ۽ اھا ڳالھه به پڌري پٽ ڪرڻ چاھيان ٿو ته، ماڻڪ روايتي آدرشوادين ۽ سياستدانن وانگر پنھنجا آدرش ماڻھن تي ناھن مڙھيا. ماڻڪ پنھنجي ڏمريل ٽھيءَ جو اڪيلو ۽ منفرد نمائندو ھو ۽ آھي! ماڻڪ جيڪو ڪجھه لکيو آھي ان جي ٽيڪنڪ ٻولي جو واھپو – جملن جي جوڙجڪ – مواد جو ورتاءُ، مطلب ته منفرد نثر جيڪو ماڻڪ لکيو ان جي ابتدا به کانئس ئي شروع ٿئي ٿي. ماڻڪ وٽ مايوسي ۽ اسپوڊٽي فيشن طور نه ھئي. اھو ماڻڪ جي مشاھدي جو ڪمال ھو. ھو پنھنجي ڪھاڻين ۾ آئوٽ ھائيڊر قطعي ڪونه ھو. ماڻڪ – سنڌي ڪھاڻيءَ لاءِ جنھن (Theme) سان نڀايو، اُھو ٻي ڪنھن جي وس جي ڳالھه نه ھئي. ھڪ مڪمل آئيڊيالاجي کڻي ان سان نڀائڻ! بس ماڻڪ جھڙي گهڻ پڙھيئي ۽ آدرشي ليکڪ جي ئي وس جي ڳالھه ھئي. ماڻڪ ڪنھن وڏي ذھني ڪشمڪش ۾ مبتلا ھوندي به ٻاھران بظاھر ڏيک ويک ۾ ڄڻ پُرسڪون زندگيءَ جو استعارو لڳندو ھو.
(تنھنجا منھنجا نيڻ ائين ڄڻ، رڻ ۾ رات ٺري)
ڪنھن رشي منيءَ جھڙي سانت سڀاءُ رکندڙ ھي ڪھاڻيڪار سنڌي ادب جي اتھاس ۽ مکيه حيثيت ۾ زندھ رھندو ۽ 26 جنوري جي سانجھه، ھٿ ۾ ڪارا جهنڊا کڻي رستن تي لھي آئي ھئي، تڏھن نوابشاھ جي موھني بازار جي نور مسجد جي ايوان ۾، عظيم ڪھاڻيڪار جي قبر کوٽجي رھي ھئي. ٻئي ڏينھن، 27 جنوري تي جڏھن سورج ڌيري ڌيري آسمان تي چڙھي رھيو ھو. ماڻڪ ڌرتيءَ جي پاتال ۾ دفن ٿي چڪو ھو. تڏھن رات جو مون بئڊلڪ ڊائريءَ ۾ لکيو:
”گگهه قبر روشن ٿي ويئي!
ڄڻ اسان ھڪ ڏيئي کي دفنايو آھي.“
(”ماڻڪ مٽ سندوم“ تان ورتل)