شخصيتون ۽ خاڪا

منير کان ماڻڪ تائين

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ماڻڪ جي لکڻين ۽ ماڻڪ جي شخصيت تي لکيل مضمونن/تاثرن/احساسن جو مجموعو آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ شاعر ۽ ليکڪ مصور حسين آھي. شوڪت شورو ماڻڪ بابت لکي ٿو:
”ماڻڪ سنڌي زبان جو ھڪ نھايت ئي ذھين، سڄاڻ، حساس ۽ گهڻ – اڀياسي ليکڪ ھو. ماڻڪ رڳو ڪھاڻي ۽ ناول جي فارم، ٻولي ۽ اسلوب ۾ تبديلي ۽ نواڻ ڪانه آندي؛ پر ھن جا موضوع به نھايت ڇرڪائيندڙ آھن. ھن جي پوئين دور جي لکڻين ۾ ھڪ سجاڳ ذھني پيڙا نمايان آھن، جيڪا اڄ جي موتمار ۽ مايوس حالتن جي پيداور آھي. ماڻڪ انھن حالتن کي قبول نٿو ڪري ۽ ذھني سطح تي انھن کان بغاوت ڪري ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 2453
  • 409
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مصور حسين
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منير کان ماڻڪ تائين

ماڻڪ اُسرندڙ سوچ جي نمائندگي ڪندڙ ليکڪ : ممتاز مھر

ماڻڪ جو دکدائڪ موت اسان کي ڪاميو جي دکدائڪ ۽ ڪُمھلي موت جي ياد ڏياري ٿو. جھڙي طرح البيئر ڪاميو پنھنجي طور فرانس جي جديد تاريخ ۽ ھن صديءَ جي نمائندگي ڪئي – فرانسيسي ڪلچر جي مکيه قوت طور اُڀريو تھڙي طرح ماڻڪ ھن دکي ماٿريءَ (سنڌ) جي نئين ڪلچر، نئين ٺھندڙ تاريخ/ نئين اُسرندڙ سوچ جي نمائندگي ڪئي. ھن جديد سنڌي تخليقي ادب جي بنيادن کي نه صرف مضبوط ڪيو بلڪه ان جو رخ به متعين ڪيو.
ڪاميو پنھنجي حياتيءَ ۾ تخليقي ميدان ۾ تمام تيزيءَ سان اُڀري عالمي شھريت اختيار ڪئي ۽ ويھين صديءَ جي جديد فرانسيسي ادب جي رخ بدلائڻ ۾ نمايان ڪم ڪيو. گهڻو ڪجهه ڪرڻو ھئس؛ پر ڪمھلي موت کيس وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ کان ھميشه لاءِ روڪي ڇڏيو. انھيءَ ساڳئي ڪمھلي موت ماڻڪ کي به گهڻو ڪجهه ڪرڻ کان ھميشه لاءِ روڪي ڇڏيو. موت برحق آھي؛ پر ڪمھلو موت تمام اڻسھائيندڙ چئبو، جيڪو زندگيءَ مان رھيل کھيل ويساھ ئي ختم ڪري ڇڏيندو آھي. بقول سارتر: ان موت جو واھيات پڻو ھيءُ آھي، ته غير انسانيت جي ڍانچي / عمارت کي ڊاھي پٽ ٿي ڪري ڇڏي.
ماڻڪ جي ان دکدائڪ ۽ ڪمھلي موت جا ذميدار ڪير آھن؟ ڇا اسان انھن ڪارين ۽ بي چھري قوتن کي سڃاڻون نه ٿا؟ محسوس نٿا ڪريون؟ اسين انھن جي چھري ”آدم بوءِ آدم بوءِ“ ڪندڙ قوتن کي چڱي ريت سڃاڻون ٿا . . . محسوس ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته اھي اسان جي اعصابن تي سوار آھن: ڪڏھن بک ۽ بي روزگاريءَ جي روپ ۾، ته ڪڏھن پيدا ٿيل / پيدا ڪيل بي يقيني ۽ ھراس جي روپ ۾ . ھيءُ ٻوسٽ وارو ماحول پيدا ڪندڙ ھي فحش طبقاتي سماج آھي، جنھن ۾ اسان / توھان زندگيءَ جي ائبسرڊٽيءَ جي تلخ ذائقي کي چکندا رھون ٿا. بي انصافيءَ خلاف ڪروڌ / ڪاوڙ / احتجاج کي جڏھن اظھار ملندو آھي، يا جڏھن آس نراس ۾ مٽجي ويندي آھي، تڏھن پنھنجي دل چٻاڙيندي محسوس ٿيندي آھي. ماڻڪ اھڙين ئي ڪيفيتن مان لنگهندو رھيو. ھو پنھنجي امر لکڻين (اگهاڙو سچ) ۾ ھيءُ چتاءُ بار بار ڏيندو رھيو ته : جذبن کي مروٽيو پيو وڃي . . . ساھ مُٺ ۾ آھي! . . . اڙي ڪجهه ڪريو! ائين ھو صدائون ھڻندو موت جي ور چڙھي ويو. سسسيفس جو روح رڙيون ڪندو رھيو، پر ڪوبه کيس پاتال کان ٻاھر آڻي نه سگهيو.
زان پال سارتر ڪاميو جي موت تي لکيل پنھنجي مضمون ۾ چوي ٿو :

“Every interrupted life – even that of so young a man is, at the same time a record that is broken and a complete life.”

ماڻڪ – اسان جو / توھان جو پيارو ماڻڪ، جنھن پنھنجي امر لکڻين ذريعي پنھنجي وقت /دؤر جي نازڪ ترين انساني جذبن ۽ احساسن کي سندر لفظن جو روپ ڏنو، جنھن جي لکيل سٽ سٽ ۾ درد به ھو ته دٻيل احتجاج پڻ، جنھن ھن زندگيءَ کي گهڻو ڪجهه ڏنو گهڻيون ئي آسون پنھنجي من ۾ رکندو آيو، ان ماڻھپي جي موٽ جي آسري ۾ ته من ڪو سڻائو واءُ لڳي! تنھن کي ھن فحش طبقاتي سماج ھميشه لاءِ ڳڙڪائي ورتو. ھڪ نامڪمل (تخليقي) زندگي . . . مڪمل ٿيڻ جي تڙپ / آرزو رکندڙ زندگي . . . ڪجهه نامڪمل ئي رھجي ويئي. ھاڻي اھا نامڪمل زندگيءَ (تخليقي) زندگي مڪمل ان صورت ۾ نظر ئي اچي ته ڪمھلي موت ان جي مڪمل ٿيڻ جا امڪان ختم ڪري ڇڏيا آھن.
انھن مڙني ڳالھين جي باوجود حقيقت ھيءَ آھي ته ماڻڪ پنھنجي ان مختصر تخليقي زندگيءَ جي دوران تخليقڪار جي حيثيت ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو، تنھن کي نه صرف سندس حياتيءَ ۾ ئي مڃتا ملي، بلڪه کيس جديد سنڌي ادب جو سرواڻ ڪري تسليم ڪيو ويو ھو. ھن جون اسان وٽ ڇڏيل امر لکڻيون خاص ڪري ڪھاڻي کيتر ۾، ساھيته جا اُھي معيار آھن جن کي آڏو رکي اسان سچي ۽ ڪوڙي تخليق جي پرک ڪري سگهون ٿا. وقت جي گذرڻ سان ماڻڪ جي لکڻين ۾ موجود سچائين کي وڌيڪ شدت سان محسوس ڪيو ويندو سندس لکڻين کي وڌيڪ قدر جي نگاھ سان ڏٺو ويندو، انھن لکڻين جي بھتر تڪ تور ڪئي ويندي.
تخليقي آزاديءَ جو پرچارڪ ليکڪ جيڪو رجعتي قوتن کي بيباڪيءَ سان بي نقاب ڪندو رھيو، جنھن ڪنھن به گهڙيءَ، ڪنھن به مرحلي تي اسٽيبلشمنٽ سان ٺاھ نه ڪيو، بلڪه وک وک تي اسٽيبلشمنٽ کي للڪاريندو، پنھنجي ڌڪار کي ظاھر ڪندو رھيو – اُھو باغي جذبن وارو ليکڪ . . . . اعلى انساني قدرن جي پاسداري ڪندڙ ليکڪ اسان سڀني کي دائمي غم جو داغ ڏيئي ھميشه لاءِ وڇوڙو ڪري ويو. منير / ماڻڪ جھڙو باضمير – بااصول ليکڪ جڏھن اسان سان گڏ ھو، تڏھن ھن جو وجود اسان لاءِ ھڪ طرح جو ڏڍ ھو ؛ سندس تحريرون پڙھي خاطري ٿي ويندي ھئي، ته روشن ضمير نه صرف موجوده دؤر / وقت جي نبض پڪڙي ان کي لفظن ۽ جملن جي صورت ڏيئي رھيو آھي، بلڪه تخليق جي فن جا اُھي معيار به قائم ڪري رھيو آھي . . . جيڪي ٻين نون لکندڙن جي رھبري ڪري سگهن ٿا. ماڻڪ جون لکڻيون اعلى تخليق جون ڪسوٽيون ٿي رھنديون.
ماڻڪ جي ڪمھلي موت سان اعلى تخليق جو اُھو سلسلو پورو ٿيو، جيڪو جيڪر جاري رھي ھا، ته اڃا به ڏات ۽ ڏانءُ جا اعلى نمونا پيدا ٿيندا رھن ھا. اسرندڙ سنڌي ادب جي بدقسمتي چئبي، جو اھا ھڪ اھڙي مھان ڪھاڻيڪار / ناول نگار / نقاد کان محروم ٿي ويئي، جنھن جديد سنڌي ادب (خصوصن ڪھاڻي صنف) کي نئون روپ ڏنو. ماڻڪ سنڌي ڪھاڻي ڪلا کي جنھن منزل تي پھچايو آھي، اھا منزل رھنمائي ڪندڙ روشنيءَ جيان ھميشه چمڪندي جرڪندي رھندي . . . نون لکندڙن کي اُتساھ ڏياريندي رھندي . ماڻڪ جي ادبي ڪاوش کي انھي تناظر Perspective ۾ پرکڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت آھي. ماڻڪ سان پورو انصاف تڏھن ٿيندو جڏھن ذھني ڪشادگيءَ، وسيع مطالعي ۽ محنت سان سندس فن ۽ فڪر جو جائزو ورتو ويندو. بھرحال اھو ڪم ادبي ڄامڙن کان نه ماڻڪ جي حياتيءَ ۾ ٿيو، نه ھاڻي ٿيڻو آھي.



(ھي مضمون ”مُئل ماڻھو جيئري پيڙا“ تان کنيل آھن، جنھن کي ماڻڪ جي وفات کان پوءِ امداد حسينيءَ ۽ سحر امداد سھيڙيو ھو.)