ماڻڪ ۽ حقيقت پسندي : ممتاز ابڙو
انسان ذات سان وقت ۽ حالتن ۾ جيڪي وھي واپري ٿو، حال ماضي مستقبل ۾ يا ان جي اردگرد سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي جيڪا اٿل پٿل ٿئي ٿي يا خود انسان جي اندروني ذات سان لاڳاپيل ويڙھاند آھي، ھن جي زندگي ۾ ڏک، درد، جهيڙا، جهٽا، واقعا حادثا اچن ٿا ۽ ھو جنھن ڪيفيت ۾ آھي. ڏک درد ڀوڳي ٿو يا فطرت جي سونھن وڻ، وڻڪار، گل، گلزار، سمنڊ، درياءَ، ڍنڍون، چشما، جبل، سرسبز ڌرتي تي خوشيون، پيار، محبت ۽ سندر سندر سپنا پسي ٿو انھي طرح سماج اندر ريتون رسمون ننڍ وڏائي، طبقا ۽ طبقاتي رسا ڪشي، مذھب ۽ مذھبي رويا ۽ سماجي انساني مسئلا جن کان متاثر ٿيل گهڙيون ڪھاڻين جو روپ اختيار ڪن ٿيون. اھڙا سلسلا جڏھن حساس فرد مٿان گذرن ٿا يا اھو خود پسي ٿو ته ھن جي اندر جيڪو فن آھي اھو مانڌاڻ مچائي ڇڏي ٿو. اھڙي طرح فنڪار جي اندر ۾ جيڪو حساس پڻو آھي اھو گھرائي مان جنھن جذبي سان اظھار جو وسيلو بڻجي منظر ٿي اچي اھو ئي تخليقڪار جي صورت ۾ ڪنھن نه ڪنھن صنف جي واٽ وٺي اچي ٿو.
اھڙي طرح ڪھاڻي جي اندر مان به ڪھاڻيون سرجي ھن سماج وٽ اچن ٿيون. ماڻڪ به ان ئي سماج جو فرد آھي جنھن جو ماضي به آھي، حال به آھي ۽ مسقبل به، ماڻڪ اھڙي معاشري جو فرد آھي جنھن وٽ سياسي سماجي مسئلا آھن ۽ ريتون رسمون به آھن ۽ نفسياتي مسئلا به آھن. ماڻڪ جي اندر ۾ جيڪي فنڪارانه جذبا آھن اھي ھن کي ماٺ ۾ ويھڻ نٿا ڏين. اھي اظھار جو وسيلو بڻجي ڪھاڻي، ناول ۽ ناٽڪ جي صورت اختيار ڪن ٿا. ھن جنھن جذبي، شوق ۽ لگن سان جيڪا راھ اختيار ڪئي اھو ھن کي منفرد انداز ۾ آڻي بيھاري ٿو.
ماڻڪ ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ جو ستر واري ڏھاڪي جو ليکڪ آھي. ۽ ھن دور کي سنڌي ڪھاڻي جي شاندار ڪھاڻين جو دور ليکيو وڃي ٿو. ان دور ۾ سليم ڪورائي، رزاق مھر، ڪيھر شوڪت، طارق عالم، عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا، مدد علي سنڌي، بيدل مسرور، شوڪت حسين شورو، رسول ميمڻ، خيرالنساءَ جعفري، نورالھدى شاھ، مشتاق شورو ۽ ماڻڪ (مونسان گڏ ٻيا به ڪھاڻي جا ليکڪ آھن جن جوذڪر ڪنھن ٻئي ڀيري ڪندس) انھن باقاعدي سنجيدگي سان ڪھاڻيون تخليق ڪيون ھن کان اڳ ورھاڱي کان پوءِ شيخ اياز، جمال ابڙو، اياز قادري، محمد عثمان ڏيپلائي، امر جليل، آغا سليم، غلام نبي مغل، قمر شھباز، عبدالخالق عالماڻي، ثميرا زرين، ماھتاب محبوب ڪامياب ڪھاڻيڪار ليکيا وڃن ٿا. جن ستر واري دور ۾ به پاڻ موکيو آھي.
اھڙي طرح ماڻڪ سنڌ اندر جديد ڪھاڻي جي حوالي سان پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي ڇڏي آھي. ماڻڪ ڪھاڻين ۾ ان غليظ مڪروه سماجي روايتن کي سڃاڻي اوگهاڙيو آھي. جيڪي سماج اندر معزز، معتبر ۽ احترام لائق عزت وارا آھن. انھن جي ڪوٽن مان جنھن نموني سان سندن ريتن رسمن جو ماڻڪ جهاتي پائي مشاھدو ماڻيو آھي. ان جو بيان ھن ريت ڪري ٿو.
”بيبي جنان ۾ جن اچي واسو ڪندو ھو ته ھوءَ سڄي ڳاڙھي ٿي ويندي ھئي. ڄنڊا کولي ڪنڌ ڌوڻيندي ھئي، سندس سڄو جسم گرم ٿي ڦڙڪڻ لڳندو ۽ جيڪو به سندس ڀر ۾ ويھندو ھو ان کي ڀاڪر پائي چڪ ھڻندي ھئي، رانڀوٽا پائيندي ھئي. ان جي چمڙي چوسي رت ڪڍي ڇڏيندي ھئي، بيبي جنان جي اھڙي ڪيفيت قرآن شريف سان شادي ڪرڻ کان پوءِ ٿي. حويلي اندر چيو ويندو ھو ته سيد خاندان جو ڪو نيڪ روح اچي واسو ٿو ڪري. پر ڳوٺ جي مسجد جو مولوي چوي ٿو ته روح ڪڏھن به گنھگار دنيا ۾ نٿو اچي سگهي. باقي بيبي کي جن ٿو اچي جيڪو سيدن جي گهر جو مھمان آھي. ھن مولوي جي ڀرم رکڻ واري معاملي کي ۽ سيد جي عاقبت کي اھڙي طرح ڦولھيو آھي جو اصل ساري مام پروڙجي ٿي وڃي. بيبي جنان جنھن جي سونھن ماڻڪ ھن ريت بيان ٿو ڪري ”جا بھار ۾ جوڀن تي رسندڙ ٽڙيل گل جنھن جون نفيس نازڪ نرم ۽ لسيون پنکڙيون مقناطيسي ڇڪ رکنديون آھن. جن جي سڳنڌ موسم بھار جي صبح صادق ۽ ٽڙيل گلن وانگر پري کان محسوس ٿيندي آھي ۽ پاڻ ڏانھن بي ساختگي ڪشش ڪندي آھي.” اھا بيبي جنان جڏھن جوڀن جي روءُ مان گذري ٿي ته سندس جذبا کيس نفيساتي مريض ٿا بڻائي ڇڏين، جو ھو چرين جيان پاڻ وار کولي ٿي ڇڏي جيڪو ڀر ۾ اچي ٿو ان کي رانڀوٽا، چڪ ھڻي رتورت ٿي ڪري ڇڏي. جيڪو ماڻھو يا شيءَ ڀاڪر پئجي وڃيس ٿو ان کي زور سان پڪڙي لوڏيندي رھي ٿي جڏھن ساڻي ۽ بي حالي ٿي وڃي ٿي تڏھن مائي ساران ھن جي اھڙي حالت ڏسي اچرج ۾ اچي وڃي ٿي.“
جنسي مرض واري ڪيفيت مان نڪرڻ لاءِ بيبي جنان پنھنجو علاج ڳولھي رھي ٿي. گهر مان وٺندڙ ڏڌ واري ڇوڪري کي پنھنجا جذبا ارپي ٿي. ماڻڪ اھڙي سگهارن ماڻھن جي ريتن رسمن کي فنڪارانه انداز سان خوار ڪيو آھي جو کيس حال حيات ھوندي گارين ڌمڪين جي صورت ۾ موٽ پئي مليس. ماڻڪ جي اھا ڪھاڻي ”حويليءَ جا راز“ ماڻڪ جي سڀني ڪھاڻين کان سٺي ليکي وڃي ٿي. اھڙي طرح ھڪ ٻي ڪھاڻي ”حقيقت رکو” ساڳي روايتن جي پاسدار ڪندڙ رئيس جي ملڪيت جي ورڇ واري، سلسلي جي ڪڙي آھي. رئيس پنھنجي نياڻيءَ جي شادي ڪرڻ نٿو گهري، ۽ ھوءَ بيمار آھي. ان جي علاج لاءِ پنھنجي ننڍپڻ جي دوست ۽ خانداني ڊاڪٽر سان رابطي ۾ اچي ٿو. اھو تشخيص Diagnosis ڪري ٻڌائي ٿو ته Hystereo Manna Conditions جو علاج صرف شادي (Sexual urge)جنسي گهرج جي تسڪين لاءِ فطري گهرج آھي. رئيس جي ڳالھه نه مڃڻ تي ڊاڪٽر طبي علاج کي عارضي سڪون سمجهندي، پاڻ فطري طور گهرج پوري ڪري ٿو. معاملو وڌي وڃي ٿو، ٻار جو پيٽ ۾ پروش وٺڻ تائين پھچي ٿو. جڏھن رئيس عمرو ڪري واپس اچي ٿو، ساري خبر ملڻ کان پوءِ بجاءِ ڌيءَ کي قتل ڪرڻ واري روايت قائم ڪرڻ جي ھو ڊاڪٽر آڏو مسئلو رکي ٿو ۽ کيس شادي ڪرڻ جي پڻ آڇ ڪري ٿو. پر ڊاڪٽر اخلاق جا ھڙ ئي قدر ٽوڙي چڪو آھي. پنھنجي اھڙي ڪڌي عمل کي قانوني ڏوھ نٿو سمجهي. ھو اھڙي عمل کي فطري ضرورت سمجهي پوري ڪري ٿو. جڏھن ته ھو ساڳي وقت شھر جو مشھور ۽ سٺن فزيشنن مان ھڪ آھي. پيشي سان لڳاءُ رکندڙ انسان دوستي کان مشھور شھر جي معزز شخصيتن ۾ ڳڻيو ٿو وڃي، ۽ زال، نوجوان پٽ ۽ ٻن ڌيئرن جو پيءُ آھي. پيشي جي ڪتابن کان علاوه ادب، فلسفي، نفسيات ۽ سائنس جي مختلف ڪتابن جو مطالعو ٿيل ھئس. اھو ڊاڪٽر رئيس جي نياڻي شھزادي لاءِ ويچار رکي ٿو. خوبصورت سادي سودي سٻاجهي ڪنواري آھي تنھن معصوم جي زندگي کي گهاءُ رسائي ٿو ڇڏي. ھو نه رڳو دوست سان دوکو ٿو ڪري پر ان معصوم ڇوڪريءَ سان ويساھ گهاتي پڻ ڪري ٿو. اھڙي ڊاڪٽر جي اھڙي مقدس پيشي جي منھن تي جيڪا ڪارنھن ملي ٿو ته اھو ڊاڪٽر جي نالي تان ويساھ کڻائي ڇڏي ٿي. ھو اھڙو رھزن ثابت ٿئي ٿو جو پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي ختم ڪرڻ گهري ٿو. ماڻڪ جي ڪھاڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن سان گڏ جنسي مسئلن جو شڪار ٿي ويل ڪردار به ملن ٿا. ماڻڪ جي ڪھاڻي ۾ جيڪا ترقي پسندي نظر اچي ٿي ان ۾ حقيقت پسندي جي عڪاسي ٿيل آھي. ماڻڪ وٽ نه رڳو ڏانو آھي پر ڏات به آھي. ھن جنھن جديد انداز سان ڪھاڻي لکي آھي ان ۾ ھن ڀرڀور طريقي سان پاڻ موکيو آھي.
(ڪونج، لاڙڪاڻو: نومبر ڊسمبر 1994ع)