ديوانگيءَ جو سفر : منور سراج
نومبر 2013ع جو صبح آهي،
نومبر جا ههڙا ڪيترائي صبح ماڻڪ منير جي اڱڻ ۾ لٿا هوندا. ڪيئن گذاريا هوندا ماڻڪ اهي صبح، شامون، راتيون؟ انهن صبح، شامن ۽ راتين ۾ ڪير به جهاتي پائي نه ٿو سگهي. ماڻڪ ”ساهه مٺ ۾“ جو پهريون صفحو ڪهڙيءَ موسم جي ڪهڙي پل لکڻ شروع ڪيو هوندو!
۽ ”لڙهندڙ نسل“ جي ڪلائمڪس تي ڪهڙي پل پهتو هوندو.
ڪاش! آئون ماڻڪ سان مليو هجان هان! ڪاش آئون ماڻڪ سان ملي سگهان!
هاڻي ته مان چاهيندي به ماڻڪ سان ملي نه ٿو سگهان.
ماڻڪ ته تڏهن خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، جڏهن مون کي اڃان ادب جي الف ب جو به پتو نه هو.
ماڻڪ سان نه ملي سگهڻ جو ڏک منهنجو اضافي ڏک نه آهي. حقيقي ڏک آهي!
مون جيترو گهڻو ماڻڪ کي پڙهيو ايترو گهڻو سندس ويجهو ٿي ويس.
هن جون سڀ لکڻيون سدائين پنهنجون پنهنجون ڀاسيم. مون ماڻڪ کي جڏهن به ۽ جتي به پڙهيو تڏهن ۽ اتي پاڻ کي هن جو حصو محسوس ڪيم. افسوس! نواب شاهه ۾ يعني ساڳئي شهر جي آس پاس هوندي به مان ماڻڪ کي ڏسي نه سگهيس.
۽ اڪثر انهن دوستن کان جن جي ماڻڪ سان ملاقات هئي، پڇندو رهيو آهيان ”يار سارنگ سهتا، ماڻڪ ڏسڻ ۾ ڪيئن لڳندو هو؟ ڳالهائڻ ۽ ملڻ جو انداز ڪيئن هئس؟“
”سائين مير محمد پيرزادا، اوهان ٻڌايو اوهان سان ڪچهرين ۾ ماڻڪ ڪهڙيون ڳالهيون ڪندو هو؟“
۽ سائين مير محمد ٿڌو ساهه کڻي ٻڌائڻ لڳندو، ”يار هو ڪچهرين ۾ گهڻو ڪري خاموش رهندو هو، گھٽ ڳالهائيندو هو... تمام گهڻو مطالعو ۽ شعوري سگهه سان مالامال هو...... گهڻو ٻڌندڙ ۽ گھٽ ڳالهائيندڙ هو.“
مان ڪنهن ننڍڙي ٻار جيئان تجسس، خوشي ۽ پيار سان ماڻڪ بابت ڳالهيون ٻڌڻ لڳندس!
پر هي ڇا؟ مان ماڻڪ بابت ٻڌندي، سوچيندي ۽ ڳالهائيندي آخر ٻار ڇو بڻجي پوندو آهيان؟
دوستن واتان اڪثر ٻڌڻ ۾ پيو ايندو هو ته ماڻڪ جو هڪڙو پٽ به آهي. علي احمد نالو اٿس. وڏي ڏاڙهي وارو باغي پٽ، جنهن کي ماڻڪ کان چڙ آهي. جنهن کي پيءُ تي ڪاوڙ آهي. جيڪو پيءَ جي ادبي حيثيت تي ناراض آهي..... وغيره وغيره....... ڪجھه دوستن ته ايترو به چيو پئي ته ماڻڪ جي مولوي پٽ پنهنجي پيءُ جا فوٽا به ساڙي ڇڏيا آهن...... هو فوٽا گهر ۾ رکڻ کي بدعت ٿو ڀائين.... وغيره وغيره.....! پر پوءِ به الاءِ ڇو مون ساڻس ملڻ ٿي چاهيو!
مون پنهنجي محبوب ليکڪ جي پٽ کي ڏسڻ ٿي چاهيو.
ڄڻ ماڻڪ کي نه ڏسي سگهڻ جي ڪمي پوري ڪرڻ ٿي چاهيم. پر ماڻڪ جي پٽ سان ملڻ به شايد سولو نه هو.
هن جي صحبت الڳ هئي!
هن جو اٿڻ ويهڻ جدا هو.
هن جو سنڌي ادب ۽ اديبن سان ڪوئي تعلق نه هو.
ادبي پروگرامن (اردو توڻي سنڌي) ۾ هن جو اچڻ امڪان کان ٻاهر هو.
مان به شايد هن سان ملڻ جو آسرو ذري گهٽ لاهي ويٺس. شايد اها ڪنهن سياري جي شام هئي! آئون شهر مان موٽي ڪالوني ڏي ايندي رستي ۾ پنهنجي پياري دوست نديم ڀٽيءَ جي گھر وٽان پئي گذريس ته نديم کي نم جي ڀرسان ڪنهن باريش نوجوان سان بيٺل ڏٺم. ٻنهين سان مليس... دعا سلام ٿي. اوچتو نديم جي اکين ۾ چمڪ ۽ چپن تي دلربا مرڪ ڦهلجندي وئي....”منور! هن دوست کي سڃاڻين ٿو؟“ نديم جي مرڪندڙ چپن چيو.
”نه يار“
”هي پاڻ واري منير ماڻڪ جو پٽ علي احمد آهي.“
نديم جو جملو ٻڌندي ئي منهنجي چپن مان بي اختيار هڪ جملو اڀريو، اڙي..... يار!.... توهان..... ماءِ گاڊ!، ۽ مون ٻيو ڀيرو ان دوست کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.... ۽ دير تائين کيس ڀاڪر جي گهيري ۾ گهيري رکيو..... ڄڻ ماڻڪ منير کي ڀاڪر پاتو هجيم..... ماڻڪ جو جسم..... ماڻڪ جو وجود...... ماڻڪ جي خوشبو..... ماڻڪ جي اداسي..... ماڻڪ جو ڏک.... ماڻڪ جو حادثو....الا!..... ماڻڪ جا نيڻ.... ماڻڪ جا هٿ! ماڻڪ جي ڇاتي!! ان ڀاڪر جو گهيرو وسيع ٿي ويو..... سياري جي اداس شام کان نومبر جي هن صبح تائين سڀ موسمون انهيءَ ڀاڪر جي گهيري ۾ آهن.
ان شام کان وٺي اسان جو ملاقاتون ۽ مختصر توڻي طويل ڪچهريون شروع ٿيون ۽ اڃان جاري آهن.
مون محسوس ڪيو ته علي احمد جنهن کي مان پيار مان علي ڀائي سڏيندو آهيان ڏاڍو حساس، انتهائي ذهين ۽ شاندار ماڻهو آهي. برابر هو پيءُ وانگر ناولسٽ ڪونهي، ڪهاڻيڪار ڪونهي پر هو پيءُ وانگر حساس آهي! بي حد حساس! هن جي اکين ۾ ماڻڪ جي خودڪشي وارو حادثو هر وقت اٽڪيل آهي. هن جو اندر زخمي زخمي آهي، پيءُ جي پيار، شفقت ۽ موجودگيءَ کان محروميءَ جو ڏک هن جي ذات جو وڏي ۾ وڏو ڏک آهي. ان ڏک، ان حادثي ۽ اڪيلائي سندس شخصيت کي Disturb ڪري ڇڏيو آهي! هن کي جيڪا پنهنجي پيءُ تي ڪاوڙ آهي اُها ڪاوڙ سنڌ جي مشهور ليکڪ ماڻڪ منير تي نه آهي پر پنهنجي پيءُ تي آهي.... پنهنجي بابا تي آهي. اها ڪاوڙ دراصل ڏک آهي. ڏوراپو آهي، لڙڪ آهي، سڏڪو آهي. پنجن سالن جي بنهه ننڍڙي ڄمار ۾ پيءُ جي ڇانءَ کان محرومي ٿي وڃڻ جو ڏک تمام وڏو ڏک آهي. هن جي دل ۾ ماڻڪ منير نالي مشهور ليکڪ کان وڌيڪ پنهنجي پيءُ جي اهميت آهي. هجي به ڇونه! هن جي ڪاوڙ هن جي شڪايت هن جو ردعمل Justified آهي! ۽ بهرحال ڪاوڙ جڳ هوندي هن جي دل جي ڪنڊ ۾ پيءُ ماءُ لاءِ بي پناهه پيار آهي. اهو پيار مون کوڙ دفعا سندس اداس اکين مان ليئا پائيندي ڏٺو آهي.
هي علي ڀائي جو نظم آهي.
یہ سانجھ کا سمہ
یہ سمندر کی شور مچاتی لہریں
یہ سرخ انگارے سا ڈوبتا سورج
یہ مجھے اپنے طرف بلاتے ہیں
سرگوشی کرتے ہیں میرے کان میں
لوگوں نے تمہیں تنہا کر دیا تو کیا ہوا!
آؤ ہم تمہیں اپنی بانہوں میں تھام لیں،
شاید کہ سورج کی تپش سے تمہارے داغ دھل جائیں،
تمہارے پیشانی بے داغ ہوجائے،
یہ سمندر کا نمکین پانی تمہیں پوتر کردے،
کہ شاید ہم اچھے دوست بن جائیں،
اور تمہارا کرب اپنے اندر سمولیں،
سکھ کے رشتے سے دکھ کے رشتے مضبوط ہوتے ہیں
ہم ملکر دونوں رشتے نبھائینگے،
اور جہاں ہم سب الزامات اور تہمتوں سے
ہمیشہ کے لئے آزاد ہوجائینگے۔
۽ رڳو هيءُ هڪڙو نظم ئي نه هن کوڙ نظم لکيا آهن ۽ هن جو هر نظم ڄڻ باهه جو ٻرندڙ شعلو آهي.
هن جي اندر ۾ مسلسل هڪ شعلو ٻري رهيو آهي. دنيا جي خوبصورت ناولسٽ پائلو ڪوهئلو پنهنجي ذاتي تجربن تي مشتمل ڪتاب Like she flowing river ۾ هڪ جاءِ تي لکيو آهي:
“Every human being should keep alive within them the sacred flame of madness, but should behave as a normal person.”
يعني: هر انسان کي پنهنجي اندر ۾ پاڳلپڻي/ ديوانگي جو هڪ مقدس شعلو زنده رکڻ گهرجي. البت سندس رويو متناسب هجڻ گهرجي.
سو ماڻڪ کان جيڪو ديوانگيءَ جي آڳ جو شعلو سندس پٽ علي ڀائي جي سيني تائين پهتو آهي اهو واقعي به ڏاڍو مقدس آهي.... پڪ سان ان شعلي جي هوندي به ماڻڪ جو ماڻهن سان رويو اهڙوئي نارمل هوندو، جهڙو علي ڀائي جو آهي.... ها پر Abnormality ۽ Normality جي وچ ۾ توازن قائم رکندي رکندي اڪثر ماڻهو پاڻ مقدس باهه جي شعلي ۾ سڙي رک به ٿي ويندا آهن. جيئن ماڻڪ ٿي ويو.... جنهن دنيا جا ٻيا ڪيئي ديوانا روح ٿيندا آهن. ماڻڪ جي خودڪشي بلڪه هر آرٽسٽ جي خودڪشي بلڪه هر ماڻهوءَ جي خودڪشي دراصل خودڪشي نه آهي پر قتل آهي، بي حس سماج طرفان قتل.... بي پرواهه رياست طرفان قتل.
ڪوئي آهي جيڪو ڪنهن ڪورٽ ۾ ڪڏهن انهن قاتلن تي ڪوئي ڪيس داخل ڪري؟
هڪ ڏينهن پنهنجي اندر ۾ آڳ جو شعلو ۽ اکين ۾ هڪ اڻ وسرندڙ حادثي جو ڏک کڻي جيئندڙ منهنجو دوست علي ڀائي مون وٽ آيو. ان ڏينهن سندس هٿ ۾ هڪڙو پراڻو بريف ڪيس هو، بريف ڪيس منهنجي سامهون رکندي چيائين، ”منور هي توهان جي ماڻڪ منير جو بريف ڪيس آهي، جنهن ۾ سندس ڪجھه ڪتاب، ڪاغذ، خط ۽ مضمون وغيره آهن. هي بريف ڪيس ماڻڪ جي خودڪشيءَ کان وٺي امان سنڀاليو آهي. اڄ هي بريف ڪيس مان تو وٽ کڻي آيو آهيان.... جو امان ۽ مان سمجھون ٿا ته ماڻڪ جي هن بريف ڪيس جو حقيقي وارث منور سراج آهي.“
۽ مان حيرت ۽ خوشيءَ جي احساس ۾ ڀرجي ويس.
خودڪشيءَ جھڙي معصوم احتجاج سان هن بيمار سماج کان منهن موڙي ويل ڪنهن پوپٽ جھڙو روح رکندڙ آرٽسٽ جي بريف ڪيس جو وارث ٿيڻ کان وڏو ڀلا ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي ٿو سگهي؟ ها. ماڻهوءَ کي خوابن تان دستبردار نه ٿيڻ گهرجي. مڪمل جنون ۽ سچائيءَ سان ڏٺل خواب ڪڏهن ڪڏهن ضرور ساڀيان جي دهليز تي پهچندا آهن.
بريف ڪيس ۾ ماڻڪ جي هٿن جي خوشبوءَ هئي. اُها خوشبو جنهنجي مون ڳولا هئي. ۽ اهو ڇهاءُ جنهنجو منهنجي اکين ۾ خواب هو، سو ڇهاءُ بريف ڪيس جي هر خاني ۾ موجود هو.
”علي تنهنجي مهرباني جو هن سڄي شهر ۾ توهان مون کي ئي ماڻڪ جي خوابن جو وارث چونڊيو.“ مون اهو جملو ان شخص کي چيو جيڪو پنجن سالن جي عمر کان اداسي جي علامت بڻيل هو، جنهن کي چاچن مامن وٽان ڪنهن به پيءُ واري آسيس نه ملي هئي، جنهنجي ماءُ کيس پيءُ بڻجي پيار ڏيڻ جي باوجود به پيءُ جي ڪمي پوري نه ڪري سگهي هئي.
مون گھر اچي بريف ڪيس کوليو،
بريف ڪيس ۾ عجيب خوشبو هئي.
خوابن جي خوشبو.
محبت جي خوشبو.
سڪل گلابن جي خوشبو.
اکين ۾ رهجي ويل ڪنهن شام جي خوشبو.
خودڪشيءَ جو خوشبو.
جدائي جي خوشبو ۽ زندگيءَ سان پاڙجي نه سگهيل هڪ واعدي جي خوشبو.
(هڪ ڏينهن منهنجي هٿ ۾ قرت العين حيدر جو ناول ”آگ کا دريا“ ڏسي عليءَ ٻڌايو هو ته ”منور“ امان ٻڌائيندي آهي ته شادي جي پهرين رات تنهنجي پيءُ مون کان پهريون دفعو جنهن ناول بابت پڇيو هو اُهو، آگ کا دريا هو. ۽ ان رات امان دير تائين ”آگ کا دريا“ تي ڪچهري ڪئي هئي.)
بريف ڪيس ۾ ٻين انيڪ ناولن جي خوشبوءَ سان گڏ ”آگ کا دريا“ جي خوشبو به هئي! شايد ماڻڪ جي شاديءَ جي پهرين رات ئي آگ کا دريا جي خوشبو به سهاڳ جي خوشبوءَ سان گڏ بريف ڪيس ۾ بند ٿي وئي هئي!
مان هڪ هڪ ڪري بريف ڪيس جي قديم غار مان گلن جي خوشبوءَ ۾ ڳنڍيل شيون ڪڍڻ لڳس.
ساهه مٺ ۾ ۽ لڙهندڙ نسل جو مسودو (ماڻڪ جي اکرن جي خوشبو اڃان تازي آهي.)
هڪ عدد هڪ رپئي جو نوٽ، جيڪو هاڻي (Date expire) ٿي چڪو آهي.
سيد شاهه محمد شاهه ڏي ڄامشورو موڪليل ڪنهن خط جي ٽپال کاتي واري رسيد، رسيد نمبر 171. تاريخ 21 جنوري، سال چٽو نظر نه ٿو اچي.
آگم پبليڪيشن کان نثار صاحب جو هڪڙو خط. ادا، ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ ته في الحال اهڙي خالي جاءِ منهنجي نظر ۾ آهي ئي ڪانه. ها باقي شاهه محمد شاهه چاهيندو ته ڪري سگهندو.... وغيره وغيره. تاريخ 24.05.1981.
ڪراچيءَ مان عزيز سنڌي جو خط.
مير جو خط
رياض ڀائي ڏي منير جو خط
ڊاڪٽر محمد سليمان جو خط
نصير مرزا جو خط
عزيز سنڌيءَ جو خط
ڪنهن مئگزين ۾ ڇپيل ماڻڪ جي ڪهاڻي ”سونهان اڻ سونهان“.
ماڻڪ جو وزيٽنگ ڪارڊ.
ماڻڪ جو اڻ ڇپيل ناوليٽ ”پڇتاءُ“
ماڻڪ جي هڪ بي نامي ڪهاڻي.
هڪ عدد ڪارو پراڻو پلاسٽڪ جو ٻٽون ۽ بس...!!
۽ ها سچي هڪ عدد هڪ اخباري ڪٽنگ. (منير ماڻڪ سنڌي ادب ۾ نون تجربن جو خالق آهي.
هو انتهائي حساس فرد هو، سندس لکڻيون اجتماعي احساس جو اولڙو آهن)
(ساس نوابشاهه طرفان ڪرايل ورڪشاپ ۾ مير ٿيٻي، نثار حسيني ۽ ٻين جا ويچار)
۽ بريف ڪيس ۾ بند رهجي ويل نومبر جي شام جھڙي هڪ خاموش، اڪيلي ۽ اداس شام
ماڻڪ جي بريف ڪيس جي وارثيءَ منهنجي خوشي ۽ اداسي ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي.
نومبر جي ئي ڪنهن ڏينهن پياري ممتاز بخاريءَ فون ڪري ماڻڪ جو ناوليٽ ”پڇتاءُ“ ڇپائڻ جو ذڪر ڪيو. منهنجي اداسيءَ جا گهاٽا ڪارا ڪڪر چانديءَ جي مختصر ترين بوندن ۾ بدلجڻ لڳا. ۽ پڪ سان ماڻڪ جو ناوليٽ توهانجي هٿن تائين پهچندو ته منهنجي دل جي آسمان تي ست رنگي انڊلٺ اڀري چڪي هوندي.
مان اوهان وانگر ماڻڪ جي پڙهندڙ طور هي ناوليٽ ڇپجندي ڏسي تمام گهڻو خوش آهيان....
مون کي به اوهان وانگر ماڻڪ کي پڙهندي شدت سان محسوس ٿيندو آهي ته هر بندرو ماڻهو پاڻ کان وڌيڪ بندرو ماڻهو ڏسي پاڻ کي قدآور ماڻهو سمجهي خوش ٿيندو آهي ۽ هر ڊگهو ماڻهو پاڻ کان ڊگهو ماڻهو ڏسي پاڻ کي بندرو سمجهي پريشان ٿيندو آهي.... پر سچ بهرحال هر حال ۾ سچ ئي هوندو آهي.
منور سراج
نومبر جي شام
2013ع
نواب شاهه
(ماڻڪ جو نه هوندي به ماڻڪ جو شهر)