صبح جي ستاري ڏانھن : نصير مرزا
تون به چؤواٽي تان موٽِئين ساٿي
آئينا چُور ٿيا
ھار سينگار ڦِٽا
عڪس رنگين ھئا، جيڪي ٽُٽي پيا سارا
سارو مانڊاڻ ٿي
زھر آب ويو
عارضي طور سھي
درد بيتاب ڪيو
ڏاڍو بيتاب ڪيو
نظم اُتاري، ڪتاب بند ڪرڻ جي خيال کان، نظم تي پيپر ويٽ رکي، کيس تيز ھوا ۾ ڇڻيل پنن سان گڏ اُڏامي وڃڻ کان بچائڻ پئي چاھيم. تڏھن مونکي سارتر جي چيل ھڪ ڳالھه، شدت سان ذھن تي تري آئي.”مان جڏھن لکندو آھيان، تڏھن مايوسيءَ جي ڄار مان ڪنھن خوبصورتي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان.” شايد تيز ھوا جي زور تي نظم تان پيپر ويٽ ھٽي ويو ھو. مون ڏٺو: منھنجو ڪاغذ ڪٿي پري پري اُڏامندو پئي ويو ۽ وقت ڪيڏو نه، تيزيءَ سان فُل اسپيڊ ۾ ڀرسان لنگهيو وڃي. مون سوچيو. تڏھن اچانڪ اَمرتا پريتم، مون سان ڪنھن سپني ۾ ڊائيلاگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو: “نظم لکڻ خدا جي باغ مان صوف چورائڻ وانگر آھي.” ۽ مون دل ۾ چيو: صحيح! پر بنھه پنھنجي ڪنھن دوست کي ياد ڪري، ڪجھه لکڻ! ڪوفي ۽ شام جي بازار مان، اَنبوھ ماڻھن جي وچ مان، بيمار ۽ قيدي امام زين العابدين جيان اگهاڙين پيرين لنگهڻ وانگر آھي.
تڏھن اوچتو مون کي ليڊي ڊفرن اسپتال اڳيان لنگهندي ”ماڻڪ“ سان پنھنجي آخري ملاقات ياد آئي. مان تڪڙو تڪڙو ھلندو گاڏي کاتي ڏانھن ۽ ھو سامھون کان ڪوھ نور سئنيما وٽان، نڪ جي سِڌ ۾ ھلندو پئي آيو.
اڙي ماڻڪ!
۽ بي اختيار سامھون کان ايندڙ شخص کي ڏسي اوچتو منھنجي چپن تي ھُن جو نالو لھر وانگي چڙھي آيو.
ڪوئي دوست به ھُن سان گڏ ھو ۽ بريف ڪيس ٻنھي ھٿن ۾ ھئا.
وقت ڇا ٿيو آھي نصير!؟
ڀرسان لنگهندي اوچتو ھُن مون کان ٽائيم پڇيو.
ڏاڍو خوفناڪ! ڏاڍو خطرناڪ! مون دل ۾ چيو ۽ واچ ڏسي ٻڌايم!
پوڻا ڇھه شام جا!
. . .
شايد حيدرآباد ۾ ماڻڪ جي اُھا آخري شام ھئي.
اُن کان پوءِ
پنڇي گم ٿي ويو
نِيري نِڀ ۾
اُوڻيھه سو نوي کان، اٺ سال اڳ: ھُو شخص ماڻڪ ھو. پنھنجي شناختي ڪارڊ ۾ (شايد پاسپورٽ ۾) اُوڻيھه سو نوي تائين مِٽيءَ جي مُٺ بڻجي چڪو. (۽ جنھن مِٽي جو ھو ماڻڪ ھو ان ۾ ئي رک ٿي ويو.) ھُن جو سَرير ھُن جون ڳالھيون، ھُن جي وات مان نڪتل سڀ لفظ، سڀ جملا، ھوا ۾ ھوا ٿي چڪا، ۽ ھُن جو آواز: الوپ ٿي ڪنن کان پري وڃي چڪو . . . ۽ لاحاصل ۽ لڳاتار جستجوءَ ڪرڻ جي باوجود، ماڻھو ويچارو ڇا آھي؟ ڇا آھي ويچارو ماڻھو؟
سمونڊَ جي سطح تي ڳرندڙ برفَ
ڳرندڙ برفَ
ڳرندڙ برفَ!
۽ 26 جنوري اُوڻيھه سؤ ٻياسي جو سج، ماڻڪ لاءِ ڄڻ اُڀريو ئي ڪونه. ھو پنھنجي موھني بازار واري گهر ۾ ٻنھپرن جو اوچتو ڳالھيون ڪندي خاموش ٿي ويو ۽ شام ٿيندي ئي ھُن جي وَني وِڌوا، پُٽ يتيم ۽ ”گهر اڱڻ“ ويران ٿي ويو ۽ دَر و ديوار تي ڄڻ ازلي ابدي سناٽو ڪنھن پکيڙي ڇڏيو.
ياد ماضي:
71 72 جو زمانو . . . ڦليلي واھ جي ڪناري سان پرڀات آرٽس سرڪل جي آفيس ھئي. (الاس! اڄ اُتي ڪڙھائي گوشت، تِڪه ڪباب جي ماڊرن ريسٽارنٽ ”لب مھراڻ” آھي.) اُتي شام جو چانھه جي ڪوپ تي سائين نثار حسينيءَ وٽ اديبن شاعرن، انڊر گرائوند شاگرد اڳواڻن ۽ فنڪارن جي سَڀا سَجندي ھُئي. ۽ ان ئي سَڀا ۾ مون علي بابا، ڄام ساقي، بيدل مسرور، شوڪت شوري . . . ۽ ماڻڪ کي پھريون دفعو ڏٺو ھو. ڪنھن موڪل واري ڏينھن ته، مان سائين نثار حسينيءَ سان گڏجي ٽنڊي آغا جي اُن ننڍڙي ڪواٽر تائين به ويو ھئس، جتي ماڻڪ ۽ سندس ساٿاري مير ٿيٻو گڏجي مسواڙ تي رھندا ھئا. اُن ڏينھن، ماڻڪ مون کي پنھنجي گهر وانگر ڊسٽربد، ٽڙيل پکڙيل ۽ وکريل لڳو ھو. اڱڻ ۾ ورانڊي کان رِڌڻيءَ جي دريءَ تائين تاڻيل رسي. رسيءَ تي ”اونڌا سڌا، چِٻا ڦِڏا ڪپڙا، ٽُوال ۽ جوراب ٽنگيل، وھنجڻ جي جاءِ جي در وٽ بالٽي ۽ ڇَل بي ترتيب انداز ۾ رکيل. اونھاري جي اُس کان واڻُ بچائڻ لاءِ، کٽ ديوار جي ڇانو ۾ اُڀ کڙي بيٺل. ورانڊي جي پِلر سان ڀڳل ٻانھن واري ڪرسي تي شيو جو سامان اُس ۾ اُڇليل. اندر ڪمري ۾ به اھڙي ئي ڪنڊيشن. اُن ڏينھن سائين نثار، مير ٿيٻي ۽ ماڻڪ الائي ڪھڙن ڪھڙن موضوعن تي ويٺي ڪچھري ڪئي ۽ ھر ڳالھه کان لاتعلق ٿي، مون اُن جاءِ جو جائزو پئي ورتو ۽ سوچيو: اڇا ته، ”حويلي جا راز“ ۽ ”لُڙھندر نسل“ جو اَرڏو ليکڪ، ھن بي ترتيب گهر ۾ رھي ٿو!
ماڻڪ جي شروعاتي، ڳُجهي ۽ گهريلو زندگي جي اسٽڊي ڪرڻ جو گهڻو وجھه ڪڏھن به ڪونه مليو ھو مونکي. زندگيءَ جا جيڪي پل، گهڙيون پھر مون ھن کي ڏٺو ۽ مشاھدي ھيٺ آندو ھو، اُن مطابق ھو مون کي ھميشه ”اِن سڪيوئر“ لڳو. لڳندو ھو، ڄڻ ھو غير محفوظ آھي. پنھنجي ناول ”ساھ مٺ ۾“ جي نائڪ وانگر ھُن کي به شڪ ھو ته، ڪو ماڻھو ھن کي فالو پيو ڪري. ڪو نامعلوم شخص ھن جي پويان آھي ۽ ھُن سان ڳالھائيندي اوچتو لڳندو ھو ته، ھُو زنده رھڻ لاءِ ڪنھن Justification جي ڳولا ۾ آھي، ( ۽ ان ڳولا ۽ تلاش ۾ ھلندي ھو اڄ ڪيڏو نه اڳيان نڪري چڪو آھي.) ھُن سڄي زندگيءَ اَنڊر – ٽون ڳالھايو. بحث ۾ ڳالھائيندي، ھُن جي انداز ۾ شدت ضرور پيدا ٿيندي ھئي. پر، آواز ۾ لائوڊينس ڪاوڙ يا ڪروڌ جو اظھار؟ ھرگز نه! ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ ھُو اڪثر بھادري ۽ جرئتمندي جو به مظاھرو ڪندو ھو. ۽ اھڙين باغيانه ڳالھين ۾، ھُن جون ڳالھيون اڪثر گمڀير سوچ ڏيندڙ ۽ سَبجيٽو ھونديون ھيون. (۽ ٻلوان ۽ سگهه ڀريون ڪھاڻيون لکندڙ ماڻڪ، شخصي زندگيءَ ۾، ھڪ الڳ ماڻھو ۽ ڊنل شخص ھو. (ڊپ شايد ان ڳالھه جو به ته: دل شڪني نه ٿئي ڪٿي ڪنھن جي، سندس ڳالھين مان ڪو ڏک نه پھچي ڪنھن کي. ايذاءُ نه رسي ڪنھن کي).
مون ھن کي واچ ڪيو ۽ ڏٺو ھو ته: ھُو اڪثر پنھنجي اندر – سانت ۽ گمنام رھڻ پسند ڪندڙ شخص ھو. وڏيون محفلون، وڏا بيان ۽ وڏي عمر جا بيوروڪريٽ ٽائپ اديب، شايد ھُن کي پسند ڪونه ھئا. ان ڪري، مون ھن کي وڏين محفلن، وڏن ماڻھن جي فيئرويلز ۾ ڪڏھن به اُٿ ويھه ڪندي ڪونه ڏٺو ھو . ( . . . ۽ بُل ڊاگ ماڻھن جي ھِن سماج ۾، ماڻڪ ھڪ يوگيءَ جي زندگي بسر ڪندڙ شخص ھو.) اسٽيٽس جي لحاظ کان ھو قطار جي آخر ۾ بيٺل، مِڊل ڪلاس جو پريشان ماڻھو ھو. ٺونٺون پاسا ھڻي، بي ضمير ماڻھن جي انبوھ ۾، نه ھُن ڪڏھن اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي ڪا ڪرڻ پئي چاھي. ”ائين ڪرڻ جي نه تربيت آھي نه مزاج؛ (ماڻڪ جي ھڪ خط مان )“ . . . بي پناھ تخليقي صلاحيتن ھجڻ جي باوجود، ھُو سڄي زندگي سترھين گريڊ جو آفيسر نه بنجي سگهيو. ھا! ھُن ايم.ايڊ ۽ بي.ايڊ ۾، اي گريڊ ضرور حاصل ڪري ورتا ھئا.
۽ اوڻيھه سو ايڪاسي جي پڇاڙيءَ ڌاري، انھن زيادتين جي پس منظر ۾، جڏھن ظفر عباسيءَ ھڪ انٽرويو ۾ ھن کان پڇيو ھو ته:
”ڪنھن کان شڪايت؟“
جواب ڏنائين ”ڪنھن کان به نه“
”ڀلا نفرت؟”
”صرف ھن ديس جي ويري ۽ انسان دشمن کان سخت نفرت اٿم.”
ستاويھين جنوري جي ڪوھيڙي ۾ ورتل شام جو، نواب شاھ جي موھني بازار مان لنگهي اسين ماڻڪ جو پُرسو ڏيڻ لاءِ ھُن جي گهر ۽ گهر وارن جو ڏس پتو پڇڻ لاءِ واجهائي رھيا ھئاسين، تڏھن مانڊڻي نما ھڪ ھَٽ وٽ، سائيڪلن جا پنڪچر ٺاھيندڙ – پوڙھي شخص ڏانھن وڌي ويا ھئاسين.
يا عزيز!
ماڻڪ صاحب جي گهر جو ڪو ڏس پتو؟
ماڻڪ!
ڪير ماڻڪ؟
جيڪو ڪھاڻيون لکندو ھو ۽ ڪالھه ٻنھپرن جو رضا ڪري ويو آھي.
ھا . . . ھا ميمڻن وارو ڇوڪرو نه، جنھن خودڪشي ڪئي ھئي!
خودڪشي . . . ؟
۽ اسان سڀني دوستن جا چھرا، پوڙھي شخص جي ان اوچتي اطلاع تي، سواليه نشان جو اسٽيڪر بڻجي، ھڪ ٻئي جي چھرن تي پنڊولم وانگر لڙڪڻ لڳا.
ماڻڪ جي ان دُکدائڪ پڄاڻيءَ بابت ۽ ڌچڪو رسائيندڙ ان ٻڏل خبر جي پس منظر ۾، سندس آپگهات جو ڪو ٺوس ڪارڻ ڪوئي مضبوط ثبوت، اُن وقت بظاھر ته ڪنھن کي به ڪونه پئي سُجهيو، پر وفات کان ڏھ ڏينھن اڳ سائين نثار حسينيءَ وٽ پھتل سندس آخري خط ( ۽ واقعي آخري خط مان) اُن جا انديشا، انومان چاھجن ته ڪڍي به سگهجن ٿا.
”پيارا نثار! اھڙي قسم جا خط اڳ به لکي چڪو آھيان. وري ھڪ ڀيرو يقين ڪرڻ چاھيان ٿو. ڳالھه دراصل ھِيءَ آھي ته ھِتي مون کان نڪو وڪالت ٿي ھلي ۽ نه ڪو ميڊيڪل اسٽور. تربيت ئي اھڙي ٿيل آھي جو، ٻنھي ڌنڌن ۾ ٺڳي! جيڪا مونکي نٿي اچي. مان اھو ڄاڻڻ ٿو چاھيان ته ڇا اتي سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ ۾ ڪا جاءِ خالي آھي؟ مون وٽ ايم اي سوشالاجي ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون آھن.
ذھني ٿڪ سبب في الحال لکڻ ڇڏي ڏنو اٿم. نصير جا ڪھڙا حال آھن. جواب جو بيچينيءَ سان انتظار رھندو. اوھان جو پنھنجو منير (ماڻڪ) 16 جنوري 1982ع“
۽ خط جي جواب جو بي چينيءَ سان انتظار ڪندڙ ماڻڪ – سائين نثار حسينيءَ وٽان ڪو جوڳو جواب پھچڻ کان اڳ ئي، مايوس ٿي زندگيءَ جي وشال منظر مان گم ٿي چڪو.
ڪا آس؟
ٻه واٽي تي بيٺل.
ڪا اميد؟
يا ته باغي ٿي اُڀران.
يا جڏھن صُبح جو سج اُڀري ته منھنجو مُئل، اڻ ساھو وجود کٽ تي پيل ھجي. (ماڻڪ جي ڏنل آخري انٽرويو مان ڪوريل)
عذرخواھيءَ جي بجا آوري لاءِ، جنھن ڪمري ۾ ماڻڪ جي ننڍي ڀاءَ اسان کي آڻي ويھاريو، اُتان پنھنجي اَڻ – ساھي وجود سان ماڻڪ وڃي چڪو ھو. کٽولي تي اُن وقت ماڻڪ جو ضعيف، بيمار، ڏکويل ۽ بي وس و لاچار پوڙھو پيءُ ليٽيو پيو ھو. (۽ افسوس! اھو به ھاڻ مرحوم بنجي چڪو آھي.)
. . . . سڏڪن – ھاڻي آواز ۽ اُڀ ساھي واري تڪليف جي ڪري، ماڻڪ جي والد صاحب جي ڳالھين ۽ جوابن ۾ ڪئي اشارا، ڪئي پار، ڪئي ڪامائون، ڪئي ڪٿائون ھيون، ”صبح جو ھو پنھنجي ميڊيڪل اسٽور تي ويو ھو. 12 ھين ڌاري موٽي گهر آيو. چيائين، طبيعت ٺيڪ ڪانه اٿم. کٽ تي ليٽي پيو. ليٽڻ سان اچي پيو اُلٽين ۾، بي آرامي ايتري ھئس جو ڏٺو نه پئي ٿيو . . . پوءِ الائي ڪيئن آرام اچي ويس . . . الائي ڪيئن آرام اچي ويس . . .؟
( ۽ منجهند ڌاري، ڪھاڻي ڪٿا ٻڌائيندڙ ماڻڪ پاڻ ڪھاڻي بڻجي چڪو ھو.)
ماڻڪ جديد احساس جو اُھو نمائنده ڪھاڻيڪار ھو، جنھن وٽ فن به ھو ته فڪر به، جيڪو پاڻ سميت سڀني جي احساس جُرئت کي، ستل ضمير کي جاڳائيندو رھيو ۽ انھيءَ کي ھن پنھنجي اخلاقي ذميداري به سمجهيو ھو. ھو ڪميٽڊ ليکڪ ھو، آھي ۽ رھندو. (ممتاز مھر)
بي رحم، ظالم ۽ قاتل ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان ھٽيل ۽ الڳ. سنڌي ادب جا ٺيڪيدار، جنھن کي مڃڻ لاءِ تيار نه ۽ پڙھندڙ ھن کي شوق سان پڙھڻ کان پوءِ گاريون ڏيندا آھن. (شوڪت شورو)
ايندڙ دؤر ۾ ماڻڪ جا پڙھندڙ، وڌيڪ پيدا ٿيندا. (امداد حسينيءَ)
اسين سچ کي، حقيقت کي ڪپڙا پھرائي پيش ڪندا آھيون ۽ ماڻڪ جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ آھي ئي اھو ته، ھُن اگهاڙو سچ پيش ڪيو. ۽ حقيقت تان ڪپڙا لاھي ڇڏيا. اسان مان گهڻا ان کي قبول نه ڪندا. ھا! جي چاھين ته ماڻڪ کي دل کولي گاريون ڏئي سگهن ٿا. (شوڪت شورو)
ڪھڙين حالتن اوھان کي اگهاڙي سچ لکڻ تي مجبور ڪيو؟
ننڍپڻ کان تجسس جي ھير، انساني لاڳاپن ۽ ناتن جي مشاھدي جي عادت، ڪتابن جي اڀياس ۽ سڌي سنواٽي مزاج، انھن سڀني گڏجي لکڻ لاءِ اتساھ پيدا ڪيو. (ماڻڪ جي آخري انٽرويو مان ڪوريل حصو)
ماڻڪ نه، فقط پنھنجي سڀاوَ ۽ مزاج جي لحاظ کان ئي سڌو سنواٽو ھو، پر ھن جا ظاھري سروپا به نھايت سٻاجها ۽ سمپل ھئا. پنج فوٽ ڪجھه انچ قد، چھرو گول، اکيون وڏيون ۽ ڪارين ماڻڪين واريون، ڀرؤن، رُوسي ماڻھن جھڙا گهاٽا ۽ گھُنڍيدار: گهاٽيون ۽ گولائيءَ مائل بئلينسڊ مُڇون، آڱرين جي پٺين حصن ۽ ڇاتيءَ تي پشم جھڙا نرم نرم وار ( ۽ ھٿ ملائڻ وقت يا ڏسڻ سان ھٿن ۽ ڇاتي وارا اُھي سندس وار، ھميشه مون کي پريشان پيا ڪندا ھئا.) ھٿ تريون پيازي ۽ انتھائي ڪومل،ھٿ ملائبس ته، لڳندو ھٿ ڪنھن آرادم ده فوم ۾ ھليو ويو آھي. اِھا ئي نرمي ۽ ملائميت، ھُن جي آواز ۾ به ھئي ۽ مُرڪ ۾ به ! ( مان ھن وقت به، ھي سٽون لکندي، ڄڻ سندس آواز ڪنايان ويٺو.) ھُن جي ڀرسان ويھبو ته، لڳندو، اسين پيار ۾ سرشار ٿي، ھُن ۾ سمائبا پيا وڃون. سڀاوَ ۾ ايڏو اطمينان، ايڏو سُڪون، ايڏي اڪيلائي جو توھان ھُن جي ڀرمان لنگهي وڃو يا ھُو توھان جي ڀرسان، پتو اِن جو ٻنھي کي ڪونه پوندو.
ھلڻ چلڻ نھايت شانائتو ۽ ايڏي شفقت مان جو، ڀائين ته، ھلندي متان ڌرتيءَ تي ٻوجھه وڌيڪ نه پئجي وڃي . . . ۽ مان سنڌ جي ھِن بنھه ارڏي، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار جي انھن بظاھر سروپن ۽ سڀاوَ کي ڏسي حيران ويٺو ٿيندو ۽ سوچيندو ھئس ته : اھڙي شخص وٽ اھي ارڏايون، ايڏيون بغاوتون، آھن آخري ڪھڙي ھنڌ موجود؟ ۽ عزيزو! ماڻڪ پنھنجي ھمعصرن ۾ محض ڪھاڻيڪار يا ليکڪ ته ھوئي ڪونه – ھو ته باغي ھو . . . باغي!
۽ ادب ۾ ماڻڪ جي پھرين بغاوت ڀريي اعلان جو سِرو ھو “حويلي جا راز” ( ۽ ماڻڪ اھا ڪھاڻي لکي ڄڻ ته سنڌ جي ڊھندڙ جاگيرداري نظام جي حويلين تي زبردست شيل ڦٽو ڪيو ھو. مون کي پڪ آھي ته : جڏھن اھو جاگيرداري نظام، مڪمل طرح سان ڊھي پوندو، تڏھن حويليءَ جا راز ڪھاڻيءَ کي تعليمي نصاب ۾ ضرور شامل ڪيو ويندو . ممتاز مھر) اُن کان پوءِ، ماڻڪ جو سماجي قدرن ۽ انساني لاڳاپن جي اصليت کي ڏيکاريندڙ ناولٽ، ”لڙھندڙ نسل” پڌرو ٿيو. ۽ لڙھندڙ نسل کان ادب ۾ ماڻڪ جي حوالي سان بنھه شخصي فرسٽريشن واري ادب، تخليق ٿيڻ کي به ڄڻ ھٿي ملي ويئي.
ممتاز مھر چواڻي: ماڻڪ ون يونٽ جي ڊھڻ جي سُتت پوءِ واري دور جي سنڌي نوجوان جي ذھني ڪيفيت کي ھڪ حساس نوجوان جي حوالي سان پنھنجي ناولٽ ”لڙھندڙ نسل” ۾ چٽيو آھي . . . اُن کان پوءِ، ھڪ ٻئي پويان، ”ڇھه انام ڪھاڻيون” ناولٽ ”رڃ ۽ پڙاڏا” . . . ۽ ”ساھ مٺ ۾” تائين ماڻڪ جي ڪھاڻين، ناولٽن جا موضوع ۽ اسٽائيل انتھائي ڇرڪائيندڙ ( ۽ شايد چيڙائيندڙ به) رھيا. وڏي ۽ اھم ڳالھه ھي به ته: نورالھدى شاھ جي ڪجھه ڪھاڻين کي ڇڏي ڪري، اھڙن موضوعن کي نه کائنس اڳ ڪنھن ليکڪ اھڙي ريت ڇُھڻ جي جرئت ڪئي ھئي ۽ نه کانئس پوءِ. سنڌ ۾ پنھنجي ان ارڏي ۽ سگهه ڀري اسٽائيل جو – ھُو اڪيلو ۽ جھڙوڪر آخري ليکڪ ھو.
ماڻڪ جيئن زندگيءَ کي سمجهيو ۽ محسوس ڪيو ھو، تيئن اُن کي پنھنجي تخليقن ۾ پيش ڪيو. سندن پيشڪش جو انداز ان حد توڻي حقيقي ھو جو، انھي ۾ سماجي حقيقتن ۽ بُڇڙاين جي عضون جا، انگ انگ ڌار ڌار ڪري، ڪاڳرن تي ڄڻ ھو ڍير ڪندو ويندو ھو. ٻولي به پنھنجي ڪھاڻين ۾ ھُو ڪا عام رواجي ۽ مروج انداز واري ڪونه لکندو ھو. حقيقتن کي چِٽڻ لاءِ، ھن ٻوليءَ جو نئون گھاڙيٽو اختيار ۽ ايجاد ڪيو ھو. ڊگهن ڊگهن ۽ بورنگ جملن جي ڀيٽ ۾، ھُن واپرايا، ننڍڙا ننڍڙا، پتڪڙا جملا، سِٽون مختصر – سٽن ۾ فل اسٽاپ. ڪاما ۽ سيمي ڪولن جو پورو پورو خيال. انھن ڳڻن تي عبور سبب ھُن وٽ لکڻ جي اھڙي سگهه ۽ ٽِرڪ ھئي جو، ڪھاڻين ۾ ھُو جنھن قسم جي ماحول کي ڏيکارڻ چاھيندو ھو Createڪري ڏيکاريندو ھو. ( مثال طور: “گئس چيمبر” ۽ “ڪارو ڪاري” ڪھاڻي. ناولٽ “پاتال ۾ بغاوت” “ساھ مٺ ۾” ۽ ٻيا به) ۽ خاص ڪري ماڻڪ جڏھن سنڌي يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ مون کي ”امداد چانڊئي” کان پنھنجي ناول ”ساھ مٺ ۾” جو اسڪرپٽ رِويو لاءِ وٺي ڏنو ھو . . . ۽ جڏھن گهر پھچي آڌيءَ رات جو ان کي مون پڙھڻ شروع ڪيو، تڏھن ويھن پنجويھن صفحن پڙھڻ کان پوءِ، اوچتو ناول جي ”نائڪ” جو ڀؤ، خوف، حيرتون ۽ اُڻ تڻ ڄڻ منھنجي رڳن ۾ سرايت ڪري ويون ھيون. لڳم؛ ”اُھو انقلابي پروفيسر مان آھيان، بغاوتن سان جنھن جو ذھن ٽمٽار آھي. اھو شخص مان ئي آھيان، جنھن کي آمريت جا گماشتا، “سي آئي ڊي” ۽ “ايف آئي اي” جا ڇاڙتا واگھه وانگر آدم بُو آدم بُو ڪندا ڳوليندا پيا وتن.
ناول پڙھندي محسوس ٿيو، ڄڻ ڪوئي سامھون ڀت تان مون کي گھُوري پيو. ھوا جا آواز، در جو ٺڙڪو، پري کان ايندڙ ريل جي ڪُوڪ، گهٽيءَ مان لنگهڻ سبب ڪنھن جي پٻن جو کڙڪو ۽ ٻيا اھڙا ڊيڄاريندڙ ۽ پُراسرار آواز . . . پس منظر طور ناول پڙھندي مون کي ڊيڄاڙيندا رھيا ۽ مون محسوس ڪيو. ڄڻ ڪوئي منھنجي سُمھڻ جو پيو انتظار ڪري. جيئن ئي سمھان! آساني سان، منھنجي نڙي تي ھو پنھنجا نُنھن رکي سگهي. “ضياءَ آمريت” واري دؤر کي جيتري فل سگهه سان ھِن ناول ۾ ماڻڪ پيش ڪري ڏيکاريو، اُن جو ڪو ٻيو مثال سنڌي ادب ۾ اڃا ظاھر نه ٿيو آھي.
“حويلي جا راز” “لڙھندڙ نسل” “رڃ پڙاڏا” ڇھه “انام ڪھاڻيون” “پڇتاءَ” “پاتال ۾بغاوت” . . . ۽ ادب ۾ماڻڪ لکيو بي پناھ ۽ ڳالھايو بنھه گهٽ (ڏسڻ ۾ بنھه سادو اٻوجھه، پر اصل ۾ ھِيڻو، اڳ ۾ گرم گرم بحث ڪندڙ پوءِ گهڻو ڪري خاموش رھندڙ (ماڻڪ لاءِ شوڪت شوري جو تاثر)
“مون به ڏٺو ھو ته، سنگت جي سٽنگس ۾، ھُو ٻُڌندو وڌيڪ، ڪُڇندو گهٽ ھو. سندس لکت تي ڪنھن ڏس کان جي ڪا جُلھه ٿي ته، اُن تي به اموشنل نه ٿيندو. اظھار ڪرڻ چاھيندو ته اول جلول ڳالھائڻ بدران عادت مطابق پھرين اُن جو تت، جواب جي صورت ۾ پني تي لکندو ۽ پوءِ لکيل جواب پڙھي ٻڌائيندو. سندس ڌيان ڪو جي سندس لکڻين بابت اسان جي بزرگ دانشورن جي اعتراضن رمارڪس ڏانھن ڇڪائيندو ھو ته، Avoidڪندي چوندو ھو.ڇا انھن کي به جواب مان ڏيان؟ يار! مان لکڻ لاءِ پيدا ٿيو آھيان، وضاحتون ڪرڻ، ڳالھائڻ ۽ جواب ڏيڻ لاءِ نه!”
واقعي ماڻڪ، قلم سان لکڻ ۽ سماجي وارتائن، ناانصافين سان يُڌ ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو ھو. زبان سان اَوائي توائي ڳالھائڻ، لفظن جي “جمع خرچ” لاءِ اطلاع عرض آھي ته . . . “ھا سو ڳالھه پئي ڪيم” ٽائپ لکندڙ ڪالم نگار ۽ شاعر ڪم صحافي ڪافي آھن!
۽ ڪئي سال (ڪئي ميل) ماڻڪ پنھنجي سوچن ۾ پنڌ ڪندي، پنھنجي قلم ۾ مَس بدران رتُ ڀري يُڌ ڪئي، سفر ڪيو، آخر ڪيستائين؟ ڪيستائين آخر؟ انت ته آھي ئي. ڪڏھن دير، ته ڪڏھن سوير. پر ماڻڪ جو رستو اڌ پنڌ ۾ ئي کُٽي پيو. زندگيءَ ۾ شخصي مسئلن ۽ ڪھاڻين ۾ وري سماجي مامرن جو سُٽ سُلجهائيندي سُلھائيندي، ھُن کان پنھنجي زندگيءَ جي ڌاڳي جو سِرو ڪٿي ڇڏائجي ويو.
سوچيان پيو: ماڻڪ، ڪئي موقعن تي، ڪئي دفعا، سنڌ جي ڪئي قبرستانن جي ڀرسان ۽ نواب شاھ جي “نور مسجد” واري مقام وٽان به، اڪثر لنگهيو ھوندو. اُھوئي نور مسجد جو ايوان، جتي ماڻڪ کي ھڪڙي بيگاھ سَمئي جو، ڏوليءَ ۾ کڻي آندو ويو. لالٽينن جي مڌم ۽ جهيڻي جهيڻي روشني جي پُراسرار پاڇولن ۾، مِٽن مائٽن دوستن گڏجي ھُن کي قبر ۾ لاٿو ۽ ھوريان ھوريان مِٽي ورائي، دفن ڪري ڇڏيو. ( ۽ اک ڇنڀ ۾ ۾ سڀ دروازا بند) ۽ اچانڪ، سڄي دنيا جا مظلوم، محڪوم ۽ محروم پڙھندڙ، پنھنجي آدرشواري ليکڪ جي نرم گرم سارُوپن ۽ معصوم مُرڪندڙ چھري کان پل آپل ۾ محروم ٿي ويا.
۽ ٿرڊ ورلڊ جا محڪوم ماڻھو!
ماڻڪ وڃي چڪو
ماڻڪ ختم ٿي چڪو
پر ڇا، ماڻڪ مري سگهي ٿو؟
ڇا، ماڻڪ جھڙا ليکڪ مري سگهن ٿا؟
ختم ٿي سگهن ٿا!؟
لِسن پليز
لِسن پليز
۽ . . . “گوئٽي جي چپن تي مرڻ وقت ھِي لفظ ھئا:
روشني
روشني
او روشني . . .
(01-12-1988 ڪتاب خيمي ۾ شام تان ورتل)