ڏات ۽ ڏانءُ جو نانءُ: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
زندگيءَ جي ڏکن ۽ سکن جي عڪاسي ڪرڻ اديب جو ڪم آھي. اديب اِتي ھڪڙو سٺو فوٽوگراف آھي. جڏھن ھو خود اُن ڏکن جي گهاڻي ۾ پيڙجي يا سندس ڇاتي پيڙجي ته به ھن جا ٺاھيل لفظن جا فوٽو متاثر ڪندڙ ھوندا آھن. ڪيتريون ڳالھيون آھن، جيڪي اڪثر اديب صاف صاف چوندا آھن. ڪنھن ڏند ڪٿا، ڪنھن اشاري ڪنايي ۾ نه چوندا آھن. انھن ۾ اسان وٽ نجم عباسيءَ جو ھڪڙو مثال ڪافي آھي. جيڪي وري ڏند ڪٿائن، اشارن ڪناين سان ڳالھه چوڻ گهرن ٿا، تن ۾ ماڻڪ ھڪ نشانبر ليکڪ آھي. ھن ابتدا ۾ اشارو ڪنايو گهٽ ڪم آندو. پاتال ۾ بغاوت تائين ايندي ھو اشاريت ۽ علامت نگاريءَ جي ھڪ علامت بڻجي ويو. جنوري 1982ع ۾ ھو روبوٽ وانگر پٺ ورائي ھليو ويو. پنھنجو خيال آھي ته سندس ڪھاڻي روبوٽ اُن ڳالھه جو اشارو آھي. روبوٽ کي واپس ورڻو ھو. ھن کي جيڪو ڪم ڪرڻو ھو، سو مڪمل ڪري لال لانگ ورائي ڪرھو ڪاھي ھليو ويو. سنڌي ادب کي ماڻڪ جيڪي ڏيئي ويو، سو ايترو ۽ ايتري معيار وارو آھي جو کيس بيڪس سان ڀيٽجي.
بيڪس ننڍي عمر ۾ گذاري ويو، پر سندس ڪلام جو معيار اوچو آھي. ماڻڪ سنڌي ڪھاڻي ۾ منفرد طرز جو ليکڪ آھي. سندس تحريرن جو وڏو حصو اُن پيڙا جو پڙلاءُ آھي، جنھن خود کيس پيڙھين ھن سماج ۾ جيڪو ظلم ڏٺو، ان خلاف لکيائين. ”سمجھه جي مار“ وارن کيس ئي چؤکنڀو ٻڌو – ھي ”بداخلاقي ٿو پکيڙي – جنسياتي مرضن ۾ ورتل آھي.“ ماڻڪ جي ڊگهي ڪھاڻي / ناولٽ ”رڃ ۽ پڙاڏا” ۾ شبوءَ جي پيڙا ھر اُن نوجوان جي پيڙا آھي، جيڪو نابرابري ۽ ظلم جو شڪار آھي. جذبن وھيڻو آھي پر بيوسيءَ جي اھڙي ڄار ۾ ڦاٿل آھي، جنھن مان ھڪڙو مڪمل نسل پاڻ کي ڇڏائي نٿو سگهي. عاشي به اُن ڄار ۾ ڦاٿل ۽ ڦٿڪندڙ ھڪ جيو آھي ۽ ڏاڍ جي سھپ جي علامت آھي.
عاشيءَ کي زندگيءَ جو طوفان اُڏائي کڻي ٿو وڃي. اُن جو وجود ھڪ ڀرڀور زندگيءَ جي علامت مثل آھي ۽ غيرموجودگي زندگيءَ جي کوکلائپ ظاھر ڪري ٿي.
ماڻڪ زندگي کي گلن جي سيج جي صورت ۾ نه ڏٺو. ھن لاءِ زندگيءَ جو احساس پيڙا ڀريو ۽ اذيت ناڪ ھو.
پيڙا کي ماڻڪ جنسيات جي حوالي سان به ڏٺو. سندس مجموعي ”ڇھه انام ڪھاڻيون“ جي پھرين ڪھاڻي کي ڏسبو ته زندگيءَ جي سوچن جو ھڪ پھلو اسان جي اڳيان ايندو، جتي محبت ۽ نفرت ھڪ ٻئي سان ڳتيل ملنديون. خواھشون جي پوريون نٿيون ٿين، ته اُن لاءِ ڏوھاري ٻين کي ٺھرايو وڃي ٿو. ماءُ به ڌيءُ کي نٿي وڻي. ماءُ جي پرسڪون زندگيءَ کي ڌيءَ نفرت ۽ ڪڏھن ريس جي نظر سان ڏسي ٿي. منھنجي خيال۾ حقيقت نگاريءَ جو سھڻو مثال پھرين ڪھاڻي جي ھن پئرا ۾ آھي:
”جسم ۾ آيل ابتي ڪتڪائي ڪرنٽ بڻجي، انگ انگ ۾ ڦھلجي ويس. واڻ واري منجيءَ تي ويٺي، ٻئي اڀا ڪيل گوڏا سولا ڪيائين. انھن تي ٻانھن جون ٺونٺيون رکي. ھٿن جي ترين سان منھن جهلي سوچڻ لڳي: پيار جو لڳ به ڪيڏو عجيب آھي. ھر شيءِ پياري ۽ وڻندڙ. اھائي امان آھي، ھونئن صبح جو اُٿندي آھي ته نماز کان وٺي نيرن پوري ٿيڻ تائين ٻارن کي چھڙون ڏيندي آھي. ھاڻ ڪيئن نه سڀني تي ٻلھار ويندڙ نھار ڪري وڃي مسلي تي بيٺي آھي . مئي رن . . . ”
انساني زندگيءَ جا ڪيترائي رنگ آھن. ھن جي ھمت ۾ اُتساھ ڀريل عمل جو به ھڪ دائرو ھوندو آھي، ھن جي سوچ ئي کيس اُتم ڪري ٿي، دولت ۽ دٻدو کيس اُتم ڪونه ٿو ڪري. ڪٿي کيس اُن جي پرچار جو موقعو گهٽ ئي ڇو نه ملي، ته به سندس اُدم جيئرو رھي ٿو.
ماڻڪ وٽ سسيفس جي ڏند ڪٿا جي اوٽ بي معنى نه آھي، ”پاتال ۾ بغاوت” ماڻڪ جي اُن جذبي جو پڙاڏو آھي، جنھن کي ھن پنھنجي زندگيءَ جو حصو ڄاتو ۽ ھڪڙي مؤثر ۽ علامتي انداز سان ظاھر ڪيو، سسيفس لاءِ، ديوتا جي حڪم موجب ڳري پٿر کي مٿي نيڻ کان انڪار ڪرڻ موت کي سڏڻ جي برابر ھو. ھو ھٺيلائي ڏيکاري ٿو ۽ ڄاڻي ٿو ته انڪار ڪرڻ زيوس ديوتا کي بي مانو ڪرڻ جي برابر ڄاتو ويندو:
”سسيفس پنھنجي ھيڻي ھستيءَ کي، جيڪا جڳن کان ٿڪل ھئي، تاڻي تڙو کڙو ڪيو. آواز ۾ پنھنجي وير جو وڍيندڙ احساس اوتي چيو: پسر زيوس! منھنجو انڪار، انھيءَ روايتي انڪار کان نرالو آھي. ھيءَ منھنجي بغاوت، پنھنجن وڏڙن کان نه، پر اختياري سگهه جي خلاف آھي. مرڻي جي اَمرڻي خلاف. ڌرتيءَ سان دل رکندڙ جي، آڪاس خلاف. ھيڻي جي سريشت خلاف.”
سسيفس کي سندس انڪار جي سزا طور پاتال ڏانھن نيو ويو. ھو جڪڙيل ھوندي به سوڀارو ٿيو. پاتال ۾ سناٽو ھو. ظلم جا پاڇا ھئا، پر عزم جهڪو نه ھو. اِھوئي مقصد آھي ”پاتال ۾ بغاوت” جو.
روزگار جي تنگيءَ جو ذاتي احساس ماڻڪ کي رھيو. ھن جي ڪھاڻين ”وقتائتو موت” ۽ ”ڪلارڪ جي پھرين تاريخ” اُن تنگيءَ جا خاص طور نشان موجود آھن، انھن ۾ گهر جو ھر ڀاتي ھر ضرورت ۽ دوا درمل لاءِ حيران ھجي.
شوڪت شوري جي چوڻ موجب ماڻڪ ”اگهاڙو سچ چوي ٿو“. اھو ھن ”لڙھندڙ نسل“ ۾ به چيو آھي ۽ ھر ڪھاڻي ۾ پنھنجي انوکي انداز سان چوي ٿو. اگهاڙو سچ عورت جي فطرت ۽ سوچن بابت ڇو نه ھجي.
ماڻڪ رک رکاءُ نه ڪيو آھي. اَنام ڪھاڻين ۾ ٽين ڪھاڻي ان جو ثبوت آھي، بيمار زال جا وھم وسوسا ۽ مڙس تي ٻلھار ويندي به شڪ پوڻ. اھو سڀ انساني نفسيات ۾ شامل آھي.
ماڻڪ جي طرز پنھنجي آھي. ھو پنھنجي ڍنگ سان ھر ڳالھه چوي ٿو. سندس لھجو ڪٿي ظاھر ۾منجهيل آھي پر بي معنى نه آھي. اِھو سبب آھي جو اڪثر ”ڪويسرن“ کي چيل ڳالھه سمجھه ۾ نه ايندي آھي ۽ ھڪ ھڪ لفظ ڌار ڪري ان جي گندگي ڏي پيا ڌيان ڇڪائيندا آھن.
ماڻڪ جون دوائون ڪئوڙيون آھن، پر اجايون ۽ غلط نه آھن. سماجي بيماري بابت ٻڌايل نشانيون ھر ڪنھن کي سمجھه ۾ اچڻ واريون نه آھن.
”حويلي جا راز“ جيتري آساني سان سمجھه ۾ اچڻ جھڙا آھن، ”پاتال ۾ بغاوت” کي سمجھڻ ايترو سولو ڪونھي. ان لاءِ ڪجھه مٿاڪُٽ جي ضرورت پوي ٿي. اھوئي ھڪ ليکڪ جو معيار ۽ مزاج آھي، جو اُن جي گفتي کي پروڙڻ لاءِ ڪجھه سوچجي.