پھرين ملاقات کان آخري ملاقات تائين : مير ٿيٻو
ماڻڪ سان منھنجي پھرين ملاقات 1967ع ۾ ٿي، ان وقت سندس نالو منير احمد ھو. بنگلاديش ۾ فوجي آپريشن جي ڏھڪاءَ واري دور ۾، ھن پنھنجو نالو بدلائي ماڻڪ رکيو. انکان پوءِ سندس جيڪي به تخليقون ۽ مواد ڇپيو آھي، اُھو ماڻڪ جي نالي سان ئي ڇپيو آھي، پر اڪثر ڪري کيس دوست منير جي نالي سان ئي مخاطب ٿيندا ھئا. پراڻا دوست ته اڄ به کيس منير جي نالي سان ياد ڪندا آھن، پر نئين ٽھي کيس ماڻڪ جي نالي سان سڃاڻيندي آھي. ماڻڪ جي باري ۾ ڪافي تفصيل سان لکندس، ڇو ته ماڻڪ کي جيڪي نٿا سڃاڻن سي کيس سڃاڻڻ ٿا گهرن ۽ خاص ڪري نوجوانن ۾ماڻڪ بابت ڪافي اتساھ آھي ۽ اھي اڪثر ڪري مون کان ماڻڪ منھنجو دوست ھئڻ ڪري پڇندا آھن. اھو به ٿي سگهي ٿو ته نوجوان حالتن جي دٻاءَ ۾ اچي، بي مقصديت(Meaning lessness) جو شڪار بڻجي، پنھنجي منجهيل(Absurd) وجود کي ماڻڪ جي لکڻين ۾ ڳوليندا ھجن ته من ڪا کين فراريت جي راھ ملي وڃي پر اھو ياد رکڻ کپي ته ماڻڪ ڪڏھن به پنھنجي عملي زندگي ۾ فرار حاصل نه ڪيو سواءِ موت جي.
اچون ڏسون ته ماڻڪ ڪيئن ھو.
1967ع ۾ جڏھن مان حيدرآباد ۾ شاگرد برادري ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي سياست ڪندو ھئس ته ھڪ ڏينھن مونکي ڄام ساقي ٻڌايو ته ھڪ ڪامريڊ منير سنڌيءَ نالي نوابشاھ کان ھتي اچي رھيو آھي. مون سوچيو ته ھي ڪھڙي قسم جو ڪامريڊ آھي؟ اسين ته (بين الاقواميت پسند) (Internationalist)آھيون، ھن پنھنجي نالي پٺيان تخلص سنڌي ڇو لڳايو آھي؟ پوءِ خبر پئي ته اديب به آھي. سو ظاھر آھي، ته ڪجھه تصوريت (Idealism)جو به شڪار ھوندو مون کي اھا به سُڌ ھئي ته ھو . . . مارڪسوادين سان گڏ ڪم ڪندڙ اڪثر اديب ڪنھن موڙ تي اچي ڪنھن مسئلي تي ڪميونسٽن سان جهيڙو ڪري ويھندا آھن، پر پوءِ به مان منجهي پيس ته فيشن طور پاڻ کي سنڌي سڏائڻ مان فائدو! بعد ۾ ھڪ دفعي منھنجي پُڇڻ تي پاڻ ٻڌايائين ته : ”مان پنھنجي نالي پٺيان سنڌي نه لکندو آھيان، پر ھڪ پبلشر دوست پنھنجي طرفان سنڌي لکي ڇڏيو ھو.” اھا به حقيقت آھي ته ان وقت دؤر به اھڙو ھئو جو حڪومت جي پاليسي تحت، سنڌي اخبارون به سنڌ کي ”سابق سنڌ“ ڪري لکنديون ھيون، تنھن ڪري ڪافي اديب شاعر ان دؤر ۾ ردعمل ۾ اچي پنھنجي نالي پٺيان سنڌي لکندا ھئا.
ڄام جي ٻڌائڻ کان پوءِ مونکي ھڪ قسم جو انتظار ۽ شوق ٿي پيو ته، منير حيدرآباد اچي ته ڪچھري ڪيون. سو نيٺ ھڪ ڏينھن منير سان گرونگر ھاسٽل ۾ ملاقات ٿي وئي. ان ھاسٽل ۾ اڪثريت انھن استادن جي ھئي جيڪي B.Ed ۽ M.Edلاءِ آيل ھئا. تن ڏينھن ۾ يوسف لغاري (ھاڻي سنڌ ڊيموڪريٽڪ گروپ جو اڳواڻ) به اتي ئي رھندو ھو. منير ۽ يوسف ھڪ ٻئي کي ”ماما“ ڪري سڏيندا ھئا، يوسف لغاري پيار مان سڀ ڪنھن کي ماما ڪري سڏيندو ھو. ھاسٽل ۾ منير ھڪ ھال نما ڪمري ۾ ٻين ماسترن سان گڏ رھندو ھُئو، جتي ھو B.Ed جي تيارين لاءِ آيل ھو. مون کي چڱي طرح ياد آھي ته پھرين ملاقات ۾ ھو مونکي عام ڪامريڊن وانگر نه لڳو، کيس تمام صاف سٿرا ۽ ڍنگ جا ڪپڙا پھريل ھئا، نه رڳو ايترو پر ھو ھڪ نرم مزاج ۽ خوبصورت نوجوان ھئو – چھري تي تمام گهڻي معصوميت ھجڻ سان گڏوگڏ ڳالھائڻ ۾ ڏاڍو مٺو انسان ھُئو، ان وقت ٿيل ملاقات ۾ اسان شاگرد تحريڪ ۽ پارٽي جي صورتحال تي ٿورو ڳالھايوسين، ھُن ڳالھه کي مختصر ۽ چٽي (Specific) انداز ۾ پئي رکيو ڇاڪاڻ ته ھو اجائي پٽاڙ جي خلاف ھوندو ھئو.
بحث ۾ اھو واضع ٿيو ته منير قومي مسئلي تي پارٽي سان اختلاف پئي رکيا، ھو ٻين ڪامريڊن وانگر انتھاپسند نه ھُئو ۽ نه ئي وڏيون ڳالھيون ڪندو ھئو، نه رڳو ايترو پر ”انقلاب اسان ئي آڻينداسين“ واري ڳالھه تي به ڀروسو گهٽ ھئس. ھن ۾ ھڪ خوبي ھئي ته پارٽي جو ڪم جيترو به کڻندو ھئو، ان تي عمل ضرور ڪندو ھئو، ۽ جيڪو ڪم نه ڪري سگهندو ھئو ته ميٽنگ ۾ ئي انڪار ڪندو ھئو ته مان ھي ڪم ڪونه ڪري سگهندس. منير پارٽين جي اندر آمراڻي رويي ۽ سوچ جي سخت مخالف ھُئو، ايتريقدر جو سي پي (Communist Party) جو ميمبر ھوندي به مخالفن ڏانھن رويو ٿڌو ھوندو ھيس، بحث دوران مخالف جي ڪابه ڳالھه وزندار ھوندي ھئي اھا قبول ڪندو ھئو، بھرحال منير مونکي پھرين ويھڪ ۾ ئي ڏاڍو وڻيو، جيتوڻيڪ منير ۽ منھنجي طبيعت ۾ گهڻو فرق ھئو. مان بنيادي طرح چست ۽ زندگيءَ ڏانھن منھنجو رويو غير سنجيده ھُئو، پر مُنير سست ۽ زندگي وڃائڻ جو قائل نه ھئو ڏاڍي ڪوشش ڪندو ھُئو ته زندگي جيئن ته ھڪ قيمتي موڙي آھي ان کي اجايو نه وڃائجي. منير مھم جوئيAdventure ڪڏھن به نه ڪندو ھُئو! ڇاڪاڻ جو کيس پتو ھئو ته متان جيڪو ڪجھه آھي اھو وڃائجي نه وڃي، جي ائين ٿيو ته پوءِ ڇا ڪبو؟ اندر ۾ ته تمام گهڻو گوڙ پر ٻاھران بلڪل ٺيڪ ٺاڪ غصو بلڪل به نه ايندو ھئس پر جي آيس ته پوءِ الله پناھ ڏئي. ڳالھائڻ ۽ برتاءَ ۾ سلڇلڻو ( اندر ۾ مھذب ھُئو) . . . منھنجي عادت ھئي ۽ آھي ته جنھن سان گهاٽي سنگت رکبي ته ان سان گارين جو رستو رکبو، پوءِ مجبور ٿي منير به مونکي گاريون ڏيندو ھئو (پر ٻين دوستن کي ڪڏھن به گاريون نه ڏيندو ھئو) دوستيءَ جو تمام سٺو پر دوست لاءِ ڊپ جي ڪري خطرو (Risk) نه کڻبو . . . خير ايئن ئي آھستي آھستي اسان جي دوستي گهاٽي ٿيندي ويئي.
مارچ 1967ع کان پوءِ قومي تحريڪ جو منير تي گھرو اثر پيو. پارٽي ۾ ھوندي به ھڪ ڪھاڻي، ”نانگ“ جي نالي سان لکيائين، جنھن ۾ ھڪ ڳوٺاڻو سنڌي شھر ۾ اچي ٿو ۽ ٻاھران آيل ماڻھو پنھنجي ڌرتي ڳوٺاڻي جي بي عزتي ٿا ڪن. ان جي جواب ۾ پارٽي جي دوست قاسم پٿر ڪھاڻي ”پڳ جي لڄ“ لکي ته، ڪيئن ھڪ سنڌي ھاري بي وسيءَ ۾ سنڌي وڏيري سنڌي صوبيدار کان موچڙا جهلي ٿو. منير نه رڳو ڪھاڻي نانگ جي حوالي سان پر اڪثر ڪري پارٽي جي ڪجھه دوستن طرفان ٿيندڙ تنقيد جي باوجود، ادب جي ميدان ۾ قومي سجاڳي جي تحريڪ ۾ حصو وٺندو رھيو. ون يونٽ جي خلاف ادبي مواد ڇپڻ – ٻوليءَ جي حقن ۾ اديبن طرفان آواز اٿارڻ جيئن ”روح رھاڻ ۾“ ”سنڌي شام” پروگرامن ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ان وقت سنڌي ادبي سنگت جي تحريڪن ۾ ڀرڀور حصو وٺندو ھئو ۽ ان جو عھديدار به ھو.
منير اخلاقيات (Morality) ۾ يقين رکندڙ شخص ھو ۽ سنڌ جي نئين فڪر رکندڙ ٻين ماڻھن وانگر جديد قدرن (modern values) کي اختيار ڪندي، سنڌ جي جاگيردار اخلاقيات جي آڏو بي وس ھئو. اڳتي ھلي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جڏھن شاگرد تحريڪ تيز ٿي، ۽ شاگردن ۾ قومي سجاڳي آئي، ته ھن ھڪڙو ڊرامو ”سنڌڙيءَ جا سپوت” لکيو، جيڪو ننڍڙي چوپڙيءَ جي صورت ۾ ڇپرائي شاگردن ۾ ورھايو ويو. ڊرامي ۾ قومي جاڳرتا کان سواءِ سيڪيولرازم به موجود ھئي. ياد رھي ته ان وقت ۾ سيڪيولر خيال رکڻ وڏو عيب ھئو. مون کي چڱي طرح ياد آھي ته جڏھن ٽنڊو ڄام زرعي ڪاليج (اڃان يونيورسٽي نه ٺھي ھئي) آمريڪا مخالف ڪارڊ ورھائڻ ويو ھئم، ته ڪاليج جي پرنسپال مونکي گرفتار ڪرايو ھئو، جنھن تي شاگرد سخت ناراض ٿيا، انھي سلسلي ۾ پرنسپال شاگردن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ جنرل باڊي ڪوٺرائي ۽ منير جي ڊرامي ”سنڌڙي جي سپوت” مان ھي جملو پڙھي ٻڌايائين جنھن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو ھڪ شاگرد ٻئي شاگرد کي ڪلاس ۾ بائيڪاٽ ڪرائيندي چوي ٿو ته: ”اسلاميات جي پيرڊ ۾ ڇا پڙھي ڪندين، مذھب ۾ ڇا رکيو آھي؟” مٿيون جملو پڙھي شاگردن کي چيائين ته: ”ڏسو ھي ھي ريت ڦھلائڻ آيو آھي.” ان دؤر ۾ منير ڪميونسٽن ۽ قومپرست جي جهيڙي ۾ فيصلو نه ڪري سگهندو ھئو ته ڪير صحيح آھي، پر ھڪ اڀرندڙ سنڌي اديب جي ناتي سان مون ھن کي ڪڏھن به قومي جذبي کان خالي نه ڏٺو. سچ پچ ته مارڪسزم کي قبول ڪندي منير عقيدي پرست بلڪل به نه ھئو. انڪري قومپرست اديب پڻ منير کان نفرت نه ڪندا ھئا. پر تڏھن به ڪڏھن ڪڏھن قومپرست اديبن سان بحث ڪندي گھماگھمي ٿي ويندي ھئي. ھڪ واقعو مون کي چڱي طرح ياد آھي ته منير ۽ مان سنڌي اديبن ۾ پارٽي سيل ٺاھڻ لاءِ شوڪت شوري ۽ ارباب کھاوڙ (ارباب ان وقت ڪٽر قومپرست ھئو) اسان گڏجي ھڪ اسٽڊي سرڪل ٺاھيوسين ان پروگرام تحت منير جي جاءِ تي (منير ان وقت ٽنڊو آغا ۾ رھندو ھئو ) پڙھڻ لاءِ ميٽنگ ڪوٺائي سين.
انھي سلسلي ۾ جڏھن لينن جو قومي مسئلي تي لکيل ڪتابThe Critical Remarks on National Question پڙھڻ جي دوران ڪتاب جي انھي حصي تي پھتاسين جنھن ۾ لينن مظلوم قومن جي تنگ نظر قومپرستي کي ننديو ويو آھي ته، شوڪت شورو ۽ ارباب کھاوڙ سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويا، ۽ چيائون ته لينن ڇاڪاڻ ته پاڻ ظالم روسي قوم مان ھئو، تنھن ڪري ھن ننڍين قومن جي قومپرستي کي ننديو آھي. انھيءَ موقعي تي آئون ۽ منير لينن جو دفاع ڪرڻ لڳاسين ته لينن صحيح معنى ۾ “Internationalist”ھئو، پر مٿيان ٻيئي دوست ايترو ته ڪاوڙجي پيا جو چيائون ته ”ھتان جا ڪميونسٽ غدار آھن، ۽ انھن کي اسان مارينداسين، ۽ توھان لينن ازم کي ڦھلائيندي قوم سان غداري ڪريو ٿا، توھان کي به مارينداسين.“ جنھن تي مونکي غصو اچي ويو، ۽ مون چيو ته: ”توھان کي به اسان ڪونه ڇڏينداسين.“ ائين ئي Study Circleاڌ ۾ رھجي ويو – منير خاموش ٿي ويو ۽ مون ڏٺو ته سندس چھري تي افسوس ۽ مايوسي ھئي. بھرحال ھن اتي ڪجهه به ڪڇيو ڪونه.. منير ان دور ۾ حيدرآباد ۾ استاد ھئو، مون کي ان ڳالھه تي چڙ وٺندي ھئي ته، منير بحث ۾ دوستن جي آڏو واضع مؤقف ڇو نه رکندو ھئو؟ ھڪ ڏينھن مون پڇيومانس: ”منير تون ائين ڇو ٿو ڪرين؟” منير وراڻيو: ”ان ڪري جو قومي مسئلي تي مان خود به صاف نه آھيان“. مون چيومانس: ”ٻين مسئلن تي به مون به ڏٺو آھي ته تون واضع ۽ مستند(Authentic) مؤقف نه رکندو آھين” تنھن تي بوريت مان وراڻيائين: ”ڪھڙو بيھي جِھڳ جِھڳ ڪجي . . . ٻيو ته وري ماڻھو چڙي ٿا وڃن.“ پوئين ڳالھه ته اھڙي معصوميت سان ڪيائين جو مونکي کل اچي ويئي. مون چيومانس : ”ڪميونسٽ ته ھر ڳالھه کي سڀ ڪنھن جي سامھون چئي ڏيندا آھن.“ تنھن تي منير چيو: ”ضروري آھي ته مان به ايئن ڪيان جيئن ٻيا ڪميونسٽ ڪن!“ ستت ئي آھستي آھستي منير ڪميونسٽ پارٽي کان الڳ ٿي ويو. جيئن منھنجا ڀائر پڻ ھڪ پمفليٽ ڪيس ۾ منھنجي ڪري ٻَڌجي ويا ھئا، تنھنڪري ھنن حيدرآباد جي جڳھه ڇڏي ڏني ۽ پوءِ ڳوٺ رھڻ لڳا. نتيجي ۾ مونکي جڳھه جو ڏاڍو مسئلو ٿيو. منير مونکي دوستي ۾ آڇ ڪئي مون وٽ اچي رھ، پوءِ مان منير سان گڏ رھن لڳس توڙي جو ان وقت منير پارٽي ۾ نه ھئو، ۽ مان اڃان پارٽي ۾ ڪم ڪري رھيو ھئس پر منير مونکي ڪڏھن به ڪنھن ڪم ۾ جهليندو ڪونه ھئو، نه ئي مخالفت ۾ بحث ڪندو ھئو. جيئن ته ڪجھه ڳالھين تي جنھن ۾ قومي مسئلو به اچي وڃي ٿو، مان ڊڄي ڊڄي پارٽي سان اختلاف رکندو ھئس، ته پارٽي وارا چوندا ھئا ته توتي منير جو اثر پيو آھي. ھڪ ڀيري ته سيل ۾ ڄام ساقي ۽ ٻين چيو ته اسان منير ۽ تنھنجي دوستي جي خلاف نه آھيون، پر پارٽي مفادن ۾ اھو آھي ته تون ان سان گڏ نه رھ،، مون کي سندن ان رويي تي سخت کل آئي ۽ مان پارٽي ڊسيپلن ۾ رھندي به سندن اھو فيصلو نه مڃيو.
ڪڏھن ڪڏھن مان منير سان زوري بحث ڪندو ھئس ھڪ ڀيري مون پڇيومانس: ”توکي رڳو ھتان جا ڪميونسٽ نٿا وڻن يا مارڪس ازم جي به خلاف آھين؟” چيائين : ”جيئن ته ھتان جي ڪامريڊن جي ليڊرشپ ۾ ڌرتيءَ ڄاوا (Sons of soil)ڪونھن، تنھنڪري ھتان جي پارٽيءَ ۾ ڌرتيءَ جي خوشبوءَ نٿي اچي (ان وقت مان ۽ ڄام پارٽي جي ھيٺين ڪميٽين ۾ ھوندا ھئاسين) ان کان سواءِ آئون مارڪس ازم کي به درست نه ٿو سمجهان. ان وقت منير ڪافي غير ملڪي ادب پڙھي ويو ھئو، جنھن ۾ ڪافڪا، دوستو وسڪي، چيخوف، آندري جيد، سارتر، البرٽ ڪاميو، ورجينا وولف، ھيمنگوي، البرٽو موروويا، آرٿر ڪوئسلر، مايا ڪو وسڪي وغيره وغيره شامل ھئا، ۽ انھن مان ھو وجوديت جي فلسفي کان ڪافي متاثر ٿي چڪو ھئو.
ھُن زندگيءَ کي مقصد سان واڳيل (Committed) ماڻھن وانگر ڪا معنى ڏيڻ ڇڏي ڏني ھئي، ۽ سارتر جي بي مقصديت Meaning lessens ۽ Nothingness۽ زندگيءَ (life)جي فضول (Absurd) ھجڻ جو تصور سندس ذھن تي ڪافي حاوي ھو. ۽ اديبن ۾ پاڻ کي nonconformist چوندو ھئو. انھيءَ تسلسل ۾ ادب جي پھرين دؤر کان پوءِ قومي ۽ طبقاتي ادب کان پوءِ پنھنجي ڪھاڻين ۾ مجرد (Abstract) ڪردار به کڻڻ شروع ڪيائين.
اديبن ۾ ڪافڪا، دوستووسڪي، البرٽ ڪاميو، سارتر، ھيمنگوي منير جا پسنديده اديب ھئا. سندن ڪردارن ۾ توھانکي ڪافڪا جي ناول جي ڪردار جو خوف به ملندو ته دوستووسڪي وانگر ڪردار جي نفسياتي چيرڦاڙ(Post Mortaum) به ملندي، ۽ توھان کي سندن ڪردارن ۾ Meaninglessness ۽ ڪاميو واري سرڪشي (Rebel) به ملندي، نه رڳو ايترو پر منير ڪاميو جي”Myth of Sisyphus” کان متاثر ٿي ”پاتال ۾ بغاوت“ نالي ناوليٽ به لکيو.
جيئن ته منير منھنجي آڏو ڪنھن به اظھار کان نه ڪيٻائيندو ھئو، ۽ تمام ويجھو ۽ ھجائتو (Frank) ھئڻ جي ڪري ھڪ نئون پھلو منھنجي سامھون آيو ھئو – منير جو تمام گهڻي خوف جو شڪار ھجڻ – منير کي معاشري جي بدي قوتن (Evil forces) کان ڏاڍو خوف ٿيندو ھو – پيار ڪرڻ تي دل سٽ کائيندي ھيس پر ڪڏھن به پيار ڪري نه سگهيو – شاديءَ کان اڳ جڏھن ھڪڙي نوجوان ڇوڪريءَ کيس زوري پاڙي ۾ ڪلھو ھنيو ته مونکي ڊپ ۾ چيائين : يار مون کي اڄ ھڪ ڇوڪريءَ ڪلھو ھنيو آھي، سو اتان ھاڻي نه لنگهنداسين. سندس ان ڳالھه تي آئون ڏاڍو کليو ھئس ۽ چيو ھيم مانس: ڪلھو توکي ڇوڪريءَ پاڻ ھنيو آھي ۽ وري ڊڄين به وري تون ٿو. پر اھا حقيقت آھي ته ھو ڊپ جي ڪري پنھنجي تمام گهڻين خواھشن کي دٻائيندو ھيو.
ايتريقدر جو جنسي بُک (Sexual Frustration) ھوندي به اخلاقيات ۽ ڊپ جي ڪري، ڪنھن سان به جنسي تعلقات نه رکي سگهيو. انڪري توھان کي سندس ڪيترن ئي ڪردارن ۾ جنسي خواھش اخلاقيات ۽ ڊپ جي ڪيفيتن جو ٽڪراءُ ملندو. پر ٻئي طرف ھو تمام گهڻي خوف ھوندي به لکڻ ۾ تمام گهڻو بي ڊپو ھوندو ھئو. جڏھن ڪھاڻي ”حويلي جا راز“ لکيائين ته ھن کي ڪھاڻيءَ سان لاڳاپيل ماڻھن طرفان ڏاڍيون ڌمڪيون مليون پر ڪڏھن به آڻ نه مڃيائين. منير رياستي جبر به ڏاڍو محسوس ڪندو ھئو. بنگلاديش ۾ فوجي آپريشن واري دؤر جي ڪھاڻي ”بگهڙن جي راڄ ۾” لکيائين ته پنھنجو نالو تبديل ڪري ”ماڻڪ” رکيائين، ان دؤر ۾ ماڻڪ ۽ ٻيا نئين ٽھيءَ جا اديب حيدرآباد ۾ شام جو ”ڪيفي جارج” ۾ ڪٺا ٿيندا ھئا. جن ۾ شوڪت شورو (ان وقت ادبي بورڊ ۾ ڪلارڪ ھئو) مشتاق شورو (اڳ به ساڳيوئي طرح بيروزگار ھُئو) مرحوم عبدالحق عالماڻي، علي بابا (اڳ به ساڳيوئي ھو پر اڄ ذھني پيڙا ۽ درد ڪجھه سرس اٿس) مدد علي سنڌي (جنھن تازو تازو ادبي کيتر ۾ قدم رکيو ھئو ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ ھوندو ھئو) ۽ عبدالقادر جوڻيجو (ٿر ۾ ماستر ھئو) جيڪو جڏھن به حيدرآباد ايندو ھئو ته ھنن دوستن سان ضرور ملندو ھئو. پوءِ 1969ع ۾ جڏھن ون يونٽ ٽٽي چڪو، 71ع ۾ بنگالين وڙھي پنھنجي جان ڇڏائي ۽ ڀٽو صاحب اقتدار ۾ اچي ويو ته جديد حرفتي طريقن(Tactics) جي ذريعي ڪجھه اديبن کي نوڪريون ۽ ھلڪا فائدا ڏيئي پنھنجي پاسي ڪري ويو، ڪن کي ڊيڄاريو ويو ته ڪي مايوس ٿي ڪُنڊ پاسي وڃي ويھي رھيا.
اديبن جي مٿين گروه ۾ ادب ۾ نعريبازي جي خلاف حقيقت پسندي (Realism) جو اثر پيدا ٿيو، ته اديب معاشري جو اولڙو پيش ڪري ٿو، ان ۾ ضروري آھي ته رڳو زندگيءَ جو روشن پھلو ئي پيش ڪيو وڃي، پر زندگيءَ جو ٻيو پاسو جيڪو ڀيانڪ ۽ اونداھو آھي، ان کي به حقيقت پسندي سان پيش ڪيو وڃي.
ھتي ياد رکڻ کپي ته مٿي ذڪر ڪيل اديبن مغربي يورپ ۽ ھندوستاني ادب کان متاثر ٿي نئين ڏانءُ (ٽيڪنڪ) کي اختيار ڪيو – اھو ھئو شعور جو وھڪرو (Stream of consciousness)کي مجرد طريقي (Abstract Style) ۾ لکيو ويو ڇاڪاڻ ته ماڻھو جو ذھن جيئن پيچيده بي ترتيب ۽ اڌ اکري لفظن ۾ سوچي ٿو تنھنڪري انھن سوچن کي ساڳين لفظن ۽ اشارن ۾ پيش ڪيو وڃي. ادب ۾ اھا ٽيڪنڪ روايتي انداز کان وڌيڪ ڏکي آھي، پر ان کي نڀائڻ لاءِ وڏي محنت کپي. ان ٽيڪنڪ کي اسان جا ھي دوست ڪيترو نڀائي سگهيا؟ ان تي ته ڪو سٺو نقاد ئي ٽيڪا ٽپڻي ڪري سگهي ٿو ٽين ڳالھه اھا آئي ته ھنن پاڻ تان ترقي پسندي جو ٺپو ھٽائي ڇڏيو، ۽ ادب ۾ ڪميونسٽن لائين جي خلاف ھوندا ھئا ۽ روس ۾ اديبن تي پابندي ۽ سماجداري حقيقت پسندي (Socialist realism) ئي سخت خلاف ھئا. ھن مٿين اديبن جي خلاف به وري ڪجھه ناليوارا اديب ئي ھوندا ھئا، جن ۾ رسول بخش پليجو رسالي ”تحريڪ” ذريعي، مرحوم طارق اشرف سھڻي جي ذريعي، ۽ محمد ابراھيم جويو ھو تنھن وقت ترقي پسند اديب، انور پيرزادو ۽ ٻيا ھئا ھنن جي تنقيد ھئي ته : جديد اديب ٻوليءَ ۽ گرامر جو خيال نٿا ڪن، ٻولي جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي اٿائون، مايوسي ٿا ڦھلائين ۽ انقلاب جا مخالف آھن يا ادب ۾ فحاشي آندي اٿائون وغيره وغيره. ايتري قدر جو مرحوم طارق اشرف وارا ته کين اديب به تسليم نه ڪندا ھئا.
ماڻڪ ان دؤر ۾ ادب(Fiction) کان علاوه تنقيد ۽ مارڪسي فلسفي کان علاوه مغربي فلسفي کي پڙھڻ لڳو. جنھن کان پوءِ ماڻڪ جي ذھن ۾ ڪجھه سوال گردش ڪرڻ لڳا. مثال طور – زندگيءَ ڇا آھي؟ زندگيءَ جي ڪا معنى به آھي ڇا؟ ان کان سواءِ ھو ”زمان ۽ مڪان (Time and Space) ۽ ”اضافت جي نظريئي”(Theory of Relatively) جھڙن ڳنڀير موضوعن تي سوچڻ لڳو.
انھيءَ تسلسل ۾ مون ھڪ ڏينھن کانئس پڇيو؛ ”منير تون جيڪڏھن زندگي ۾ ناڪام ٿيئن ته؟” ھڪدم وراڻيائين: ”پاڻ کي ماري ڇڏيندس“. اھو جواب ايترو ته سنجيدگيءَ سان ڏنائين جو مان حيرت ۽ ڏک ۾ خاموش ٿي ويس. مون کي ياد آھي ته ان دؤر ۾ جن دوستن سان ھو ويھندو ھئو تن وٽان ڪڏھن ڪڏھن پريشان ٿي موٽندو ھئو ۽ چوندو ھيو: ”دوست ٽوڪون ٿا ڪن“ – پوءِ آھستي آھستي وٽن وڃڻ گهٽائي ڇڏيائين. انھي وچ ۾ مان سياست ۽ حيدرآباد ڇڏي ڳوٺ ھليو ويس پر پوءِ به ھڪ ٻئي ڏي خط پٽ لکندا ھئاسين، خط اسان ٻنھي جا مايوسيءَ ڀريا (Depression) ھوندا ھئا، مونکي جيڪڏھن اھا سُڌ ھجي ھا ته ماڻڪ مونکان اڳ ۾ ھليو ويندو، ته سندس خط ضرور سانڍي رکان ھا. مونکي ياد آھي ته ھڪڙي خط ۾ زندگيءَ کان بيزار ٿي شوپن ھار جو قول لکيو ھئائين ته: ”زنده رھڻ جي خواھش انسان جي ڪيڏي نه کل جوڳي مجبوري آھي؟” اڳتي ھلي السر جي ڪري مان جڏھن جناح اسپتال ۾ داخل ھئس، ته ماڻڪ جو خط آيو –خط ۾ مونکان پڇيائين ته: ”جيڪڏھن آئون لڙھندڙ نسل“ تنھنجي نالي ڪريان ته توکي اعتراض نه ٿيندو؟” مون جواب ۾ لکيو ته: نه مونکي خوشي ٿيندي.
پوءِ جڏھن ”لڙھندڙ نسل” ماڻھن تائين پھتو ته ھڪڙي قسم جو ھُل مچي ويو سواءِ سندس دوست اديبن جي، مٿس ڇتي تنقيد ڪئي ويئي ته: فحش آھي ٻولي کي بگاڙي ڇڏيو اٿائين خود ليکڪ اھڙي ذھنيت جو آھي. ڪن وري چيو ته جنھن نالي سان منسوب ڪيو اٿائين اُھو اھڙو آھي، جنھن ڪري مونکي به ڪيترن ھنڌن تي جواب ڏيڻا پوندا ھُئا. مون پڙھيو ھُئو ته جڏھن ڪاميو جو ناول ”زوال” (The Fall) فرانس ۾ ڇپيو ويو ته ان وقت به ماڻھن چيو ته: اھو ڪامئو خود آھي، تنھنجو جواب اھو ڏنو ويو ھُئو ته : ان ۾ ڪامئو به آھي، تون به آھين، مان به آھيان ۽ ھو به آھي –ھن ناوليٽ ۾ ماڻڪ بنگال ۾ فوجي آپريشن کان ڀُٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ، ھڪ سال واري عرصي وچ ۾ سنڌين جي تحريڪ جي مختلف پھلوئن تي روشني وجهي ويو آھي. جنھن ۾ نعريبازي، تحريڪ جي کوکلائپ، مايوسي، بدحالي به شامل آھي جنھن ۾ ھڪ طرف رياستي جبر ۽ ٻئي پاسي وڏيرڪي وھنوار ۾ وڪوڙيل سنڌي ماڻھو، ان ۾ ھيٺين وچولي طبقي جا نوجوان، مارڪسوادي ويچار رکندڙ، قومپرستي ۽ Populism جي لاڙن جي ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ سگهه کان محروم ۽ ٽنھي ڌارائن جي ليڊر شپ کان مايوس ۽ سماج ۾ ڪا حيثيت نه ھئڻ ڪري بيزاري (Frustration) جو شڪار ٿي وڃي ٿو پر پوءِ به ان جو پنھنجي ڌرتيءَ سان پيار ختم نٿو ٿئي.
ماڻڪ سک درسيت (Optimism)کان پري ھوندي ۽ ھيروازم جي خلاف ھوندي به تواريخ جي وھڪري ۾ پاڻ کي بي وس محسوس ڪندي ۽ زندگي ۾ موٽ کائڻ (Withdrawal) ۽ فراريت جي سوچ رکڻ جي باوجود پنھنجي ڪردارن کي ڌار ٿو رکي، ھن جو ڪردار ڪجھه نه ڪجھه ڪرڻ لاءِ ضرور سوچي ٿو.
”لڙھندڙ نسل“ جي صفحي 158 ۾ لکي ٿو: ”ھر حياتي جي پڄاڻي موت ئي ته آھي، پر ھن تحريڪ ۾ پناھ وٺڻ سان عام زندگيءَ ۾ چيڀاٽجڻ ۽ چيچلڻ جي اذيت ۽ ڀوڳنا جي احساس کان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو مطلب ته ڪو خاص پيمانو ڪونھي البته ان کي فني نقطه نگاھ کان ضرور پرک ڪجي ته ڪٿي غير ضروري ته ذڪر نه ڪيو ويو آھي.“
مونکي ھن مھُاڏي اٽڪائڻ (Resistance Movement) ۾ حصو ضرور وٺڻ گهرجي ۽ ڀرڀور انداز ۾ ماڻڪ ماڻھون جي اندر سطحي جوابن کي وائکو (expose)ڪري ”ھستي جو احساس” (Self Realization) جي ڪينواس کي پڙھندڙ جي سامھون آڻي ساڳئي صفحي ۾ چوي ٿو ته ”پنھنجو پاڻ کي ٺڳڻ نه گهرجي، ڇا مان تحريڪ ۾ حصو قوم تي احسان ڪرڻ لاءِ وٺان ٿو؟ يا ڪنھن ھيروازم جي خبط (Complex) ھيٺ يا تاريخي فرض جي ڪوڙي احساس ھيٺ.” ھتي ماڻڪ دوستو وسڪي جي ڪردار وانگر پنھنجو پوسٽ مارٽم پاڻ ڪري ٿو.
ماڻڪ تي گهڻي تنقيد سندس ڪردارن طرفان جنس(Sex) جي اظھار ۽ (Sexual Frustration) تي ٿيل آھي. ادب ۾ Sex جو ذڪر ڪيترو ھئڻ گهرجي، ان جي لاءِ ڪا ليڪ يا حد بندي ٺاھيل نه آھي، منھنجي نظر ۾ جيڪڏھن Sex ڪھاڻي يا ناول ۾ صرف مزي وٺڻ خاطر بار بار پيش ڪئي وڃي ۽ پڙھندڙن کي لذت وٺرائجي ۽ جنس کان سواءِ ان ۾ ٻيو ڪجھه به نه ھجي، ته اھو اگهاڙي ادب (Porno literature) ۾ ايندو، پر جيڪڏھن Sex ڪنھن معاشرتي مسئلي جي حيثيت طور پيش ڪيو وڃي ٿو يا دٻائڻ (Suppression)جي نتيجي ۾ انسان جي ذھن تي ناڪاري (Negative) اثر پون ٿا ته ان کي پيش ڪيو وڃي، يا ڪنھن ڪردار جو ھر پھلو کان نفسياتي جائزو ورتو وڃي، ته ھن جو جنسي پھلو غائب ڪيو وڃي ته اھا لکڻي اڻپوري نه لڳندي، مثلن ڪنھن”AIDS” جي مرض کي ڪو ليکڪ پنھنجي ڪھاڻي ۾ کڻي ٿو جڏھن ته ان کي اھو موذي مرض جنسي عمل جي نتيجي ۾ ٻئي کان لڳو آھي، ۽ ان جا ماڻھو جي ذھن تي مرض جي ڪري ڪھڙا اثرات پون ٿا. ڇا اھو جنسي عمل جيڪو اديب بيان ڪيو ھوندو سو مريض جي ذھن جي اسڪرين تي بار بار نه ايندو؟ ھتي وري به موھن ڪلپنا جي ان راءِ سان سھمتي ڪري سگهجي ٿي ته: ”ماڻڪ ڪٿي ڪٿي ضرورت کان وڌيڪ باتفصيل ۽ اُن ڪري اگهاڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اھا چيز سمجھه ۾ سڀاويڪ نه، مگر روايتي ۽ ترقي پسند ادب جي وديه وھ ۾ آئي آھي.”پر سارتر جي ٽن ناولن (Trilogy)يا “Intimacy” نالي سندس ناول ۾، جو کليل اظھار ملندو اُن جو جواب ڪھڙو ٿيندو؟
ان ئي عرصي ۾ ماڻڪ شادي جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ پنھنجي پسند جي ڇوڪري جي ڳولا ڪرڻ لڳو. عشق ڪرڻ جي کيس ھمٿ ڪانه ھئي، جو کڻي Love Marriage ڪري، سو ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو پر ڪا ڏانءُ جي نه مليس. ھڪ ڏينھن مونکي چيائين ته منھنجو مامو مونکي چوي ٿو ته: ”منير عورت مڙئي عورت اٿئي، سڀئي ھڪ جھڙيون آھن، اجائي ٿو ڳولا ڪرين!” نيٺ منير سادگي سان شادي ڪري ڇڏي، شايد دوستن مان ڪنھن کي به سڏ ڪونه ڏنو ھئائين. شادي کان پوءِ ڪجھه ڏينھن ته خوش رھيو پر وري ساڳي ماٺ، ڊپ(Depression) ۾ موٽي آيو. ماستري ڇڏي ڪجھه عرصي لاءِ دادو ۾ سوشل ويلفيئر آفيسر به ٿيو، ان دؤران اسان جي ڳوٺ پڻ اڪثر ايندو ھئو. ايئن اسان وٽ ايندي، منھنجي ٻن ڀائرن مرحوم مختيار ۽ شھزاد جو دوست ٿي ويو ھئو – دادو ۾ احمد خان ملڪاڻي، فاروق سولنگي ۽ شوڪت سنڌي سان ڪچھريون ڪندو ھُئو، پر اڪثر دوستن کي اھا شڪايت ھوندي ھئي ته: مُنير کُلي ڇو نه ٿو ڳالھائي؟
ڪجھه عرصي کان پوءِ ماڻڪ ڪراچيءَ ۾ روسي انفارميشن اداري ۾ به ڪم ڪندو ھُئو، کيس اُتي ڪڏھن ڪوبه آفيس ۾ ملندو ھئو ته ڏاڍو تاڻيل(Tense) ھوندو ھُئو. ايئن محسوس ٿيندو ھئو، ڄڻ ڪنھن ڳري بار ھيٺ آھي. ٻئي طرف روسين جو پاڻ ۾ خودغرضيءَ جو ورتاءُ ۽ زيردست ملازمن کي پنھنجي باس کان تمام گهڻو ڊڄندي پڻ ڏسندو ھُئو. اھو سمورو وھنوار ڏسي ڪري منير سوشلٽ معاشري جي وڌيڪ خلاف ٿي ويو. انھيءَ دؤر ۾ منير جڏھن روسي اديب سولزيستن جي خلاف ”ھلال پاڪستان” ۾ ڪالم لکيو ته منير کان مون پڇيو ته: تو سولزيستن جي خلاف ڇو لکيو آھي؟ وراڻيائين ته: مجبوري آھي نوڪري ڪرڻي آھي، سو روسين جو زور ھئو ته اولھه جي پروپئگنڊا جو جواب ھر حالت ۾ ڇپجڻ گهرجي. سو منير ڊپ جو شڪار ٿي پنھنجي آدرشن(Ideas) جي خلاف پڻ لکيو. ان مان توھان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته بحيثيت اديب جي ماڻڪ ڪيترو نه ذھني دٻاءَ ۾ ھوندو. ڪراچي ۾ منير گهڻو ڪنھن سان ڪونه ملندو ھُئو. پنھنجي گهر ۾ به بي حسيءَ وارو ورتاءَ ھوندو ھئس پر پنھنجي پٽ علي سان ڏاڍو پيار ھوندو ھئس. ماڻڪ کي ڪراچي پسند نه ھئي، ايئن محسوس ٿيندو ھُئو ته دوستووسڪي وانگر پيٽرزبرگ بدران ڪراچي کيس مست ھاٿي جيان لتاڙي رھي آھي. “Man is crushed under the gain feet of great cities –Dostoevsky” ھاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر ماڻڪ کي ڇا وڻندو ھُئو؟
ڪجھه به نه، ھن مختصر زندگي ۽ محدود حالتن ۾ ڇا پئي چاھيو؟ بغير ڊپ جي زندگي گذارڻ ۽ لکڻ پڙھڻ – بھرحال جڏھن 1980ع ۾ حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون، ۽ مون تي وارنٽ نڪتا ته مون گرفتاري نه ڏني. ڇھه مھينا رکي منير وٽ ويس. جيئن ئي آءُ سندس گهر ويٺس ته ڊپ ۽ نفرت ۾ ڪچيون گاريون ڏنائين ته؛ روپوشي جي حالت ۾ مون وٽ ڇو آيو آھين؟ مون پنھنجي جوابي ڪروڌ کي ته لڪائي ڇڏيو، پر طئه ڪيو ته آئيندي منير وٽ بلڪل نه ايندس. مون کي ياد ٿو پوي ته اھڙي قسم جي ڪاوڙ منير ھڪ دفعو اڳ به ڪئي ھئي، جڏھن منير حيدرآباد ۾ اسان جي گهر ويٺو ھئو ۽ منھنجي والده سان ڳالھيون ڪري رھيو ھئو، ته امان چيس ته ”منير، ھي کٽ ته ڇڪي ڏي، جهولي ٿي وئي آھي.“ حالانڪه اسان ٽئي پٽ موجود ھئاسين پر امڙ اسان کي نه چيو. سو، منير ان وقت غصي ۾ انڪار ڪيو ۽ يڪدم مونسان نڪري ٻاھر ھليو ويو. مونکي ڏاڍي شرمندگي ٿي مون چيو ته: امان سادي آھي توکي پنھنجو پٽ سمجهي چيائين.” منير چيو ته نه تنھنجي ماءُ جي وڏيرڪي ذھنيت آھي – سندس غصو ڏسي مان چپ ٿي ويس توڙي جو دل ۾ افسوس به ٿي رھيو ھو ته امان ھن کي ايئن ڇو چيو؟
جيتري قدر فڪري اظھار جو سوال آھي ته ماڻڪ پنھنجي سوچ ۽ فڪر جو اظھار گهڻي قدر پنھنجي ڪتاب ”پاتال ۾ بغاوت” ۾ڪيو آھي. جنھن ۾ ھو ڪامئو جي يوناني ديومالائي ھيرو سسيفس کان متاثر به آھي، جڏھن ته البر ڪامئو جو سيفيس، ذيوس ديوتا کان ڏنل ڊگهي نه ختم ٿيندڙ ۽ بي معنى سزا چپ چاپ ڀوڳيندو رھي ٿو. پر منير پنھنجي ناولٽ ۾ سيفيس کان Noچورائي ٿو ته: اھا بي معنى ۽ فضول سزا مان نه ڀوڳيندس. ھي ناڪار ۽ بغاوت مارڪس جي پرولتاري خدا کان مختلف آھي، مارڪس جي تصور ۾ پرولتاريه پنھنجي غلامي ختم ڪري خود مالڪ يا آقا بڻجي ٿو، جڏھن ته ماڻڪ جو ھيرو مستقل بغاوت ڪري ٿو، ھر نا انصافي خلاف لڙي ٿو.
جيئن ”پاتال ۾ بغاوت” جي صفحي 57 تي لکي ٿو ته :”بااختيار بڻجڻ سندس آدرش ڪونه آھي” ھو ڪنھن مقرر ڪيل /ڪرايل مراد سان جڙيل ڪونه آھي پر نان ڪميٽڊ ھوندي به ڪميٽڊ آھي. صفحي 58 تي لکي ٿو ته: ”سندس ناڪار، نئين خدا خلقڻ يا پاڻ خدا ٿيڻ لاءِ نه آھي، سندس ھيرو ھيڻو ھجڻ جي ڪري طاقت جي آڏو مجبور به آھي، جو ھو سزا ڀوڳي ٿو – ساڳئي صفحي ۾ سيفيس کي اڄ جي ماڻڪ سان(intellectual) مشابھت ڏيندي چوي ٿو ته: جيڪا ڪيفيت اڄ جي مانسڪ فنڪار ۽ ليکڪ جي ٿي سگهي ٿي جيڪو ليکڪ سارتر چواڻي – معاشري کي احساس جرم بخشي ٿو. سو منير به سڄاڻ ھجڻ جي سزا ڀوڳيندو رھيو جنھن جو اظھار ھن پنھنجي ڪتاب ”ساھ مٺ ۾” ۾ ڪيو آھي ھو چوي ٿو ته: ”منھنجي ٽريجڊي اھا آھي ته مان سڄاڻ آھيان، اھو سڀ ڪجھه ٿيڻ کان سواءِ سڄاڻ ھجڻ ۽ ان جي سرت رکان ٿو ۽ محسوس ڪيان ٿو.” صفحو نمبر 136
ٻئي طرف ماڻڪ پنھنجي لکڻين ۾ اسان کي احساس جرم به ڏياريندو رھيو آھي. صفحو 96 : ”ساھ مٺ ۾” تي لکي ٿو ته: ”مونکي ھي چوڻ ۾ بلڪل ھٻڪ ڪانھي ته سنڌ جا قومي ٺپي ھيٺ سڏجندڙ اڳواڻ ۽ قومپرست، پنھنجو پاڻ لاءِ آھن، قوم لاءِ نه – قومي مسئلن تي سوچيندي ۽ ويچاريندي ۽ عمل ڪندي، سندن ذات ئي محور ھوندي آھي نڪي قوم سنڌ – سندن پنھنجي ئي ذات، ھا!”
ساڳي ئي ناول ۾ 119 صفحي تي لکي ٿو ته : ”سنڌ جا وڏيرا، پير، (۽ ڪامورا به ) انھيءَ فيئر ڪمپليڪس ،،، يا احساس جرم کڻي چئج، کي لڪائڻ لاءِ، اھڙي قسم جو نماءُ ڪندا آھن، ته ھو، پھرين سنڌي ڪونه، پر ھنن جھڙا آھن. ھنن سان وفادار، نڪي سنڌي عام خلق سان، ۽ اھڙي قسم جو نماءُ (يا اصليت به) تڏھن ئي اثر وارو ٿيندو.“
سوويت پريس انفارميشن جي نوڪري ختم ٿيڻ کان پوءِ ماڻڪ وڌيڪ پريشان رھڻ لڳو، نوڪري ڪرڻ يا نوڪري ڇڏائجي وڃڻ، ٻنھي حالتن ۾ ڪيفيتن جو اظھار ماڻڪ ”مئل زندگي“ ۾ ھيئن ڪيو آھي ته: ”ھن ذلالت (نوڪري) جو بار کڻڻ جي ڀرڀور خواھش رکان ٿو، ڇاڪاڻ ته زنده رھڻو اٿم. سدائين ھن کٽڪي ۽ ڊپ جي ذھني عذاب ۾ ڀوڳيندو آھيان ته ڪٿي ھي ذلالت جو بار ڇڏائجي نه وڃي، ۽ پوءِ ڇا ٿيندو جو ڀيانڪ سوال . . . “ خط نامڪمل.
ماڻڪ وڪالت به نه ڪري سگهيو، نوڪري نه ڪري سگهيو پر آخر ۾ ڪوشش ڪيائين ته نوڪري ملي وڃي، منھنجي خيال ۾ کيس نوڪري جي ڳولا ڪرڻ به نه پئي آئي، نيٺ پنھنجي طبيعت تي جبر ڪري ميڊيڪل اسٽور کوليائين، پنھنجي موت کان ويھارو ڏينھن اڳ مون ڏانھن نياپو موڪليائين ته ساڻس ضرور ملان، حالانڪه مون تي وارنٽ اڃا تائين ھيا، ٿي سگهي ٿو ته زندگي جي اھڙي موڙ تي اچي بيٺو ھجي، جو ڪنھن به شيءَ کان کيس ڊپ نه لڳندو ھجي – ويندي موت کان به.
مان منير سان لائين پار، نواب شاھ ۾ ميڊيڪل اسٽور تي ملڻ ويس ھي ساڻس آخري ملاقات ھئي جنھن جي اسان ٻنھي کي خبر ڪانه ھئي، منير ھميشه وانگر خاموش ۽ ڳنڀير ھيو، جيئن ته ان ملاقات کي تمام گهڻو عرصو گذري چڪو آھي تنھن ڪري ڳالھه ٻولھه چڱي طرح ياد نه آھي. بھرحال جيڪو ڪجھه ياد آھي اھو آئون پڙھندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو. مون پڇيو ته: ”خوش آھين؟ “ چيائين ”ھا، بس مڙيئي.“ ڀلا ميڊيڪل اسٽور ھلائڻ اچئي ٿو؟ ”نه، 9000 نقصان پھتو آھي.“ ايئن ڪندي ھڪڙو گراھڪ ٻه دوائون وٺي ويس، ان جو ليکو ڪرڻ نه پئي آيس، حالانڪه اھو ليکو ايڏو ڏکيو به نه ھُئو، مون کان پڇيائين ته: ”ڪيترا پيسا ٿيا؟“ مون چيو ته: ”ڪي ماڻھو اھڙا به ايندا ھوندئي جيڪي چوندا ھوندا : ته ابا ھاڻي پيسا ڪونھن ۽ پوءِ پيسا نه ڏيندا ھوندا.“ چيائين،،ھا ڇا ڪجي، مونکي انڪار ڪرڻ نٿو اچي اھو ڄاڻندي به دوا ڏيئي ڇڏيندو آھيان ته ھي پئسا نه ڏيندو.” وري چيائين ”ھتي ويھندي ڏاڍي تڪليف ٿي ٿئي، تازو اسٽيشن تي بم بلاسٽ ٿيو آھي، ڀرسان ٿاڻو آھي، اٻوجھه ڳوٺاڻن ماڻھن کي زوري وٺي ويندا آھن.” مو ن چيو ”ھا“ حالتون ڏاڍيون خراب آھن، توھان مھانگائي خلاف ھڪڙو بيان ڏيو پر ھُجي اديبن پاران، جنھن ۾منھنجو نالو ڏيئي ڇڏيو.” مونکي عجب لڳو ۽ خوشي به ٿي ته ڪنھن تحريڪ ۾ کڻي معمولي ئي سھي، پر اچڻ لاءِ ھُو تيار ته ٿي ويو آھي، رکي رکي مون کان پڇيائين پئي : ”تنھنجا ڪھڙا حال آھن؟” مون پڇيومانس ”لکندو آھين؟” چيائين: ”گهٽ“ وري بي دلي انداز ۾ چيائين: ”نواب شاھ وري جڏھين اچين ته مون وٽ اچج.” مون چيو ته: ”ڪو خاص ڪم آھي؟” چيائين ته: ”نه، بس ائين ئي.” ان وقت مون کي احساس نه ٿيو، پر ھاڻي سوچيان ٿو، ان ڪلاڪ کن جي ملاقات ۾ ھڪ دفعو به سندس چھري تي مرڪ نه آئي ۽ نه ئي وري ڪنھن ڳالھه ۾ اتساھ ڏيکاريائين ڪنھن موضوع تي بحث ڪرڻ به نه پئي چاھيائين، بلڪه ائين ڪا ڳالھه ٻولھه به نه پئي ڪري سگهيو. ھو زنده ته ھُئو پر زنده رھڻ جي خواھش ختم ٿي چڪي ھُئس. ڪجھه ئي ڏينھن کان پوءِ اخبار ۾ اھا دل ٽوڙيندڙ خبر پڙھيم ته: ماڻڪ مري ويو. مون سان گڏ ان وقت ھڪ سياسي ورڪر گڏ ھُئو، منھنجي دل چيو ته ھن دوست سان ماڻڪ جي باري ۾ کوڙ ساريون ڳالھيون ڪريان، پر ھو ماڻڪ کي سڃاڻندو نه ھُئو – ماڻڪ ڪيئن مئو، مائٽ چون ٿا ته قدرتي موت مئو آھي.
(ماھوار سارس، آگسٽ 1993ع تان ورتل)