پاتال ۾ بغاوت : سليم احمد
ھن ڪتابڙي تي مھراڻ جي 2/78ع پرچي لاءِ تبصرو ڪرڻو ھوم پر موڪلي 3/78ع لاءِ رھيو آھيان. اوير نسوري منھنجي آھي – ڪجھه پڙھي پوري ڪرڻ ۾ ڏکيائي جي ڪري، ڪجھه سِيفيوس (ماڻڪ موجب؛ سسيفس) واري ڏند ڪٿا وري پڙھي ڏسڻ لاءِ يوناني ديومالا تي ڪنھن ڪتاب ھٿ ڪرڻ جي اڌوگابري ۽ ان ڪارڻ اڻ سڦل ڪوشش جي ڪري، ۽ ڪجھه ٺلھي سُستي جي ڪري. پڙھي پوري ڪرڻ ۾ ڏکيائي ان ڪري جو اولي، خاص ڪري مھاڳ ۾، اھڙي ڪم آندل آھي اُھي جو معنى مطلب پروڙڻ لاءِ ساھيون وٺڻيون ٿئي پيم. انھن ساھين ۾ عجيب قسم جي پنڪچوئيشن ۽ پروفن جي چُڪن جو به ھٿ ھو. يوناني ديومالا تي ڪتاب ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ان ڪري جو اھو ڄاڻڻ ٿي چاھيم ته آڳاٽي يونان جي ڪارنٿ نالي عياشيءَ ۽ لُچپڻي کان بدنام شھر جي ڏندڪٿائيءَ بانيءَ ۽ پھرين بادشاھي سِييسفوس، کي مھاديوتا، زبوس، جن لوڀ ۽ ٺڳيءَ جي ڪمن تان پاتال ۾ سنگ مرمر جي ڇِپَ ٻنھي ھٿن سان ڍڪي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پڄائڻ جي ڪڏھن به پوري نه ٿيندڙ سزا ( ڪڏھن به پوري نه ٿيندڙ ان ڪري جو ڇپ چوٽي تان ڦرندي اچي وري پٽ تي پوندي ھئي) ڏني ھئي، تن جي وچور ڇا ھئي. جي ماڻڪ پنھنجي 25 صفحن جي مھاڳ ۾ ڪٿي منڍ ۾ اصل ڏند ڪٿا به درج ڪري ھا ته ھوند مون پارن ويسرين ۽ گهٽ ڄاڻ تبصري ڪندڙن جو ڀلو ٿئي پئي ھا.
”پاتال ۾ بغاوت” جا ٻه ڀاڱا آھن. پھريون ڀاڱو ( س س 9 33)، “سسيفس جي ناڪار” ھڪ طرح جو مھاڳ آھي، جنھن ۾ ماڻڪ ھِن “دائمي ڦٽڪاريل ۽ ننديل” ڪردار بابت پنھنجيThesis ھيئن اپٽاري آھي: “سسيفس، ڪامؤ پاران مڙھيل وجود کان مٿانھون آھي. گهڻو مٿانھون. ڇاڪاڻ ته اھو اختيار جو ننديل آھي ۽ ڦٿڪاريل. سندس وڏائي انھيءَ ۾ آھي ته، ھو سدائين، ھر ويل، اختيار کي چوي ٿو : نه – جو ڪجھه مٿس مڙھيو ويو آھي، اختيار پاران، جنھن وٽ سگهه آھي، سسيفس ان کي ٿڏي ٿو. نابري واري ٿو. نه ۽ انھيءَ “نه” جي حد کي “پاڻ ھجڻ” جي اظھار جي سرحد شروع ٿئي ٿي. جنھن ۾ پنھنجي تقدير / چرپر جي چونڊ جو حق محفوظ رھي ٿو، چونڊ جو حق، جيڪو آزاديءَ جو تت آھي. تنھنڪري الائي فتوائن، مقدس احڪامن ۽ اختيارن جي سرن کي ٿڏڻ، سسيفس پنھنجي اخلاقي جوابداري سمجهي ٿو . . . سندس ناڪار . . . اختيار طرفان مڙھيل امر کي للڪار آھي. ھو اھو نٿو مڃي ته ڪو مٿانھون، يا ڪا مٿئين ھستي سندس باري ۾ فتوا مڙھي، فيصلو ڪري، نصيب جوڙي، ۽ نه ئي ھو انھيءَ حيثيت ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو، پاڻ مٿانھين مڙھيندڙ ھستي بڻجي، جيڪا ٻين جي مٿان فتوائون مڙھي ۽ نصيب ٿاڦي، سندس ناڪار ۽ پنھنجي ھستي جي ھانڪار لاءِ آھي . (ص ص 22،23 27): انھي ناڪار کي develop ڪندي، ماڻڪ پاڻ اختيار / سگهه جي ھر علامت جھڙوڪ خدا؛ مذھب نظريئي، رياست، اسٽبلشمنٽ، قاعدي قانون جو منڪر ٿئي ٿو ۽ انھن علامتن کي ھوڪارڻ / للڪارڻ / ٿڏڻ / ناڪارڻ ھيڻن / وھيڻن / خلق / عوام، خاص ڪري حساس ۽ ايماندار فنڪار جي، “اخلاقي جوابداري” ۽ “آدرش” ڄاڻائي ٿو. . . . . . . . . . . . ٻيو ڀاڱو، جو ص 37 کان 79 تائين آھي، تنھن ۾ اصل Story بيان ڪيل آھي. جاءِ واردات پاتال / موت – گهر ھاديس ( ماڻڪ موجب : ھيڊز) ۽ ديوتائن جي درٻار، اولمپوس آھي. ھاديس ۾ ديوتائن جي ٻين “ ڦٿڪاريل، دائمي سزا ڀوڳيندڙن” سان گڏ سيفوس به پنھنجي اڻ کٽ سزا جو عتاب ڀوڳي رھيو آھي ۽ اھو سلسلو جڳن کان ھلندو اچي ٿو. اصل قصي جي شروعات تڏھن ٿئي ٿي، جڏھن ”ھڪ لڱا اوچتو” سيفوس ڇِپَ کي ريڙھڻ بند ڪري، ان مٿان ويھي رھي ٿو، ۽ پھرين پاتال / موت – گهر جي واليءَ، ھاديس، جي ھڪل تي ۽ پوءِ مھاديوتا، زيوس، جي پيغمبر، ھيرمس (ماڻڪ موجب : ھرمز) جي چوڻ تي به پٿر ريڙھيءَ چوٽي تي پڄائڻ کان انڪار ڪري ٿو. تنھن تي کيس اولمپوس ڏانھن نيو وڃي ٿو، انھيءَ حڪم سان ته سندس سزا جو چڪر ايترو ته تِکو ڪيو وڃي، جو منجهس سوچ لاءِ ڪا وٿي نه بچي، سندس سونجھه جا سمورا ڳڙ کڙا بند ٿي وڃن، پر سندس پيڙا جي سرت ۽ بيوسي جي ڄاڻ جيئن جو تيئن رھي.
سرورق تي جو ڪارڊ آھي، ھڪ ھيڻي/وھيڻي انسان جو چٽ آھي، جنھن جا ھٿ Larger than life آھن ۽ چوڌاري ڇانيل اوندھ جون ڪڙيون، سندس ھڪ ئي مڪ سان ڇيھون ڇيھون ٿي رھيون آھن.
منھنجي ھڪ دوست، جو مڃيل ڪھاڻيڪار به آھي، منھنجي پڇڻ تي ماڻڪ کي indecent ليکڪ سڏيو ھو، ۽ indecentلِکڻي جو جيڪو مثال ڏنو ھئائين، تنھن مان ڄاتُو ھئم ته ماڻڪ ۾ اھو سڀ ڪجھه چئي ڏيڻ جو ساھس آھي، جيڪي ٻيا ھوند سوچيندي به ڪيٻائين. ”پاتال ۾ بغاوت” جي به اھائي striking خوبي آھي. ماڻڪ سوچ توڙي لکڻي ۾ سراسر unorthodoxآھي. ھن لاءِ ڪجھه به مقدس ۽ سڳورو اڇوت نه آھي – پر رڳو سنڌ جيmilieu تائين، ڇو ته شايد ئي ڪو اھڙو موضوع ھوندو، جنھن کي اولھه وارن کنيو ۽ وائکو نه ڪيو ھجي.
”سسيفس جي ناڪار” rationaleجي بدران ھڪ قسم جي جذباتي، منجهيل ۽ لفاظي سان پُر exposition ٿي پيو آھي. ان جي jerky ٻوليءَ ۽ ڇوھي لھجي مان ائين ٿو لڳي ڄڻ ماڻڪ جذباتي صدمي جي اثر ھيٺ، غضبناڪ ٿي ويو ھجي ۽ دماغ جي بدران دل سان سوچڻ لڳو ھجي. ھو انھيءَ غضبناڪيءَ جي ترار ٻنھي ھٿن ۾ کڻي چؤڦير گھمائيندو نظر اچي ٿو، پر سندس ڌڪ اٻھرا، اتاڇرا ۽ انڌا آھن، جي سندس سوچ جي anarchy کي وائکو ڪن ٿا. ۽ ”نه“ جي زور تي اختيار ۽ سگهه جو بُت ڀڃيندي ڀڃيندي ھو خود “نه” جو بُت گهڙي بيھاري ٿو. جنھن جي امر اڳيان پاڻ ماڻڪ به ھيڻو، بيوس ۽ لاچار آھي.
“ سيفوس جي ناڪار” ۾ ماڻڪ پنھنجي سورمي مان ھي ٽئي آسون به رکي ٿو: (1)ته ھو ”پاڻ ھجڻ” جي اظھار لاءِ سدائين، ھر ويل اختيار کي چوندو ”نه” (2) ته ھو خود پنھنجي لاءِ اختيار ۽ سگهه جي ڪالگ / گهر / جاکوڙ نه ڪندو، (3) ته ھو منھنجي ناڪار سان جتي وھيڻي خلق جي احساس جرم کي جاڳائيندو، اتي اختيار جي احساس جُرم کي ڌونڌاڙيندو. پر ڪھاڻي ۾، جا دراصل storyکان وڌيڪ dialogue بلڪه monologueآھي، سيفوس رڳو پھرين آس پوري ٿو ڪري، باقي ٻيون به آسون پوريون نٿيون ٿين.
پھرين موت گهر ۾ ھيرسيس اڳيان ( ص ص 55 56) ۽ پوءِ ديوتا – درٻار ۾ زيوس جي اڳيان (ص ص 71 75) ھو پاڻ تي ھھڙي ”ڀوائتي سزا” ۽ سکڻي، بيھودي، مشغوليءَ، مڙھجڻ جو ڪارڻ ھيڻو، نِستو ۽ بيوس ۽ ديوتائن منجهان نه ھجڻ ٻڌائي ٿو، ۽ سگهه ۽ اختيار جي باب ۾ جنھن passionate نموني ۾ ڳالھائي ٿو، تنھن مان ڀاسي ٿو ته اڻڄاڻائيءَ ۾ سگهه ۽ اختيار جو ڪالکي آھي. ھن جو ڄاڻائيءَ ۾ اھا ڪالک رکڻ وڌيڪ سڀاويڪ ٿئي ھا، پر ھو “مھان ۽ اتم” آھي، ۽ شايد سڀاويڪ ٿيڻ ۾ ڪا وڏائي ۽ اَتمتا نه آھي.
سيفوس جي بغاوت تي ڪتاب ھيٺ آيل روحن طرفان جيڪي ردعمل (ڇرڪ ڀري ڪنبڻ، اچرج ڀريل نگاھن سان ڏسڻ، ھاريس جي مرڪ تي ڇرڪجڻ وغيره) ۽ ھاريس، ھيرميس۽ زيوس طرفان جيڪي ردعمل (نرڙ گھنجائڻ، اکيون چنجھيون ڪرڻ، منھن جو ٽامڻي ٿئي ڀوائتو ٿيڻ، آواز ۾ ڪروڌ ۽ غضب جي باھ اوتي سيفوس کي ھيسائڻ، مڃائڻ، ڊيڄارڻ ۽ مرعوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ وغيره) ظاھر ڪيا وڃن ٿا، تن مان ڪٿي به اھو محسوس نٿو ٿئي ته ڪو وھيڻي خلق جو احساس جرم جاڳي يا اختيار جو احساس جرم ڌونڌاڙجي رھيو آھي. ۽ انھن رد عملن کان “سرت ڀري ۽ سڄاڻ” سيفوس جي بيپرواھي ڏيکاري ٿي ته ھو پنھنجي ذات جو اسير آھي، کيس ٻاھر وارن/ ٻين سان دلچسپي ڪانھي.
ذات جي اھا اسيري ھن ڪردار جي طاقت به آھي ته ڪمزوري به، طاقت ان ڪري جو ھو نتيجي کان لاپرواھ ٿي سرڪشي ڪري ٿو ۽ جيڪي سچ سمجهي ٿو، سو چئي ڏي ٿو. ڪمزوري ان ڪري جو ھن جي سرڪشي ۽ حق گوئي خال(Vacuum) ۾ ۽ خال لاءِ آھي. ۽ جڏھن ھو سوچ ۽ سونجھه ڦُرائي ۽ پيڙا جي سرت وڌرائي موٽي ٿو، تڏھن ڪا آس اميد نٿي رھي،نه ھن لاءِ، نه ٻين لاءِ، جو پاتال ۾ ٻائيتال جي بدران گهرو سناٽو آھي؛ چوڌاري موت جا پاڇولا رڙھي رھيا آھن. ھي نراس پڄاڻيءَ ھن ڪردار کي سکڻي ڪُنيءَ وانگر گهڻو اُڀامندڙ، چرياڻ (foolhardy) ۽ پاڻ آزارائيندڙ بڻايو ڇڏي. اھا ھن سان نه پر ھن جي ڏاڍائي، اُرھ زورائي ۽ ھٿ چراند آھي، جو ھو انھن تھمتن جو، جن تان سزا ڏني وئي ھئي، ڪوڙ وائکو نٿو ڪري؛ بجاءِ ان جي سزا ڏيندڙ اختياري کي indictڪري ٿو، ۽ جنھن passionate ٻولي ۾ لھجي ۾ ھو پنھنجي ماضي ۽ پنھنجي پيڙا بابت ور ور ڪري ڳالھائي ٿو، تنھن مان ھو ايترو سڄاڻ سوچ وارو نٿو لڳي، جيترو brooder.
ماڻڪ جي ٻولي ھونئن ته شاعراڻي سونھن واري آھي، پر ڪٿي ڪٿيjerky به آھي، جنھن سبب پڙھندڙ کي پنھنجي گرامر جي قاعدن جي پوئيواري ڪندڙ ٻولي سان ھير ڀڃڻي پوي ٿي. امداد جو چوڻ آھي ته ماڻڪ ۽ نئين ٽھيءَ جا ڪجھه ٻيا ليکڪ ٻوليءَ ۾ تجربا ڪري رھيا آھن. ڪا به ٻولي انھيءَ ٻوليءَ جي سڀني ڳالھائيندڙن جي مُوڙي ۽ ملڪيت ھوندي آھي، ڇو ته اھي ئي ان جا سرجيندڙ، سنواريندڙ ھوندا آھن. سنڌي تي ماڻڪ جو به ايترو ئي حق آھي، جيترو منھنجو، جي ھو ٻوليءَ ۾ ڪي تجربا ڪرڻ گهري ٿو ۽ ڪندو رھي ٿو ته اکين تي. مون، ھڪ پڙھندڙ ۽ سنڌي جي وارث جي حيثيت ۾، ايترو ته لھڻو ته مون کي ٻڌايو وڃي ته نيٺ به ھن انھن تجربن جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي آھي؟
پڇاڙي ۾ ڪجھه ”پاتال ۾ بغاوت“ جيrelevance بابت، سوچ ھي لوچ سدائين آجيان لھڻي. ھر نئون ويچار سوچ جي موڙيءَ کي وڌيڪ شاھوڪار ۽ سگهارو ڪري ٿو. پر جي اھو ويچارmilieu پٽاندڙ ۽ چالوcontext ۾ ھوندو ته وڌيڪ اثر ڪندو، وڌيڪ آجيان ماڻيندو. سنڌ جي واسطي سان ”پاتال ۾ بغاوت“ جي ڪھڙي relevance آھي، سا مونکي سمجھه ۾ نه آئي آھي. ڇپائيندڙن کي به سمجھه ۾ نه آئي ھوندي، شايد ان ڪري ئي ھنن پرنٽ آرڊر 500 رکيو آھي.
(ٽماھي مھراڻ : 1978/4)