سرحد پار سنڌ ۾ وجود جي ڀوائتن تجربن جي تصوير : ھيرو شيوڪاڻي
سرحد پار سنڌ ۾ وجود جي ڀوائتن تجربن جي تصوير : ھيرو شيوڪاڻي
(ماڻڪ جو ناول ”ساھ مُٺ ۾“ 1986ع)
سرحد جي ٻنھي طرف، ڀارت توڙي سنڌ ۾، ادب جي سنجيده اڀياسن ۽ نقادن کي انھيءَ حقيقت جو چٽو احساس ٿيندو پيو وڃي ته عالمي چاھي برصغير ھند پاڪ جي فني معيارن تي اسان جو سنڌي ادب نسبتي طور چڱو ھيڻو آھي، البت تنقيدي سطح تي ان احساس جو ردعمل شايد ڌار ڌرا نظامن ۾ عجب کائڻ جي حد تائين مختلف آھي. ھت ڀارت ۾ سنجيده سنڌي تنقيد، عالمي ماپن ۽ ماڻھن تي پنھنجي ساھتيه کي ضرورت کان گهٽ ۽ ھيڻو ٿي سمجهي، ته سنڌ ۾ تنقيد يا ته آھي ئي ڪانه يا جيڪڏھن آھي ته تخليقي ڪاوشن کي ھڪدم عظيم، شاھڪار وغيره جا لقب ڏيڻ جي حد تائين مروت پسند آھي. پر منھنجي راءِ انھن ٻنھي مختلف تنقيدي رخن جو بنيادي سبب ساڳيو آھي: سنڌ ۾ موجوده پاڪستان جي سياسي ۽ سماجي نظام ۾، سنڌ ۽ سنڌي ادب جا گهڻگهرا ساھت کي ھمٿائڻ لاءِ ضرورت کان وڌيڪ فراخدل آھن يا بنھه ماٺ آھن، ته ڀارت ۾ کليل لوڪشاھي نظام ۽ سماج جو ٻُھو ڀاشي (گهڻ ٻوليائي) ادبي سرگرمين ۾، چٽاڀيٽيءَ جي حرص تحت ضرورت کان شايد وڌيڪ ڪرٽيڪل ۽ سخت آھن. مان پڪ سان چئي ته نه ٿو سگهان يا شايد اھڙن مامرن ۾ پڪ سان ڪجھه چئي سگهبو به ڪونھي، پر ائين لڳو آھي ته ٻنھي طرف تنقيدي اڀياس جا اھي رخ شايد تخليقي ادب جي چاھيل اوسر ۾ رڪاوٽون وجهي رھيا آھن يا مبادا اھا سموري تنقيد به يڪي سر، سنڌي ادب جي نسبتي ھيڻائيءَ جو حصو ھجي، آخر تنقيد به ته ادب جو جزو آھي.
مون انھيءَ پسمنظر ۾ ماڻڪ (منير احمد) جو ناول”ساھ مُٺ ۾“ جائزي لاءِ چونڊيو آھي.
ماڻڪ جو پھريون ناول (ناوليٽ) اڄ کان 10 15 سال اڳ، جڏھن ڪنھن اديب دوست مون ڏانھن موڪليو ھو، تڏھن اُھو ناوليٽ ”لڙھندڙ نسل“ پڙھي، مون پروڙي ورتو ته سنڌ جو ھي بيحد حساس نوجوان اديب، پاڪستان ۾ واڙيل سنڌ ۽ سنڌ جي ڪُھني ورثي ۽ موجوده نسل جي شناخت کي ادب ذريعي ڳولڻ طرف آماده ٿيو آھي ۽ مونکي خوشي ٿي ھئي. پوءِ لڳاتار ھن جون ڪھاڻيون، جيئن ته ”حويلي جا راز”، ۽ ”اَنام ڪھاڻيون” ۽ ”پاتال ۾ بغاوت” (ناوليٽ) پڙھيم ته ماڻڪ، مون کي ڪر موريندڙ سنڌ جو عيوضي ليکڪ لڳو، پر پوءِ ھڪڙي ناول جو دستخط پورو ڪري ٻه سال اڳ ماڻڪ اوچتو مري ويو، ھڪ ڀرجي نه سگهندڙ خال پيدا ڪري . . .
اُھو دستخط سنڌ مان لڪ چوريءَ ھت ھند ۾ آيو. سنڌي ٽائيمس پبليڪشن اُلھاسنگر ھي ناول تازو ئي شايع ڪرايو آھي، جولاءِ 1986ع ۾. ماڻڪ جو ھي ناول ”ساھ مُٺ ۾“ پڙھي يڪ بارگي منھنجو ذھن ڄڻ ته سُن ۾ اچي ويو آھي. سوچيان پيو اختصار ۾ ھن ناول جو تجزيو ڪٿان شروع ڪريان. ھستيءَ جي ڀوائتن تجربن مان گذرندڙ، چيچلائيندڙ گهڙين جي اظھار جو بارود ھن ناول جي ھر صفحي ۾ ڀريل آھي. مذھب – ڌرم جي نالي ۾ جڏھن کان ھن ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ٿيو آھي. سرحد جي ٻنھي طرف سنڌي، ھڪ ذھني ۽ نفسياتي ولولي مان گذري رھيا آھن پنھنجي جداگانه، ڪُھني قومي شناخت کي برقرار رکڻ جي جدوجھد ۾! خاص طور پاڪستان جي ھڪ زرخيز، مگر ننڍي صوبي سنڌ کي، وري موھن جي دڙي (جي کنڊرن) ۾ بدلائڻ جون اذيت ناڪ تياريون گذريل 39 سالن کان جاري آھن. ناول جو مکيه ڪردار، سنڌي زبان ۽ ادب جو ليڪچرار، ھڪ ھنڌ چوي ٿو : ”ھي سموريون جايون، گهر ڊھي پوندا۽ ھتي ھڪ دڙو ٿي ويندو، نابود، ڊٺل جاين جو دڙو . . . پوءِ اڳتي ھلي سڀيتا جا ماھر لکندا . . . ھتي جا رھواسي ڏاڍا قربائتا، امن پسند ھئا؛ سادا، مھمان نواز، ھنن ڪڏھن به اڳرائي ڪري ايندڙ – مارو ڪندڙن سان سينو نه ساھيو، ھٿائين ھنن جي ماري جو بيچينيءَ سان اوسيئڙو ڪندا رھيا ته ڪڏھن ٿا ڪڙڪن. ھو اُلر ڪندڙن جي آجيان ڪندا ھئا. ديڳيون چاڙھي، پنھنجي سائي چھچ ڌرتي سندن حوالي ڪري.“
طنزيه انداز ۾ ھڪ اديب، انساني مھلن، قدرن ۽ باوقار ھستيءَ خلاف ٿيندڙ ھھڙي ڀوائتي جبريت سامھون، اِن کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو احتجاج ٿو ظاھر ڪري سگهي؟
ٻن سؤ صفحن جي ھن ناول جي سرورق تي لکيل آھي ”سنڌ ۾ ملٽري حڪومت جي پس منظر ۾ لکيل“ ناول جو واقعاتي آڌار نھايت ڇڊو پاڊو آھي. سنڌي زبان جو ھڪ ليڪچرار، ائين محسوس ڪرڻ لڳو ته ڪا لڪل طاقت سندس پيڇو ڪري رھي آھي، ڪو سندس ڪڍ آھي. پنھنجي ئي ڌرتي تي غير سلامتيءَ جو احساس، نوڪري کسجڻ جو ڊپ، مسلمان ھوندي به سنڌي ھجڻ جو اُڊڪو، ھن کي پيڙي رھيو آھي. ناول جي اِن ڇڊي پاڊي واقعاتي اُڻت ۾ ليکڪ سنڌ جي موجوده صورتحال کي، آمريت، جبريت ۽ پنھنجن جي ئي وڏيرا شاھيءَ ۾ ساھ مُٺ ۾ کڻي ھلندڙ سنڌ کي ڪن علامتن سان مڪمل وضاحت ۽ بيباڪيءَ سان چٽيو آھي. فوجي تاناشاھي نيري خاڪي ورديءَ ۾ پليگ جي بيشمار ٿلھن، مُڇن وارن ڪوئن جيان سنڌ جي جسم کي ٽُڪي رھي آھي يا ٻاھران آيل ماڪڙ جي ڪاھ سنڌ جي پيٽ کائڻ کان پوءِ اُن جي زبان کائيندا، پوءِ وات، ڄڀ، اندران ئي اندران ميڄالي تي پھچندا. پرماريت تي ٻڌل وڏيرا شاھي ۽ فوجي تاناشاھيءَ ۾، سنڌ ۾ سنڌي پڻي سنڌي ھجڻ جو احساس ھڪ ڏوھ آھي. اُن مڙھيل ڏوھ جي شدت کان اڄ جو سجاڳ، حساس سنڌي نسل ڀيانڪ غير محفوظيءَ ۾ جيئي رھيو آھي. ان صورتحال کي ھي ناول ڪافي دھشت انگيز روپ ۾ اظھارڻ ڪامياب ويو آھي. عبرت ناڪ حالت اِھا آھي جو رب جي نالي ۾، ”نظامِ مصطفى“ جي اوٽ ۾، پنھنجي ئي ڌرتيءَ جي ماڻھن جا سؤکا ۽ ڪونئرا اُمنگ مروٽي سروٽي ختم ڪيا پيا وڃن.
اھڙي اذيت ناڪ حالت ۾ ھڪ دفعي ناول جي انھيءَ مکيه ڪردار جي گهر واري کانئس ھڪڙو سوال ٿي پڇي:
”نيٺ اسان جو ڇا ٿيندو؟ اسان سنڌين جو؟“
ٽھڪ ڏيندي ھو چوي ٿو:
”چري آھين بابا، اسين مسلمان ٿينداسين.“
”ته ھينئر اسين مسلمان ڪونه آھيون.“
”سنڌي آھيون نه ۽ سنڌي ھجڻ ھڪ غير اسلامي فعل آھي. اسان پڪا مسلمان تڏھن ٿي سگهون ٿا، جڏھن پاڻ کي ڊي سنڌيلائيز (De-sindhilize) اڻ سنڌي ڪري ڇڏيون.“
بي ساختگي سان، فنائتي نموني اھڙا ڪيئي چُپندڙ منظر، ھن ناول ۾ پاڪستان جي موجوده سياسي حالات تي چٽيل آھن ۽ ليکڪ ڪافي ضبط ۽ شعور سان، غير جذباتي پيرايي ۾ اُنھن جي دھشت کي اُڀاريو آھي.
ھن ناول جو ليکڪ ماڻڪ، منير احمد يا مُنير سنڌي، سنڌ جي نئين ٽھيءَ جو ھڪ ڏمريل نمائندو ۽ اھم اديب ھو، ھو ڪجھه سال اڳ اوچتو گذاري ويو. ھن کان اڳ به جيڪي ناول (ناوليٽ) ڪھاڻيون ۽ ناٽڪ ھن لکيا، سي ھن جي بيقرار، ڏکندڙ ذھن جي پنھنجي تجربي ۽ ڀوڳنا جي اُپج آھن. مون کي خبر ناھي ته ھن ناول ”ساھ مٺ ۾“ جو دستخط، ماڻڪ پنھنجي موت کان ڪيترو اڳ لکي پورو ڪيو ھو. مونکي لڳي ٿو ته سوشالاجيءَ ۾ ايم اي ۽ ايم ايڊ جون اوچ ڊگريون حاصل ڪيل ھن حساس ليکڪ کي اھي شايد پروڻ پئجي چڪا ھئا ته حيات ھن کي تمام ٿورو وقت ڏنو آھي، انڪري ادبي ڏات ڌڻيءَ ماڻڪ، گهربل لھر ۽ فني ڪساؤ جو خيال نه ڪندي به، ھن ناول ۾ شايد دھشت سان گڏ اُميد ۽ اُمنگ جو وشواس، ”سنڌ“ جي نئين نسل، نئين رت تي رکيو؛ جيڪو ٻُٽ محرومي ۽ مايوسيءَ ۾ مجموعي عمل سان پنھنجي سڃاڻپ قائم رکڻ لاءِ پنھنجي واٽ گهڙيندو، اوس گهڙيندو.
(ھيرو شيوڪاڻي جي ڪتاب ”ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب“ تان ورتل)