ماڻڪ جي خودڪشي، ھڪ نفسياتي جائزو : مصور حسين
سنڌي ادب ۾ ماڻڪ جي خودڪشي ايترو ئي حساس ۽ اھم معاملو آھي جيترو انگريزي ادب ۾ ارنيسٽ ھيمنگوي جي آپگهات، ڄاڻايل ٻنھي ليکڪن جي زندگي ۽ حالتن ۾ گهڻو فرق آھي پر ٻنھي جي موت جو ھڪ پاسو ملندر جُلندڙ آھي، جو ھيمنگوي به خودڪشي کان اڳ بلڪل ٺيڪ ھيو ۽ تفريح ۽ شوق خاطر شڪار ڪرڻ به ويو، پوءِ اُتان جيئن ئي موٽيو ته بندوق جو فائر ڪري پنھنجو انت آڻي ڇڏيو.
اھڙي ريت ماڻڪ سان ھڪ عرصو گڏ گذاريندڙ دوستن جي چواڻي ھن جي اندر ۾ به ھر وقت آنڌ مانڌ جاري ھوندي ھئي، پر ھو ان ڳالھه جو اظھار ڪنھن سان به ڪونه ڪندو ھئو ۽ دوستن سان تمام گهٽ ئي ڳالھائيندو ھيو. ھيمنگوي جيان ھُو به پنھنجي زندگي جو ڏيئو اُجهائڻ کان اڳ زندگي سان ڀرڀور ھو. صبح جي پھر ۾ پنھنجي پُٽ عليءَ سان راند کيڏيو، ريڊيو ٻُڌائين، گهر واريءَ سان ڳالھه ٻولھه ڪيائين ۽ پوءِ دوائن جي اسٽور تي ھليو ويو، جنھن کان پوءِ ھو تقريبن 12 وڳي ڌاران گهر موٽي آيو ۽ زھريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيائين. سوال اھو آھي ته صبح تائين ھو بلڪل به نارمل ۽ ٺيڪ ھيو، منجهند تائين آخر ڪھڙو واقعو پيش آيو جو ھُن ان قسم جو انتھائي قدم کڻڻ ۾ ئي بھتري سمجهي؟ ان جي جواب ۾ محققن جو خيال آھي ته آپگهات جو خيال ماڻھوءَ جي من اندر ۾ ڪو اوچتو پيدا ناھي ٿيندو، پر اھو ھوريان ھوريان سان تڪميل ۾ايندو آھي . ”آپگهات فرد جي اندر ۾ ھلندڙ ھڪ ڊگهي ڇڪتاڻ جو نالو آھي، جنھن جو فيصلو ته ھڪ پل ۾ ٿي ويندو آھي، پر ان مواد کي گڏ ٿيڻ ۾ ڊگهو وقت لڳندو آھي.“
ھتي دلچسپي سان ڀريل ھڪ ڳالھه اھا به آھي ته ماڻڪ جنھن عمر ۾ خودڪشي وارو اھو قدم کنيو، اھا عمر جذبات سان ڀرڀور ھوندي آھي، ان ئي عمر ۾ ڪي ماڻھو ٿوري ٿوري ڳالھه تي ٻين جو نقصان به ڪري وجهندا آھن، ته پنھنجو زيان ڪرڻ ۾ پڻ دير ناھن ڪندا. عام ماڻھن وانگر اديبن جي لاءِ عمر جو اھو ڏھاڪو پڻ ڏاڍو منجهائيندڙ ھوندو آھي، ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته ورجينا وولف، ايڊگر ايلن پو، ماياڪووسڪي ۽ ايلس واڪر سوڌو دنيا جي وڏن وڏن اديبن زندگيءَ کان بيزار ٿي ان ئي عمر ۾ خودڪشيءَ وارو قدم کڻي پنھنجي زندگيءَ جو انت آندو.
ماڻڪ به ان ئي عمر ۾ خودڪشي ڪئي. يقينن عمر جي ان حد ۾ ماڻھو گهڻو ڪري جذباتي ۽ آدرشي ھوندو آھي، ھو پنھنجي خوابن کي چڪنا چور ٿيندي نه ڏسي سگهندو آھي، تنھن ڪري وڏي کان وڏو نقصان ڪرڻ کان به ڪيٻائيندو ناھي. بلڪه جذبات ۾ اچي پاڻ مارڻ جھڙو اُٻھرو قدم به کڻي وٺندو آھي.
ماڻڪ خودڪشي ڇا لاءِ ڪئي؟ سنڌي ادب ۾ اھو سوال 80ع واري ڏھاڪي کان جواب طلب رھيو آھي، پر اڃان تائين ان سوال کي مڪمل طور تي حل ناھي ڪيو ويو. سنڌ جون ادبي تاريخون ڪھاڻي ۽ ناول جي صنف ۾ ماڻڪ جي ادبي عظمت جو اقرار ڪندي ته نظر اچن ٿيون، پر ھن جي خودڪشي واري معاملي تي فقط چند سٽون ئي لکيون ويون آھن. سنڌي ادب ۾ ھن کان اڳ ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي وفات پڻ ڳجهارت بڻيل آھي، قاضي صاحب سنڌ جو تمام وڏو اديب ۽ مفڪر ھُيو، پر ان جي وفات بابت تمام ٿورڙو لکيو ويو آھي ۽ اڃان تائين اھا ڳالھه واضع نه ٿي سگهي آھي ته ھن جي وفات خودڪشي جو نتيجو ھُئي يا وري محض اتفاقي حادثو!
ھتي ان حقيقت کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪجھه ماڻھو پنھنجي زندگيءَ جو انت اھڙي نموني آڻيندا آھن جو ان واقعي کي يا وري ڪڏھن ان حادثي جي ڪارڻ کي سمجهڻ ھڪ وڏي سُٽ سُلجهائڻ جي برابر ھوندو آھي. پر ماڻڪ جي باري ۾ اھو ھر گز نٿو چئي سگهجي ته سندس موت پراسرار نموني ٿيو يا اھو ھڪ ڳجهارت مثال آھي ڇو ته سندس والد کان وٺي گهرواري ۽ پُٽ تائين سڀ ان ڳالھه تي متفق آھن ته اھا بلڪل به خودڪشي ھئي، جنھن جو اظھار ھُو مير ٿيٻي سان اڳ ئي ڪري چڪو ھيو. ھا ان ڏس ۾ ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته ھن وقت تائين اُھي محرڪ سامھون نه اچي سگهيا آھن، جن جي ڪري ھُو اھڙو عمل ڪرڻ تي مجبور ٿيو. ماڻڪ جي خودڪشي يقينن سنڌي ادبي لڏي لاءِ ھڪ وڏو حادثو ھُئي ۽ وڏا وڏا اديب ۽ ڪھاڻيڪار سندس دوستي ۽ ڄاڻ سڃاڻ جي حلقي ۾ شامل ھُئا، جيڪي ھُن جي آتم ھتيا ۽ ان جي ڪارڻن بابت گهڻو ڪجھه لکي پئي سگهيا، پر سندس ڪنھن به ھمعصر ليکڪ ان معاملي ۾ اڳڀرائي ناھي ڪئي. ان حوالي سان انور پيرزادو به ساڳيو ئي الميو ظاھر ڪندي لکي ٿو:
”ماڻڪ پنھنجو انت ڇو آندو؟ چئي نه ٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته ان موضوع تي سنڌ ۾ تحقيق نه ٿي آھي. علامه آءِ آءِ قاضي جي زندگيءَ جي پُڄاڻي به ايئن ٿي، ڇو ٿي؟ ان تي ڪا ريسرچ نه ٿي آھي. جيڪڏھن انھن موضوعن تي ڪم ڪرايو وڃي ته انوکيون حقيقتون سامھون اچي سگهن ٿيون.”
منير احمد عرف ماڻڪ سنڌي جي خودڪشي جا ڪيترائي محرڪ ٿي سگهن ٿا . ھن ڏس ۾ اھو چوڻ بلڪل درست ۽ حتمي نه ٿيندو ته ھُن بيروزگاري سبب آپگهات ڪيو. جيتوڻيڪ اھا ڳالھه پنھنجي جاءِ تي ھڪ حقيقت آھي ته زندگيءَ جي آخري ڏھاڙن ۾ ھو نوڪري لاءِ پريشان ضرور ھُيو، پر ان باوجود اھو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سندس آپگهات جو ڪارڻ فقط بيروزگاري نه ھئي، بلڪه ڪجھه ٻيا معاملا اھڙا به ھيا جن گڏجي ڪري اھڙو ماحول ٺاھيو جو ھُن اڏول ۽ آدرشي ليکڪ کي خودڪشي واري واٽ وٺڻي پئي. ان حوالي سان سندس لکڻين ۽ ڏنل انٽرويوز جو نفسياتي جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ماڻڪ جي گهري خاموشي ۽ آپگهات واري عمل جو ھڪ ممڪنه سبب ھن جي دل ۾ ويٺل بدي وارين قوتن Evil forces جو خوف به ٿي سگهي ٿو، جنھن جي ڪري ھُو دوستن سان به پنھنجي حالتن ۽ ڪيفيتن جو کُليل اظھار نه ڪري سگهندو ھو. ھو ون يونٽ ۽ ان کان پوءِ ضياءُ الحق جي دور ۾ بنا ڊپ ڊاءَ جي دل کولي لکندو رھيو. اھڙي سنگين صورتحال ۾ به ماڻڪ سنڌين ۽ بنگالين جي حقن بابت وڏي بھادريءَ سان لکندو رھيو، تنھن ڪري اھو ممڪن آھي ته اھڙيون لکڻيون لکڻ کان پوءِ ھُن تمام گهڻو ڀوڳيو ھجي ۽ ان ڀوڳنا سندس من اندر ۾ خوف ڀري ڇڏيو ھجي. اھو بلڪل ايئن آھي ئي آھي جيئن ڪھاڻي ”حويلي جا راز“ لکڻ کان پوءِ کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ گارين سان ڀريل خط لکيا ويا. ان ڪري منير جي زندگيءَ سان لاڳاپيل انھن حالتن کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ان حوالي سان سندس ناول ”ساھ مُٺ ۾“ ۾ پڙھڻ کان پوءِ اھو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس آس پاس ڪيئن نه عدم تحفظ واريون حالتون پيدا ڪيون ويون ھيون. جن ھُن لاءِ آتم ھتيا واري ماحول کي ھٿي ڏني، ماڻڪ جي اندر ۾ ويٺل خوف ۽ چوڌاري بي يقيني واري صورتحال ھُن جي آپگهات لاءِ راھ ھموار ڪئي. ساڳئي طرح ان دور جون حالتون به اھڙيون اڻ وڻندڙ ھيون جو ھڪ حساس ليکڪ جو جيئڻ جنجال ٿي ويو. ماڻڪ کي جوانيءَ ۾ قدم رکندي ئي انتھائي ڏکين حالتن جو مقابلو ڪرڻو پئجي ويو. ون يونٽ جو ڏاڍ ڏھڪاءُ، بنگال وارو سانحو، ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاھي ۽ ان کان پوءِ جو آمريتي دؤر، جنھن ۾عام ماڻھن جي لاءِ ڦاھين ۽ ڦٽڪن جا تحفا، انھن حالتن ھُن کي ڊيڄاري ڇڏيو. بحيثيت ھڪ سُڄاڻ اديب ھُو انھن حالتن کان مُنھن موڙي نه پئي سگهيو. سنڌي اديبن جي ڊگهي قطار ۾ ھُو واحد ۽ اڪيلو ليکڪ ھيو جيڪو قول ۽ فعل جو پڪو ھيو، بلڪه پاڻ ذاتي طور تي انھن ماڻھن کان سخت نفرت ڪندو ھيو جيڪي قول ۽ فعل ۾ تضاد رکندا ھئا. ان کان علاوه ماڻڪ جي ھڪ وڏي خوبي اھا به ھئي ته ھو ان وقت جو سڀ کان وڌيڪ عالمي ادب پڙھي ويٺل سنڌي ليکڪ ھو، جنھن ڪافڪا، ڪاميو ۽ شوپنھار سوڌو عالمي ادب جي تقريبن سڀني وڏن ليکڪن جي لکڻين جو مطالعو ڪيو ھو. ان مطالعي جي جهلڪ سندس لکڻين ۾ پڌري آھي، ساڳئي طرح ھُو عالمي ادب جي تحريڪن ۽ لاڙن کان نه ڀلي ڀت واقف ھيو. کيس اھو پڻ اعزاز حاصل ھيو ته ھو انھن ليکڪن منجهان ھڪ ھيو جن سنڌي ادب ۾ وجوديت ۽ شعوري وھڪري وارن لاڙن کي متعارف ڪرايو. ان ڏس ۾ ماڻڪ سنڌي ادب ۾ وجودي فڪر جو ترجمان ليکڪ پڻ ھيو ۽ سندس لکڻين ۾ وجودي فڪر جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي. خاص طور تي سندس ناوليٽ ”پاتال ۾ بغاوت“ ۾ سسيفس ۽ زيوس ديوتا جي ڳالھه ڪاميو کان متاثر ٿيل نظر اچي ٿي، ان حوالي سان ھو ڪاميو CAMUS جي ABSURDISM واري فڪر کان پڻ متاثر ٿيو، جنھن جو اثر ھن جي تخليقن سان گڏ سندس ذاتي زندگيءَ تي به پيو. ڪاميو موجب دنيا ۽ ماڻھو وچ ۾ بنيادي مسئلو اھو آھي ته اسان ھن ڪائنات کان ڇا ٿا گهرون ۽ ھن ڪائنات ۾ اسان کي ڇاٿو ملي؟
ماڻڪ جي خودڪشي پويان ھڪ سبب absurdity of life جو به نظر اچي ٿو، جيڪو ھُن جي موت جو مُکيه ڪارڻ سمجھه ۾ اچي ٿو، ڇو ته ان وقت تائين مختلف واقعن ۽ حادثن ھُن جي زندگيءَ ۾ زھر ڀري ڇڏيو ھو. بنيادي مسئلو اھو ئي ھيو ته ھن دنيا کي ڪھڙي نموني ڏسڻ پئي چاھيو ۽ اھا ڪھڙي نه ڀوائتي روپ ۾ سندس سامھون اچي بيٺي ھُئي. ماڻڪ جي زندگيءَ جي آخري ڏينھن بابت مليل مواد ۽ ڄاڻ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ھو پنھنجي زندگيءَ جي مقصد کي وڃائي ويٺو ھيو ۽ وٽس جيئڻ جي باقي اميد نه رھي ھئي، تنھنڪري ھن آپگهات جھڙو انتھائي قدم کنيو، جنھن جي لاءِ ھُن ڪيترو وقت اڳ ئي سوچي ڇڏيو ھو. مير ٿيٻي موجب:
”انھي تسلسل ۾ مون ھڪ ڏينھن کانئس پڇيو ؛ منير! جيڪڏھن تون زندگيءَ ۾ ناڪام ٿئين ته؟ ھڪدم وراڻيائين، پاڻ کي ماري ڇڏيندس، اھو جواب ايترو ته سنجيدگي سان ڏنائين جو مان حيرت ۽ ڏک ۾ خاموش ٿي ويس.“
ھتي اھا ڳالھه غور طلب آھي ته ھن پنھنجي ويجھي دوست مير ٿيٻي کي زندگيءَ ۾ ناڪامي جي صورت ۾ جيترو جلدي سان جواب ڏنو ھو، ايتري ئي جلدي ۾ ھن خودڪشي ڪري به ڇڏي جڏھن کيس پڪ ٿي ته ھو زندگيءَ جي مقصد ۾ ناڪام ويو آھي. پر اھو سڀ ڪجھه جذباتپڻو چئي سگهجي ٿو، جو ھو پاڻ کي ناڪام سمجهي رھيو ھيو، پر ھن جيڪو ڪجھه لکڻين جي روپ ۾ سنڌي ادب کي ڏنو ھيو، تنھن جي بنياد تي کيس ڪامياب ترين ليکڪ سڏي سگهجي ٿو ۽ ائين ھرگز به نه ٿو چئي سگهجي ته ھن جي زندگي اجائي ۽ بيڪار گذري.
”اسان جا ڪيترا ليکڪ اھڙا آھن، جيڪي طبعي طور جيئرا آھن، وڏي ڄمار اٿن، پر ھو ادب ۾ گهڻو اڳ مري چڪا آھن. ماڻڪ انھن ليکڪن مان ڪو نه ھو. ھو آخري دم تائين جيئرو جاڳندو ليکڪ رھيو.“
ھن سڄي بحث مان اھو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ماڻڪ ھڪ حساس ۽ باشعور ليکڪ ھو، ھن وٽ زندگيءَ جي ھڪ معنى ھئي، ڪنھن مقصد کان سواءِ زندگي ھن لاءِ بيڪار ۽ فضول شيءِ ھئي، کيس اھا پروڙ ھئي ته جانورن ۽ انسانن کي مليل زندگيءَ ۾ وڏو فرق ھيو، کيس ان ڳالھه جو ڀرڀور احساس ھيو ته جانور پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪو ڦيرو، ڪا تبديلي آڻي نه ٿا سگهن، پر انسان چاھي ته جدوجھد ۽ ايڪو اتحاد ڪري وڏي تبديلي آڻي سگهي ٿو. ان ڪري ھن زندگي پنھنجي آدرشن جي نالي ڪري ڇڏي ھئي. ھتي ان ڳالھه جو ذڪر ڪندو ھلجي ته ماڻڪ حد درجي جو آدرشي انسان ھو، وٽس ٽڪي جي به منافقت ۽ مفاھمت ڪانه ھُئي، ھُو پنھنجي مقصد سان ايترو سچو ھيو جو وٽس فقط ٻه واٽون ھيون، پنھنجي مقصد ۾ ڪاميابي – ٻي صورت ۾ ايذائيندڙ موت.
(ماھوار ڪينجهر: جنوري 2019ع)