شخصيتون ۽ خاڪا

منير کان ماڻڪ تائين

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ماڻڪ جي لکڻين ۽ ماڻڪ جي شخصيت تي لکيل مضمونن/تاثرن/احساسن جو مجموعو آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ شاعر ۽ ليکڪ مصور حسين آھي. شوڪت شورو ماڻڪ بابت لکي ٿو:
”ماڻڪ سنڌي زبان جو ھڪ نھايت ئي ذھين، سڄاڻ، حساس ۽ گهڻ – اڀياسي ليکڪ ھو. ماڻڪ رڳو ڪھاڻي ۽ ناول جي فارم، ٻولي ۽ اسلوب ۾ تبديلي ۽ نواڻ ڪانه آندي؛ پر ھن جا موضوع به نھايت ڇرڪائيندڙ آھن. ھن جي پوئين دور جي لکڻين ۾ ھڪ سجاڳ ذھني پيڙا نمايان آھن، جيڪا اڄ جي موتمار ۽ مايوس حالتن جي پيداور آھي. ماڻڪ انھن حالتن کي قبول نٿو ڪري ۽ ذھني سطح تي انھن کان بغاوت ڪري ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 2453
  • 409
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مصور حسين
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منير کان ماڻڪ تائين

ماڻڪ جي ناول ”ساهه مٺ ۾“ جو اڀياس : نصير سارنگ

ماڻڪ جي ناول ”ساهه مٺ ۾“ جو اڀياس : نصير سارنگ

هيگل هڪ ڀيري چيو هو ته ”ادب هڪ تاريخ آهي، جنهن مان ڪنهن به قوم جي وقت بوقت بدلجندڙ شين جون تصويرون ڏسي سگهجن ٿيون. ادب قومن جي عروج ۽ زوال جو آئينو آهي.“
منير ماڻڪ جو لکيل ناول ”ساهه مٺ ۾“ به هڪ دور جي تاريخ آهي. هي ناول ون يونٽ جي آئيني تسلسل، ڀٽو حڪومت جي دور ۽ ان ۾ پيدا ٿيل حالتن جي پس منظر ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ هڪ غلام قوم جي ساڃاهه وند فرد جي خوف، عدم تحفظ جي احساس، پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اوپرائپ ڀري ماحول مان پيدا ٿيل انديشن جي مڪمل عڪاسي ڪئي وئي آهي.
سڄي ناول ۾ ڪردار ٻه زال ۽ مڙس جا آهن، جيڪي بنا نالي جي ”ضمير متڪلم ۽ حاضر“ طور استعمال ٿيل آهن. ناول جو وڏو حصو ڪيفيتن ۽ احساسن جي عڪاسيءَ ۾ لکيو ويو آهي. ڪردارن جي وچ ۾ ڊائيلاگ نسبتاً گهٽ آهن. جيتوڻيڪ ڪجهه جملا احساس جي اظھار لاءِ استعمال ڪيل آهن. جيڪي ڪٿي ڪٿي ڊائيلاگ واري انداز ۾ به آهن.
البت ناول ۾ خوبصورت ڊائيلاگن بدران ڪهاڻي تي وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي ۽ واقعن ۽ حالتن جو تسلسل پوري روانيءَ سان موجود آهي ۽ ڪٿي به ڪو غير معمولي جهول محسوس نه ٿو ٿئي.
ناول جو پهريون ڀاڱو ”امن امان“ جي سري هيٺ آهي، جنهن ۾ ون يونٽ واري دور کان سنڌ اندر سياست جي آڙ ۾ باشعور ماڻهن تي نازل ٿيل عتاب ۽ ڀٽو دور ۾ ان جي اونداهي تسلسل کي ڪافي حد تائين جاندار انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. واقعن، انديشن ۽ سوچن جي اظهار ۾ ايتري ته غير معمولي جرئت آهي. جو هي ناول ملڪ ۾ ڇپجي نه سگهيو ۽ هندستان ۾ پهريون ڀيرو ڇاپيو ويو. ناول جي پهرين حصي ۾ ڀٽو حڪومت دوران سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ناانصافين، سنڌي اديبن تي ٿيل ڏاڍ، ڏمر، پھرن ۽ وٺ پڪڙ کان وٺي رياست، سماج ۽ نظرئي جھڙن موضوعن تي پڻ ڪٿي ڪٿي نھايت وزنائتو بحث ٿيل آهي.
ناول جو مرڪزي ڪردار ڪاليج ۾ هڪ ليڪچرار آهي، ۽ ساڳي وقت ليکڪ پڻ آهي، ناول جي ڪهاڻي ان دور جي حالتن تي ڦري ٿي جڏهن ون يونٽ ٽٽي چڪو هو ۽ ٻوليءَ وارا هنگاما به ٿي چڪا هئا. هڪ طرف ون يونٽ جي دور ۾ سنڌيت لاءِ پيدا ٿيل اوپرائپ وارا اثر اڃان سماج ۾ موجود هئا ته ٻوليءَ وارن خوني هنگامن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پاس ٿيل بل جي رد ٿيڻ سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي پابندين، سنڌي اديبن خلاف وٺ پڪڙ جي نتيجي ۾ پڙهيل ڳڙهيل طبقن ۾ سخت هراس ۽ احساس محرومي پکڙيل هئي.
ڀٽو حڪومت جيڪا هڪ طرف وچين طبقي جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کي اڳيان آڻڻ جي دعويدار هئي ته ٻئي طرف ان ۾ وچين طبقي جا باشعور ماڻهو چوويهه ئي ڪلاڪ ايجنسين جي اک ۾ به هوندا هئا. ٻوليءَ وارن هنگامن ۾ ليڪچرار عبدالرزاق سومري جو شهيد ٿيڻ ۽ سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ هڪ تنظيم جي چرچ تي ليڪچرار اشوڪ ڪمار جو رياستي تشدد ۾ شهيد ٿيڻ جھڙن واقعن جي پسمنظر ۾ ناول جو مک ڪردار جيڪو پڻ ليڪچرار آهي. ڏاڍو ڊنل ۽ هيسيل محسوس ٿئي ٿو. ان سڄي صورتحال ۾ ڪردار ذهني طور جنهن پيڙا، خوف ۽ دهشت جو شڪار آهي، ان جي احساس جي لفظن جي مدد سان عڪاسي ڪرڻ ۾ مان وڏي حد تائين ڪامياب ويو آهيان. مثال طور ناول جي شروعات ۾ ڪردار کي سي آءِ ڊي جي ڪارندي جو تعاقب محسوس ٿئي ٿو. رستي کان گهر پهچڻ تائين ڪردار جي ڪيفيت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ماڻڪ ناول جا ڇهه صفحا صرف ڪيا آهن. جن جي هڪ هڪ جملي ۾ ڪردار جي ذهني دٻاءُ ۽ نفسياتي طور هيسيل هجڻ جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي. گهر پهچڻ کانپوءِ هو پنهنجي گهرواريءَ سان جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو، ان ۾ پڻ ساڳي ڪيفيت جو ڀرپور اظهار ٿئي ٿو. با ر بار گهر واريءَ کان ڪنهن جي اچڻ نه اچڻ جو پڇڻ ۽ پوءِ پنهنجي گهر کي ڏينهن ڏٺي جو اندران ڪڙي ۽ ڪرف لڳائڻ لاءِ چوڻ، بار بار چوڻ ته ”ڀتين کي به ڪن آهن“ بک نه لڳڻ، گهر واريءَ سان اوچتو تکو ڳالهائڻ، نڙي خشڪ ٿي وڃڻ، ان ڪيفيت جون ڀرپور علامتون آهن. ان ڪيفيت ۾ هو خواب ۾ جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو سو خود ماڻڪ جي شعور ۽ دورانديشيءَ جو ثبوت آهي، خواب ۾ هن فوجي جنتا کي ڪوٽن ۽ انهن جي راڄ سان پيدا ٿيندڙ حالتن کي پليگ سان ڀيٽيو آهي. اڳتي هلي وقت ثابت ڪيو ته ماڻڪ شعور جي اک سان مستقبل جي پردي کي چيري جيڪو ڪجهه به ڏٺو هو، سو سؤ سيڪڙو صحيح نڪتو. اهڙي نام نهاد جمهوري دور ۾ جنهن ۾ دعوائون ٿي رهيون هجن ته هاڻي ملڪ ۾ مارشلا جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. آئين کي ٽوڙيندڙ کي موت جي سزا ڏني ويندي، اتي ماڻڪ جو ڳرن بوٽن جو آواز ٻڌڻ، خاڪي ورديءَ واران ڪوٽن کي ڏسڻ ۽ پليگ ڦهلجڻ جو خطرو محسوس ڪرڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته ماڻڪ هڪ اهڙو حساس ۽ ذهين ليکڪ هئو، جنهن جي نظر سڄي سماج ۽ سياسي ڦير گهير تي هئي، جنهن وٽ ادب کي سماج ۽ سياست کان ڪٽي ڏسڻ وارو فرسوده نظريو نه هو. هن جي تکي نظر سنڌ جي آئيندي کي مصيبت ۾ گهيرجندي ڏسي ورتو هو. ماڻڪ بار بار جيڪا رت جي بوءِ سنگهي پئي، سا سندس وفات کان رڳو هڪ سال پوءِ سچي ثابت ٿي وئي. هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ماڻڪ جي حساسيت، تهذيبي ۽ انساني قدرن سان سندس محبت ۽ فوجي راڄ هيٺ انهن جي چيڀاٽجڻ جي ارمان جو هن جملي مان ڪيڏو نه ڀرپور اظهار ٿئي ٿو، ”ڪٿان انساني وستين ۾ پليگ آڻي تباهيون ڦهلائيندا آهن، وسندڙ تهذيبن کي ناس ڪندا آهن يا چڪلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن.“ يقينن اهو احساس پنهنجي چوڌاري موجود حالتن مان پيدا ٿيل ان خوف مان ڦٽي نڪري ٿو. جيڪو سچي سماج کي گهيري وٺي ٿو. ان سڄي صورتحال جي ذميواري ماڻڪ جي خيال ۾ انهن قوتن تي عائد ٿئي ٿي، جن جو جياپو ان ڳالهه تي آهي ته سندن محڪوم چاڪيءَ جي ڏاند جھڙي زندگي گذاريندا رهن ۽ سماج جي ارتقا ۽ فطرت جي نيمن سان ٽڪراءَ جھڙن لقائن جي کين ڄاڻ نه هجي، هو تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ جھڙين وڻن کان به بنهه اڻ ڄاڻ هجن. مثال طور ماڻڪ جي ڪردار جا هيٺيان جملا اوهان پنهنجي سوچ جو اظهار ڪيو ٿا، کوجنائي لکڻين ذريعي، جيڪي ايندڙ امڪانن جون واٽون صاف ڪن ٿيون. بانس واري بيٺل تلاءُ ۾ جنهن ۾ اسين ٻڏل آهيون ۽ غوطا کائي رهيا آهيون، کوجنا جا پٿر ٻڌايو ته تلاءُ جي ڌڻين کي وڻندا؟
ماڻڪ جي خيال ۾ حاڪم قوتن لاءِ سنڌي ان ڪري ناقابل قبول ۽ اڻ وڻندڙ آهن، جو اهي پنهنجي اهڃاڻ جي برقراريءَ لاءِ هٿ پير هڻن ٿا. مثبت توڙي منفي نظام توڙي قوتون پنهنجن جبلتن موجب پنهنجي بقاءَ لاءِ ضرور هٿ پير هڻن ٿيون. اصل م تاريخ جي سيوري ارتقا انهن مخالفن قوتن جي باهمي ٽڪراء جي ڪهاڻي آهي. قوتن جي بقا جي ان ويڙهه م حاڪم قوتون پنهنجي بقا لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪن ٿيون، جن ۾ سڀ کان اثرائتو طريقو نظرين ۽ فلسفن جو اهو نشو آهي. جيڪو محڪوم قومن جي رڳن ۾ ڪڏهن مذهب، ڪڏهن سياست ته ڪڏهن شاونسٽ قومي نظريئي جي نالي ۾ انجيڪٽ ڪيو ويندو آهي. ماڻڪ چواڻي ته ”ائبنارمل سماج لاءِ ته ٽرنڪولائيزرس نظرياتي نشي جيئن ڏنو وڃي ٿو.“
اهڙن معاشرن جا واڳ ڌڻي پنهنجن مفادن جي پورائيءَ لاءِ هر ممڪن طريقو استعمال ڪن ٿا. شايد تڏهن ئي ماڻڪ لکيو آهي، ته هن ملڪ ۾ ڪابه ڳالهه ناممڪن ناهي.
ڪافي وقت اڳ هڪ سياستدان جو انٽرويو ڇپيو هئو، جنهن ۾ هن هڪ ٻئي سياستدان سان ٿيل ذاتي ڪچهريءَ جي حوالي سان ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٻڌائي هئي ته هن جڏهن ٻئي سياستدان کان پڇيو ته ”آخر سنڌين جو بنيادي مسئلو ڪهڙو آهي؟“ ته هن وراڻيو ته ”بس ٽن وقتن جي ماني“ جنهن تي ان سياستدان کيس چيو ته ٽن وقتن جي ماني ته ڪُتي کي به ملي وڃي ٿي، پاڻ انسان آهيون، اسان کي ٻيو به ڪجهه گهرجي.
وچولي طبقي جي ان خود غرضيءَ ۾ پاڻ پوڄا واريءَ نفسيات جو ماڻڪ هن ناول ۾ ڏاڍو بهتر ڇيد ڪندي ڪتي ۽ پائولوف جو مثال ڏنو آهي ۽ ان کي علامتي طور کڻندي رياست کي پائولوف ۽ رعيت کي ڪتي سان وزنائتي ڀيٽ ڏني آهي ۽ اتي وچين طبقي جي نفسيات لاءِ بنهه صاف لفظن ۾ چوي ٿو. ”هڏين ۽ ڇيڇڙن جي بخشش کان سواءِ، جيڪو اسان پڙهيل ڳڙهيل مڊل ڪلاس جو سڀ کان وڏو مطالبو آهي.“
دنيا جي تاريخ گواهه آهي ته هر دور ۾ ڦورو ۽ استحصالي قوتن پنهنجي ڦرلٽ ۽ استحصال کي مختلف نظرين، فلسفن ۽ سانچن ۾ ٺهيل جملن جي بنياد تي جائز قرار پئي ڏنو آهي. اها ڦوروءَ جي نفسيات آهي، جيڪا سندس مفادن جي تحفظ جي بنيادي گهرج آهي. سنڌ جي سالن کان مال غنيمت جيان ڀيل ڪندڙ پناهگير ٽولي جي ان دعويٰ ته ”اسان قربانيون ڏئي ملڪ حاصل ڪيو هو“ جي جواب ۾ ماڻڪ جا جملا ڦورو قوتن توڙي سندن هٿ گهڙئي نظرئي جو بهترين جواب آهن. پنهنجي غرض خاطر جان جوکي ۾ وجهي ۽ ٻين جي ڦٻائڻ لاءِ ڪجهه وڃائي، پوءِ عيوض ۾ گھڻو ڪجهه حاصل ڪري، ڦٻائي سوڀارو ٿي اڀري ۽ ڦٻايل هنڌ تي پير کپائي اوچو ٿي بيهي ۽ لتاڙ شروع ڪري پوءِ چوي ته مون هيءُ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.
ماڻڪ وٽ سنڌ ۽ سنڌين جي ان حالت جا ذميوار ٻه مک فيڪٽر نظر اچن ٿا. هڪ سنڌ جو جاگيرداراڻو سماج ۽ وڏيري جي روايتي ذهنيت ۽ ٻيو لساني بنيادن تي سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهندڙ پناهگير فيڪٽر. ماڻڪ جي خيال ۾ جاگيرداريت سنڌي قوم جو اهو داخلي ناسور آهي، جنهن اسان کي چؤکنڀو ٻڌي بيوس بڻائي ڌارين جي پيرن ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. ماڻڪ جي ان سوچ جو اظهار سندس هيٺين جملن مان ٿئي ٿو.
”منهنجون ٽنگون پهرين ديسي مڪڙن کاڌيون جن جا آنا هن ڌرتيءَ ۾ ڦُٽا جيئن مان هلي نه سگهان! سڀ مڪڙ هڪ جھڙا آهن. آبادين کي ناس ڪندڙ وسنديون ناس ڪندڙ، انهن کي ڳڙڪائيندڙ، حياتيءَ جي ست کي چوسي چوسي ناس ڪندڙ.
ماڻڪ جي ذاتي زندگيءَ جي حوالي سان ممڪن آهي ته مٿين جملن ۾ سندس اشارو پنهنجن انهن دشمنن يا دوستن ڏانهن هجي، جن کيس هيسائي بيوس بڻائي زندگيءَ جي شاهراه تان موت جي اونهيءَ کاهيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيو. جڏهن ته مجموعي حوالي سان اُهي جملا سنڌ جي مفاد پرست ۽ قومي غيرت کان وانجھيل مٿين طبقي لاءِ موزون نظر اچن ٿا.
هن ناول ۾ ماڻڪ تي ٻوليءَ وارن هنگامن کان پوءِ پيدا ٿيل حالتن جو اثر ڪافي گهرو محسوس ٿئي ٿو. اهوئي ڪارڻ آهي جو ماڻڪ جي ناول ۾ سنڌ مٿان رياستي ڏاڍ کان به وڌيڪ نسل پرست پناهگيرن جي ڏاڍاين جو ذڪر ڪيل آهي. ماڻڪ جاگيرداريت ۽ جاگيردار پرستن کان پوءِ سنڌين جي برباديءَ جو ٻيو مک ذميوار فيڪٽر ان کي ئي سمجهي ٿو. ناول ۾ سنڌين جي ”ڪلچرل جينو سائيڊ“ جو خوف ڪيترن هنڌن تي صاف محسوس ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ ماڻڪ کي ان سڄي صورتحال جي پس منظر ۾ رياستي هٿ کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ گهربو هو ۽ ان سان گڏ کيس سنڌين جي اڪناميڪل جينو سائيڊ (Genocide) ۽ ان جي ذميوار عنصرن تي به لکڻ گهربو هئو. بهرحال هڪ ڳالهه ناول مان صاف محسوس ٿئي ٿي، اها آهي سنڌين جي قومي وجود جو خطري ۾ هجڻ ۽ پنهنجي ڌار سڃاڻپ وڃائي ڊي سنڌيلائيزڊ ٿي وڃڻ جو خوف، اصل ۾ ون يونٽ جي ڊگھي عرصي دوران سنڌين جي ڌار وجود جي خاتمي، ٻوليءَ وارن هنگامن ۽ ڀٽي دور ۾ سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي پابندين وارن واقعن جي نتيجي ۾ سنڌي ثقافت کي ٽين درجي واري حيثيت ملڻ سبب اهو احساس پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن ۾ نهايت پختو ٿي چڪو هئو. اهوئي سبب آهي جو ان عرصي دوران تخليق ٿيل سنڌي ادب ۾ هڪ طرف جاگيرداريت کان ڌڪار نظر اچي ٿي ته ٻئي طرف ڪلچرل جينو سائيڊ (Cultural Genocide) جو ڀؤ ۽ ان جي خلاف مزاحمت جو عنصر ملي ٿو. اهو ساڳيو ئي اثر 1980ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ لساني هنگامن يعني گذريل ڪجهه سالن جي تخليقي ادب ۾ به ڪنهن حد تائين موجود رهيو آهي. ان وچ ۾ رياستي جبر خلاف ادبي مزاحمت جو وڏو حصو 1983ع جي تحريڪ کان پوءِ مڙهيل ملي ٿو. جڏهن ته هينئر تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال جي نتيجي ۾ اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي محاذن جي ڪمزور هجڻ جو احساس هوريان هوريان لکڻين ۾ وڌيڪ ٿيڻ لڳو آهي.
هن ناول جي هڪ خوبي اها به آهي ته ماڻڪ رڳو هڪ مسئلي کي کڻي ان تي جملي بازي نه ڪئي آهي ۽ ڪهاڻيءَ کي رڳو هڪ مخصوص دائري ۾ ويهي نه ڦيرايو آهي پر سماج اندر موجود مختلف تضادن ، مسئلن ۽ مونجهارن تي پڻ ڏاڍو ڪارائتو بحث ڪيو اٿس. مثال طور ذهني دٻاءُ ۽ فرسٽريشن سبب پنهنجيءَ گهر واريءَ جي جنسي گهرج پوري نه ڪرڻ ۽ امپوٽنٽ (Impotent) ٿي وڃڻ واري احساس کان پوءِ هو سوچي ٿو. هڪ اهم سوال فرض ڪر ته مان لائق نٿو رهان ته پوءِ سندس لاءِ؟ يار؟ جيڪڏهن ڪنهن به سبب هوءَ منهنجي لائق نه هجي ته- مان چڪلي يا پرائيويٽ ڪري سگهان ٿو پر هن لاءِ چڪلو ڇو نه آهي؟ مرداڻو چڪلو. کيس چوندس ته بلو ڪري، يعني يار؛ هڪ اخلاقي سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. ماڻڪ پنهنجي ذات جي محرومين کي حوالي طور کڻي سڄي سماج جي جوڙيل انهن اخلاقي قدرن کي چئلينج ڪيو آهي. جيڪي جاگيرداريت جي پاڇي ۾ پلجن ٿا. ۽ جن جو بنياد ان ڳالهه تي هجي ٿو ته مرد پنهنجي فطري تسڪين جي پورائيءَ لاءِ هر جائز ناجائز طريقو استعمال ڪري ٿو. باقي عورت جي مٿي تان جيڪڏهن پوتي به سِرڪي ته مذهب خطري ۾ اچي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ماڻڪ جي انهيءَ سوچ کي ان بنياد تي قبول نٿو ڪري سگهجي ته سماج اندر هڪ برائيءَ کي جائز قرار ڏئي ان کي اخلاقي تحفظ ڏجي. اها خود سوچ جي انتها پسندي آهي. البته ماڻڪ جي اها ڳالهه سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي ته هڪ اخلاقي سوال پنهنجيءَ جاءِ تي موجود آهي. هونءَ به ماڻڪ جي سڄي ناول ۾ جنسي حوالي سان لکيل ڳالھيون ذھني عياشيءَ جي حوالي سان نه پر سماج اندر موجود فرسٽريشن ۽ انارڪيءَ کي وائکي ڪرڻ لاءِ لکيل آھن. جيڪي ناول ۾ اجائيو ٽنبيل يا Misfit محسوس نه ٿيون ٿين، بلڪ ماڻڪ انهن حوالن سان پنهنجي سوچ کي وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ پڙهندڙن تائين Communicate ڪري ٿو. مثال طور ناول ۾ ڪردار جو گهر واريءَ جي جنسي اڃ به اجهائي سگهڻ واري حالت ان جي ذهني فرسٽريشن ۽ خوف کي غير معمولي انداز ۾ ظاهر ڪري ٿي. جنهن ۾ حقيقت نگاريءَ جو عنصر موجود آهي ۽ ڪردار جي ڪيفيت کي اهو هڪ واقعو ڀرپور انداز ۾ سامهون آڻي ٿو ته جيڪي ماڻهو ماڻڪ جي ذاتي زندگيءَ کان واقف هوندا انهن کي هي ناول پڙهي اهو احساس ٿيندو ته ماڻڪ پنهنجي اندر جي سموري خوف، مرض، مايوسين، ذهني ۽ جنسي مونجهارن کي ان ۾ سمايو آهي. ماڻڪ جي حساسيت جي حد اها آهي ته هن کي ان امن کان به ڀؤ ٿئي ٿو. جيڪو ڏهڪاءُ جي ڪُک مان جنم وٺي ٿو. جنگ کان نفرت ڪندي امن چاهيون ٿا ۽ امن کان به نفرت. ان امن کان جيڪو ڏهڪاءُ جي ڪل ! اتي سوال نه رڳو ماڻڪ جي ذهني ڪيفيت جو آهي پر اها ڳالهه هونئن به سوچڻ لائَق آهي ته زندگيءَ جي ڪنهن به حاصلات جو ملهه ڇا آهي ۽ جيستائين امن جون سوال آهي ته اهو دشمن اڳيان هٿيار ڦٽا (Surrender) ڪرڻ سان به ملي سگهندو آهي. ٻيو امن اهڙو به ٿيندو آهي، جيئن اڄڪلهه سڄيءَ سنڌ کي وڪڻي حڪمرانن شهرن ۾ عارضي امن قائم ڪرايو آهي. ساڳيءَ طرح ماڻڪ جي ناول ۾ ٻيا به ڪيترائي جملا فڪري پهلوءَ کان ڏاڍا ڳوڙها ۽ با معنيٰ آهن، جيڪي ناول جي ڪهاڻيءَ سان ڪو سڌوسنئون تعلق نه رکڻ جي باوجود اهميت وارا آهن. خاص ڪري جنگ ۽ بنيادي انساني حقن وغيره بابت سندس رايا ناول جي ڪردار کي ٿورن ئي لفظن ۾ ڀٽائيءَ جي هن سِٽ ۾ بيان ڪري سگهجن ٿا ته ”الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.“ سيرت ۽ ساڃاهه رکڻ سبب هو پنهنجي بي وسيءَ کي وڌيڪ شدت سان محسوس ڪري ٿو. مثال طور ڪردار جا هي جملا ڪنهن حساس فرد جي بيوسيءَ جو ڪيڏو نه اثرائتو علامتي اظهار آهن، ”مان پنهنجي اکين سان ڏسان ويٺو ته مان کاڄي رهيو آهيان، منهنجو پيٽ منهنجي اڳيان مڪڙ کائن پيا. ان احساس مان گذران پيو ٿو، ته مڪڙ مونکي ٽُڪي رهيا آهن.“ ان قسم جي بي وسيءَ ۽ هيڻائيءَ جا احساس جڏهن پنهنجيءَ مخصوص انتها تي پهچن ٿا ته پوءِ مستقل مزاج جدوجهد وارو عنصر ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو، جيڪو مقابلي واري سگهه کي به نستو ڪري ڇڏي ٿو. ماڻڪ اهڙيءَ بي وسيءَ واري عالم ۾ پاڻ آجو ڪرائڻ جو ڪو چٽو گس ڏيکاري نه ٿو سگهي بلڪه شديد مونجهاري واري ڪيفيت جو شڪار بنجي وڃي ٿو. مثال طور سندس هيٺيان جملا ان رويي جو اظهار آهن. ”آءُ مڪڙن هٿان ائين بي وسيءَ سان مرڻ بدران هڪ ڀيرو ئي پاڻ کي پر اهو ناممڪن آهي، ائين پاڻ کي ماري نٿو سگهجي.“
جيڪڏهن جانور به........ پوءِ جبلي ڪمزوريءَ هيٺ ئي سهي پڄاڻيءَ واريءَ مهل تائين به پاڻ بچائڻ لاءِ، جيئري رهڻ لاءِ هٿ پير هڻي ٿو، مان ته انسان آهيان. ساڳيءَ انهيءَ پاڻ بچائڻ واري جبلي ڪمزوريءَ سان نوازيل پر اهي ڪهڙا مڪڙ آهن. جن جي واٽ لڳڻ سان منهنجي رهيل کھيل جسم ۾، اهڙو زهر اوتجي ويو آهي جيڪو جيئري رهڻ جي سڀاويڪ آس کي به ختم ڪندو پيو وڃي. لڳي پيو زنده رهڻ جي جوت جھڪي ٿيندي پئي وڃي. مان سمجهان ٿو ته هي جملا ماڻڪ جا اهي سچا پچا احساس آهن، جن ۾ ماڻڪ جو بيوس وجود صاف ليئا پائيندو نظر اچي ٿو. مٿين جملن مان اهو احساس ٿئي ٿو ته ماڻڪ وٽ زنده رهڻ جو اتساه شعوري نه پر جبلي وڃي رهيو آهي. شعوري طور زنده رهڻ جي آس ته ڪجهه وقت زنده رکي سگهي ٿي، پر نج جبلي بنيادن تي زنده رهڻ وارو مدو بنهه مختصر ته ٿي سگهي ٿو.
شڪ ناهي ته ماڻڪ جي آپگھات جي پٺيان به اهو ئي الميو هجي، ننڍي پئماني تي دوستن جي روين ۽ وڏي پئماني تي رياستي ڏهڪاءُ جي نتيجي ۾ ماڻڪ وٽ اهڙي ڪيفيت ممڪن آهي ته جنم ورتو هجي. باوجود ان جي اهو ڪردار ناول جي آخر ۾ ڪنهن حد تائين جرئتمند نظر اچي ٿو. جيڪو حالتن ڏانهن شعوري ردعمل ڏيکاري ٿو، حالتن جي منهن مقابلي ٿيندي مسئلن جي حل لاءِ مختلف واٽون به ڏسي ٿو. اها صورتحال ته رڳو ناول جي پلاٽ جي گهرج به آهي، پر ساڳئي وقت ماڻڪ جي ذات جو اهو رخ به آهي، جنهن وٽ جيئڻ جي ڀرپور تمنا هئي، جيتوڻيڪ حوالي طور مٿي ڏنل جملا ردعمل جي لحاظ کان وڌيڪ فطري محسوس ٿين ٿا. جو اهي ڪھاڻيءَ ۾ واقعاتي حوالي سان نه پر ڪردار جي ڪيفيتي حوالي سان ڏنل آهن.
ڪردار جي ذات بلڪل ”ڪڏهن من ماڪوڙي ڪڏهن ڪيهر شينهن“ جيان لڳي ٿي.
ناول جو ٻيون باب ”ٻائيتال“ سري هيٺ 1977ع وارين چونڊن جي دور تي لکيل آهي، جنهن ۾ ماڻڪ پاڪستان اندر جمھوريت جي سياسي مفھوم کي اخلاقي بنيادن تي چئلينج ڪندي، ان کي ”ٻڪريءَ کان ڪاسائيءَ جي چونڊ ڪرڻ واري حق ڏيڻ“ سان ڀيٽيو آهي. ورهاڱي کان پوءِ سياسي شعور سنڀاليندڙ نسل لاءِ ڀٽو حڪومت پھريون جمھوري تجربو هئي، جيڪا قومي جبر، بنيادي قومي ۽ انساني حقن جي پائماليءَ ۽ رياستي ادارن جي طفيلي هجڻ سبب ماڻڪ وٽ قابلِ قبول ناهي. ماڻڪ ان عوامي سوچ جو ترجمان آهي ته هن سياسي ڍانچي ۾ جمهوريت مارشل لا جي سول روپ کان سواءِ ڪجهه به ناهي. اتي اها ڳالهه واضع ٿيڻ کپي ته ماڻڪ جمهوريت کي بحيثيت سياسي نظام جي رد نه ٿو ڪري پر ملڪي سياسي پس منظر ۾ ان کي اڻ لاڀائتو سمجهي ٿو. هونءَ به سياسي نظامن کي رڳو وصف جي بنياد تي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. اصل مسئلو انهن جي عملي نقاد واري طريقيڪار جو آهي، سوشلسٽ ملڪن جي تباهيءَ جو ڪارڻ به اهوئي هئو! هتي جمهوريت اصل ۾ مارشل لا جي بڇڙي ڏائڻ جي مٿان ڪنهن خوبصورت پريءَ جي چاڙهيل ماسڪ جيان رهي آهي. ماڻڪ جي ان رويي کي سندس موت کان پوءِ ملڪ ۾ ٿيل جوڻيجو، بينظير توڙي هاڻوڪي نواز شريف وارين جمهوريتن سچو ثابت ڪيو آهي. ناول جي هن باب ۾ پهرئين باب جي ابتڙ ماڻڪ جا جملا زندگيءَ جي احساس سان ڪيئن نه ڇلڪندا محسوس ٿين ٿا. ”سنڌ ۽ سنڌي هن مھل به جيئرو جاڳندو رت جو لوٿڙو آهن، هو جيئرا آهن ۽ حياتيءَ سان پيار ڪن ٿا.“ زندگيءَ سان محبت ۽ مايوسين ۽ نامرادين سان مزاحمت جو اهڙوئي اظھار ڪردار جي گهر واريءَ سان شهر ڇڏي ڳوٺ هلڻ واري بحث مان به ٿئي ٿو. ماڻڪ ايترين سارين داخلي ڪمزورين، سنڌي سياستدانن جي منافقانه روين، وڏيرن جي ويساهه گهاتين کان ڪٿي ڪٿي نفرت ڀريءَ چڙ ۽ مايوسيءَ جو اظهار به ڪري ٿو، پر اهڙي گهڻ پاسائين خوف ۽ عدم تحفظ واري احساس هيٺ ذري گهٽ نفسياتي مريض بنجي ويل ڪردار جي اها جبرئت ذهن ۽ دل جي وچ ۾ هلندڙ ويڙهه جي علامت آهي. جنهن ۾ سندس هيسيل دل ڪٿي ڪٿي سندس ذهن کي به هيڻو ڪري ڇڏي ٿي. پر ڌرتيءَ ڌڻي هجڻ وارو احساس سندس ذهن کي مزاحمت تي اڀاري ٿو.
ماڻڪ وٽ نه رڳو بچائڻ جو احساس نظر اچي ٿو، پر ساڳئي وقت هو ان کان هو وک اڳتي وڌندي چوي ٿو؛ ”هو به اسان جي اکين ۾ آهن، ٿيڻ گهرجن. هلندڙ تاريخ جون ضرورتون ئي اهڙيون آهن. هو به اسان جي اکين ۾ ٿيڻ گهرجن.“ سندس اهي جملا جرمن شاعر بريخت جي ان شعر جي ياد ڏيارين ٿا ته ”هيءُ نظام پينگهه جيان آهي. ان ۾ مٿيان ان ڪري مٿي آهن، جو هيٺيان هيٺ آهن.“ مطلب ته توازن ۾ هڪ قوت جي ڪمزوري، ٻيءَ قوت کي مضبوط ٿيڻ ڏئي ٿي. ماڻڪ اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ”جيڪڏهن اسان کي ڳڙڪائيندڙ قوتون اسان جي اک ۾ ناهن ته پوءِ پڪ سان ايندڙ وقت ۾ اسان انهن جي چنبن ۾ هونداسين.“ هڪ ڳالهه ٿوري محسوس ٿئي ٿي ته ڪردار جي گهر واريءَ جو ڪردار ذهني ائپروچ ۽ ڪيفيتي حوالي سان ڏاڍو اڻ چٽو محسوس ٿئي ٿو. هن باب ۾ وڳوڙن شروع ٿيڻ کان اڳ هوءَ ايتري ته هيسيل ۽ ڊنل محسوس ٿئي ٿي، جو هوءَ مڙس کي دروازو کڙڪائڻ تي در تائين وڃڻ کان روڪي ٿي، جڏهن ته مذهبي جنونين جي شروع ڪيل وڳوڙن کان پوءِ هوءَ کيس ڪرفيو جي وٿيءَ ۾ کاڌي پيتي جو سامان وٺي اچڻ لاءِ چوندي بنهه نارمل ۽ بي خوف محسوس ٿئي ٿي. ساڳي طرح ان ڏهڪاءُ واري حالت ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي ڳوٺ سڙڻ ۽ هڪ ڪٽنب جي قتل ٿيڻ تي به سندس ردعمل سندس نفسياتي اعتبار کان جاندار نه ٿو لڳي. سڄي ناول دوران سندس ذهني سطح جو ڪوبه چٽو اندازو نه لڳائي سگهڻ جو ڪارڻ سندس ذهني ڪيفيتن ۽ ائپروچ جي باري ۾ ڏنل متضاد حوالا آهن. ڪٿي ڪٿي هوءَ انتهائي جرئتمند ۽ پڙهيل ڳڙهيل وچولي طبقي جي عورت محسوس ٿئي ٿي ته ڪٿي وري جملن ۽ روين مان بنهه عام ڳوٺاڻي سادي سودي عورت لڳي ٿي. جنهن جي ڪل ڪائنات سندس مڙس ۽ گهر آهي.
ساڳيءَ طرح انهن هنگامن جي حوالي سان ماڻڪ وٽ ورهاڱي کان نفرت جو احساس به ملي ٿو. کيس اهو احساس شدت سان ٿئي ٿو ته تهذيبي ۽ ثقافتي پس منظر ۾ سنڌي هندو توڙي مسلمان مذهبي ويڇن کان ڏاڍا مٿانهان هجڻ سبب انسانيت جي ان مالها ۾ پوئيل هئا. جتي سمورن تضادن جي باوجود گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۽ سنڌين جو قومي وجود خطري ۾ نه هئو. امن جي هن ڌرتيءَ تي وحشت ۽ دهشت جي اهڙي راڄ جو انديشو نه هئو.
ناول جو آخري باب ۽ ”امن امان“ جي سري هيٺ لکيل آهي، جنهن ۾ 1977ع وارين چونڊن جي ٻيهر ٿيڻ واري اعلان کان وٺي ڀُٽي جي ڦاسيءَ تائين واري دور کي ٻيھر موضوع بنايو ويو آهي. ڪردار جي خوف، هراس ۽ فرسٽريشن کي نه رڳو برقرار رکيو ويو آهي. پر ان کي اڃا به وڌيڪ شدت ڀرئي لھجي ۾ بيان ڪيو ويو آهي. بيوسيءَ جا لڳ ڀڳ ساڳيا احساس صرف سچوئيشن جي تبديليءَ سان ڏيکاريل آهن. ناول جي پڄاڻيءَ ۾ ماڻڪ جيڪي سوال پڙهندڙن اڳيان اٿاريا آهن، يا ان دور ۾ مستقبل جي حوالي سان جن انديشن ۽ وسوسن جو اظهار ڪيو آهي سي هينئر پوري شدت سان اڀري آيا آهن. مثال طور ماڻڪ جو سنڌ ڏانهن ميريءَ اک سان نهاريندڙ قوتن جي نيت بابت اها اڳ ڪٿي ڪئي ته:
“A LAND WITHOUT PEOPLE FOR THE PEOPLE WITHOUT LAND.”
سنڌ جي قومي سياست ۽ اجتماعي قومي نفسيات جي حوالي سان ماڻڪ جا هي جملا ڏاڍا اهميت وارا آهن. ”سوچ جو هيءَ نقطو آهي ته نيت سنڌي احساس جي ڀوڳيندڙ سطح کان اڀري تنظيم جي روپ ۾ ڇو ڪونه نمايان ٿي بيٺا آهن.“
سنڌ اندر ڪنهن به اداري يا جدوجهد جي منظم نه هجڻ کي ڪي ماڻهو سنڌي قوم جي ان گڏيل قومي نفسيات جو حصو سمجهن ٿا، جيڪا تاريخ جي حوالي سان اڄوڪي نسل کي ورثي طور ملي آهي، ۽ ڪن جو خيال آهي ته اها غير منظم حالت مجموعي طور غلام سماجن جي نفسيات ۽ مزاح جو حصو رهندي آئي آهي. غلام سماجن اندر ويساه گهاتين، موقعي پرستيءَ وارن لاڙن جو ڦهلاءُ موتمار وبا جيان ٿيندو آهي، جيڪا انهن جي اندروني جينياتي قوت کي نستو ڪري ڇڏي ٿي. مختلف گروهي مفادن جي ٽڪراءَ سبب اهڙن سماجن ۾ ڇڙواڳيءَ جو عنصر وڌي وڃڻ سڀاويڪ عمل آهي ۽ اهو ساڳيو اصول سنڌي سماج سان پڻ لاڳو ٿئي ٿو. ساڳيءَ طرح سنڌ جون اڪثر جدوجھدون تاريخي پسمنظر ۾ غير منظم ۽ منتشر نظر اچن ٿيون. شايد سنڌ جي شڪست مان ڀريل تاريخ جو ڪارڻ به اهوئي هجي. هڪ ٻئي ڳالهه جيڪا محسوس ٿئي ٿي، اها آهي ماڻڪ جي راءِ ته ڏاڍاين کي منهن ڏيڻ جي اڪيلي واٽ جوابي طاقت آهي. ماڻڪ تنظيم کان وڌيڪ ايڪشن تي زور ڏيندي نظر اچي ٿو. ماڻڪ جي خيال ۾ حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ طاقت جي توازن جي اڻ هوند محڪوم جي محڪوميءَ جو بنيادي ڪارڻ آهي. پر هڪ اٽل حقيقت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته دنيا جي تاريخ ۾ ڪڏهن به غلام قومون حاڪم قومن کان وڌيڪ منظم ۽ مظبوط ناهن رهيون، ان ڪري غلامن جون اڪثر سوڀون طاقت جي توازن جي حق ۾ نه هجڻ کان پوءِ ڏاهپ جو توازن پنهنجي حق ۾ ڪرڻ سان ٿيون آهن. ٿورن لفظن ۾ ائين ڪري چئجي ته حالتن جي مقابلي لاءِ طاقت ۽ ڏاهپ جو گڏيل توازن حق ۾ ڪرڻ ضروري آهي، ٻنھي مان ڪنهن به هڪ کي مسئلي جو حل سمجهڻ درست ناهي، (شايد شديد بيوسيءَ واري ردعمل ۾ اها سوچ پيدا ٿي هجي)
بهرحال مجموعي طور تي هي ناول پنهنجي دور جي سچاين جو بيباڪ عڪاس آهي ۽ وچولي طبقي جي هڪ فرد ۽ ليکڪ جي خيالن ۽ احساسن جو مجموعو آهي، جنهن وٽ وقت ۽ حالتن مان پيدا ٿيل هراس ۽ مايوسيءَ سان گڏ ڪجهه ڪرڻ وارو اتساهه به آهي. هي ناول نه رڳو ماڻڪ جي ذاتي احساسن ۽ جذبن جو عڪاس آهي پر ساڳي وقت سنڌ جي تاريخ جي هڪ دور جو داستان پڻ آهي.


(ماهوار ساڃاهه، شمارو 41، 1992ع تان کنيل)