ماهـراڻه راءِ
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته هن شاهه جي ڪلام جو گهرو مطالعو ڪيو آهي. هن نه صرف پڙهيو آهي پر پروڙيو به آهي. ڊاڪٽر پروين لطيف کي ايترو ته پڙهيو آهي جو سندس هن ڪتاب ۾ اڪثر هنڌن تي شاهه واري ٻولي نظر اچي ٿي.
ڊاڪٽر پروين پنهنجي ڪتاب جي هر مضمون جو عنوان شاهه جي بيت جي مڪمل مصرع يا اڌ مصرع تان کنيو آهي. سندس ڪتاب جي پهرين مضمون جو عنوان آهي “ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جي”، هن مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحبه الله جي وحدانيت شاهه جي شعرن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪئي آهي. هُن سُر ڪلياڻ مان اهي بيت ڏنا آهن، جن ۾ وحدت جي وائي آهي.
ٻئي مضمون جو تعلق رسالت سان آهي، جنهن جو عنوان آهي “جنهن هادي ميڙيم ههڙو” ان مضمون ۾ شاهه جي شعرن جي روشنيءَ ۾ رسول ڪريم صلي الله عليه وآلهِ وسلم جي صفت ۽ ساراهه بيان ڪئي وئي آهي. شروع ۾ سُر بلاول جو هي بيت ڏنو ويو آهي؛
جکري جهڙو جوان، ڏسان ڪونه ڏيهَه ۾،
مُهڙ مڙني مُرسلين، سرسُ سندس شانُ،
ايءَ آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙو.
ان بيت ۾ نبي سڳوري جي ساراهه بيان ڪئي وئي آهي.
ٽئين مضمون جو عنوان آهي “سُورهيه مرين سوڀَ کي” هن مضمون ۾ سُر ڪيڏارو جي روشنيءَ ۾ امام عالي مقام حُسين عليه السلام ۽ سندن ساٿين جي سُورهيائي ۽ قرباني شاهه جي بيتن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪئي وئي آهي.
چوٿين مضمون جو عنوان آهي “سڀيئي سُبحان جي ڪر حوالي ڪم”. ڊاڪٽر پروين هن مضمون ۾ لکيو آهي ته؛ “شاهه صاحب وٽ ويسلو ٿي وهڻ عيب هو. انهيءَ ڪري هن محنت، جدوجهد ۽ ڪوشش کي همٿايو آهي، پر انهيءَ سان گڏوگڏ مايوسي ۽ نا اُميديءَ کان بچاءَ لاءِ توڪل کي ترهو ڄاڻايو آهي”.
پنجين مضمون جو عنوان آهي “هوندا سي حيات”، هن مضمون ۾ ڊاڪٽر پروين لکيو آهي ته “حقيقت ۾ حياتي اها زنده جاويد آهي، جيڪا ٻين لاءِ آفتاب ۽ روشنيءَ مثل پيغام هجي. جنهن جي مهانتا مڃي وڃي، جنهن ۾ اسين روئندا اچون ۽ کلندا وڃون، جنهن ۾ اسين اهڙا ڪم ڪريون جو بقول غالب “صبحاڻي اسان جي مٽيءَ مان گلاب جا گل ڦُٽي نڪرن” ۽ اهو صرف تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن زندگيون سگهارن مقصدن تحت گهاريون وڃن.”
ڇهين مضمون جو عنوان آهي “چڱا ڪن چڱايون” انهيءَ عنوان هيٺ هي بيت ڏنو ويو آهي.
چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون مَٺن،
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
انهيءَ مضمون ۾ لکيو اٿن ته، “حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مٿيون بيت انساني ڪردارنگاريءَ کي ٻن سِٽن ۾ تمام اونهائيءَ سان بيان ڪري ٿو. شاهه سائين جو سڄو ڪلام انساني زندگيءَ جو مڪمل اڀياس آهي. سندن مطابق چڱا گُڻ/ سُٺا اخلاق هڪ وڻندڙ عمل ۽ اهڙو واپار آهي، جيڪو نه پئي پراڻو ٿئي ۽ نه ئي کپائڻ سان کٽي ٿو. چڱايون خاص ڪنهن جي ميراث نه آهن، پر انهن کي جيڪو پنهنجو ڪندو، سو پنهنجي حيثيت وِت ۽ ماحول آهر نه فقط پاڻ مستفيض ٿيندو، پر ٻيا به پيا هن سُرهاڻ سان واسبا.”
ان کان پوءِ واري مضمون جو عنوان آهي “جي ڀانيين جوڳي ٿيان”، هن مضمون ۾ ڊاڪٽر پروين ٻڌايو آهي ته شاهه صاحب هن بيت ۾ مثالي انسان جو ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحبه لکيو آهي ته “شاهه لطيف اهڙي آدرشي انسان کي پسند ڪندڙ آهي، جو ڪڙي ۽ قاتل جو هيراڪ آهي، جو جَرَ تي ڦوٽي جيان اُڀري ختم ٿيندڙ نه، پر حيات جاودان ماڻيندڙ ۽ حياتيءَ جي اسرار کي سمجهندڙ آهي. هُو اجتماعي مقصدن کي اهميت ڏيندڙ سماج جي ڀليءَ اوسر لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان ذات جي ترقيءَ ۽ ڪاميابيءَ جي خوشخبري ڏيندڙ، حق جي ڳولها ڪندڙ آهي. اهڙا سنياسي خوديءَ کان خالي، منافقت کان پاڪ، لاهوتي لعل ۽ محبتي مڻيادار ملڻ هر دور ۾ ملڻ محال رهيا آهن، پر رب پاڪ پنهنجن پيارن ٻانهن مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيو آهي. هُن وقت به وقت اهڙا اڻ املهه موتي هن ڌرتيءَ تي موڪليا آهن، جن کي موتَ مات نه ڏني آهي. ساڳئي مضمون جي آخر ۾ لکيو اٿن ته؛ شاهه صاحب جي شاعري سنڌي سماج جي هر دور جي اهم ترين ضرورت آهي. انهيءَ کي پڙهڻ، پروڙڻ، وڌائڻ ۽ ويجهائڻ سان ئي اسان مثالي انسانن جو معاشرو ٺاهي سگهنداسين.
ان کان پوءِ “نائي نيڻ نِهار” واري مضمون ۾ تصوف جي اُپٽار ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر پروين لکي ٿي ته، “شاهه لطيف جو نالو سنڌ جي هڪ اهم صوفي شاعر جي حيثيت سان هنڌين ماڳين مشهور آهي، سندس دور ۾ نفس جي پاڪائيءَ لاءِ هلندڙ صوفي سلسلن ۾ سهروردي، قادري، نقش بندي ۽ چشتي مشهور سلسلا هئا. پاڻ قادري طريقي جي بزرگن مان هو، جن وٽ اندر جي پاڪائي ۽ روحاني پاڪيزگيءَ جو ذريعو سماع هيو. هن وحدت الوجود جي نظريي کي پسند ڪندي مذهبي ڪٽرپڻي کي سخت ننديو. وٽس هندو ۽ مسلمان ۾ ڪوبه ويڇو ڪونه هو. سندس درس انسانيت لاءِ ۽ ڪُل خلق لاءِ هو. پاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ نيڪ خواهشن ۽ خاص خوبين جي پرچار ڪئي اٿن”.
هڪ مضمون جو عنوان آهي “الا جُنگ جيين” ڊاڪٽر پروين مُنڍَ ۾ اهو مڪمل بيت ڏنو آهي، جو هن ريت آهي.
الا جُنگ جيين، جنين اجهي گهاريان،
شال مَ سُڪي ويئڙي، جئان پي پين،
مرڪڻ اکڙين، تو ڏٺي مون سُک ٿئي.
ڀيڻ پروين صاحبه هن بيت جي تمام سهڻي شرح ڪئي آهي. هن شاهه لطيف جا ڪُجهه ٻيا بيت ۽ هڪ تاريخي واقعو بيان ڪري پنهنجي مضمون کي مدلل بڻايو آهي.
ادي پروين پنهنجي هڪ ٻئي مضمون “سڙيا مٿي سچ”، ۾ سُر يمن ڪلياڻ جي هڪ بيت جي تشريح ڪندي شاهه جي ڪلام جون خاص خوبيون بيان ڪندي لکيو آهي ته، “هُن (شاهه) سنڌي سماج جي اڳيان، سندن ئي ٻوليءَ ۾، عوامي لهجي ۾، لوڪ داستانن جي تمثيلن ۾، ثقافت ۽ تهذيب جي بيان ۾ سماج جي پيڙهيل ڪمزور ۽ هيڻن ڪردارن جي زبان ۾ سچ ۽ سندرتا جا سبق ڏنا آهن”.
ڊاڪٽر پروين صاحبه جي ڪتاب ۾ ٻيا به مضمون آهن، هتي رُڳو نموني طور ڪن مضمونن تي روشني وڌي وئي آهي. اهي مضمون شاهه لطيف جي ڪنهن نه ڪنهن بيت جي شرح آهن. ڀيڻ پروين هر بيت جي سهڻي شرح ڪئي آهي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته کين شاهه جي ڪلام جي سُٺي ڄاڻ آهي. هن شاهه کي گهڻو پڙهيو آهي ۽ وڏي غور ۽ خوض سان پرهيو آهي جنهن جي شاهدي هي ڪتاب آهي.
ڊاڪٽر نواز علي شوق
ڪراچي، 20 ڊسمبر 2016ع