مهاڳ: اُن جي عبداللطيف چئي، مِٽيءَ لڌو مانُ
اِهي سِٽون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ڪتاب “عالمَ سڀ آباد ڪرين” جي هڪ مضمون ”نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو” جون آخري سِٽون آهن، اِهي سٽون ڄڻ هن ڪتاب ۾ آيل مختلف عنوانن سان مضمونن جو ست سار آهن. يا اهي مضمون انهن سِٽن جو وستار آهن. انهن سِٽن ۾ ڊاڪٽرميمڻ، جهڙوڪر ڪوزي ۾ درياهه بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن اهو بلڪل صحيح چيو آهي ته رسالي جو پيغام آفاقي آهي. نه ڪي ڪنهن خاص طبقي ۽ مذهب لاءِ بلڪه پوري انسان ذات لاءِ آهي. ان ڪري ئي ڊاڪٽر ميمڻ “شاهه جو رسالو” جي آفاقي پيغام کي “پڙهڻ ۽ پروڙڻ” جي ڳالهه ٿي ڪري، پڙهڻ کان پوءِ نه پر اُن سان گڏوگڏ ڪڙهڻ به آهي.
پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوهه چڙهن، جئن ورق ورائين وترا.
(يمن ڪلياڻ 3)
اسان وٽ حالت اها آهي ته بنا پڙهڻ جي شاهه سائين لاءِ ڏُکيو هجڻ ۽ نه سمجهڻ ۾ اچڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي. اها صورتحال وڌيڪ ڳنڀير تڏهن ٿي وڃي ٿي جڏهن اهڙي ڳالهه اديب ۽ خاص طور تي شاعر ڪن ٿا! سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيل يا رسالن جا ايڊيٽر ڪن ٿا! “مون چيومانس”، “کيس کي”، “سندس جو”، “کانئس کان”، جهڙيون غلطيون ته ڏسڻا وائسڻا ليکڪ ڪن ٿا. جڏهن ته چيومانس؛ جي معنيٰ آهي چيو مون هن کي، کيس معنيٰ آهي هن کي ۽ کانئس جي معنيٰ آهي هن کان. سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين جو مکيه پڌ آهي ۽ لاکيڻي لطيف جي ڪلام جو ان ڏس ۾ اڀياس ڏاڍو دلچسپ آهي.
(1) آيل! امڻ تي جيان، لا! جي سارينم سپرين (سهڻي 7، الف ب وار ڏسڻي ص 347) (سارينم مون کي سارين)
(2) ڪنديس! هاڻي، ماروءَ پاس ملير ۾. (مارئي 3، ساڳيو، ص 178) (ڪنديس. آءُ ڪندي)
(3) لڳم! ٻاڻ ٻروچ جو، امڙ! پل مَ مون (حُسيني 6، ساڳيو ص 168 (لڳم- مون کي لڳو)
پاڙي ويڄَ هُئام تان مون مُور نه پڇئا
تيلاهين پئام موريسر اکين ۾ (شاهواڻي، سُر يمن ڪلياڻ ص 99)
هئام - مون کي هئا
پئام - مِون کي پئا
سنڌي ٻوليءَ جا اهي ڳُڻ سُڳڻ، سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ لازوال دستاويز ۾ درج آهن، جنهن کي “شاهه جو رسالو” جي نالي سان ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. ان ڪارڻ ئي علامه آءِ آءِ قاضيءَ اهو چيو ته “سنڌي ٻوليءَ کي ان ڪري به بچائڻ ضروري آهي ته شاهه لطيف جو ڪلام سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي”. ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ کي ان ڪري به ٿو بچائڻ گهري جو ان پنهنجو ست سيل هيل تائين بچائي رکيو آهي ۽ اهي نشانيون يا اهي اهڃاڻ جيڪي ٻين ٻولين مان الوپ ٿي چُڪا آهن. سنڌي ٻوليءَ پاڻ وٽ محفوظ رکيا آهن. ساڳئي وقت سنڌي ٻولي، مختلف ٻولين جي وچ ۾، ڳانڍاپي جو واحد وسيلو آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي اهم تصنيف “سنڌي ٻوليءَ جو گرامر” ۾ جڏهن به ڪنهن لفظ جي معنيٰ يا واهپي جي سند ٿو ڏي ته شاهه سائينءَ جي ڪلام مان ٿو ڏئي. ان مان ثابت آهي ته شاهه سائين پاڻ به لفظ جي اُچار، معنيٰ ۽ واهپي جي وڏي ۾ وڏي سَندَ آهي؛
ڪُهه ٿو ڪاڳر ڪوريين ويٺو وڃيائين مَسُ،
ڏُور تِئان ئي ڏس، اَکَر جِئائين جُڙيا!
اکر، جيڪي لفظ ٺاهين ٿا، لفظ جيڪي ٻولي جوڙين ٿا، انهن اکرن جي ماهيت ڇا آهي؟ شاهه سائينءَ اکر جو، اُچار جو، لفظ جو، ان جي واهپي ۽ معنيٰ جو وڏو پارکو آهي اهو ان ڪري به آهي ته ٻولي سندس خمير ۾ آهي. جيڪڏهن ٻولي ڪنهن شاعر جي ضمير ۾ ناهي ته پوءِ هو مون کي ڏينم ڇڏي جهڙيون لفظي ترڪيبون گهڙي ٿو. جڏهن ته ڏينم ڇڏي جي معنيٰ ئي آهي “مون کي ڇڏي ڏي” ته پوءِ “مون کي ڏينم ڇڏي” ڇو؟ اچرج اهو آهي ته شاعر کي ان غلطيءَ بابت ڪڏهن به نه چيو ويو. جتي ايف بي سهنج پيدا ڪيا آهن اُتي اهنج به پيدا ڪيا آهن. عجلت کي اجلت واري شعر تي به واهه واهه، سهڻو، شاندار ۽ الاءِ ڇا ڇا لکيو ٿو وڃي. ڪنهن کي به .... جڏهن چئجي ٿو ته اصل اصطلاح ۽ اصل لفظ هي آهي ته اهو سچ به مچ ٿي لڳي ٿو ۽ ٿورائتي ٿيڻ بدران ماڻهو ذاتيات تي لهي ٿا اچن، اهڙن لاءِ ئي شاهه سائين هيءَ سِٽ چئي آهي.
پاند ۾ پائي ويو، ڪين وارو ڪينڪي!
پر ساڳئي وقت ڪجهه دوست ايف بي تي شاهه سائين جا بيت معنيٰ سميت شيئر به ڪن ٿا ۽ اهو عمل هن انڌ اونداهي دور ۾ روشن ڪرڻي وانگر آهي. ويجهڙائيءَ ۾ ياسر قاضي (جيڪو پاڻ به شاعر آهي ۽ قاضي مقصود گل جو پُٽ آهي) ان “حاميءَ” جي هڪ مطلع ڏني؛
سِر يار جي قدمن تان فدا ٿيو ته بجا ٿيو،
هي قرض محبت جو ادا ٿيو ته بجا ٿيو.
ان تي مون لکيو ته؛ “ياسر اصل ۾ اها فارسي مطلع آهي، جيڪا شاهه عنايت شهيد سان منسوب آهي. شاهه سائين ان جي مصرع اوليٰ تضمين ڪئي آهي؛ سِر دم قدمِ يار فدا شد چه بجاشد، وصل اهوئي ونگ”
فارسي مطلع هيئن آهي؛
سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،
اين بار گران بُود ادا شد چه بجا شد.”
چون ٿا ته اها مطلع شاهه عنايت پنهنجي شهادت مهل چئي هُئي، شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ فارسي لفظ ڪتب آندا آهن، پر اها واحد عروضي مصرع آهي، جيڪا شاهه سائينءَ تضمين ڪئي آهي، حاميءَ جي مطلع سڌو سنئون فارسي مطلع جو ترجمو آهي ۽ هُن کي اهڙو حوالو ڏيڻ کپندو هو.!
“امسا” ۾ هر مهيني “لطيفي لات” پروگرام ٿيندو هو. (هاڻي الائي ٿئي ٿو يا نه!) جنهن ۾ شاگردن/ شاگردياڻين کان شاهه سائينءَ جا بيت پڙهايا ويندا هئا. بيتن جي تلفظ ۽ ادائگيءَ تي پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر ڏنو ويندو هو ۽ ان ۾ “شاهه جو رسالو” انهن کي ڏنو ويندو هو. اچرج ۽ خوشي ان تي به ٿيندي هُئي ته انعام حاصل ڪندڙن ۾ گهڻائي اردو ڳالهائيندڙن جي هوندي هُئي. SZABIST جي “سنڌ شناسي” فنڪشن ۾ هڪ شاگردياڻي ڪمپئرنگ ڪندي شاهه سائينءَ جا بيت پڙهيا هئا، جيڪي مجموعي طور هن صحيح پڙهيا هئا. وحيده مهيسر به هڪ فنڪشن ۾ شاهه سائينءَ جا بيت صحيح پڙهيا هئا ۽ مون سندس ساراهه به ڪئي هُئي ۽ کانئس آٽوگراف به ورتو هو. جنهن ۾ هن شاهه سائينءَ جو هي بيت لکيو هو؛
الله جنءَ نالوءِ، تنءَ مون وڏو آسرو،
خالق تنهنجي کاند جو، پروپاند نه ڪوءِ،
نالو رب سندوءِ، رهيو آهم روح ۾.
هُن بيت لکيو به صحيح هو، ان مان لڳو ته هُن شاهه سائين کي پڙهيو به هو ته ڪڙهيو به هو! ٻئي پاسي وري اهڙا به سائينءَ سنواريا آهن، جيڪي ڪمپيئرنگ ڪندي پنهنجا ۽ پنهنجي دوستن يارن جا ڊگها ڊگها ساڳيا ساڳيا نظم اسان جي مٿي ۾ هڻندا آهن.!
ون يونٽ کان پهرين ۽ ڪجهه عرصو پوءِ شاهه سائينءَ جي ميلي کان پوءِ سڄي سنڌ جي ڪاليجن ۾ “لطيف ڏهاڙو” ملهايو ويندو هو. پر پوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو ۽ جڏهن سرڪار سڳوريءَ درگاهن تي قبضا ڪيا، تڏهن سڄي آڳ واڳ ڪامورن جي هٿ ۾ اچي وئي. نتيجو اهو نِڪتو ته لطيف جي پِڙَ ۾؛ “ايڏو نه ٿي جذباتي، ڦاٽي نه پَوَئي ڇاتي” جهڙا ڪلام به ڳايا ويا. سو، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ان ڏس ۾ اها ڳڻتي گهڻي ڀاڱي صحيح آهي ته؛ “سنڌ ۾ ڪجهه ڏهاڪا اڳ سڀ کان گهڻو پڙهجندڙ ڪتاب “شاهه جو رسالو” شمار ٿيندو هو، پر هلندڙ وقت ۾ جڏهن اسان نظر ڊوڙايون ٿا ته لطيفي فن جو فروغ نوجوان نسل ۾ گهٽ ڏسڻ اچي ٿو”. (پنهنجي پاران ص 2)
ان صورتحال جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ ڊاڪٽر ميمڻ ان ڏس ۾ لکي ٿي؛ “انهيءَ جو سبب نوجوانن جي هن فن سان شناسائي گهٽ هئڻ آهي ته انهيءَ گهٽ شناسائيءَ جا ڪارڻ ججها آهن جن مان هر هڪ تي الڳ الڳ بحث ٿيڻ گهرجي ۽ ان مسئلي جو اُپاءَ به ڪجي. (ساڳيو ص)
سڀ کان وڏو ڪارڻ ته اسان جو تعليمي سرشتو آهي. سنڌ جي تعليمي سرشتي کي ورهاڱي کان پوءِ ۽ خاص ڪري ون يونٽ کان پوءِ هاسيڪاري تباهه ڪيو ويو! سنڌي ٻوليءَ جو اهو Status به بحال نه ٿي سگهيو آهي. جيڪو ورهاڱي کان اڳي ان کي حاصل هو! حالت اتي وڃي بيٺي آهي ته سنڌ جو وڏو وزير سچل سرمست جي عرس تي به سنڌيءَ ۾ تقرير نٿو ڪري؟ سلام آهي ٻوڏ جي ڏُتڙيل ان سنڌي مائيءَ کي جيڪا دنيا جي چينلز اڳيان به پنهنجو ڏُک سنڌيءَ ۾ روئي ٿي؛
پِٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳَلَ سندن.
مون کي ياد آهي ته ريڊيو حيدرآباد تي غلام حُسين شيخ، عابده پروين جي آواز ۾ شاهه سائينءَ جي وائي؛
“جيئري زيارت، جي مان هوءِ پرين سين”
رڪارڊ ڪئي هئي. جنهن ۾ پهريون ڀيرو گٽار ڪتب آندو ويو هو. ڊاڪٽر الياس عشقيءَ آغا سليم ۽ مون کي غلام حُسين شيخ اسٽوڊيو ۾ ان جي رڪارڊنگ ٻڌرائڻ لاءِ وٺي ويو. رڪارڊنگ ٻُڌي اسين آغا سليم جي آفيس ۾ اچي ويٺاسين. اها وائي، ان کان اڳ به حُميرا چنا جي ماءُ لڪي ناز جي آواز ۾ غلام حُسين شيخ ئي رڪارڊ ڪري چُڪو هو، پر گِٽار جو تجربو پهريون ڀيرو ڪيو ويو هو. آغا سليم ۽ مون ان تجربي کي ساراهيو، جڏهن ته ڊاڪٽر الياس عشقيءَ ان تي سخت اعتراض واريو، سندس بنيادي نڪتو اهو هو ته ان سان “شاهه سائينءَ جو تقدس مجروح ٿو ٿئي” مون ان تي ساڻس بحث به ڪيو هو ته دنبوري کان، شاهه سائينءَ جو ڪلام يڪتاري، چپڙين ۽ گهڙي تي، پوءِ هارمونيم ۽ بينجو تي به ڳايو ويو ۽ پوءِ گٽار، پيانو وغيره تي ڇو نه ڳائجي؟ پر ڊاڪٽر الياس عشقيءَ پنهنجي ڳالهه تان تِر به نه چُريو. عشقيءَ جي ڳالهه مون کي تڏهن سمجهه ۾ آئي جڏهن علڻ فقير کي ويهاري شاهه سائينءَ جي تصوير ڪڍي وئي. يا مٿي اُگهاڙو مجسمو ٺاهيو ويو جيڪي هاڻي عام رواج ۾ آهن. يا جڏهن لطيف جي پِڙ ۾ “ايڏو نه ٿي جذباتي، ڦاٽي نه پوئي ڇاتي” جهڙا ڪلام ڳايا ويا.!
ان ريت ٽر / “ٽ” ۽ “ڊر” / “ڊ” وارو مسئلو آهي. جڏهن ته شاهه سائينءَ جو بنيادي لهجو لاڙي آهي. هڪ بيت، جنهن ۾ “ٻيو/ٽيو/پيو، قافيا آهن. ان ۾ به “ٽيو” کي “ٽِريو” ڪيو ويو آهي. ڪجهه بيت به خارج ڪيا ويا آهن. جن لاءِ جواز انتهائي بي جواز ڏنو ويو آهي. جَس هُجي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گُربخشاڻيءَ کي، جنهن سخت مخالفت جي باوجود “سُر ڪيڏارو” قائم رکيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو، گُربخشاڻيءَ جو سهيڙيل “شاهه جو رسالو” جو چوٿون جلد سندس لاڏاڻي کان پوءِ گم ڪيو ويو! جنهن لاءِ ڊاڪٽر گُربخشاڻيءَ پاڻ لکيو آهي ته؛ “اميد ته باقي رهيل چوٿون جلد به ستت ئي ڇپائي پڌرو ڪيو ويندو.” (شاهه جو رسالو مُنڍ (جلد ٽيون) ص 14)
جَس هُجي ڊاڪٽر سورلي کي جنهن “Shah of Bhit” جهڙو اهم ڪتاب لکيو، نه ته ڪِن ڌُرين کي “شاهه” کي “شاهه” سڏڻ کان به ٻرو ٿو چڙهي. اهو ته طيءِ ته شاهه سائينءَ جي ڪلام جي پرک اسين پنهنجي سطح تي ڪريون ٿا. ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هي ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” لطيف شناسي مضمونن جو مجموعو، به هن جي پيار جو پورهيو آهي. ان ۾ هُن جيڪي عنوان رکيا آهن اهي انتهائي وسيع آهن جن کي ڊاڪٽر ميمڻ نڀائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي. مون کي اُميد آهي ته هاڻوڪي صورتحال ۾ هي پيار جو پورهيو ضرور اگهامندو.
پروين ڳالهيون ته گهڻيون آهن، پر وقت ٿورو آهي. تُنهنجي محنت صاب پئي، اهائي منهنجي دعا به آهي، اها لطيفي لغار تنهنجي اندر ۾ وڄندي رهي. مونکي اهڙي اُميد آهي.
“محبت پائي مَنَ ۾، رنڍا روڙيا جِنِ،
تَنِ جو صَرافن، اڻتوريو اَگهائيو.”
شاهه جو رسالو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌيڪا، ص 137)
امداد حُسيني