نائي نيڻ نِهار، تو ۾ ديرو دوستَ جو
لِڪو ڪِينَ، لطيفُ چي، ٻاروچو ٻئي پار،
ٿيءُ ستي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
نائي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوست جو.
(سسئي آبري، 3-11)
شاهه لطيف جو نالو سنڌ جي هڪ اهم صوفي شاعر جي حيثيت سان هنڌين ماڳين مشهور آهي. سندس دؤر ۾ نفس جي پاڪائيءَ لاءِ هلندڙ صوفي سلسلن ۾ سهروردي، قادري، نقش بندي ۽ چشتي مشهور سلسلا هئا. پاڻ قادري طريقي جي بزرگن مان هو جن وٽ اندر جي پاڪائيءَ ۽ روحاني پاڪيزگيءَ جو ذريعو سماع هيو. هن وحدت الوجود جي نظريي کي پسند ڪندي مذهبي ڪٽرپڻي کي سخت ننديو. وٽس هندو ۽ مسلمان ۾ ڪوبه ويڇو ڪونه هو. سندس درس انسانيت لاءِ ۽ ڪل خلق لاءِ هو. پاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ نيڪ خواهشن ۽ خاص خوبين جي پرچار ڪئي اٿن، سندس صوفياڻي شاعري منزل تي پهچڻ جو سڏ آهي.
جيڪڏهن لطيفي بيتن تي غور ڪبو، ته معلوم ٿيندو ته ڀٽ ڌڻي سڀ کان پهرين اندر اجارڻ تي زور ٿو ڏئي ۽ گڏوگڏ اهائي ٿو هدايت ڪري ته محبوب توکان پري نه آهي، فقط پنهنجي پاڻ کي سندس راهه تي ثابت قدم رک ته هو توکي وصل جو پيالو پياري. سندن موجب ته جيڪي هڪ ئي واحد ڌڻيءَ لاءِ رات ڏينهن هڪ ٿا ڪن هِت هُت پرين کي نٿا ڳولهين. بلڪه اهو ٿا ڄاڻن ته پوريءَ ڪائنات جو وجود ۽ سندن پنهنجو وجود ڌڻيءَ سڳوري جو مظهر آهي هُو ٻاروچو ٻي پار ڪٿي لڪل نه آهي، بلڪه دوست جو ديرو ته سندن اندر موجود آهي، اهو غور ڪندا، تڏهن ئي کين راهه سُجهندي، قران پاڪ ۾ آهي ته “ونحن اقرب اليه من حبل الوريد” (ترجمو) ۽ پوءِ “اسان توکي ساهه جي رڳن کان به ويجها آهيون”. شاهه لطيف پڻ اها ئي وائي وات آندي آهي. هو دنيا جي عظيم مفڪرن مان هو، هن حياتيءَ جي نظام تي، ڪائنات تي، زمين ۽ آسمان تي وڏو غور ڪيو ۽ پوريءَ دنيا کي انهيءَ جي اصل رنگ سان پرکيو. اهو تفڪر ۽ تدبر سان سمجهيائين ۽ اسان کي سمجهايائين ته، زندگي ڇا آهي؟ موت ڇا آهي؟ انسان جي حقيقت ڇا آهي؟ سندس هن دنيا ۾ ڪهڙو مقام آهي؟ کيس ڪيئن حياتي گهارڻ گهرجي؟ انهن ۽ ٻين ڪيترن اهڙن سوالن تي هن سنڌ جي ڏاهي غور ۽ فڪر ڪيو، انهيءَ کان پوءِ اسان کي ٻڌايو ته محبوب پري ناهي فقط ۽ فقط انسان کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي کيس لهڻو آهي. جڏهن هو ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي ته پوءِ پري ڇا لاءِ وڃجي؟
تصوف شاهه لطيف جي شاعريءَ جو خزانو آهي. جنهن موجب هن عمل تي زور ڀريو آهي ۽ اندر اُجارڻ تي آماده ڪيو آهي. سندس نظر ۾ محبوب جو جلوو پسڻ ئي وحدت جو اعليٰ مقام آهي.
“جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون”
تصوف جو موضوع تمام وسيع موضوع آهي، پر مختصراً اهو چونداسين ته تصوف معنيٰ قلب ۾ هڪ نئين قسم جي روحاني تڙپ، صوفين وٽ ڪائنات “عالم اڪبر” آهي ۽ انسان “عالم اصغر” ۽ ڪائنات ۾ جيڪي ڪجهه موجود آهي، تنهن جو اختصار خود انسان ۾ موجود آهي. انسان پنهنجي الاهي اصل کي سڃاڻي حق ۾ حل ٿي سگهي ٿو ۽ جڏهن هو انهيءَ منزل تي پهچي ٿو، تڏهن کيس هر صورت مان حق ئي حق پسبو آهي. ٻين لفظن ۾ هڪ مشهور حديث موجب ته “جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو”. شاهه لطيف انهيءَ کي هن ريت ٿو بيان ڪري:
پُنهوُن ٿِيس پاڻيهي، وِيو سَسئيءَ جو سِينگارُ،
مَنُ عَرَفَ نَفسَهَ فَـقَد عَرَفَ رَبهُ، اِهو ئي اُچار،
جو وِندرَ ۾ واپارُ، سو سودو سَرِيس هِتهَيِن.
(سسئي آبري، 5-5)
“سچو صوفي اهو آهي جو ڪدر (ميراڻ) کي ڇڏي ڏئي” صفا جي معنيٰ ئي آهي روشن ۽ ظاهر. مٿي اڳ ۾ ئي ڄاڻايو اٿم ته تصوف هڪ وسيع مطلب وارو موضوع آهي “حقيقي تصوف مذهب جو روح، اخلاق جي جان ۽ ايمان جو ڪمال آهي ۽ جنهن جو بنياد شريعت آهي” صوفياڻو تصور هر مذهب جو حصو رهيو آهي. اسلامي تصوف جي شروعات رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي زندگيءَ جو نمونو شمار ٿئي ٿي. سندن حياتي تزڪيه تفس ۽ تصفيه قلب جو اعليٰ مثال رهي. ان کان پوءِ چار ئي خليفا جنهن ۾ خاص طور حضرت علي رضه ته تصوف جا سرچشما هئا. هو نفس سان جهاد ڪندڙ هئا. کانئن پوءِ “عشره مبشره” ۽ پوءِ “اصحاب صفه” (اصحاب صفه چبوتري، صفه جي ويجهو ويهڻ وارا اصحاب جيڪي تمام گهڻا عبادت گذار هئا) مٿيون دور تصوف جو پهريون دور آهي ۽ ٻيو دور تابعين جو يعني 34 هجريءَ کان شمار ٿئي ٿو. جنهن ۾ ٻه اهم هستيون حضرت اويس قرني ۽ حضرت حسن بصري رحه اچن ٿا ۽ ٽيون دؤر تبع تابعين 151هه کان 350هه تائين صوفي ابو هاشم بي بي رابعه بصري، حضرت ذالنون مصري، بايزيد، بسطامي، جنيد بغدادي، داتا گنج بخش، حسين بن منصور حلاج، حضرت ابوبڪر شبلي اچي وڃن ٿا. متاخرين جي دور ۾ شيخ علي بن عثمان حلاجي، حضرت امام غزالي، شيخ محي الدين ابن اڪبر، حضرت مولانا جلال الدين رومي، امام ابوالقاسم القيثري (رسالي قثيريه جو مالڪ) حضرت ابوالعباس محمد شفائي ۽ ٻيا آهن. (داتا گنج بخش جو ڪتاب “ڪشف المحجوب” اهلِ طريقت وارن وٽ تصوف جو ماخذ قرار ڏنل آهي. مٿين ترتيب سندن انهيءَ ڪتاب مان ورتل آهي)
مطلب ته ننڍي کنڊ ۾ اسلام جي انهن عالمن جو وڏو چرچو هو. شاهه لطيف مولانا روميءَ کان گهڻو متاثر هو ۽ پاڻ سان گڏ روميءَ جي مثنوي رکندو هو. پاڻ ساڳئي رنگ ۾ رنڱيل وحدت الوجودي سلسلي جو شاعر شمار ٿئي ٿو. پاڻ تصوف جي ترقيءَ جي چئني منزلن کي پنهنجي ڪلام ۾ اشارن طور توڙي واضح نموني ڄاڻايو اٿن.
ساري سک سبق، شريعَتَ سَندو سُهڻي،
طريقَتان تِکو وَهي، حَقيِقتَ جو حَق،
معرفَتَ مَرَڪ، اصل عاشِقَنِ جو.
(سهڻي، 3-10)
شريعت بنا اڳتي وڌڻ شاهه صاحب موجب محال آهي. انهيءَ پهرين منزل کي وضاحت ڏيندي چون ٿا ته،
وحَدهُ لا شَرِيڪَ لَہُ، چَئِي چَوَندو آءُ،
فَرضَ، واجبَ سُنتون، تنيوءِ تَرڪُ مَ پاءِ،
توبهه سَندِي تَسبِيح، پَڙهَڻ ساڻِ پُڄاءِ،
نانگا پنهنجِي نفسَ کي، ڪا سنئين راههَ سُونهاءِ،
ته سَندِي دوزخ، باهِه، تو اوِڏيائي نه اَچي.
(ڪلياڻ، 1-4)
شاهه صاحب موجب، طريقت جو طريقو نفس کي ماري ان مان لالچ لوڀ ڪڍي گمراهيءَ کان بچڻ آهي. جنهن لاءِ طالب کي پنهنجي طلب کي مخفي رکي مطلوب ٿي منزل تي رسڻو آهي. مولا کي ملڻ لاءِ ڪروڙين رستا آهن. جيترا روح ايترا رستا. پر جيستائين پنهنجو پاڻ کي فنا نه ڪبو، تيستائين عشق الاهي جو مچ ازخود نه ٻرندو. ان ڪري اهڙي ديدار جي تڙپ پيدا ٿئي جو هر شيءِ ۾ حق جو جلوو نظر اچي.
تَن تَسبيح مَنِ مڻيوُ، دِل دنبورو جَنِ،
سي ستائي سُونهن، نِنڊَ عِبادتَ جَنِ جي.
سالڪ جڏهن حقيقت جي منزل لاءِ پير ٿو ڌري، تڏهن هو پنهنجي پاڻ کي ٿو سڃاڻي سندس اڳيان سڀ حقيقتون ظاهر ٿي پون ٿيون. محبوب ۽ سندس وچ جو ويڇو گهٽجي ٿو. شاهه لطيف مطابق ته سچا سالڪ پنهنجي وجود جو ورق ورائي، سِسِي نيزي پاند اڇلي، سوريءَ سورانگهڻ لاءِ هڪيا تڪيا ويٺا آهن. کين دلدار جو ديدار گهرجي هو بنا ڪنهن وسيلي جي نينهن جو نالو وٺي پرينءَ جي پار پهچن ٿا.
پُڇن جي ميهارَ کي، پُڇي سي ميهار،
تُر هَو تَنِين بارُ، عِشقُ جَنين کي آڪَرو.
(سر سهڻي، 1-31)
معرفت جو سرمو جنهن جي اثر سان اکيون حقيقي حسن بنا ڪجهه به نٿيون ڏسن، سالڪ جي آخري ۽ اهم منزل آهي. هتي الاهي اسرارن ۽ علمن جي بارش آهي، شروع ۾ جا ڪثرت هئي سا وحدت ۾ تبديل ٿي ويئي اصل شيءِ اها هڪ آهي، باقي سڀ انهيءَ هڪ سان ئي جڙيل آهي. فرمائي ٿو.
پَڙاڏو سوئي سڏُ، وَرَ وائيءَ جو جي لَهين،
هُئا اَڳهَين گَڏ، ٻڌڻ ۾ ٻَه ٿيا.
(ڪلياڻ، 1-22)
شاهه لطيف جي سڄي ڪلام ۾ تصوف جي سڀني مسئلن کي سهڻائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. تصوف جا سڀ سلسلا ڌڻيءَ در جي رستي جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ پنهنجي رب جي وحدانيت جي گواهي ڏين ٿا. شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت جي جدا جدا منزلن، قضا ۽ قدر، رضا ۽ تسليم، تجلي ۽ بيخوديءَ جا ڪيترائي اشارا شاهه جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا.
تصوف جي منزلن، طلب، عشق، معرفت، استغنا، توحيد، حيرت ۽ فنا جي حوالي سان سالڪ کي پاڻ کي فنا ڪري بقا ۾ سمائڻ جي تلقين ڪيل آهي. سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ خاص طور قرآني آيتن ۽ حديثن سان سينگاريل آهن يا ٻين لفظن ۾ سندن اهي بيت قرآني آيتن جيان دنيا ۽ آخرت جي رازن کي کولي بيان ڪن ٿا. شروع جي پنجن سُرن ۾ تصوف جي اصولن، حڪمن ۽ رڪنن جو مڪمل اڀياس آهي ۽ سر ڪيڏارو تائين اهي سالڪ ذڪر ڪيل آهن. جيڪي تصوف جي تعليم تي عمل ڪن ٿا ۽ آخر ۾ سر آسا سندن سڄيءَ تعليم جو نچوڙ آهي. سندس سڄي رسالي جو پيغام ڪنهن خاص طبقي ۽ مذهب لاءِ نه، پر پوريءَ انسانذات لاءِ آهي، جنهن کي جيترو به پڙهبو ۽ پروڙبو ايترو مَنِ شانت ٿيندو، دِل مان نراسائي نڪرندي ۽ ماڻهو ماڻهپي ڏي موٽندو.