لطيفيات

عالم سڀ آباد ڪرين

پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو ”عالم سڀ آباد ڪرين“ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو. سپڪ، سهڻي، مڻيادار اندر جي اُڇل ۽ جذبن جي سچائيءَ سان گڏ تحقيق جو پھلو پڻ اُجاگر ٿيل آهي. شاه جي شاعريءَ جي ڪافي پهلوئن کي اجاگر ڪيو اٿس. چاهي ٻولي هجي يا سماجي پھلو هجن. تصوف جي اشارن ۽ علامتي اصطلاحن ذريعي شاه سائينءَ جيڪا انساني اندر کي روشني ۽ رهنمائي ڏني آهي ان کي بيان ڪيو اٿس. سماج جي هر طبقي جي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا، ڪڙمي، ڪاسبي، پورهيت هجن يا وري نازڪ جنس عورت جي عظمت جو سوال هجي، سانئڻ پروين وڏي محنت ۽ محبت سان بيان ڪيو آهي.
Title Cover of book عالم سڀ آباد ڪرين

الا! جُنگِ جِيئَن

الا! جُنگ جِيئَن، جَنِين اَجهي گهارِيان،
شالَ مَ سُڪِي وِيرِي، جئان پِي پِيَنِ،
مرَڪَڻُ اَکڙِيَنِ، تو ڏِٺي مون سُکُ ٿئي.

(بلاول-3-2)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي انساني اعليٰ قدرن جي ترجماني ڪندي زندگيءَ جي هر ان رويي کي همٿايو آهي، جنهن سان انسان ذات کي فائدو پهچي. هو انهن سخي جوانن جي حياتيءَ جو طالبو آهي. جن جي آسري حياتي گهارجي. شل اهي وِيئريون يعني ننڍيون کُهيون به آباد هجن جن مان ايندڙ ويندڙ پاڻي پي اُڃ اجهائين. اهي مَرَڪڻا مرد فخر لائق آهن جن کي ڏٺي اکيون ٺرن، هو سچن سخين کي مڃتا ٿو ڏئي. کيس چڱيءَ پر ڄاڻ هئي ته سخاوت جو جذبو ايمان جي نشاني آهي ۽ سخين کي ڌڻيءَ سڳوري بي حد پسند ڪيو آهي. فرمايل آهي ته، “اِنَ الله جَوادُ يُحِبُ الجَواد” ترجمو “بيشڪ خدا پاڪ سخي آهي ۽ سخين کي پسند ڪندڙ آهي.” سخاوت اعليٰ انساني خوبي ۽ خدائي صفت آهي. هيءُ اُتم جذبو پيغمبرن، نبين ۽ ولين کانسواءِ ڪجهه سچن ۽ نيڪ انسانن جو ورثو آهي. ڏاتار ته ڏيندڙ آهي. اُن ۽ گهرندڙ جي وچ ۾ وسيلو فقط اها “گهرج” آهي. جيڪا گهرندڙ گهري ٿو. ڏاتار ته چاهي ٿو ته کانئس گهريو وڃي، پر جڏهن بندو کيس ڇڏي سکڻن درن جو سوالي ٿو ٿئي، تڏهن هو پاڻان ڏک ٿو ڪري، شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
ڏاتارَ ڏُک ڪَيا، پاڻان مٿي مَڱڻين،
“مُون دَر ڇڏيو، مَڱڻا! مَڱيِن، ڪوهُه ٻيا،
تَڏهِن تو پِئا، وِچان وِلها ڏِينهڙا”.

(سر پرڀاتي، 1-13)
خالي ڏينهن انهن کي ئي نصيب ٿيندا جي ڏاتار کي ڇڏي دَرِ دَرِ پنندا. سخاوت ۾ انسانيت جي سونهن سمايل آهي. جاني يا مالي طور ڪنهن به انسان جي لاءِ بغير غرض جي ڪم اچڻ ۽ بي ريا خدمت ڪرڻ به سخاوت آهي. بنا ڪنهن اجوري جي ٻين کي علم عطا ڪرڻ به سخاوت آهي، کوهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ، خدا پاڪ جي ڏنل رزق مان ٻين کي کارائڻ، مدد ڪرڻ، مطلب خلق خدائيءَ جي هر طرح هڙئون ۽ وڙئون ڪم اچڻ سخاوت جا درجا آهن. انهيءَ ڪري شاهه صاحب اِن اڻ ملهه جذبي کي پنهنجي شاعريءَ وسيلي مڃتا ڏيندي بُخل کي ناپسند ڪيو آهي.
“الا جنگ جِيئَن” مان شاهه سائينءَ جي مراد تمام وڏي ڄمار آهي، ڪيترائي سال، سوين سال يعني شل سندن ڄمار کُٽي ئي نه ۽ سندن نه کٽندڙ حياتي ئي هن ڌرتيءَ جي مخلوق جي خوشي، سڪون ۽ آسائش آهي. اهڙا سخي اُن کوهه جيان آهن جو سخت گرميءَ ۾ اڃايلن جي اُڃ پنهنجي ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ سان ٿو اُجهائي اهڙي کوهي جيڪا واٽهڙن لاءِ خدائي نعمت ۽ رحمت آهي، سا شل ڪڏهن به نه سُڪي ائين ئي سخي مرد پنهنجي ڪٽنب لاءِ، قبيلي لاءِ ۽ سڄيءَ قوم لاءِ ڪارائتا آهن ۽ شل ڌڻي پاڪ منجهن برڪت وجهي ۽ سندس اها ئي دُعا آهي ته اهڙن جُنگ جوانن جي سخاوتن سان سنڌ جي سرزمين سُکي ۽ ستابي هجي. ڀٽ ڌڻيءَ ڪيترن هنڌن تي سنڌ جي سخي ڏاتارن کي مانُ ڏنو آهي. جادم جکرو ته سندس نظر ۾ سخاوت جو صاحب هو. ڄڻ سنڌ جو حاتم هو. سمن جي هن سرتاج کي ته هو مخاطب ئي ٿيئي ٿو نه، “سماتو سر ڇٽ، نات پاڳارا پُرس ٻيا”، شاهه لطيف جي نظر ۾ سرداريءَ جي قابل ۽ پڳ جي قابل فقط سمو سخي سردار آهي کيس ئي پڳ سونهي، سمي جهڙو ڪو ٻيو ڪونهي فرمائي ٿو ته:
جَکرو جَس کَرو، ٻيا سڀ اَنِيرا،
جئائين جُڙيو جَکرو، تِئائين نَه ٻِيا،
مِٽي تنهن ماڳا، اَصلُ هُئي ايتَرِي.

(سر بلاول، 2-4)
لس ٻيلي جي حاڪم سپڙ سخيءَ کي شاهه سائين ڌڻيءَ سڳوري سان تمثيل ٿو ڏئي. ڌڻي اهڙو سخي آهي جو وٽس ڪوبه حساب ڪتاب ڪونهي ته ڪير ڪيترو ٿو لهي؟ سپڙ سخيءَ مڱڻهار کي سئو گهوڙا انعام ۾ ڏيئي ڇڏيا، سندس هاڪ ماڳين مشهور هئي. ڀٽ ڌڻي کيس شاندار نموني مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته:
ڏات نه آهي ذات تي، جو وَهي سو لهي،
آريُون اَٻوجهن جُون، سپڙ ڄامُ سَهي،
جو راءُ وَٽِ راتِ رهي، تنهن جُکي تان نَه ٿيئي.

(پرڀاتي. 1-10)
ابڙو سردار سخاوت جو سائين ۽ واعدي جو سچو هو ۽ سخين جي اها هڪ اضافي خوبي آهي ته هو واعدو وفا ڪندا آهن. سو هُن به واعدي مطابق هندوستاني لشڪر سان منهن مقابل ٿي سومرين جي حفاظت ۾ سر قربان ڪيو. عزتن جي حفاظت، سنڌ جي حفاظت ۽ واعدي وفائيءَ تي سر ڏيڻ وارا اهي تاريخي مثال آهن. جن کي شاهه صاحب امر ڪري بيان ڪيو آهي.
سَرڻِيَنَ جي سُکَ لئه، سامَ کَنئي سَردارَ،
جي آيون ابڙي جي آڌارَ، سي سُونگ نه ڏيِنديوُن سُومريون.

(سر بلاول، 1-14)
راجا راءِ ڏياچ ڪاٺياواڙ جي چوڙا سما خاندان جي ڇهين بادشاهه 1103ع کانپوءِ گرنار تي حڪومت ڪئي. هن سخي سردار وڏي اُتساهه سان سر ڪلهن تان ڪوري ٻيجل کي ڏيندي اهو چيو ته، “تون انيراءِ سان منهنجي سِرَ جو وچن ڪري آيو آهين. متان ٻيجل پنهنجي واعدي ۾ ڪوجهو ٿئين، هي هڪ سر ته ڇا پر جي ڪروڙين سِرَ هجن ته به تنهنجيءَ تند تنوار ۽ واعدي اڳيان ڪجهه ناهن”.
مَٿي اُتي مُنهنجي، جي ڪوڙين هُون ڪَپارَ،
ته واريو واريو وڍيان، سِسِيءَ کي سَوَ وارَ،
ته پُڻ تَندُ تنوارَ، مُونهان مٿانهون مَڱڻا.

(سر سورٺ، 3-14)
راءِ ڏياچ جهڙي سخيءَ کي ٻيجل آزمايو، سخين لاءِ سوال موٽائڻ مهڻو آهي، هُو سِر ڏيندڙ سوال تي به پريشان نٿو ٿيئي، پر وريو وريو کيس چوي ٿو ته “جي ڪم اچيئي ڪپار ته ويهه ڀيرا وڍي ڏيئين” ۽ کيس اهو به ڏک آهي ته جيڪڏهن ٻيجل کانئس ڪا اهڙي شيءِ گهري ها، جا وٽس نه هجي ها ۽ هو نه ڏيئي سگهي ها، ته ڏاتارن تي هميشه لاءِ ٽِڪو اچي وڃي ها. شاهه صاحب سندس زباني اهو هن ريت ٿو سُڻائي،
سوجيءَ مڱڻهَارَ مَ هوءِ، جنهن تو مَٿِي سِرَ سَٺو ڪِيو،
جو مُون مُل مُور نه سَپَجي، تان جي سو گِهُريوءِ،
ته جُڳان جُڳ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي

(سورٺ، 3-8)
راءِ ڏياچ انهيءَ تي خوش آهي ته ٻيجل کانئس سِر گهريو ۽ هِن خسيس ڪنڌ کي ته ڪرٽ ۾ هڻي مان هميشه لاءِ سخين ۽ ڏاتارن جي قطار ۾ مانائتو ٿيندس، پر جيڪڏهن ان کان به وڌ ڪا شيءِ اهڙي گهري ها، جا مون راجا جي به وَس ۾ نه هجي ها ۽ آئون ناڪار ڪيان ها ته هميشه لاءِ سخين کي ٽڪو اچي وڃي ها. ڪيڏي نه سهڻي فلاسافي آهي؟ سخاوت جي آزمائش ۾ پورو لهڻ ۽ واعدو وفا ڪري اطمينان محسوس ڪرڻ ۽ شاهه صاحب جو ان کي اهڙي شان سان بيان ڪرڻ.
سمن جي دور جي وڪيئي ڏاتار جي ڳالهه ڪندا آهن ته سندس در تان ڪڏهن به سوالي خالي نه موٽيو. کيس آزمائڻ لاءِ لاکي جي چوڻ تي سُمنگ چارڻ کانئس بي مُندائتا پيرون گهريا. هو ڍڪرجي ويو جو پيرون جي مُند ڪونه هئي ۽ چارڻ کي موٽائڻ سندس لاءِ مهڻو هو، پر سندس مينهن ماڻڪي الائي ڪٿان پيرون جو ڇُڳو کڻي آئي جو وڪيي سمنگ کي ڏنو پر کيس سندس ڪُمندائتي سوال تي ڏک ضرور ٿيو ۽ پاراتو ڏيندي چيائين ته:
ڪُمند ۾ اهڙا گهرين، تون ڏاتارن کان ڏان،
وٺ چارڻ ڪوڙهيا، وڪيئي ڏنئي ڏان.

مٿين ڳالهه مشهور آهي ۽ اهو به چون ٿا ته سخي وڪيئي جي ايئن چوڻ سان چارڻ کي ڪوڙهه جي بيماري ٿي پيئي جيڪو پوءِ وڪيئي جي دعا سان ٺيڪ ٿيو پر سندس نرڙ تي ٽڪو قائم رهيو. سخين کي آزمائڻ نه کپي. هو وڏيءَ دل وارا هوندا آهن. پاڻ کي تڪليف ڏيئي ٻئي جي ڪم اچڻ ئي سندن ريت ۽ روايت آهي. اهڙا ئي سچار، بي خوف هجن ٿا، جن جي لاءِ قرآن پاڪ ۾ آهي، “لا خوف عليهم ولا هم يحزنون” (سورة البقره) رسول پاڪ جن سخاوت کي گهڻو پسند ڪندا هئا ۽ پاڻ ڪڏهن به ڪنهن سائل کي خالي هٿ ڪونه موٽايائون. هڪ دفعي جنگ ۾ وٽن بني طئي قبيلي جا ماڻهو جنگي قيدي ٿي آيا انهن ۾ حاتم طائيءَ جي ڌيءَ هئي. جڏهن اُها سامهون پيش ٿي ته چيائين، “يا رسول الله! منهنجو والد غريبن ۽ مسڪينن جي پر گهور لهندو هو ۽ کين کاڌو کارائيندو هو”، پاڻ فرمايائون ته، “بيشڪ اهي مؤمنن جون خوبيون آهن تون سخيءَ جي ڌيءَ آهين ۽ هاڻي آزاد آهين.” ۽ سندس ڀاءُ کي به پاڻ سڳورن آزاد ڪيو. جنهن تي سڄو بني طئي جو قبيلو مسلمان ٿي ويو.
مطلب ته سخاوت هڪ اعليٰ اخلاقي قدر آهي. جنهن کان اڄ جي دور ۾ اسين بلڪل وانجهيل آهيون. اسين اڄ اعليٰ تعليم حاصل ڪريون ٿا ۽ اعليٰ عهدا حاصل ڪرڻ، اعليٰ اسٽيٽس واري حياتي گذارڻ جا جتن ڪرڻ ۾ پورا آهيون.پر اهو نٿا سوچيون ته زندگي ٺڪر جي ٿانوَ مثل آهي. اسان اڄ آهيون صبح نه هونداسين، ڇو نه اهڙا ڪم ڪري وڃون، جنهن سان ڪنهن کي ڪو فائدو رسي. ڪو اهڙو قائم رهندڙ چڱو ڪم ڪري وڃون جنهن سان انسانيت کي ڪا اُٻيل اچي. سخاوت اخلاقن کي سونهن ڏئي ٿي. محبت کي ڇڪي ٿي، بخل ۽ بغض کان بچائي ٿي. هڪ اهڙي عمدي اخلاقي خصلت آهي جا ماڻهوءَ جي شرافت، بزرگيءَ ۽ بلنديءَ جو باعث بڻبي آهي. جنهن سان ماڻهو ماڻهن ۾ محبوب ۽ محمود آهي. ڪن سٺن ۽ سچن جي صدقي ئي هن سنسار ۾ سونهن ۽ سٺائي پيدا ٿيندي رهندي آهي.
شاهه صاحب هڪ آدرشي انسان هو هن ڪامل بزرگ جي حياتيءَ جو بيان پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته سندس طبع نيڪ نيت ۽ چڱين خاصيتن واري هئي انهيءَ ڪري هن پنهنجي ڪلام وسيلي نيڪين جي پرچار ڪئي آهي ۽ نيڪين کي ساراهيو آهي فرمائي ٿو ته:
جَکِرا جيين شالَ، تُنهنجو ڪَنين مَدومَ سُڻان،
جِيئن تو اَچي، ڪالَ، نالائِقَ نَوازِيا.

(سر بلاول، 2-2)