عالم سڀ آباد ڪرين : علي نواز آريسر
”شاهه لطيف جو سڄو ڪلام صوفياڻو ۽ رُوحانيت سان پُر آهي ۽ اُنهي ۾ اخلاقي ۽ عاشقاڻو موضوع موجود آهي.“ (ص:29)
هن مضمون ۾ شاهه سائينءَ جي آفاقيت کي نروار ڪيو ويو آهي ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ موجود اخلاقي قدرن ۽ سندس عشق کي سامهون آندو ويو آهي. ساڳيءَ طرح وري هن ٻئي مضمون ۾ شاهه سائينءَ جي وطن پرستي کي ڏيکاريو ويو آهي ۽ پنهنجي مادرِ وطن جي آزاديءَ لاءِ شاهه سائين سنڌ جي جوڌن کي ڪيئن اُتساهي ٿو، سُورهين کي ڪيئن همٿائي ٿو، اُن بابت تفصيلي ويچاريو ويو آهي. مثال طور:
”شاهه عبداللطيف ڀٽائي، هڪ باشعور ۽ حساس شاعر هو. سندس شاعري جنهن دَور ۾ اُسري، اُهو دور سنڌ جي حوالي سان هڪ مظلوم دَور هو. ظلم، ڏاڍ، جبر، ڦُرلٽ جي گهاڻي ۾ سنڌ جو محڪوم طبقو پيڙجي رهيو هو. انهي هيڻي حال کي ڏسي ڀٽ ڌڻيءَ اذيت ۽ پيڙا مان گذرندي پنهنجي سڄي ڪلام ۾ قوم کي همٿ ۽ اڳيان وڌڻ جا سبق ڏنا. هُن کين وهمن ۽ وسوسن مان نڪرڻ ۽ جنگ جوٽي محڪوميءَ مان نڪرڻ لاءِ اُتساهيو.“ (صفحو: 33)
آءٌ ڊاڪٽر صاحبه جي مٿين راءِ سان اتفاق ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ جو شاهه سائينءَ جو سڄو ڪلام سنڌي قوم ۾ شعوري بيداريءَ تي ٻڌل آهي، شاهه لطيف بنيادي طور باغي شاعر هو، هن جي پهرين بغاوت اِها هُئي جو هن فارسي جهڙي سرڪاري زبان کي ٿُڏي، پنهنجي سنڌي زبان کي ترجيح ڏني ۽ سنڌي زبان ۾ شاعري ڪري سنڌ جي گهٽين ۾ رولاڪيون ڪندو، وطن بچائڻ جا هوڪا ڏيندو رهيو. شاهه لطيف سنڌي سماج جو سُونهون هو، جنهن هر پيش ايندڙ خطرن کان قوم کي آگاهه پئي ڪيو ۽ هُن ڀرئي سمنڊ مان اُهي ڪوڏ ۽ سِپيون سنڀالي کنيون، جيڪي وطن لاءِ مثالي آهن، جيڪي آدرشي ڪردار آهن، جن ڪنهن نه ڪنهن رُوپ ۾ سنڌي سماج لاءِ پنهنجو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. اهڙي شاهدي ڊاڪٽر صاحبه جي هن ڪتاب مان به ملي ٿي ته: “شاهه لطيف اهڙي آدرشي انسان کي پسند ڪندڙ آهي، جو ڪَڙي ۽ قاتل جو هيراڪ آهي، جو جَرَ تي ڦوٽي جيان اُڀري ختم ٿيندڙ نه پر حيات جاودان ماڻيندڙ ۽ حياتيءَ جي اسرار کي سمجهندڙ آهي.” (ص:43)
شاهه سائين سنڌي سماج ۾ اُهي روايتون وِجهڻ کي ترجيح ڏني، جيڪي سچائيءَ تي ٻڌل هُيون ۽ سچ جي راهه تي هلندي جي موت کي قبول ڪرڻو پوي ته ڪنڌ نه ڪڍائجي، هُن چاهيو ٿئي ته سنڌي قوم سچائيءَ جو پاند پڪڙي اڳتي وڌي، جو صبح جو ڪا به انڌاري رات هُن جي وجود کي ميساري نه سگهي، هُن جي تشخص کي ڪير به ميرو نه ڪري سگهي، هُن جي غيرت کي ڪير به مياري نه ڪري سگهي ۽ هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا اهڙي راهه تي هلڻ جي تلقين ڪئي آهي، وڌيڪ ڊاڪٽر صاحبه جي راءِ جي روشنيءَ ۾ ان جي پرک ڪري سگهجي ٿي ته: “شاهه لطيف هڪ باعمل ۽ سُڄاڻ انسان هو. هُن وٽ سجاڳيءَ ۽ ضمير جي سچائيءَ جو وڏو درجو هو ۽ سندس نظر ۾ جيستائين حق ۽ سچ لاءِ سِر جي سٽ نه ڏبي، جدوجهدون نه ڪبيون، اڳتي نه وڌبو، تيستائين سماج ۾ تبديلي ناممڪن آهي.“ (ص:68)
ڊاڪٽر پروين موسيٰ هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جي سڀني پهلوئن تي ننڍا مضمون لکيا آهن، جن ۾ اختصار سان ئي سهي، پر جامع معلومات ڏني وئي آهي، ۽ نهايت ئي اهم ڳالهيون سمجهايون ويون آهن. مثال طور: هن شاهه سائين جي لغت نويسي، لوڪ داستان، سنڌ جي جيوت، ماڻهن سان ميٺ، شعوري سُجاڳي، شعوري اَوسر، سماجي اَوسر، قومي جاڳرتا وغيره جهڙن اهم نُڪتن جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي. شاهه جي شاعريءَ ۾ سُجاڳيءَ جو سڏ جي حوالي سان هوءَ لکي ٿي ته: “شاهه لطيف پنهنجي وقت ۾ سنڌ کي ڏُکين حالتن مان لنگهندي ڏٺو هو. کيس قنڌارين جي ڪرتوتن ۽ ارغونن ۽ ترخانن جي هانءُ ۾ هٿ وجهڻ وارن قهري ظلمن جي ڀليءَ ڀت خبر هُئي، اُن ڪري هن غيرن جي غلاميءَ پليندي آزاديءَ جا، سنڌ تان سر ساهه صدقو ڪرڻ جا سبق ڏنا. سُور ۽ سختيون سهي سچ ۽ ساڻيهه لاءِ سُجاڳ رهڻ جو حڪم ڏنو.“ (ص:90)
ڏٺو وڃي ته شاهه سائين پنهنجي سُورمين سان وڌيڪ محبت ڪندڙ آهي ۽ هُن پنهنجي سُورمين جي عظمت ۽ وڏائيءَ جا گُڻ ڳايا آهن، اُن حوالي سان ڊاڪٽر صاحبه لکيو آهي ته: “شاهه صاحب انسانيت جو علمبردار هو، هن عورت کي بحيثيت انسان ذات، عشق ۽ وندر جو ذريعو نه پر همت، بهادري، جدوجهد، جستجو، انساني جذبن ۽ احساسن جو ترجمان ڄاڻايو آهي.“ (ص:92)
شاهه جي رسالي جي مقصديت بابت ڊاڪٽر صاحبه لکيو آهي ته: ”شاهه صاحب جو پيغام ڪُل ڪائنات جي ڀلائي آهي. سندس شاعريءَ جو محور انسانذات آهي. هن خود شناسيءَ معرفت خداشناسيءَ تائين پهچڻ جا درس ڏنا آهن. هن غير معمولي ذهين
(Extra ordinary Genius) شخص جو شاعراڻو شعور فقط چند هلندڙ صدين تي نه، بلڪه هڪ تمام وڏي عرصي تي محيط آهي. سندس فن سنڌ جي هر دَور جي سماجي ۽ سياسي حالتن جي ردوبدل ۽ مذهبي ماحول جي عڪاسيءَ سان گڏ عوامي جيوت جي هڪ هڪ رُخ جو اولڙو آهي. هن پنهنجي تجربي، مطالعي، مشاهدي ۽ فڪري ڏات سان جيڪو فڪر سنڌين ڏانهن منتقل ڪيو آهي، اهو نه ڪير اڄ تائين ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي ٿيندڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.“ (ص:111)
ڊاڪٽر صاحبه نه رُڳو شاهه سائين جي شاعريءَ تي بحث ڪيو آهي، پر شاهه لطيف جي سوانح ۽ فن تي ٿيل ڪم جو جائزو ورتو آهي ۽ شاهه سائينءَ تي اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ٿيل تحقيق جو نچوڙ پڻ ڏنو آهي، جيئن شاهه سائين تي تحقيق ڪندڙ اسڪالر ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن. لطيف شناسيءَ جي هن شاهڪار ڪتاب جو مهاڳ امداد حسيني لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب بابت وينا شرنگي، الطاف شيخ، ۽ ڊاڪٽر اُمِ ڪلثوم شاهه جا تاثر شامل آهن. ڪتاب بابت وينا شرنگي لکي ٿي ته:
”سانئڻ، پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو ’عالم سڀ آباد ڪرين‘ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو.“
شاهه سائين کي رُڳو هڪ شاعر قرار ڏيڻ به شاهه لطيف جي فڪر سان ناانصافي چئبي، ڇاڪاڻ جو هُو سائنسي انداز ۾ سوچيندڙ سائنٽسٽ هو، هُو آرٽ جي رنگينين کي نروار ڪندڙ فطرت شُناس هو، هُو پنهنجي فڪر ۽ فلسفي ۾ هڪڙو مڪمل صوفي هو، سندس شخصي زندگيءَ کي ڏٺو وڃي ته هُو هڪ سيلاني هو، جنهن سنڌ جي واهڻن وستين کي پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙيو هو، سنڌ کي هُن هڪ رهبر جي اک سان ڏٺو هو، جنهن ڪري سنڌ جي سرحدن، سنڌ جي سماجي ۽ لساني جاگرافيءَ تي هُن جي گهري نظر هُئي. ڊاڪٽر پروين پنهنجي هن ڪتاب ۾ مٿين سڀني ڳالهين جو اڀياس ڏنو آهي، جنهن ڪري هيءُ ڪتاب شاهه سائينءَ جي چاهيندڙن لاءِ گهڻي رهنمائي ڪندو. 144 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 رپيا رکيل آهي.
(ٽه ماهي تخيل، ڊسمبر 2016ع)