پُڇن سي پسن
پروين سان منهنجي پهرين ملاقات سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿي. ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊين فئڪلٽي آف آرٽس، سنڌ يونيورسٽيءَ م شاگردن کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ مون کي گهرايو هو. پروين انهيءَ وقت ڊاڪٽر نور جي گائيڊينس ۾ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهي هُئي. هن مون کي پنهنجا ڇپيل ڪتاب گفٽ ڪيا ۽ مون کي خاص چيائين ته، “ادا الطاف! انهيءَ ۾ مون توهان جي ڪتابن تي تبصرا لکيا آهن، ضرور پڙهجو. ڏٺم ته پورو هڪ مڪمل باب ڏنل هو. جنهن ۾ “بندر بازاريون”، “سمونڊ جي سيوين”، “وايون وڻجارن جون”، “جِت جر وهي ٿو جال“، “دنگيءَ منجهه دريا”، “ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين” ۽ ٻين منهنجي ڪتابن تي هن واقعي اونهو analysis ڏنو هو. يونيورسٽيءَ واريءَ انهيءَ ملاقات ۾ سڀن سان سُٺي علمي ۽ ادبي ڪچهري ٿي. گڏ فوٽوز به نڪتا. پروين مون کي گهر اچڻ جي لاءِ به صلاح ڪئي. سندس گهر وارو انور خان انجنيئر آهي، هو به ڪيڊٽ ڪاليچ پيٽارو مان پڙهيو آهي. سندس موجب ته “هو توهان سان ملاقات ڪري خوش ٿيندو” پر اتفاق ته آئون وڃي ڪونه سگهيس. بهرحال فون تي هنن سان ڳالهائڻ ٿيندو رهي ٿو. تازو سندس ڀاءُ اقبال احمد نيول ڪموڊور جي وفات آڪٽوبر 2015ع ۾ ٿي مون پنهنجي ڪتاب جو انتساب اقبال احمد جي نالي ڪيو آهي. هو ڏاڍو لائق ۽ محبتي ماڻهو هو.
آفتاب احمد سندس وڏو ڀاءُ آهي ساڻس منهنجي ملاقات رهي آهي. آفتاب پيٽارين پڻ آهي ته سي ايس ايس ڪري ڊسٽرڪٽ مئنجمينٽ ۾ ويو ۽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. سندس سڃاڻپ بيورو ڪريسيءَ کان سواءِ هڪ اديب ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ به آهي هُن جا گذريل چند سالن ۾ چار ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون ڳچ عرصي کان لکندو اچي.
هن ادب شناس ڪٽنب ۾ پروين مستقل پنجويهن سالن کان سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي لکندي پئي اچي. سندس ڪتاب دير سان ڇپجڻ شروع ٿيا. 2004ع ۾ پهريون ڪتاب “سنڌي ادب جو جائزو” شايع ٿيو. جو چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ۾ ڪميشن لاءِ پڙهندڙن کي ڏاڍو لاڀائتو ٿيو. هيستائين ٻارنهن کن ڪتاب ڇپجي چُڪا اٿس جن جا موضوع تحقيق، تنقيد، سوانح، مضمون نويسي ۽ لطيف شناسي آهن ته ٻاراڻي ادب لاءِ پڻ ڪتاب ۽ مضمون لکيا اٿس. ڪيترن ڪتابن تي کيس انعام مِلي چُڪا آهن.
زيرِ موضوع ڪتاب لطيف شناسيءَ متعلق آهي. هن کان اڳ به هوءَ لطيفيات ۾ “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” ڪتاب پيش ڪري چُڪي آهي جنهن ۾ پروين انهن ڪتابن کي فوڪس ڪيو آهي جن جا عنوان شاهه جي رسالي مان ورتل آهن. هن منهنجي سفرنامن جو به ذڪر ڪيو آهي جيئن “جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا”، “سمنڊ جن ساڻيهه”، “بندر ديسان ديس” ۽ ٻيا. واقعي اهو هڪ تمام محنت طلب ڪم هو. جو سنڌي ادب جي ٽِن سَوَن ڪتابن جا پهرين عنوان جمع ڪجن ۽ پوءِ شاهه جي رسالي مان اُهي بيت، سُر ۽ داستان سميت چونڊي پيش ڪجن. گڏ هن سئو ڪتابن جا نوان عنوان پڻ ڏنا آهن. جنهن مان ايندڙ ليکڪ پنهنجي ڪتابن جا عنوان شاهه جي شاعريءَ مان ڏين. سندس لطيف شناسيءَ جي اها عقيدت ڏسي کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. “عالم سڀ آباد ڪرين” پڻ هڪ مختلف ڪاوش آهي جو هن ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي جي بيتن مان عنوان چونڊي انهيءَ تي مضمون لکيا اٿس. ڪافي وقت کان لطيف شناسيءَ ۾ مقالا ته بي حساب لکجن پيا پر مضمونن جي اڻاٺ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. انهيءَ لحاظ کان هيءَ محنت به لطيفيات جي واڌاري لاءِ واکاڻ جوڳي آهي.
مون کي هنن مضمونن ۾ جيڪا خاص ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي اُها اِها ته هن اهو ڪم وڏي محنت، محبت، عقيدت ۽ دلجمئيءَ سان ڪيو آهي. جنهن لاءِ کيس جَس هُجي. هوءَ درس و تدريس جي پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل آهي. قلم ۽ علم سان سندس ناتو ۽ ادب سان اهو محبت جو سفر جاري ۽ ساري آهي. اُميد آهي ته پروين پنهنجو ادبي پورهيو جاري رکندي. رب پاڪ کيس وڏي حياتي ۽ تندرستي صحت ڏئي ۽ سندس لاءِ شاهه لطيف جي بيت مطابق اهو چوندس ته؛
پُڇن سي پَسَنِ، جڏهن تڏهن پِرين کي،
ڏورينديون ڏِسن، اڱڻ عجيبَن جا.
(7-1 حُسيني)
الطاف شيخ
ڪراچي، 27 مئي 2016ع