شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جا معاشي ۽ ثقافتي قدر
جيئن ته علم ادب ۽ سماج جو ساٿ هميشه پاڻ ۾ ڳنڍيل رهيو آهي. آس پاس ۾ جيڪي وهي واپري ٿو اهو ليکڪ ۽ شاعر جنهن شدت سان محسوس ڪندو آهي، ايترو ٻيو ڪو عام ماڻهو محسوس نه ڪري سگهندو آهي ۽ جيڪڏهن هو محسوس ڪري به ٿو، ته به وٽس اها سگهه نٿي هجي، جو هو اهو اهڙي ريت ڄاڻائي سگهي جهڙيءَ ريت عالم، اديب ۽ شاعر بيان ڪري سگهن ٿا. سو شاهه صاحب ته وڏيءَ نظر وارو حساس شاعر هو. سندس دور ۾ سنڌ هڪ وڏي آزمائش واري دور مان گذري رهي هئي، مغلن جي غلاميءَ کان پوءِ ظلم جا نشان ٿي نادر نمودار ٿيا. انهن کان ڇوٽڪارو مَسَ حاصل ٿيو ته قنڌارين اچي ڪڙڪو ڪيو ۽ سنڌ واسين جو ساهه سُڪايو. اهڙين غير يقيني حالتن ۾ سختيون سهائي سورهيائيءَ سان منهن مقابل ٿي سنڌ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ همٿائڻ ۽ غيرت پيدا ڪرڻ جا سبق ڏيڻ هر شاعر جي قوت نه هئي، اهو شاهه لطيف هو، جنهن ڄاڻايو ته، مانجهي مڙس اهي آهن، جي رُڪ وهندي راند ۾ هڻڻ ۽ هڪلڻ کي ترجيح ڏيندي اڳيان ٿا اچن ۽ قومن جو شان مٿانهون ٿا ڪن.
صوفين، سنياسين ۽ عاشقن جو مرڪز هيءَ سنڌ جي سرزمين هميشه واپار وسيلي مختلف تهذيبن سان ڳانڍاپي ۾ رهي آهي. هتان جي تجارت ملڪان ملڪ مشهور هئي. ديبل جو بندر سامونڊي تجارت جو وڏو مرڪز هو. هتان جي واپار جا سلسلا بخارا، سمرقند، چين ۽ جپان تائين جاري ۽ ساري هئا، پر ڪيترين قومن هن ڌرتيءَ تي داخل ٿيڻ کان پوءِ هتي پنهنجي حاڪميت مڙهيندي اصل رهاڪن کي تڙڻ جون ڪوششون ڪيون آهن، جن جي ڪري هن زمين تي ڪيترائي مالي بحران آيا آهن. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي، ته ڪا به قوم تيستائين ترقي نٿي ڪري سگهي، جيستائين اها مالي طور مضبوط نه آهي ۽ شاهه لطيف انهيءَ نڪتي کي سمجهندي پنهنجي قوم کي وَرَ وَرَ ڏيئي محنت ۽ همٿ جي لاءِ اُتساهيو ۽ سڄيءَ سنڌ لاءِ سُڪار جو تمنائي ٿيو ۽ اهو سُڪار فقط ۽ فقط سون ورنن هٿن جي پورهئي سان ممڪن هو. هن روشن خيال شاعر سنڌي سماج جي هران شخص کي عزت ۽ احترام جوڳو ڄاڻايو، جو هن سماج کي سونهن بخشي، شاهه صاحب ڪاپائتيءَ جي ڪردار کي امرتا بخشيندي هڪ پورو سُر سندس نالي ڪيو آهي. ائٽ جي اوٽ ۾ هُن سنڌين کي سبق ڏنو آهي ته ڌڻيءَ سڳوري توهان کي ٻه سون جهڙا هٿ ڏنا آهن. اٿو ۽ پنهنجي رزق کي ڳولهيو. فرمائي ٿو ته:
سونَ سارِيڪا هَٿڙَا، ڪُوهه نه ڪَتِين رَڏ،
ويهي ڪُنڊ ڪاپو ڪر، گهُتيون گوهُيون ڇڏ،
ته صرافاڻي سڏ، مرڪيو هوند مٽائِيِيِن.
(سر ڪاپائتي، 1-12)
حياتيءَ جي هر رخ کي ظاهر ڪندي هر طبقي، هر مذهب کان بالاتر ٿي هر عام جيئن هاري ناري، رنگريز، ملاح، لوهار، ڌوٻي، ڪوري، واڍي کي شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ وسيلي عزت جوڳو مقام ڏنو آهي. هو سکڻ کي ترجيح ڏيندڙ آهي. وقت جي اهميت وٽس جهجهي آهي. مالي طور مضبوط ٿيڻ لاءِ هن اقتصادي نظريا سمجهايا آهن. چوي ٿو ته:
تُنبائي تاڪيد سين، جَنين پڃايو پاءُ،
لَسِي تندُ لَطِيف چئي، هلي تِن هٿاءُ،
مَلمَل منجهان ماءُ! جي سِکيوُن تِن سونِ ڪيو.
(ڪاپائتي، 1-20)
جنهن سماج ۾ پورهئي ۽ هنر کان بيزاري هوندي اهو سماج ڪڏهن به ترقي ڪري نٿو سگهي ۽ پوءِ اهڙي ناڪاره سماج ۾ ئي سماجي نابرابري، افرادي استحصال، طبقاتي ويڙهه، مذهبي ويڇا وڌندا ۽ ويجهندا آهن. محنت ۾ امن آهي، ڏاهپ آهي، طاقت آهي، اختيار آهي ته سُک ۽ سُڪار آهي. احترام لائق ۽ عزت لائق آهن، اهي قوم واسي جيڪي ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. ماڻهو جڏهن مانيءَ ڳڀي لاءِ پريشان هوندو، تڏهن لازمي آهي ته هو حياتيءَ جي بنيادي ضرورتن کي صحيح پهچي نه سگهندو ۽ نه پهچي سگهڻ سان ئي بي چيني ۽ انتشاري ڪيفيتون ڪَرَ ڪڍنديون آهن. معاشري جي خوشحالي معاشي حالتن جي ترقيءَ تي آڌاريل آهي ۽ قومي احساس جاڳائڻ تي آهي. شاهه صاحب موجب ته، ڪنهن به حالت ۾ سُست نه ٿيو ۽ ڪم ڪريو ۽ ٻين کي ڪم اچو، زندگي چرپر جو نالو ۽ درياهه جي رواني آهي جا بنا محنت جي هڪ مصيبت آهي، ويهي وقت وڃائڻ کان روڪيندي شاهه صاحب چوي ٿو ته،
سي تو ويهي وِڃائيا، جي ڪَتَڻ سَندا ڏِينهِن،
اَرِٽَ اوڏِي نه ٿِينيِن، ڀوري! ڀوري سينءَ،
ڪنڌِ کَڻندِينءِ ڪِيئَن، اَڱَڻَ عَجِيبَن جي.
(ڪاپائتي، 1-10)
هن سنڌي سماج کي آسودو ڏسڻ ٿي چاهيو، هتان جا جيڪي وڻجارا قرڦل ڦوٽا ۽ قيمتي ڪپڙا کڻي لنڪا، عدن ۽ ٻين پري جي ملڪن ۾ وڻج واپار لاءِ ويندا هئا ۽ واپسيءَ ۾ ماڻڪ موتي ۽ سون آڻيندا هئا انهن جو پاڻ دعاڳو آهي، فرمائي ٿو ته،
قَرڦُل، ڦوٽا، پارچا، پاڻيٺَ، پاتائوُن،
ڪوٺِيون قيمتَ سَنديوُن، تَرَ ۾ تاڪيائوُن،
لاڄُن مَنجِهه، لطِيف چي، ٻيڙا ٻَڌائوُن،
نذَرُ نبيءَ ڄامَ جو، چَڙَهندَي چيائوُن،
جي ڇُهي ڇوڙيائوُن، سي ٻيڙيون رَکين ٻاجَهه سين!
(سريراڳ، 5-11)
جنهن قوم يا ملڪ ۾ معاشي بي حالي هوندي انهيءَ قوم يا ملڪ ۾ نه علم وڌندو ويجهندو ۽ نه ئي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت کي ترقي ملندي انهيءَ قوم جي ترقي رڪجي ويندي آهي. شاهه لطيف سنڌي سماج کي ترقيءَ جا گس ڄاڻائيندي کين بهترين تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جو امين ٿو قرار ڏئي، هر قوم جو ثقافتي ورثو انهيءَ قوم جون ريتون، رسمون، رواج، سوڻ ساٺ ۽ اٿيون ويٺيون آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته سنڌ واسي صدين کان پنهنجي ريتن ۽ رسمن سان نڀائڻ وارا ۽ ريتن روايتن جا امين آهن. ليلا چنيسر وٽ وڏو درجو رکندڙ هئي. سندس لاءِ وڏيري هئڻ ۾ فخر جو احساس آهي پر پنهنجي ڪانڌ وٽ ڪانياري ٿيڻ سان هوءَ غلطين تي پڇتاءُ ڪندي چوي ٿي ته،
وڏيري هُياسِ، چنيسر جي راڄَ ۾،
دائين ٻائين، دربانن ۾ پَرَ ۾، ٿي پُڇياس.
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾
(ليلا چنيسر، 2-8)
ڪانڌ جو ڏهاڳ ڏيڻ سنڌي سماج ۾ عيب جي نشاني آهي کيس شاهه صاحب تنبيهه ٿو ڪري ته “پائي پاند ڳچيءَ ۾ پاڻ غريبيءَ گڏ” چنيسر جي دادليءَ ليلان کي خبر ئي ڪانه پيئي ته ڪو کانئس محبوب ان ريت رُسي ويندو “هُيس هندورن ۾، پيم ڪا نه پروڙ، سامهان ٿيم سور، ويو ولٽي ولهو”، سو ليلا آسودي ۽ بادشاهي گهر جي هئي، ان جي هندورن ۾ لڏڻ کي بيان ڪندي شاهه صاحب هندوري کي سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ ڪري پيش ڪيو آهي. شاعريءَ جي زنانن ڪردارن ۾ جتي شاهه صاحب سسئيءَ جي وفا ۽ قربانيءَ کي، نوريءَ جي نيازمنديءَ کي ساراهيو آهي اُتي ليلا جي هَٺَ کي ناپسند ڪيو آهي، سندس نظر ۾ سنڌ جي عورت وفادار ۽ پنهنجي وَرَ لاءِ محبت ۽ عقيدت جا جذبا رکندڙ آهي، سر سامونڊيءَ جي وڻجاريءَ جي جذبن کي پسند ڪيو اٿس جا پنهنجي محبوب جي ميلاپ لاءِ جَلَ کي اکا هڻي وڻن ٽڻن کي جهنڊيون ٿي ٻڌي شاهه جي نظر ۾ محبوب جي جدائيءَ ۾ وڻجاريءَ جي محبت جا اهي اٽل جذبا آهن جي انهن سامونڊين کي وطن ورڻ تي مجبور ٿا ڪن، انهن کي واکاڻيندي ۽ همٿائيندي چوي ٿو ته،
جا جَرجاٽون نه ڏئي، ڏِيا نَه موهي،
سَڌون ڪوهه ڪَري، سا پَنهِنجي ڪانڌَ جُون؟
(سامونڊي، 2-23)
جا زال سمنڊ نٿي پوڄي ۽ ڏيئا نٿي ٻاري، سا پنهنجي محبوب سان ملڻ جي سڌ ڇو ٿي ڪري؟ جل پوڄڻ، اَکا هڻڻ ۽ ان سان سلهاڙيل سوڻ ساٺ هندو سماج جون ريتون رهيون آهن . شاهه صاحب هر طبقي ۽ مذهب جي فرق بِنا سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، لباس، سوچون محبتون، عشق، ڏک ۽ سک مطلب ته احساسن ۽ عملن جو هڪ وڏو سمنڊ رسالي ۾ پلٽيو آهي. مارئيءَ جي لوئيءَ، چوڙن، سڳڙن ۽ پنهوارن جي پکن کان وٺي ٿر جي هر معمولي کان معمولي شيءِ کي به ذڪر ڪيو اٿن. پيرون، پپون، ڪونڍير، گولاڙا ۽ گاهه ڪا به شيءِ نه آهي جا هُن مارئيءَ جي ذڪر سان گڏ وساري هجي، “سهسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام” (مارئي، 2-5) “ڪنجري” لفظ مونث آهي اهڙو چولو جنهن جي سيني واري حصي تي ڀرت ڀريل هوندو آهي. “سبي، سيبا ڏئي، ڀوري نينهن نه ڪڄوئي” اها ڦاٽل ڪنجري جا عمرڪوٽ ۾ عمر بادشاهه جي قيد ۾ معصوم مارئي سيبا، پيئي ڏئي، پر پنهنجو نينهن مارن سان نٿي گهٽائي، جهڙي ريت “ڪنجري” لفظ مونث آهي تهڙيءَ ريت “ڪنجرو” مذڪر لفظ آهي ڪنجرو، هڪ ڊگهو ڀرت وارو شيشن ڀريل گهگهو آهي، جيڪو خاص وهانءُ لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي ۽ شادي شده عورت ئي ان کي پائيندي آهي. سسئي مٿي اگهاڙي آهي، ڪنجرو ڦاٽل اٿس، پر پنهنجي وَرَ لاءِ پنڌ ڪاهيندي ٿي وڃي، سسئيءَ جي واتان ڀٽ ڌڻي چوائي ٿو ته.
ڪُلهي ڦاٽو ڪَنجرو، مَٿو اُگهاڙو،
ڀينر ڪُڄاڙو، مُنهنجو هِنَ ڀنڀورَ ۾.
سپرين جي سار لهڻ کي پسند ڪندي هڪ هنڌ سسئيءَ جي واتان اهو چورايو اٿس ته، “ڪَچو لايان ڪُرَ جي ڪيچان اوري وران.” مطلب ته ڪيچ مڪران کان جي اورتي موٽي اچان ته ڄڻ پنهنجي ڪُرَ/خاندان، کي ٽڪو لاتم. اسان وٽ ڪيترائي هٿرادو ۽ هٿ ٺوڪيا قدر خانداني عزتن سان منسوب ڪيا ويندا آهن پر هيءُ ڪيترو نه انوکو قدر آهي جو هڪ ڪمزور عورت ذات پنهنجي حق کي، پنهنجي وَرَ کي، واپس نه وٺي اچڻ ۽ پنهنجي پاڻ سان ان جو گڏ نه هئڻ، پنهنجي سڄي ڪٽنب لاءِ بي عزتيءَ جو سبب ٿي سمجهي، سلام آهي، سسئيءَ جي سمجهه، همٿ ۽ بهادريءَ کي. اهي مانَ مرتبا ۽ عزتون آهن، جن کي شاهه صاحب امر بنايو آهي. پرڻيل عورت لاءِ هار سينگار ننڍي کنڊ ۾ مَرَڪ سمجهيو وڃي ٿو، پر شاهه صاحب موجب اهي سوين سينگار به محبوب جي دل کٽڻ لاءِ گهٽ آهن، جيڪڏهن عورت ۾ “پاڻ پڻو” آهي. هو هيٺانهين ڍار کي پسند ڪندي چوي ٿو ته،
سڀئي سُهاڳَڻيوُن، سَڀني ڳِچيءَ هارَ،
پَسڻ ڪارڻ پِرينءَ جي، سهسين ڪَنِ سينگار،
ڍول تنين جي ڍار، هيٺاهِيوُن هَلنَ جي.
(ليلا چنيسر، 3-3)
اهڙيءَ ريت رسالي ۾ ڪيترين جڳهين تي مختلف نمونن سان سنڌ جي ثقافت تي روشني وڌل آهي. سر مومل راڻو پڻ انهيءَ جو هڪ اعليٰ مثال آهي. سوڍين راڻين جي ويس وڳن جو ذڪر، عطرن، عنبيرن ۽ شالن جي سونهن، لاثاني زيور، جي مومل ۽ سرتين جي سونهن کي ٻهڪائين پيا، چانديءَ جي روپين سان سوڍين جون رانديون ڪرڻ، اوطاقن ۾ چندنن جي خوشبوئن جو هئڻ. ڪاڪ محل ۾ بهترين باغن جو هئڻ، کٿورين سان ولات واسجڻ، مطلب ته هر پاسي سنڌي سماج جي آسودي ۽ شانائتي خوشحال طبقي جي اٿي ويٺيءَ جي اپٽار آهي. جتي هن سنڌ جي راڻين، ليلا، مومل ۽ سورٺ جي خوشحاليءَ کي بيان ڪيو آهي، اُتي هن مارئيءَ جي غريبيءَ ۽ نوريءَ جي سادگيءَ کي به آندو آهي. نوريءَ جي غربت ۽ افلاس جو منظر چٽيو اٿس ته گڏ هڪ بادشاهه ۽ غريب مهاڻيءَ جي ميلاپ کي سهڻائيءَ سان بيان ڪيو اٿس، هو طبقاتي فرق جي خلاف آهي، ان ڪري سسئيءَ جي ڏيرن جو کيس ڇڏي وڃڻ ۽ سسئيءَ جو پنهونءَ جي لاءِ پنهنجي مقصد پويان ڪاهي وڃڻ کي پسند ڪندي، سندس پٺ ڀرائي ڪئي اٿس.
پنهنجي دلير، مستقل مزاج ۽ بي ڊپين سورمين معرفت سنڌي سماج مان غلط رسمون ۽ ريتون ختم ڪرڻ ٿي چاهيائين. سهڻيءَ کي بچاءُ ڏيندي سندس ساراهه ٿو ڪري،
سهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُهي،
هُونهين هُوند مُئي، پر ٻڏيءَ جا ٻِيڻا ٿيا.
(سُر سهڻي-5-5)
لطيف سائينءَ سنڌ جي چپي چپي کي مشاهداتي اک سان پروڙيو، هن هڪ عظيم فنڪار وانگر پنهنجي سماج جي جنهن به ڪردار کي بيان ڪيو، ته انهيءَ ڪردار جي سوچ، ڪرت، نفسيات، ٻولي، حيثيت، هڪ اهڙي ته اونهي مطالعي سان پيش ڪئي آهي جو ان جهڙو مثال ملڻ مشڪل آهي. سندس انهيءَ پيشڪش ۾ هتان جا سماجي، معاشي ۽ ثقافتي قدر بلڪل چڱيءَ طرح چٽا ٿي سامهون آيا آهن.