سُلطاني سُهاڳ نِنڊوُن ڪَندي نَه مِلي
سُلطاني سُهاڳِ، ننڊِوُنِ ڪَندِي نه مَلي.
(سر ڏهر، 3-8)
شاهه لطيف هڪ سڄاڻ ۽ سجاڳ انسان هو سندس شاعري انهيءَ جي مڪمل گواهي پيئي ڏئي. هن پنهنجي سڄي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج کي غفلت مان ڪڍڻ جا ڏس ڏنا آهن. هو ڪم همتيءَ کي، بي صبريءَ کي، بي شڪريءَ کي، لاپرواهيءَ کي، بي سمجهائيءَ کي ديني ۽ دنياوي غلفتن کي ننڊ سڏي ٿو. سندس هڪڙو ئي مقصد آهي ته منهنجي قوم، منهنجا پنهنجا ماڻهو سکيا ستابا ۽ بي اونا هجن ۽ انهيءَ لاءِ هو حياتي گهارڻ جي مقرر مَتَن تي عمل ڪن. وقتي سک ۽ آرام ترڪ ڪري هميشه لاءِ جا سک حاصل ڪن. “سلطاني سهاڳ” وٽس “مقصد جي حاصلات” آهي ۽ “ننڊ” انهيءَ مقصد کان غفلت آهي. ائين به نٿو چوي ته بلڪل بي آرام هجو. “ننڊ ته ڪجي ايتري” مان مراد آهي غافل ٿي سمهڻ اهو به چوي ٿو ته:
ڪِي سُمهه، ڪِي جاڳ، نِنڊَ نه ڪجِي ايتَرِي،
ايءُ مانجهانديءَ جو ماڳُ، جو تو ساڻِيهه ڀانئيو.
(ڏهر، 3-9)
مطلب ته لطيف سائين غفلت مان نڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مثالن ذريعي انسان کي همٿ، بهادري ۽ سجاڳيءَ جا رستا ڏيکاريا آهن. هن جي شاعريءَ جو مڪمل واسطو سندس ڌرتيءَ ۽ ان ڌرتيءَ تي ڳالهائيندڙ ٻولي ۽ ڌرتيءَ واسين سان هو. سندس دور ۾ جيڪي سماجي حالتون هيون سي سياسي ابتريءَ واريون ۽ سماجي طور غير منظم هيون. طبقاتي فرق، جاگيرداري نظام ۽ پيري مريديءَ کانسواءِ عام ماڻهوءَ جي زندگي ڏکي ۽ بکي هئي ۽ سڻڀيءَ سنڌ تي ڌارين جون شورشون دنگل، فساد هوندائي هوندا هئا. ذات پات جا فرق ڏسي هُن هيڻن کي همٿايو. معاشي بدحاليون ڏسي سندس اندر ڏريو. هُن کين سون ورنن هٿن سان پورهئي لاءِ همٿايو پنهنجا حق جاگيردارن، زميندارن ۽ وڏيرن کان وٺڻ لاءِ کين “اوچو وهه اوڀار” جون صلاحون ڏيئي هڪ نئين سنڌي سماج جي تشڪيل ڪرڻ چاهي. اهڙو سماج جنهن ۾ ننڊ ڪندڙ نڀاڳن کي اوڀالا ملن. پاڻ جتي جيڪي “گهڙن سي چڙهن” ۽ “ويٺلن تان واري وري” جا سبق ڏنائين اتي هن هارين نارين، مهاڻن، ٻيڙياتن، ڪنڀارن، ناکئن ۽ ويڙهيچن سان حال اوري پنهنجن کي مايوسيءَ جي ڪُن مان ڪڍڻ لاءِ کين انسانيت جا، پيار ۽ محبت جا، سنئين رستي تي هلڻ جا، امن پسنديءَ جا ۽ حوصلي ۽ بهادريءَ جا سڏ ڏنا، سندس ڪلام اڻٿڪ محنت، جدوجهد ۽ ڪشالن ڪڍڻ جهڙين هدايتن جو خزانو آهي، سر رامڪلي، سامونڊي، سسئي، سهڻي مطلب ته هر پاسي هن عظيم مقصدن خاطر جدوجهد جي جوت جرڪائي آهي. عورت ذات کي ڪمزور نه پر سورهيائيءَ جو سمبل ڪري پيش ڪيائين. سهڻيءَ جي لاءِ مهراڻ جون موجون، ڪُنن جا ڪڙڪا، درياءَ جي دهشت، سخت سياري جي رات ۾ ڪو به خوف نه آهي. کيس پنهنجي سر جو سانگو لاهي مئي متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏيڻو آهي ۽ موجن جي مستيءَ ۾ ڪاهي پوڻو آهي. سهڻيءَ جو گهڙو ڀڳو ته گهوريو شاهه موجب وسيلا وسارڻا آهن. ڀلي دنيا جا وسيلا تنگ ٿي وڃن، پر رب جي رحمت کان نه مايوس ٿيڻو آهي ۽ نه ئي غفلت ڪري پري هٽڻو آهي. همٿ ۽ جستجو انهيءَ غفلت کي ختم ڪرڻ سان ئي پيدا ٿينديون، پهرين پنهنجي نفس جي نفس ڪشي ڪري، ان گمراهيءَ جي ڪُن مان نڪري پوءِ ئي اڳيان وڌبو، جنهن جو اهم حل غفلت کان بچاءُ آهي. مطلب هر وقت چوڪس ۽ سجاڳ رهڻو آهي. ان ڪري فرمائي ٿو ته:
جَڏهِن سُتيون جي پَٿرَ پيرَ ڊِگها ڪَري،
تڏهن تَنِين کي، ساٿَ سُتيئي ڇڏيو.
(ڪوهياري، 1-8)
لطيف جي هر بيت ۾ سجاڳيءَ جا سڏ ۽ همت جا هوڪا آهن، هو ويل کي هٿان نه وڃائڻ جو طالبو آهي، سندس سڄي شاعري ۽ سمورا ئي بيت اهو ئي بيان آهن ته سچائيءَ سان جدوجهد ڪريو. جستجو ڪريو باقي سستي، ڪاهلي، آرام پسندي، غفلت ۽ سنجهي سمهي رهڻ ناڪاميءَ جا دليل آهن. ڏاڍ خلاف جدوجهد، آزاديءَ جي امنگ، سامراجي قوتن خلاف جهاد، جهالت ۽ بي انصافيءَ خلاف واڪا، انتهاپسنديءَ کي نندڻ ۽ ظلم سان مهاڏو اٽڪائڻ لطيفي فڪر جا اهم متا آهن. هو وطن دوست شاعر پنهنجي هم وطنن کي، مظلوم ڌرتيءَ واسين کي سجاڳ ڪندي چوي ٿو ته ننڊ توهان کي نهوڙي ويندي. سندس رسالي جو اهم ڪردار سسئي فقط ۽ فقط همٿ ۽ سجاڳيءَ جي تمثيل آهي، جا ويهڻ کي عيب ٿي ڄاڻي. هن جو حوصلو، بردباري، بهادري، جرئت جو جذبو، جستجو جاري رکڻ جا جتن کيس اڳيان ۽ وڌيڪ اڳيان وڌڻ لاءِ هر کائين ٿا. سسئيءَ کي پنهنجي ننڊ ۽ غفلت تي پڇتاءُ پڻ آهي شاهه صاحب چوي ٿو ته:
سَنجهي مُون نَه سنڀاليو، مارِيسَ سورَ صبوح،
نيڻَ هيرايئهِ ننڊَ سِين، جَتنَ لنگهي جوءِ،
هاڃو ڪري هُوءِ، آڌيءَ راتِ اُٿي ويا.
(ديسي، 4-10)
سسئيءَ کي جيڪي تڪليفون پيش اچن ٿيون. انهن تي سندس دل ڪڙهي ٿي پر هوءَ سڀني مسئلن جو سبب پنهنجي غفلت ٿي ڄاڻي ننڊ کانئس وقت وڃائي ڇڏيو هاڻي هوءَ آهي ۽ سندس سڄو سفر سورن جو ته به عزم ۽ ارادي جي پختگيءَ سان چوي ٿي ته،
ڪَنڊا مُون پيرَنِ ۾، توڻي لَکَ لڳن،
آڱِر، آڱُوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ،
وِيندي ڏانهن پِرين، جُتي جاتِ نه پائيان.
(معذوري، 3-10)
سسئي سج کي، چنڊ کي، ڪتين کي، جبلن کي، هوائن کي، مروئن کي، اٺن کي، ڏيرن کي، پنهون کي، ڏوهه ڏيندي به سڀ کان گهڻو پاڻ کي ڏوهاري ٿي سمجهي ته کيس غفلت ڇو ٿي؟ ڀٽ ڌڻي کيس هنڌ هنڌ اهي فهمائشون ڪيون آهن. فرمائي ٿو ته:
اِي ڪَمُ ڪمِيڻِيَن، جِيئَن سمهن پير ڊگها ڪري،
لوچِين ڇو نَه، لطيف چي، هاريٰ لئي هوتن،
ننڊان نِڀاڳِن کي، اوڀالا اَچَن،
سي پُنهون ڪُوهَه پُڇن، جي سَنجهي رَهن سُمِهي.
(ڪوهياري، 1-10)
ٻين به ڪيترن ئي هنڌن تي سندس غلفت کي پليو اٿن ۽ گڏوگڏ سندس همٿ حوصلي کي وڏي مڃتا به ڏني اٿن. انسان ته غفلت جو گهر آهي ان کان غلطيون ضرور ٿيون ٿين. پر اصل ڳالهه آهي ان مان سبق سکڻ جي، شاهه لطيف اسان کي اهي سبق سمجهايا آهن. هُن ڄاڻايو آهي ته، انساني عظمت هماليه جيڏين همتن ۽ آدرشن کي پنهنجو ڪرڻ ۾ آهي. اسان کي گهرجي ته لطيف سائينءَ کي پنهنجو روحاني، اخلاقي، ايماني ۽ ذهني رهبر ڄاڻون، سندس هِڪ هِڪ سُر مان هِڪ هِڪ داستان مان ۽ هر داستان جي هر بيت جي هِڪ هِڪ سٽ مان ڄاڻ پرايون علم ۽ عمل جي هن درياهه مان سُرڪيون ڀري لطيف جي هاڪاري سوچ Positivity کي پنهنجو ڪريون. اڄ جيڪڏهن سنڌي سماج جي هر گهر جو هر هڪ فرد پنهنجو پاڻ ۾ تِرَ جيتري به منفي سوچ نه رکي ۽ هاڪاري جذبن ۽ عملن کي پکيڙي ته اسين هڪ بهتر سماج کي اڏڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. شرط فقط اهو آهي ته لطيفي فڪر کي عام ڪريون ۽ ان آدرش جي پيروي ڪريون. اها ئي سنڌي قوم جي ترقيءَ جي روشن راهه آهي.