لطيفيات

عالم سڀ آباد ڪرين

پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو ”عالم سڀ آباد ڪرين“ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو. سپڪ، سهڻي، مڻيادار اندر جي اُڇل ۽ جذبن جي سچائيءَ سان گڏ تحقيق جو پھلو پڻ اُجاگر ٿيل آهي. شاه جي شاعريءَ جي ڪافي پهلوئن کي اجاگر ڪيو اٿس. چاهي ٻولي هجي يا سماجي پھلو هجن. تصوف جي اشارن ۽ علامتي اصطلاحن ذريعي شاه سائينءَ جيڪا انساني اندر کي روشني ۽ رهنمائي ڏني آهي ان کي بيان ڪيو اٿس. سماج جي هر طبقي جي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا، ڪڙمي، ڪاسبي، پورهيت هجن يا وري نازڪ جنس عورت جي عظمت جو سوال هجي، سانئڻ پروين وڏي محنت ۽ محبت سان بيان ڪيو آهي.
Title Cover of book عالم سڀ آباد ڪرين

شاهه جي شاعريءَ ۾ سجاڳيءَ جو سڏ

گذريل ٽِن چئن صدين دوران سنڌ جيڪڏهن ڪو وڏو ماڻهو پيدا ڪيو آهي ته اهو فقط ۽ فقط “شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح” آهي. جنهن جي پنهنجي حياتيءَ جو احوال ۽ سندس شاعريءَ جو رسالو مڪمل طور اهو ڄاڻائي ٿو ته شاهه لطيف خود هڪ سمجهو، سجاڳ ۽ سُڄاڻ شخص هو ۽ هن پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ واسين کي پڻ اهو ئي سُجاڳيءَ جو سڏ ڏنو آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪوبه بيت ڪابه وائي اهڙِي نه ملندي جنهن ۾ مايوسي، بي همتي ۽ حياتيءَ کان بيزاري ملي.
اڄ جي دؤر ۾ ماڻهن جا وسيلا وڌيڪ هوندي به انهن جا حال هيڻا ۽ سور ٻيڻا آهن. جسماني ۽ ذهني بيماريون کين نهوڙي وڌيڪ مسئلن جي اونهي غار ڏي ڌِڪي رهيون آهن. انهيءَ ڪري هر دور جيان هن دور ۾ پڻ فقط شاهه جو رسالو ئي آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ سان مَن ۾ مثبت خيال ۽ سوچون اينديون آهن. دل خدا ڏي راغب ٿيندي ۽ حياتيءَ کي صحيح گهارڻ لاءِ همٿ ۽ قوت ايندي آهي. شاهه صاحب واحد شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ انساني حياتيءَ جي اڻ مُلهه قدرن کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. سندس ڪلام انساني حياتيءَ جو مڪمل اڀياس آهي. هو پنهنجي پيارن کي بار بار سمجهائي ٿو ته “غافل غفلت ڇوڙ”، “سلطاني سهاڳ ننڊون ڪنَدي نه ملي”، “جن وڃايو حال، حيف تنين جي حال تي”، يا “ننڊ نه ڪجي ناکئا” هو ڄاڻائي ٿو ته زندگي چرپر ۽ سُجاڳيءَ جو نالو آهي. هلڻ ۾ سوڀ آهي ته ويهڻ ۾ هار آهي. ماڻڪ موتي انهن کي ملندا جيڪي سمنڊ سيويندا.
سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،
چلڙ جي چُوئين، تن سانئوٽا ۽ سپون.

شاهه جو رسالو سُجاڳي ۽ سچائيءَ جي عالمي پڌرنامو آهي. جنهن ۾ جهالت ۽ ڪوڙ جي خلاف ڪيترائي روشن سج چمڪندي ۽ چلڪندي نظر پيا اچن. شاهه لطيف انسان جي منزل مقصود ڏانهن وڌڻ جو پهريون ڏاڪو سُجاڳي ٻڌايو آهي ۽ اهو پڻ ٻڌايو آهي جڏهن جاڳ ٿيندي ته اهڙو وَکر حاصل ٿيندو جيڪو هميشه ڪم ايندو ۽ ڪڏهن به ضايع نه ٿيندو.
فرمائي ٿو ته:
وَکر سووِ وِهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿيئي.
شاهه لطيف ان ڪهڙي وَکر ڏانهن اشارو ڪيو آهي؟ جيڪو پئي پراڻو نه ٿيندو ته اهو وَکر آهي، وطن دوستي، انسان دوستي، عوام دوستي اهو وَکر آهي غلاميءَ کان نفرت، آزاديءَ سان پيار، ڏاڍ آڏو نه جُهڪڻ، اصولن تي اَٽل ٿي بيهڻ، مقصد لاءِ لڳاتار پاڻ پتوڙڻ، سچ جو ساٿاري بڻجڻ، اهو وَکر آهي نيڪيءَ جي ڳولها، بديءَ کان بُڇان، اهو وَکر آهي جهالت جي پاڙ پٽڻ ۽ علم کي عام ڪرڻ. انهيءَ جي لاءِ هن پنهنجي سڄي شاعريءَ ۾ محبت ۽ پيار جو لازوال سبق ڏيندي ماڻهوءَ جي مَنَ کي محنت لاءِ اُتساهيو آهي. سندس اهو ئي چوڻ آهي ته ننڊ نڀاڳ آهي ۽ سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملندو. پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن هنڌن تي هُن ديني توڙِي دنياوي طور غفلتن کان پليو آهي، ڇو ته آرام ۽ عيش جي ترجيح نفس کي گمراهيءَ ڏي موڙِي ٿي. نفس کي مارڻ ئي “جهادِ اڪبر” آهي. هو مقصدي حياتيءَ کي اهميت ڏيندي ماڻهوءَ کي اڻ ورچائيءَ ڏي موڙي ٿو. سندس نظر ۾ وقت جو قدر ئي انساني معراج آهي. چوي ٿو ته:
جڏهن ستيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري،
تڏهن تنين کي، ساٿ سُتي ئي ڇڏيو.

رب کي ريجهائڻ جو ذريعو به ڪشالن، محنتن ۽ تڪليفن سان ڀرپور هجي ٿو، جڏهن قبول پوي، راتين جا رڪوع، قيام ۽ ذڪر هر ڪنهن جي وَسَ جي ڳالهه نه آهي قرآن پاڪ ۾ ڄاڻايل آهي ته:
“انَّ الۡقُرآنَ لِفَجۡرِ مشهوداً”
ترجمو: بيشڪ فجر جو پڙهيل قرآن پاڪ حاضر ۽ پسند ڪيو ويو آهي. بنيادي طور نه فقط اسلام پر هر مذهب ۾ عبادتن ۽ رياضتن لاءِ نفس ڪُشي محنت، جدوجهد ۽ اوجاڳن کي اهميت آهي. هڪ سُٺي انسان ٿيڻ لاءِ اهم وصف قرباني ۽ مقصد لاءِ پنهنجو پاڻ کي تج ڪرڻ آهي. جنهن جي لاءِ هر وقت چوڪس ۽ سُجاڳ رهڻو آهي، متان اوندهه ٿي وڃي ۽ پرينءَ جو پير لهي نه سگهجي، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪرڻي آهي. اها ڪاهه هر ڪنهن کي ڪرڻي آهي، چاهي اهو شاگرد هجي يا استاد، ڪڙمي ڪاسبي هجي يا مزدور، ڪامورو هجي يا سياستدان، طالب هجي يا مطلوب، محبوب هجي يا معشوق مطلب ته حياتيءَ کي مثبت نموني گهارڻ لاءِ ماڻهوءَ کي محبت مَن ۾ پائي محنت ۽ مستقبل مزاجيءَ سان منزل مقصود ڏانهن وڌڻو آهي، مقصد ۽ محبوب انهيءَ کي ملندا، جيڪي رندن روئندا، لامحدود عشق جي ڪماليت ۾ بي خود ٿيڻ سان ئي رستو آسان ٿو ٿئي.
مٿي اڳ ۾ ڄاڻايو اٿم ته شاهه صاحب جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به ڪنهن به هنڌ ڪابه مايوسي، بي همتي ۽ بيزاري نٿي ملي. جڏهن انسان ۾ اهڙا ناڪاري جذبا پروان چڙهندا آهن، تڏهن هو آهستي آهستي وِساڻيل اُجهاميل ۽ نيستو ٿيندو ويندو آهي. هو آزاديءَ کان غلاميءَ ڏي، اصولن کان بي اصوليءَ ڏي، سچ کان ڪوڙ ڏي مڙڻ لڳندو آهي. جتان ئي سندس زوال جو پهريون ڏاڪو شروع ٿيئي ٿو. غلاميءَ کي ننديندي سنڌ جو ڏاهو حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي مضمون “ڪمال ۽ زوال” ۾ لکي ٿو ته، “اهڙيون قومون جن ۾ همٿ ۽ محنت ناهي، انهن جا مرد عورتن جهڙا ۽ عورتون جنازن جهڙيون هونديون آهن ۽ آخرڪار اهي قومون غلام ٿين ٿيون”. آزاديون پڌري پٽ مشڪلاتن سان مهاڏا اٽڪائي ملن ٿيون. هن جهان جو جنسار ۽ سنسار جو سينگار ۽ انساني عظمت جو معراج محنت ئي آهي ۽ ڀٽ ڌڻي پڻ اسان کي اها ئي تلقين ٿو ڪري.
ٿڪيا ئي ٿرٿيلهه، چڙهه چڪيائي چوٽئين،
هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀو مڙيئي ڀيل،
اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.

شاهه لطيف پنهنجي وقت ۾ سنڌ کي ڏکين حالتن مان لنگهندي ڏٺو هو. کيس قنڌارين جي ڪرتوتن، ارغونن ۽ ترغانن جي هانءُ ۾ هٿ وجهڻ وارن قهري ظلمن جي ڀليءَ ڀت خبر هئي. ان ڪري هُن غيرن جي غلاميءَ کي پليندي آزاديءَ جا، سنڌ تان سر ساهه صدقو ڪرڻ جا سبق ڏنا. سور ۽ سختيون سهي سچ ۽ ساڻيهه لاءِ سُجاڳ رهڻ جو حڪم ڏنو. مارئيءَ جي ملير لاءِ محبت معرفت سنڌ واسين کي سنڌ سان سچي رهڻ لاءِ سُجاڳ ڪيائين. جُنگ جوانن ابڙن کي ۽ دودن دليرن کي ڳائي همٿ ۽ بهادريءَ جو مانُ مٿانهون ڪيائين.
ارڻ ٻڌي ابڙي، رِڻ ۾ رُڪ رئي،
تيغن تاءُ تِکو گهڻو، سگهي ڪونه سهي،
رَبّ هب لي اُمتي، چڙهئو ڄام چئي،
سمي سام کنئي، سرڻين جو سک ٿيو.

سورهيائي سجاڳيءَ جو اهڃاڻ آهي، صدين کان اها وصف سنڌ واسين وٽ هڪ لازوال خوبي سڏي وڃي ٿي. سورهيه سرويچ ملڪن جو مان ۽ شان هوندا آهن. مٿن صديون فخر ۽ ناز ٿيندو رهندو آهي، شاهه لطيف سنڌي مردن ۽ عورتن کي سورهيائيءَ جا سبق ڏيندي ڄاڻائي ٿو ته، “اهي گهوٽ اڻ موٽ آهن، جن کي سندن ونيون جنگ جي ميدانن ۾ پڻ پارت ڪري ٿيون موڪلين ته کين پٺيءَ تي گهاءُ نه لڳل هجن، هُو بزدلي بي همتي ۽ بي غيرتيءَ جو باعث نه بڻجن. سندن واتان ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُونهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.

شاهه سائينءَ موجب حياتيءَ کي غفلت ۾ نه گهاريو، “مقصد نه ماڻڻ معنيٰ زندگي ضايع ڪرڻ” زندگي ربّ پاڪ جي امانت آهي، جيڪا فقط هڪ دفعو ئي عطا ٿئي ٿي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ پيو وڙهي، ڪائنات جو ذرو ذرو رب پاڪ جي قائم ڪيل هن ڪائنات ۾ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهي. ماکيءَ جي معمولي مک پڻ گهڻيءَ محنت کانپوءِ ماکيءَ جهڙي شفاياب خوراڪ تيار ڪري ٿي، جنهن ۾ انسان ذات لاءِ شفا آهي. مک جي اورچائي، ڪوشش ۽ جفاڪشيءَ جي صلي ۾ تيار ٿيل ماکيءَ جو ڌڻي سڳوري قرآن پاڪ جي چوڏهين سيپاري رُبما جي سورة “نحل” ۾ ذڪر ڪيو آهي حڪمِ خدا ونديءَ سان ڪيل سندس محنت کي ڌڻيءَ سڳوري پسند ڪيو آهي.
جڏهن سڄيءَ دنيا ۾ جن، ملائڪ، پکي پکڻ، جيت جانور پنهنجي پنهنجي ڪمن ۾ رُڌل آهن، تڏهن انسان ته سڀني کان مٿانهين مخلوق آهي، هُن کي ته بلڪل اهو ويچار ڪرڻ گهرجي، ته سندس حياتيءَ جو ڪارڻ ڇا آهي؟ فقط مقرر ڪي سال حياتي جنهن جي مسئلن لاءِ هُو هر دم فڪرمند آهي، سا اصل نه آهي، اصل آهي، حياتيءَ جو مقصد، جو سمجهه، سجاڳيءَ، ڪامل يقين جي قوت، نيڪ نيتي، اورچائي ۽ محنت جي اٿاهه قوت سان ئي ماڻڻ ممڪن آهي.
“سي پنهون ڪوهه پڇن جي سنجهي رهن سُمهي”، “ستي نه سرندياءِ ڪر پچار پرينءَ جي”، “ستي سڄڻ نه مِلن آهي ايءَ کري”، “ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو.”، “ڪاهي وڃئو ناکئا ڪريو بري تي بڇ”، “جاڳڻ منجهان جس آهي جن کي”، “ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري، جاڳو جاڙيجا سما سک مَ سمهو”، “ايڏو سور سهي ننڊ نه ڪجي ناکئا”، “جاڳڻ جشن جن کي”، سک نه ساري رات، “جاڳيان سي واڳيا، طالب پهتا توڙ”، “ويٺين نه آهي وراڪو، ستين نه آهي سنڱ”، “راتيون جاڳن جي سي آئون ڪندي سيڻ”، مطلب ته شاهه جي رسالي ۾ انيڪ بيت اهڙا ملندا جن کي باريڪ نظر سان جانچبو ته اهي فقط ۽ فقط غفلت کان بچاءُ ۽ سجاڳيءَ جا سبق آهن. لطيف سائينءَ جي فڪر جو محور ترقيءَ جي راهه آهي، هن جي رسالي جو اکر اکر حقيقي ڪاميابي ماڻڻ جا گس پنڌ ڏيندڙ آهي، حياتيءَ لاءِ اُتساهيندڙ ۽ همٿ ڏيرائيندڙ آهي، جنهن تي غور ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ سان هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ حياتيءَ جي هر هڪ پل تي آسانيون پيدا ٿي سگهن ٿيون، شرط اهو آهي ته اهو عملي انسان هجي. شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جو محور ئي اهو آهي ته:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿيئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.