لطيفيات

عالم سڀ آباد ڪرين

پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو ”عالم سڀ آباد ڪرين“ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو. سپڪ، سهڻي، مڻيادار اندر جي اُڇل ۽ جذبن جي سچائيءَ سان گڏ تحقيق جو پھلو پڻ اُجاگر ٿيل آهي. شاه جي شاعريءَ جي ڪافي پهلوئن کي اجاگر ڪيو اٿس. چاهي ٻولي هجي يا سماجي پھلو هجن. تصوف جي اشارن ۽ علامتي اصطلاحن ذريعي شاه سائينءَ جيڪا انساني اندر کي روشني ۽ رهنمائي ڏني آهي ان کي بيان ڪيو اٿس. سماج جي هر طبقي جي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا، ڪڙمي، ڪاسبي، پورهيت هجن يا وري نازڪ جنس عورت جي عظمت جو سوال هجي، سانئڻ پروين وڏي محنت ۽ محبت سان بيان ڪيو آهي.
Title Cover of book عالم سڀ آباد ڪرين

نِيرُ منهنجي نينهن اُجاري اڇو ڪيو

سَکر سي ئي ڏيِنهن، جي مُون گهاريا بَندَ ۾،
وَسايَم وَڏڦڙا، مَٿي ماڙِين مينهن،
واجهاڻيس وِصال کي، ٿِيس تِهوارُون تيئن،
نِيرُ منهنجي نِينهن، اُجاري اَڇو ڪِيو.

(سر مارئي، 11-8)
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ غم جو فلسفو، ٻين شاعرن کان منفرد ۽ مختلف آهي. هو سورن ۽ سوز جي ڳالهه وڏي دانائيءَ سان ٿو ڪري. وٽس درد ۽ سور جي فلسفي جي منزلن جو معيار ئي نرالو آهي. سندس ڪيترائي سُر انهيءَ درد جي منزل تي آڌاريل آهن. سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ، سسئيءَ جا پنجئي سُر، سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ خاص طور حسيني. سُر ڪيڏارو، کاهوڙي ۽ مارئيءَ جا انيڪ بيت اها شاهدي ٿا ڏين ته ڏکن سان انساني سيرت ٿي گهڙجي ۽ ڏک ئي آهن جيڪي کيس ابدي خوشي عطا ڪن ٿا. ڏٺو وڃي ته ڏک ۽ سک زندگيءَ جا ٻه اهم رخ آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي ابتڙ هوندي به حياتيءَ ۾ هر ڪنهن سان گڏ گڏ آهن. ڏکن ۽ ڏولاون، صبر ۽ تڪليف کان پوءِ مليل خوشيءَ بعد سک بي معنيٰ ٿي ويندو آهي ۽ لڳندو آهي ته ڄڻ اهي ڏک نعمت هئا جن سان محبوب مهربان ٿيو ۽ هُن قرب سان ڪوٺي پنهنجو ڪيو آهي.
مارئيءَ جي واتان شاهه لطيف چورائي ٿو ته “اهي ڏينهن سٺا هئا جيڪي مون بَندَ ۾ ڪٽيا. منهنجي اکين مان وڏڦڙي مينهن جيئن لڙڪ لڙيا پئي ۽ جيئن جيئن وصال لاءِ واجهايم پئي تيئن تيئن پرزا پرزا ٿيندي ويس منهنجي انهيءَ محبت قيد جي زنجيرن کي به ڌوئي پوئي اڇو ڪري ڇڏيو”.
ڏک انساني روح کي مادي زنجيرن مان آجو ٿو ڪري ۽ جڏهن سندس اندر محبوب جو نوراني جلوو ٿو پسي ۽ سندس دل نور سان منور ٿي ٿيئي تڏهن ئي کيس سچو سک ٿو سري. ڏکن جي اندروني لذت جو احساس سندس اندر کي اجاري ٿو ڇڏي ۽ محبوب جي پنهنجي ڪرڻ سان سندس رياضتن، محنتن ۽ جداين جا سڀ سور ختم ٿي ٿا وڃن.ڌڻيءَ جي وصال لاءِ روئندڙ اکيون انهن نفساني خواهشن جي زنجيرن کي ڀورا ڀورا ڪري ٿيون ڇڏين ۽ اهي ڏکن جا ڏينهن امر ٿي ٿا وڃن. سندس نظر ۾ ته،
اَگهي اَگهائِي، رَنجُ پريان کي رَسيو،
چَکَيم چڱائِي، سورانگهي سُوريءَ تان.

(ڪلياڻ-2-1)
شاهه لطيف هڪ دردمند دل رکندڙ دانشور هو. سندس احساس واري دل درد ۽ غم جي عظيم عڪاس آهي. هن سماج ۾ ٿيندڙ ظلمن جي پيڙاءُ کي پنهنجي اندر ۾ اوتي عام تائين آندو. پاڻ پنهنجي ماڻهن کي سندن ئي سورن معرفت سڌو رستو سمجهايائين. هو سورن مان آجپي جا ڏَسَ ڏيڻ بجاءِ انهن کي جهوليءَ پائي جهلڻ جي تلقين پيو ڪري فرمائي ٿو ته:
اَچو تَه سُورن واريوُن ڪَيوُن سُور پَچارَ،
ڪَنِين گهڻا ڪَنِين ٿورا، ڪانهي ڏُکن ڌار،
ڏِنا جي ڏاتارَ، سي مُون جهوليءَ پائي جَهليا.

شاهه صاحب پاڻ دنيا جي آزمائشن مان لنگهيو ۽ انهي جي حقيقتن ۽ نتيجن تي غور ڪيائين ۽ کيس دين جي به وڏي ڄاڻ هئي، کيس اها مڪمل خبر هئي ته ڏک ئي آهن، جيڪي ابدي سک جو نشان آهن ۽ اهي ڏک ڏولاوا نبين ۽ اوليائن تي پڻ آيا. پر انهن تي همٿ ۽ صبر سان پورو لهڻ ئي انساني حياتيءَ جي معراج آهي. پاڻ پنهنجي مشاهدي جي ڏات سان ٻڌايو اٿن ته:
سُکن کان شاباس، ڏَهه ڏَهه ڀيرا ڏُکن کي،
مُنجهي هوندَ مُياس، پر سورن کڻي سونهون ڪيو.

سورن کي سونهون بنائيندي هو چئي ٿو ته، سکن کان به وڌيڪ ڏک اَڻَ مُلهه آهن جيڪي پرين در اگهجن ٿا. ڏٺو وڃي ته سکن تي ته سڄڻ پڻ ساڙ کائيندا آهن ۽ ڏکن تي دشمن پڻ دل ۾ درد ۽ احساس رکن ٿا، ان ڪري سکن ۾ ڪڏهن به اُتاولو نه ٿجي. جان ۽ جسم ۾ استقامت جو مادو صرف ڏکن سهڻ بعد ئي حاصل ٿيندو آهي. شاهه جي نظر ۾ عشق درد آهي ۽ درد ۾ روح جي لذت آهي ۽ اها ئي تن ۽ من جي دوا ۽ دارون آهي ۽ اها ئي سچي راحت آهي جا اندر جي خوشيءَ تي دارومدار رکي ٿي.
سؤ سُکن ڏيئي وَرهه وِهايمَ هيڪڙو،
مون کي تنهن نِيئي، پير ڏيکاريو پِرين جو.

مطلب ته ڀٽ ڌڻيءَ وٽ پرين تائين پهچڻ جو رستو ڏکن جي پيچري کي پار ڪري پوءِ ئي اچي ٿو. شاهه لطيف پنهنجي ڪردار سسئي کي سچي عشق جي تمثيل ڪري پيش ڪيو آهي. سکن کي تج ڪري هڪ عورت ذات ڏکن ۽ ڏولاون کي ترجيح ٿي ڏئي ۽ اهڙا ڏک، سور ۽ سوز جو ڪنهن مرد جي مجال نه آهي ته هٿ وجهي، جبلن جي لاهين چاڙهين ۽ مسلسل ڪشالن جي هن تاريخي داستان ۾ ڏک ئي ڏک آهن، مقصد پويان فنا جي مقام تي پهچڻ ۾ آفرين آهي هڪ عورت جي حوصلي ۽ همت کي، جا سرتين کي به پلي ٿي ته هن اڙانگي سفر تي مون سان گڏ نه اچو، متان ڪَڪَ ٿي منهنجي پنهونءَ کي ڪو پاراتو ڏيئي وجهو ۽ اهو به چوي ٿي ته:
سُکن واري سَڌَ، مَتان ڪا مُون سان ڪَري،
اَندرَ جَنِين اَڌَ، ڏوُنگر سي ڏورينديوُن.

(سسئي آبري)
سسئيءَ جا سڀيئي سر سچيءَ سڪ ۽ محبوب جي جدائيءَ جي ورلاپن جو بيان آهن.ڏونگرن کي ڏورڻ جي شڪتي انهن دِلين کي ئي نصيب ٿيندي، جيڪي اندر سڪ ۽ سوز ۾ وڍيل هوندا، جن کي پرينءَ جي پچار ۾ فرقت جو فيض ملندو سندن سورن ۽ سڪ جو سڳو سدائين تمنا ۽ تلاش ۾ رهي ٿو. سسئيءَ جبلن جي پنڌن پيچرن کان واقف ڪونه هئي ۽ سندس سچيءَ سڪ ئي کيس اهو رستو ڏيکاريو هوءَ سِڪَ ۽ سوز ۾ پچي جڏهن راس ٿي، تڏهن فنا ٿي بقا ماڻيائين، سندس سورن کي مڃيندي شاهه صاحب چوي ٿو ته:
ويٺي وَرَ نه پُون، سُتي نَه مِلنَ سُپرين،
جي مٿي رندن روُن، ساڄن مِلي تَنِ کي.

الاهي قرب جو به حقدار اهو ٿيندو جو سندس واٽ تي پاڻ کي ولوڙيندو. شاهه صاحب وٽ سور، سوز ۽ درد جي ڳالهه وڏي ولولي سان آهي. درد جو فلسفو تصوف جي حوالي سان هڪ تمام تفصيلي موضوع آهي. سنڌ جي صوفي شاعرن وٽ درد ۽ سوز جو ذڪر وڏي پئماني تي ملي ٿو ۽ شاهه صاحب انهي ۾ سوايو ڪردار ادا ڪيو آهي. هو سنئون سڌو سوز سان ئي چوي ٿو. جيئن هيٺيون بيت ڏسو ته ڪيئن نه ٻن سٽن ۾ سسئيءَ جي سڄيءَ حياتيءَ جو درد آميز نقشو ٿو چٽي.
سِر جِي تان سُورَ، سامائِي تان سُکَ ويا،
اهي ٻيئي پُور، مُون نماڻيءَ نَصيب ٿيا.

(حسيني 10-17)
۽ اهو به چوي ٿو ته:
سُورَن سانڍِياس، پُورَن پَالي آهيان،
سُکن جي سَيد چَئي، پُکي نه پياس،
جيڪس آئون هُياس، گري گوندر ول جي.

(حسيني 10-16)
شاهه صاحب جي غم جي فلسفي لاءِ جيئن آئون مٿي ڄاڻائي آئي آهيان ته اهو غم جو فلسفو هُن وٽ بلڪل منفرد ۽ نرالو آهي، هو ڏکن کان پوءِ سکن کي به ترجيح نٿو ڏئي پر اندر پچي، ڌوپجي راس ٿيڻ کي مانائتو ٿو سمجهي، اهو ئي محب سان ميل آهي ۽ ان جو اعليٰ درجو اهو آهي ته، “پنهون ٿيس پاڻ، سسئيءَ تان سورهئا”، يا “وجود ئي وڻڪار”، “آريءَ جي آ هُکُ مون رهنما راهه ٿيو” يا “ڪنهن پر روئان پرينءَ کي اندر ناهي اُساٽ”، سندس اندر ۾ ڏک پيهي وڃڻ بعد هوءَ پنهنجي جان، جسم ۽ روح سميت ڏک جو هڪ اڻ ٽٽندڙ حصو آهي. سندس وجود جو سور سهڻ جو سفر ايترو ته عام کان مختلف آهي جو کيس فراق کان پوءِ وصال جي به تمنا نه آهي. جڏهن ته ڏکن جي شروعات ۾ هوءَ پاڻ کي پلي ٿي ته کانئس ڪهڙيون غلطيون ٿيون، کيس نڀاڳي ننڊ ڇو آئي؟ ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن کيس ڇو ايڏا ڏک ڏنا؟ قسمت ساڻس ائين ڇو ڪيو؟ هوءَ آيل ڏکن تي ڏونگرن کي ڏوراپا ٿي ڏي، پير پٿون ٿا ٿينس، تڏهن کانئن دِلاسا ٿي گهري پر جڏهن انهن سورن ۽ سختين کيس سوز، فراق ۽ عشق جي اُساٽ ۾ رچائي ريٽو ڪيو تڏهن اهي سختيون ۽ سور ساڻس گڏ هوندي به بي حيثيت ٿي ويا. هوءَ پاڻ پنهون ٿي ويئي سندس طلب شانت ٿي ويئي اهو ئي غم جو فلسفو شاهه صاحب وٽ آهي. ڀٽ ڌڻيءَ وٽ ڏک سکن جي سونهن آهن جن جي سبب ئي محبوب ڪوٺي پنهنجو ٿو ڪري ۽ پنهنجي پياري محب جي ڏنل ڏکن کي ظاهر به ڪونهي ڪرڻو اهي سور سيني سان لڳائبا، تڏهن ئي پرين پسبو فرمائي ٿو،
جَن کي دَورُ دَردَ جو، سبق سور پڙهن،
فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن،
پَنو سو پَڙهَن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي.

(يمن ڪلياڻ، 5-17)
جيڪي وري وري ورجائي سورن جو سبق پڙهن ٿا. اهي ئي پرين پسن ٿا. شاهه سائين توحيد جي عقيدي کي بنياد ڄاڻائيندي شرڪ کان بچڻ جي تنبيهه ڪئي آهي. سندس موجب غم ئي اتان شروع ٿيندو جتان ٻيائي شروع ٿيندي. صوفين جي چوڻ مطابق پنهنجي وجود کي حقيقي نه سمجهڻ گهرجي. حضرت جنيد بغداديءَ موجب ته، “صوفي پنهنجي ذات کان فاني ٿي الله تعاليٰ جي ذات ۾ گم ٿي بقا حاصل ڪندو آهي”. ساڳيءَ ريت شاهه صاحب پڻ اهو ئي فنا جو فلسفو ڏنو آهي. سندن موجب ته، “پاڻ کي فنا ڪري حق جي ذات جو قرب حاصل ڪر ۽ وجود وسارڻ ئي محبوب حقيقيءَ جو وصال آهي” حقيقي عشق جي رستي جون تڪليفون، سختيون ۽ سورئي راحت جو موجب آهن. سپريان جي سور جو ذڪر ڪرڻ به نه جڳائي شاهه فرمائي ٿو ته،
جي تو سِڪڻ سِکيو ته ڪاتيءَ پئي مَ ڪَنجههُ،
سُپريان جي سُورَ جو، ماڙهُن ڏِجي نه منجهه،
اندر ايءُ اَهنجُ، سانڍِج سُکائون ڪري.

(ڪلياڻ، 2-14)
نه فقط ذڪر ڪرڻ جڳائي پر اهو سور اندر ۾ سانڍڻو آهي ۽ ان اهنج ۾ پچي راس ٿيڻو آهي. نڪو ڪاتيءَ پئي ڪُنجهڻو ۽ ڪُرِ آهي ۽ نڪو ماڻهن کي منجهه ڏيڻو آهي، مطلب ته نِهائينءَ جيئن نِينهن کي پچائڻو آهي سارو ڏينهن سڙي به ٻاهر ٻاڦ ناهي ڪڍڻي، هن ڌڻيءَ در جڏهن اهو صبر جو درجو اگهجي ٿو، تڏهن ئي سڪوت سلام ٿئي ٿو. لطيف سائين فرمائي ٿو ته،
پَرَ ۾ پڇيائُون، عِشقَ جي اسبابَ کي،
دارونُ هن درد جو ڏاڍو ڏَسيائُون،
آخِرُ وَالعصَر، جو ايهين اُتائُون،
تِنهان پوءِ آئُون، سِڪان ٿي سَلامَ کي.

(ڪلياڻ، 3-8)
سورة “والعصر” قران پاڪ جي 30 سيپاري جي 3 آيتن جي سورة آهي ۽ قرآن پاڪ جي ترتيب مطابق 103 نمبر سورة آهي، جنهن جو ترجمو آهي ته، “زماني جو قسم ته انسان نقصان ۾ آهي. پر اهي، جن الله تي ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ حق جي تلقين ۽ صبر جو تاڪيد ڪندا رهيا”. يعني صابرين نقصان کان بچيل آهي ۽ سچ ڳالهائيندڙ ۽ حق ۽ سچ جي مدد ڪندڙ ئي ڪامياب آهي.
شاهه لطيف سوره والعصر جي آخر يعني “وتواصوبالصبر” جي تاڪيد کي دل سان ۽ سچي جذبي سان تسليم ڪرڻ جو حڪم ٿو ڏئي. عام طور تڪليفن ۾ ماڻهوءَ جي واويلا وڌي ويندي آهي. پر هيءُ غم جو فلسفو ڄاڻائي ٿو ته غم جو هٿيار ئي صبر آهي، غم کي غم سان مارڻو آهي، غم جي اندر لهي وڃڻو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جي حوالي ڪرڻو آهي، جنهن ڏنو آهي ۽ لاهيندو به اهو ئي ڏاتار، ڀلي ڪپي ڪوري پر اصل عاشق اَجَل سامهان هوندا. هو پوئتي نه هٽندا.
پَاٻوهيو پُڇن، ڪِٿي هَٿِ حَبيبَ جو،
نيزي هِيٺان نِينهَن جي، پاسي پاڻُ نه ڪَن،
عاشِق اَجل سامهان، اوُنچي ڳاٽ اَچن،
ڪُسڻ قرب جَن، مرَڻ تن مشاهدو!

(سر ڪلياڻ، 3-16)