جي ڀانِييِنن جوڳِي ٿِيان
جي ڀانِييِن جوڳي ٿيان، ته رلي کڻي مَ رُل،
ويڙهي ويهه وجود کي، ٻُڌ هيڪڙائيءَ جو هُل،
آهين پاڻ اَمُلهه، پِنين ڇو پينارن کان.
اسان کي شاهه عبداللطيف پنهنجي ڪلام ۾ جنهن مثالي (Ideal) انسان جو تصور ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ هُن پهريان هڪ ماپو مقرر ڪيو آهي. ڏٺو وڃي ته اُنهيءَ ماپي تي پورو پوڻ لاءِ هن جي پنهنجي حياتي، مثال طور اهم آهي، شاهه عبداللطيف پاڻ درد مند دِل رکندڙ، سماجي خدمت گذار هو. هُو ڪنهن به انعام ۽ ايوارڊ جو طالبُو نه هو. هٺ، تڪبر، فخر، آڪڙ ۽ وڏائيءَ کان ڪوهون پري هن نيڪ نيت انسان جي حياتي جدوجهد ۽ ڪشالن ڪڍڻ جي هئي، هن پنهنجي تن ۽ مَنَ کي تُسا ڏنا. لهواري لوڪ ۾ هُو “اوچو وهه اوڀار” جي سوچ رکندڙ ۽ عمل ڪندڙ هو. ڏک ۽ سور ته حياتيءَ جو حصو آهن. پر اوجاڳا، سفر، بکون انهن انسانن جو مَرَڪ آهن، جيڪي پنهنجي پاڻ سان ڪجهه به نٿا کڻن. جهڙا اچن ٿا تهڙائي وڃڻ چاهين ٿا. اهڙن جو ساٿ سهڻي لطيف کي پسند آهي ۽ انهن جو ئي ساٿي رهيو،
نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ريءَ.
شاهه لطيف اهڙي آدرشي انسان کي پسند ڪندڙ آهي، جوڪڙي ۽ قاتل جو هيراڪ آهي، جو جَرَ تي ڦوٽي جيان اُڀري ختم ٿيندڙ نه پر حيات جاودان ماڻيندڙ ۽ حياتيءَ جي اسرار کي سمجهندڙ آهي. هُو اجتماعي مقصدن کي اهميت ڏيندڙ سماج جي ڀليءَ اوسر لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، انسان ذات جي ترقيءَ ۽ ڪاميابيءَ جي خوشخبري ڏيندڙ، حق جي ڳولها ڪندڙ آهي. اهڙا سنياسي، خوديءَ کان خالي، منافقت کان پاڪ، لاهوتي لعل ۽ محبتي مڻيادار ملڻ هر دور ۾ محال رهيا آهن. پر رب پاڪ پنهنجي پيارن ٻانهن مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيو آهي، هُن وقت به وقت اهِڙا اڻ ملهه موتي هن ڌرتيءَ تي موڪليا اهن، جن کي موت مات نه ڏني آهي.
نابُودي نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو،
مُورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي.
ڪبي ات ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.
شاهه عبداللطيف هڪ اعليٰ انسان ۽ منفرد شاعر هو. سندس ڪلام ۾ هن تمثيل طور جيڪي به ڪردار پيش ڪيا آهن، انهن جون خوبيون مثالي خوبيون آهن. هن عظيم مفڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ شروع کان آخر تائين هنڌ هنڌ پنهنجي ڪردارن جي وصفن کي ڳائي انهن کي امر ڪيو آهي.
جيئن مثال طور ڪمزور ۽ مسڪين مارئيءَ کي شاهه صاحب وقت جي بادشاهه اڳيان جهڪائڻ جي بجاءِ کيس ايترو ته بهادر، با همٿ ۽ با ڪردار ڪري پيش ڪيو آهي. جو لطيف سائينءَ کان اڳ جو سنڌ جو هيءَ رائج لوڪ داستان سندس بيتن وسيلي امر حيثيت ماڻي ويو آهي. مارئي واتان هن وَرَ وَرَ ڏيئي پنهنجي غريب ماروئڙن لاءِ محبت ۽ پيار جا آفاقي جذبا چٽيا آهن، لوئيءَ جي لڄ کي قائم رکڻ، شاهي شان، ويسن وڳن ۽ ست رڇين خوراڪن بجاءِ پنهنجي ڏٿ ڏؤنرن ۽ جهانگين جي جهوپن لاءِ سڪڻ، فقط ۽ فقط مارئيءَ جي اعليٰ ڪردار جي ضمانت ٿو ڄاڻائي. سندس ڪردار کي شاهه صاحب تمام مٿانهون ۽ پختو بيان ڪيو آهي جو نه ڊڄي ٿو نه ئي لالچ ۾ ٿو اچي، جنهن جي لاءِ وطن جي کِهه کٿوري آهي ۽ هوءَ پکن جي پريت ماڙين سان مٽائڻ نٿي چاهي، سنڌ ۾ وطن جي حب جو عظيم جذبو شاهه لطيف جي مارئيءَ جي بيتن کان پوءِ ئي پروان چڙهيو آهي.
نه فقط مارئي پر شاهه جي رسالي جو هر ڪردار اخلاقي وصفن سان سينگاريل آهي، سر ڪاموڏ جي نوري جنهن جي سيرت جي سلڇڻائيءَ سمين ۽ سومرين تي فوقيت ماڻي، درياهه کي دليريءَ سان پار ڪندڙ سهڻي جا نه دريا جي ڪڙڪن کان ڪنبي ۽ نه مينهن ۽ سيءَ سندس رستو روڪيو. ساڳيءَ ريت سسئي شاهه صاحب جو هڪ اهڙو ڪامل ڪردار آهي، جنهن جي حياتي ئي “ڏورڻ” ۽ “لهڻ” ۽ “جهد” جي چوگرد ڦري ٿي. کيس سڄن سارن پنجن سُرن سسئي، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ آبريءَ ۾ مڃتا ڏني اٿس، ان کان سواءِ مومل، سورٺ ۽ ٻين ڪردارن وسيلي هن مثالي انسان جا نقش چٽيا آهن، سخي راءِ ڏياچ هُجي يا جادم جکرو، بُري تي بڇ ڪرڻ وارو جڏو مورڙو هجي يا گودڙين ۾ گهاريندڙ کاهوڙي هجي شاهه صاحب پنهنجي هر هڪ ڪردار کي امرتا بخشي آهي، سندس نظر وسيع ۽ فڪر بلند هو، انهيءَ ڪري هُن مثبت خيالن ۽ هاڪاري روين کي پنهنجي شاعريءَ وسيلي عام ڪيو جن سان هر انسان لاءِ ٻنهي جهانن جي ڀلائي ٿئي.
شاهه جا مثالي انسان جڳ جي خوشَحالي ۽ بخت آهن هو عام مان آهن ۽ عام جا آهن، جهڙا جيئن اچن ٿا، تيئن ئي هن جهان مان واپس وڃن ٿا. هو روشن دماغ، باضمير، حساس ۽ همدرد آهن، سندن انفراديت اها آهي ته هُو جدت پسند، مهذب ۽ ترقي پسند ته آهن ئي، پر اصول پسند ۽ سماج جي حسين آدرشي اڏاوت جو تصور رکندڙ آهن اهڙن کي مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته:
جکرا! جِيين شالَ! تنهنجو ڪَنين مَدو مَ سُڻان،
جِيئن تو اچي ڪالَ، نالائِقَ نَوازِيا.
(بلاول 2-2)
شاهه لطيف جو مثالي انسان نيڪ نيت ۽ بي لوث آهي، جنهن جي اندر جون وصفون هن ڌرتيءَ جي ذري ذري کي گل و گلزار ڪن ٿيون، اهڙن صوفين، کاهوڙين، آديسين، جوڳين، لاهوتين، سامين ۽ ڪن ڪٽ ڪاپڙين کي هُن ڪيترن ئي هنڌن تي مڃتا ڏني آهي.
جهڙا ڪَڙِڇَ ڪَڪِرا، تِهڙا جائِن ڦُلَ،
تَن سامين جي سَڌَ مَران، جَنِ جي گودڙِينِ ۾ گُلَ،
اَندرِ مُلههَ اَمُلَ، ٻَهِر ڪوجها ڪاپڙي.
(رامڪلي، 6-11)
شاهه صاحب جي شاعري سنڌي سماج جي هر دور جي اهم ترين ضرورت آهي، انهيءَ کي پڙهڻ، پروڙڻ، وڌائڻ ۽ ويجهائڻ سان ئي اسان مثالي انسانن جو معاشرو ٺاهي سگهنداسين.