ليکڪا جي ڇپيل ڪتابن جو تعارف: ادارو
[b]1- سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات:
[/b]ڪتاب روشني پبليڪيشن 2004ع ۾ شايع ڪيو آهي، ليکڪا جو هيءَ پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي شاگرد طبقي مان گهڻي پذيرائي ملي خاص طور مقابلي جي امتحانن لاءِ تيار ڪيل هيءُ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ ادبي دور جي ارتقائي جائزي سان گڏ مشهور شاعرن جيئن قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي شاعريءَ تي روشني وڌي ويئي آهي، ته ٻئي حصي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي احوال سان گڏ نثر ۽ نظم جي مشهور صنفن تي روشني وڌل آهي. مشهور نثر نويسن جي احوال سان گڏ سنڌي مضمون نويسيءَ ۽ صحافتي ترقيءَ کي بيان ڪيو ويو آهي. ٽيون حصو لطيفي مضمونن ۽ گرامر تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مهاڳ، “اکر منجهه الف” جي عنوان سان سندن وڏي ڀاءُ ۽ نامياري ليکڪ سنڌ حڪومت جي سابق سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفتاب احمد ميمڻ لکيو آهي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي راءِ ڏنل آهي، 272 صفحن جي هن ڪتاب جو انتساب ليکڪا پنهنجي والد مرحوم محمد موسيٰ ميمڻ جي نالي ڪيو آهي ۽ سندن ئي نالي تي هن پبليڪيشن جو ادارو محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي پڻ قائم ڪيو آهي ۽ انهيءَ اداري مان هيستائين سندن چار ڪتاب شايع ٿيا آهن.
[b]2- سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس:
[/b]ڪتاب جي مسودي کي “هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد”2005ع ۾ مونو گراف ۽ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم طور منظور ڪيو ۽ 2008ع ۾ ايڇ اي سي هي ڪتاب اسلام آباد مان ايڇ اي سي جي پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جون 500 ڪاپيون پهرين ڇاپي ۾ شايع ٿيون جيڪي اداري پاران پاڪستان جي مختلف تعليمي ادارن ۽ لائبريرين کي موڪليون ويون ۽ 100 ڪتاب ليکڪا کي اعزازي ڪاپين طور ڏنا ويا ۽ سهڻي ڪاغذ ۽ ٽائيٽل سان شايع ٿيل هن ڪتاب جو ISBN 969-417-104-0 آهي. ليکڪا هيءُ ڪتاب پنهنجي والده غلام فاطمه کي ارپيو آهي. سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس ۾ مروج طريقي مطابق ببليو گرافي ۽ ضميمو ڏنل آهن.
سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس ڪتاب نثر جي اهم صنفن جيئن مضمون، مقالا، سفر ناما، ناول، افسانا ۽ ڊرامن جي ڄاڻ ڏنل آهي. 404 صفحن جي هن ڪتاب ۾ نثر جي هر صنف تي تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ دعائيه ڪلمات لکيا آهن جن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته، “سنڌي نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ ليکڪا مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع ڪيو آهي”. مهاڳ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ۽ هن ڪتاب کي سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ قرار ڏنو آهي، جو هائر ڪلاسن جي شاگردن کان سواءِ علم ادب جي عام مطالعي ۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ ان لاءِ گهربل مواد جون گهر جون مهيا ڪري ٿو. ڪتاب جي سائيز 30x20/8 آهي ۽ انٽرنيٽ تي ايڇ اي سي جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هيل تائين اهو فقط ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۽ ٻين اهم لائبريرين ۾ موجود هو جتان شاگرد طبقو مستفيض ٿي رهيو آهي. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو تازو هيڪ جي اجازت سان 2015ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو شايع ڪيو آهي.
[b]3- آديسين ادب آهي اکڙين ۾:
[/b]ڪتاب لطيف شناسيءَ تي ميمڻ پروين موسيٰ جو ترتيب ۽ تحقيق طور تيار ٿيل آهي. هيءُ ڪتاب 2008ع ۾ پهريون ڇاپو ۽ 2009ع ۾ ٻيو ڇاپو، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي طرفان ڇپيو آهي، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 150 صفحا آهن ۽ 150 رپيا قيمت آهي، بلو رنگ جي ٽائيٽل سان شاهه صاحب جي روضي جو عڪس ڏنل آهي ۽ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪا جي تصوير ۽ سندن تعارف موجود آهي، هن ڪتاب جو عنوان شاهه صاحب جي رسالي مان سُررامڪليءَ جي بيت مان ورتل آهي، پروين موسيٰ جي هن ڪتاب جو موضوع بلڪل منفرد ۽ نئون آهي، ان کان اڳ هن ڏس ۾ ڪوبه ڪم ٿيل نه هو انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب گهڻو ڪامياب ويو. هن ڪتاب ۾ ليکڪا شاهه صاحب جا اهي بيت داستانن ۽ سرن جي حوالي سميت پيش ڪيا آهن جن بيتن مان سنڌي ادب جي ڪتابن جا عنوان چونڊيل آهن جيئن مثال طور پڙاڏوسوئي سڏ (ناول) اندر جنين اڌ (سفر نامو) اهڙيءَ ريت شاهه صاحب جي بيتن مان چونڊيل بيتن تي مشتمل سنڌي ادب جي ڪتابن جي موضوع وار تفصيل ۽ گڏ اهي بيت ڏنل آهن، جن جو وچور ٽي سئو تائين آهي، جيڪي شاعري، ناٽڪن، ناولن، افسانوي مجموعن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ متفرقه موضوعن تي مشتمل آهن. ڪتاب جي باري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ڊاڪٽر نورافروز خواجه طرفان ٻه اکر ۽ مهاڳ لکيل آهن. جن هن ڪتاب جي ڪاوش کي ڪارائتو ۽ علمي افاديت وارو قرار ڏنو آهي ۽ جنهن سان شاهه صاحب جي شاعريءَ جو هڪ نئون رخ ظاهر ٿيو آهي. خاص طور محمد ابراهيم جويو صاحب ڪتاب جي موضوع، مواد، ڪمپوزنگ ۽ بيتن تي لڳل اعرابن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، هن ڪتاب جي ارپنا انهن آديسين جي نالي آهي، جيڪي لطيفي فن ۽ فڪر جو ذوق ۽ شوق رکندڙ ۽ هن ڏِسَ ۾ راهون روشن ڪندڙ آهن. “آديسين ادب آهي اکڙين ۾”، جو ٻيو ڇاپو 2009 جي آخر ۾ گري رنگ ۾ ڇپيو. جنهن ۾ پڻ شاهه صاحب جي روضي جو عڪس ڏنل آهي ۽ موجوده وقت اهو ڇاپو ختم ٿي چڪو آهي.
[b]4- اٿي رائوريل (تنقيد ۽ تحقيق):
[/b] پروين موسيٰ ميمڻ جو هي ڪتاب محمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي پاران 2008ع ۾ شايع ٿيو پيلي رنگ جي ٽائيٽل سان هن ڪتاب جي پوئين ڪور تي ليکڪا جو تعارف ۽ تصوير موجود آهي. اٿي رائوريل، جو عنوان شاهه لطيف جي شاعريءَ مان سر سسئي آبري جي داستان 8 مان 13 نمبر بيت، “ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙهه چڪيائي چوٽئين”، جي بيت مان ورتل آهي. ڪتاب جا موضوع سنڌي ٻولي، ادب ترجما، تنقيد ۽ ليطيفيات آهن خاص طور سنڌي ادب جي اهم موضوعن جيئن سنڌي ٻولي، نثر جي اهميت، سنڌي نثر جون اهم صنفون ناول، ناٽڪ، افسانا، سفر ناما، سوانح نگاري، لطيفيات ترجما نگاري، ادب ۾ ترجمي جي اهميت، تنقيد جو عمل، نقاد جون جوابداريون، مضمون نويسي / مقالا نگاري ۽ ٻيا اهم موضوع شامل آهن، هيءُ ڪتاب چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو: (ٻولي، ادب، نثر ۽ نظم) ٻيو ڀاڱو (نثر جون اهم صنفون، تحقيقي جائزو) ٽيون ڀاڱو (ترجما، تنقيد ۽ لطيفيات) ڀاڱو چوٿون (سوانحي، علمي ۽ ادبي مضمون) آهن جن ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ شيخ اياز جي خدمتن تي روشني وڌل آهي، هن ڪتاب جي سروق جي اندرين صفحن تي ليکڪا جي ڪتابن تي عالمن ۽ اديبن جا رايا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر الانا، پروفيسر آفاق صديقي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ماهتاب محبوب، مظهر جميل، مظهر الحق صديقي، حميد سنڌي، ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ ٻين جا رايا آهن. هيءُ مختصر ڪتاب مواد ۾ گهاٽو ۽ لاڀائتو آهي، سنڌي ادبي سنگت پاران “اٿي رائو ريل”، کي 2008ع جي بهترين تنقيد ۽ تحقيق جي ڪتاب طور ايوارڊ ڏنو ويو.
[b]5- سون ورنيون سوڍيون:
[/b]جي ترتيب ۽ تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ آهي. هي ڪتاب محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، الرزاق پرنٽنگ ايجنسيءَ کان 2009ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، 242 صفحن جي هن ڪتاب جو انتساب شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نانءُ خوبصورت تصوير جي هيٺان ليکڪا لکيو آهي ته، “ورسي وطن ڄائيون”، جهونجهارن جوانن جيان، ڌرتيءَ ماءُ کي رت جو ريج ڏيندڙ سنڌ جي عظيم نياڻيءَ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي نانءُ، “سون ورنيون سوڍيون” ڪتاب موضوع جي حوالي سان ڪهاڻين تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ سنڌي ليکڪائن جا (1932ع کان 2008ع) تائين جا افسانا شامل آهن، جيسي ڪڏواڻي، پوپٽي رامچند هيرا اننداڻي، سندري اتم چنداڻي، تارا مير چنداڻي، ايشوري جوتواڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽا شهاڻي، وينا شرنگي، ڪملا گوڪلاڻي، اندراشبنم، بيگم زينت عبدلله چنا، ثميره زرين، خيرالنساء جعفري، تنوير جوڻيجو، ماهتاب محبوب، فهميده حسين، نورالهديٰ شاهه، سحر امداد، تبسم ماهتاب قريشي ۽ ٻين جون ڪهاڻيون آهن، ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ “سنڌي ادب جي هڪ قابل استاد ۽ اديبه” جي عنوان سان لکيو آهي، ڊاڪٽر شمس الدين هن ڪتاب جي ڪهاڻين کي معياري چونڊ قرار ڏنو آهي ۽ ليکڪا موجب ته هنن ڪهاڻين ۾ سنڌي عورت جون سوچون، ويچار، عزم، ارادا، ننڍيون ننڍيون خواهشون، مانائتي جيون جيئڻ جا آدرش شامل آهن ته سنڌي قوم جي مزاج، تاريخ، تهذيب، معاشرت ۽ ماحول جي نمائندگي پڻ آهي، هن ڪتاب ۾ پروين موسيٰ طرفان، “ڪهاڻي ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون”، عنوان سان تحقيقي مقالو پڻ شامل آهي، جيڪو سندن پي ايڇ ڊي جي ڪم جي مطابق آهي، سندن انهيءَ تحقيقي ڪم جي حوالي سان ئي اهو ڪتاب ترتيب جي عمل ۾ آيو. ڪتاب جو ٽائيٽل اجرڪ جي ثقافتي رنگ سان آهي، جنهن ۾ سنڌ جي نقشي اندرانهن ڪهاڻيڪارائن جون تصويرون ۽ هيٺ سندن ڪتابن جا عڪس آهن. ڪتاب جو عنوان شاهه جي رسالي جي، سُر مومل راڻو جي داستان 3 مان ورتل آهي. عورت ڪهاڻيڪارائن جي ڪهاڻين جو سنڌ توڙي هند ۾ هيءُ پهريون مجموعو شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي خطن جي ليکڪائن جي نمائندگي ٿي آهي جو هند ۾ پڻ گهڻو پسند ڪيو ويو آهي.
[b]6- وَکر سو وهاءِ:
[/b]هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ طبعزاد مضمونن جو مجموعو 2011ع ۾ ڇپيو آهي. 4-149-969-978- ISBN هن ڪتاب جو نمبر آهي، “مونو گراف اينڊ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم مطابق 2006ع جي ائڊور ٽائيز تحت ليکڪا هيءُ مسودو ايڇ اي سي کي موڪليو جتان اهو ماهرن جي راءِ کان پوءِ مختلف مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ منظور ٿيو. پهرين ڇاپي جي اشاعت 500 ڪاپين جي ٿي آهي، ڪتاب جو پنو تمام سهڻو ۽ ٽائيٽل ديده زيب آهي جنهن ۾ لائبريريءَ جو ڏيک ڏنل آهي جيئن عنوان مطابق، وکر سو وهاءِ يعني علم پرائڻ جي تلقين آهي، هن ڪتاب ۾ علم جي افاديت تي سترنهن مضمون آهن ۽ عنوان شاهه صاحب جي سر سريراڳ جي داستان 3 ۽ بيت نمبر 2 “وَکر سو وِهاءِ”، جو پئي پُراڻو نه ٿئي”، مان ورتل آهي، ڪتاب جو انتساب ليکڪا جي گهر ڀاتين ورانور خان پٽن يا سررضا، محمد مجتبيٰ ۽ نياڻيءَ ڊاڪٽر ثمر ۽ ڏوهٽن محمد مير ۽ محمد وليءَ جي نالي آهي”.
مضمونن جي هن ڪتاب جو مهاڳ مهتاب اڪبر راشديءَ لکيو آهي، حميد سنڌي، مظهرالحق صديقي ۽ ڊاڪٽر ادل سومرو جا ليک ڪتاب جي باري ۾ شامل آهن ۽ شروع ۾ ليکڪا پاران مضمون نويسيءَ جي اهميت ۽ افاديت تي روشني وڌل آهي. وکر سو وهاءِ، ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو (تعليم) آهي جنهن ۾ 17 مضمون ۽ 4 موضوعن تي علمي بحث مباحثا آهن ۽ ٻيو ڀاڱو (ادب) آهي جنهن ۾ لوڪ ادب شاعري، نثر ۾ ليکڪائن جو حصو ۽ ٻيا موضوع آهن ٽيون ڀاڱو (لطيفيات) آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي بيتن جي سٽن تي مشتمل ڏهه مضمون آهن. جيئن، “ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا” يا “جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سي ئي ڪن” وغيره چوٿون ڀاڱون پهاڪن، چوڻين ۽ قولن تي مشتمل مضمونن جو آهي، جيئن “سچ ته بيٺو نچ” “صبر جن جو سير تيرنه گُسي تن جو”، ۽ ٻيا مضمون آهن. پنجون ڀاڱون سوانحي مضمونن جو آهي جنهن ۾ شاهه ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين شخصيتن تي مضمون آهن ۽ ڇهين ڀاڱي ۾ متفرقه موضوعن تي جيئن، “جيون گهارڻ جو فلسفو”، “محبت ۽ نفرت” ۽ ٻيا عنوان آهن مجموعي طور هيءُ مضمونن جو مجموعو 216 صفحن جو آهي، ڪتاب جي سائيز 30x20/8 آهي، ڪتاب جي آخر ۾ مروج طريقي مطابق ببليو گرافي ۽ ضميمو ڏنل آهي، “وکر سو وهاءِ” مضمون نويسيءَ جي موضوع تي موجوده دور ۾ هڪ بلڪل منفرد ۽ وڻندڙ مضمونن جو مجموعو آهي جو سنڌي ادب ۾ مضمونن جي ڪتابن جي اڻاٺ هئڻ سبب هڪ بهترين اضافو شمار ٿي رهيو آهي.
[b]7- اخلاقي قدر (مضمونن جو گلدستو):
[/b]ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو ٻاراڻي ادب لاءِ مضمونن جو گلدستو آهي، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊميءَ طرفان 2010ع ۾ ڇاپيو ويو، 72 صفحن جي هن ڪتاب جو، ٽائيٽل اجرڪ جي ڦلڙين سان سجيل آهي. جڏهن ته ڪتاب تي ليکڪا جو فوٽو ۽ سندس اڳ ڇپيل ڇهن ڪتابن جا عڪس ڏنل آهن، هيءُ مختصر ڪتاب نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد، طرفان ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ ۽ فروغ لاءِ اخبار ۾ ڏنل هڪ اشتهار جي بنياد تي انعامي مقابلي لاءِ موڪليو ويو، جتان ليکڪا کي ميرٽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو، هن ڪتاب ۾ پيش لفظ ۽ ماهراڻي راءِ، ولي رام ولڀ ۽ يوسف سنڌيءَ طرفان لکيل آهي، جن اخلاقي قدر ڪتاب کي نه فقط شاگردن پر استادن ۽ والدين جي لاءِ به اهم قرار ڏنو آهي، هن ڪتاب ۾ جن موضوعن تي مختصر مضمون آهن جي هڪ طويل مضمون جو حصو آهن. انهن ۾ دوستي، حُسن اخلاق، سادگي، سچ، امن، اميد، علم، ڪتاب، روحانيت ۽ ٻيا موضوع آهن.
هيءُ ڪتاب ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي کوٽ جي پورائي ۾ مفيد ثابت ٿيو آهي. جنهن جو ٻيو ڇاپو 2016ع ۾ سنڌ راڻي پبليڪيشن شايع ڪيو آهي ۽ مهاڳ سليم چنا لکيو آهي.
[b]8- سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو: تحقيقي اڀياس (1985ع تائين) پي ايڇ ڊي جو مقالو:
[/b]ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو مٿئين موضوع تي تحقيقي مقالو، 2012ع ۾ سنڌيونيورسٽي ڄامشورو، پي ايڇ ڊي جي لاءِ منظور ڪيو آهي، جيڪو ڊاڪٽر نورافروز خواجه جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيو، هن تحقيق ۾ نو باب ڏنل آهن، آخر ۾ مڪمل تحقيقي نتيجا ببليو گرافي ۽ ضميمو موجود آهن، هيءُ ضخيم مقالو 475 صفحن تي مشتمل آهي، باب پهريون (الف) نثر آهي جنهن ۾ نثر جي وصف، قسم ۽ نثر جي ترقيءَ لاءِ گهربل خاصيتن تي بحث ڪيل آهي، باب پهريون جي (ب) ۾ نثر جي ابتدا ۽ اوسر مختلف تاريخي دورن جي حوالي سان سنڌي نثر جي ٿيل ترقي ۽ اوائلي نثر کان موجوده دور تائين آيل تبديليون ۽ ٿيل ترقيءَ جو جائز و شامل آهي، باب ٻيو سنڌي عورت جي سماجي حيثيت ۽ تعليم جي باري ۾ آهي، جنهن ۾ تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ عورتن جي سماجي حيثيت ۽ تعليمي پس منظر ۽ موجوده علمي صورتحال جو تحقيقي جائزو ڏنل آهي، هن تحقيق جو ٽيون باب 1947ع کان اڳ جي ليکڪائن جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ حصو آهي، جنهن ۾ تعليم يافته عورتن جي ادب ۾ شموليت جي حوالي سان انهيءَ دور جي زناني تعليم جو تفصيلي جائزو ڏنل آهي، انهيءَ کان سواءِ 1947ع کان اڳ جي ليکڪائن جيئن سيتا ديوي، گلي سدار نگاڻي، چندرا آڏواڻي ۽ ٻين جي فن جي تحقيقي جائزي سان گڏ هن دور جي چند اهم ناولن جيئن، “سروجا”، “اتحاد”، “پريم جيون” ۽ ٻين ناولن جو تنقيدي اڀياس شامل آهي، چوٿون باب 1947ع کان پوءِ جي ليکڪائن جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ حصي جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ اهم ناٽڪ، ناول، افسانوي مجموعا جائزي هيٺ آهن جن ۾ سيلاب زندگيءَ جو، پريت پراڻي، ريت نرالي، حياتي هوتن ريءَ، ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ، لهر لهر زندگي، ڪربلا، ۽ ٻيا ڪتاب اڀياس هيٺ آندا ويا آهن، سنڌ ۽ هند جي اهم ليکڪائن جي فن جي هن اڀياس ۾ پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽاشهاڻي، ماهتاب محبوب، نورالهديٰ شاهه، ۽ ٻين ڪيترين ليکڪائن جي ڪم جو تجزيو ڪيو ويو آهي، پنجون باب ٻين نثري صنفن ۾ عورتن جي مڪمل ڪم جي ڄاڻ ڏئي ٿو جنهن ۾ مضمون، مقالا، خط، سوانح عُمريون، آتم ڪهاڻيون، خاڪا، روزنامچا ۽ سفرناما شامل آهن. باب ڇهون نثر جي مٿين ڪم جي موضوعن ۽ مواد جي اڀياس تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سماج ۾ عورتن کي درپيش مسئلن جا موضوع، قومي مقصدن جا موضوع، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو موضوع، سماجي مسئلن جا ٻيا متفرقه موضوع شامل آهن، هن باب ۾ وقت سان آيل نثر ۾ موضوعن جي تبديلي ۽ مواد جي موضوع سان مطابقت تي پڻ بحث خاص طور ڪيو ويو آهي، باب ستون نثر ۾ ڪتب آندل ٻوليءَ جي معيار جو اڀياس آهي، هن باب ۾ نثر جو اسلوب بيان، لفظن جي چونڊ ۽ جملن جي بيهڪ، علامتون، پهاڪا، چوڻيون، گفتارون، نثر ۾ تجنيسِ حرفيءَ جو استعمال، نج سنڌي لفظن جي استعمال جي اهميت ۽ ٻين ٻولين جي غير ضروري لفظن کان بچاءُ، ٻولي بچاءُ هلچل ۽ خاص طور عورتن جي استعمال ڪيل نثر جي فصاحت، بلاغت ۽ سلاست کي پڻ پرکيو ويو آهي، باب اٺون فن ۽ فڪر جي عنوان سان اهم ليکڪائن جي علمي ۽ ادبي حيثيت سان گڏ سندن فن جي فڪري ۽ تنقيدي اڀياس جي ڄاڻ ڏئي ٿو، هن باب جي شروع ۾ فن ۽ فڪر جي باهمي تعلق جي وضاحت ڪيل آهي، باب نائون موضوع تي لاڳاپيل شخصيتن جا رايا رٿون جي عنوان سان آهي جنهن ۾، تعليمي ماهر دادي ليليٰ وتي، حميد سنڌي، ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نورافروز خواجه ۽ نور الهديٰ شاهه جا انٽرويوز آهن جن سان موضوع جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيل آهي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ تحقيقي مقالو پنهنجي موضوع جي حوالي سان منفرد آهي، هن موضوع تي هيل تائين ڪو به ذڪر جوڳو ڪم ٿيل نه هو. محققا ڪيترن سالن کان سنڌي نثر جي موضوع تي ڪم ڪندي محسوس ڪيو ته سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو ڪم وڏي انداز ۾ موجود آهي پر تحقيق عورتن جي ڪم کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ڪوبه اهڙو مڪمل ڪتاب نٿو ملي، جنهن ۾ ليکڪائن جي نثر جي ڪم تي ڪا روشني وڌل هجي، معنيٰ ته ليکڪائن جي نثري ادب ۾ خدمتن کي مؤرخن ۽ نقادن طرفان اهڙي ريت نه آندو ويو هو جهڙيءَ ريت آڻڻ گهربو هو. جڏهن ته سنڌي عورتون سنڌي نثر ۾ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ کان لکي رهيون آهن. انهيءَ ڪري هن تحقيقي مقالي ۾ تمام سهڻائيءَ سان سندن ڪم جو اڀياس ڏنل آهي، جنهن ۾ خاص طور 1985ع تائين جي ڇپيل ڪتابن جو احاطو ڪيو ويو آهي، هي مقالو ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهي.
[b]9- سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ):
[/b]ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو مٿئين عنوان وارو ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ طور شمار ٿئي ٿو. ڪتاب جو انتساب ليکڪا جي ڀاءُ ڪموڊور اقبال احمد ميمڻ جي نانءُ آهي. 400 صفحن جي هن ڪتاب ۾ سنڌي نثر ۽ نظم جي اهم موضوعن جو احاطو ڪيو ويو آهي. جيئن ٻولي، ٻوليءَ جي قدامت ۽ لهجا، ٻولي بابت عالمن جا نظريا، سنڌي ادب جي ابتدا، لوڪ ادب، لوڪ شاعري جون چند اهم صنفون (سهرو، جمالو، لولي، مورو)، ادبي دؤور (عربن جي دور کان موجوده دور تائين) ڪلاسيڪل شاعر (قاضي قادن کان ساميءَ تائين) قديم سنڌي شاعريءَ جون صنفون (سورٺو، دوهو، بيت، وائي، ڪافي) جديد دور جا سنڌي شاعر (عبدالڪريم گدائي، ملاح، طالب الموليٰ، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ ٻيا) جديد دور جون شاعري جون صنفون (غزل، نظم، آزاد نظم، هائيڪو، گيت)، جديد دور جا نثر نگار (ڀيرومل، مرزا صاحب، دائودپوٽو، نبي بخش، ڏيپلائي ۽ ٻيا) جديد نثري ادب (ناول، افسانو، ناٽڪ، سفر نامو)، (چند اهم افسانوي مجموعن جو جائزو (سفيد وحشي، پشو پاشا، بلو دادا، آبِ حيات، دل جي دنيا، چوٽيهون در ۽ ٻيا مجموعا شامل آهن) ڊرامن جا ڪتاب تنقيدي جائزو (شهزادو بهرام، انڪوائري آفيسر، آخري رات، ڪي جو ٻيجل ٻوليو ۽ ٻيا، سفر ناما تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو) سفر يورپ جي ڊائري، سير ۽ سفر، منهنجو ساگر منهنجو ساحل، ڏوري ڏوري ڏيهه، سرهي سرهي سار) ان کان سواءِ چند اهم تحقيقي ڪتابن جو تنقيدي جائزو به هن ڪتاب ۾ شامل آهي. جيئن پيغام لطيف، مقدمهءِ لطيفي، شاهه لطيف جي شاعري، ڪتاب جي آخر ۾ ليکڪا جو تعارف ۽ سندس ڇپيل ڪتابن جو تفصيل ڏنل آهي. هي ڪتاب سهڻي ثقافتي ٽائيٽل ڪور سان لاهور پنجاب جي هڪ وڏي اشاعتي اداري ائڊاوانسڊ پبليشرز 2015ع جي نومبر ۾ شايع ڪيو آهي، هن ڪتاب تي وفا موليٰ بخش (عبرت) ثمينه ميمڻ (ڪاوش) ۾ پنهنجا ويچار لکيا آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو ۽ ماهين هيسباڻيءَ جا تاثر لکيل آهن، جي ايندڙ ڇاپي ۾ شايع ٿيندا.
[b]10- عالم سڀ آباد ڪرين:
[/b]ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو ڪتاب لطيف شناسيءَ جي موضوع تي مضمونن تي مشتمل آهي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر سارنگ جي بيت،
سائين سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
مان ورتل عنوان عالم سڀ آباد ڪرين، تي مبني آهي، ڪتاب جي ٽائيٽل تي شاهه لطيف جي روضي جو عڪس آهي، هن ڪتاب ۾ 21 مضمون آهن، جن جا عنوان پڻ شاهه لطيف جي بيتن مان ورتل آهن ۽ انهن عنوانن کي کولي سمجهايو ويو آهي، جيئن “سڙيا مٿي سچ”، “نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو”، “مٽيءَ لڌو مان” ۽ ٻيا آهن، هنن مضمونن جا عنوان نه فقط وسيع معنيٰ رکن ٿا پر منجهن مواد کي ليکڪا ڪمال ڪاريگريءَ سان نڀايو آهي، “عالم سڀ آباد ڪرين”، جو مهاڳ امداد حسيني لکيو آهي ته الطاف شيخ، وينا شرنگي ۽ ڊاڪٽر اُمِ ڪلثوم شاهه ۽ سليم چنا تاثرات لکيا آهن، 144 صفحن جو هيءُ ڪتاب تخليقي مضمونن سان سجايل آهي، جنهن ۾ لطيف شناسيءَ جا گوناگون رنگ موجود آهن، هن ڪتاب تي علي نواز آريسر (عبرت) ۽ زاهده تاج ابڙو (سوڀ) ۾ تبصرا لکيا آهن ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ماهراڻي راءِ “ڪچ ڪوڏيون” ۾ شايع ٿي آهي.
[b]11- پلئه پايو سچ:
[/b] ليکڪا جو تحقيق ۽ تنقيد جي موضوع تي 240 صفحن جو ڪتاب 2016ع جي ڊسمبر ۾، سنڌ راڻي پبليڪيشن ميرون رنگ جي ٽائيٽل ڪور سان شايع ڪيو آهي، ڪتاب جي ارپنا ليکڪا جي ڀاءُ آفتاب احمد ميمڻ جي نانءُ آهي، ته ڪتاب ۾ انمول ادبي هيرو آفتاب احمد ميمڻ، “سنڌي زبان جو مکيه سرمايو”، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، “ڊاڪٽر پروين کي جس هجي”، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو “ويٺي وڙولي”، ماهين هيسباڻيءَ جا ويچار ليکڪا جي فن جي باري ۾ ڏنل آهن، هن ڪتاب ۾ 28 ريسرچ آرٽيڪل ۽ 10 تخليقي مضمون ڏنل آهن، آخر ۾ مروج طريقي مطابق بلبيو گرافي ۽ ليکڪا جي ڪتابن جو تعارف ۽ سندس سي وي ڏنل آهي، ڪتاب جي ٽائيٽل جي بيڪ ڪور تي مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا ۽ اندرين ليف تي ماهتاب محبوب، حميد سنڌي، ڊاڪٽر نور افروز خواجا ۽ ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جا رايا پڻ ڏنل آهن، هن ڪتاب ۾ آيل موضوعن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون، نثر ۾ اسلوب جي اهميت، سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو حصو، ڪتاب قومن جي طاقت، وقار ۽ وجود جو اهڃاڻ آهن، سنڌ سرزمين محبت آهي ۽ ٻيا موضوع آهن، ڪتاب جو عنوان شاهه لطيف جي سر سريراڳ جي چوٿين داستان جي چوڏهين نمبر بيت مان ورتل آهي.
اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.
[b]12- سنڌي ادب MCQ’s:
[/b]سنڌي ادب MCQ’s معروضي سوالن ۽ حل ڪيل جوابن تي مشتمل ليکڪا جو ڪتاب ايم اي، ايم فل جي انٽري ٽيسٽ، سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي امتحانن کانسواءِ ليڪچرز شپ جي Vivoce جي لاءِ وڏي پئماني تي معلومات مهيا ڪندڙ ڪتاب آهي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ هن ڪتاب کي عام هلندڙ نموني جي بجاءِ مختلف ۽ نئين انداز ۾ پيش ڪيو آهي، ڪتاب کي 15 بابن ۾ ورهايو ويو آهي، موضوع وارا اها ورهاست ڪئي وئي آهي، خاص ڪي باب سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي حوالي سان آهن ته بيتن جي سڃاڻپ، بيت جي سٽ مڪمل ڪرڻ، لطيف شناسي، پهريون ڪير؟، سن، ڄم ۽ وفات، ڪتابن جا عنوان موضوع ۽ ليکڪ، سنڌي صحافت، شاعري ۽ ٻين موضوعن جو احاطو ڪيو ويو آهي ته هڪ باب تفصيلي سوالن ۽ جوابن تي مشتمل پڻ آهي ته آخري باب ۾ پهاڪا ۽ اصطلاح پڻ ڏنا ويا آهن. هن کان اڳ ايم سي ڪيوز تي ڪوبه اهڙو ڪتاب موجود نه آهي 300 کان مٿي صفحا آهن ۽ محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي ۽ ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي جي تعاون سان هيءَ ڪتاب ڇپجي جولاءِ 2017ع ۾ پڌرو ٿيو آهي.
[b]13- گلدستو (مضمون نويسي):
[/b]علمي، ادبي، اخلاقي، اصلاحي، سماجي ۽ لطيفي مضمون جو ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ ڪتاب ترتيب مطابق سندن تيرهون نمبر ڪتاب آهي، بنيادي طور پاڻ مضمون نگاري ۽ مقالا نگاريءَ ڏي شغف رکندڙ آهي، مضمون نويسيءَ تي هن کان اڳ سندن ٽي ڪتاب اخلاقي قدر، وکر سو وهاءِ ۽ علام سڀ آباد ڪرين مڃت اماڻي چڪا آهن، مضمون نويسيءَ جي صنف تي سندن هي ڪتاب خاص پي سي ايس جي لاءِ تيار ڪيل آهي، پي سي ايس جي امتحان ۾ هڪ پيپر خاص مضمون جي باري ۾ 50 مارڪن جو اچي ٿو ته جنرل سنڌيءَ جي پيپر ۾ پڻ 20 مارڪن جو مضمون هجي ٿو، مطلب ته 70 مارڪن جو فقط مضمون آهي، ڪل پي سي ايس جي سنڌي 150 نمبرز جي آهي، جنهن ۾ 70 مارڪون فقط مضمون نويسيءَ تي آهن ته ايم اي فائينل ۾ 100 مارڪن جو هڪ مڪمل پيپر مضمون تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ خاص طور انهيءَ حوالي سان اهم موضوعن تي مضمون ڏنا ويا آهن، جي لطيف شناسي ۽ ادبي تاريخ سان گڏ ٻين موضوعن جو احاطو ڪن ٿا، هيءُ ڪتاب 60 طويل مضمونن تي مشتمل آهي. جو انشاءَ الله پڙهندڙ شاگردن لاءِ فائديمند ٿيندو.