مِٽيءَ لَڌو مَانُ : (شاهه جي رسالي جي مقبوليت جا سبب)
اُن جي عبداللطيف چي، مِٽيءَ لَڌو مانِ،
ڪوڙيين ڪَن سلامُ، آڳهه اچيو اُنِ جي.
(سريراڳ، 2-2)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي شاعرن جو سرتاج شاعر آهي. پوريءَ دنيا ۾ سندس نالو هنڌين ماڳين مشهور آهي. بلڪه سنڌ جي سڃاڻپ ئي شاهه سان آهي. سندس ڪلام نه فقط سنڌ واسين ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پر پوريءَ دنيا لاءِ هڪ عظيم سرمايو آهي. هيءَ شاعري هڪ اهڙو اڻ کٽ خزانو آهي. جنهن جي مقبوليت ۽ معروفيت ۾ اڄ صديون گذرڻ کان پوءِ به تِر جيتري به ڪمي نه ٿي آهي. شاهه سائينءَ زندگيءَ جي بي انت سمنڊ جي پاتار ۾ پيهي فاني شين مان لافاني ۽ وقتي ڳالهين مان آفاقي ۽ ازلي حقيقتون سامهون آنديون آهن ۽ انهيءَ جي ڪري ئي اڄ سندس شعر جي تجليءَ سان سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻولي چلڪي ۽ چمڪي رهي آهي. هتي اهو نڪتو غور طلب آهي ته سنڌ خطو ته ڪيترن نالي وارن شاعرن سان سينگاريل آهي. پوءِ آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جو شاهه لطيف جي شاعريءَ جو تراڙو سڀني شاعرن کان ڳرو آهي؟ پوريءَ دنيا جي ڪيترن عالمن ۽ محققن پڻ لطيف شناسيءَ تي ڪم ڪيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ سڀ کان وڌيڪ جيڪو لکيو ويو آهي اهو شاهه لطيف جي بابت ئي آهي، آخر سندس ايڏي مقبوليت جا ڪهڙا سبب آهن؟ ڏٺو وڃي ته اهو هڪ تمام تفصيل طلب موضوع آهي، جيڪو هڪ مختصر مقالي/ مضمون ۾ آڻڻ مشڪل آهي پر ته به هن مضمون معرفت آئون پڙهندڙن جي خدمت ۾ ڪي نڪتا پيش ڪيان ٿي، جن سان کين اها خبر پوندي ته لطيفي فن جي مقبوليت جا ڪهڙا اهم سبب آهن.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي مقبوليت جا سبب
1. شاهه عبداللطيف جي شاعري عوامي شاعري آهي، جنهن ۾ لوڪ جي جيوت جا عڪس چٽا موجود آهن.
2. لطيف جو پيغام محبت جو پيغام آهي.
3. مجازي عشق سان سلهاڙيل حقيقي عشق ۾ فنا ٿيڻ جي آفاقي شاعري آهي.
4. شاهه لطيف جو ڪلام سنڌي ٻوليءَ جي لغت جو خزانو آهي.
5. شاهه جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن جو ذڪر تمام سهڻائيءَ سان موجود آهي.
6. شاهه سنڌ جي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ سماجي قدرن جي اپٽار ڪئي آهي.
7. لطيف جي شاعريءَ ۾ موسيقيت آهي.
8. لطيف انسان دوست شاعر آهي.
9. شاعراڻيون خوبيون بي مثال آهن.
10. لطيف نيڪ نيت بزرگ هو تڏهن ئي سندس مٽيءَ مانُ لڌو ۽ اڄ ڪيترائي عالم، فاضل، پڙهيل، اڻ پڙهيل، غريب ۽ امير سندس در تي سلامي آهن.
1. شاهه جي شاعري عوامي آهي ۽ پوري عوام جي اندر جو آواز آهي.
شاهه لطيف پنهنجي دور جي مُروج شاعري جنهن ۾ قصيده گوئي ۽ عيب جوئي به شامل هئي کان پرهيز ڪئي، هن صوفي بزرگ ڪائنات جي هر شيءِ ۾ بهتريءَ جو عڪس ڳولهيو هن جي آئيڊيالاجي ڪائناتي آهي. هن هر عام کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو هر معمولي کان معمولي شيءِ کي به نظرانداز نه ڪيو. سئيءَ جهڙي معمولي شيءِ جنهن ڏي ڪنهن به شاعر جو خيال جيڪر نه وڃي ان کي به شاهه لطيف اوچو مقام ڏنو. سُئي جا پاڻ اُگهاڙي آهي، پر ڪروڙين، اربين انسانن جي شرافت، پاڪدامني ۽ پردي جي امين ٿي اُگهاڙن جي اوگهڙ ٿي ڍڪي، تنهن جي حيثيت شاهه صاحب وٽ بادشاهيءَ کان به وڌيڪ آهي ۽ ابر (سئيءَ) جي وصفن کي سمجهڻ لاءِ سندن موجب هڪ زندگي ڪافي نه آهي فرمائي ٿو ته:
پاڇاهي نَه پاڙِيان، سرتيوُن سُئيءَ ساڻُ،
ڍَڪي اُگهاڙن کي، ڪِين ڍَڪيائِين پاڻ
ٻِيهر ڄاپِي ڄاَڻِ، ابِرَ جي اوصافَ کي.
(مارئي، 7-14)
عوامي ٻولي ،عوام جا رسم ۽ رواج سندن خواهشون، ڪرتون، محبتون، نفرتون، مطلب ته هُن هر جذبو، ڄاڻايو آهي. سندس شاعري سنڌي قوم جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت جيان تحليل ٿيل آهي، هو پنهنجي موقعن مهلن، مرڻن، پرڻن هر هنڌ تي شاهه جي شاعريءَ کي جهونگارين ٿا. شاهه جا بيت پڙهي دُعائون گهرن ٿا، شاهه جي شاعري ميڙن ۽ محفلن ۽ ٻين هنڌن تي ڳائين ٿا. مطلب ته سنڌي قوم شاهه لطيف کان تمام گهڻي متاثر آهي. خاص طور سنڌ جي وڏي آبادي يعني عام ماڻهن وٽ شاهه جي بيتن جو واهپو وڌيڪ آهي. ته پڙهيلن وٽ وري پنهنجي حساب سان شاهه جي شاعريءَ جي هڪ خاص حيثيت قائم آهي.
2. لطيف جو پيغام محبت آهي. ڀٽ ڌڻي هڪ امن پسند انسان هو. سندس ڪلام ڄڻ ته قرآن پاڪ جو تفسير آهي. سندس ئي لفظن ۾ ته، “جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهين” هو محبت جي جذبي سان هر هنڌ سرشار نظر اچي ٿو، عشق جي اُمنگن جو ترجمان ٿو ڏسڻ ۾ اچي. سندس ڪلام جي ڪماليت جو وهڪرو وڏو آهي. مارئيءَ جي ملير لاءِ محبت پنهنجي قوم ۽ ملڪ سان محبت تي اُتساهي ٿي. وٽس محبت جو تصور آفاقي آهي. انسانيت سان محبت لطيف جي هر بيت، هر سِٽَ مان پسجي پيئي. استنبول، چين، سمر قند، بيڪانير ۽ ڍٽ جهڙن هنڌن سان گڏ سڄيءَ سنڌ لاءِ، ۽ پوري عالم لاءِ خوشحاليءَ جون دعائون ٿو گهري. انسانذات کي پيار، محبت ۽ ماڻهپي جا سبق سيکاريندي کين پکين جي پريت جا مثال ٿو سمجهائي.
وَڳرَ ڪيو وَتنِ پِرتِ نَه ڇِنَنِ پاڻَ ۾،
پَسو پِکيئڙَن ماڻهنِئان ميٺ گهڻو .
(ڏهر، 4-5)
3. مجازي عشق/ حقيقي عشق ۾ فنا ٿيل آفاقي شاعري، شاهه صاحب کي جوانيءَ ۾ ئي مجازي عشق جي چپيٽ لڳي ۽ هو عشق جي منزلن تي رچي ريٽو ٿيو. سندس شاعريءَ ۾ اهي جلوا چڱيءَ طرح نمايان آهن، عشق مٿس اهڙو غلبو ڪيو جو هو محو ٿي ويندو هو ۽ بِرهه جي باهه ۾ پچڻ بعد حقيقي عشق جو سفر شروع ٿيس. ايئن مجازي عشق مان لنگهي حقيقي عشق تائين پهچڻ ۾ هن اهڙي ته شاعريءَ جي پلٽ پلٽان ڪئي جو سڄي سنڌ سيراب ٿي ويئي. هن جو عشق آدرشي آهي. اهو عشق فقط پنهنجي پالڻهار سان نه آهي، پر سندس ٺاهيل سڄيءَ ڪائنات سان آهي، ڪائنات جي ذري ذري سان آهي. ان عشق ۾ جڳ جي خوشي ۽ خوشحاليءَ جي طلب آهي، هي اهڙو عشق آهي، جنهن ۾ پنهنجي هستيءَ کي نابود ڪرڻو آهي، هتي پنهنجي زندگيءَ جي تِرَ جيتري به حيثيت ناهي هتي ته نياز، نئڙت ۽ نماڻائي هٿيار آهي. هٺ، تڪبر، وڏائي ۽ دنيا جي لوڀ وارو عشق وڪائو عشق آهي. شاهه وارو عشق ان جي ابتڙ آهي. ان آڪري عشق ۾ ڪو ترهو ڪونهي هي اهو عشق آهي، جنهن ۾ عاشق پنهنجو پاڻَ کي پاڻَ سان نه کڻن.
نَه ڪِي کڻَن پاڻ سِين، نه ڪو ساڻُن پاڻُ،
اهڙا جَنِ اَهڃاڻَ، آئُون نه جِيئَندي اُنِ ري.
(رامڪلي، 1-31)
پرينءَ کي پسڻ جي اُڪيرَ اها آهي، جنهن ۾ دنيا قيد خانو لڳي. عشق ۾ سُوري چڙهڻ سر قربان ڪرڻ ئي حقيقي عشق جي منزل آهي، چوي ٿو ته:
عِشق نَه آهي راندِ، ته ڪِي ڪَنِس ڳَڀرُو،
جِيءَ جَسي ۽ جان جي، ڀَڃي جو هيڪاند،
سِسِي نيزي پانِد، اُڇِل ته اَڌَ ٿِيئي.
(يمن ڪلياڻ، 6-19)
شاهه صاحب جو سارو رسالو عشق ئي عشق آهي. سندس ڪلام جو فڪري بنياد ئي عشق ٿو ڏسجي ۽ سندس عبادت به عشق آهي. اهلِ تصوف جي منزلن موجب حقيقي طالب به اهو آهي. جو عشق جي آرزوءَ ۾ فنا ٿي پنهنجي آخري منزل تي پهچي ٿو، تڏهن هن وٽ سڀن طرف محبوب ئي محبوب آهي هو هُن جو عاشق پڻ آهي ته معشوق پڻ. شاهه سائين هر دم پنهنجي پرينءَ ڏي متوجه رهڻ کي ترجيح ڏيندي چوي ٿو:
هَٿنَ سِين هاجَ ڪَر، نيڻَنِ سين نِهارِ،
اُڀا اڱڻان پارِ، پَسُ پنهنجا سُپرين.
(سُر آسا، 4-6)
4. شاهه جو ڪلام سنڌي ٻوليءَ جي لغت جو خزانو آهي. شاهه صاحب جي شاعريءَ جي مقبوليت جو هڪ سبب اهو به آهي، ته سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي گهڻن علائقن جا ڪردار آهن، هُن انهن ڪردارن جو اونهو اڀياس ڪيو آهي. سندن واتان چوايل شاعريءَ ۾ شاهه صاحب انهيءَ هنڌ ۽ مڪان جي ٻوليءَ، ماحول ۽ سماج جي مجموعي نفسيات کي نظر ۾ رکيو آهي. انهن جي زندگي ۽ واقعن کي بيان ڪرڻ مهل هو پاڻ انهن ۾ پيهي ويو آهي، جڏهن لطيف مارئي بڻجي عمر کي ايلاز ٿو ڪري، جڏهن پنهنجي ٿر واسين جي ياد ۾ ڳچ ٿو ڳاري، تڏهن ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ لطيف ٿر جو اڻ ٽُٽِ حصو آهي. ٿر جي ٻولي سندس هر بيت جو حصو ٿيل نظر اچي ٿي. ساڳيءَ ريت هُن ٻين ڪردارن جي علائقن جي ٻوليءَ جو استعمال اهڙو ئي سهڻو ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، ان کي عالمن لاڙي ٻولي ڪوٺيو آهي، پر ڏٺو وڃي ته رسالي جي ٻوليءَ ۾ وڏي وسعت آهي. ان ۾ ايترو عظيم سنڌي لغت جو خزانو موجود آهي، جو اها ڪنهن هڪ طبعي ڀاڱي ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي نه، پر سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن جو ميلاپ آهي. شاهه صاحب سڄي سنڌ گهميو ۽ سنڌ کان ٻاهر ويو سندس حافظو ۽ مشاهدو مضبوط هو. هن هر لهجي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ موقعي جي مناسبت سان آندو، ڊاڪٽر الانا صاحب لکي ٿو ته:
“هن سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار لهجن، جهڙوڪ: اترادي، وچولي، لاڙي، ٿري، ڍاٽڪي، پارڪري، ماڃري، کارائي، منڇري، دريائي، ڪوهستاني جي ڪاڇي واري لهجي کان سواءِ لاسي، جدگالي ۽ فراقي لهجن کان سواءِ، ميواڙي، مارواڙي، جيسلميري ۽ ڪڇي ٻولين جي لغوي خزاني کي به پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو. شاهه صاحب ان ساري ٻوليءَ جي خزاني کي سنواريو، سڌاريو، ان ۾ نواڻ آندي ۽ سنڌي زبان کي هر لحاظ کان وسيع، مائيدار ۽ شاهوڪار بڻايو.”
مطلب ته شاهه لطيف جي ٻوليءَ ۾ وسعت آهي، تنهن ڪري سندس ڪلام لغت جي اڻ کٽ کاڻ آهي. سڄي شاعري عميق، مائيدار خيالن ۽ معنيٰ دار لفظن جو خزانو آهي ۽ گڏوگڏ شاعراڻين خوبين وزن، قافيو، محاڪات، مصوري، تخيل ۽ حسن سان ڀرپور آهي. کين عربي، فارسي ۽ علم عروض جي ته مڪمل ڄاڻ هئي پر گڏ جدت، جوش، فصاحت، بلاغت، سلاست، تشبيهون، استعارا ۽ لطافت سندس شاعريءَ جو مَرَڪ آهن.
5. تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن جو ذڪر: سنڌ جا لوڪ رومانوي داستان شاهه جي رسالي جو شان آهن. سهڻيءَ جي سچي سڪ، سسئيءَ جا سور ۽ سوز، ليلا جي لوچ پوڇ، مومل جو ماندو ٿيڻ، مارئيءَ جي محبت، نوريءَ جي نئڙت ۽ سورٺ جي قربانيءَ کي شاهه لطيف مانائتو ڪيو آهي. اهي رائج قصا ۽ داستان کانئن اڳ به سنڌ جي سگهڙن ۽ شاعرن ڳائي وڄائي پيش ڪيا هئا پر شاهه لطيف انهن کي اهڙي ته سوز ۽ سهڻائيءَ سان بيان ڪيو آهي، جو اهي مڪمل طور لافاني حيثيت اختيار ڪري ويا آهن. ان کانسواءِ مورڙي جي بهادري، ڏاهپ، سمن ۽ سومرن جي دور جي سخي سردارن کي مڃتا ڏيڻ، ڪربلا جي واقعي کي بيان ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم واقعن کي شاهه صاحب امر ڪري ڇڏيو آهي.
6. سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي اپٽار: جي حوالي سان جيڪڏهن شاهه جي رسالي کي ڏسبو ته صدين جي سنڌ جو ثقافتي چِٽ چِٽيل نظر ايندو. سندس شاعري سنڌي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ سنڌ واسين جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي عين بين تصوير چٽيل آهي. انساني زندگيءَ جون ضروري اهم شيون جيڪي تهذيب تمدن ۽ ثقافت جي دائري ۾ اچن ٿيون، جيئن کاڌ خوراڪ، لباس، رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون ۽ رواج، روحاني ترقي، نسلن جي ارتقائي تاريخ، ٻوليون، مذهب، جاگرافيائي حالتون، معاشي حالتون، تاريخي ورثا، مذهبي قدر ۽ ڀروسا ان سان گڏ ملڪن ۽ قومن جون سماجي، معاشي ۽ علمي حالتون ۽ فن لطيف ئي قومن جي ثقافت ۽ تهذيب جي اپٽار ڪن ٿيون.
شاهه لطيف جي شاعري انهن سمورين حالتن جو هڪ اونهو اڀياس آهي. جيڪڏهن فقط اهو چئجي ته شاهه جو رسالو سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو دستاويز آهي ته بلڪل بجا ٿيندو. هن سنڌ ڌرتيءَ جي هر طبقي، هر ڳوٺ، وستيءَ واهڻ، مُندن موسمن، دريائن، سمنڊن، ساهوارن، ماڻهن جي روين، حالتن ۽ ڪمن ڪارين جو مڪمل جائزو ڏنو آهي. جيئن:
1. سرها ڏٺم سي، جن ساڃاهه سراڻ سين،
2. اڄ آڳڙيا آئيا، رُڪ ڪريندا پڌرو،
3. هلو ته هلون ڪورئين، نازڪ جن جو نينهن،
4. سر سانداڻ ڪري، پُڇج گهر لوهار جو،
5. سڙهه سنوان، لاڄو نوان، مهاڻا سندن مير،
6. سر ۾ سڃڻ ناهه ڪي، موٽ مَ مڱڻهار
7. جَتا! شالَ! جيو، جيو! تا جاڙون ڪيو.
مٿي ڄاڻايل حوالن مان اهو اندازو ڪرڻ مشڪل ڪونهي ته شاهه صاحب وٽ لوهار، ڪوري، مهاڻا، مڱڻهار، جَتَ مطلب ڪو به عام ڪرت وارو شخص عام ڪونهي بلڪه مهاڻي کي مير ڪوٺيندي هو فخر ٿو محسوس ڪري ته ڪوري وٽس محبت ۽ عظمت جو اهڃاڻ آهي. اهڙيءَ ريت هن پنهنجي ماڻهن کي پنهنجي لهجي سان ئي پنهنجو ڪيو آهي. کين احساس ڪمتريءَ مان ڪڍيو آهي. ساڳيءَ ريت هن سر زمين جي ريتن رسمن سان به کيس وڏي محبت آهي.
1. سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون.
2. مون ماروءَ سين، لڌيون لوئيءَ ۾ لانئون.
3. پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا،
4. ڪيچين آئون نه ڪَڙي، ڪنهن ڏکيءَ ڏانوڻ ڏانيو،
5. ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نير وٽي،
شاديءَ جي رسمن ۾ سڳڙا ٻانهن ۾ ٻڌَڻ، لانئون ڏيڻ، ڍڪڻ مٿي پير ڏيڻ، جنگي جوڌن جي شهادت تي عورتن جا ڪارا ماتمي ڪپڙا رنڱائڻ، اهي سڀ هتان جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ رسمن جا ذڪر آهن. ساڳيءَ ريت لباس جا ذڪر پڻ هر هنڌ نظر اچن ٿا. لاک رتيون لوئيون، کنهبيون کٿيون، چندنن وارا چوٽا، گلابي گلن جهڙا اميزادين جا ويس، سونا ڪُرَڪَننِ ۾، ڳِچيَن ۾ ڳاڙها هار ۽ ٻيون ريتون رسمون ذڪر ڪيل آهن. ٿر جي کاڌ خوراڪ کي مارئيءَ جي واتان هن ريت ٿو بيان ڪري.
کاڄ کٿيرن سفرو، سڱر ۽ سائون،
سا ڪيئن کائي کارڪون،
جهه کي ڏوُنرا ڏيج ڏنائون.
ان کان سواءِ مينهون، اٺ، گهوڙا، ٻڪريون، گابا، ڇيلڙا ۽ ٻئي مال کي بيان ڪندي سنڌ کي سکيو ستابو بيان ڪيو اٿائين، ڪيترن هٿن جي هنر جي اوزارن ۽ انهن ڪرتن کي پسند ڪندي سنڌي سماج کي مانائتو شانائتو ڪري اڳيان آندو اٿن، جيئن “پچائي پهاڻ، جن رساڻيو رُڪ کي”، “ويٺو تُن تنيس مک ڏيهاڻي مَڪُڙي”، “سر سنداڻ ڪري، پڇج گهر لوهار جو”، “چوري چنگ ٻنگ لهي، حبيبن هنيون”، “ڪچو ڏيج ڪلال کي، مہ تي موٽائي”، “وڃن مَ وينجهار، پاڻيٺ جي پَرَ کڻا”، ۽ اهڙا انيڪ بيت آهن جيڪي اها شاهدي ٿا ڏين، ته شاهه صاحب سنڌ جي چپي چپي جو ته واقف هو پر هتان جي تهذيب ۽ ثقافت جي حوالي سان هن ملڪ جي ڪنهن به حصي کي نه وساريو آهي، رسالو پڙهندڙ کي نه فقط سنڌ جي ماضي ۽ حال سان واقفيت ٿئي ٿي، پر کيس گهڻو سرور ۽ لذت ٿي حاصل ٿئي ۽ پنهنجي ثقافتي ورثي تي خوشي ۽ اطمينان ٿو محسوس ٿئي انهيءَ ۾ فقط هڪڙو شرط آهي ته شاهه کي ان ريت پڙهجي جنهن ريت پڙهڻ اسان تي حق آهي.
6. لطيف جي شاعريءَ جي موسيقيت: شاهه صاحب جي شاعريءَ جي ٻين خوبين سان گڏ هڪ اهم خوبي موسيقيءَ جي آهي. سندس شاعريءَ جي لفظن ۾ هڪ اهڙو ترنم ۽ جادو آهي، جيڪو ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ هيءَ شاعري موسيقيءَ جي لئي تي مرتب ٿي آهي. هِڪ هِڪ بيت، هڪ هڪ وائي اهڙي آهي، جنهن کي ڳائي ۽ جهونگاري سگهجي ٿو. شاهه صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ موسيقيءَ جي مختلف راڳن ۽ سازن جي مڪمل پروڙ رکندڙ هو. راڳ سندس جيءَ جو جياپو هو. ان ڪري هُن هڪ راڳ جي اداري جو قيام عمل ۾ آندو. موسيقيءَ جي هند ۽ سنڌ جي جملي اڳين سلسلن کي سهيڙي هُن هڪ نئين راڳ جي روايت کي قائم ڪيو جو هڪ ٽولي جي صورت ۾ ۽ عوامي آلاپن جي اثرائتي انداز ۾ اڀريو ۽ جمع رات تي اڄ تائين ڀٽ تي راڳ جي محفل فقير ڪندا اچن. ان کان سواءِ هن “دنبورو” ساز ايجاد ڪيو. جيڪا سندس منفرد ايجاد شمار ٿئي ٿي. اهو نئون خيال ۽ نئين ايجاد سنڌي فن جي عظمت ٿي نمايان ٿيو. نه فقط راڳ ۽ ساز جي حوالي سان پر لفظن جي ترنم جي لحاظ کان سندس شاعريءَ جي هِڪ هِڪ لفظ ۾ سنگيت جو تال ۽ ترنم آهي.
8. لطيف جي انسان دوستي: شاهه عبداللطيف انسان دوست شاعر شمار ٿئي ٿو. سندس ڪلام ڏيهه توڻي پرڏيهه پڙهندڙن وٽ اهو ثابت ڪيو آهي، ته هن شاعر جي شاعريءَ ۾ انسانن لاءِ محبت ۽ پيار جا سبق آهن هو پرت ڇنڻ کان پلي ٿو. شاهه جي رسالي ۾ انسان ذات جي ڀلائي ۽ انسان ذات جي زندگيءَ سان لاڳاپيل هر ڳالهه تمام خوبصورت ۽ آسان نموني تمثيلن سان موجود آهي. خاص طور هو سنڌي قوم لاءِ هڪ وڏو نفسيات دان هو. تنهن ڪري کين پنهنجي ماحول مطابق وڙ سان هلڻ جو تاڪيد ڪيو اٿن، عورت جي عزت کي اهميت ڏيندي کيس پاڻ ڀرو ڏيکاريو اٿن. انسان شناسيءَ لاءِ انسان دوستيءَ واري اک ڌارڻ تي زور ڏيندي فرمائي ٿو ته:
سُرمون سُفيدِيءَ جو، جَڏهن پاتو جن،
تڏهن ڏِٺي تِنِ اڇائي عالم جي.
شاهه جو رسالو انسان دوستيءَ جو سڏ آهي. انسان جون داخلي ۽ خارجي ڪيفيتون. فطرت جا اسرار، پاڻ کي سڃاڻڻ، ٻين جي لاءِ ڀلائي ڪرڻ، نفس اماره کي ضابطي ۾ آڻڻ ۽ ٻيا ڪيترائي نُڪتا آهن، جي سندس ڪلام ۾ واضح طور پسي سگهجن ٿا.
9. شاعراڻيون خوبيون: شاهه جي شاعريءَ جون شاعراڻيون خوبيون بي شمار آهن. جيڪي مٿي تفصيل طور ڄاڻايون ويون آهن، پر خاص طور شاعراڻي شعور جي حوالي سان ڪي خاصيتون اهڙيون آهن، جن جي سبب ڪري لطيف سڀني کان مٿانهون شاعر ٿي اڀريو، سندس شاعري معنوي، ادبي ۽ لساني خوبين جو هڪ اونهو ساگر آهي. هن جو فن ۽ فڪر نه فقط سندس دور جون پر موجوده دور جون به سڀئي گهرجون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سندس شعر سنجيدو، سوادي ۽ سڪ ڀريو آهي. سندس منفرد شاعري اندروني مطلب جي لحاظ کان ڳوڙهين معنائن سان معمور آهي. جنهن ۾ آزادي، انسان دوستي ۽ وطن دوستيءَ جا اونچا تصور موجود آهن ۽ اهو سڀ هن سادگيءَ، سچائيءَ ۽ وڏي جذبي ۽ جوش سان بيان ڪيو آهي. ڪيتريون ئي تشبيهون، استعارا، تجنيسون، محاڪات، فصاحت، بلاغت، نزاڪت، اونهائي، رنگينيون ۽ رعنائيون سندن شاعريءَ ۾ ملن ٿيون. ڪو اهڙو مضمون ۽ موضوع ڪونهي، جو سندس شاعريءَ ۾ نه آيو هجي. سندس فڪر جو پرواز اعليٰ درجي جو آهي. هن وٽ هر خيال جديد ۽ نئون آهي. جدت جي انهيءَ انفراديت سندس ڪلام کي ٻين شاعرن کان ممتاز رکيو آهي. ان کان سواءِ موسيقيت ۽ غنائيت جي اثر انگيزي لاجواب ۽ ٻوليءَ جو استعمال وسعت وارو آهي. هڪ لحاظ کان شاهه جو رسالو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ضخيم انسائيڪلوپيڊيا آهي. جنهن جي دلڪشي ۽ سهڻائي اڄ صدين کانپوءِ به قائم آهي.
10. نيڪ نيتي ۽ بزرگيءَ جا ڪمال: لطيف سائين هڪ نيڪ نيت بزرگ شخص هو، جنهن جي قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙائي هئي سندس سڄي حياتي هڪ کليو ڪتاب آهي. جيڪو به احوال ميسر ٿي سگهيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه لطيف جهڙو هو پاڻ عظمت وارو اهڙي ئي سندس شاعري آهي ۽ ائين ئي سندس پيغام عظيم، آفاقي ۽ ڪائناتي آهي، هو پاڻ سڄيءَ دنيا لاءِ دعاڳو آهي ته اڄ سندس دَرَ تي ڪيترائي سوالي دعائون گهري کيس ياد ڪري رهيا آهن ۽ الله در ٻاڏائي رهيا آهن ته، “يا رب! هن نيڪ بزرگ جي نيڪين صدقي اسان جون مشڪلون معاف ڪر” ۽ سندن عرض اگهجن پيا. شاهه جي رسالي جي مقبول ٿيڻ ۽ قائم دائم رهڻ جو اهو به هڪ سبب آهي ته هيءَ شاعري دل سان ۽ نيڪ نيتيءَ سان سرجيل آهي ۽ چڱائي هميشه قائم رهندي آهي، نيڪين کي وڏو درجو حاصل آهي ۽ اهي دلين جا درجا آهن جيڪي وڌندڙ ۽ قائم دائم رهندڙ آهن. هيءَ مٽي مانائتي ۽ شانائتي آهي ۽ شاهه جي نگري شاد ۽ آباد رهندي. محققن ۽ پارکن وٽ شاهه جي شاعريءَ جا نوان نوان گوشا روز نمودار ٿيندا ۽ لطيف شناسي وڌندي ۽ ويجهندي رهندي. (انشاءَ الله تعاليٰ)