لطيفيات

عالم سڀ آباد ڪرين

پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو ”عالم سڀ آباد ڪرين“ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو. سپڪ، سهڻي، مڻيادار اندر جي اُڇل ۽ جذبن جي سچائيءَ سان گڏ تحقيق جو پھلو پڻ اُجاگر ٿيل آهي. شاه جي شاعريءَ جي ڪافي پهلوئن کي اجاگر ڪيو اٿس. چاهي ٻولي هجي يا سماجي پھلو هجن. تصوف جي اشارن ۽ علامتي اصطلاحن ذريعي شاه سائينءَ جيڪا انساني اندر کي روشني ۽ رهنمائي ڏني آهي ان کي بيان ڪيو اٿس. سماج جي هر طبقي جي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا، ڪڙمي، ڪاسبي، پورهيت هجن يا وري نازڪ جنس عورت جي عظمت جو سوال هجي، سانئڻ پروين وڏي محنت ۽ محبت سان بيان ڪيو آهي.
Title Cover of book عالم سڀ آباد ڪرين

جنهن هادِي ميڙِيَم هَهِڙو

جکري جِهو جوانُ، ڏسان ڪو نه ڏيهه ۾،
مُهڙ مِڙني، مُرسلين، سَرسُ سندسُ شانُ،
فَڪانَ قابَ قوسين او اَدنيٰ، ايءُ مُيسَرُ مَڪانُ،
ايءُ آگي جو احسانُ، جنهن هادي ميِڙِيَم هَهِڙو.

(بلاول. 2-10)

جڏهن پوريءَ دنيا تي جهالت، مايوسي ۽ ڪفر جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا ۽ انسان حرص، هٻڇ، لالچ، دشمني ۽ بي حسيءَ جي ڪُن ۾ ڪريل هو تڏهن ڌڻيءَ سڳوري کي مٿس گهڻي ڪهل آئي ۽ هن پنهنجي پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن کي شمس الضحيٰ، بدرالدّجيٰ، صدرالعليٰ ۽ نورالهديٰ، جهڙين ۽ ٻين انيڪ خوبين سان معمور ڪري موڪليو. غير مهذب ۽ ڪريل اخلاقي قوتن جي خاتمي لاءِ رحمت اللعالمين جن اخلاق جا علمبردار ٿي آيا. ڪائنات تخليق ڪرڻ کان اڳ ڪائنات جي خالق نور جي خزاني کي تخليق ڪيو ته جيئن هر شيءِ ۾ خالق جو مظهر نظر اچي. عاشقاڻي رسول جي عقيدي مطابق اهو نور جو سوجهرو ٻيو ڪجهه به ڪونهي فقط خدا جو نور “نور من نورالله” نبي نورِ مجسم محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن آهن. جن جو سوجهرو تارن ڪتين کي تائب ٿو ڪري ته سج ۽ چنڊ سندن جلوي اڳيان جهڪا آهن. جانب جو جمال سڀني کان سرس آهي. پاڻ روشن دليل يعني قرآن پاڪ کڻي آيا ۽ عرب جي اڻ سڌريل ۽ ضدي قوم کي پنهنجي اعليٰ اخلاقي وصفن سان پنهنجو ڪري ڇڏيائون. اهو احسان ڌڻيءَ سڳوري جو مڃيندي ڀٽ ڌڻي شڪر گذار آهي. سندن موجب ته، ڌڻيءَ جا وڏا ڪرم آهن جنهن ههڙو هادي مهربان هن دنيا جي تاريڪين کي ختم ڪرڻ لاءِ عطا ڪيو.
شاهه جي رسالي ۾ ڪيترين جڳهين تي قرآني آيتن ۽ حديثن جي مثالن سان اهڙا اشارا موجود آهن. جن مان خبر پوي ٿي ته هُن فرضن، سنتن ۽ واجبن ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ته توبهه جي تسبيح پڙهڻ ۽ نفس کي مارڻ سان گڏ صوفين جون منزلون ڄاڻايون آهن. ايمان جي قُوت، شريعت ۾ ڪامل ٿيڻ، توبهه کي رسڻ، طريقت ۾ ڪامل ٿيڻ، زهد سان حقيقت حاصل ڪرڻ ۽ عبادتن سان معرفت جي مقام تي پهچڻ. اهي سڀ درجا تڏهن حاصل ٿيندا، جڏهن محمد مصطفيٰ صه جي سنتن جي تابعداري الله پاڪ جي حڪمن سان گڏ ڪبي. ڇو جو پاڻ جيڪي فرمايائون اهو ته خود ڌڻيءَ سڳوري فرمايو.
ترجمو: “۽ نڪي پنهنجي نفس جي سڌ (مرضيءَ) مان هو ڳالهائيندو آهي. اها ته فقط هڪ وحي آهي جا مٿس نازل ڪئي ويئي آهي.” (سورت النجم 27، رڪوع 1، آيت 3)
هو ته پنهنجي رب کي ايترو ته ويجهو هو جو سندن وچ ۾ ٻن ڪمانين جيترو فاصلو بچيو “فڪان قاب قوسين” اهڙي هاديءَ جي هدايت ئي ڇوٽڪارو آهي. ڀٽ ڌڻيءَ جي نظر ۾ آخرت ان جي آجي آهي، جنهن مٺي محمد صه جن کي ڪارڻي ۽ وسيلو ڄاڻي سندن ڏنل تعليم تي عمل ڪيو.
وحدَهُ لاشَريڪَ لَهُ، جان ٿو چَئين اِيئن،
تان مَڃُ مُحمدَ ڪارڻي، نر تُون منجهان نينهن،
تان تون وڃيو ڪيئن، نايين سِرُ ٻين کي.

(سر ڪلياڻ، 1-5)

جن محمد مصطفيٰ صه کي دل جي گهراين سان مڃيو انهن سچن لاءِ ڪو سور ڪونهي، ڪو صدمو ڪونهي “لاخوف عليهم ولاهُم يحزنون” (سورة البقره) ترجمو: “نه آهي انهن کي ڪو خوف ۽ نه ئي انهن کي ڪو ڏک رسندو”، دنيا ۾ هر ماڻهو اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هن دنيا جي حياتي وقتي آهي ۽ هڪ ڏينهن مقرر آهي، جنهن تي هر ڪنهن کي موت جو ذائقو ضرور چکڻو آهي ۽ هن حياتيءَ جو حساب ڪتاب پڻ هڪ مقرر ڏينهن “يوم الحساب” تي هر هڪ کي ڏيڻو آهي ۽ اتي شفيع المذنبين ۽ رحمت اللعالمين پنهنجي امت کي بخشائيندو مؤمنين تي الله جو اهو وڏو احسان ۽ ڪرم آهي جو کين ههڙي هاديءَ جي حمايت حاصل ٿيندي. ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته،
آسَرو آهي، مون کي هوتَ حبيبَ جو،
جان جان اوڏا ڪَرَها، پَهچان تان ڪاهي.
مون کي هوت حبيب جو.
شفاعَتَ جا شفيعَ جِي، تنهن ۾ ڦيرُ هَڏهِين ناهي،
مون کي هوتَ حبيبَ جو.

(سر بلاول، وائي 2)

اهو به فرمايو اٿن ته “ڪاري سا قيام سنئين، هوت جنهن جو حامي”، سو تحقيق انهن جي لاءِ ڪاري قيامت به سهنجي آهي جن جا ساٿي رسول اڪرم جن آهن.
ڍَڪَ ڍَڪيندو، مُون نَه ڇڏيندو، شفيع شافعُ سُپرين،
انڌا اونڌا، اَکُڙيا، سَڀَ نِباهِي نيندو،
شفيعُ، شافِعُ سُپرين.
اُتي عَبدالُلطيفُ جو، هادِي هَٿُ جَهلِيندو،
شفيع شافِعُ سُپرين.

(بلاول، وائي 4)