سَڙِيا مَٿي سَچَ
اوڏا ٿيا آڳِ کي، سَڙِيا مٿي سَچَ،
سندا ڳچِيُن ڳَچَ، ويچارن وِڃائيا.
(سر يمن ڪلياڻ، 3-13)
عالمي ۽ آفاقي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام قدسي نصيحت نامو ۽ انسانيت لاءِ هدايت نامو ته آهي ئي آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ جيڪي سچائيءَ ۽ شعوري سجاڳيءَ جا سڏ آهن، تن جو نعم البدل ڪٿي به ڳولهيو نه ملندو. هو روشن ضميريءَ واري واٽ ڏي راغب ڪري ٿو. هو هڪ باضمير مرد مجاهد هو، جنهن هن ڌرتيءَ واسين لاءِ سچ جي سُواٽ کي نه فقط پسند ڪيو پر پنهنجي شاعريءَ ۾ انهيءَ کي وڏي وسيع معنيٰ ۽ مفهوم ۾ استعمال ڪيو، ته جيئن ڪائنات شناسي، خوشناسي ۽ روحاني ترقيءَ جا رستا کلن. هُن پنهنجو مؤقف عام تائين اثرائتو پهچائڻ لاءِ علامتي انداز اختيار ڪيو. لطيف سائين سچائيءَ کي ئي سماج جي بقا ۽ بچاءُ جو ذريعو ٿو ڄاڻائي سندس موجب ته، ڪوڙ ڪپت، ٺڳي، جهالت ۽ اونداهي آهي، سچ سوجهرو ۽ پاڪ ضمير جو سڏ آهي. شاهه لطيف جي ساهه سان سانڍڻ جهڙن سچن بيتن سان من ۾ سجاڳيءَ جون لهرون ٿيون اٿن هو سچ مٿي ساهه ڏيڻ وارن کي اَملُهه ٿو ڄاڻي. مَچَ مٿي مڙڻ جو سڏ ٿو ڏئي. منصور جو اناالحق جو نعرو ۽ سوريءَ سيج چڙهڻ، سقراط جو زهر جو پيالو پي سچ کي امر ڪرڻ، امام حسين عليه السلام جو سچ ۽ حق تي ساهه ڏيڻ ۽ ٻيا ڪيترا ئي واقعا آهن، جن تاريخ ۾ ثابت ڪيو ته حق تي ساهه صدقو ڪرڻ وارا قومن ۽ ملڪن جي تقدير تبديل ڪن ٿا. جُڳن کان سچائي انساني سماج جي هڪ مانائتي خاصيت رهي آهي. اها مڃيل حقيقت آهي ته حق جو رستو مونجهاري، فساد ۽ برائيءَ کان ته هميشه پري هجي ٿو، پر سماج ۾ ڪوڙ ڪپت ۽ باطل سبب وڌندڙ براين کي ٻنجو ڏيئي هڪ صحتمند، ترقي يافته، آزاد ۽ بااختيار سماج کي قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
پتنگ چانيِيِن پاڻَ کي، ته اَچي آڳ اُجهاءِ،
پَچڻَ گهڻا پَچايا، تُون پَچڻَ کي پَچاءِ،
واقفُ ٿِي وِساءِ، آڳ نه ڏِجي عامَ کي.
(يمن ڪلياڻ، 3-10)
سچائيءَ جي رستي تي ڀلي تنهنجي جان وڃي ۽ جيڪڏهن تون حق جو علمبردار ڪوٺائين ٿو ته اڃا به هڪ درجو اڳتي وڌ، پنهنجي عمل ۾ اخلاص ۽ نيڪ نيتيءَ سان گڏ همت ۽ قربانيءَ جو جذبو وڌائي ۽ ايترو اڳتي اچ جو سچو عاشق ٿي ساهه وڃائڻ کان گريز نه ڪر. سچ کي نه سڃاڻن وارن منافقن کان پري ٿي ڪوڙن قدرن خلاف بغاوت ڪر. سچ ۽ ڪوڙ هڪ ئي تصوير جا ٻه رخ آهن. سچ سهڻو آهي ته ڪوڙ ڪوجهو، سچ عزت آهي ته ڪوڙ بي عزتي ۽ ذلت، ڪوڙ ڪمزوريءَ ۽ ڪانئريءَ سان گڏ هڪ اهڙو مٺو زهر آهي، جنهن سان انيڪ اخلاقي خرابيون جنم وٺن ٿيون. هن سنسار جي سڄي سونهن فقط ۽ فقط سچ کي قائم ڪرڻ ۾ لڪيل آهي. ڀٽ ڌڻي ته انهن کان به پاسو ڪرڻ لاءِ ٿو چوي، جيڪي هن اَڻَ مُلهه وِٿ کي نٿا سڃاڻن ۽ بي قدرا آهن.
جي نه سڃاڻن سچ کي، ويهه مَ تنين وٽِ،
امُلهه کي اَڌَ ڪَري، پاڻان هَڻَندا پَٽِ،
وڃي مهَر تِنِي وَٽِ مَٽِ، جي پاَرکُو پارِسَ جا.
(سريراڳ، 3-12)
سچائي دنيا جي قيمتي ترين شيءِ آهي. جنهن به هن دنيا ۾ سچ ۽ چڱائيءَ کي نه سڃاتو، تنهن ڄڻ ڪجهه نه پاتو. سچائي حقيقت ۾ ضمير جو آواز ۽ من ۾ مفتي ويهاري اندر جو حساب ڪتاب ڪرڻ آهي، سچائي حقيقت شناسي، سونهن ۽ انصاف ته آهي پر سچائي وڏي ايماني قوت ۽ قلبي قرار سان گڏ اخلاقي گڻن جو سرتاج ۽ انسانيت جو اهم ترين سرمايو آهي، هڪ اهڙو سوجهرو آهي، جنهن جو قدر فقط انهن جوهرين وٽ آهي جي انهيءَ پارس جا پارکو آهن. ڪوڙ کي فنا پر سچ کي دائمي بقا آهي سچ لاءِ سوري سيج ۽ سُڃ وسندي آهي. بس قدردان ئي قدر ڪن.
اَمُلهه آڇِ مَ اُن کي، جي نه پَر وِڙن مَٺِ،
جِتِ گڏ جيئي جوهري، ماڻڪ تَتَهِين هَٺِ،
جَنين سُون سين سَٽ، تن هڻي ريءَ رَدِ ڪيو.
(سريراڳ، 3-7)
مٿئين بيت پڙهڻ سان لڳي ٿو ڄڻ لاکيڻي لطيف دريا کي ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي. فرمائي ٿو ته، جنين کي ڪا خبر ئي ڪونهي، ڪا پروڙ ڪونهي، ڪو قدر ئي ڪونهي انهن کي اَمُلهه آڇڻ وڏي غلطي آهي، متان اها خطا ڪرين، سچا جوهري ملنيئي پوءِ ئي ماڻڪ آڇج، باقي جن جي ڪسوٽي ئي صحيح ڪانهي جن جو اهو واپار ئي ڪونهي اهي تنهنجي ماڻڪن کي موٽائيندا. ڀٽ ڌڻي ڄاڻائي ٿو ته هن نفسانفسيءَ واري دور ۾ اشرافن، سچن ۽ حقيقت شناسن جو قدر ئي ڪونهي. کين زماني جي ناقدري ڏک ٿي ڏئي. هو تنبيهون ٿا ڪن ته پارکو ۽ وينجهار ويا هاڻي ته حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو ڪِٽ پيو ڪُٽجي. فرمائي ٿو ته:
ويا سي وينجهار، هيرو لعلُ وَنڌين جي،
تنين سندا پوئيان، سِيهي لَهنِ نه سارَ،
ڪُٽين ڪٽ لوهار، هاڻي اُنين ڀِيڻِيين.
شاهه لطيف هڪ باعمل ۽ سڄاڻ انسان هو هُن وٽ سجاڳيءَ ۽ ضمير جي سچائيءَ جو وڏو درجو هو ۽ سندس نظر ۾ جيستائين حق ۽ سچ لاءِ سر جي سٽ نه ڏبي، جدوجهدون نه ڪبيون، اڳتي نه وڌبو تيستائين سماج ۾ تبديلي ناممڪن آهي. سچ جا هميشه رستا روڪيا ويندا آهن. حسين بن منصور حلاج جي شهادت لاءِ چيائين ته “همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهين”. مخدوم بلاول جو گهاڻي ۾ پيڙهجڻ، شاهه عنايت جي شهادت ۽ ٻين تاريخي واقعن جي کين مڪمل ڄاڻ هئي انهيءَ ڪري اهڙن عاشقن جن لاءِ سوري سيڄ ۽ مرڻ مشاهدو هو، تن جي وڃڻ جا کين ارمان هئا هي سڄاڻ مفڪر واقف هو ته سماج ۾ سک، شانتي، امن ۽ انصاف تڏهن قائم ٿيندا جڏهن سڀني کي برابريءَ وارا حق ملندا. هن سنڌي سماج جي اڳيان سندن ئي ٻوليءَ ۾، عوامي لهجي ۾، لوڪ داستانن جي تمثيلن ۾، ثقافت ۽ تهذيب جي بيان ۾، سماج جي پيڙهيل، ڪمزور ۽ هيڻن ڪردارن جي زبان ۾، سچ ۽ سندرتا جا سبق ڏنا آهن. سندس ڪلام سنڌي سماج جي سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتن جو آئينو آهي. جنهن ۾ هن سخا، سورهيائي، سچائي، شعوري سجاڳي، جدوجهد ۽ آزاديءَ جي اپٽار ڪئي آهي. منافقي، غلامي، ڪوڙ، ڪوجهائي، ڪپت، نااميدي، مذهبي تفرقي بازي، بيوسائي، بي حسي، محتاجي ۽ غاصبيت کان پليو آهي. اجتماعيت سان قومي ٻڌيءَ واري جيون جيئڻ جو گس ڏنو آهي. جنهن ۾ نيڪ اُمنگون، آسائشون، ٻڌيون، محبتون ۽ ميٺ هجن. فرمائي ٿو ته:
وَڳَر ڪيو وتن پِرتِ نه ڇِنَنِ پاڻَ ۾،
پَسو پَکِيئڙَن ماڻهنِئان ميٺ گُهڻو.
(ڏهر، 4-5)