لطيفيات

عالم سڀ آباد ڪرين

پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو ”عالم سڀ آباد ڪرين“ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو. سپڪ، سهڻي، مڻيادار اندر جي اُڇل ۽ جذبن جي سچائيءَ سان گڏ تحقيق جو پھلو پڻ اُجاگر ٿيل آهي. شاه جي شاعريءَ جي ڪافي پهلوئن کي اجاگر ڪيو اٿس. چاهي ٻولي هجي يا سماجي پھلو هجن. تصوف جي اشارن ۽ علامتي اصطلاحن ذريعي شاه سائينءَ جيڪا انساني اندر کي روشني ۽ رهنمائي ڏني آهي ان کي بيان ڪيو اٿس. سماج جي هر طبقي جي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا، ڪڙمي، ڪاسبي، پورهيت هجن يا وري نازڪ جنس عورت جي عظمت جو سوال هجي، سانئڻ پروين وڏي محنت ۽ محبت سان بيان ڪيو آهي.
Title Cover of book عالم سڀ آباد ڪرين

شاهه لطيف جو پيغام

سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيا کي وڌائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي جيارڻ ۾ سنڌ جي صوفين ۽ شاعرن جو وڏو هٿ آهي. انهي سڀني صوفين ۽ باڪمال بزرگن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪردار سوايو آهي، شاهه لطيف هڪ آدرشي انسان هو ۽ هُن پنهنجي شاعريءَ معرفت انسان ذات کي آدرشي جيون جيئڻ جا گس ڏسيا آهن، سندس شاعري هڪ مڪمل رسالي جي صورت ۾ اڄ اسان وٽ محفوظ آهي، جنهن کي “شاهه جو رسالو” سڏيو وڃي ٿو، “رسالو” لفظ، “رسل” مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، “پيغام” شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ وسيلي اسان کي ڪهڙو پيغام ڏنو آهي؟ ڇا اسان سندس ڏنل پيغام کي پروڙي ان تي عمل ڪيو آهي؟ ۽ اهو ئي هِن دور ۾ غور جو مقام آهي.
شاهه لطيف فقط شاعر نه هو، بلڪه هُو سنڌ جو هڪ عظيم مفڪر ۽ دانشور هو، جنهن جي دل ۾ هن ڌرتيءَ جو درد سمايل هو. کيس سنڌ جي ذري ذري سان محبت هئي، انهيءَ ئي ڪري هُن ڌرتيءَ واسين کي محبت ۽ ڀائيچاري جا سبق ڏنا. سندس شاعري سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ نه، پر پوريءَ دنيا لاءِ جدوجهد، امن ۽ سجاڳيءَ جو سڏ آهي. فرمائي ٿو ته:
سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوس! مٺا دِلدارَ عَالم سَڀِ آبادِ ڪرين.

(سارنگ. 4-12)
پوري عالم لاءِ دعاڳو هن عظيم انسان جو پيغام محبت آهي، هن ڄاڻايو آهي ته دوست جو ديرو دِل ۾ آهي ۽ هر ماڻهوءَ کي پنهنجي مَنَ مان ڪِٽِ ڪڍي ان کي ڌوئي صاف ۽ پاڪ ڪري پوءِ اڳيان وڌڻو آهي، محبت جي آفاقي جذبي سان ٽمٽار دل ئي انسانيت آهي، دل جي صفائيءَ لاءِ شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترائي نصيحت ڀريا نڪتا ڏسيا آهن. پنهنجي پاڻ جي حساب ڪتاب تي زور ڏنو آهي، انساني اصلاح لاءِ سندس هي سٽون ئي ڪافي آهن.
جان پيهي ڏٺم پاڻ ۾، ڪري رُوحَ رهاڻ،
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ سَسُئي تان سور هُئا.

(سسئي آبري 3-7)
انسان اشرف المخلوقات جي لازوال رتبي جو روادار تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن سندس خيال ۽ عمل ٻين انسانن لاءِ به فائديمند هجن. لطيف سائين فرمائي ٿو ته:
هو چونيئي تون ۾َ چئو، واتان ورائي.
شاهه لطيف صبر، سخاوت، سچ ۽ ماٺ کي پسند ڪندي، همٿ ۽ بهادريءَ جا سبق ڏنا آهن. اخوت ۽ پيار جا پيغام پيش ڪيا آهن.
هُو ابوبن آدهم جيان الله جي بندن کي پيار ڪرڻ جو قائل آهي، پوريءَ انسانيت جو ڀلو چاهيندڙ آهي، کين ٻڌيءَ ۽ محبت جو سبق ڏيندي چوي ٿو ته:
وَڳر ڪيو وَتَنِ پِرتِ، نه ڇِنَنِ پاڻ ۾،
پَسو پَکيئڙن ماڻهِنئان مِيٺ گهڻُو.

(ڏهر 4-5)
لطيف جي شاعري روايتي شاعري نه آهي، سندس سڃاڻپ ئي اها آهي ته هُو مختلف ۽ انفرادي سوچ جو شاعر آهي، هُن جو ڪائناتي مطالعو، مشاهدو، وسيع النظري، ڪشاده دِلي، اوچي سوچ، شاعريءَ جي گهرائي، ڪماليت جي وسعتن تي آهي. تنگ نظري، مفاد پرستي ۽ منافقت تي ڇوهه ڇَنڊيندي هو فقط ۽ فقط پيار جا پيغام ٿوسڻائي. انهيءَ پريت جي پرچار سبب ئي ته هو انسانيت جو علمبردار پيامبر سڏيو ويو آهي، لطيف جو فن ۽ فڪر “محبت پائي من ۾ رنڊن روڙڻ جو” آهي. “چائت پائي چتَ ۾، سنهي ڪتڻ” کي پسند نٿو ڪري، وٽس دل جو درجو اُتم آهي، کيس اها چڱيءَ پر پروڙ هئي ته سنڌ ڌرتيءَ کي امن، محبت ۽ رواداريءَ جي ضرورت آهي، جڏهن انتهاپسنديون ۽ دهشتگرديون ديرو ٿيون ڄمائين، تڏهن “سنڌ مٿي سُڪار” لاءِ سندس پُڪار سنڌ واسين کي سڏي ٿي. پر اهو علم هوندي به اسين عمل کان وانجهيل آهيون ۽ اڄ جيڪي غير يقيني حالتون اسان جي آس پاس موجود آهن، انهيءَ جو سبب اهو ئي آهي ته اڃا اسان لطيف جي پيغام کي صحيح پروڙيو نه آهي ۽ جي ٿورو گهڻو سمجهيو آهي ته عمل نه هئڻ برابر آهي ۽ بي عمل ۽ بي تحرڪ زندگي ته ظاهر آهي بيڪار ئي آهي. جڏهن اسان وٽ زندگي گذارڻ جو سولو ۽ آسان دستاويز شاهه جي رسالي جي صورت ۾ موجود آهي ته پوءِ ڇو نٿا ڌيان ڌريون؟ ۽ سندس ڏنل پيغام کي اندر ۾ اوتي عمل ڪيون؟ اهو وڏي فڪر جو مقام آهي شاهه جي فن ۽ فڪر جو اونهو اڀياس ئي آهي جو سنڌ واسين جي حياتيءَ کي سنئين دڳ تي لائي سگهي ٿو.
شاهه جو رسالو پڙهڻ، پروڙڻ ۽ ان کي عام ڪرڻ جي شروعات پنهنجي پنهنجي گهرن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، مڪتبن، مدرسن، محفلن، سيمينارن، شادين غمين ۽ ٻين هر موقعن ۽ هنڌن تي ڪريون. هر محفل جي شروعات شاهه صاحب جي بيت ۽ سمجهاڻيءَ سان ڪريون، ميڊيا معرفت شاهه جو پيغام عام ڪريون. سندس مثبت سوچ کي جڏهن سنڌي سماج چڱيءَ پر سمجهي ويندو، تڏهن ئي سنڌي قوم ۾ هڪ وڏي تبديلي ايندي لطيف جو پيغام انسانيت آهي. سندس رسالو حقيقي رهبر ۽ سونهون آهي. ۽ ان جي سمجهڻ سان نئين نسل ۾ انسانيت جو واسو پيدا ٿيندو ته لطيف شناسي منجهن پيار ۽ محبت جا اڻ ملهه جذبا وکيريندي. هو هر دور جو ڪيميا گر شاعر آهي. سندس پيغام هر دور لاءِ محبت ۽ فقط محبت آهي.