لطيفيات

عالم سڀ آباد ڪرين

پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو ”عالم سڀ آباد ڪرين“ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو. سپڪ، سهڻي، مڻيادار اندر جي اُڇل ۽ جذبن جي سچائيءَ سان گڏ تحقيق جو پھلو پڻ اُجاگر ٿيل آهي. شاه جي شاعريءَ جي ڪافي پهلوئن کي اجاگر ڪيو اٿس. چاهي ٻولي هجي يا سماجي پھلو هجن. تصوف جي اشارن ۽ علامتي اصطلاحن ذريعي شاه سائينءَ جيڪا انساني اندر کي روشني ۽ رهنمائي ڏني آهي ان کي بيان ڪيو اٿس. سماج جي هر طبقي جي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا، ڪڙمي، ڪاسبي، پورهيت هجن يا وري نازڪ جنس عورت جي عظمت جو سوال هجي، سانئڻ پروين وڏي محنت ۽ محبت سان بيان ڪيو آهي.
Title Cover of book عالم سڀ آباد ڪرين

شاهه جي شاعريءَ ۾ اخلاقي ۽ روحاني درس

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه جو نالو عظيم شاعر جي طور مڃيل آهي. هو سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ اهڙو مانائتو ۽ شانائتو شاعر هو، جنهن جي شاعريءَ ۾ نه فقط سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ پر پوري عالم لاءِ امن، سک ۽ شانتيءَ جا سڏ آهن. سندس شاعري سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ صحيفو ۽ الهامي معجزو مڃي وڃي ٿي. هن انساني حياتيءَ جي هر رخ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اُجاگر ڪيو آهي. سندس بيت پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان دل ۾ نيڪ جذبا پروان چڙهن ٿا ۽ ماڻهوءَ جي عزم ۽ ارادي ۾ مثبت تبديلي اچي ٿي ۽ ايئن شاهه صاحب جي شاعريءَ جي پڙهڻ، ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ سان اسان جي سماجي اوسر ۾ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جا جهجها رُخ آهن جن ۾ هڪ خاص رُخ اعليٰ انساني قدرن جي اپٽار آهي، هن انسانيت جي علمبردار شاعر کي ڀليءَ ڀت خبر هئي ته انسان ڇا آهي؟ ان جي ڪائنات ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟ هُو هِن دنيا جي احسن ترين مخلوق هوندي به ڇوهيٺانهين ڏي مُڙي ٿو؟ کيس ڪهڙن انساني قدرن جي پورائو ڪرڻ گهرجي، جن وسيلي هُو پنهنجي اشرف المخلوقات جو لقب برقرار رکي سگهي. شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ وسيلي انسان ۽ انسانيت جي لاڳاپي کي سهڻائيءَ سان واضح ڪيو آهي. هن اسان کي اهي قدر ۽ وسيلا ڏسيا آهن، جن معرفت اسين الله تعاليٰ جي پيدا ڪيل ٻيءَ سڀ مخلوق کان اوچو درجو حاصل ڪيون. هن سماج ۾ ڏٺو وڃي ته انسان قدرت جي خوبصورت ترين تخليق آهي ۽ عقل الاهيءَ جي نعمت سبب کيس سڀني مخلوقن تي مٿانهين حيثيت حاصل آهي. هو هر پل سوچيندڙ ۽ انهيءَ سوچ کي عملي جامو پهرائيندڙ آهي. پٿر جي شروعاتي دور کان اڄ تائين جاکوڙيندڙ رهيو آهي. انهيءَ ڪري ئي هو پنهنجي پاڻ ۾ هڪ اهڙي ڪائنات آهي. جنهن ۾ هزارين سالن جون تهذيبون، تمدن، علم ۽ هنر سمايل آهن.
انسان جڏهن هن دنيا ۾ قدم رکيو انهيءَ وقت کان وٺي هُن پنهنجي وجود کي مڃائڻ جي جنگ جاري رکي آهي. هُن جڏهن پنهنجو پاڻ تي ۽ هن ڪائنات تي غور ڪيو تڏهن مٿس اها حقيقت کُلي، ته سندس بقا تڏهن ئي قائم رهي سگهي ٿي، جڏهن هُو انسانيت جو احترام ڪري ۽ اهو ئي انسان ۽ انسانيت جو رشتو آهي. اهو انسانيت جي احترام جو جذبو ئي آهي، جنهن سان “حيوانيت” ۽ “انسانيت” ۾ امتياز قائم ٿيئي ٿو.
هن دنيا ۾ ڪيترائي پيغمبر، نبي، ولي ۽ نيڪ انسان وقت به وقت انسانذات جي سڌاري جا پيغام ڏيڻ آيا آهن. جن کين انسانيت جي خدمت ڪرڻ لاءِ اُتساهيو آهي ۽ کيس پنهنجو اعليٰ هئڻ جو شرف سمجهايو آهي. الله تعاليٰ جي اهڙن نيڪ ٻانهن ۾ سنڌ جي سرزمين جو ڪامل ولي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ شامل آهي. جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي صاف ۽ سڌن لفظن ۾، ته تمثيلن ۽ علامتن جي اوٽ ۾ انساني زندگيءَ کي سٺي نموني گهارڻ جا پيغام ڏنا آهن، شاهه جي شاعريءَ جو تت ۽ ست اعليٰ انساني اخلاقي قدرن جي اُپٽار آهي وٽس انساني قدرن ۾ خاص اهميت چڱن اخلاقن جي آهي. چڱا اخلاق تحقيق هڪ روشن گهر جيئن آهن، جي ماڻهوءَ جي مَنَ کي اوجر ڏين ٿا ۽ بد اخلاقيون هڪ اونداهي گهر مثل آهن جنهن ۾ ڪابه باک نٿي ڦٽي. شاهه سائين کي چڱيءَ پر ڄاڻ هئي ته ماڻهو ته مٽيءَ جي مُٺ آهي ۽ سندس ماڻهپوئي کيس ملائڪن کان مٿانهون مقام عطا ڪري ٿو. اهي نيڪ گُڻ جيڪي انسان جي شخصيت جي تعمير ڪن، سي شاهه صاحب بار بار پنهنجي شاعريءَ ۾ ورجايا آهن. جيئن ٻڌي، محبت، وطن دوستي، همت، بهادري، شجاعت، عزم جي پختگي، قرباني، فرض شناسي، پيار، رحمدلي، قناعت، شفقت، عدل و انصاف، همدردي، مهمان نوازي، سچ، سادگي، نهٺائي، پاڪيزگي، بردباري، ايمانداري، شرم و حيا، سخاوت، غيرت، امن پسندي، قرباني، نيڪ نيتي، عبادت، علميت مطلب ته انيڪ اهڙين خوبين جن سان هڪ انسان هن زمين جو هڪ ڪار آمد فرد هجي، تن کي ذڪر ڪيو اٿن ۽ ان جي ابتڙ جيڪي اَوَگُڻ آهن انهن کي نِندِيو اٿن ۽ ايئن شاهه صاحب ماڻهپي جا سبق ڏنا آهن، هُن ان ڏِسَ ۾ فهمائشون ڪيون آهن ته برملا کُليو اظهار پڻ ڪيو آهي. سچ کي سڌو رستو ڄاڻائيندي ڪوڙ ۽ ڪپت کان پاسو ڪندي تنبيهه ڪئي اٿن ته،
“جي نه سڃاڻن سچ کي، ويهه مَ تني وٽ”
(سرسريراڳ)
سندس نظر ۾ بي ايماني، بي انصافي، بي حيائي، بزدلي، بخيلي، بي همتي، بي رحمي، انساني حياتيءَ لاءِ بي انتها هاڃيڪار آهن. هو سُستي ڪاهلي، ناشڪري، بي صبري، تڪبر، فخر، نفرت، مايوسي، ناميدي، لالچ، ٺڳي ۽ ٻين ڪيترين بي اخلاقين کي سماج لاءِ نقصانڪار ٿو ڄاڻائي سندس موجب هر چڱو گُڻ انساني عظمت جو اهڃاڻ آهي ۽ هر برو عمل ۽ بداخلاقي، شيطاني قوتن جو عڪس آهي.
انسانيت جي هن علمبردار وٽ آجپي، آزادي ۽ انسان دوستيءَ جو وڏو قدر آهي تڏهن ئي ته چوي ٿو ته:
وڳر ڪيو وتن پِرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماَڻهنِئان ميٺ گهڻُو.

(ڏهر-4-5)
شاهه صاحب جو فڪر تمام مٿانهون آهي، هن جي شاعريءَ جو محور انسان ۽ انسان ذات آهي هُو اُن انسان کي اُتم ٿو ڄاڻي، جو وطن دوست ۽ انسان دوست آهي ۽ جيڪو ان ريت نه آهي ۽ انهن خوبين کان محروم آهي، سواڻاسو ۽ بد بخت آهي.
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين هوءِ، جن وطن وساريو.

انساني ارادي جي قوت جي مضبوطي ۽ همت شاهه صاحب وٽ گهڻي اهميت رکندڙ آهي. سسئي سندس شاعريءَ جو اهم ڪردار آهي، جنهن جي معرفت هن جستجو، همت ۽ سجاڳيءَ جا سڏ ڏنا آهن.
جڏهن سُتيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري،
تڏهن تنين کي، ساٿ ستي ئي ڇڏيو.

ساڳيءَ ريت ٻين ڪيترن سُرن ۾ سندس اهو ئي پيغام آهي ته همٿ ڪيو، بهادريءَ سان اڳيان اچو، سر ڪيڏارو ۾ فرمائي ٿو ته:
سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم سڀ وسار،
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ تَرار، مار ته متارو ٿيئن.

“تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه”، “گهڙيا سي چڙهيا”، “ويٺن ناههِ وراڪو”، “ستا اٿي جاڳ”، “ڪاهي وڃئو ناکئا”، “سُتي نه سرند ياءِ”، “ڏورج ڏيئو هٿ ڪري”، “ٿڪيائي ٿر ٿيلهه، چڙهه چڪيا ئي چوٽيئن”، “ويٺي وَرَ نه ملن سُتي نه ملن سپرين” ۽ ٻيا سوين بيت اها ثابتي ٿا ڏين، ته شاهه صاحب جي شاعري همت، شجاعت، بهادري، عزم ۽ ارادي جي پختگي، قرباني، غيرت، فرض شناسي ۽ وطن دوستيءَ جو اهڃاڻ آهي ۽ اهي اهڙا اعليٰ انساني قدر آهن، جن سان انسان مانائتو ۽ شانائتو جيون جيئي ٿو. شاهه لطيف ذاتي طور هڪ نرم دل، نهٺو، شفيق ۽ همٿ ڀريو ماڻهو هيو. هن وٽ پيار ۽ محبت جي آفاقي جذبي جو وڏو قدر هو. سندس ڪلام ۾ اهڙا ڪيترائي بيت ملن ٿا، جن ۾ آفاقي، الهامي ۽ مجازي محبت جا سڏ ڏنل آهن.
ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،
منهنجو جيءُ جڙي، سپريان سوگهو ڪيو.

(يمن ڪلياڻ، 2-5)
عشق جنين کي آڪرو، ترهو مٿي تن،
جي ساهڙ کي سڪن، تنين جر جنڊ ٿيئي.

شاهه صاحب ڄاڻائي ٿو ته دوست جو ديرو ته دِل ۾ آهي فقط من جي مفتيءَ معرفت پنهنجو پاڻ اهو اندر ۾ ڳولهڻو آهي، مَنَ مان ڪٽ ڪڍي ان کي ڌوئي پاڪ ۽ صاف ڪري اڳيان وڌڻو آهي. دنياوي ڏاهپ ڪجهه ڪونهي اصل ته دل جي صفائي کپي، ليلا جو پنهنجي لالچ تي پشيمان هئڻ هن ريت ٿو بيان ڪري:
الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سين مون پرين ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا

نوريءَ جي نهٺائي ۽ سادگي وٽس مانائتي آهي، کيس ساراهيندي چوي ٿو ته:
گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
انين جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.

بهادري وٽس غيرت ۽ قومن جو شان ۽ مان آهي. بزدل ۽ ڪانئر کي هو قوم ۽ ملڪ لاءِ برباديءَ جو سبب سمجهي ٿو. سورهيه مردن جي ونين واتان چورايو اٿس ته:
ڀڳو آئون نه چوان، ماريو ته وسهان،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.

(سُر ڪيڏارو)
گيدي، بزدل، ڊڄڻو انسان ٻين به ڪيترين خامين سان ڀرپور هجي ٿو، شاهه صاحب انهيءَ ڪري سخي ابڙن بهادرن ۽ سورهين کي ساراهي سنڌي قوم کي سورهيائيءَ جا سبق ڏنا آهن، جادم جکرو سمن جو سخي سردار ۽ راءِ ڏياچ چوڙا سما خاندان جو بادشاهه جنهن ٻيجل جي تند تنوار تي وڏي شوق سان سر قربان ڪيو. جنهن کي شاهه صاحب واکاڻيو آهي، اهڙيءَ ريت شاهه صاحب ڪيترن ئي هنڌن تي غيرت، سخاوت، وطن دوستي، سادگي، محبت ۽ مجاز جا مثال ڏيئي، سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ شاهڪار رسالي کي تخليق ڪري پنهنجي قوم کي انساني قدرن سان شناسائي ڪرائي آهي، بد اخلاقين ۽ براين کان بچڻ جا گُر ڏسيا آهن. صبر جهڙي پيغمبري صفت کي ڳايو آهي. بي همٿي ۽ بزدليءَ کان بچاءُ جي ڄاڻ ڏني آهي. لالچ کي ننديو آهي. غيرت ۽ خودداريءَ سان جيون گذارڻ کي اهميت ڏيندي آزاديءَ جو سبق ڏنو آهي، چڱائين جي اپٽار ڪئي آهي. “ڏمر کي ڏولائو” سڏيندي، “نمي کمي نهارڻ جي” تلقين ڪئي آهي. سندس اهو ئي مؤقف آهي ته “هُو چو نيئي تون مَ چئو واتان ورائي”، کم کمندن کٽيو هارايو هوڙن” يا “چپ سين جي چون ادب ڪجي ان جو”.
انساني اخلاقي قدرن سان گڏ شاهه صاحب سنڌي قوم ۽ سماج جي معاشي ۽ ثقافتي قدرن کي پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت ڏني آهي. سندس نظر ۾ جيڪا قوم پنهنجي ماضيءَ کي وساري ٿي ويهي اها هميشه غيرن جي پوئواري ڪندي ۽ ايئن آهستي آهستي هُن جون جڙون پنهنجي ڌرتيءَ تان ڪٽجي وينديون، انهيءَ ڪري پنهنجي شاندار ماضيءَ جي اوٽ ۾ شاهه صاحب سنڌ واسين کي سماجي حالتن مطابق سندن تهذيبي معاشي، مذهبي، علمي ۽ ثقافتي قدر ڄاڻايا آهن. هن جي ڪلام ۾ انيڪ اهڙا بيت ملن ٿا، جن مان خبر پوي ٿي ته سنڌي قوم هڪ اعليٰ تهذيبي ورثي جي وارث آهي، جنهن جو پري پري ملڪن سان وڻج واپار هلندڙ هو، هتي جون رسمون رواج، اٿيون ويٺيون اهي ثقافتي قدر آهن، جن سان هتان جي ماڻهن جو مان مٿانهون آهي، علمي ۽ مذهبي طور هي امن پسند ماڻهو پڙهيل ۽ محنتي آهن ۽ ايئن شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ وسيلي انساني اخلاقي خوبين کي ڳائي ۽ خامين کي برو ڄاڻائي پنهنجي پڙهندڙ کي پيغام ڏنو آهي ته توهان بهترين انسان ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي اعليٰ انساني صفتن سان معمور ڪيو. ته توهان هڪ خوشحال ۽ آسودي سماج کي ٺاهي سگهندؤ، جتي امن ۽ ڀائيچارو هوندو، جتي معاشي حالتون بهتر هونديون، جتي ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ۽ چور بازاري نه هوندي، جتي ڪير ڪنهن جا حق غصب نه ڪندو ۽ نيڪ عملن ۽ نيڪ نيتن سان رب پاڪ جو ڪرم نصيب ٿيندو، سڄيءَ سنڌ سان گڏ هو پوري عالم لاءِ دعاڳو آهي.
سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار،
دوس! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.