شاهه جي شاعريءَ ۾ سندس زندگيءَ جو عڪس
جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سي ئِي ڪَن.
(4-4، سريراڳ)
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو مٿيون بيت انساني ڪردار نگاريءَ کي ٻن سٽن ۾ تمام اونهائيءَ سان بيان ڪري ٿو. شاهه سائينءَ جو سڄو ڪلام انساني زندگيءَ جو مڪمل اڀياس هئڻ سان گڏ سندن پنهنجي حياتيءَ جو مڪمل عڪس آهي. هو پنهنجو پاڻ نيڪ نيت ۽ نيڪ اخلاقن سان سينگاريل هو. سندن مطابق چڱا گُڻ/سٺا اخلاق هڪ وڻندڙ عمل ۽ اهڙو واپار آهي جيڪو نه پئي پراڻو ٿئي ۽ نه ئي کپائڻ سان کٽي ٿو. چڱايون خاص ڪنهن جي ميراث نه آهن، پر انهن کي جيڪو پنهنجو ڪندو سو پنهنجي حيثيت، وت ۽ ماحول آهر نه فقط پاڻ فيض حاصل ڪندو، پر ٻيا به پيا هن سرهاڻ سان واسبا.
نيڪ گڻن جو دائرو تمام وسيع آهي، نيڪين ۽ چڱن عملن جو مجموعو، “حسن اخلاق”، سڏجي ٿو. ڪجهه خاص خوبيون جيئن صبر، سهپ، احسان، شفقت، رحم دلي، قناعت، سادگي، نهٺائي، پاڪيزگي، بردباري، شرم حيا، پيار ۽ ٻيون خاصيتون گڏجي نيڪين جي گلدستي جو واس ٿيون وٺائين. انهيءَ جي برعڪس بريون عادتون ۽ بدعمل بداخلاقين جي زمري ۾ اچن ٿا. جن سان نه صرف ايمان ڪمزور ٿو ٿئي پر خراب گڻن جا حامل ماڻهو بدڪردار ۽ بي عمل شمار ٿيندا آهن. چڱن اخلاقن جي برعڪس بداخلاقيون انهيءَ اونداهي گهر مثل آهن، جنهن ۾ ڪابه روشني نه آهي. نيڪ اخلاق، انسان جي قوت ٿي يقين ۽ وشواس جيان کيس مضبوط بنائين ٿا، جنهن جا ٿنڀا ايمانداري، سچائي، پاڪائي، پريم ۽ ڀلائي آهن. شاهه ڀٽائيءَ انساني زندگي ۾ سٺن عملن ۽ سُٺين سوچن کي گهڻي فوقيت ڏني آهي. سندن موجب هر چڱي گُڻَ کي پنهنجو ڪرڻ ئي انساني، عظمت آهي جنهن سان ماڻهوءَ جي سيرت ٿي گهڙجي. ماٺ ۽ صبر کي هڪ وڏي وٿ قرار ڏيندي درگذر ڪرڻ ۽ ماٺ رهڻ کي ايمان جي سلامتي ٻڌايو اٿن. فرمائين ٿا ته،
مِٺايان مٺو گهڻو، ڪَڙو ناهِه ڪلام،
سُڪُوت ئي سلام، پِريان سَندي پارَ جو.
معاف ڪرڻ وارن کي هن طرح داد ڏنل آهي:
ڀلائي آهين پرين، ڀلائيءَ پانهنجي،
سامُهان سر چڙهيو، ڏوراپو نه ڏين،
مان ڏي مَدايون ٿِين، سڄڻ سڄاين ۾.
(1-1، کنڀات)
شاهه صاحب جن ادب ۽ اخلاق واري واٽ وٺڻ، حسد ۽ ڪيني کان بچاءُ سان گڏ، توڪل جي ترهي تي ترڻ جون صلاحون هن ريت ٿا ڏين.
تن ۾ تراز توهه جي، گهڻو لهه گهوري،
ادب ۽ اخلاص جا، سڙهه ٻَڌِج سوري،
وَکرَ وينتين جو، تنهن ۾ پاءِ توري،
ته عادنئون اوري، تنهنجو توائي نه ٿئي.
(6-12، سريراڳ)
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ چڱن گڻن جي تعليم ڪٿي ڪردارن جي اوٽ ۾، تمثيل طور ته ڪٿي سڌو سنئون ناصحانه نموني سمجهاڻيءَ طور بيان ٿيل آهي. ڪنهن ڪنهن هنڌ فهمائش ۽ تنبيهه به ڪئي اٿن پر مجموعي طور پاڻ انساني زندگيءَ کي اخلاقن جي دائري سان مشروط ڄاڻائي، نيڪ لڇڻن جي وکر کي ڇوٽڪاري جي ضمانت قرار ڏنو اٿن. فرمائين ٿا ته:
وَکَرُ سو وهاءِ، جو پَئِي پُراڻو نه ٿِيي،
ويچيندي ولات ۾، ذور ٿئي نه ضاءِ،
سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، اڳهه جنهن جي اُبهين.
(3-2، سريراڳ)
عام طور چوندا آهن ته مَنُ هڪ ناياب موتي آهي، جيڪو هڪ دفعو ڀڳو ته سڄو نه ٿيندو ۽ جي ٿيو ته به سنڌو رهجي ويندو آهي. ان ڪري نيڪ نيتي ۽ سچ تي ئي هن حياتيءَ جو مدار رکڻ گهرجي. شاهه لطيف هڪ سچو، باعمل صوفي انسان هو. پاڻ زندگيءَ ۾ سچ جي عمل کي انساني اخلاقن جو اعليٰ اهڃاڻ ۽ ڪردار جو بنيادي رويو ڄاڻايو اٿن. سچ وٽن انساني ڪردار جو بنيادي نقطو آهي ۽ گڏوگڏ ڪوڙ کي هر خرابيءَ جو سبب قرار ڏين ٿا. سچ جي بي قدري شاهه سائينءَ کي سخت ناپسند آهي. ڪائي ڪچ جي اگهجڻ تي دل سان ڏک ٿا محسوس ڪن.
اگهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَن موٽ ٿي،
پَلئه پايو سچ، آڇيندي لَڄَ مَران.
(4-14، سريراڳ)
سچ جي عمل کي اڻملهه ڄاڻائيندي ان جي پرک رکڻ وارن وٽ ويهڻ ۽ وڃڻ جي صلاح ڏيندي چون ٿا ته:
جي نه سڃاڻڻ سَچَ کي، ويهُه مَ تَنِين وَٽِ،
املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،
وڃي مهر تنين وٽ مٽ، جي پارکُو پارَس جا.
(5-12، سر سريراڳ)
ڪوڙن ڪانيرن ۽ ٻگهن کان بچاءُ جي هدايت هن ريت ڏني اٿن:
هنجن سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهاريين،
ٻگهن سين ٻيهارَ، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين.
(1-12، ڪارايل)
دنيا جي سڀني مذهبن ۾ عبادتن ۽ رياضتن سان گڏ انساني سيرت جي سهڻائيءَ جا سبق ڏنل آهن، جن موجب ايمان جون تلقينون، عبادتون ۽ رياضتون ته ذاتي ڇوٽڪاري جو باعث آهن، پر انسانيت جي ڪم اچڻ ئي ڪارائتو عمل آهي. نيڪ عمل ايمان جو جزو هئڻ سان گڏ نجات جو وسيلو آهن. ڪيتريون ئي انساني تهذيبون، تاريخ جي تختيءَ تان ميسارجي ويون، سي صرف سندن وحشيانه عملن ۽ بداخلاقين سبب. الله تعاليٰ جي موڪليل رهبرن ۽ رهنمائن هميشه کان چڱائيءَ جو پرچار ڪيو آهي. خدا پاڪ فرمائي ٿو ته:
“نيڪي اها نه آهي ته توهان پنهنجا منهن مشرق ۽ مغرب ڏي موڙيو، پر نيڪي آهي ته جيڪي ايمان آڻين الله تي، آخرت جي ڏينهن تي، ملائڪن تي، ڪتابن تي ۽ نبين تي، ۽ ڏين مال الله جي راهه ۽ محبت ۾ ويجهن قريبن کي، يتيمن کي، محتاجن کي ۽ راهه جي مسافرن کي، گهرڻ وارن سائلن کي ۽ غلام کي آزاد ڪرائڻ ۾ ۽ قائم ڪن نماز ۽ زڪوات ۽ پورو ڪن جڏهن قول ڪن ۽ صبر ڪن سختيءَ ۽ تڪليف ۾ لڙائيءَ جي وقت ۾ اهي ئي سچا آهن. اهي ئي متقي آهن.
رسول پاڪ ﷺ جو ارشاد آهي ته “خَير مَن خيرًا اهلہ”
ترجمو: توهان ۾ چڱو اهو آهي جيڪو پنهنجي گهر وارن سان چڱي هلت هلي. معنيٰ ته چڱائيءَ جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪرڻ جو حڪم آهي، پنهنجي اهل عيال، اوڙي پاڙي، مٽي مائٽي، راڄ ۽ قوم سان سُٺي هلت اسان جي اخلاق ۽ نيڪين جي ضامن آهي. انفرادي حياتين جو سڌرڻ ئي قومن جو سڌرڻ آهي. عربيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته “کَما تُدِيۡنُ تُدَانُ” يعني جهڙو توهان ٻين سان ورتاءُ ڪندا، توهان سان به اهڙو ئي ورتاءُ ڪيو ويندو.
پياري پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ذات مبارڪ جي اخلاق جي اعليٰ درجي کي ڪيربه پهچي نه سگهيو آهي ۽ نه ئي ممڪن آهي، قرآن پاڪ ۾ حڪم آهي ته:
ترجمو: بيشڪ اي محمد ﷺ توهين اخلاق جي اعليٰ درجي تي آهيو.
اهو سڳوري رسول ﷺ جي اعليٰ اخلاق جو ڪرشمو هو. جو سڄيءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏي جنگجو ۽ جهيڙاڪ قوم اسلام قبول ڪيو. پاڻ ڪريم ﷺ جن براين جو خاتمو ئي نيڪين ۽ چڱاين سان آندو. قرآن پاڪ جي آيتن ۽ حديثن سڳورين جي روشنيءَ ۾ آيل سبق کي، لاکيڻي لطيف بيتن جي صورت ۾، سولي سنڌيءَ ۾ سنڌ واسين کي سمجهايو آهي. حضرت شاهه عبداللطيف جن رسول پاڪ جن جي نيڪ وڙن کي هن ريت بيان ڪيو آهي.
چَڱن ساڻ چڱائيون، ايئن سڀڪو هوءِ،
تو جِئن ڪري نه ڪوءِ، بڇن سان ڀَلائيون.
(4-3، سر سريراڳ)
چڱاين جو جواب ته ماڻهو چڱاين سان ٿا ڏين، پر برن سان ڀلايون ڪرڻ ڪردار جي وڏي ۾ وڏي خوبي آهي. پندرهن صديون اڳ اسلام جي نور سان هن دنيا کي منور ڪري پاڻ ڪريم جن اهو ئي حڪم ڏنو ته پاڻ ۾ تفرقا نه ڪريو. هڪٻئي جا حق غصب نه ڪريو. ڄاڻايائون ته هڪ مسلمان تي ٻئي مسلمان ڀاءُ جو خون، مال ۽ عزت حرام آهن ۽ اڄ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اخلاص ۽ محبتون ته ختم آهن، بلڪه هر ڪو هڪٻئي جو ماس پٽڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. شاهه سائين انهيءَ نفسانفسيءَ جي ماحول جي منظر ڪشي انتهائي ڏک سان ڪئي آهي،
آدمين اِخلاص، مٽائي ماٺو ڪِيو،
هاڻي کائي سَڀڪو، ماڙهوءَ سندو ماسُ،
دلبَرَ! هن دنيا ۾ وڃي رَهندو واسُ،
ٻيو سڀ لوڪ لِباسُ، ڪو هِڪَدل هوندو هيڪڙو.
(3-4 بروو سنڌي)
هن دنيا جي تڪليفن ۽ پريشانين ۾ عام طور تي ماڻهو اُتاولو ٿي ڪاوڙ ۾ اچي وڌيڪ نقصان پرائيندو آهي. شاهه صاحب ڏمر کي ڏولائو سڏيندي چو يٿو ته:
نمي کمي نهار تون، ڏمر ڏولائو،
ٿيئي ساڃائو، جي اڀيين انهين پير تي،
(8-13، سر يمن ڪلياڻ
يا
نمي کمي نهار تون، ڏمر وڏو ڏک،
منجهان صبُر سک، جي سنواريا سمجهين.
(8-12، يمن ڪلياڻ)
شاهه سائين صبر، ماٺ، سهپ ۽ سچ کي امر ڄاڻائيندي، جر تي ڦوٽي جيئن جيون ۾ صبر، شڪر ۽ رب جي رضا تي راضي رهڻ کي خاص اهميت ڏني آهي. فرمائين ٿا ته:
کم کمندن کٽيو، هارايو هوڙن،
چکيو نه چُوندن، هو جو ساءُ صبر جو.
(8-5، يمن ڪلياڻ)
زندگيءَ جي امتحان ۾ تڪليفون ۽ پريشانيون اڻ ٽر آهن، صبر، شڪر، تحمل، بردباري، بهادري، سچ ۽ سٺائيءَ جو ساٿ ۽ ٻيون انيڪ وصفون هئڻ انهن پريشانين جو حل آهن.
گهڻا ماڻهو پاڻ کي اجاين خسارن ۾ منجهائي خود کي خودي ۽ انا جي ڄار ۾ ڦاسائي فرعونيت سان هلندا آهن. سمجهو ماڻهو دنيا جي تخليق تي غور ۽ فڪر ڪري، ان کي فاني سمجهي، نيڪ عملن سان حياتي گهارڻ کي اوليت ڏين ٿا. انهيءَ ڪري هو هر عمل ۾ ثابت قدم ٿيندا آهن. هيءَ دنيا فاني آهي، پر چڱن جون چڱايون لافاني آهن ۽ چڱائيءَ جو معيار ذات پات تي به نه آهي. هتي ته جيڪو وهي سولهي. بندگي، تقويٰ، سچايون ۽ اخلاص خود ئي ماڻهوءَ جو مان مٿانهون ڪن ٿا. دنيا دريا آهي، جنهن ۾ ڪي ڪي تارو خسارن کان مٿڀرا ڪُڌن ۽ فرعوني ڪمن جي بجاءِ نيڪين کي وڌائيندڙ آهن. نيڪي ذات پات، شڪل و صورت ۽ ٻاهرين ٺاهه ٺوهه ۾ لڪيل نه آهي. سهڻي صورت ۽ ٽوهه جهڙو اندر شاهه صاحب هن ريت ٿو پيش ڪري.
صورَتَ گَهڻو سُهڻا، ٽاڻا سندن ٽوهه،
ريلو ڏيئي روح، جو کائي سو کامي مري.
چڱن وٽ زندگيءَ جي سونهن جو مقصد ۽ معيار، سچ، سٺائي ۽ نيڪي رهيو آهي. هڪ چواڻيءَ موجب:
The purpose of life is to rise to the state of goodness.
حسن انساني چهري ۾ نه پر دل جي نور ۾ آهي. انساني اندر جو آئينو جيڪڏهن نيڪ نيتيءَ تي ٻڌل آهي ته انهيءَ جو آب و تاب نه فقط اڪيلي ماڻهوءَ لاءِ پر پوري سماج جي لاءِ سونهن ۽ سوڀيا جو سبب بنجي ٿو. ڪنهن به ڪم ۾ ڏيکاءُ ۽ رياڪاري وارو عمل نه هجي ته پوءِ چڱاين جون واٽون خود ئي سونهون بنجي سامهون اينديون. جيڪڏهن اسين خدا تعاليٰ جي حڪم ۽ نبيءَ سڳوري جي سنت تي دل سان عمل ڪنداسين ته حسن خلق جا خزانا اسان جو ورثو ٿي ويندا. سماج ۾ چڱاين جي ترغيب ۽ پرچار سان پاڻ ۾ محبتون پيدا ٿينديون. اهي ئي قومن جي ترقيءَ جا اهڃاڻ آهن. انهن سان ئي اسان ڌرتيءَ جا ڏک پري ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائي سگهون ٿا.
اچو! ته لاکيڻي لطيف جي ڏنل تعليم ۽ سندن حياتيءَ جي چڱن رُخن تي غور ڪري ۽ عمل ڪري. روزن نمازن کان وڌيڪ اهو فهم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون جنهن سان پرين پسڻ سهل ٿي وڃي. هن حسين دنيا ۾ انساني حقن کي پائمال ٿيڻ کان بچائي، انسانيت جي گلدستي جي پنکڙين کي پٽجڻ کان بچايون. حياتيءَ جي چمن کي نيڪ عادتن ۽ طور طريقن سان ميويدار وڻ بڻائي بي وڙائتا ٿيڻ کان بچون.
نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جَهان ۾،
ٻَرِي جن ٻارِي، آئون نه جيئندي ان رِي.
(1-1، رامڪلي)