لطيفيات

عالم سڀ آباد ڪرين

پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو ”عالم سڀ آباد ڪرين“ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو. سپڪ، سهڻي، مڻيادار اندر جي اُڇل ۽ جذبن جي سچائيءَ سان گڏ تحقيق جو پھلو پڻ اُجاگر ٿيل آهي. شاه جي شاعريءَ جي ڪافي پهلوئن کي اجاگر ڪيو اٿس. چاهي ٻولي هجي يا سماجي پھلو هجن. تصوف جي اشارن ۽ علامتي اصطلاحن ذريعي شاه سائينءَ جيڪا انساني اندر کي روشني ۽ رهنمائي ڏني آهي ان کي بيان ڪيو اٿس. سماج جي هر طبقي جي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا، ڪڙمي، ڪاسبي، پورهيت هجن يا وري نازڪ جنس عورت جي عظمت جو سوال هجي، سانئڻ پروين وڏي محنت ۽ محبت سان بيان ڪيو آهي.
Title Cover of book عالم سڀ آباد ڪرين

شاهه ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ عورت جي عظمت

سنڌ جي سرزمين کي اهو فخر حاصل آهي ته ان مان لطيف سائينءَ جهڙي عظيم ڏاهي مفڪر جنم ورتو. هو هڪ اهڙو باڪمال شاعر هو جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ جي چپي چپي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيو آهي. هتان جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ تمدن جي اُپٽار ڪئي آهي. پنهنجي شاعريءَ کي عام ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب عورت ذات کي مرڪزي ڪردار طور چونڊيو. پاڻ عورت جي عظمت جو قائل هو. سندس نظر ۾ عورت انسان جي پهرين عظيم درسگاهه آهي. ان ڪري جيڪڏهن کيس آدرش بڻائبو ته قوم ۾ آدرش پرچاري جو عمل قيامت تائين هلندو رهندو، انهيءَ ڪري کيس نازڪ ۽ ڪمزور سمجهي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.
ڏٺو وڃي ته عورت صدين کان اڻ برابري ۽ ناانصافيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ رهي آهي. عورت کي تمثيل بڻائي شاهه لطيف سماج ۾ انقلاب آڻڻ چاهيو. هن ڄاڻو شخص کي چڱيءَ پر خبر هئي ته هن معاشري ۾ جيڪڏهن تبديلي آڻڻي آهي ته عورت کي مٿانهون درجو عطا ڪرڻو پوندو.
انسانيت جي علمبردار شاهه لطيف، عورت کي بحيثيت انسانذات عشق ۽ وندر جو ذريعو نه پر همت، بهادري، جدوجهد، جستجو ۽ ۽ انساني جذبن ۽ احساسن جو ترجمان ڄاڻايو آهي. شاهه صاحب عورت جي نفسيات جو ماهر هو. هن پنهنجي شاعريءَ جي زنانن ڪردارن ذريعي انڪشاف ڪيو آهي ته زندگي طلب جو نالو آهي. زندگي جدوجهد ۽ جستجو جو عُنوان آهي. زندگي جبر ۽ ڏاڍ کان آزادي حاصل ڪرڻ جو پيغام آهي ۽ ان عشق جو نالو آهي، جنهن سان حياتيءَ جا سمورا هاڪاري رخ ظاهر ٿين ٿا. لطيف مارئي بڻجي وطن پرستيءَ جو جذبو ٿي جاڳائي. مومل بڻجي مصلحتن جي مام ٿو پروڙي، سهڻيءَ جي سچي عشق کي مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته،
عشق جنين کي آڪرو، ترهو مٿي تِن
جي ساهڙ کي سِڪن، تنين جَرِ جنڊَ ٿئي

سسئيءَ جا ڏک ڏاکڙا سهڻ ۽ منزل مقصود پويان ڪاهي پوڻ جي جدوجهد کي شاهه لطيف امر بڻائي ڇڏيو. شاهه جي رسالي ۾ سسئيءَ جي باري ۾ سڄا سارا پنج سُر آهن. پُنهون لاءِ سندس لوڇ پوڇ ۽ ڪشالن ڪڍڻ کي همٿائيندي وري به اڳيان وڌڻ جي تلقين ڪندي چوي ٿو ته،
ويٺي وَر نه پُون، سُتي نه ملن سُپرين،
جي مٿي رَندن رون، ساڄن ملي تِنِ کي.

مارئيءَ جي حب الوطني ۽ ساڻيهه جي سڪ کي شاهه لطيف وطن پرستيءَ جو اهڃاڻ ڪري پيش ڪيو آهي تڏهن ته چوي ٿو ته “حيف تنين هوءِ وطن جن وساريو” هُو ليلا جي لالچ کي نندي ٿو ۽ نوريءَ جي نِهٺائيءَ کي واکاڻي ٿو ته سهڻي من موهڻي سورٺ جو پنهنجي وَرَ جي واعدي پاڙڻ ۾ ساهه صدقو ڪرڻ کي ساراهي ٿو. مطلب ته شاهه صاحب عورت جي جذبن جو قدردان آهي، نه فقط ستن سورمين جي معرفت، پر هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻين پڻ عورتن جو ذڪر ڪيو آهي. سُر سارنگ جون سُڪار لاءِ آسائتيون عورتون، سُر سامونڊيءَ جون وڻجاريون، سُر ڪاپائتيءَ جون ڪتڻ واريون، سُر ڪيڏارو جون عظيم بهادرعورتون مطلب ته شاهه لطيف عورت ذات جي احساسن کي اعليٰ درجي تي بيان ڪيو آهي. هُن پنهنجي سُورمين جا سور، درد ۽ سوز اهڙي ته انساني فلسفي سان پيش ڪيا آهن جو ڄڻ ته ڪائنات جو محورئي عورت ٿي پيئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ پيش ڪيل عورتون سادگي، سونهن، سچائي، عشق، جدوجهد ۽ جستجو سان گڏ سنڌي سماج جي شانائتي، اوسر جون امين آهن. اهي طالب نه پر مطلوب آهن جن جو مقصد عظيم منزل مقصود تي پهچڻ آهي.
هئه ٿو وڃي هوت، آئون ڪي اڳڀري ٿيان،
متان چوي بلوچ، ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو.