هُوندا سي حَياتِ
هُوندا سي حَياتِ، جِيئَڻان اڳي جي جِيا.
(4-7، سر معذوري)
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هن بيت جا گهڻا ئي مقصد ۽ مطلب آهن پر هتي خاص اهم مقصد يعني زندگيءَ ۽ موت جي فلسفي تي روشني وجهجي ٿي. ڀٽ ڌڻيءَ موجب اهي انسان لافاني آهن، جن پنهنجو پاڻ کي نيڪ مقصد ۾ فنا ڪري ڇڏيو. تن کي موت ڇا فنا ڪندو؟ جي موت کي مات ڪندڙ آهن، انسان ذات جي ڀلائي ۽ ڇوٽڪاري توڙي علم ۽ ذهن جي واڌاري لاءِ سچ جي اڻانگي رستي تي سفر ڪندڙ، پنهنجون حياتيون قربان ڪن ٿا، اصل ۾ اُهي مرندا ڪونهن، بلڪه انهن کي ته “حياتِ جاودان” ملي ويندي آهي. سندن جيون ته “جهڙا عاشق منجهه عيد، تهڙا منجهه مقام” جي مصداق هوندو آهي. موت وٽن بي معنيٰ ۽ هو دنيا جي طمع جي بجاءِ سوريءَ سيج چڙهڻ جي مشاهدي کي ماڻڻ پسند ڪندا آهن. اهڙي امر سڌ رکندڙن جو حياتيءَ سان سٻنڌ نالي ماتر هوندو آهي. هن ڀنڀور (دنيا) ۾ رهندي به هو موت جو سوچڻ ۽ ان جي آجيان ڪرڻ لاءِ آتا هوندا آهن. ڊڄڻ ۽ خوفزده رهڻ جي بجاءِ سر تريءَ تي رکي هلڻ وارا، هي جهونجهار جوڌا جوان، اصولي جيون جيئندا آهن. ڏٺو وڃي ته واقعي هيءَ حياتي واريءَ سندو ڪوٽ آهي، جنهن کي آخر اڏي اڏبو ڪيترو؟ هتي گهڻا ٽڪساٽ ڪرڻ جي بجاءِ سڦل ۽ ڪارگرجيون گهارڻ کي ئي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
مَري، جيءُ ته ماڻيين، جانِبَ جو جَمالُ،
ٿنيين هوند حلالُ، جي پَندِ اهائي پاريين.
(4-1، سر معذوري)
مقصدِ حيات جي نظريي تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته، بيشڪ هيءَ ڪائنات رب پاڪ پنهنجي پسند سان، ڪنهن خاص مقصد هيٺ ٺاهي آهي. سندس ئي فرمان موجب ته:
ترجمو: “۽ نه خلقيو آهي مون جنن ۽ انسانن کي مگر انهيءَ لاءِ ته منهنجي بندگي ڪن.”
جڏهن ڌڻيءَ سڳوري پنهنجي ربوبيت جي اقرار ۽ تسليم و رضا لاءِ، ڪائنات کي وجود ۾ آڻي ۽ انسان کي اُتم درجو عطا ڪري، هيٺ موڪليو ته پوءِ ڇا اهو انسان پنهنجي جيون جي مقصديت تي غور و فڪر ڪري ٿو؟ شاهه سائينءَ انهيءَ ئي فلسفي کي سمجهائڻ لاءِ پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترائي بيت سمجهاڻيءَ طور ڏنا آهن. هن فقط تصوف جي پرچار نه ڪئي آهي ۽ نه ئي هڪ هنڌ ويهي صوفي ازم جا مول متا سمجهايا آهن بلڪه هن حياتيءَ جي هر رُخ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي. هن نيڪ ولي الله انسان، سنڌ جي ماحول ۽ مزاج مطابق، ماڻهن کي حياتي گهارڻ جا مول ۽ متا سنڌ واسين جي ئي ٻوليءَ ۾، سندن ئي مزاج مطابق، لازوال لوڪ ڪردارن جي اوٽ ۾ سمجهايا، گڏوگڏ ناصحاڻي نموني سان سڌو سنئون به کين نصيحتون ڏنيون اٿن. “سسئي” شاهه جي شاعريءَ جو مقبول ڪردار آهي، جنهن جي ذڪر کي شاهه ڀٽائيءَ پنهنجي ڪلام ۾ پنجن سرن ۾ ڏنو آهي. سسئيءَ جي ثابت قدمي، همت ۽ حوصلي کي ڀٽ ڌڻيءَ تمام گهڻو ساراهيو آهي. بلڪه ايئن لڳي ٿو ته شاهه صاحب پنهنجي سڀني ڪردارن ۾ سسئيءَ کان گهڻو متاثر آهي ۽ سسئيءَ جي ڪردار ۾ پيهي پاڻ پنهنجو عڪس چٽيو اٿن. سسئيءَ کي همت جون هدايتون مقصدي موت ماڻڻ جا سبق، ننڊن ۽ غفلتن کان بچاءُ جا حڪم ڏيڻ سان گڏ، سسئيءَ جي موت کي گهڻي مڃتا ڏني اٿن. شاهه جي نظر ۾ سسئي جيڪي ڏونگر ٿي ڏوري، تن کي ڏسي مرون به مامري ٿا پون، بي جان شيون به حيران ۽ پريشان آهن. فرمائين ٿا ته:
وَڍِيءَ سي واڍوڙِيا، رت نه ڏٺو جَنِ،
موتُ قَبُوليو تِن، ڏِٺو جَنِ ڏُکيءَ کي.
(16-6، معذوري)
سسئيءَ جي سفرن جا سور ۽ سختيون، وڇوڙي جو ويراڳ وٽن هڪ اتم حيثيت رکي ٿو. سندن موجب ته اهو سسئيءَ جو سچو ۽ اٽل جذبو هو، جنهن موت کي ماري محبت جو مان مٿانهون ڪيو. هڪ بي وس عورت جي ثابت قدمي ۽ ڪشالا جڏهن مردن کي مات ٿا ڪن، تڏهن شاهه صاحب هيئن ٿو چوي.
سسئي لنگهيو سو، مَردَ جنهن مات ڪيا.
(5-4، سرديسي)
موت زندگيءَ کي معنيٰ بخشيندڙ هڪ لافاني حقيقت آهي جنهن ۾ بظاهر ڏک ۽ وڇوڙو، پر حقيقتاً وصال آهي. موت جيون جي پڄاڻي نه، بلڪه فقط هڪ موڙ آهي. پوءِ اهو ڇو نه ڪارائتو هجي؟ موت ئي زندگيءَ جي هڪ ابدي ۽ ازلي سچائي آهي. ٿڌي هير جهڙي جيون جي مقصد کي ڪڏهن به زوال حاصل نه آهي. دنيا ۾ ڪيترن ملڪن ۽ مذهبن جا ماڻهو آهن پر لافاني اهي آهن جن جو نالو قائم آهي. اهي ئي جيئرا ۽ اهي ئي حيات آهن، جي دنيا ۾ انسانيت جي خدمت ڪري ويا. ڪنهن املهه مقصد لاءِ حياتيون بي مول ڏئي، هميشه لاءِ انهن کي انمول ڪري ويا. تڙپندڙ انسانيت کي، اسپتالون، آسائشون ۽ ڄاڻ جا خزانا، علمي ادارا ۽ ڪتب خانا، بغير ڪنهن ڏيکاءَ جي ڏيئي ويا. نيڪ نيتيءَ سان ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ جانيون ۽ مال خرچ ڪرڻ ئي انسانيت جي اهم ترين خدمت ۽ خدا کي خوش ڪرڻ جو رستو آهي ۽ سندس ڏسيل نيڪيءَ جي واٽ ئي سچائي جي ابدي واٽ آهي، جنهن جو سفر صدين کان جاري ۽ ساري آهي. شيخ اياز فرمائي ٿو ته:
خدا جي راهه ۾ ڪيڏي خوشي سمايل آ،
قدم قدم تي لڳي ٿو، گلن جو ڍير آ،
لڳي ٿو هي ڪا خوشبو ڀري ڊگهي ول آ.
خدا جي راهه ۾ ايئن روشني وڇايل آ.
روحاني عبادتون انسان جي باطن جي صفائي ۽ اندر اجارڻ لاءِ ڪارگر آهن. پر هن محدود ۽ مقرر وقت جي حياتيءَ ۾ جيڪڏهن انسان بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ڪنهن جي ڪم اچي ٿو ته اهو ئي چونڊيل ۽ حقيقي رستو آهي. خدا پاڪ جي ٻانهن جا هڪٻئي تي حق آهن ۽ هيءَ دنيا هڪٻئي جي آڌار تي هلي رهي آهي. چوندا آهن ته “ڌڻي ڏئي مٿان پر ڪنهن جي هٿان،” سو بيشڪ جيڪي انسان رب جي خوشنوديءَ خاطر نفعي نقصان کان بي غرض ٿي خدا جي خلق جي خدمت ڪن ٿا، سي تحقيق سڦل جيون گهارين ٿا. حقيقت ۾ مقصدن جي حاصلات لاءِ صحيح رهنمائيءَ جي به سخت ضرورت هجي ٿي. اسان وٽ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جن وٽ جذبو آهي پر رهنمائي ۽ رهبريءَ جي کوٽ آهي. (ڪٿي ڪٿي رهنما رهزنن جي روپ ۾ به نروار ٿين ٿا). انهيءَ ڪري ضروري آهي ته نيڪي ۽ اخلاص جي پنهنجي سماج ۾ سجاڳي ڏني وڃي. پنهنجي گهرن ۾ انهن عملن کي همتائجي. انگريزي ٻوليءَ ۾ هيءَ مشهور چوڻي آهي ته:
“Those who have to show the path to others, they have to find their paths themselves.”
جيڪي به ٻين کي رستو ڏيکارين ٿا. انهن جي لاءِ پنهنجا رستا به آسان ٿين ٿا. هڪ ڏاهي موجب ته “اسان کي اونچن آدرشي عملن سان حياتي گهارڻ گهرجي. انهيءَ سان ئي اسين پنهنجي موت کانپوءِ “Legend” يعني “ڏند ڪٿا” ٿي سگهون ٿا.” حقيقت ۾ حياتي اها زنده جاويد آهي جيڪا ٻين لاءِ آفتاب ۽ روشنيءَ مثل پيغام هجي، جنهن جي مهانتا مڃي وڃي. جنهن ۾ اسين روئندا اچون ۽ کلندا وڃون جنهن ۾ اسين اهڙا ڪم ڪريون جو بقول غالب، “صبحاڻي اسان جي مٽيءَ مان به گلاب جا گل ڦٽي نڪرن” ۽ اهو صرف تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن زندگيون سگهارن مقصدن تحت گهاريون وڃن.
هن دنيا ۾ ڪابه شيءِ بغير مقصد جي وجود ۾ آيل نه آهي. هوا کان چمڪندڙ چنڊ، سج ۽ تارن تائين هر شيءِ جي تخليق جو هڪ مطلب آهي. انساني زندگيءَ جي تخليق هڪ اعليٰ مقصد هيٺ ٿيل آهي ڇا اهو خود انسان تي مدار نٿو رکي ته هو پنهنجي شرف کي سڃاڻي پنهنجي حياتيءَ جا ماپا مقرر ڪري ۽ سوچي ته هو ڪهڙي ريت ٿو جيون گهاري؟ آدرشي زندگين جي ابديت ماڻڻ لاءِ بيشڪ سفر ڪٺن هوندا آهن، پر هر سفر آسان ٿي، مشڪلون ڪٽجي، منزل مقصود ملي سگهي ٿو، جيڪڏهن ارادا نيڪ ۽ همتون سالم هجن. موت ته اڻ ٽر ۽ هر بشر کي اچڻو آهي پر ڪارائتي موت ڏانهن هلڻ واري زندگيءَ جو مقصد اونچو آهي. جيئن:
“هونئن ئي جونَدَ مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا”
(5-9، سهڻي)
ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيڻ ئي ابديت آهي. اهڙن قدرن کي اسان جي وڏن سمجهيو، انهن جو نظريو هو ته ڪجهه ڪري نالو ڪمائي وڃجي. هنن ايندڙن لاءِ قربانيون ڏيئي، پنهنجون فاني حياتيون لافاني ڪيون. اهڙن اَمُلهه ماڻڪن کي شاعرن هن ريت ڳاتو آهي.
مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏِٺا، مون ساڻا ساڻا سَنڌ ڏٺا،
مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏِٺا، جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا،
جي جيءَ جيارا ماڻهو هُئا، سي سڀ کان پيار ا ماڻهو هئا،
جن ساهُه ڏيئي ويساهه ڏِنو، سي دل ۾ دَردُ دُکائي ويا.
نيڪ انسانن اسان کي خير ۽ شر کان واقف ڪيو، جنهن سبب دنيا ۾ بدين سان گڏ نيڪين جو وجود به قائم آهي. پر وري به هيءَ دنيا شيطاني قوتن جي اثر هيٺ آهي. مذهبن جي عصبيتن، فرقيواريتن ۽ زندگيءَ جي لاهن ۽ چاڙهڻ سبب ڪيتريون تنزليون ۽ بدحاليون انسانيت جو نصيب ٿين ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن چڱا چڱا ماڻهو به پنهنجن مقصدن کان هٽي ويندا آهن ۽ انهن جا سبب به انساني پيدا ڪيل مونجهارا، ڀلون ۽ نفساني خواهشن جا ڄار آهن. سچل سائين فرمائي ٿو ته:
مذهبن ملڪن ۾ ماڻهو مُنجهايا،
شيخي، پيريءَ، بزرگيءَ، بيحد ڀُلايا،
ڪي نِوِڙي نمازون پڙهن، ڪن مندر وسايا،
اوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.
حاصل مطلب ته مقصدي حياتي ئي مقصدي موت آهي. جنهن کانسواءِ معرفت ماڻڻ محال آهي. ڪوتاهيون ۽ غفلتون نيڪ انسانن جي لاءِ وڌيڪ هاڃيڪار آهن. سندن لاءِ ڪشالا ئي سکن جو ڪارڻ آهي. اهڙن مُلهائتن ماڻهن جي محنتن کي مڃتا ڏيندي، شاهه سائين ڌڻيءَ در سندن لاءِ دعاڳو آهي:
وڏا وَڻَ وَڻڪارَ جا، جِتِ نانگ سُڄَن نيلا،
اُتي عبداللطيف چي، ڪيا هيڪَلِين حِيلا،
جِت ڪڙمَ نه قَبِيلا، اُتِ رسج رَهبَرَ! راهَه ۾.
(2-9، سسئي آبري)
شاهه سائينءَ موجب اهي اڙانگيون واٽون، پر خطر رستا، بيان ڪرڻ کان مٿي آهن، هتي، “جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿيئي”، وانگر ڏونگر ڏوري ڪشالا ڪڍي پنهنجو پاڻ کي تج ڪرڻو آهي، اهو حال سلڻ کان مٿي آهي:
حقيقت هن حال جي، ظاهِرُ ڪَرِيان ذري،
لڳي ماٺ مِرُوئن کي، ڏونگرَ پُوَن ڏَرِي،
وڃن وَڻَ ٻَرِي، اوڀڙ اڀڙي ڪيِنَ ڪيو.
(5-5، ڪوهياري)
لطيف سائين فقط تصوف ۽ مجاز نه پر ٻيا پڻ ڪيترائي موضوع ملن ٿا جي سهڻي جيون گهارڻ جا سبق ڏين ٿا.