پيهي جان پاڻَ ۾ ڪِيَمِ رُوحَ رهاڻِ
ته نَڪو ڏُونگرُ ڏيههَ ۾، نَڪا ڪيچِين ڪاڻ،
پُنهون ٿِيَس پاڻ، سَسُئي تان سُور هئا.
(5-2، سسئي آبري)
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه موجب طريقت جي راهه تي هلندڙ سالڪ جي مشڪل تڏهن آسان ٿي پوي ٿي. جڏهن کيس معلوم ٿي ٿو وڃي ته رب تعاليٰ جو جلوو سندس پنهنجي اندر ۾ ئي موجود آهي. مٿئين بيت موجب ته، جڏهن مون پنهنجي اندر ۾ جهاتي پاتي ۽ پنهنجو پاڻ سان روح رهاڻ ڪئي، تان ئي خبر پيم ته نڪو ڪو جبل آهي ۽ نه ئي مون کي ڪا ڪيچين جي غرض آهي، جيسين سسئي هيس (پاڻ کي الڳ ٿي ڀانيم) تيسين ته وڇوڙي مون کي نهوڙي ڇڏيو هو، پر جڏهن پنهنجو وجود وڃايم، تڏهن پاڻ ئي پنهون ٿي پيس. حقيقت ۾ شاهه صاحب قرآن پاڪ جي حوالي موجب ئي اها وضاحت ڪري ٿو ته “ڌڻي سڳورو ته انسان کي ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي”. ۽ هن آدم کي پنهنجي صورت موجب خلقيو آهي. کيس دل سان خالق تسليم ڪرڻ ۽ دل ۾ آيل ٻيائيءَ کي شڪست ڏيڻ لاءِ بندي جي سڄي ڳولها ۽ جستجو تڏهن صاب پوندي جڏهن کيس هر شيءِ ۾ ڌڻي ڏسڻ ۾ ايندو جيئن “مَا رَاَيۡتُ شَيۡئًا اِلاّ وَ رَاَيۡتُ اللهَ” يعني ڪا اهڙي شيءِ نه ڏٺم جنهن ۾ مالڪ جو جلوو ۽ جمال نه ڏٺم. شاهه صاحب وٽ يقين جي قوت جي اهميت ۽ ٻيائيءَ کان بچاءُ جو حڪم هن ريت پڻ آهي. سر آسا ۾ فرمائين ٿا ته:
“آئون” سين اُنَ پار، ڪَڏهن تان ڪو نَه ٿيو،
“اِنَّ الله وِترُ يحُبُ الِوتر”، نيئِي ٻيائِيءَ ٻارِ،
هيڪڙائي وٽ هارِ، هنجون جي، “هُئڻ” جون.
(1-2، آسا)
سسئي کي به اهي ئي نصيحتون ۽ هدايتون ڏيندي سمجهائين ٿا ته “سوئي کڻيو ساڻ، سوئي ڏورئينءِ سسئي”، “وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولهين هوت کي” يا “پنڌ مَ ڪر پهاڙ ڏي، وجود ئي وڻڪار” مطلب ته هيڪڙائيءَ کي دل سان تسليم ڪرڻ کانپوءِ، سڀ ڀرم ۽ وسوسا جڏهن انساني دل ۽ دماغ مان نڪري ٿا وڃن ۽ هڪوار، خوديءَ کي ترڪ ڪري، هو محبوب کي ويجهو ٿو ٿئي، تڏهن ئي کيس سچو سک سري ٿو، پوءِ وٽس دنيا جي هر شيءِ هيچ آهي. سچل سائين به ساڳي ئي صدا ٿو هڻي:
پُنهون پُنهون ٿي ڪريان، آئون پڻ پُنهون پاڻ،
اديون ٿِيَس اُڄاڻ، جو ڪِينَ پروڙيم پاڻ کي.
(سچل سرمست)
صوفي بزرگن، نيڪن ۽ ولين هميشه کان اندر کي اجارڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ تي زور ڀريو آهي. وٽن زندگيءَ جو رستو طريقت مان ئي روحانيت جي اعليٰ منزلن ڏانهن وڃي ٿو. پر سڄي سفر ۾ يقين جي قوت، ٻيائيءَ جي ٻک کان بچائي ٿي. اها ئي اصل طاقت آهي، هن عظيم طاقت سان ماڻهو پاڻپي مان نڪري، خدا شناسيءَ ڏي مڙي. پوءِ ئي اعليٰ اسرار پروڙي ٿو. “اپنشد” ۾ آهي ته:
“Self knowing is God knowing”
خود شناسي ئي انساني زندگيءَ جو حاصل ۽ معراج آهي، جنهن سان هو اندر سان اوري، پنهنجي محاسبي سان نيڪيءَ ڏي مڙي ٿو. هن رستي ۾ اسان جو من ئي اسان جو سڄڻ آهي ته اهو ئي اسان جو دشمن آهي. من جيڪڏهن مثبت آهي ته سنئين رستي تي مڙي ٿو ته پوءِ نيڪ ارادا ۽ عزم سفر کي آسان ڪن ٿا. پر جيڪڏهن انساني من يا اندر تي خوف خطرا يا ڀئو ۽ گمان غالب ٿي ٿا پون، ته پوءِ هو چنتائن جي وس ٿي مقصدن کان هٽي ٿو وڃي. انهيءَ ڪري پنهنجو پاڻ ۾ پيهي، پاڻ کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جتن ڪرڻ کپن. مَنَ کي ڳولهي ڦولهي، ماري مڃائي، پنهنجي وس ڪرڻ لاءِ مايا ۽ ڪايا جي موهه مان نڪري، اندر جي اکين سان پسي خوديءَ کي رستي مان هٽائڻ جي قوت پيدا ڪرڻي آهي.
من جي طاقت ماڻهوءَ جو مڪمل وشواس ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت آهي، جيڪا عبادتن، رياضتن ۽ همتن سان پيدا ٿئي ٿي، جنهن سان پهاڙن کي سوري سگهجي ٿو ته پٿرن کي تاري سگهجي ٿو. سچي ۽ نيڪ نيتيءَ جي بندگيءَ کي جڏهن ڪماليت جو دامن نصيب ٿئي ٿو، ته نه فقط اها بندگي ڪيترين پريشانين مان ڪڍي کيس صحيح دڳ تي لائي ٿي پر تڏهن محبوب ۽ محب جي وچ وارو پردو هٽي، طلبيندڙ جو اندر آئينو ٿي ٿو وڃي ۽ کيس يقين ٿو اچي وڃي ته “دوست جو ديرو ته دل ۾ آهي”، اهو ئي رستو طالب ۽ مطلوب جي وچ ۾ اڻ ٽٽندڙ ڳنڍ آهي.
هوتُ تُنهنجي هنجَ ۾، پُڇين ڪوهه پرياڻ؟
“وَنَحۡنُ اقرَبُ اِليۡہِ مِنۡ حَبۡلِ الۡوَرِيۡدِ”، تنهنجو تو نهِين ساڻ،
پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عجيب کي.
(5-13، سسئي آبري)
شاهه صاحب طالب ۽ مطلوب جي وچ جي پردي ۽ اٽڪ جي سببن کي هن ريت کولي بيان ڪيو آهي.
پاڻُ مَ کَڻِجُ پاڻَ سين، وَسيلا وِسارِ،
لُڙُ لنگهائي، سُوهَڻي! پِرتِ وِجَهندَيِئي پارِ،
سي تُرتُ لنگهنديُون تارِ، اُڪنڊَ اَڳهُه جَنِ سِين.
(1-26، سهڻي)
هتي “پاڻ“ مان مراد خود کي “عقل ڪل” ۽ ڏاهو سمجهڻ ۽ پنهنجن وسيلن، سمجهه ۽ عقل تي ڀروسو رکڻ جي آهي. شاهه سائين اهڙيءَ ڏاهپ کي ننديو آهي. فرمائين ٿا ته:
الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُکَ ڏِسَنِ،
مون سين مُون پِريَن، ڀورائيءَ ۾ ڀالَ ڪِيا.
(2-6، ليليٰ چنيسر)
ڏاهپ ئي ته غلطين جو گهر آهي جنهن ۾ وسيلن جو اعتبار ۽ سمجهه جو هٺ شامل آهي. شيخ اياز، شاهه سائينءَ جي فڪري نظريي جي پرچار ڪندي، ڏاهپ جي فلاسافيءَ لاءِ چوي ٿو ته:
ڀورائيءَ ۾ ڀالَ ڪِيا تو، ڏاهپَ سارا ڏَنڀَ،
اندرِ ٻاهرِ تون ئي آهين، کوهيان ٿو مان کَنڀَ.
(شيخ اياز)
عقل ۽ ڏاهپ سان جيڪو شيطاني هٺ ٿو نصيب ٿئي، اهو ئي محبوب کان دوري آهي جو وصال جي واٽ به وڃائي ٿو. اها انا ۽ خودي وسيلن جي وچ ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، سالڪ کي گهرجي ته اهڙن وسلين کي وٿ نه سمجهي بلڪه وسيلي لاءِ ڌڻيءَ در طالبو رهي.
شاهه صاحب مومل جي واتان اها مام هن ريت سمجهائي آهي:
مُون گهر اچِي جي ٿئي، مَينڌَرو مِهماڻُ،
آڻي جهوڪِيان آڳ ۾، ڄيري وجهان ڄاڻُ،
تاڻي تَنُورنِ ۾، ڀيري هڻان ڀاڻ.
پيڪن، سوڌو پاڻ، گهر تَڙُ گهوريان پِرَ تان.
(6-13، سر مومل راڻو)
جيئن ته هيءَ دنيا نفساني خواهشن جو ڪن آهي، جنهن ۾ ڦاسڻ ۽ ڦٿڪڻ کانپوءِ پاڻ بچائڻ نهايت مشڪل آهي. هتي ته “پيو جو پاتار سو ڪيئن پسڻ کان پالهو رهي” وانگر آهي، پر وري به اهو “پرو” يا رستو پالڻهار سيکاريندو اهو ئي اسان جي ارادن جي قوتن کي مضبوطي ڏيئي اڪاري پار ڪندو هو راهه ۾ رَسي، وسيلو ٿي ۽ پاڻ ئي ڀليلن جو رهبر ٿيندو صرف اسان جي سچي سڪ مشروط آهي.
هيڪَرَ هُئڻُ ڇَڏِ، تَه اوڏِي ٿِيين عَجِيبَ کي.
(5-11، سسئي آبري)
جڏهن سڀ وهم ۽ گمان تڙي ڪڍي ٿا ڇڏجن ۽ انهن جي هٽڻ کانپوءِ سچي سالڪ لاءِ ڪثرت وحدت ٿي وڃي ٿي، تڏهن عقل ۽ عرفان ڪا حيثيت نٿا رکن ۽ ڪل جهان ۾ فقط پرينءَ جو جلوو پسڻ ۾ اچي ٿو.
مُنهن مِحرابُ پرينءَ جو، جامِعُ سَڀ جِهَانُ،
اُڏامي اُتِ ويو، عقل ۽ عِرفانُ،
سَڀوئي سُبحانُ، ڪاڏي وڃي نيتيان.
(5-5، رامڪلي)