لطيفيات

عالم سڀ آباد ڪرين

پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو ”عالم سڀ آباد ڪرين“ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو. سپڪ، سهڻي، مڻيادار اندر جي اُڇل ۽ جذبن جي سچائيءَ سان گڏ تحقيق جو پھلو پڻ اُجاگر ٿيل آهي. شاه جي شاعريءَ جي ڪافي پهلوئن کي اجاگر ڪيو اٿس. چاهي ٻولي هجي يا سماجي پھلو هجن. تصوف جي اشارن ۽ علامتي اصطلاحن ذريعي شاه سائينءَ جيڪا انساني اندر کي روشني ۽ رهنمائي ڏني آهي ان کي بيان ڪيو اٿس. سماج جي هر طبقي جي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا، ڪڙمي، ڪاسبي، پورهيت هجن يا وري نازڪ جنس عورت جي عظمت جو سوال هجي، سانئڻ پروين وڏي محنت ۽ محبت سان بيان ڪيو آهي.
Title Cover of book عالم سڀ آباد ڪرين

پنهنجي پاران

هن ڪتاب کان اڳ منهنجا ڏهه ڪتاب سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي ڇپجي چڪا آهن. سنڌي ادب سان منهنجو ناتو پراڻو آهي. 1988ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪيم ۽ 1991ع کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي سنڌيءَ ۾ ليڪچرر ٿيس ۽ اڄ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿي ستاويهن سالن کان سنڌي ادب پڙهائيندي اچان. باقي لکڻ جي حوالي سان ٿورو ٿڪو ته پهرين لکندي هيس. باقاعدي ڪتاب ڇپجڻ جي شروعات “سنڌي ادب جو جائزو” ڪتاب سان ٿي جو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو وارن شايع ڪيو هو ۽ ايئن پوءِ آئون مستقل لکندي رهيس ۽ الحمدلله انهيءَ شوق ۾ واڌارو ئي ايندو رهيو آهي ۽ هاڻي اهو محسوس پئي ڪريان ته جنهن ڏينهن ڪجهه لکان ۽ پڙهان نٿي ته اهو ڏينهن مون کي مڪمل ضايع ٿيل لڳندو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي اڌورو سمجهندي آهيان. وري ٻئي ڏينهن اها ليٽ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. ڪتاب منهنجي زندگي ٿي ويا آهن. ڪتاب هر وقت هر هنڌ مون سان گڏ آهن. انهيءَ ڪري منهنجي ڊرائينگ روم ۾ ڪتاب، بيڊروم ۾ ڪتاب، گاڏيءَ ۾ ڪتاب، ڪاليج ۾ ڪتاب، بلڪه ڪاليج ۾ ته آئون اسٽاف روم جي بدران لائبريريءَ ۾ ويهڻ پسند ڪندي آهيان ۽ جتي لائبريرين ڪٻٽ منهنجي حوالي ڪري ڇڏينديون آهن ۽ مون کان جيترو پڄندو آهي، انهن ڪتابن مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان ۽ سڀني ڪاليجن جي لائبريرين ۾ سنڌي ادب جا ڪتاب موجود آهن، انهيءَ کان سواءِ مون پاڻ وٽ به چڱو ڳاڻيٽو ڪتابن جو آهي، پر اڪثر مون کي لڳندو آهي ته مون وٽ وقت گهٽ آهي ۽ ڪم گهڻو ڪرڻ چاهيان ٿي. پنهنجي ڪتابن جي ڇپائڻ جي حوالي سان منهنجي دل چاهيندي آهي ته منهنجا ڪتاب وڏا ادارا ڇپائين، پر انهن جي پاليسي منهنجي وَسَ ۾ ڪونهي، بلڪه خود انهن جي به وَسَ ۾ ڇا آهي؟ اها خبر انهن کي آهي. بهرحال آئون پنهنجي طور سنڌ ۽ سنڌ واسين سان محبت جو قرض ادا ڪري رهي آهيان. انشاءَ الله منهنجو اهو پورهيو ضرور صاب پوندو. هيءُ ڪتاب لطيف سرڪار جي دَر عقيدت جو نذرانو آهي.
سنڌ ڌرتي تهذيبي ورثي جي لحاظ کان سون ورني ڌرتي رهي آهي، جتي ڏات جا ڏيئا سهڻي روشن لاٽ سان هر روپ ۾ جرڪيا آهن. انهيءَ جرڪندڙ لاٽ جو مهندار حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي، جنهن جي قرب ڀرين ڪلامن ۽ پيار جي پيغامن ۾ انڊلٺ جهڙا رنگ، آبشارن واري رواني، سمنڊ جهڙي گهرائي، آسمان جهڙي وسعت ۽ گلاب جي گلن جهڙي مڌر مهڪ موجود آهي. سندس شاعريءَ ۾ لاتعداد خوبيون آهن، جن جو ڪاٿو لڳائڻ هر هڪ جي وَسَ جي ڳالهه نه آهي. پر ته به هر پڙهيل يا اڻ پڙهيل جڏهن سيراب ٿيندو آهي تڏهن بي ڌڙڪ اهو ئي چوندو ته بيشڪ لطيف سائِين دنيا جي شاعرن جو مهندار، مڻيادار ۽ تاجدار شاعر آهي، پاڻ هڪ مثالي انسان هو جنهن پنهنجي پيغام سان پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي مثالي سبق ڏنو آهي. سندس ڪلام سنڌ ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ جي بقا جو پروانو آهي سنڌ ۾ ڪجهه ڏهاڪا اڳ سڀ کان گهڻو پڙهجندڙ ڪتاب “شاهه جو رسالو” شمار ٿيندو هو، پر هلندڙ وقت ۾ جڏهن اسين نظر ڊوڙايون ٿا ته لطيفي فن جو فروغ نوجوان نسل ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ جو سبب نوجوانن جي هن فن سان شناسائي گهٽ هئڻ آهي. ۽ انهيءَ گهٽ شناسائيءَ جا ڪارڻ جهجها آهن. جن مان هر هڪ تي الڳ الڳ بحث ٿيڻ گهرجي ۽ ان مسئلي جو اُپاءُ به ڪجي، پر ٿورن لفظن ۾ ايئن چونديس ته اڄ نوجوان طبقي وٽ لطيف فقط فنڪشنن، لطيف ڏهاڙن ۽ موسيقيءَ جي محفلن ۾ موجود آهي. ڪوبه “شاهه جو رسالو” وٺڻ ۽ صحيح اُچار سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي زحمت نٿو ڪري، سواءِ چند جي، ها باقي ڪي جوان آهن، جي يونيورسٽي جي ليول تائين ايم فل يا ڊاڪٽريٽ ڪن پيا يا ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ وڃي ڪجهه پرائين ٿا، پر اهڙن نوجوانن جو ڳاڻيٽو به اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. اهو انهيءَ ڪري به آهي ته سنڌي ٻولي نصابي طور مڪمل رائج نه آهي. قومي ٻولي نه هئڻ ڪري به ههڙا هاڃا ٿين پيا، جيڪڏهن لطيف شناسيءَ کي هڪ مڪمل مضمون طور سنڌ جي تعليمي نصاب جو حصو بڻائجي ته پڻ وڏو واڌارو ٿيندو ۽ ائين ئي لطيف شناسيءَ کي ميڊيا معرفت وڌائجي ۽ ويجهائجي ته پڻ ڪي ترقيءَ جون راهون روشن ٿي سگهن ٿيون.
آئون هتي پنهنجي ڳالهه ڪيان ٿي ته جڏهن 1995ع ۾ ليڪچرار طور ميرپورخاص ۾ پڙهائيندي هيس، تڏهن مون کي “شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ اخلاقي قدر”، جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو خيال ٿيو ۽ انهيءَ سوچ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ميرپورخاص مان ٻه ٽي دفعا سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ ڪاليج مان موڪل وٺي آيس، پر هر دفعي مون کي نااميد ڪري واپس ڪيو ويندو هو ته شاهه لطيف تي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪيو، هتي ڪانه ٿي سگهندي، اهو ايترو ته ابتو جواب هو جنهن منهنجي ان وقت پي ايڇ ڊي ڪرڻ تان ئي دل لاهي ڇڏي. هڪ شادي شده عورت ٻن ٻارن سان ميرپورخاص مان بدلي ڪراچيءَ ڪرائي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان لطيف سائينءَ جي شاعريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪري ڇو جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪوبه انهيءَ ۾ دلچسپي نه پيو وٺي يا اُتي ئي “لطيف چيئر” آهي يا واالله اعلم ڪهڙو سبب هو؟ بهرحال، پوءِ آئون دلشڪسته ٿي ويهي رهيس ۽ آخر 2004ع ۾ ايم فل ۾ داخلا ورتم ۽ 2012ع ۾ خير جو “سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو” موضوع تي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪيم، جنهن جو فائدو آئون يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي نه ڏيئي سگهيس. جو عمر وڌيڪ ٿي وڃڻ ڪري هاڻي ريٽائرمينٽ ويجهي آهي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪريءَ لاءِ هاڻي شفٽ ٿيڻ ڏکيو آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب ته اسان وٽ اهڙا اهڙا نادر ماڻهو موجود آهن، جيڪي عورت ذات جي ترقيءَ جا دشمن ۽ سندن اڳيان وڌڻ ۾ رُڪاوٽ آهن. انهيءَ وقت لطيف سرڪار جي فن تي ڪم نه ڪرڻ منهنجي دِل کي جيڪو صدمو رسايو اهو آئون ٻڌائي نٿي سگهان، پر وري به همٿ ڪونه هاريم. سندن فن کي مڃتا ڏيندي هڪ تحقيقي ڪتاب مرتب ڪيم، “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” هن ڪتاب ۾ انهن بيتن جو چونڊو ڏنم جن لطيفي بيتن مان سنڌي ادب جي ڪتابن جا عنوان سِرجيل آهن. جيئن “پڙاڏو سوئي سڏ”، “وايون وڻجارن جون” ۽ ٻيا ڪتاب آهن. انهيءَ موضوع تي تفصيلي مقدمو پڻ ڏنو اٿم ۽ اهڙن ٽي سئو لطيفي بيتن جي انهيءَ ڪتاب ۾ نشاندهي ڪئي اٿم جن مان سنڌي ادب جي ڪتابن جا عنوان سِرِجيل آهن. “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” کي ڊاڪٽر فهميده حسين انوکي ۽ منفرد تحقيق قرار ڏنو ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب انهيءَ ڪتاب جي خيال کي عملي جامو پهرائڻ هڪ اڇوتو ۽ مختلف آئيڊيا سڏيو. انهيءَ ڪتاب کي گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ هيستائين ان ڪتاب جا 2 ڇاپا ختم ٿي چڪا آهن. هاڻي ارادو آهي ته انهيءَ ڪتاب ۾ وڌيڪ سئو بيتن جو واڌارو ڪري ٽيون ڇاپو شايع ڪجي. انهيءَ ڪتاب جي تياريءَ دوران هر وقت “شاهه جو رسالو” مون سان گڏ هوندو هو جو مون کي اهي بيت ڳولهڻا هوندا هئا، جن جا عنوان شاهه جي بيتن مان ورتل آهن. جن مان ڪي نه ملندا هئا ته وري مختلف نسخا ڏسندي هيس ۽ گهڻي ڀاڱي ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمد شاهواڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جا رسالا ڏسندي هيس. ان دور ۾ وري سوچيم ته هيءُ ڪتاب ختم ڪري پوءِ لطيف شناسيءَ تي تخليقي مضمونن جو مجموعو لکنديس پر پي ايڇ ڊي جي ڪم وچان اهو وقت ڪڍي ڪونه سگهيس. انهيءَ هوندي به ڏهه کن مضمون لکيم پر مڪمل ڪتاب تيار ٿي نه سگهيو. شاهه عبداللطيف ڪانفرنس 2015ع جو تفصيل اخبار ۾ پڙهيم، جنهن ۾ مقالا پڙهندڙن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڄيٺو لالواڻي، هيروٺڪر، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ڪي ايس ناگپال، صدف مرزا، جاويد علي چانڊيو ۽ ٻيا هئا، منظور قناصرو، رکيل مورائي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، جڳديش لڇاڻي ۽ ٻين جي ڪل نون ڪتابن جا هن موقعي تي مهورت پڻ ٿيا. خاص ڳالهه ته هن دفعي مقررن چيو ته “ڪيتري عرصي کان لطيفي فن تي تحقيقي ڪم ٿي رهيو آهي پر تخليقي ڪم جي موجوده وقت کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. انهيءَ ڪري اهو به ضروري آهي ته لطيف شناسيءَ جي تخليقي ڪم تي توجهه ڏني وڃي.” اهو تفصيل پڙهڻ کان پوءِ دل ۾ وري ساڳي خواهش ڪَرَ کنيو ته ڇو نه آئون تخليقي ڪم شروع ڪيان ۽ ايندڙ سال تائين منهنجو لطيف شناسيءَ تي هڪ نئون مضمونن جو مجموعو ميدان ۾ اچي. سو محنت ۾ جُنبي ويس ۽ جيڪا منهنجي فطرت جو حصو پڻ آهي نه ڏينهن ڏٺم نه رات ٻن ٽن مهينن ۾ ڪتاب لکي تيار ڪيم ۽ اڄ هيءُ ڪتاب مون 20 فيبروري 2016ع تي لکي مڪمل ڪيو آهي، آئون سمجهان ٿي ته ضرور مهينو ٻه مهينا ڪمپوزنگ ۾ به لڳندا. باقي شايع ڪڏهن ٿيندو؟ انهيءَ جي باري ۾ في الوقت ڪجهه چئي نٿو سگهجي. انشاءَ الله ضرور شايع ٿيندو ۽ اڳواٽ ئي پڙهندڙن کي عرض آهي ته جيڪڏهن کين ڪتاب پسند اچي ته مون کي هن ايڊريس تي ضرور ڄاڻ ڪن. مهرباني.


ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
A-03 ڏيپلائي ڪالوني
نزد راجپوتانه اسپتال حيدرآباد
0333-2766564