لطيفيات

عالم سڀ آباد ڪرين

پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو ”عالم سڀ آباد ڪرين“ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو. سپڪ، سهڻي، مڻيادار اندر جي اُڇل ۽ جذبن جي سچائيءَ سان گڏ تحقيق جو پھلو پڻ اُجاگر ٿيل آهي. شاه جي شاعريءَ جي ڪافي پهلوئن کي اجاگر ڪيو اٿس. چاهي ٻولي هجي يا سماجي پھلو هجن. تصوف جي اشارن ۽ علامتي اصطلاحن ذريعي شاه سائينءَ جيڪا انساني اندر کي روشني ۽ رهنمائي ڏني آهي ان کي بيان ڪيو اٿس. سماج جي هر طبقي جي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا، ڪڙمي، ڪاسبي، پورهيت هجن يا وري نازڪ جنس عورت جي عظمت جو سوال هجي، سانئڻ پروين وڏي محنت ۽ محبت سان بيان ڪيو آهي.
Title Cover of book عالم سڀ آباد ڪرين

ڪَري پاڻ ڪَريم جوڙوُن جوڙ جهانَ جِي

اَوَل، اللهُ، عَليِم، اعليٰ، عالمَ جو ڌڻي،
قادِرُ پنهنجي قُدرتَ سين، قائم آهِه قَديم،
والي، واحد، وَحدهُ، رازِقُ رَب، رحِيمُ،
سو ساراهِه سچو ڌڻِي، چئِي حَمدُ حَڪِيمُ.
ڪري پاڻُ ڪرِيمُ، جوڙوُن جوڙَ جهانَ جِي.

(ڪلياڻ، 1-1)

سُر ڪلياڻ جي مٿئين بيت مطابق حق هيڪڙو آهي ۽ ڪائنات حق جو ظهور آهي ۽ هر هڪ شيءِ ۾ ذاتِ الاهيءَ جو جلوو ضرور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. شاهه لطيف جو ڪلام وحدانيت جي فلسفي جي اپٽار آهي. الله تعاليٰ جي ذات عظيم تر آهي، جنهن جي ڪبريائيءَ جو بيان ڪرڻ انسان جي وَس جي ڳالهه نه آهي. جيڪڏهن فقط انسان پنهنجي پيدائش تي ئي غور ڪري ته سندس لاءِ وڏي حيرت جو مقام آهي. قرآن پاڪ ۾ اندازاً ٽيهن کان به وڌيڪ دفعا انسان جي پيدائش جو ذڪر ۽ ان تي تدبر ڪرڻ جو چيو ويو آهي ته “توهين پنهنجي پيدائش تي غور ڪيو ۽ ڪيئن ٿا چئو ته رب پاڪ توهان کي ٻيهر زنده نه ڪندؤ؟” جيڪي به انسان دنيا ۾ ڌڻيءَ سڳوري جي هيڪڙائيءَ تي مڪمل يقين رکن ٿا، سي چڱيءَ پر ڄاڻن ٿا ته الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪوبه مالڪ ڪونهي. اهو ئي اعليٰ عالم جو مالڪ ۽ خالق آهي. هو ئي هن زمين، آسمان ۽ مڪمل ڪائنات کي هلائڻ وارو آهي ۽ محمد مصطفيٰ صه الله تعاليٰ جو آخري نبي آهي. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

وَحدَهُ لاشريڪَ لَهُ، جَن اُتوسين ايمانَ،
تن مَڃِيو مُحمَد ڪَارِڻي، قلبَ ساڻُ لِسان،
اوءِ فائقَ ۾ فَرمانَ، اَو تَڙِ ڪنهن نه اوِليا.

(ڪلياڻ، 1-7)

الله جل جلاله هڪ آهي ۽ هو لاشريڪ آهي. اهي جيڪي ايمان آڻين ٿا ۽ حضور قلب سان اقرار ڪري محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن کي نجات جو وسيلو ۽ ڪارڻي ڄاڻن ٿا، انهن جي لاءِ قرآن پاڪ ۾ حڪم آهي ته، “ڪڏهن به گمراهه نه ٿيا ۽ نه ئي ڪڏهن اُبتي رستي ڏانهن مڙيا.” ڏٺو وڃي ته هڪ ئي هستي آهي جا ڪائنات جي عظيم ڪارخاني کي هلائي رهي آهي. بغير ڪنهن رڪاوٽ جي اهو ئي جيئري کي مئل ۽ مئلن کي زنده ڪرڻ وارو، بيمارن کي صحت ڏيڻ وارو حاڪمن جو حاڪم آهي. سندس ڪبريائي بيان ڪرڻ انساني طاقت کان مٿي آهي. فرمان آهي ته سڄيءَ دنيا جا وڻ قلم ٿي وڃن ۽ سمنڊ مس ۾ تبديل ٿي وڃن ته به الاهي ذڪر جي وڏائي بيان ٿي نه سگهندي. اهو ئي ڪريم ڪارساز آهي جو جهان جون جوڙون جوڙي ٿو. رب پاڪ سان ٻانهن جو رشتو ته روحن جي وچن “قالو بليٰ” کان شروع ٿيئي ٿو ۽ اهو مالڪ ۽ ٻانهي جو ازل کان ناتو آهي. هُن آدم کي پنهنجي صورت مطابق خلقيو آهي. “خلق آدم عليٰ صورتہٖ” ۽ کيس خلقي ڪل ڪائنات کي وٽس جهڪايائين فقط شيطان انڪاري ٿيو ۽ اهو ئي انسان جو وڏي ۾ وڏو دشمن ٿيو. حيلن بهانن سان کيس هر دم حياتيءَ ۾ هر کائيندو ۽ گمراهه ڪندو اچي پر انهن کي، جيڪي سندس چوڻ تي اچن ٿا.
سر ڪلياڻ ۾ وحدانيت جي اُپٽار سان گڏ عشق جي انتها جو بيان آهي، جنهن جو پهريون درجو نفس جي پاڪائيءَ سان گڏ سچ ئي سچ آهي ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته:
آگي ڪِيا آڳَهيِن، نِسورو ئي نُورُ،
“لاخَوفَ عَلَيَهُم وَلاهُم يَحزنوُن” سَچَنِ ڪونهي سُور،
موليٰ ڪيو مَعمُور، انگ ازل ۾ اُنَ جو.

(ڪلياڻ، 1-9)

قرآن پاڪ جي سورة البقره ۾ پنج ڇهه دفعا اها آيت آيل آهي ته “لاخوف عليهُم ولا هُم يحزنون” “نه انهن کي خوف هوندو ۽ نه ئي هو ڪو ڏک ڏسندا.” ۽ انهن جون خاصيتون اهي ئي ڄاڻايل آهن، جيڪي شاهه لطيف ٿو اسان کي ٻڌائي جيڪي پنهنجي رب جي رستي ۾ سچا آهن، مال ميڙيندڙ نه پر ڌڻيءَ جي رستي ۾ خرچ ڪندڙ آهن ۽ نيڪوڪار آهن، هدايت وٺندڙ سڌي ۽ سچي رستي وارا آهن. اهي ئي آهن جيڪي الا الله سين اورين ٿا ۽ ٻيائيءَ کي ٻک نٿا وجهن، شاهه لطيف بار بار شرڪ کي پليو آهي هن صوفي شاعر سالڪ کي شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جون منزلون درجي به درجي سهڻائيءَ سان سمجهايون آهن.
وَحدَهُ جي وَڍِيا، الآ اللهَ سين اوِريِن،
هنيوُن حِقيقَت گڏِيو، طريقَت توريِن،
معرِفَتَ جي ماٺِ سِين، ڏيساندُر ڏورِين،
سُکِ نَه سُتا ڪڏهِين، ويِهي نه ووِڙين،
ڪُلهنِئُون ڪوِريِن، عاشق عبداللطيف چي.

(ڪلياڻ، 1-10)
سالڪ کي جڏهن اندروني مشڪلاتن تي ڪُلي ضابطو ٿو حاصل ٿي وڃي، تڏهن ئي سندس ڪاميابيءَ جي شروعات ٿي ٿئي. دنيا ۽ دنيا جون رعنائيون، رنگينيون، مڪر، فريب، سالڪ جي لاءِ رستي جون رڪاوٽون آهن. ان جي باوجود به جڏهن هو سڀني طرفن کان مضبوط ٿي پنهنجي نفس جي وسوسن ۽ گمراهيءَ تي حاوي ٿو ٿي وڃي، تڏهن ئي سچي طالب جيان عشق جي منزل تي ٿو پهچي، اها منزل سوريءَ سيڄ آهي ۽ مرڻ مشاهدو آهي، قريب جي ڪاتي ڀل ته سندس هڏ چم چيري، پر اهو چيرجڻ ۽ وڍجڻ عاشق جي لاءِ عين راحت آهي. هو پنهنجي انگ الله ڪارڻ ٿو وڍي، دل جي خوشيءَ سان ۽ روح جي راحت لاءِ خود ئي ڪلهِنئون ڪوري ٿو ڏي، بلڪه انهيءَ کان به هڪ درجو وڌي وڃي ٿو، کيس انهيءَ ڪُسجڻ ۾ جيڪا راحت ملي ٿي، سا تڏهن ملي ٿي، جڏهن محبوب جا هٿ سندس ڪنڌ تي موجود هجن، هو مڏيءَ ڪاتيءَ سان ڪُسجڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪري، جنهن جي بهاني سان ڪا ويرم وڌيڪ لڳي ۽ پرينءَ جا هٿ مُڏيءَ ڪاتيءَ سان ڪُهڻ وقت ڪجهه دير وڌيڪ سندس ويجهو هجن شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
ڪاتي تِکي مَ ٿيئي، مَرُ مُنيائي هوءِ،
مانَ وِرمَن توءِ، مُون پِريان جا هَٿَڙا.

(ڪلياڻ، 2-12)

شاهه موجب ته: سپرين جا ڏنل ڏيهاڻي ڏنڀ، ڪُهڻ، سوريءَ چاڙهڻ، وَڍَ وجهڻ، سڀ عين عبادت آهن. اُهي ئي آهن جيڪي ٻُڪي ٻاجهه جي به ڏين ٿا. ڏکندو ڏور ڪن ٿا ۽ طبيب ٿي درد جو دارون ٿين ٿا. شل کين ٻاجهه پئي. شاهه لطيف جو سڄو ڪلام صوفياڻو ۽ روحانيت سان پُر آهي ۽ انهيءَ ۾ اخلاقي ۽ عاشقاڻو موضوع موجود آهي. هن آدرشي عاشق جو عشق اعليٰ درجي جو آهي. جيڏانهن به نهاري ٿو ته سڄڻ سامهون آهي، سندس موجب محبوب جي مهر سان ئي حياتي آهي. اها ئي ابتدا آهي ۽ اها ئي انتها:
حبيبَن هيڪارَ، مَنجهان مِهرَ سڏ ڪِيو،
سو مون سَڀِ ڄمارَ، اورڻُ اهو ئِي ٿِيو.

(ڪلياڻ، 3-14)