سُورهيه مرين سوڀَ کي
هَڻُ ڀالا، وڙهُه ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مٿان تيغَ تَرارِ، مارِ تَه مَتارو ٿِين.
(سر ڪيڏارو، 5-5)
دنيا جي قومن جي تاريخن کي جيڪڏهن ڌيان سان پڙهبو ته خبر پوندي، ته زوال پذير قومن تي جيڪڏهن ڌڻيءَ سڳوري جي مهر ٿيڻي هوندي آهي ته انهيءَ قوم جو ضمير ضرور سجاڳ ٿيندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ پوئتي پيل ۽ مظلوم سماج ۾ حق ۽ باطل سامهون ٿيندا آهن. ظلم جي حد ٿيڻ تي مظلوم سر کي ڪفن سان ٻڌي حق جي ڳولها ۾ سرگرم ٿيندا آهن ۽ اهڙيءَ حالت ۾ سندن اها ڳولها، اهو پنڌ، اها بيقراري وڃي شهادت تي دنگ ڪندي آهي. شهيدن جي رت سان رنڱيل حق ۽ سچ جي تاريخ امر هجي ٿي ۽ قومن جا اڳواڻ ۽ مهندار پنهنجي عظيم فڪر سان، پنهنجيءَ قوم ۾ نئون روح ڦوڪڻ لاءِ ۽ کين سجاڳ ڪرڻ لاءِ اهڙين عظيم قربانين، خير ۽ شر جي واقعن ۽ رُڪ وهندين راندين کي پنهنجين تحريرن، تقريرن ۽ شاعرين ۾ ورجائيندا رهندا آهن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، هڪ باشعور ۽ حساس شاعر هو. سندس شاعري جنهن دور ۾ اُسري اهو دور سنڌ جي حوالي سان هڪ مظلوم دور هو. ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ ڦرلٽ جي گهاڻي ۾ سنڌ جو محڪوم طبقو پيڙهجي رهيو هو. انهيءَ هيڻي حال کي ڏسندي ڀٽ ڌڻيءَ اذيت ۽ پيڙا مان گذرندي، پنهنجي سڄي ڪلام ۾ قوم کي همٿ ۽ اڳيان وڌڻ جا سبق ڏنا. هُن کين وهمن ۽ وسوسن مان نڪرڻ ۽ جنگ جوٽي محڪوميءَ مان ٻاهر اچڻ لاءِ اُتساهيو. هُو تاريخ جو ڄاڻو هو. سندس دور ۾ مذهبي طور وحدت الوجود، وحدت الشهود ۽ ڀڳتي تحريڪون هلندڙ هيون پاڻ وحدت الوجود جي نظريي جو حامي، شاهه عنايت شهيد ۽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي فڪر ۽ فلسفي جو قائل هو. شاهه عنايت جي شهادت مٿس گهڻو اثر ڪيو پاڻ انهيءَ وقت جوان هو. سنڌ جي مشڪل حالتن ۽ ڏکين گهڙين ۾ هن انقلابي شاعر تاريخي واقعن جي ورجاءَ سان جيڪو به شعر پنهنجي قوم کي آڇيو اهو هُن يقيناً وڏي جذبي، ولولي ۽ سوچ سان پيش ڪيو آهي.
سندس ڪلام ۾ سُر ڪيڏاري جو بيان مزاحمتي ۽ انقلابي شاعريءَ جو اول ۽ آخر آهي. هن سُر جي هر هِڪِ سِٽَ لونءَ ڪانڊاريندڙ ۽ احساس مٽائيندڙ آهي. شاهه صاحب فقط شاعر نه هو. هو هڪ ئي وقت عظيم فلاسافر ۽ انسان دوست انقلابي اڳواڻ هو. هن سچي مؤمن کي چڱيءَ پر ڄاڻ هئي ته حياتيءَ جو حسن دنيا جو جاهه و جلال نه پر حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ تي آهي. سوَين سور ۽ سختيون سهي، سچ ۽ حق جي راهه ۾ سر ڪٽائڻ جي حسين عليه السلام جي قربانيءَ هن حساس شاعر کي گهڻو متاثر ڪيو، پاڻ ڪربلا معليٰ جي زيارت لاءِ پڻ سنڀري نڪتو، پر مريدن جي چوڻ تي ڀٽ نه ڇڏيائين واپس اچي ڪارو ويس ڪري امامن جي شهادت کي ياد ڪندي سر ڪيڏارو چيائين ۽ امام عالي مقام جي بارگاهه ۾ پنهنجي شاعريءَ جو نذرانو پيش ڪيائين. شاهه سائينءَ جيڪي به تاريخي واقعا ۽ داستان پيش ڪيا آهن اهي مڪمل شروع کان آخر تائين نه آهن، پر هيءُ واحد تاريخي واقعو آهي، جو پاڻ شروع کان آخر تائين بيان ڪيو اٿائون. سر ڪيڏارو جي شروعات هن بيت کان ٿئي ٿي:
ڏِٺو مُحَرمُ ماهَه، سَنڪو شَهِزاَدن ٿِيو،
ڄاڻي هيڪُ اللهُ، وَڻَندِيُون جو ڪَري.
(ڪيڏارو. 1-1)
محرم جو مهينو جنهن ۾ جهيڙو جهٽو حرام آهي. سو شهزادن لاءِ ڳڻتيءَ ۽ شهادت جو پروانو ٿي الاهي امر سان آيو. امام حسين عليه الالسلام جي مديني مان اُسهڻ کان وٺي ڪربلا جي ميدان ۾ پڙاءُ ڪرڻ، پنهنجي عزيزن ۽ ساٿين سان گڏ شهيد ٿيڻ جي هن دلسوز داستان کي ڪيترن نثر نويسن، واقعه نويسن ۽ شاعرن هيستائين بيان ڪيو آهي پر شاهه عبداللطيف جي بيان جو سوز ئي ٻيو آهي. هو پاڻ حيران آهي ته نبيءَ جي پياري، بيبيءَ فاطمه جي دُلاري، علي المرتضيٰ جي دلبر شهزادي کي رب سائينءَ هيءَ تڪليف ڪيئن سهائي، تڏهن بي اختيار ٿي چوي ٿو ته:
سَختي شهادتَ جِي، نسورو ئي نازُ،
رِندَ پَروُڙينِ رازُ، قَضِيي ڪرِبَلا جو.
(1-11)
هيءُ ته عشق اِلاهيءَ جو اسرار هو. جڏهن امام عالي مقام جو سر مبارڪ ڌڙ کان ڌار ٿيو ۽ سندن پاڪ رت سان اها واريءَ واري سر زمين رنڱجي ويئي، تڏهن ئي اسلام هميشه لاءِ قائم ۽ دائم ٿي ويو. ڪربلا جي انهيءَ واقعي سچائي جو بنياد مضبوط ڪيو ۽ حق تي ابدي فتح حاصل ٿي. مديني کان مڪي پهچڻ ۽ اُتي ظالم يزيد جو جهيڙو لائڻ ۽ فتنا پيدا ڪرڻ ۽ اُتان ڪوفين جي خطن تي سفر لاءِ نڪرڻ ۽ مسلم بن عقيل (سندن سڳو سوٽ جنهن کي نمائندو بنائي ڪوفي موڪليو هئائون) جي شهادت جي خبر ٻڌڻ ۽ ڪوفي کان ڪنارو ڪري سٺ ستر ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڪربلا ۾ قيام ڪرڻ ۽ پوري قافلي جون سختيون سهڻ ۽ امام موليٰ جي عزيزن ۽ ساٿين جو هڪ هڪ ٿي شهيد ٿيڻ، فرات نديءَ جو پاڻي يزيدين پاران بند ٿيڻ ۽ امام سائينءَ جي قلم ڪيل سر جي دلسوز بيان سميت هر هڪ لمحي کي شاهه صاحب هڪ ماهر فوٽوگرافر ۽ منظرنگار جيان اثرائتو پيش ڪيو آهي. شاهه جو سُر ڪيڏارو پڙهندي/ٻڌندي ماڻهوءَ تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اکين مان بوندون بس نٿيون ڪن. امامن جي سفر جون صعوبتون، بي سرو ساماني هوندي به اڏول عزم ۽ استقلال، همٿون ۽ حوصلا، جانثارن جا ترين تي رکيل سرن جا نذرانا، هڪ عظيم آدرش لاءِ رت ۾ رڱيل جوانن جا جسم، ساٿين جو سر فدا ڪرڻ کي عين عبادت ۽ هڪ وڏو اعزاز ۽ شرف سمجهڻ هڪ اهڙو مثال آهي، جو تاريخ جي پنن ۾ اڄ تائين ٻيو ڪوبه نٿو ملي. هن دردناڪ تاريخي واقعي جي بيان ۾ شاهه لطيف انتهائي اعليٰ احساس وارن جذبن سان معمور ٿو ڏسجي. سندن همٿ کي داد ڏيندي چوي ٿو ته:
ڪَربَلاَ جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙيائوُن،
جهيڙو يزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙيائوُن،
مُنهن نه موڙِيائوُن، پَسِي تاءُ تَرارَ جو.
(ڪيڏارو. 2-4)
عشق جي انتها کي مڃتا ڏيندي فرمائي ٿو ته:
ڪامِل ڪَرَبلاَ ۾، اهِل بيتَ آيا،
ماري مِصرين سين، تَنِ ڪافَر ڪَنبايا،
سچ ڪِه بيبي ڄايا، هِهڙا سُورهيه سُپِرين.
(ڪيڏارو، 2-5)
امام حسين سورهيه سردار کي شاهه لطيف جابجا مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته عظيم آهي اها ماءُ جنهن ههڙي شير کي جنميو، فرمائي ٿو ته:
ڏاڙهي رَتَ رَتياس، ڏَندَ ته ڏاڙهونءَ گُلِ جِئن،
چوڏهينءَ ماهَه چَنڊَ جيئن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تنهن سُورِهيه کي شاباس، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
(ڪيڏارو، 5-9)
ڪوفين وچ الله وجهي کين خط لکي گهرايو ته اسين تابع تنهنجا ۽ تون اسان جو شاهه پر سندن ڦري وڃڻ قهر هو. هو يزيد جا حمايتي ٿي آل عليءَ جو پاڻي به بند ٿا ڪن. شاهه سندن حال تي حيف ٿو چئي:
جَنَين جهيڙيو ڪالَ، علَيءَ جي اولاد سِين،
هَئي تنَين جي حال، جي جَماتي يزيدَ جا.
(ڪيڏارو، 4-3)
لطيف سائين اُن ڳجهه کي پلي ٿو جا رت جي ريڳاڙن ۾ لت پت ٿيل راجائن جي جَسدَنِ کي ويجهو ٿي اچي:
اَکيوُن ڪَڍُ مَ ڳجَهڙي، تارا تان مَ کاءُ،
ٻيو نه پَسين پَٽَ ۾، ريڳَڙِيارو راءُ،
جِيري جنهن جُوانَ جي، لڳا نَوَ سئو گهاءَ،
راتِ جنهن جي ماءُ، روئي، پَرنِيو رَبَ کي.
(ڪيڏارو، 6-7)
ڳِجِهڙيَن جو راتو ڏينهان رِڻَ ۾ روئڻ، دُلدُلن جو امامن جي عشق ۾ رَتن پيرن سان ڪڪوريءَ ڪربلا ۾ سَٽون ڏيڻ، پکين جو پاڻ پڇاڙڻ، اُڀن ۾ مَلڪَن جا ڏک ڪرڻ، گهرن ۾ ماڻهن جا ماتام ڪرڻ، جهنگن ۾ مروئين جو روڄ راڙو ڪرڻ، مطلب ته زمين ۽ آسمان ۾ ماتم ئي ماتم آهي ۽ انهيءَ ماتم جو جن کي احساس نه آهي. شاهه لطيف اهڙن بي حِسَن لاءِ ڪابه گنجائش نٿو رکي هو چئي ٿو ته جن کي حسن، حسين سان محبت نه آهي آلِ عليءَ لاءِ دل ۾ درد ۽ سوز نه آهي انهن کي شل ڌڻي پاڪ بخش ئي نه ڪري، فرمائي ٿو ته:
حَسَنَ ميرَ حُسينَ جو، جَنِ نه هِينئڙي جارُ،
خالِقِ رَبُ جَبارُ، ڪِينَ مَرهِيندو تِن کي.
(ڪيڏارو 6-15)
بي شڪ امام حسين عليه السلام جن موت کي شهادت سان شڪست ڏيئي، زندگيءَ کي زندگي بخشي ۽ پنهنجي ناني مبارڪ ۽ پيءُ ۽ ماءُ جو نالو روشن ڪيو. شاهه سائينءَ چواڻيءَ ته “پيءُ ڏاڏاڻا پاڻ، سيد سڀ ملهايا”. شاهه لطيف سُر ڪيڏاري معرفت حضرت امام حسين عليه السلام کي محبت سان مڃتا ڏني آهي ۽ گڏوگڏ سنڌي قوم ۽ پنهنجي ديس واسين کي هميشه لاءِ حال توڙي مستقبل لاءِ ماضيءَ جي هن عظيم تاريخي قربانيءَ مان سبق سکڻ جو ڏس ڏنو آهي. هن ڄاڻايو آهي ته گهوٽن ۽ گهوڙن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا آهن. اهي گهوٽ اڻموٽ آهن جن جون ونيون کين جنگ جي ميدان ۾ معرڪو ماري اچڻ لاءِ موڪلين ٿيون ۽ لڄي ٿيون ٿين جي کين پٺ ۾ گهاءُ آهن. اهي بهادر جن جي ريت ئي هڻڻ، هڪلڻ ۽ ٻيلي سارڻ آهي سي ئي رُڪ وهنديءَ راند ۾ ڪامياب آهن. اهڙن ملڪ ۽ قوم جي ننگَ تان ساهه صدقو ڪرڻ وارن جي ونين لاءِ چوي ٿو ته:
مُنهن مَٿانهان جَن جا، سي پِٽيو ڪَڍنِ پارَ،
جيڏيون! هِن جونجهارَ، اُجاري اڇا ڪِيا.
(ڪيڏارو، 3-14)
شاهه لطيف پنهنجي سماج ۾ ڏاهپ، همت، جرئت ۽ بهادريءَ جهڙن نيڪ گڻن کي ڏسڻ چاهيو کيس خبر هئي ته هاڪاري خوبين سان سينگاريل قوم ۾ اعتبار ۽ اعتماد جي طاقت وڌندي آهي ۽ هو پاڻ ڀرا ٿيندا آهن. اهڙيءَ ريت سڄي قوم پنهنجي قوت جي ٻَلَ تي وڌندي رهندي. هن عوام جي اندر ۾ جهاتي پاتي ۽ سندن دِلي جذبن کي پر وڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، سندن وسوسن، وهمن، خوفن، خدشن ۽ ڏکن ڏهنجن جي کين پوري ڄاڻ هئي. انهيءَ ڪري هن عام لهجي ۾ عظيم بيان جي اظهار سان نج سنڌي ٻوليءَ ۾ اعليٰ فني اسلوب ۽ شعور سان شاعريءَ جو سمنڊ پلٽيو جنهن جا مقصد خاص طور سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج جي وڌڻ ۽ ويجهڻ جا گَسَ هئا.