14 - ماڻهو سڀ نه ساڳيا
جيتوڻيڪ اسان زنده رهون ٿا، پر لڳي ٿو زندگيءَ جي ُسرن کي تلانجلي ڏيڻ چاهيون ٿا. اسان کي ماڻهن ۾ تفاوت قبول ڪرڻ ڏکيو لڳي ٿو. اسان چاهيون ٿا ته هر هڪ اسان جيان هجي، اسان جيان ڪم ڪارڪري، اسان جيان ئي سوچي ۽ ويساهه ڪري. ڇا ائين ممڪن آهي؟ قطعي نه. ڪڏهن توهان اهڙي ڪنهن گٽار يا ٻئي ڪنهن ساز وڄائڻ واري کي ٻڌو آهي، جنهن پنهنجي سموري موسيقيءَ جي ڄمار ۾ صرف هڪڙي ئي ڌن وڄائي هجي؟
ٻين جي آزاديءَ جو پرچار ڪرڻ وارا ته توهان کي گهڻائي ملندا پر پنهنجي خيالن جي مخالفت ڪرڻ وارا ورلي ماڻهو ملندا. جيڪڏهن اسان سڀئي بلڪل هڪجهڙا هجون ته پوءِ واڌ ويجهه جو امڪان ئي نه رهي. ڪا نئين شيءِ نه هوندي جيڪا اسان جي سوچ سمجهه کي ترغيب ڏي ۽ ڪنهن جديد تعميري، گهري اندر جي سوچ لاءِ آماده ڪري. ڪجهه نه رهندو جنهن مان گيان حاصل ٿي سگهي يا ڀيٽ ڪري سگهجي. جيئن اڪيلائپ جي سزا ڀوڳيندڙ قيدي! هڪ مشهور قول آهي "انسان ٻيٽ نه آهي!“ ڪڏهن توهان ان قول جي باري ۾ سوچيو آهي؟