78- ابدي نيم
اهو پهرين جيان نه آهي. شروع شروع ۾ صورتحال بلڪل مختلف هئي. پر هاڻي اسان ماضيءَ ۾ مڙي ڏسون ٿا، کن پل ۾ اسان جا خيال اسان کي زمان ۽ مڪان جا اڻ مٽ ويچار پار ڪرائي راحت ڏيندڙ منظر ڏيکارن ٿا. پاڻ ٽڙي پئون ٿا. ليڪن جلد کل ختم ٿي وڃي ٿي ۽ روئڻ لڳون ٿا، جيئن ئي ماضيءَ مان اڄ ۾ موٽي ڏسون ٿا، اڄ ڪيترو نه ڦريل آهي، آخر ڇا ٿيو آهي؟ اڄوڪو ڏينهن ڪالهه جهڙو ڇو نه آهي؟
رواجي ريت آهي، ” نئين کي پراڻو ٿيڻو آهي “ ريت ڄاڻڻ ضروري آهي. ان سان متفق هجڻ ضروري ناهي. ڪجهه نيم بدلائي نٿا سگهجن. اسان کي انهن سان رهڻو آهي، انهن کي مڃڻو آهي. ڇو ڪيئن ڪاٿي ڪڏهن ڇا جي لاءِ اهڙا سوال ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. ڪا اهميت ناهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي جياپي جا نيم سمجهڻا آهن ۽ انهن مان لاڀ پراڻو آهي.
ٽي نيم جيڪي ڪڏهن نه بدلجن ٿا سي ياد رکڻ جوڳا آهن.
جيڪي ڪجهه پوکبو سو ئي لڻبو.
انب ته انب اڪ ته اڪ
جيڪو چوٽ چڙهي ٿو سو پٽ پئي ٿو.
واپرائبو نه ته وڃائجي ويندو.