ڪوالالمپور ڪجهہ ڪوھہ, ليکڪ : الطاف شيخ

ڪوالالمپور ڪجهہ ڪوھہ

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ڪوالالمپور ڪجهہ ڪوھہ
ليکڪ : الطاف شيخ
ڪيٽيگري : الطاف شيخ ڪارنر
ڇپيندڙ : نيو فيلڊس
شايع ٿيڻ جو سال : 0
عالمي ڪتاب نمبر (ISBN) : 0
شامل ڪيو ويو : 2016-05-06
ڏِٺو ويو : 3649 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1043 ڀيرا
ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه الطاف شيخ جي آڳاٽي لکيل سفرنامن منجهان هڪ آهي. پاڻ نوڪري سانگي گهڻو عرصو ته سامونڊي ڪناري شهر ملاڪا ۾ رهيا پر ڪمين ڪارين سندن ملائيشيا جي گادي جي هنڌ ڪوالالمپور پڻ وڃڻ ٿيندو رهيو. هن ڪتاب ۾ ڪوالالمپور ۾ وڃڻ ۽ اُتي جي ميزبانن توڙي شهر جي باري ۾ ڪافي دلچسپ مُشاهدا بيان ڪيل آهن. ڪنهن ميزبان وٽ گهڻي پُر تڪلف هُجڻ ڪري بي آرامي ٿيڻ ڪري سوير اُٿي ڀڄڻ ۽ ڪٿي وري مذهبي ڏڻ تي وڏا لشڪر سندن گاڏي جي لائسنس وٺڻ ۾ رُڪاوٽ ٿيڻ جا قصا ڏاڍو کلائن ٿا. ساڳي وقت شهر ۾ ڪوالالمپور ويندڙ ماڻهن لاءِ هدايتون پڻ ڪارائتيون آهن.
الطاف جو ڪوالالمپور شهر سان 1968ع کان وٺي واسطو هلندو اچي جڏهن ڪوالالمپور ٽنڊو آدم ۽ ڪوٽڙي جهڙو شهر هو ۽ جڏهن ڪوالالمپور جو پهريون روڊ ”جالان تئانڪو عبدالرحمٰن“ سيمينٽ جو پڪو ٺهيو هو ۽ ماڻهو ان روڊ کي ”باتو روڊ“ سڏڻ لڳا هئا. ملئي زبان ۾ ”باتو“ معنيٰ پٿر آهي. هن ڪِتاب ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ۾ الطاف شيخ ڪوالالمپور شهر ۽ ان جي آس پاس جو احوال لکيو آهي. هن ڪِتاب ۾ 27 باب آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• ڪوالالمپور پهچي ڇا ڏسجي
• ڪوالالمپور ـــ هڪ ماڊرن شهر
• ملئي ماڻهو مٺاين جا شوقين
• موت کان پوءِ ملاڪا کان مَچر ڳوٺ
• ڪانگ ـــ عاشقن جو فئوريٽ پکي
• نون ديوتائن جي ولادت….. وغيره.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري الطاف شيخ ڪارنر مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ