جيئڻ جنين ڪاڻ, ليکڪ : اقبال بلوچ

جيئڻ جنين ڪاڻ

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : جيئڻ جنين ڪاڻ
ليکڪ : اقبال بلوچ
ڪيٽيگري : ڪهاڻيون
ڇپيندڙ : سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
شايع ٿيڻ جو سال : 2016
شامل ڪيو ويو : 2017-01-20
ڏِٺو ويو : 4967 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 950 ڀيرا
ڪتاب ”جيئڻ جنين ڪاڻ“ ليکڪ ۽ شاعر اقبال بلوچ جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو آهي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
”سڄاڻ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس اقبال بلوچ پنهنجي وس آهر وقت بوقت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن جون زينت پڻ بڻيون آهن، هن جي لکڻ جو اسلوب منفرد ۽ نرالو به آهي هو ڪهاڻين جي روايتي تقاضائن کان هٽي ڪري پنهنجي هڪ منفرد انداز سان داخلي ۽ خارجي واقعن کي ڪهاڻين ۽ افسانن جو روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اقبال بلوچ جي هن ڪتاب ۾ جتي معاشري جي منفي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، اتي سندس داخلي ڪيفيتن جي اُپٽار جا به عڪس جهلڪندي نظر اچن ٿا، سندس ڪهاڻيون پڙهندي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ذڪر ڪيل واقعا ۽ قصا سندس ذات سان لاڳاپيل هجن، ائين کڻي چئجي ته سندس ڪهاڻيون اقبال بلوچ جي آتم ڪٿا جا ڪجهه پاسا آهن جن کي هو اڃا به سهڻي انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿو.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ڪهاڻيون مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ