ڪتاب جو نالو: ٽمون شرارتي
مصنف: جبار آزاد منگي
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 26 مارچ 2019 ع
پڙهيو ويو: 309 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 97 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
جبار آزاد منگيءَ جي ٻارن لاءِ لکيل ھن ڪالم ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ نھايت سبق آموز مواد شامل آھي، جيڪو يقينن سنڌ جي ٻارن لاءِ ھڪ ڪارائتو ڪتاب ثابت ٿيندو ۽ سنڌ جي ٻارن ۾ ڪتاب پڙھڻ جو چاھ پيدا ٿيندو.
ٽمون شرارتي ٻارن جي لاءِ لکيل ڪالم ڪھاڻين جي ھڪ ھڪ اھڙي سيريز آھي جنھن جي ضرورت ھن دور ۾ بہ آھي جنھن دور ۾ ٻارن لاءِ ادب لکڻ ڄڻ ھڪ خواب بڻجي ويو آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  •   سنڌ سلامت پاران
  •   اداري پاران
  •   پنهنجي پاران
  •   مُهاڳ: ٽمُون، ٽِمڪِي، ٽاٽِرو
  •   منصور جي مَنَ جي ڳالهه
  •   ٽمون حاضر آهي
  •   ٽمون جو تعارف
  •   ٽمون جو ڀَت تي ڇاپو
  • ٽمون ۽ ناني ناس واري
  •   ٽمونءَ جي همت
  •   ٽمون مشاعري ۾
  •   ٽمون ريڙهي گاڏي تي
  •   ٽمون بڻيو نجومي
  • ٽمون ۽ قلفي
  •   ٽمون تاريخ لکڻ جي چڪر ۾
  •   ٽمون ۽ ڪينجهر
  •   ٽمون ريل ۾
  •   ٽمون ۽ لغڙ
  •   ٽمون اسپتال ۾
  •   ٽمون ۽ تقرير
  • ٽمون گھٽي ۾
  •   ٽمون شهر ۾
  •   ٽمون اوطاق ۾
  •   ٽمون امتحان هال ۾
  •   ٽمون ۽ ٽِڪڻِ
  •   ٽمون ۽ ڊُز
  •   ٽمون ۽ اليڪشن
  •   ٽمون جو آخري سنيهو
  • بئڪ ٽائيٽل تصوير

  • ارپنا

    ٻارن لاءِ لکڻ واسطي
    تمام گهڻو اتساھ ڏيندڙ
    ھلال پاڪستان اخبار جي
    ”گلن جھڙا ٻارڙا“
    صفحي جي انچارج
    جنھن منھنجي ھمت افزائي ڪئي
    اڄ اھا شخصيت اسان کان ڪوھين ڏور ھلي وئي آھي.
    جنھن کي مرحوم لکندي
    دل نٿي چوي
    تنھن محسن
    ”حسام سومرو“
    کي ھي ڪتاب
    ارپيان ٿو.


      سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ٽمون شرارتي“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ليکڪ، شاعر ۽ ڪمپيئر جبار آزاد منگي جي ٻارن لاءِ لکيل ڪالم ڪھاڻين جو مجموعو آھي.
    جبار آزاد منگيءَ جي ٻارن لاءِ لکيل ھن ڪالم ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ نھايت سبق آموز مواد شامل آھي، جيڪو يقينن سنڌ جي ٻارن لاءِ ھڪ ڪارائتو ڪتاب ثابت ٿيندو ۽ سنڌ جي ٻارن ۾ ڪتاب پڙھڻ جو چاھ پيدا ٿيندو.
    ٽمون شرارتي ٻارن جي لاءِ لکيل ڪالم ڪھاڻين جي ھڪ ھڪ اھڙي سيريز آھي جنھن جي ضرورت ھن دور ۾ بہ آھي جنھن دور ۾ ٻارن لاءِ ادب لکڻ ڄڻ ھڪ خواب بڻجي ويو آھي.
    ھي ڪتاب 2019ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي. اسان ٿورائتا آھيون سائين جبار آزاد منگي جا جنھن ھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


      اداري پاران

    سمبارا پبليڪيشن جو ھي 148 ھون ڪتاب اوھان جي ھٿن ۾ آھي. اسان جي ھيءَ ڪوشش آھي تہ معياري مواد اوھان تائين ڪتابي صورت ۾ پھچايون. سمبارا پبليڪيشن جو ھڪ خواب آھي تہ سموري سنڌ ۾ ھڪ اھڙو ادارو جوڙجي جيڪو ڪتاب ۽ علم دوست سنڌ واسين تي مشتمل ھجي. جنھن وسيلي سنڌ جي معياري ليکڪن جو مواد ڪتابي صورت ۾ ڇپائي سنڌ جي نوجوانن کي ھن دور ۾ ڪتابن ڏانھن وٺي وڃجي. ان ڏس ۾ اميد آھي تہ اسين ڪامياب ضرور ٿينداسون.
    جبار آزاد منگيءَ جي ٻارن لاءِ لکيل ھن ڪالم ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ نھايت سبق آموز مواد شامل آھي، جيڪو يقينن سنڌ جي ٻارن لاءِ ھڪ ڪارائتو ڪتاب ثابت ٿيندو ۽ سنڌ جي ٻارن ۾ ڪتاب پڙھڻ جو چاھ پيدا ٿيندو.
    ٽمون شرارتي ٻارن جي لاءِ لکيل ڪالم ڪھاڻين جي ھڪ ھڪ اھڙي سيريز آھي جنھن جي ضرورت ھن دور ۾ بہ آھي جنھن دور ۾ ٻارن لاءِ ادب لکڻ ڄڻ ھڪ خواب بڻجي ويو آھي. اسان کي اھا بہ اميد آھي تہ ھن ڪتاب کي سنڌ جا ماڻھو جيڪي علم ۽ ڪتاب دوست آھن، ڀرپور موٽ ڏيندا تہ جيئن ٻارن لاءِ لکندڙ ليکڪن ۾ جذبو پيدا ٿئي ۽ اھي ٻارن لاءِ ادب کي سرجين.
    اداري پاران جبار آزاد منگي جا ھن کان اڳ ٻہ ڪتاب ”لفظ ھوا ۾ خوشبوءِ“ (ريڊيو اسڪرپٽ) ۽ ”اندر ڪارو ڪانءُ“ (ڪھاڻيون) مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آھن. اميد تہ سندس ھيءَ تصنيف پڻ سنڌي ٻاراڻي ادب جي کوٽ جي پورائيءَ لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي.


    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد


      پنهنجي پاران

    سال 1982ع جي جنوري واري مهيني ۾ اسٽيٽ بئنڪ ڪراچيءَ ۾ ”ڪوائن نوٽ ايگزيمينر“ جي انٽرويو ڏيڻ لاءِ ويم، انٽرويو ڏيڻ کان پوءِ خيال آيو ته هلال پاڪستان اخبار جي دفتر جو، جيڪو ڪورٽ ويو بلڊنگ ايم اي جناح روڊ ڪراچي ۾ هيو، تنهن جو چڪر هڻان، ڇو ته هلال پاڪستان اخبار جي ٻاراڻي صفحي“ گلن جهڙا ٻارڙا ” ۾ ٻاراڻيون ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون لکندو هيس. هي اهو دور آهي جنهن دور ۾ قاضي مقصود گل، مختيار ملڪ، مختيار گهمرو، اختر درگاهي، سعيد ڀٽي ۽ ٻيا ٻاراڻي صفحي ۾ لکندا هئا. مون سان گڏ منهنجو ڀيڻيوو برڪت علي منگي گڏ هيو، هدايت منگي منهنجي ڀيڻيوي جو واقفڪار هيو ۽ منهنجو غائبانه تعارف ٻاراڻي صفحي ۾ لکڻ سبب ، گلن جهڙا ٻارڙا صفحي جي انچارج حسام سومري سان ٿيل هيو، جڏهن ته هلال پاڪستان جي آفيس ۾ فقير محمد لاشاري سان اڳ ئي واقفيت هئي، جيڪو جڏهن به ڪراچيءَ کان پنهنجي ڳوٺ گاجي کهاوڙ ايندو هيو يا گاجي کهاوڙ کان ڪراچي ويندو هيو ته نصيرآباد ۾ ڊاڪٽر محمد اڪرم مسڻ سان ضرور ملندو هيو، جنهن جي ڪلينڪ تي روز ڪچهريون ٿينديون هيون.
    هلال پاڪستان جي آفيس جي مکيه در وٽ هڪ شخص منهنجي ڀيڻيوي کي هٿ ڏيندي ڀليڪار ڪئي. سو هدايت منگي هيو، جنهن سان منهنجو تعارف ڪرائيندي ، هلال پاڪستان آفيس گهمڻ واري خواهش جو اظهار ڪيو. مرحوم هدايت منگي مونکي ڀاڪر ۾ ڀري، مونکي شاباس ڏيندي چيو“ ته ٻارن لاءِ سٺو لکين ٿو، لکڻ کي ڪڏهن به نه ڇڏجان” تنهن بعد هدايت منگي اسان کي پنهنجي دفتر اندر وٺي آيو، جتي سڀ کان اول حسام سومري سان تعارف ڪرايائين. جنهن مونکي ايڏو پيار ڏنو ۽ منهنجي لکڻين جي تعريف ڪيائين جو منهنجي دل وڏي ٿي ويئي. اُتي ويٺل ڪاڪو گرداس واڌواڻي مونسان هٿ ملايو ۽ گلن جهڙا ٻارڙا ۾ منهجي لکيل ڪهاڻي ”صبح ٿيندو“ جي تمام گهڻي تعريف ڪئي، جيڪا ڪهاڻي ڊسمبر 1981ع واري صفحي ۾ شايع ٿي هئي. ڪاڪي گرداس واڌواڻي مونکي ڪهاڻيون لکڻ تي هڪ ننڍڙي سمجهاڻي به ڏني.
    مرحوم حسام سومري سان خوب ڪچهري ٿي، اتي ئي موجود هڪ لکڻيءَ ۾ مون ”ٽمون“ جو نالو پڙهي ورتو هيو، اها لکڻي امر جليل جي ڪا لکڻي هئي. ان لکڻي پڙهڻ بعد مونکي ٽمون جي نالي ڪيترائي ڪردار ذهن ۾ اچي ويا ۽ مون حسام سومري سان انهي ڪردار کي کڻي ”ڪالم ڪهاڻي“ لکڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ، جنهن خواهش کي حسام سومري ساراهيو. ائين مون ٽمون شرارتي لکڻ جي شروعات جنوري 1982ع کان ڪئي.
    وقت ۽ حالتون ڪڏهن به هڪجهڙيون ناهن رهنديون، ڪجھ وقت ٽمون شرارتي لکڻ بعد خاموشي ڇائنجي ويئي. تنهن بعد وري سال 1989ع ۾ ”ڊانبو عرف ڊُز“ نالي سان ٻارن لاءِ لکڻ شروع ڪيو. هن نالي سان ڪردار منهنجي گهر ۾، منهنجي ڀائٽي جي صورت ۾ موجود هيو، “ڊانبو عرف ڊُز” جي ڪردار تي به ڪافي ڪالم ڪهاڻيون لکيون، جيڪي روزانا هلال پاڪستان ۾ ڇپيون ۽ مون وٽ محفوظ آهن.
    ڊانبو عرف ڊُز وارو ڪردار هن وقت سنڌ دوستي سٿ جو اڳواڻ آهي ۽ سنڌي ادب لکندڙ نوجوانن ٽهيءَ ۾ شامل آهي . اوهان ان کان سڌي يا اڻ سڌي طرح ضرور واقف هوندا، جيڪو “سارنگ ساگر” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. جنهن پنهنجي ساٿين جي مدد سان ”نصيرآباد لٽريچر فيسٽيول“ جهڙو ڏکيو ۽ جوکم جهڙو ڪم، هٿ ۾ کنيو آهي ۽ نصيرآباد شهر ۾ ٻيو نصيرآباد ادبي ميلو منعقد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
    ڪافي ورهين جي وٿيءَ بعد وري روزانا جاڳو، جنهن جو آءُ تعلقا رپورٽر هيس، جڏهن جاڳو ٻارڙا صفحي جو انچارج منهنجو دوست ، ڳوٺائي ۽ پاڙيسري رفيع لغاري ٿيو، تنهن حڪم ڪيو ته ٻارن جي صفحي لاءِ وري “ٽمون شرارتيءَ” کي شروع ڪريان. سو مون رفيع لغاري جي حڪم جي پوئواري ڪندي ، جاڳو ٻارڙا صفحي لاءِ ٻيهر ٽمون شرارتيءَ کي لکيو.
    اڄ ”ٽمون شرارتي“ ڪالم ڪهاڻين جو ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي، جنهن جو مهاڳ مون پنهنجي پياري دوست، بهترين براڊ ڪاسٽر، ليکڪ، شاعر ۽ ٻين انيڪ خوبين جي مالڪ ، جنهن سان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي گڏجي ڪم ۽ ڪچهرين ڪرڻ جو موقعو مليو، تنهن دوست ياسر قاضيءَ کي لکڻ لاءِ گذارش ڪئ، جنهن تمام وڏي دل ڏيکاريندي، ڪتاب ”ٽمون شرارتيءَ“ جو مهاڳ لکيو آهي، جيڪو مهاڳ هڪ تاريخ به آهي.
    آءُ ياسر قاضي جو شڪر گذار آهيان. مونکي اها به خوشي آهي ته ياسر قاضي منهنجي همعصر ليکڪ، قاضي مقصود گل جو اولاد آهي، جنهن مقصود گل سان هلال پاڪستان جي ٻاراڻي صفحي ۾ لکڻين جي صورت ۾ هر هفتي ملاقات ٿيندي هئي ۽ قاضي مقصود گل سان روبرو ملاقات، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي اسٽيشن ڊائريڪٽر محترم ضمير بدايوني جي آفيس ۾ ياسر سان گڏجي ٿي هئي.
    هتي آءُ پنهنجي سٻاجهڙي دوست، سنڌي ٻوليءَ جي مانائتي ليکڪ منصور ٿلهي جو ذڪر ڪرڻ به پنهنجي فرض سمجهان ٿو، جيڪو هن وقت نصيرآباد کان هزارين ميل پري آمريڪا ۾ رهي ٿو، جنهن سان مهيني ۾ ٻه ٽي ڀيرا ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهند آهي، تنهن کي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل لکڻ جي ذميواري ڏني جنهن انتهائي مصروف زندگي گذارڻ وارين گهڙين مان ڪي گهڙيون ڪڍي، بيڪ ٽائيٽل لاءِ پنهنجا خيال واٽسپ وسيلي موڪليا ، جيڪي هن ڪتاب ۾ ”منصور جي من جي ڳالهه“ ۾ اوهان پڙهي آيا آهيو. منصور جيڪو ڪيترن ڪتابن تخليقڪار آهي، جيڪو هن وقت آمريڪا ۾ ويهي به پنهنجي سنڌ سان ڪيل وچن نڀائي پيو ۽ آمريڪا مان وڊيو ڪال ڪري بار بار منهنجي هنن لکڻين جي اصلاح به ڪئي.
    آءُ پنهنجي ٻن پُٽن دارا فهد آزاد ۽ قمرالزمان آزاد منگي کان به بيحد خوش آهيان، جيڪي ڏينهن رات ڪري منهنجي پورهئي کي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪري رهيا آهن. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ ٽائٽل به منهنجي هنن ٻنهي نينگرن جي محنت آهي. دعا آهي ته منهنجي اولاد، منهنجي لکيل پورهئي کي سانڍي رکڻ واري جدوجهد ۾ سوڀارا ٿيندا ۽ پنهنجي اميدن ۽ خواهشن جي منزل تي پهچندا.


    جبار آزاد منگي
    منگي محلو/ مهراڻ ڪالوني
    نصيرآباد ضلعو قمبر شهداد ڪوٽ
    فون: 03008346818


      مُهاڳ: ٽمُون، ٽِمڪِي، ٽاٽِرو

    ٻارن لاءِ تخليق ڪيل عالمي ادب جا پيرا کڻبا، ته صديُون پوئتي وڃِي نڪربو، جڏهن ڏاڏيُن، نانيُن، پُڦين، ماسيُن ۽ گهرَ جي ٻين بُزرگن کان نه صرف گهر جا ٻارَ، بلڪه نوجوان به آکاڻيُون ، لوڪ گيت ۽ لوليُون ٻُڌندا هُئا. انهن آکاڻين منجهان اڪثر ته اُهي هُونديُون هيُون، جيڪي اُنهن بُزرگن پنهنجن بُزرگن کان ٻُڌيُون هُيون، ۽ هر نسل ۾ڪجهه آکاڻيُون اهڙيُون به تخليق ٿيُون، جيڪي اُهي بُزرگَ، في البديح ٻارن کي گهڙَي، ٺاهي ٻُڌائيندا هُئا (هُوندا). چيو وڃي ٿو ته اُن سينه در سينه مُنتقل ٿيندڙ خزاني مان ٻارن لاءِ آکاڻين توڙي گيتن کي ڌار ڪري، الڳ صنف طور ليکجڻ جو رواج باضابطه طور، 18هين صديءَ ۾ يورپ کان پيو ۽ اُن کي ئي “ٻارن جي ادب” جو نُقطهء آغاز سمجهيو وڃي ٿو، ان کان اڳ 17هين صديءَ ۾ ٻارن کي وڏن پاران الڳ حيثيت جو حامل تصوّر ڪري، اُن لاءِ اهڙي ادب جي ضرُورت کي محسُوس ڪرڻ جو آغاز ٿي چُڪو هو، جيڪو سندن شخصيت جي تعميرَ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ۽ اُنهن لاءِ اصلاحِي ۽ سبق ڏيندڙ به هُجي. ان زماني ۾ هڪ انگريز فيليسوف ”جان لوڪِي“ (پيدائش: 19 آگسٽ 1632ع ـ لاڏاڻو: 28 آڪٽوبر 1704ع) سن 1690ع ۾ (جڏهن هُو 58 ورهن جو هو) ”ٽيبيُولا راسا“ نالي، انساني نفسيات بابت پنهنجي ڏنل نظريي ۾ پهريون ڀيرو ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ ڌار شاعرِيءَ، نثر، مُصوّريءَ (خاڪن)، رنگن توڙي موسيقيءَ جي ضرُورت جو ادراڪ ڏنو. دنيا ۾ اهو فهم ”راسا“ کان اڳ ٻئي ڪنهن ڪونه ڏنو هو. سنڌ ۾ ٻارن جي لکتِي ادب جو ٿُلهي ليکي، پهريون ليکڪ شمس العُلماء، مرزا قليچ بيگ آهي، جنهن ٻارن لاءِ ڪهاڻين جا انيڪ ڪتاب لکيا ۽ انگريزي ادب مان به ٻارن جي ادب جا ترجما ڪيا. اهو 19هين صديءَ جي آخر ۽ 20هين صدِيءَ جي شرُوعات وارو دؤر هو. 20هين صديءَ جي پهرين اڌ تائين (لڳ ڀڳ ورهاڱي تائين) جيتوڻيڪ ٻارن جي ادب لاءِ ايترو قلم ڪونه کنيو ويو، پر تنهن جي باوجُود به جن ساهتڪارن ٻارن جي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو، تن ۾ ليکراج ڪشنچند عزيز، سنڌي جديد ادب جي بانيءَ ڪشنچند “بيوس”، مُحمّد صديق “مُسافر”، “ساز” مُلاڪاتياريءَ سميت ڪجهه ٻيا اهم نالا اچي وڃن ٿا. ان دؤر ۾ ٻارن لاءِ لکجندڙ نظمن توڙي ڪهاڻين جي ضرُورت، نصاب جي ترتيب دؤران پڻ شدّت سان محسُوس ڪئي وئي، جنهن ڪري اُن دؤر جي شاعرن ۽ نثر نويسن ٻارن جي ادب لاءِ قلم کنيو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ورهاڱي کي لڳ ڀڳ مُني صدي ٿيڻ وارِي آهي، پر پوءِ به اسان وٽ ٻارن لاءِ لکندڙ قلمڪارن جو انگ اطمينان جوڳو ڪونهي. جنهن جو وڏو سبب ٻارن لاءِ تخليق ٿيندڙ ادب جي اهميت کان ناآشنائي آهي. اڄ جڏهن اسان 21هين صديءَ جي ٻِئي ڏهاڪي پُوري ڪرڻ تي آهيُون، تڏهن اسان وٽ ٻارن جي ادب جو ڪوبه رسالو موجُود ناهي. معيارِي يا غيرمعيارِي هُجڻ ته بعد جي ڳالهه آهي، پر ٻارن لاءِ تواتُرَ سان نڪرندڙ ڪو رسالو ئي موجُود ڪونهي. ماضيءَ جا ٻارن جا سنڌِي شاهڪار رسالا پنهنجو موت پاڻ مرِي ويا آهن ۽ گڏوگڏ لڳ ڀڳ 8 کان 10 سنڌي ٽي وي چينل هجڻ جي باوجُود شايد ڪنهن چينل تي هفتي جي 5 سيڪڙو نشريات به خاص ٻارن لاءِ پيش نه ٿي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به ٽِي وِي چينل تان ٻارن لاءِ ڪوبه ڳڻائڻ جوڳو پروگرام نشر ڪونه ٿو ٿئي، جنهن کي اسان پنهنجي ٻار جي شخصيت جي تعمير جو سامان سمجهي سگهُون. نتيجي طور اسان جو سنڌي ٻار “هيرِي پوٽر”، “باربي ڊول”، “ايلسا”، “ڊورِيمان”۽ “ڊورا” جهڙن ڪردارن کي ته سُڃاڻي ٿو، پر کيس وتائي فقيرَ، هوشُوءَ، هيمُونءَ، ٻيجلَ، چارڻَ، ٻاگُهلَ، بختاور، دُولهه درياء خان، ڀٽائيءَ ۽ سچل جو ڪو پتو ڪونهي ۽ اسان کي ان ڳالهه جي ڪا ڳڻتي به ڪانهي. اسان ان ڳالهه مان به سبق نه ٿا سکئُون، ته ڀارت جهڙو مُلڪ، جيڪو فلم ۽ ٽيليويزن ميڊيا ۾ اسان کان گهڻو اڳتي آهي، اولهه کان “ڪارٽُون نيٽورڪ” ۽ “پوگو” جهڙن چينلن جُون “فرينچائز” وٺي، 24 ڪلاڪ پنهنجي مقامي ڪردارن وسيلي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجن ٻارن جي ذهني اوسر ۾ رُڌل آهي، ته اُن جي پويان اُتان جي سوشل سائنسدانن جو ڪو تصوّر ۽ خيال هُوندو، ته ڪيئن هڪ صحتمند ذهن واري نسل جو بُنياد وجهجي، جيڪي هُو وجهي به رهيا آهن.
    ٻئي طرف ٻارن جي ليکڪن طور اسان کي اُهي ناميارا شاعر ۽ اديب ئي نظر اچن ٿا، جن جي اڪثريت ادبي دُنيا ۾ پير پائڻ کان پوءِ پنهنجو پهريون مجمُوعو ٻارن لاءِ لکڻ کان پوءِ اُن صنف طرف مُڙِي ڏسڻ کي به گُناهه سمجهي ٿِي. نصاب ۾ اڄ به هڪ هڪ صدي پُراڻا نظم ۽ گيت شامل آهن، جن جي جاءِ نئين دؤر ۾ لکجندڙ ٻارن جا نظم ناهن وٺي سگهيا. “ٻارن بابت لکجندڙ ادب” ۽ “ٻارن لاءِ لکجندڙ ادب” پڻ ٻه ڌار ڌار وَٿُون آهن، جن کي سمجهڻ، ٻارن لاءِ لکڻ کان اڳ بيحد ضرُورِي آهي. ان ڏس ۾ مُنهنجو ڪتاب “ٻارن لاءِ ڪيئن لکجي!” قلمڪارِيءَ جي بين القوامي معيارن جي اُپٽار آهي، جيڪو اُميد آهي ته جلد پڙهندڙن جي هٿن ۾ هُوندو. ٻارن لاءِ تخليق ڪيل ادب (جنهن کي کوڙ دوستَ “ٻاراڻو ادب” چوندا آهن، جنهن اصطلاح جي مان سخت خلاف آهيان ۽ ڪوشش ۾ آهيان ته هاڻي اهو اصطلاح ان انداز ۾ استعمال ٿيڻ بند ٿئي) جي اڻاٺ واري اهڙي دؤر ۾، مُنهنجي پُراڻي دوستَ، جبّار آزاد منگيءَ جي “ڪالم ـ ڪهاڻيُن” جو هي مجمُوعو “ٽِمُون شرارتِي” هڪ اُميد سان ڀريلَ لاٽ آهي، جنهن گهٽ ۾ گهٽ مُون کي انتهائي پُراميد ڪري ڇڏيو آهي. اوهان سان هڪ الميو ونڊيندي ڏُک به ٿئي پيو ته ، جنهن سال مُنهنجو ٻارن جي ادب جي حوالي سان ڪوبه ڪتاب منظرِ عام تي ناهي ايندو، اُن سال مُون کي سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن پاران ان صنف ۾ ڇپجندڙ ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جي حوالي سان جج مُقرر ڪيو ويندو آهي. اهڙي سال ۾ مُون وٽ پهتل ٻارن جي ادب جي ڪتابن کي ڏسي ايڏو ڏُک ٿيندو آهي، جنهن جو بيان لفظن ۾ ڪرڻ مُشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته مُقابلي ۾ اهڙا ڪتاب به شامل هُوندا آهن، جن کي “ٻارن لاءِ ادب” چوڻ ته پرَي جي ڳالهه آهي، “ادب” چوڻ به غلط ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ٻارن لاءِ ادب سرجڻ هڪ اسپيشلائيزيشن جو ڪم آهي ۽ اُهو هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي. ٻارن لاءِ ادب سرجڻ واري لاءِ ٻارن جي نفسيات جو ڄاڻُو هُجڻ بيحد ضرُورِي آهي ۽ اُن لاءِ اهو ڄاڻڻ به ضرُوري آهي، ته هُو جڏهن لکي رهيو آهي، ته هُن جو حدف (ٻارن جي چئن ڪيٽيگريز جي درجه بندِيءَ منجهان) ڪهڙي ڪيٽيگرِيءَ جو ٻارُ آهي، ڇاڪاڻ ته اوهان پنهنجو “ٽارگيٽيڊ پڙهندڙ” ڄاڻڻ کان سواءِ جيڪڏهن ڪُجهه به لکندئو، ته اُهو “هوائي فائرنگ” کان سواءِ ڪُجهه به نه هوندو. ان حوالي سان “ٽِمُون شرارتي” پڙهِي مُون کي اندازو ٿيو، ته ڪتاب جي ليکڪ کي پنهنجي “ٽارگيٽيڊ پَڙهندڙ” جو ڀَليءَ ڀَت اندازو آهي، ۽ هُو 8 سالن (ٽئين ڪلاس) کان 16 سالن (مئٽرڪ يا يارهين ڪلاس) جي ٻار تائين پنهنجو قلم جو نشانو ٺاهي، لکَي ٿو، جنهن کي اُن کان وڏيءَ عُمر وارا ٻار ۽ بالغَ به آسانيءَ سان پڙهِي ۽ سمجهي سگهن ٿا.
    جبّار ”آزاد“ منگِي، نصيرآباد جي زرخير مٽِيءَ مان ڄمِي، قلم جي خدمت لاءِ چُونڊيو ويو، ۽ اسان مان هر ڪو ڄاڻي ٿو ته سنڌُو ـ تهذيب جي هنجَ “مُهين جي دڙي” ۽ اُن جي پسگردائيءَ جي تهذيبي توڙي ثقافتي شاهُوڪارِيءَ جا ڪلما، رُڳو اسان نه، پر دُنيا پڙهي ٿِي. اها ئي اُها حسين ۽ هُڳاءَ ڀرِي مٽي آهي، جنهن جسٽس ڀڳوان داس جهڙو عظيم انسان پيدا ڪيو. جبّار سان مُنهنجي نيازمندِي 1997ع ڌاري ٿي، جڏهن هُن ريڊيي پاڪستان لاڙڪاڻي جو سٿُ ڪمپئر طور جُوائن ڪيو، جتي اسان اڳ ئي (1995ع کان) دُونهِين دُکايو ويٺا هُئاسين. 1995ع کان 2000ع جي 5 سالن واري منهنجي براڊڪاسٽنگ جي اُن ابتدائي دؤر ۾ مُون کي ريڊئي پاڪستان لاڙڪاڻي، جن حسين ۽ مُلهائتن ماڻهن سان ملايو، تن ۾ هدايت منگي، ضمير علي بدايُوني، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب (جيتوڻيڪ ساڻن، مُنهنجي والد صاحب جي ڪري نياز مندِي ريڊئي لاڙڪاڻي کان اڳ جي هُئي)، عنايت ميمڻ ۽ هي يار، جبّار شامل آهن، جن جي ادبي وابستگيءَ سبب سندن اسڪرپٽ ڀرپُور ۽ هر گُفتو تَڪيل توريل، ماپيل ۽ مهلائتو هُجڻ فطري هو. انهن شخصيتن سان ادبي وابستگيءَ سبب جيڪا مُحبّت جي واٽ قائم ٿي، سا اڄ به قائم ۽ دائم آهي، بلڪه انهن مان جيڪي حيات آهن، انهن مان ڪنهن سان ورهن کان پوءِ به جي ملبو آهي، ته اُهو سڪائتو ساءُ سدائين اڳ کان به وڌيڪ محسُوس ڪبو آهي. مُون کي ياد آهي ته ريڊيي لاڙڪاڻي جو ڊسڪ جاڪي پروگرام “رُوح رهاڻ” (جيڪو شايد اڄ به نشر ٿيندو هُجي) جنهن جي ميزباني مان پنهنجَي انداز ۾ ڪندو هُئس ۽ جبّار پنهنجي انداز ۾ ڪندو هو ۽ جبّار جي اُن نرالي انداز ۾ هڪ يڪتا ڳالهه، پروگرام جي شرُوعات ۾ ڀٽائي سرڪار جو اهو بيت پڙهڻ هُوندو هو، ته:

    پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم رُوحَ رهاڻ
    نه ڪو ڏُونگرُ ڏيهَه ۾، نه ڪا ڪيچيُن ڪاڻ
    پنهُون ٿِيَس پاڻَ، سسُئي تان سُورَ هُئا

    مُون کي اڄ به اهو بيت، جبّارَ جي آواز ۽ سندس مخصُوص ماٺيڻي انداز ۾ ذهن تي چٽيل آهي. اُهو جبّار، جنهن جي تحريرُن جو مان هميشه مُعترف رهيو آهيان، اُن جو ٻارن لاءِ نثري مجمُوعو “ٽِمُون شرارتي” ڏسي ۽ پڙهي، اُن جي منظرِعام تي اچڻ جي جيترِي مُون کي خوشي ٿي هُوندي، اُن جي ڪٿَ شايد جبّار پاڻ به نه ٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته مان نه فقط پاڻ ٻارن جو ڪَچو ڦِڪو لکندڙ آهيان، پر هر سينيئر توڙي جُونيئر اديب کي ٻارن لاءِ لکڻ جي مُستقل تبليغ ڪندڙ، ٻارن جي ادب جو هڪ ادنيٰ خادم آهيان، جيڪو هر قلمڪار کي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي ته هُو ٻارن لاءِ لکن. ان جو سبب اهو آهي، ته اهو ٻارن لاءِ لکيل ادب ئي آهي، جنهن مُنهنجيءَ شخصيت جي تعمير ڪئي آهي، تنهن ڪري مان ان ڳالهه کي فرض ٿو سمجهان، ته جيئن مُنهنجي دؤر جي اديبن، اُستادبُخارِيءَ، مقصُودگُلَ، ادل سُومري، اياز گُلَ، نصيرمرزا، اقبال شينَي، ذوالفقار سيالَ، اختردرگاهِيءَ، مختيار مَلڪ ۽ ٻين ٻارن لاءِ لکيو ۽ انور هالائيءَ توڙي اڪبر جسڪاڻيءَ اسان ٻارن لاءِ رسالا ڪڍي، اسان ۾ ڪتابن سان چاهه جاڳايو، تيئن اسان به پنهنجي دؤر جي ٻارن لاءِ لکي، انهن ۾ ڪتاب سان دوستي پيدا ڪريُون ۽ کين صحتمند انداز ۾ سوچڻ جو سامان فراهم ڪريُون.
    ٽمُون 70ع ۽ 80ع واري ڏهاڪي جو اسان جي ليکڪن جو مرغُوب ڪردار رهيو، ڇوته ان ڪردارَ جو نالو پڙهندڙن (خاص طور ٻالڪ ـ پڙهندڙن) ۾ مقبُول هو ۽ مان سمجهان ٿو ته اُن دؤر ۾ مختلف سنڌي اخبارن جي نڪرندڙ ٻارن جي صفحن جا انچارجَ، مختلف ليکڪن کي ان ڪردار جي حوالي سان ئي ڪالم ـ ڪهاڻيُون لکڻ تي همٿائيندا هُوندا. ان ڏس ۾ امرجليل کان مقصُود گُل تائين متعدد ليکڪن “ٽمُونءَ” جي ڪردار کي استعمال ڪري اُن کان مختلف شرارتُون ڪرايُون. مقصُود صاحب جي ڪالمن جي سلسلي جو نالو به “ٽِمُون شرارتي” ئي هو، جنهن لاءِ ٽمُونءَ جو اسڪيچ به هُو پاڻ ڊزائن ڪندا هُئا، جيڪو اُن ڪالم سان گڏ ڇپبو هو. ٽمُونءَ جو ڪردار عام هجڻ جي باوجُود، ان ڳالهه ۾ ڪوئي شڪُ ناهي، ته اُن ڪردار کي جنهن جنهن ليکڪ لکيو هُوندو، اُن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ اُن جي اُڻت ڪئِي هُوندي، جيئن “والٽ ڊزنيءَ” (Walt Disney) کان وٺي، “ايلن يَنگ” (Alan Young)، “جِيمز ڪَمِنگز” (James Cummings)، “وليم فرينڪ رِيان” عُرف “وِل رِيان” (William Frank Ryan) ۽ “پنٽُو وينس ڊِي بار ڪولوِنگ” (Vance DeBar Colvig) تائين نه ڄاڻ ڪيترن ليکڪن هن وقت تئين “مِڪِي مائُوس” جي ڪردار (ڪارٽُون سيريز) جُون ڪهاڻيُون لکيُون آهن، پر “مِڪِي مائُوس” اهو ساڳيو ئي آهي، ۽ ان سيريز جو هر ليکڪ اُن ڪردار جي بنيادي عادتن ۽ جبلّتن کي ذهن ۾ رکندي، اُن جي حوالي سان مُختلف ڪهاڻيُون لکندو رهي ٿو ۽ اهو ڪردار 1901ع کان وٺي اڄ تائين اوترو ئي مقبُول آهي، جيتوڻيڪ اُن کي ڏسندڙ لڳ ڀڳ پنج نسل مرِي چُڪا ۽ هينئر ڇهون يا ستون نسل اُن کي ڏسي پيو.
    مُون کي خبر ناهي، ته جنهن وقت روزاني ”جاڳو“ جي ٻارن لاءِ ڇپجندڙ صفحي ”جاڳو ٻالڪ“ ۾ جبّارَ هي ڪالم لکيا، اُن وقت اُن جو انچارج ڪير هو، جنهن کيس ٽِمُونءَ جي سيريز جا اهي ڪالم لکڻ لاءِ همٿايو، پر جنهن زماني ۾ مان پاڻ ٻالڪ ـ ليکڪ جي حيثيت سان “جاڳو ٻالڪ” ۾ نثر توڙي نظم جا مختلف ليک لکندو هُئس (لڳ ڀڳ 1990ع کان 1995ع تائين)، ان زماني جو ڳچ حصّو، همسفر گاڏهِي “جاڳو ٻالڪ” صفحي جو ايڊيٽر هُوندو هو. ان ئي دؤر ۾ روزاني “عوامي آواز” ڪراچيءَ جي ٻارن لاءِ نڪرندڙ صفحي “جوت” جو انچارج اڳ ۾ مرحُوم عبدالرحمٰن “نقاش” هُوندو هو، جيڪو “چاچا عواميءَ” جي نالي سان اهو صفحو ايڊٽ ڪندو هو (۽ اسان کي به بعد ۾، عملي طور صحافت جي دُنيا ۾ پير پائڻ کان پوءِ سُڌ پئي ته اهو “چاچو عوامِي”، نقاش مرحُوم هو). ان ئي دؤر ۾ روزاني “هلالِ پاڪستان” جو ٻارڙن لاءِ شايع ٿيندڙ صفحو، مرحُوم حسام سُومرو ايڊٽ ڪندو هو، جنهن 1988ع ۾ مُنهنجي زندگيءَ جو پهريون نظم ڇپيو هو، جڏهن مان پنجين ڪلاس جو شاگرد هُئس. مُون سائين حسام سُومرَي مرحُوم کي پنهنجو پهريون ڪتاب “ٻيڙِيءَ ۾ چنڊ” ارپيو هو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ليکڪ لاءِ اُهو ايڊيٽر سڄي زندگي ناقابلِ فراموش رهندو آهي، جنهن سندس زندگيءَ جي پهرين تحرير ڇاپِي هُوندي آهي.
    جبّار آزاد منگِي هڪ سُٺو ۽ ڪامياب ڪهاڻيڪار آهي. ٻهراڙيءَ جو عوامي پس منظر هُجڻ ڪري سندس ٻولي نهايت شاهُوڪار آهي، جنهن ۾ سنڌيءَ جي نج لفظن، اصطلاحن توڙي پهاڪن جو ڀنڊار ڀَريو پيو آهي. عام ماڻهن سان گڏُ اُٿڻ ويهڻ سبب، کيس عام زندگيءَ ۾ عام ماڻهُوءَ سان پيش ايندڙ واقعن جو مُشاهدو روز ٿئي ٿو. تنهنڪري ٽِمُونءَ کي هلندي ڦرندي ڪهڙين ڪهڙين خوشگوار توڙي مايُوس ڪندڙ صُورتِ حال سان مُنهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، اهو ليکڪ لاءِ تصوّر ڪرڻ ڏُکيو ناهي، ڇاڪاڻ ته هُو ڪئين ڀيرا پاڻ ٽِمُون بڻجي وڃي ٿو ۽ پاڻ سان ٿيل وَيڌن ۽ جُٺيُن جو بيان ٽمُونءَ جي زباني ڪرائي ٿو، پر اڪثر هُو ٽِمُونءَ جي مُستقل “پارٽنر” طور نظر اچي ٿو، جيڪو سدائين ٽِمُونءَ کي چَڱن ڪمن لاءِ همٿائيندي ۽ بُرين عادتن کان روڪيندَي نظر اچي ٿو. ٽِمُون هِن سان حُجَائتو به ڏاڍو آ. ڪڏهن کيس ڪُلهي ۾ مُڪَ ٿو ٺڪاءُ ڪرائي، ته ڪڏهن ساڻس ڪاوڙ ڪندي ٿو نظر اچي. ٽمُونءَ جي ڪردار جي اُڻت، جبّار جنهن نمُوني ڪئي آهي، اُهو هڪ عام ڪردار آهي، جيڪو اوهان اسان وانگُر ٻه ڇانگي چؤنپل (جُتِي) پائي گهٽيُون ڪَڇيندو نظر اچي ٿو... ٻار کيس پسند ڪن ٿا، جنهن جو اندازو کيس به آهي... ۽ شرارت سندس خاص گُڻ آهي، جنهن ڪري هُو “ٽِمُون شرارتي” چورائي ٿو. تنهن ڪري هر ڪالم ـ ڪهاڻيءَ ۾ جبّارَ، سندس شرارت جي عنصر کي خاص طرح “هاءِ لائيٽ” ڪيو آهي، پر اُن جو اظهار هُن اهڙِيءَ ڪاريگريءَ سان ڪيو آهي، جو اُها “شرارت”، ٽمُونءَ جو ڪو “هِيرو وارو عمل” نه ٿِي سمجهجَي، ته متان ٻار (پڙهندڙ) اُن کي پنهنجو ڪن ۽ وڏن يا جيڏن کي تنگ ڪندا وَتن، بلڪه جبّارَ سندس ان شرارت کي صرف تفريح لاءِ بيان ڪندي، اُن کان بچڻ جو اشارو به ڏنو آهي. خود “ٽِمُون ۽ تقرير” نالي ڪالم ـ ڪهاڻيءَ ۾ هُو نڪمَي، نِٺر، گوسڙُوءَ، شرارتي ۽ محنت کان ڀڄندڙَ، ٽِمُونءَ جي محنت سان تقريري مُقابلي ۾ کٽيل انعام جو ذڪر ڪندي، ٻارن کي اها ترغيب ٿو ڏئي ته ڪابه بُرِي عادت مُستقل ناهي هُوندي ۽ اُن کي ختم ڪرڻ سان ڪاميابي يقيني بڻجي ويندي آهي. ان قسم جُون ڪهاڻيُون، اُنهن ٻارن لاءِ اُتساهه جو باعث آهن، جيڪي محنت سان چاهه نه هئڻ سبب پنهنجي اُستادن جا لاڏلا ناهن بڻجي سگهيا.

    جبّارَ جي مزاح ۾ اهو ڪمال به آهي، ته هُن ٽِمُونءَ کان مزاح يا شرارت جي نالي ۾ ٻئي ڪنهن ڪردار جي بي عزتي يا ان جي وقار کي گهٽ ڪونهي ڪرايو، بلڪه کانئس اهڙيُون شرارتُون ڪرايُون آهن، جن مان سِڌيءَ يا اڻ سڌِيءَ طرح، پڙهندڙ سان گڏ ڪهاڻِيءَ ۾ موجُود ٻيا ڪردار به لُطف اندوز ٿين ٿا.

    ٽمُونءَ جو تعارف، هُو ٽمُونءَ جي زباني ئي اوهان لاءِ ڪهڙي سُهڻي نمُوني ٿو ڪرائي:
    “نالو ٽمون اٿم، رهندو اخبار ۾ آهيان، عمر پڇو ئي نه!!! ڇو ته مان ڪالھ به ٽمون هيس ۽ اڄ به ٽمون آهيان، باقي جيڪو منهنجون ڳالهيون لکِي اوهان تائين پهچائي ٿو، اهو اڄ ٻار ناهي، پر ڊزن کن ٻارن جو پيءُ بڻجي ويو آهي.”

    جيتوڻيڪ جبّار ۽ مُنهنجيءَ عُمر ۾ الاهي فرق آهي، پر اسان جي بي تڪلفيءَ، ورهن کان وٺي، هڪٻئي جي ويجهو رکيو آهي. جبّار هڪ محبتي، ملنسار ۽ گھڻن جو گهڻگُهرو ته آهي ئي، پر پنهنجيءَ طبيعت ۾حليم هجڻ سان گڏوگڏ هلڪو ڦُلڪو ۽ نه رُڳو پنهنجي مُک تي هر وقت مُرڪ سينگاري رکندڙ آهي، پر ان سان گڏوگڏ سندس گُفتگُو ٻين جي تفريحِ طبع جو سامان به بڻيل رهندي آهي. ان کان اڳ، جو مان “ٽمُون شرارتيءَ” جي ڪالمن جي هن مجمُوعي ۾ سندس لفظن رستي ٻارن کي ڪڍيلَ ڪتڪتائين جو ذڪر ڪريان، اوهان کي هڪ سچو واقعو ٻُڌايان، جنهن مان اوهان مان اُنهن کي جبّار جي خوش طبعيءَ جو اندازو ٿي ويندو، جيڪي ساڻس مليل ناهن.
    سال ياد ناهي... مان ڀانيان ٿو 1998ع يا 1999ع ڌاري جي ڳالهه هُوندِي... مان ۽ جبّار لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان چؤڪ جي ڀرسان، جاڙل شاهه جي درگاهه مان بندر روڊ طرف نڪرندڙ سنهي گهٽيءَ ۾ واقع اليڪٽرانڪ جي دُڪانن تان رنگين ٽيليويزن خريد ڪرڻ لاءِ مُختلف ماڊل ڏسي رهيا هُئاسين. ٽي وِي سيٽ جبّار کي وٺڻو هو، مان صرف ساڻس صلاح ثواب ۽ ڪمپنيءَ لاءِ گڏ هُئم. هڪ دڪاندارَ پنهنجو ٽِي وي سيٽ وڪڻڻ لاءِ اُن جِي ڪُوڙِي سچي واکاڻ ڪندي چيو ته: ”استاد! پڪچر ڪُوالٽي ڏسو... جهڙوڪر ماڻهُو سامهُون پيا چُرَن ڦِرَن...“ (اُن وقت ٽي وِيءَ تي ڪو فُٽ بال جو ميچ هلي رهيو هو) جبّار، بجاءِ ان جي، جو ٽي ويءَ جي دوڪاندار پاران ٽي وي سيٽ جي ڪيل ڪُوڙِيءَ سچيءَ ساراهه تي هامي ڀرَي، يا اُن کي هضم ڪرَي... کيس ٺهه پهه چيائين: “هائو اُستاد! سنڀالجان... اجهو کلاڙي ٽي ويءَ مان ٻاهر نڪري اچي تُنهنجي دُڪان ۾ ٽَپيا... يا گهٽ ۾ گهٽ اُنهن جي لتَ سان اجهو اهو فُوٽ بالُ نه تُنهنجي دُڪان ۾ اچي ڪري!”

    سندس اهو ئي بي ساختگيءَ وارو طرزِ تڪلُّم جبّار جي تحريرن ۾ به آهي... تحرير ڇا! پڙهِي ڏسو... جهڙو ڪر اوهان سان سامهُون ڳالهائي ويٺو...
    لکي ٿو:
    “اوچتو منهنجي نظر دهل وڄائَي شهر ۾ پڙهو ڏيندڙ بودي مڱڻهار تي پئي. تڪڙو وڃي بودي کي چيم ته مون کي ٽمون ڳولهي ڏي. منهنجو ايترو چوڻ ۽ بودَي جو مڇرجي پوڻ... هڪ ساهيءَ ۾ چئي ويو ته “ٽمون جي مون کي هٿ اچي به وڃي ته ڪنَ ڳاڙها ڪري الف انب، بي بدڪ وساري الف آ بي با سيکاري ڇڏيانس...... ميان ظلم ته ڏس ٻه ڀيرا منهنجو دُهل ڦاڙَي ويو آهي.
    اڇا !؟ ته چئبو ٽمون تنهنجو دهل ڦاڙي ويو آهي؟!
    “سائين رڳو دُهل ڦاڙي وڃي هان ته مڙئي خير هو، پر ٽمُون منهنجي دُهلَ کي ٻولي ئي ٻي سيکاري ويو آهي.”
    مُون کي ته هي مٿيون ٽڪرو لکيل مواد نه ٿو لڳي. جهڙوڪر هُو پاڻ اوهان سان آمهُون سامهُون ويٺو ڳالهائي. ٻوليءَ جي رواني، اُن جو عوامي هُجڻ ۽ بي ساختگي سندس هر ڪالم ـ ڪهاڻيءَ جو امتيازِي گُڻ آهي.
    هي پڙهو:
    “ٽمون ڪڻڪ جو اٽو مِلي ٿو ڇا؟ مون دوڏا ڦوٽاريندي ٽمون کان پڇيو. ها ڪڻڪ جو اٽو خيالن ۾ ملي ٿو... ٻُڌ! خيالي مِل تان خيالِي ڪڻڪ جو اٽو خيال ۾ وٺي... خيال ۾ پچائَي... خيال ۾ کائي ڇڏ.... انشاءالله هڪ ڏينهن خيال ئي خيال ۾، خيال ٿي زمين ۾ بنا ڪفن جي دفن ٿي ويندين... ڇو ته ڏُڪر کي گوڏ ٻَڌلَ نه هوندي... پر ڏُڪر اڄ ڪلهه شريف شهرِي بڻجي سُوٽ بُوٽ ۽ ڪوٽ پائي اچي ٿو... سمجهيئي وائڙن جي مسجد جا پيش امامَ!!!”

    يا ورِي ٻئي ڪالم ـ ڪهاڻيءَ جو هِي ٽڪرو پڙهي ڏسو:

    “چاچا مشاعري مان جو تُون ٽمُون کي گِـهِلَي وٺِي ويو هُئين، ان جو ڪو کڙ تيل نڪتو يا نه؟
    کڙ تيل ته مون ٽمونءَ جي رڳ رڳ مان ڪڍيو آهي باقي اڳيان به ٽمون هيو واھ ڙي ٽمون واھ تنهنجي نڪ جي پڪائي! واقعي پڻهين تو مٿان ٽمون نالو رکي دنيا جي نقشي کي چوڪنڊو بڻائي سائنسدانن کي حيرت ۾ آڻي ڇڏيو آهي.”

    جيتوڻيڪ هي ڪالم ـ ڪهاڻيُون ٻارن لاءِ آهن، پر ان ۾ ٻاراڻي زبان ۾ ڪٿي ڪٿي، ليکڪ معاشري تي اهڙي ته لطيف اندازَ ۾ طنز ڪيو آهي، جو ٻار اُن گهرائيءَ کي ڀلِي نه سمجهَي، پر بالغ پڙهندڙ اُن طنز جِي گهرائيءَ ۽ گِيرائيءَ کي سمجهي لُطف اندوز ٿئي ٿو. “ٽِمُون، تاريخَ لکڻ جي چڪرَ ۾” سري سان ڪالم ـ ڪهاڻيءَ ۾ ٽمُونءَ، جُڙتُو تاريخ نويسن کي اهڙي ئي ڳُوڙهِي چُهنڊِي هنئي آهي:

    “ٽمون جئين ئي منهنجي ويجهو آيو ته مون کيس ٻانهن کان پڪڙي پڇيومانس ته ٽمون خير ته آهي؟
    اسان جو موڊ خراب آهي. ٽمون ٻانهن ڇڏائيندي نماڻائي سان چيو. اڄ اسان پاڻيءَ ۾ ناهيون، مون سان ڊيگھه نه ڪر.
    ٽمون صاحب تنهنجي موڊ کي ڇا ٿيو؟ اهو ته مان به ڏسان پيو ته تنهنجو منهن مبارڪ ايراني ڪولر جهڙو لڳو پيو آهي.
    ڪولر هوندين تون. ٽمون چڙي پيو. نرڙ ۾ گھنج وجهندي چوڻ لڳو ته ياد رک مان جڏهن تنهنجي تاريخ لکندس، جيئن هر وڏي ماڻهو جي تاريخ لکڻ ان جو شجرو ڪنهن نه ڪنهن عرب سڳوري سان ڳنڍيو ويندو آهي، تيئن مان به تنهنجو شجرو حضرت ڪولر سان ڳنڍي ڇڏيندس.
    ٽمون اها ڳالھه مون کي سمجھ ۾ نه آئي ته منهنجو شجرو تون ڪيئن حضرت ڪولر سان ڳنڍيندين، جڏهن ته مان بنيادي سنڌي آهيان.
    بيوقوف! مان تنهنجي شجري سان اهو حشر ڪندس جو دنيا دنگ رهجي ويندي، مان تنهنجي حسب نسب کان واقف هجان يا نه! پر تنهنجو شجرو ضرور لکندس.

    تُنهنجو نالو ڇا آهي؟
    “ٽِمُون! منهنجو نالو ڦودنو خان آهي. مسٽر ڦودنو خان!”
    “ها صحيح!” ٽمون چوڻ لڳو: “مثال طور: ڦُودنو پٽ زيتون جو، زيتون پٽ انب جو، انب پٽ ٽماٽي جو، ٽماٽو پٽ مرچ جو، مرچ پٽ واڱڻ جو، واڱڻ پٽ ميهي جو ۽ ميهو پٽ مٽڪي جو، مٽڪو پٽ واٽر جو ۽ واٽر پٽ حضرت ڪولر جو.”

    اهو ٽِمُون، رُڳو شرارتي ڪونهي، پر اُن جي نظر مذاق مذاق ۾ هن معاشرَي جي اڻ برابريُن طرف به وڃي ٿي، ته عام ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتيُن طرف به... هُو بنا ٽڪيٽ سفر ڪندي ٽڪيٽ چيڪرن ۽ ريلوي پُوليس پاران ٽڪيٽ نه وٺندڙ مُسافرن کان رشوت وٺڻ جي به نشاندهي به ڪري ٿو، ته ڪينجهر جي غريب مُهاڻن جي بدحاليءَ تي به ارمان ڪري ٿو. ڪٿي ٽِمُونءَ کي اليڪشن ۾ بيهارَي اسان وٽ رائج چُونڊَ ڌانڌليُن تي ٺٺول ڪندي سماج کي آئينو ڏيکارَيو ويو آهي، ته ڪٿي غير معياري قُلفيءَ مان ٻارن جي صحت کي پهچندڙ هاڃَي جي ساڃاهه ڏئي، نه رُڳو ان ڪُڌي ڪم کي نندَيو ويو آهي، بلڪه ٻارن کي پنهنجيءَ صحت جي حوالي سان مُحتاط رهڻ ۽ پنهنجيءَ کاڌ خوراڪَ جي شيُن جي چُونڊَ جي حوالي سان به هوشيار ڪيو ويو آهي. مُختصر لفظن ۾ اهو چئجي ته هي ڪالم ـ ڪهاڻيُون نه رُڳو پنهنجي دلچسپ ۽ عام فهم ٻوليءَ ۽ مسئلن جي عواميت سبب ٻارن لاءِ تفريحَ جو باعث آهن، بلڪه چڱي ۽ لَڱي جي ساڃاهه ڏيندڙ، سنهنجن لفظن ۾، دوستاڻي اندازَ ۾ سبق ڏيندڙ (جيڪو نصيحت نه ٿو لڳي) ۽ سوجهرو ارپيندڙ ادب جو حصّو آهي، جنهن جو ٻارن جي مُثبت ذهني اوسر ۾ هڪ انتهائي ڪارائتو ڪردار نظر ايندو، جيڪو ٻارن کي چڱي ڪم لاءِ اُتساهيندو ۽ بُرائيءَ کي پري ٿيڻ جو شعُور ڏيندو. جبّار کي ٻارن لاءِ ٻارن جي ڏانءَ جو ههڙو سڪارتو ڪتاب ڏئي، سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ادب ۾ قدر لائق واڌاري تي واڌايُون هُجن.
    مُون کي ان ڳالهه جو افسوس آهي ته جبّارَ هنن ڪالم ـ ڪهاڻين کي هيترا سالَ پنهنجن پڙهندڙن کان پري ڇو رکيو، پر اُن جي باوجُود ٽِمُونءَ جي هن دير سان آمد جي آجيان ڪندَي، منجهانئس اميد رکان ٿو ته ان سلسلي جا ٻيا ڪالم به لکَي ۽ ٻارن لاءِ تخليق ٿيندڙ ادب جي اڻاٺ جي هن دؤر ۾، ان حقيقت کي مدِنظر رکندَي، ته ڪارٽُون ۽ ڪهاڻين جا ڪردار ڪڏهن به نه پوڙها ٿيندا آهن، نه مرندا آهن، تنهن ڪري ٽِمُونءَ کان اهي شرارتُون ڪرائيندو رهي ۽ جيئن هن مجمُوعي ۾ موجُود سندس مختلف ڪالم ـ ڪهاڻيُن جا عُنوانَ ڌارَ ڌارَ آهن، تيئن ڌار ڌار موضُوعن سان، هر سال ـ ٻن سالن جي وٿِيءَ سان ڪتاب آڻيندو رهي. مان سمجهان ٿو ته سندس مُنفرد تحرير جو مُنفرد انداز هن سِيريز کي ٻارڙن جي پسنديده سيريز بڻائي سگهي ٿو، جنهن جي هڪ ڪتاب اچڻ کان پوءِ ٻالڪ توڙي بالغ پڙهندڙن کي ان سلسلي جي ايندڙ ڪڙِيءَ جو انتظار رهي، بلڪه جبّار “آزاد”، ٽِمُونءَ تي ٻارن لاءِ هڪ ڪامياب ناول به لکي سگهي ٿو، جنهن لاءِ کيس ڪوشش ضرُور ڪرڻ گهرجي.

    ٽمُونءَ لاءِ دُعا، ته: “الله ڪري زورِ شرارت اور زياده!”
    ٽمُونءَ جي ليکڪ لاءِ دُعا، ته: “الله ڪري زورِ قلم اور زياده!” (آمين!)

    ياسرقاضِي
    ”منزلِ مقصُود“
    مورڙَي جو شهر ـ ڪراچي
    22هين ڊسمبر 2018ع
    8 ماگهه 2075 سنبت
    جمادي الاوّل 1440 هجرِيءَ جي چنڊ جي 15هين رات
    سُومر ۽ اڱاري جي وچ وارِي رات


      منصور جي مَنَ جي ڳالهه

    جبار آزاد منگي جو ٻاراڻو ڪتاب ”ٽمون شرارتي“ پڙهندي 1986ع جو وقت ياد اچي ويو. نصيرآباد جي دوستن سان گڏجي ”لطيف پبليڪيشن“ قائم ڪئي هئي، پهريون ڪتاب ”روشني“ شايع ڪيو هو. روزانو رات جو جبار آزاد منگي سان گڏجي آيل مواد مان ڪهاڻيون، شاعري چونڊ ڪري هٿ سان لکندا هئاسين. ڪتاب روشني جي خطاطي جبار آزاد منگي ڪئي، ان وقت به جبار آزاد منگي جي اندر منجھه شرارتي ٻار هيو، شايد اهو شرارتي ٻار ”ٽمون” هيو.
    جبار آزاد منگي جي ڪتاب ”ٽمون شرارتي” جو مرڪزي ڪردار ٽمون جيڪو اکر ”ش“ (شرارت) کان اڻ واقف هوندي به اهڙيون شرارتون ڪري ٿو، جو پڙهندڙن کي ٽهڪ ڏياري ٿو. ٽمون جنهن معاشري ۾ رهي ٿو، ان جي آس پاس اهڙا ڪردار گذرن ٿا، جيڪي معاشري ۾ ناسور ۽ تباهي جا ڪارڻ آهن، انهن کي مزاح جي انداز ۾ چٽو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، ان سان گڏ سڄاڳيءَ وارو سڏ پڻ ڏئي ٿو. سرڪاري اسڪول ۾ گوسڙو استاد جي ڪردار کي وائکو ڪرڻ، ڪاپي ڪلچر سان تعليم جي تباهي تي ٽمون جي ٽوڪ ۽ ٺٺول ڪرڻ جو انداز حقيقت وارو آهي. ٽمون جون شرارتون ڄڻ نصيحتون آهن.
    جبار آزاد منگي ٽمون شرارتي کي مختلف ڪردارن ۾ وڏيءَ مهارت سان ڏيکاريو آهي. اهڙن ٻارن جا ٻوت پاروٿي واڱڻ جهڙا ٿي ويندا آهن، جيڪي ڪاپي ڪرڻ جي آسري امتحان ڏيڻ ايندا آهن. اميرن جي ٻارن کي هڪ ڏينهن اڳواٽ پيپر ڏيڻ ڪُڌي ڪم جو ذڪر ۽ غريبن جي هوشيار ٻارن سان ٿيندڙ ويڌن ۽ نا انصافين جو نقشو به چٽيو آهي.
    ٽمون شرارتي هڪ ”تنقيد نگار“ وارو ڪردار به ادا ڪري ٿو. هن کي تاريخ (History) جي لفظ تي ڪاوڙ آهي. ”ٽمون تاريخ لکڻ جي چڪر ۾” کريون ڳالهيون ڪيون آهن.“يار ڦودنا! اڄ ڏينهن تائين جيڪا تاريخ ٻارن کي پڙهائي وڃي ٿي، سا صحيح يعنٰي درست ڪونه آهي. مان اهڙي “تاريخ” لکندس، جنهن ۾ نج سچُ هوندو ۽ ها! ڪوڙي تاريخ لکندڙن جي مٿي ۾ ڌوڙ اُڏامندي ڏسندين ۽ انهن جي ٽِڪڻ تي واريءَ جا دڙا ٺهندين ڏسندين.“اڪثر ماڻهو پاڻ کي ”عرب نسل“ سان ملائين ۽ سڏائين ٿا، وري وڏو فخر ڪندا آهن، تون پهريون آهين جو عرب نسل جو نٿو سڏائين، پر موهن جي مٽي جو ٻڌائين ٿو.
    جبار آزاد منگي ٽمونءَ جي ڪردار کي ڪتاب جي هر عنوان ۾ مختلف ڏيکاريو آهي. ٽمون شرارت سان گڏ ڪانه ڪا اهڙي ڳالهه ڪري ٿو، جا سچ پچ سورنهن آنا سچ آهي. ٽمون کي غريب ٻار سان پيار ۽ انهن جي حالت تي ڏک به ٿئي ٿو، هن کي گھڻو ڏکُ مهاڻي جي ٻارن جو ٿيو، جڏهن ڪينجهر جي ڪناري تي مهاڻن جي ٻارن کي ڏٺو هئائين.
    ڇا مهاڻن جا ٻار چڱا ڪپڙا پائي نه ٿا سگهن؟
    اُهي سٺي تعليم پرائي نه ٿا سگهن؟
    ٽمون ٻيا به سوال معاشري ۾ رهندڙ سجاڳ ماڻهن کان پڇي ٿو، ٽمون جو، ذهن اليڪشن جي قانون ۽ ضابطن بابت به سوال ڪري ٿو ۽ ان جي تبديلي يعنٰي بدلائڻ جي حق ۾ آهي.
    “اليڪشن جي قانون ۾ عام ماڻهو يعنٰي غريب ماڻهو کي بيهڻ جو حق نه آهي، اهو صرف مفت جو مال ميڙيندڙن کي مليل آهي، جيڪي مختلف هيلن، بهانن سان مسڪين عوام جو رت ڄؤر وانگر چوسين ٿا. ان قانون کي بدلائيندس.
    جبار آزاد منگي ٽمون جي ڪردار کي سٺي نموني سان نڀايو آهي، کيس ”ٽمون شرارتي“ ڪتاب لکڻ تي واڌايون ڏجن ٿيون.

    منصور ٿلهو
    08 جنوري 2019ع


      ٽمون حاضر آهي

    پيارا ٻارو! اوهان جي صفحي “جاڳو ٻارڙا” جي انچارج اوهان لاءِ ٽمون شرارتي جو سلسلو شروع ڪرڻ جو حڪم ڪيو ته، ڄڻ مون کي هڪ نئين امتحان ۾ وجهي ڇڏيو. ڇو ته ٽمون کي ڳولهڻ ايڏو ڏکيو ڪم آهي جو ڳالھ ئي نه پڇو. اوهان پيارن ٻارن جي ڪري صفحي جي انچارج کي انڪار نه ڪري سگهيس...... بس ٽمون کي ڳولهڻ لاءِ شهر جي گھٽي گھٽي ماپيم، پر ٽمون ڪٿي به نظر نه آيو. مختلف پاڙن جي مسجدن مان لائوڊن وسيلي اعلان ڪرايم، پر ٽمون ائين گم، جيئن گڏھ جا سڱ، ڏاڍو ٿڪجي پيم، پر ٽمون جي ڪا خبر نه چار.............. اوچتو منهنجي نظر دهل وڄائي شهر ۾ پڙهو ڏيندڙ بودي مڱڻهار تي پئي. تڪڙو وڃي بودي کي چيم ته مون کي ٽمون ڳولي ڏي. منهنجو ايترو چوڻ ۽ بودي جو مڇرجي پوڻ. هڪ ساهيءَ ۾ چئي ويو ته “ٽمون! جي مون کي هٿ اچي به وڃي ته ان جا ڪنَ ڳاڙها ڪري الف انب، بي بدڪ وساري الف آ بي با جا ٽئي سُرَ سيکاري ڇڏيانس...... ميان ظلم ته ڏس ٻه ڀيرا منهنجو دهل ڦاڙي ويو آهي.
    اڇا !؟ ته چئبو ٽمون تنهنجو دهل ڦاڙي ويو آهي؟!
    “سائين رڳو دهل ڦاڙي وڃي هان ته مڙئي خير هو، پر ٽمون منهنجي دهل کي ٻولي ئي ٻي سيکاري ويو آهي.
    اهو ڪيئن چاچا بودا؟
    “سائين خبر ناهي ته ٽمون دهل کي الائي جي ڪهڙيون ٻوليون سيکاري ويو ، خوشي جي ڌن هجي، ڏک جي اعلان واري ڌن !، جنهن لاءِ ٿو وڄايانس، ته هڪ پاسو ٿو چئي “مرض وڌايو” ٻيو ورندي ٿو ڏيس ته ”خلق کُٽايو“. هي دهل! دهل نه ٿيو، ڄڻ پنهنجي ملڪ جي ٽي وي هجي !! جنهن جي ڳچيءَ ۾ ان جو نعرو! ست ڏينهن اڳ دهل هڻي مارايو هيو.
    اهو ڪيئن!؟
    هفتو اڳ گم ٿي ويل ٻَڪريءَ جو اعلان ڪرڻ لاءِ جنهن روڊ تي تمام گھڻا ڊاڪٽر آهن، پڙهي ڏيڻ لاءِ دهل وڄائڻ لڳس ته بس منٽ ئي ٽي گذريا، سڀ ڊاڪٽر پنهنجي اوزارن سميت مون مٿان اچي ڪڙڪيا، ڪنهن دهل ڳچيءَ مان ڪڍي ورتو، ڪنهن ٻانهن ۾ هڪڙي ڦوڪڻ واري مشين چنبڙائي، مشين کي ڦوڪڻ شروع ڪيو. هڪ ڊاڪٽر ته مورڳو منهنجو ڪاڪڙو ٿي ڪڍيو! نه ڪيائين هم نه تم، بخار چيڪ ڪرڻ وارو ٿرماميٽر سڄو وات ۾ وجهي، کڻي ٽڪڻ تي مُڪ وهائي ڪڍيائين.......... منهنجو وات بند........ هڪ ڊاڪٽر جو ايترو آواز ٻڌم ته ”تون ڊاڪٽرن جي دهل وسيلي ڦشري ٿو ڪرين“....... پوءِ ماڻهو چون ٿا ته توکي به ڊاڪٽرن سيون هڻي سمهاري ڇڏيو......... ماڻهو!اها به ماڻهو ڳالھ ڪن پيا ته اڄ انهيءَ واقعي کي ستون ڏينهن آهي ۽ تون اڄ ئي ننڊ مان اٿيو آهين!....... بس جيئن ئي اٿيو آهيان، مان پاڻ ٽمونءَ کي ڳولڻ لڳو آهيان. جنهن منهنجي دهل جي ٻولي مٽائي ڇڏي آهي. مون کان اڳ جي توکي ملي وڃي ته هٿيڪو ڪجانس، هڙ ڪسرون ڪڍندومانس.”
    ائين چئي بودو مڱڻهار دهل ڳچيءَ ۾ لڙڪائيندو اڳتي وڌي ويو. آءُ سوچ ۾ پئجي ويس ته آخر ٽمونءَ کي ڪيئن هٿ ڪجي؟ اوچتو منهنجي پويان ڪنهن ٻلي وانگر آواز ڪڍيو.....جان کڻي ڏسان ته ٽمون!! منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي.... ٽمون ڀلي آئين، پر منهنجي ڀرسان بيهي ميائون ميائون ڇو ٿي ڪيئي؟
    توهان جهڙن کي سوچن مان ڪڍڻ لاءِ اسان جهڙن کي ميائون ميائون ڪرڻي پوندي آهي. ڪر خبر اعلان ڇو پئي ڪرايئي.......
    ٽمون توکي ٻارڙا ڏاڍو ياد ڪري رهيا آهن.
    ڇڏ ٻارڙن کي، ٻار سدائين ياد ڪندا رهندا، پر اهو ته ٻڌاءِ چاچو بودو مڱڻهار ته نه مليو اٿئي.
    ها ٽمون هو هتان هاڻي هاڻي ويو آهي...... پر تون هُن غريب جي دهل کي ڪهڙي ٻولي سيکاري آهي؟
    اڃا ڳالھ ڪٿي آ، مزو ته حج واري عيد تي ٿيندو.
    اهو ڪيئن ٽمون؟
    چاچو بودو جيڪو عيد واري ڏينهن عيدگاھ جي در جي ٻاهران دهل وڃائيندو آهي نه!؟ ان جو هڪ پاسو چوندو آهي “ڏئي وڃ بابا” ٻيو ورندي ڏيندو آهي ”پنج رپيا بابا“ خبر اٿئي ان دهل کي ڇا سيکاري آيو آهيان؟
    نه، مون کي ناهي خبر، تون ئي ٻڌاءِ.
    عيد جي ڏينهن چاچو بودو جڏهن دهل ڳچيءَ ۾ وجهي عيدگاھ جي در اڳيان وڄائيندو ته هڪڙُ پاسو چوندو “اسان تي جاڻان” ٻيو چوندو “بلو دي گهر”
    ٽمون! چئبو تون اڃا شرارتون ڪرڻ کان نٿو مڙين؟
    تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو ته مان شرارت جي “ش” کان به واقف ناهيان، اهو مون تي سراسر الزام آهي.
    اهو ته صاف ظاهر آهي.............. ٽمون تون ٻڌاءِ ته هيترا سال ڪاڏي گم ٿي ويو هئين.
    پاڏي جي پٺيءَ تي چڙهي دنيا جو سير ڪرڻ ويو هيس، ملڪ ڇڏي سمنڊ ۾ ڪڇون ٿي رهڻ لڳو هيس؟ هن ئي شهر ۾ هيس ڀائو..... ڪم پئي ته ٽمون حاضر، ٽمون کي ڳولھ ڳولهان، ڪم لٿو ته ٽمون نظر ئي نه اچي.... واھ ادا واھ...... حڪم ڪريو ٽمون حاضر آهي.
    ٽمون ٻارن کي پهريون پنهنجو تعارف ڪراءِ.
    نالو ٽمون اٿم، رهندو اخبار ۾ آهيان، عمر پڇيو ئي نه ڇو ته مان ڪالھ به ٽمون هيس ۽ اڄ به ٽمون آهيان، باقي جيڪو منهنجون ڳالهيون لکي اوهان تائين پهچائي ٿو، اهو اڄ ٻار ناهي، پر ڊزن کن ٻارن جو پيءُ بڻجي ويو آهي. منهنجي تعليم............. تعليم...... تعليم.
    پيارا ٻارو ٽمون گهاري پيل رڪارڊ وانگر تعليم تي بيهي رهيو ۽ هن جو اکيون روڊ ۾ ڄمي ويون ......... ٽمون تڪڙ ڪندي چيو ته مان رکانءِ ٿو پيرن تي زور، چاچو بودو مڱڻهار اچي پيو.
    ٽمون ٻارن کي ڪجھ ٻڌايون ته وڃ.
    “ماڻهو ٿيءُ! ماچيس جي تيلي نه ٿيءُ. ڏسين نٿو ته سامهون چاچو بودو پيو اچي” ائين چئي ٽمون پيرن تي زور رکيو.
    پيارا ٻارو! ٽمون ائين چئي غليل مان نڪتل غليلي وانگر هوا ۾ اڏامندو ويو ۽ پويان چاچو بودو دهل وڄائي لڙڪندو ڀڄندو ويو۽ ٽمون ٽپن مٿان ٽپا ڏيندو اکين اڳيان گم ٿي ويو.


    خميس 13 مارچ 1997ع


      ٽمون جو تعارف

    پيارا ٻارو! ٽمون اخبار واري اسٽال تي مفت ۾ اخبار پڙهندي ملي ويو، ٽمون کي واعدو ياد ڏياريندي چيو ته “ٽمون تو گذريل هفتي ٻارن سان واعدو ڪيو هيو ته، تون ٻارن کي پنهنجو مڪمل تعارف ڪرائيندين.”
    ٽمون نرڙ ۾ گهنج وجهندي ۽ هلڪي مرڪ مرڪندي چيو ته مفت جي اخبار پڙهڻ ڏي ۽ توکي خبر آهي ته مفت جي اخبار پڙهڻ ۾ ڪيترو مزو آهي.
    اهو ته ٺيڪ آهي ٽمون پر ٻار تنهنجو انتظار ڪندا هوندا.
    تون ائين نه مڙندين؟! ٽمون اخبار واري کي اخبار واپس ڪندي تاڪيد ڪيو ته ڀائو اها اخبار ايسيتائين نه کپائجان جيسيتائين مان موٽي اچان، ڇو ته مون اڃا پوري اخبار پڙهي ناهي.
    ٽمون اها ته ڏاڍائي چئبي جو اسٽال واري کي اخبار کپائڻ نٿو ڏين يعني هڪ مفت جي ماني ٻيو مکڻ سان مکيل ملي.
    تون نٿو ڄاڻين ته هتي مفت کور ئي مکيل مانيون کائيندا آهن، تون اڃا ٻار آهين، وڃ وڃي ڪنهن پرائمري اسڪول ۾ داخلا وٺ ته مفت جي مال جو مزو ماڻين سگهين. ٽمون مون کي سمجهائيندي چيو.
    ٺيڪ آ ٽمون مان جلد پرائمري اسڪول ۾ داخلا وٺندس...... پر هاڻي هلي ٿا باغ ۾ ڪچهري ڪيون.
    ٽمون ۽ مان ڀر واري باغ جي ڇٻر تي ويهي رهياسين، مون ٽمون کي گھڻن ايلازن منٿن کان پوءِ پنهنجو تعارف ڪرائڻ لاءِ راضي ٿي ويو.
    ٽمون صاحب اوهان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو.
    آءُ پنهنجو نالو اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيان. مون “چُپ” هاءِ اسڪول مان “ڌپ” تي مئٽرڪ فيل ٿيندي ٿيندي ٻن مارڪن تي پاس ڪئي آهي. ٽمون وڏي فخر سان جواب ڏنو.
    ٽمون!! “چُپ” هاءِ اسڪول ۽ “ڌپ” تي مئٽرڪ، اها ڳالھ مون کي سمجھ ۾ اصل نه آئي اٿئي.
    ٽمون مشڪندي وراڻيو“ هونءَ به توکي اڄ تائين سواءِ ماني کائڻ جي ٻيو ڪو سمجھ ۾ آيو ڇا آهي؟ ٻڌ جتي جتي گورنمينٽ لفظ اچي، اتي سمجھ “چُپ” آهي، مثال سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪرڻ کان چُپ، سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائڻ کان چُپ، ڇو ته شام جو ماسترن جو ٽيوشن ۾ چُپ جو روزو کلندو آهي. مطلب ته سرڪار معني چُپ آهي. ان ڪري مون سرڪاري هاءِ اسڪول جو نالو چُپ هاءِ اسڪول رکيو آهي ۽ اها توکي به خبر آهي ته ٽيوشن جي آڙ ۾ تعليم جو فرض ماستر وڏي ايمانداري سان ادا ڪري رهيا آهن، جيئن ته مان غريب آهيان ٽيوشن جي فيس نه ٿي ڀري سگهيس، پر هڪ اٽڪل ڪيم جو پاڻ وارو استاد جنهن جاءِ ۾ شام جو ٻارن کي ٽيوشن پڙهائيندو هيو ان جاءِ جي ڀت پويان بيهي استاد جو ٻين ٻارن کي ڏنل سبق ياد ڪري پاس ٿيو آهيان.
    ٽمون اوهان ادب جي ميدان ۾ پير ڪيئن رکيو؟
    “ادب جي ميدان ۾ پير نه پر سڄي ساري ڄنگھ رکي ڇڏي آهي، اهو ائين ٿيو جو هڪ ڏينهن ٻه مهينا پراڻي اخبار هٿن ۾ جهلي گهٽيءَ ۾ پڙهندو پئي ويس، ته اوچتو هڪ شخص سان ٽڪر ٿي پيو، ان شخص نه ڪئي هم نه ڪئي تم ڪن کان جهلي ٻه ٽي لپاٽون وهائي ڪڍيون، انڌا هلندي اخبار پڙهبي آهي ڇا؟ هڻي منهنجي ٽيڙو جي سٽ کي ٽيڏو ڪري رکيئي.” ٽمون جواب ڏنو
    اڇا ته اهو شخص شاعر هيو؟
    ٽمون: ها! هو پاڻ به ڪو بندي هٿ ۾ جهلي شعر لکندو پئي آيو؟
    پوءِ ڇا ٿيو ٽمون؟
    “ لپاٽ لڳڻ کان پوءِ اهو حشر ٿيو جو اکين اڳيان اوندھ اچي وئي، ڪنن تي تاڙيون لڳي ويون، نڪ جي سڌائي تي وٺي ڊوڙيم، هوش جو آيو ته ڏسان ته ادب جي ميدان ۾ بيٺو آهيان، پنهنجو پاڻ کي سمجهايم ته ٽمون ادب جي ميدان ۾ سڄي جو سڄو بيهڻ بيوقوفي آهي ان لاءِ ادب جي ميدان ۾ صرف ڄنگھ رکي باقي جان بچائي ورتي اٿم”.
    ٽمون صاحب توهان اهو ٻڌائڻ گهرندا ته اوهان کي ڪهڙا اديب پسند ناهن؟
    “ اهي اديب جيڪي ٻارن لاءِ ناهن لکندا، ڇو ته اهي وڏا اديب هوندا آهن ۽ جيڪي وڏا هوندا آهن انهن جي ڪلهن تي وڏا بار هوندا آهن ۽ جن تي وڏا بار هوندا آهن، اهي جلد پوڙها ٿي ويندا آهن ۽ جيڪي جلد پوڙها ٿي ويندا آهن اهي چيڙاڪ ٿي پوندا آهن ۽ جيڪي چيڙاڪ ٿي پوندا آهن، اهي گاريون ڏيندا آهن ۽ جيڪي گاريون ڏيندا آهن، تن سان ٻار شرارتون ڪندا آهن ۽ جن سان ٻار شرارتون ڪندا آهن اهي اديب ٻارن لاءِ ناهن لکندا.
    ٽمون پوءِ به توکي ڪهڙا شاعر ۽ اديب وڻندا آهن؟
    “ زور ڀرين ٿو ته ٻڌ. مون کي شاعري ۾ سوَڙِ جهڙو سهڻو شاعر ولو وات پٽيو وڻندو آهي، ادب ۾ رليءَ ۾ گھڙي ليٿڙيون پائيندڙ دوسو داداگير ۽ ڊرامن جي لکندڙن ۾ ٻٻر جي ڇوڏي جهڙو بدشڪلو بدن بيوفا وڻندا آهن.
    ٽمون اوهان جو بُرج ڪهڙو آهي؟
    “ريل جي انجڻ.” ٽمون تڪڙ ۾ چئي ڇڏيو.
    ريل جي انجڻ !!؟ مون اهو بُرج مون اڄ ٻڌو آهي ! ٽمون کان سوال ڪيو.
    ها! اهو تيرنهون برج آهي ۽ اها ڳالھ توکي سمجھ ۾ نه ايندي ڇو ته تون اڃا ٻارن لاءِ لکين ٿو ۽ جيڪي ٻارن لاءِ لکندا آهن اهي تيرنهين برج کان اڻ واقف هوندا آهن”.
    ٽمون اوهان کي ڪهڙو کاڌو پسند آهي؟
    “ جيڪو پرائي گهر مان اچي، اهو پسند آهي، پوءِ اهو کڻي ڪيڏو به پاروٿو ڇو نه هجي”.
    اوهان جو مشغلو ڪهڙو آهي؟
    “ پراوا دهل ڦاڙي، انهن کي ٻولي سيکارڻ! ڏاڏي جي چانھ ۾ لوڻ وجهي ڀڄي وڃڻ، ٻارن کي سائيڪل سيکارڻ جي بهاني سڄو ڏينهن پاڻ سائيڪل وهائڻ ۽ مامي جي ڪڪڙين جا آنا کڻي کائڻ.”
    مطلب ته سڄو ڏينهن شرارتون ڪرڻ تنهنجو مشغلو آهي؟
    “ ڪمال آ! وري به شرارت جو لفظ ڪتب آڻي، تو منهنجي جذبن کي جاڳائي ڇڏيو آهي. توکي خبر به آهي ته مان شرارت جي “ش” کان به واقف ناهيان...... بس هاڻ هتي هڪ گھڙي به نه ويهندس.”
    پيارا ٻارو! ائين چئي ٽمون اٿي هليو ويو، اوهان فڪر نه ڪريو ٽمون وري ايندو اوهان سان شرارتون کڻي اچي ملندو. بس هو هينئر مفت جي اخبار پڙهڻ ويو آهي.


    خميس 20 مارچ 1997ع


      ٽمون جو ڀَت تي ڇاپو

    ٽمون ڏاند جي رنڀ وانگي اوڳرائي ڏيندي آفيس ۾ داخل ٿيو، ڪرسي تي ويهندي چيائين “وارو ڪر ٻه چار ٿڌي پاڻي جا گلاس ته گهرائي وٺ، ته پي اندر کي ٺاريان” ٽمون ايترو چئي ڪرسي تي ڪنڌ لاڙي ڇڏيو.
    ٽمون خير ته آهي؟ ڪنهن ڊوڙايو اٿئي ڇا!؟
    ڊواڙايو ڪنهن به ڪونهي، دراصل اڄ اهڙو ۽ ايترو ڀَت کائي آيو آهيان جو ڳالھ ئي نه پڇ...... جيڪڏهن ڪو پيٽ ۾ گهڙي ڀَت کي لتاڙي هان ته جيڪر ٻه چار پليٽون ٻيون به کائي اچان ها! پر افسوس جو ڪوبه اهڙو ماڻهو نه مليو، جيڪو منهنجي پيٽ ۾ گھڙي ڀَت لتاڙي، ان جي چوٽي ڊاهي ها ته مان به ڀَت کي لتاڙي لتاڙي کانوان هان!.
    ٽمون ڀَت برابر پرائو هوندو پر پيٽ ته پنهنجو هيئي؟! هروڀرو ايڏي هٻڇ ڪري نه کائبو آهي ڇو ته هٻڇي ٻار سٺا ناهن ٿيندا.
    تون برابر سچ ٿو چوين، پر ڀَت تي بندش لڳي وئي آهي، ان ڪري آخري ڀيرو شادي جو ڀَت کائي تو وٽ آيو آهيان، خبر اٿئي شادي جو ڀَت ڪٿي کاڌو اٿم؟
    ٽمون پڪ تون پاڙي واري ڊاڪٽر اُٿ ويھ جي ڀاءُ جي شادي جو ڀَت کائي آيو هوندين.
    نڪو تون بلڪل غلط سمجهيو آهي، پاڙي وارو ڊاڪٽر اُٿ ويھ ڪنجوس ابن ڪنجوس آهي........ توکي خبر ناهي ته هو پاڻ پرائي گھر مان ايندڙ گوشت جي داڳ جي ڌپ تي ٽي مانيون رکيون کائي ويندو آهي، اهو ڪيئن ٻين کي ڀَت کارائيندو.
    پوءِ ٽمون تون ئي ٻڌاءِ ته تو شادي جو ڀَت ڪٿي کاڌو؟
    ٿاڻي ۾ ڀَت کاڌو اٿم. ها ٿاڻي ۾ ڀَت!!!.
    چئبو ته ڀَت تي بندش کان اڳ ۾ ٿاڻي جي ڪنوارن سپاهين به شادي ڪري ورتي ڇا؟
    ائين به ڪونهي. ٽمون اک ڇنڀندي چيو.
    جي ائين به ڪونهي ، ته تون ئي ٻڌاءِ ته تو ٿاڻي ۾ ڀَت ڪيئن کاڌو.
    ٻڌ مون وارو مامو آهي نه!؟ سٽو فقير!؟ جيڪو نالي ۾ فقير آهي، پر آهي ڦڪڙي. ٽمون ڳالھ ٻڌائڻ شروع ڪئي.
    ها ها جيڪو جهڙپ پور پوليس ٿاڻي ۾ صوبيدار آهي.
    ها اهيو مون وارو مامو.....اڄ اهو ڀَت کارايو اٿئين جو وڃي ٿيا سڳداسين جا خير.
    ٽمون ڀلا سڳداسين جا خير ڇو؟
    ان لاءِ جو ڀَت باسپتي چانورن ۾ رڌل هيو سڳداسي ٽمون جي پيٽ ۾ داخل ٿيڻ کان بچي ويا.
    ٽمون ڀلا ڀَت قيدين کي کارائڻ لاءِ ٿاڻي ۾ پڇرايو ويو هئو ڇا؟
    صفا ڀوڪ آهين اهڙا بيوقوف پوليس وارا ٿورئي آهن، جو ڀَت قيدين کي کارائين. دراصل مون واري مامي ٿاڻي جي سپاهين کي چيو ته حد ۾ وڃو ۽ وڃي ڏسو ته حد ۾ ڪنهن غير قانوني ڀَت ته ناهي رڌيو، بس پوءِ سپاهين جا وارا نيارا ٿي ويا. هڪ ڪلاڪ کانپوءِ پوريون ٽيھ عدد ديڳيون ڀَت سان ڀريل ٿاڻي ۾ موجود هيون ۽ هڪ عدد گھوٽ لاڪپ جو سينگار بڻجي چڪو هيو ۽ ان وقت مون به ڀَت جي مٿان اوچتو ڇاپو هنيو.
    پوءِ ڇا ٿيو ٽمون؟!
    وچ ۾ نه ڳالهائيندو ڪر..... اها عادت خراب آهي، ٻڌ پوءِ مون واري مامي سپاهين کان تفصيل پڇيا هڪ سپاهي مون واري مامي صوبيدار کي چيو ته پنج زردي ۽ پندرنهن برياني جون ديڳيون وڏيري وليداد جون آهن جيڪو پٽ جي شادي ڪري رهيو آهي.
    اڙي نڀاڳا وڏيري وليداد جون ڀَت جون ديڳيون کڻي ڇو آيا آهيو؟ خبر توهان کي ناهي؟ ته هو خرچي پاڻي ڏئي ڀَت چاڙهڻ جي اجازت وٺي ويو آهي، سو وڃو ۽ گڏھ گاڏي تي ويھ ئي ديڳيون وڏيري وليداد کي موٽائي ڏئي اچو. مون واري مامي سٽو فقير سپاهين کي حڪم ڏيندي چيو. باقي ڀَت جون ديڳيون ڪنهن جون آهن؟
    ٽمون اهي به ڪنهن امير جي پٽ جي شادي جون هونديون.
    نه بلڪل نه انهن ڀَت جي ديڳين مان ٻه اهڙيون به ديڳيون هيون جيڪي خيرات جون هيون. الله جي نالي خيرات جون......... ۽ مامي سٽو فقير في ديڳ جي عيوض سئو سئو رپيا رشوت وٺي ٻئي ديڳيون خيرات ڪندڙ کي موٽائي ڏنيون، باقي اٺ ديڳين وارو همراھ هڪ ماستر هيو جيڪو شادي ڪري رهيو هيو...... ۽شادي کان اڳ لاڪپ جي سونهن بڻجي ويو ڇو ته هِن غيرقانوني ڀَت رنڌرايو هيو.
    ها واقعي ٽمون غير قانوني نموني سان ڇو ته ان گھوٽ تنهنجي مامي جي خدمت ۾ روڪڙا نه رکيا هوندا تڏهن لاڪپ ۾ واڙيو ويو.
    نه نه اهو گھوٽ مامي سٽو فقير کي ٽي هزار روپيا ڏئي پنهنجي صرف جان ڇڏائي هليو ويو مامي ڀَت اصل نه ڏنس.
    ٽمون! ٻڌ تو واري مامي سراسر غير قانوني ڪم ڪيو آهي. ڇو ته مئجسٽريٽ کي ڀَت خلاف قدم کڻڻ جو اختيار آهي نه ڪي ڪنهن ٿاڻي جي صوبيدار يا سپاهي کي.
    اهي ٻاراڻيون ڳالهيون نه ڪندو ڪر. هتي سڀ اختيار ٿاڻي جي صوبيدار کي مليل آهن. ان کان ڪو به پڇن وارو نه هوندو آهي، اهي ڏوڪڙ ڏيئي سڻڀو ٿاڻو وٺندا آهن.
    ها اهيو ته برابر آهي ٽمون .......... خير اهيو ٻڌاءِ پوءِ ڀَت جو ڇا ٿيو؟
    بس مامي سٽو فقير ٻه ديڳيون سپاهين ۾ ورهائيندي چيو ته اڄ اوهان ٿاڻي جا سڀئي عملدار ڀَت کائي ويلو بچايو، باقي ڇھ ديڳيون منهنجي گهر کڻائي هلو ڇو ته مون کي پنهنجي پٽ جو طوهر ڪرائڻ لاءِ قانون جو احترام ڪندي ڀَت ناهي پچرائڻو، بهرحال هي ديڳيون اتي يعني منهنجي آيل مهمانن ۽ مائٽن ۾ ورهائي اچو بس پوءِ ته منهنجا وارا نيارا ٿي ويا...... مهمانن جي بهاني پليٽون وٺندو پنهنجي پيٽ ۾ داخل ڪندو ويس.
    ۽ مهمان؟
    ڳالھ نه پڇ ۽ مهمان گرڙيون ڪيون، ڀَت جي آسري کٽ تي ويٺا. رهيا.
    هون! چئبو ته مهمانن جو ڀَت به کائي آيو آهين؟ ڀَت کائڻ مهل به نه مڙئين؟!
    ڇا کان نه مڙيس ڀائو.......؟
    شرارت کان ٻيو!؟
    ڪمال آ توکي سدائين شرارت جي! گھڻا دفعا چيو اٿمائين ته ٽمون شرارتي شرارت جي “ش” کان به واقف ناهي.
    بس مان هلان ٿو.
    پر ڪيڏانهن پيو وڃين؟
    تو وٽ پاڻي پيتم ، تو وارو پاڻي وڏو هاضميدار آهي، پڪ سان رائيس ڪئينال جو پاڻي هوندو، جو پيئڻ سان پيٽ ۾ ڀَت جي چوٽي ڊهي پئي آهي، هاڻي ٻيهر وڃان ٿو ۽ کانوان ٿو وڃي ڀَت کي.... چڱو! کائي کائي بچياسين ته وري ملنداسين..... نه ته گهوري جان ڀَت جي ديڳين مٿان. جاڏي پير مڙئي ڀَت جوخير.
    او ٽمون ! ٻڌ رائيس ڪئنال ۾ هاڻي گندو ۽ بدبودار پاڻي ٻارنهن مهينا ئي پوندو رهندو آهي، سو اهو پاڻي هاضمو گهٽ پر بيمار وڌيڪ ڪري ٿو.
    پيارا ٻارو! منهنجي انهيءَ جملي کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، ٽمون ٻيهر ڀَت سان جنگ ڪرڻ لاءِ هٿيار اُڀا ڪري پنهنجي مامي سٽو فقير جي گھر هليو ويو.
    ( پيارا ٻارؤ! نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ شادي جي ڀت تي بندش هنئي ويئي هئي.)

    خميس 27 مارچ 1997ع


    ٽمون ۽ ناني ناس واري

    ڪمال آهي! ڪڏهن کان جهاز خان! جج بڻجي ٽمون کي سزا لاءِ سوچي رهيو آهي؟ ٽمون روزانه “دون وارو ٺونشو” اخبار منهنجي اڳيان رکندي چيو. ڇا ان جهازخان کي خبر ناهي ته ٽمون جڏهن ڪاوڙ ۾ ايندو آهي ته جهازن جي پيرن کي ڦاڙي جهازن جا نقشا مٽائي، جهازن کي راڪيٽ بڻائي ڇڏيندو آهي، ڇا اهو جهاز خان ناهي سمجهي سگهيو، جنهن مون تي پنهنجي نانيءَ جي نسوار جي دٻي چورائڻ جهڙو سنگين الزام هڻي، ٽمون جي جوش کي جاڳائي وڌو آهي. آءُ ان جهاز خان کي راڪيٽ خان ضرور بڻائيندس.
    ٽمون ڪاوڙ ڍري ڪر. ڪاوڙ چڱي ناهي. مون اخبار ڏسندي ٽمون کي چيو ته ٽمون تون جهاز خان کي راڪيٽ خان بنائڻ ٿو گهرين!؟ اهو خود اڳ ئي راڪيٽ خان لڳو پيو آهي. ان جو نالو ئي راڪيٽ خان آهي.
    وڃ بچي ويو! ٽمون افسوس ڪندي چيو ته ان راڪيٽ خان جا ڏند گدامڙي کارائي کارائي اهڙا کٽا ڪري ڇڏيان ها جو هو ڪڏهن به قلفي کائي نه سگهي ها.
    پر ٽمون هُن جيڪو توتي الزام هنيو آهي ته تو راڪيٽ خان جي ناني جي نسوار واري دٻي چورائي آهي، ان ۾ ڪيتري سچائي آهي.
    اهو راڪيٽ خان ڀليل آهي هن پنهنجي ناني جو شايد وات چڱيءَ طرح ناهي ڏٺو، جي ڏسي ها ته اهڙو الزام اصل نه هڻي ها.... ڇو ته هن جي ناني جي وات ۾ هڪڙو به ڏند ڪونهي، پوءِ هِن جي ناني نسوار کي ڪٿي رکندي هوندي؟
    ها ٽمون واقعي اسان جو پوڙهيون ته ناس ڏينديون آهن.
    هان! اتي رکينس. ٽمون ٽيبل تي ٺاهوڪي مڪ هڻندي چيو.
    ٽمون ڪنهن کي اتي رکان؟! اخبار کي، راڪيٽ کي يا راڪيٽ جي ناني کي!؟
    ٽمون ڪروڌ مان ڏسندي چيو ”آهين تون به ڏڌ ۾ ڪشمش. مون چيو ته ناس کي اتي رکينس.“
    پر ٽمون مان ناس ٿورئي ڏيندو آهيان جو ناس جي دٻلي کيسي مان ڪڍي تنهنجي اڳيان رکان....... ڀلا تون ڪڏهن کان ناس ڏيڻ لڳو آهين ٽمون؟.
    اها ڳالھ ناهي..... سمجهندو ڪر ڀُوڪَ بصر!..... اصل حقيقت هيءَ آهي ته هڪ ڏينهن جيئن ئي نصيرآباد کان لاڙڪاڻي ويندڙ بس جي ڇت تي چڙهي وڃي ويٺس.
    ٽمون بس جي ڇت تي ڇو وڃين ويٺين..... اندر جاءِ نه هئي ڇا؟
    ڪرايو بچائڻ لاءِ وڃي ڇت تي ويٺس. کڻي جو ڏسان ته هڪ پوڙهي بس جي ڇت تي ويٺي ٿي ناس ڏئي. ٽمون جو اهو جملو ٻڌندين حيرت وٺي ويئي.
    ٽمون بس جي ڇت تي پوڙهي ويٺي هئي سو به ناس پئي ڏنائين.!؟
    هاها! توکي ايتري حيرت نه ٿئي، ڇو تنهنجو وات پٺاڻ جي ڦاٽل کيسي جهڙو ٿي ويو آهي؟ مهرباني ڪري اهو چٻي ٿيل پلاسٽڪ جي دٻي جهڙو وات بند ڪري ڇڏ.
    ٽمون مون کي بهترين مشورو ڏيندي چيو. ڇو ته منهنجو وات اڪثر حيرت وچان جڏهن ڦاٽي پوندو آهي تڏهن مون کان منهنجا ٻار به ڊڄندا آهن.
    ٽمون اها پوڙهي بس جي ڇت تي ڪيئن چڙهي وئي هوندي؟
    بس مون اها ڳالھ پوڙهي کان پڇي، پوڙهي به ڪا جاھ جلال ۾ هئي، پنهنجي ڏوهٽي راڪيٽ خان کي نڀاڳو چوندي چيائين ته ابا مان گهر ۾ ويٺي هيس ته ڏوهٽو راڪيٽ خان اچي نڪتو. چيومانس ٻچا مون کي اهو پنهنجون ٽمون ته ڏيکار، مئل نانگ کائيس، جيڪو منهنجي حقي جي ٽوپي ڀڃين، ڀڄي ويو آهي.
    پوڙهيءَ جو ائين چوڻ ۽ منهنجو کسڪڻ جو سوچڻ، پوءِ پڪ ڪرڻ خاطر پڇيومانس ته ناني ٽمون کي سڃاڻين؟
    اڙي ابا! پوڙهي ٿُڪ اڇليندي چيو ته اهو نڀاڳو ڪئي جي ڪنن جهڙو ٽمون...... خبر ناهي ته منهن مهانڊو ڪيئن اٿس...... چون ٿا ته نڪ ڀينڊو اٿس. جي هٿ اچي وڃين ته سندس ڀينڊي جهڙو نڪ ڪپي حقي جي ٻرندڙ ٽوپيءَ ۾ وجهي ٻه چار ڦوڪون ڀري اندر ٺاريان.
    سوچيم ته ٽمون ناني توکي نه سڃاتو اٿائين.
    مون ناني کان ناس جي دٻلي وٺندي پڇيو ته ناني تون بس جي ڇت تي ڪين چڙهي وئي آهين؟
    اڙي نڀاڳا ڇورا، شل چڍيءَ مان رٻڙ نڪري وڃئي اندر جا سور ڇو ٿو کولين؟ اهو مون وارو ڏوهٽو الله حياتي ڏئيس راڪيٽ خان! نه ڪئي هم نه تم، پاڙي جا چار ماڻهو وٺي آيو، جن اچي منهنجي کٽ کنئي. ٻچا جڏهن منهنجي کٽ کنيائون ته وڏو مزو آيو، مان ته سهرا چوڻ لڳيس، ”کٽ پٽن جي ڪلهي تي مان نچندي رهان..... ڏوهٽا منهنجا نڀاڳا آءُ چوندي اچان“ بس جيئن ئي لارين وارو اسٽان آيو، مون واري ڏوهٽي چئن ڄڻن کي هن لاري جي پاسي بيهارڻ جو چيو، چئني ڄڻن کٽ کي لاري جي پاسي ۾ بيهاري مٿي ڪيو ۽ مون وارو ڏوهٽو لاري مٿان چڙهي اچي مون کي کنڀڙن کان جهلي ويهاريو آهي ۽ پاڻ وڃي هيٺ ويٺو آهي. پر ٻچا هڪ ڳالھ آهي ته لاري جي مٿان ويهڻ ۾ ڏاڍو مزو ٿو اچي، بس جا لوڏا ۽ هوا جا جهوٽا کائي رهي آهيان.
    ٽمون جي توکي پوڙهي سڃاڻي وٺي ها ته پوءِ؟
    اها ئي ته اٽڪل آئي، جيئن ئي بس جاني بند واري اسٽان تي پهتي ته راڪيٽ واري ناني کي هڪل ڏيندي چيم ته اي ناني مان آهيان اهو ٽمون، جنهن تنهنجي حقي جي ٽوپي ڀڃي ڇڏي آهي، هاڻي اءُ تنهنجي ناس جي دٻلي کنيون ٿو وڃان. ائين چئي مان بس تان لهي پيس ۽ بس کي ڌڪ هڻندي چيم ته ”استاد ڊبل اي! جيستائين پوڙهي اٿي.”..... بس هلڻ لڳي ۽ پوڙهيءَ پاراتو ڏيندي چيو ته ”خدا ڪندو ته ڪني بصر وانگر گھٽي ۾ اڇليو ويندين، شرارتي ڇورا.
    ٽمون چئبو ته ناني ناس واري به توکي سڃاڻي ورتو ته تون شرارتي آهين.
    نه نه پوڙهي کي هڪل ڪندي چيو ته ”اي ناني مان شرارت جي ”ش“ کان به واقف ناهيان.“
    ٽمون! چئبو ته راڪيٽ خان حق تي آهي، واقعي جيڪڏهن هو جج ٿي ويو ته توکي ضرور سزا ڏيندو. سا به عمر ٽيپ جي سزا، پوءِ سدائين ڪاٺ ۾ قابو هوندين!
    ها اهو ئي ڊپ آهي. ان لاءِ هتي آيو آهيان، هونئن راڪيٽ خان ٿورئي ڳولي سگهي ها.... پر ڪاڪي کمون هڻي ڪم خراب ڪري رکيو آهي.
    ان وري ڪهڙو ڪم خراب ڪيو آهي؟! جو ڪاڪي کمون تي ڪاوڙيو ٿو وتين.
    ڪاڪي کمون! ٽمون ڪن ۾ آڱر هڻندي چيو ته ڪاڪو کمون گدو بندر جي ڀت تي چڙهي، ان تي لانگ ورائي ويهي، پنهنجي مائٽ جيڪو به ڪاڪو هيو، ان کي منهنجي ايڊريس ٻڌائي آهي، هاڻي ڊپ ٿو ٿئي ته جي اهو راڪيٽ خان گدو بندر اچي نڪري ته منهنجا لاھ ئي پٽي ڇڏي.
    ٽمون هو ڏس راڪيٽ. مون آسمان ۾ اڏامندڙ راڪيٽ کي ڏسندي ٽمون کي چيو ۽ ٽمون بنا ڪجھ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي مون وٽان ائين اٿي وٺي ڀڳو، جو راڪيٽ به نه پڄيس.


    خميس 3 اپريل 1997ع


      ٽمونءَ جي همت

    امتحاني سينٽر ۾ گوڙ ٿي ويو، اعلان ڪيو ويو ته اڄوڪو پيپر نه ورتو ويندو، ڇو ته پيپر آئوٽ ٿي چڪو آهي، امتحاني سينٽر ٻاهران شاگرد هڪٻئي سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا. غريب شاگرد ٽمونءَ جي تعريف ڪري رهيا هئا ۽ امير طبقي جا ٻار ٽمونءَ کي گاريون ڏئي رهيا هئا.
    ادا هي گوڙ ڇا جو آهي؟ ۽ ڇو اوهان ٽمون کي گھٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهيو؟. مون امير طبقي جي هڪ شاگرد کان پڇيو.
    امير ٻار پنهنجي نفرت ظاهر ڪندي چيو ته اهو ٽمون جنهن جو ڪم آهي ئي شرارت ڪرڻ، سو پنهنجي انهي موروثي اصليت تي لهي آيو ۽ شرارت ڪري اڄوڪو پرچو ختم ڪرائي ويٺو ٿو هيڊ ماستر جي آفيس ۾ اوڳرايون ڏئي........ سو به کٽيون اوڳرايون......؟
    ٽمونءَ کي بدهاضمي جي بيماري ٿي پئي آهي....... نڀاڳو ڪنهن جاءِ جو.
    جڏهن مان صوبيدار ٿيس ته ٽمون کي 13 ڊي ۾ چالان ڪرائي جيل ۾ بند ڪرائي ڇڏيندس. ٻئي امير ٻار ٽمون تي پنهنجا ڇوھ ڇنڊيندي پنهنجي زندگي جي مقصد کي ظاهر ڪندي چيو.
    آخر مسئلو ڪهڙو آهي؟ ٽمون پرچو ڇو ختم ڪرايو........ جو کيس 13 ڊي ۾ چالان ڪرڻ جا منصوبا پيا ٺهن؟
    اهو ٽمون شرارتي کان وڃي پُڇُ..... جنهن اسڪول جي عمارت مٿي تي کنئي آهي. امير ٻار ائين چئي اڳتي وڌي ويو.
    آءُ امتحاني سينٽر اندر داخل ٿيس. ڏٺم ته هيڊ ماستر جي آفيس ۾ ڪافي ماڻهو گڏ ٿيل آهن. مون ڏٺو ته ٽمون هڪ بهادر سپاهي وانگي امتحاني سينٽر ۾ چڪاس ڪندڙ ٽيم سان جنگ لايون ويٺو آهي. “اها حرڪت گھٽ ۾ گھٽ هن سينٽر ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ڇو ته اها غريب ٻارن جي خلاف سازش آهي ۽ انهن سان ظلم آهي” ٽمون فاتحانه نظرن سان مون کي ڏٺو.
    ٽمون خير ته آهي؟ ڇو اسڪول مٿي تي کنيو اٿئي!؟
    ٽمون منهنجي سوال ڪرڻ تي جلدي اٿيو..... آفيس کان ٻاهر نڪرندي چيائين ته ڳالهائڻ سکي اچ.... اسڪول مٿي تي ناهي کڻبو... ڇولن جو ٿالھ، گاھ جي ڀري، اٽي جو ٻاچڪو اسان جهڙا غريب کڻندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن امير ماڻهو بوٽن جو جوڙو مٿي تي کنيو وتندا آهن. جيسيتائين اسڪول جو مٿي تي کڻڻ جو تعلق آهي ته اسڪول مٿي تي ناهي کڻبو، پر سمورو اسڪول کائي ڇڏبو آهي. ٽمون تيز ۽ جذباتي انداز ۾ چيو.
    خير ٽمون مڪمل احوال ڏي ته ڇا ٿيو؟ ٻار چون ٿا ته ٽمون شرارت ڪئي آهي.
    ٽمون ڳالهائڻ لڳو. ٻڌ..... ٻارن کي ڪهڙي خبر ته مان شرارت جي ”ش“ کان به واقف ناهيان.... باقي اڄ مان جيئن ئي صبح سويل اسڪول پهتس ته ڪاپي روڪ ٽيم به اسڪول ۾ موجود هئي، دل ۾ چيم ته ٽمون اڄ ته اهڙن شاگردن جا ٻوٿ پاروٿي واڱڻ جهڙا ٿي ويندا جيڪي ڪاپي جي آسري تي امتحان ڏيڻ ايندا. دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس ته هاڻي مان امتحان ڏئي نمبر ضرور حاصل ڪندس. پر خبر اٿئي مون وارا سڀ خواب رڪشي ۾ چڙهي ڪنهن اڻ ڏٺل منزل طرف هليا ويا.
    اهو ڪيئن ٽمون؟
    اهو پاڻ وارو استادن جو ليڊر ناهي!؟ استاد صداقت جيڪو سدائين اسڪول بند ڪرائي بدليون روڪرائيندو آهي.
    ها ها استاد صداقت کي سڃاڻان، جنهن ڪڏهن به ڪلاس ۾ ٻارن کي نه پڙهايو آهي.
    ها اهو استاد ليڊر، ڏٺم ته بورڊ کان جيڪا ڪاپي روڪ ٽيم آئي هئي، انهن مان هڪ ڄڻي استاد صداقت سان ڪجھ ڳالهايو. هڪ اهڙي ڪلاس ۾ ويا جنهن ڪلاس جي بئنچن تي بي ترتيب نمبر لکيل هئا. مون دل ۾ چيو ته ٽمون دال ۾ ڪارو ضرور آهي يا دال سڄي ڪاري آهي، ٿي سگهي ٿو ته ڪاري دال ۾ اڇو هوندو يا مورڳو دال ئي نه هجي. پوءِ بس ٽمون جي اعليٰ دماغ ۾ هڪ اٽڪل ڊوڙون پائڻ لڳي. لڪندو لڪندو ڪلاس روم ۾ گھڙي ويس.... ابا پيرن هيٺان زمين ئي نڪري وئي، جو کڻي هوش سنڀالي ڏسان ته زمين ساڳي جاءِ تي بيٺي آهي، رڳو منهنجي عقل جا پير زمين تان ترڪي ويا آهن ۽ ٻيو ڀيرو منهنجا خواب ڪنهن ٽرڪ هيٺان اچي چڻا ڦڻا ٿي ويا، مطلب ته مري ويا.
    ٽمون آخر تو ڪهڙي ڳالھ ڏٺي ۽ ٻڌي جو پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي؟
    بابا ان ليڊر استاد، ان آفيسر کي چيو ته هن بلاڪ ۾ سب اميرن جا ٻار امتحان ڏيندا، جن کي ڪالھ شام جو ئي پيپر ڏنو ويو آهي. بس هتي رڳو هو ماڻهن کي ڏيکارڻ واسطي اچي ويهندا. هن بلاڪ ۾ ٽوٽل 50 ٻار آهن ۽ في ٻار کان هزارين رپيا ورتا آهن.... اهي اسان جا چئن پيپرن جا ٻڌا گراهڪ آهن.
    اڇا!!!؟ ٽمون، واقعي منهنجي پيرن هيٺان به زمين کسڪندي پئي وڃي.
    تون چپل پائي ناهي آهيو ڇا؟ ميان پيرين اگهاڙو گهمندين ته زمين پيرن هيٺان نڪري ويندئي، چپل پائي گهمندو ڪر. ٽمون مون کي چيو.
    خير ٽمون ٻڌاءِ ته پوءِ ڇا ٿيو؟
    ڇا وري ڇا ٿيندو؟ بس اندر ۾ ويٺل ٽمون کي هڪل ڪري چيم ٽمون اڄ جنگ جي ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي پئُه ۽ ڏسندي ڏسندي هي سمورو راز فاش ڪري آفيسرن جي نڪ ۾ دم ڪري، پنهنجو دم پٽيم.
    واھ ٽمون واھ تو ته جرئت ڀريو ڪم ڪيو آهي.
    پوءِ.....؟ اچي آفيسر مون منجهان ڦاٿا.....نيٺ سينٽر مان ڀڄي جان ڇڏائي اٿن ۽ هي سمورو منظر تو اڳيان آهي جو اهو پرچو ختم ڪيو ويو آهي ۽ پيپر آئوٽ ڪرڻ وارن خلاف ڪيس داخل ٿيندو.
    ٽمون اهڙا همت ڀريا ٻار واقعي هن سنسار جي سونهن آهن..... جيڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف وڙهن ٿا.
    منهنجي ائين چوڻ تي ٽمون مشڪيو ۽ مون کان موڪلائي اسڪول کان ٻاهر هليو ويو، جتي سندس غريب ٻارن شاندار استقبال ڪيو. ڏٺم ته ٽمون غريب ٻارن جي ٽولي ۾ کلندو ڪڏندو منهنجي نظرن کان اوجهل ٿي ويو.


    خميس 10اپريل 1997ع


      ٽمون مشاعري ۾

    ٽمون پاڙي جي ٻارن سان گڏ تقرير ڪري رهيو هو ته منهنجا ننڍڙا حضرات ۽ ننڍڙيون خواتين جيئن ته سڀاڻي عيد آهي، سا به گوشت واري عيد. جنهن عيد تي گوشت گھڻو هوندو آهي ان لاءِ گوشت جي خوشيءَ ۾ هي اڄوڪو مشاعرو ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو عنوان آهي “هڪ شعر گوشت جي نانءُ”. اسٽيج تي ويٺل سڀني شاعرن کي اوهين چڱيءَ طرح سڃاڻو ٿا ته اهي شاعر شهر جي مختلف گھرن جي ٺهيل درن وارين دڪين تي ويهي ۽ چونڪن تي لڳل بجلي جي پولن تي چڙهي پنهنجا شعر ٺاهي اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهن، پر پوءِ به روايت موجب، واري واري سان اوهان اڳيان شاعر حضرات جو تعارف پيش ڪيو ويندو. مشاعري جي روايت موجب سڀ کان اول آءُ توهان اڳيان پنهنجو تعارف ۽ پنهنجو تازو ڪلام عرض رکندس. منهنجو نالو “ٽمون” آهي.
    هيٺان ويٺل ڪنهن ٻار ٽمون کي چيو ٽمون يا ٽمون شرارتي؟، اهي لفظ ٻڌي ٽمون چڙي پيو.
    ياد رکو جيڪڏهن اوهان کي مشاعرو ٻڌڻو آهي ته ٻڌو ورنه هليا وڃو، ڇو ته اسين شاعر ڀتين جي سِرُن ۽ ڇتين جي ٽيئرن ۽ گاڊرن کي به شعر ٻڌائي داد حاصل ڪري سگهون ٿا. توهان کي خبر هئڻ کپي ته جڏهن به مان ڪو شعر جهونگاريندو آهيان ته پاڙي جا گُلر پنهنجو آواز بند ڪري منهنجو شعر ٻڌندا آهن، باقي آءُ اوهان اڳيان واضع ڪندو هلان ته مان شرارت جي ”ش“ کان به واقف ناهيان. توهان جي ان حرڪت کانپوءِ آءُ پنهنجو تعارف بند ڪري توهان کي شعر ٻڌايان ٿو، عنوان اٿس، زندگي ڇا آهي.
    زندگي رِلي ته ناهي، جو سيءَ ۾ ويڙهي سمهين.
    جو اچئي ٻارن تي ڪاوڙ، ته رلي ڦاڙي وجهين.
    زندگي گاسليٽ جو دٻو به ناهي جنهن مان بتيون ٻرن،
    ها! زندگي ڪوڏر جو ڳن آهي، ڪهاڙي ۾ وجهين يا ڪوڏر ۾.
    ٽمون جي شعر پڙهڻ کان پوءِ واھ واھ ٿي وڃي ٿي ۽ ٽمون شاعرن وارو روايتي سلام پيش ڪندي چوي ٿو، مهرباني دوستو مهرباني آءُ پنهنجي ڪلام کان پوءِ دعوت ڪلام ڏيندس، پنهنجي پياري شاعر پيرل پاڏي کي جيڪو پنهنجو تازو شعر اوهان اڳيان پاڏي جي ڇيڻي وانگي اڇلي هليو ويندو. آءُ توهان کي اهو به ٻڌائيندس پيرل پاڏو جڏهن به شاعري جي موڊ ۾ هوندو آهي ته تڏهن ڍڪ منشي کي ٻه رپيا خرچي ڏئي پاڻ کي ڍڪ ۾ بند ڪرائيندو آهي، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته پيرل پاڏو اها اٽڪل ان لاءِ ڪندو آهي، جو ڍڪ ۾ واڙجي آيل مينهن جو تازو کير پي، پاروٿو ڪلام ٺاهي وٺندو آهي، اوهان جي اڳيان اچي ٿو پيرل پاڏو.
    پيرل پاڏو جيڪو حد کان وڌيڪ ٿلهو متارو هيو، مائيڪ تي اچي ويهي ٿو ۽ پنهنجو ڪلام ٻڌائڻ لاءِ وات جو در کولي چوي ٿو ته منهنجي شعر جو عنوان ”پاڏي جو پُڇُ“ آهي.
    تون مون تي فدا، مان توتي فدا،
    نه تون مون کان الڳ، نه مان توکان جدا،
    جدائي ۾ منهنجا سڄڻ تون نه لُڇُ،
    مان پاڏو آن تنهنجو، تون منهنجو ئي پُڇُ.
    پيرل پاڏي جي اهڙي شاعر تي ويٺل واھ واھ ڪن ٿا ۽ پيرل پاڏو پنهنجا ڪن ڍرا ڪري مائيڪ تان اٿي ٿو ته ٽمون وري ٻڌندڙن کي خطاب ڪري ٿو.
    شاعري جا شوقين حضرات، هاڻي آءُ جنهن هستي کي پنهنجو ڪلام ٻڌائڻ لاءِ هتي دعوت ڏيندس اهو به ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي، جنهن لاءِ عام چوڻي آهي، ته جڏهن هي شاعر هن دنيا ۾ نمودار ٿيو ته دائي کي ڏند ڏيکاري بيهوش ڪري ڇڏيائين، چون ٿا ته دائي سانده ٽي ڏينهن بيهوش رهي، جڏهن هي شاعر حضرات بانبڙا پائڻ لڳو ته سندس والد کي وائي سور ٿي پيو، جنهن ڪري هو به هن سان گڏ بانبڙا پائڻ لڳو ۽ شاعر جو والد ماجد بانبڙا پائيندي فوت ٿي ويو! ته اوهان جي خدمت ۾ اچي ٿو، جناب باردانو ڀينگ پوري! تاڙِيون.
    باردانو ڀينگ پوري مائيڪ اڳيان اوٻاسي ڏيندي پنهنجي پاسي واري کيسي مان پنو ڪڍي پڙهي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته سندس شعر جو عنوان “مهمان” آهي.
    هڪ ڏينهن مون وٽ آيو مهمان هلي،
    چيومانس ڇا کائيندين مونسان ملي،
    چيائين ته واڱڻ کائڻ ٿو چاهيان.
    چيومانس واڱڻ وائي ڪندا هِن.
    چيائين ته ڀينڊيون ڏاڍيون ڀليون آهن.
    چيومانس تنهنجو وات پنڪچر ته ناهي ٿيو؟
    چيائين ته توريون تريل ڀلا ڏي.
    چيومانس بيمار ڪڏهانڪون ٿيو آن...؟
    چيائين ته ڀلا تون کارائين ڇا ٿو؟
    چيومانس مان پاڻ ويلو ٽارڻ وڃان ٿو.
    چيائين مون کي به وٺيون ته هل.
    بارداني ڀينگ پوري جي شعر ماڻهن جا منهن سڄائي رکيا، ٽمون ڪرڙيون اکيون کڻي بارداني ڀينگ پوري کي ڏٺو، جيڪو مقرر وقت کان وڌيڪ وقت وٺي ويو. ٽمون ڪاوڙ وچان اڳلي شاعر کي گهرائڻ لاءِ وات کوليندي چيو ننڍڙا حضرات ۽ ننڍڙيون خواتين هاڻي آءُ جنهن شاعر کي هتي دعوت ڏيندس اهو شاعر اڪثر حالتن ۾ ٽماٽي ، ڪيلي ، انب يا هنداڻي جي کل تان ترڪندو رهندو آهي. سندس من وڏو چيڙاڪ آهي، هو اڪثر حالتن ۾ چانھ نه ملڻ تان رسي ويندو آهي ۽ جڏهن رسي ويندو آهي ته رب خير ڪري. پوءِ سانده هڪ هفتو ڦاٽل وهاڻي ۾ منڍي هڻي، وهاڻي جا بکيا اڊيڙي زخمي ڪري ڇڏيندو آهي ته اوهان جي اڳيان اچي ٿو پنهنجو شعر ٻڌائڻ لاءِ ”جناب پاليهر پٽيرائي“، جنهن لاءِ شاعر حلقا چون ٿا ته هو شعر چوري ڪندو آهي.
    ٽمون جو ايترو چوڻ ۽ پاليهر پٽيرائي جو چڙي پوڻ. پوءِ ته اسٽيج تي پاليهر پٽيرائي پَرَ ڇنڍيندو رهيو. اکيون ڳاڙهيون ڪري ٽمون کي چيائين ته تون شرارتي شاعر آهين ياد ڪر اهي ڏينهن جو تنهنجا ڪلام ڪو به فنڪار نه ڳائيندو هيو ۽ مون ئي ايلاز منٿون ڪري ڪمن قراني کان تنهنجا ٻه واهيات ڪلام ڳارايا. احسان فراموش!!

    اي مسٽر پاليهر پٽيرائي مان شرارت جي ”ش“ کان به واقف ناهيان تون مون تي الزام نه هڻ.
    سڄي اسٽيج تي گوڙ تي ويو اوچتو ٽمون رڙ ڪندي چيو ته بچايو بچايو.
    پر ٽمون کي ڪنهن به نه بچايو. ڏسون ته بودو مڱڻهار ٽمون کي ڪنن کان جهليون بيٺو آهي ۽ کيس چئي رهيو آهي ته سڀاڻي عيد آهي ۽ منهنجي دهل جي ٻولي تون مٽائي آيو آهين. هاڻي هل هلي دهل کي اصل ٻولي سيکار نه ته ڪن کائي ڇڏيندوسانءِ.
    ٽمون ڪنن کي بچائڻ لاءِ بودي مڱڻهار کي ها ڪري دهل جي ٻولي تبديل ڪرڻ لاءِ هليو ويو ۽ پويان شاعر حضرات پاڻ ۾ وڙهندا رهيا ۽ ٻارن جي محفل ۾ ڪنهن آهستي چيو ته ٽمون واقعي شرارتي آهي.


    خميس 17اپريل 1997ع


      ٽمون ريڙهي گاڏي تي

    عيد گاھ ٻاهران چاچو بودو مڱڻهار دهل ڳچيءَ ۾ وجهي بيٺو رهيو. دهل ڳچيءَ ۾ هجي ۽ نه وڄي! اها عجيب ڳالھ آهي مون دهل نه وڄائڻ بابت چاچي بودي مڱڻهار کان سبب پڇيو ته چاچا ڪر خبرون دهل نٿو وڄائين ڇو؟ ٽمون تنهنجي دهل جي ٻولي تبديل نه ڪئي ڇا؟
    اها ڳالھ ئي نه پُڇُ. بودي مڱڻهار پنهنجي اندر جا سُور اوريندي چيو ته، اهو تو وارو ٽمون شرارتي جي هاڻ مون کي هٿ اچي وڃي ته ڪچو کائي ڇڏيانس هڪ به اوڳرائي نه ڏيان، خدا ڪندو شل زندگي ڀر شرناءِ وانگر رڙيون ڪندو وتندو، خدا ڪندو ڏونڪي تي پير پوندس، هڻي مون مسڪين جو روزگار بند ڪري رکيو اٿائين.
    چاچا تون جو مشاعري مان ٽمون کي گهلي وٺي ويو هئين ان جو ڪو کڙ تيل نڪتو يا نه؟
    کڙ تيل ته مون ٽمونءَ جي رڳ رڳ مان ڪڍيو آهي باقي اڳيان به ٽمون هيو واھ ڙي ٽمون واھ تنهنجي نڪ جي پڪائي! واقعي پڻهين تو مٿان ٽمون نالو رکي دنيا جي نقشي کي چوڪنڊو بڻائي سائنسدانن کي حيرت ۾ آڻي ڇڏيو آهي. سو پٽ ٽمون دهل جي اصل ٻولي آڻڻ بجاءِ دهل کي ٻولي ئي ٽين سيکاري ويو. اڳي چوندو هيو ته اسين ته جاڻان بلو دي گهر، هاڻي وري چئي ٿو ته “ڏوڪڙ لٽايو، پنا کائو”. ابا هاڻي وڄايان ته ماڻهو ميارون ٿا ڏين ته ٻيلي ڇو اڇي ڏاڙهي ۾ خراب ٿيو آهين جو ماڻهن کي دهل وڄائي صلاحون ٿو ڏين ته “ڏوڪڙ لٽايو پنا کائو”. بس ابا اڄ روزگار نه ڏسي مان دهل نٿو وڄايان. ائين چئي چاچو بودو مڱڻهار عيد گاھ مان هليو ويو. مون کي ٽمون تي سخت ڪاوڙ آئي پر ٽمون عيد واري ڏينهن اصل نه مليو.
    عيد جي ٻئي ڏينهن ٽمون ريڙهي تي پاڻ کڻايون پئي ويو، ٽمون ريڙهي تي هڪ عدد ڳوڻ وڇائي وهاڻو مٿن کان رکي ليٽيو پيو هو. ريڙهو سندس ننڍو ڀاءُ هلائي رهيو هيو.
    ٽمون خير ته آهي ريڙهي تي ليٽي شهر جا سير پيو ڪرين يا پاڻ کڻايو ٿو وڃين، عيد جي ڏينهن نظر نه آئين؟
    ٽمون ريڙهي کي روڪڻ جو اشارو ڪندي آهستي آهستي اٿي ويٺو. ڳالھ ئي نه پڇ...... ٽمون دوڏا ڦيرائيندي چيو.
    ٽمون دوڏا ڦري ڇو ويا اٿئي؟
    صرف دوڏا!..... منهنجي چيلھ، ڄنگهون، ٻانهون ۽ گوڏا به ڦري ويا آهن اصل سڀ ڪسرون ٽمون جي نفيس عضون مان نڪري ويون آهن، پاڻ کي اسپتال کڻايون ٿو وڃان. هڏ هڏ سور ڪري ٿو، ادا عيد جي ڏينهن بيهوش هيس ته توڏانهن ڪيئن اچان. ٽمون ڏک واري انداز ۾ پنهنجي سموري ڳالھ ٻڌائڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو.
    ٽمون توسان اهڙو حشر ڪنهن ڪيو؟
    چاچي بودي مڱڻهار ۽ ان جي زال هڻي متيون منجهائي رکيون آهن، ادا هڏ هڏ سور ٿو ڪريم، هيڏانهن ٻه ٽي ڪلهي کي زور ته ڏينم..... هاءِ.....وارو ڪر...... مٿو به سور کان ڦاٽي ٿو.... ٻه ٽي ٿڦڙا به مٿي کي هڻج.
    ها ٽمون ياد آيو.... ٻيلي ڏاهو ٿي ڪنهن کي بيروزگار ڪرڻ سٺو ڪم ناهي ڏس هن غريب جي ٻچڙن جو پيٽ تڏهن ئي ڀربو جڏهن هو دهل وڄائي ٻه ڏوڪڙ ڪمائي ايندو ۽ جي تون دهل جي ٻولي مٽائي ڇڏيندين ته هن غريب جا ٻار بُک مرندا، احساس دل ۾ ڌار، هروڀرو هن ريڙهي تي ويهڻ جي شوق ۾ غريبن جي وات جو گرھ نه کسِ.
    تون به سچ ٿو چوين پر چاچي بودي مڱڻهار کي مون ڪجُھ ناهي ڪيو، سڀڪجھ هُن ۽ سندس زال ڪيو آهي مشاعري مان جيئن ئي گهلي کڻي ويو ته وڃي هڪ ڦاٽل دهل ۾ ويهاري ڇڏيائين، خبر اٿئي ان ڦاٽل دهل ۾ ويهندي مون ڪيترو عذاب سَٺو هو؟ رڙ ڪري چيومانس ته چاچا بودا دهل مان ڪڍي ڀلي مون کي مٽيءَ جي گُندڙي ۾ بند ڪري ڇڏ، مٽي منهنجي ماءُ آهي، ماءُ جي هنجَ ۾ آرام ملندو، باقي هن ڦاٽل دُهل ۾. ٻيلي منهنجو ساھُ ٿو ٻوساٽجي بس ڀائو منهنجو ايترو چوڻ ۽ چاچي بودي جو دهل وڄائڻ! بس ته پوءِ مان به عادت کان مجبور هيس.
    ٽمون شرارت واري عادت کان؟ ائين نه؟
    ڏس ڏس! مون کي جذباتي نه ڪر مان اڳي ئي چاق ناهيان ۽ تون ڄاڻين ٿو ته مان شرارت جي ”ش“ کان به واقف ناهيان، مون ڪابه شرارت نه ڪئي، بس هڪ صلاح چاچي بودي مڱڻهار کي ڏنم، جنهن خيرجي بدلي ۾ ههڙا حال ٿيا آهن! واھ!! واھ جا زور ٿو ڏين اڳي ڪنهن هوٽل تي مالش ڪندو هئين ڇا؟
    ٽمون مان مالش ته واھ جي ڪندو آهيان اها توکي جلد خبر پئجي ويندي پر اهو ٻڌاءِ ته تو ڪهڙي نيڪ صلاح ڏني جو صلاح جو اهو نتيجو مليو اٿئي.
    ٻڌ منهنجا سائين. چاچي بودي کي چيم هاڻ دهل جي ٻولي مٽاءِ جلدي وڃ ۽ وڃي گهر ۾ پيل ڳاڙهن ساون ۽ ڪارن مرچن سميت گهر جو سمورو مصالحو کڻي آ، ته تنهنجي دهل جي ٻولي مٽايان اهي لفظ ٻڌي چاچو بودو خوش ٿيو، چاچو بودو جيئن مصالحو کڻي آيو ته اهو گرم مصالحو دهل ۾ وجهڻ لاءِ ٻاهر نڪتس ۽ گرم مصالحو دهل ۾ وجهي ڇڏيو، چيومانس هاڻ وڃ ۽ وڃي ٻه ڪلو ڪڻڪ جو اٽو وٺي آ.
    ٽمون ڪڻڪ جو اٽو ملي ٿو ڇا؟ مون دوڏا ڦوٽاريندي ٽمون کان پڇيو. ها ڪڻڪ جو اٽو خيالن ۾ ملي ٿو ٻڌ خيالي مل تان خيالي ڪڻڪ جو اٽو خيال ۾ وٺي خيال ۾ پچائي خيال ۾ کائي ڇڏ. انشاءالله هڪ ڏينهن خيال ئي خيال ۾ خيال ٿي زمين ۾ بنا ڪفن جي دفن ٿي ويندين ڇو ته ڏڪر کي گوڏ ٻڌل نه هوندي پر ڏڪر اڄ ڪلھ شريف شهري بڻجي سوٽ بوٽ ۽ ڪوٽ پائي اچي ٿو سمجهيئي وائڙن جي پريي جا بي باڪ ۽ بهادر پريا مڙس.
    ها ٽمون سمجهيم. پوءِ پوءِ ڇا ٿيو؟
    چاچي بودي به چيو ته ڪڻڪ جو اٽو نه ٿو ملي هڪل ڪري چيومانس،“پوءِ تنهنجي دهل جي ٻولي تبديل نه ٿيندي”، بس منهنجو ايترو چوڻ ۽ وري چاچي کڻي دهل ۾ وجهي ڇڏيو پوءِ ته ڏونڪن تي جيڪو گرم مصالحو ۽ مرچ اٿيا انهن منهنجو هي حشر ڪيو اٿئي ادا....... ها ائين ٻه ٽي زور ڪلهي کي به ڏيو وڃ ڀائو.
    ٽمون پوءِ جان ڪيئن ڇڏائي اٿئي؟
    ها يار دل ۾ چيم ته ٽمون ڪر اٽڪل..... سو چاچي بودي کي چيم ته تنهنجي دهل جي ٻولي تڏهن تبديل ٿيندي جڏهن گهر جي چلھ تي چڙهيل ڀاڄي وارو ديڳڙو کڻي ايندين، بس ادا ڏسندي ڏسندي گرم گرم ٻڙڪندڙ ديڳڙو پهچي ويو اهو به کڻي وڌم دهل ۾ ۽ چيم چاچي بودي کي چاچا ٻه سئو چاليھ ڏونڪا دهل کي هڪ پاسي کان ٻه سئو چاليھ ڏونڪا ٻئي پاسي کان هڻ ته دهل پنهنجي اصل ٻولي ڳالهائڻ لڳندو.
    واھ ٽمون واھ جي صلاح ڏني پوءِ ڇا ٿيو؟
    بس ڀائو منهنجو اها نيڪ صلاح رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو، چاچي بودي جي گهر واري اچي پڪڙيو پوءِ، ته ڏويون هيون ۽ ٽمون نماڻي جو بدن....... واھ جي پوڙهي ڦاپل تنهنجي ڏوئي وهائڻ.... هڻي منهنجا ته اسپرنگ ئي ڍرا ڪري ڇڏيائين.
    “ٽمون تو مار ڇو کاڌي”؟
    اڙي ادا ماسي ڦاپل ڀاڄيءَ جي ستياناس ٿيندي ڏسي ڏمرجي پئي ۽ پوءِ ٻيو ته ڪل خير..... توسان مليس ڪابه خوشي نه ٿي، تون خوش هوندين پنهنجي خرچ تي ...... مان ته خوش ناهيان پاڻ اسپتال کڻايون ٿو وڃان.
    ٽمون پرواھ نه ڪر، مڙئي خير آهي.
    ها ادا مڙئي خير آهي، جو ڌڪ توکي ناهن لڳا.... اڙي ننڍا ڀاءُ گهل ريڙهي کي هلي ملم پٽي ڪرايون ۽ ڪي پها رکرايون، باقي هن جهڙا ماڻهو ته ڦٽن تي لوڻ ٿا ٻُرڪن.
    ائين چئي ٽمون ريڙهي تي سمهي پيو ۽ ڀاڻس ريڙهي ڪاهي اسپتال ڏينهن ويندو رهيو.

    خميس 3 اپريل 1997ع


      ٽمون بڻيو نجومي

    نوڪري جو مسئلو هجي يا شادي جو، امتحان ۾ پاس ٿيڻ جو مامرو هجي يا اسڪول کان گسائڻ جو، هر مسئلي جي لاءِ جلدي ملو! علم نجوم جي ماهر پروفيسر ٽمون سان.
    شهر جي چونڪ تي اهڙي بينر کي پڙهي آءُ هيڏي هوڏي نهارڻ لڳس. ڏسان ته سامهون نم جي وڻ هيٺان اڇي چادر پٽ تي وڇايون، ٽمون بالم بڻيو ويٺو آهي. سندس ڀر ۾ هڪ عدد لوھ جي ننڍي پيٽي، ٻه عدد سليٽون ان تي اُبتا سُبتا ليڪا نڪتل ۽ ڪجھ ڪتاب رکيل اٿس.
    ٽمون ڪڏهن کان قسمت جو حال ٻڌائڻ وارو پروفيسر، ماهر علم نجوم بڻجي ويو آهين؟ مون ٽمون جي ڀرسان ويهندي ٽمون کان پڇيو.
    ٻڌ ڪوڙن جا وزيرِ داخلا! توسان ڪوڙ نه ڳالهائبو. ٽمون مون کي چيو.
    ”ٽمون! تون شرارت ته نه ڪندين؟“. مون ٽمون جي ڳالھ ڪٽيندي چيو.
    توکي گھڻا دفعا چيو اٿم ته مان شرارت جي ”ش“ کان به واقف ناهيان. مهرباني ڪري هتان اُٿي وڃ. منهنجي روزي ۾ لت نه هڻ. ٽمون صفا ڪاوڙجي ويو.
    ٽمون...... ٽمون مذاق ۾ ٿورئي چڙبو آهي!؟ مون توسان مذاق پئي ڪئي....... ها ٻڌاءِ ته هنن حالن ۾ ڪيئن پهتين!؟
    توکي ته خبر آهي نه!؟ ته بابو ڪانٽريڪٽي ماستر آهي. سو هو اڄ بُک هڙتال تي ويٺل آهي، گهر جي گذر سفر لاءِ هي ڌنڌو بهترين سمجهي ڪرڻ لڳو آهيان، بس هر مهيني جي پهرين هفتي ۾ هن نم جي ڇانو هيٺ ويهي ماڻهن کي پنهنجي قسمت جو حال ٻڌائي ٻه رپيا رهڙي وٺندو آهيان. تون ڄاڻين ٿو ته مون کي علم نجوم جو ڪوبه علم ناهي. پر تون صبر ڪري ويهجانءِ. هو ڏِسُ سامهون گراهڪ اچي پيو، جيڪڏهن اهي بي سرا ڏند ڪڍي ٽهڪ ڏنئي يا منهنجي قسمت ٻڌائڻ تي پنهنجي ڪياڙي کنيئي، پوءِ تون پنهنجي قسمت جي مٿي کي ڦاٽل سمجهجان، جنهن کي مان ڪچيون سرون هڻي ڦاڙي وجهندس. ٽمون مون کي سمجهائيندي ۽ تنبيھ ڪندي فرمايو.
    جيستائين مان ٽمون کي ڪو جواب ڏيان اهو شخص جنهن سان گڏ هڪ ڇوڪرو به هيو. ٽمون جي اڳيان اچي ويٺو ۽ چوڻ لڳو
    نجومي صاحب! هي جيڪو منهنجو ڇوڪرو آهي ڏسڻ ۾ گول، مول ۽ بي ڊول هن جي عمر هن وقت 14 سال آهي. صبح جو جيئن اٿندو آهي ته ڌرتي تي ويهي ڪنهن ڪاٺيءَ سان ليڪا ڪڍندو آهي ۽ مٽي کائيندو آهي ۽ ڪاغذ به چٻاڙيندو آهي، مان هن جي اهڙين عادتن کان تنگ ٿي ويو آهيان، چوان ٿو ته ڪو ماڻهو هن ڇوري کي، مون کان وٺي ته چار پنج سؤ روپين ۾ وڪرو ڪري ڏيانس.
    متان وڪرو ڪيو اٿئي، ان انمول چيز کي!! هي جيڪو تنهنجو گول مول بي ڊول يعني ڪڻڪ جي اٽي جي ٻوري جهڙو ننڍڙو ننڍڙو نينگر وڏو خوش نصيب اٿئي. دولت هن جي قدمن ۾ ڊسڪو ڊانس ڪندي رهندي. ٻڌ! ڇو ته جيڪي تنهنجي پٽ جون نشانيون آهن، يعني مٽي کائڻ، ڪاغذ چٻاڙڻ اهي وڏن خوش نصيب ماڻهن جون نشانيون آهن، خبر اٿئي ته هي تنهنجو ٽن منهن وارو پٽ وڏو ٿي ڇا ٿيندو؟.
    ڇا ٿيندو؟!. نجومي صاحب توهان ئي ٻڌايو.
    هي تنهنجو پٽ وڏو ٿي تپيدار يا صوبيدارٿيندو. ٽمون پنهنجي علم نجوم جا جوهر ڏيکاريندي همراھ کي چيو.
    پر نجومي صاحب! هي مون وارو ڇورو ته صرف پنج درجا پاس آهي پوءِ تپيدار يا صوبيدار ڪيئن ٿيندو؟
    توکي پڪ هئڻ گهرجي تي هن وقت ٻنهي کاتن ۾ اڻ پڙهيل موجود آهن وڌ ۾ وڌ پٽ جو فارم ڀرائي ميٽرڪ ڪاپي تي پاس ڪرائي ڇڏينس.
    ٽمون جي علم نجوم پنهنجو ڪمال ڏيکاريو. پنهنجي پٽ جي آئيندي بابت ٻڌي همراھ جون واڇون ڪنن تائين ٽڙي ويون. هو ٽمون کي خوشي وچان پنجاھ رپيا ڏئي پنهنجي گول مول بي ڊول پٽ کي چميون ڏيندو اڳتي وڌيو ۽ ٽمون پنجاھ رپيا کيسي ۾ وجهندي چيو ته ڏٺئي ڄٽ هڪ ڌڪ ۾ پنجاھ رپيا يعني اڄوڪي ڏهاڙي کري ٿي.
    ٽمون مون کي اها ڳالھ سمجهه ۾ نه آئي ته همراھ ايڏو خوش ڇو ٿي ويو جو هن جون واڇون گودو ٿي ويون.
    چريا نا سمجھ. هي جيڪي ماڻهو آهن نه! اهي هڪ ڏينهن ۾ امير ٿيڻ جا خواب پيا ڏسن ۽ دولت حاصل ڪرڻ لاءِ ناجائز نموني گھڻو ڪجھ ڪرڻ گهرن ٿا. بس اهڙن ماڻهن کي خيالي گهوڙي تي چاڙهي هوا ۾ سفر ڪرائيندو رھُ. هڪ نه هڪ ڏينهن اهي ماڻهو اهڙو ڪرندا جو انهن جو مڻڪو ڀڄي پوندو.
    ها ٽمون واقعي سچ ٿو چئين.
    اي ابا ڍاري وارا! مون کي به ته ڪجھ ٻڌاءِ. هڪ پوڙهو لٺ جي سهاري پٽَ تي ويهندي ٽمون کي چيو.
    ڏاڏا مان ڍاري وارو ناهيان، مان علمِ نجوم جو ماهر پروفيسر ٽمون آهيان.
    اڙي ٻچا ٽمون نجم جو گلم هجين يا مسيت جي فراسي! ٻڌائين ته قسمت جو حال ٿو؟
    ها ڏاڏا مان قسمت جو حال ٻڌايان ٿو.
    ته پوءِ ڇيڻي جهڙا ڇوڪرا ڍاري وارو ئي ٿئين نه!؟ هاڻ ڏس منهنجو هٿ ۽ مون کي ٻڌاءِ منهنجي قسمت، نه ته لٺ هڻي اهو ڀينڊي جهڙو نڪ ڦيهي ڇڏيندوسانءِ. پوڙهي پنهنجو هٿ ٽمون ڏانهن وڌائيندي چيو.
    ٽمون پوڙهي جو هٿ ڏسندي چيو ڏاڏا وڃ وڏن ڀاڳن وارو آهين.
    اهو ڪيئن؟
    ٽمو وري چيو: تنهنجي گهر کي ڀت آهي، ڇت به آهي ۽ تنهنجو هٿ ٻڌائي ٿو ته تنهنجي گهر ۾ ڀاڄي چاڙهڻ وارا ديڳڙا به آهن.
    اڙي ابا ڍاري وارا چوين سچ ٿو.... پر هڪ ڳالھ سچي ناهي.... سا اِها ته منهنجي گهر کي ڀت نه پر لوڙهو ڏنل آهي.
    ڏاڏا اسان شهر جا ماڻهو لوڙهي کي ڀت سڏيندا آهيون، لوڙهو ۽ ڀت ڳالھ ساڳئي آهي. ٽمون پنهنجي حرفتي دماغ مان اٽڪل ڪڍي پوڙهي کي وهائي ڪڍي.
    چڱو ابا اڳتي ٻڌاءِ.
    ها ڏاڏا ٻڌ! تنهنجي هٿ جي لڪيرن ۾ لکيل آهي ته توکي اُڄ لڳندي آهي ته پاڻي پيئندو آهين! بک لڳندي اٿئي ته ماني کائيندو آهين! توکي سياري ۾ سردي ۽ اونهاري ۾ گرمي ٿيندي آهي، تنهنجي کٽ کي چار عدد پاوا آهن، اها کٽ واڻ سان واڻيل آهي ۽ ان کٽ کي واڏڻ به پيل آهي.
    اي ابا خانو خراب ٿيئي اها توکي ڪيئن خبر پئي...... ٻڌ ڀلا زال بابت به ته ڪجھ ٻڌاءِ. پوڙهي ٽمون کي خوش ٿيندي چيو.
    ڏاڏا! تنهنجي زال توسان پيار ڪندي آهي، هوءَ توکي ماني پچائي کارائيندي آهي، رات جو توکي زور به ڏيندي آهي تنهنجي زال جواني ۾ ڏاڍي سهڻي هئي. هاڻي ڏاڏا ڪڍ ڏھ رپيا.
    پوڙهي لٺ سڌي ڪري ٽمون کي وهائي ڪڍي.... ڇا جا ڏھ رپيا نڀاڳا! ڪنهن جاءِ جا...... اڙي شرارتي ڇورا مان سڄي عمر ڪنوارو رهيو آهيان. مان ٿو پڇان ته زال ڪڏهن ملندي ۽ تون وري ڪرين ٿو مونسان ڀوڳ چرچا!. پوڙهي ٽمون کي ٻه ٽي لٺيون وهائي ڪڍيون.
    ٽمون پنهنجا ٽپڙ ڇڏي ڀڄڻ لڳو۽ ڀڄندي چيائين ته هيئنر منهنجي قسمت مون سان ساٿ نه ڏئي رهي آهي. هي منهنجا ٽپڙ کنيو اچجان ۽ تون ٻارن کي چئجان ته مان هر مهيني جي آخر ۾ ٻارن کي قسمت جو حال مفت ۾ ٻڌائيندس، ان لاءِ جلدي جلدي هيٺين ائڊريس تي خط لکي پنهنجي قسمت جو حال معلوم ڪيو۽ ها! ٻارن کي هي به چئجان ته منهنجي ائڊريس چڱي طرح ياد ڪن.

    خميس 6 مئي 1997ع


    ٽمون ۽ قلفي

    ڊي سي پاران برف جي ڳنڍن، قلفي وڪرو ڪرڻ تي قلم 144 هنيو ويو، بندش جي هوندي به ٽمون شهر جي هڪ گھٽيءَ ۾ قلفي کپائي رهيو هيو، مون کي حيرت وٺي وئي ته آخر ٽمون قلفي ڇو ٿو کپائي؟ سو به قلم 144 ۾. ان عجيب اسرار کي سمجهڻ لاءِ ٽمون جي ڀرسان وڃي بيٺس. پر مون کي ڏسندي ٽمون ڪنهن به قسم جي لفٽ نه ڏني. اها ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي ته آخر اڄ ٽمون اکيون ڇو ٻوٽيون آهن؟
    ٽمون ڪهڙا حال اٿئي؟ قلفي ڇو ٿو کپائين؟ توکي خبر ناهي ته ڊي سي 144 قلم لاڳو ڪري قلفي وڪرو ڪرڻ ۽ برف جي ڳنڍن تي بندش وجهي ڇڏي آهي.
    ها ها سڀ خبر اٿم. ٽمون هڪ ٻار کي قلفي ڏيندي چيو. تون هروقت باخبر رهندو آهين، مان به هر خبر جي خبر رکندو آهيان. ٻڌ! قلفي ۽ ڳنڍي تي بندش مون ئي هڻائي آهي؟
    ٽمون تون بندش هڻائي آهي!؟ مون حيرت وچان پڇيو. پر ڇو؟
    ان لاءِ ته جيئن بندش واري عرصي ۾ مان قلفي کپائي سگهان ۽ تون پڪ سمجهي ويو هوندين ته منهنجي قلفي کپائڻ پويان ڪهڙي سامراجي قوت جو لڪل هٿ ٿي سگهي ٿو.
    قلفي کپائڻ پويان لڪل سامراجي هٿ!!؟ ٽمون مون کي ڳالھ اصل ۾ سمجھ ۾ نه آئي.
    تون سمجهندين به ڇو؟ سنڌ مان نڪرندڙ سڀ اخبارون گھوٽي، پاڻي ۾ ملائي، ڪونر ۾ وجهي ڪنهن ڏاند کي کارائجن ته اهو ڏاند اخبار جو مالڪ يا صحافي ٿورئي ٿي ويندو ۽ تون به اهو بنا سنڱن وارو ڏاند آهين.
    ٽمون اڄ جا ڏاند جيئرا ڪڪڙ کائي وڃن ٿا. اها خبر اٿئي؟ جي توکي خبر ناهي ته پوءِ تون قلفي نٿو کپائي سگهين.
    مون کي سڀ خبر آهي ته تون جهڙا اخباري ڏاند ماڻهوءَ جو ماس به کائيندا آهن جي اها توکي خبر ناهي ته پوءِ تون شهر جون گھٽيون نٿو گهمي سگهين.
    مون هارايو ٽمون صاحب...... اهو ٻڌاءِ ته تون قلم 144 جي ڇو ڀڃڪڙي ڪئي اٿئي؟
    توکي چيم نه !ته هيءَ قلفي مان نه پر ٻيو ڪو کپائي رهيو آهي. منهنجي هن قلفي کپائڻ جي پويان ڳجها هٿ لڪل آهن.
    پر ٽمون انهن ڳجهن هٿن جو قلفي سان ڪهڙو واسطو؟ ڇا هو قلفي مان به فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.
    ها! ٽمون قلفي جي سانچي ۾ کير وجهندي چيو. اهي ڳجها هٿ منهنجي قلفي کپائڻ جي پويان آهن، انهن جو مقصد آهي ته خراب موسم ۾ ٻار قلفي کائن ۽ بيمار ٿين ۽ ڊاڪٽرن وٽ وڃن.
    پر ٽمون ان ۾ ڳجهن هٿن جو نه پر ڊاڪٽرن جو فائدو ٿيندو جيڪي ڊاڪٽري بجاءِ واپار ڪري رهيا آهن.
    بابا تون نه سمجهندين!!!ڪيترو توکي سمجهائيندو رهندس؟ بابا ڊاڪٽر کان پوءِ مريض ڪاڏي ويندو آهي؟ ٽمون مون کان پڇيو.
    دوا جي پرچي کڻي ميڊيڪل اسٽور تي ويندو آهي ۽ وڃي دوا وٺندو آهي. مون ٽمون کي پنهنجي عقلمندي جو ثبوت ڏيندي چيو.
    ها صحيح ٿو چوين ۽ ٻڌي ڇڏ ته اهي ميڊيڪل اسٽور، جن ۾ موتمار دوائون، ايڪسپائر يعني مُدي خارج دوائون وڪرو ڪيون وينديون آهن، اهي اسٽور انهن ڳجهن هٿن وارن جا آهن جيڪي مختلف طريقا استعمال ڪري بيماري پيدا ڪرڻ جا ماهر آهن.
    هون! ٽمون مون کي هاڻي سمجھ ۾ اچي ويو ته تون هي قلفي کپائين ٿو، ان جي پويان تنهنجي رشوت خور مامي صوبيدار سٽو فقير جو هٿ آهي، جنهن جا شهر ۾ پنج ميڊيڪل اسٽور آهن.
    واھ جو هنڌائتو ڌڪ هڻي ڪڍيئي. ائين تو بلڪل درست فرمايو آهي ته قلفي کپائڻ پويان ان سٽو فقير جو هٿ آهي ۽ توکي اهو به ٻڌائيندو هلان ته مون کانسواءِ ڏھ ٻيا به قلفي کپائڻ وارا آهن. جيڪي شهر جي ننڍين گهٽين ۾ قلفي کپائي رهيا آهن ۽ اهو به تو کي ٻڌايان ته اهي ڏھ ئي قلفي وارا باقاعده مون واري مامي کي ڪميشن ڏيندا آهن، پر مان نه ڏيندومانس.
    ڇو ٽمون تون نه ڏينديس؟
    بيوقوف هو منهنجو مامو آهي ۽ ماما ڪميشن ٿورئي وٺندا آهن. شينهن کي به ڀاڻيجا پيارا هوندا آهن. چيم ته واندو آهيان بندش جو فائدو وٺي ٻه ٽي ڏوڪڙ ڪمائي وٺان ان لاءِ گھٽي گھٽي چوندو ٿو وتان ته آيو قلفي وارو. ڀلا تون قلفي کائيندين؟
    نه ٽمون مون کي خبر آهي ته اها قلفي ڪيئن ۽ ڇا مان ٺهيل آهي. ان لاءِ مان قلفي کائي پنهنجو پاڻ کي بيمار ڪرڻ نٿو گھران.
    ها يار واقعي جي خالص کير ٿا هلايون ته پورت پوي نٿي، ان لاءِ کير، سيڪرين، ميدو، نشاستو ملائي ويٺا ٿا هوڪا ڏيون ته آيو کير جي قلفي وارو، مائي واري قلفيءَ وارو.
    ڏس ٽمون تون پنهنجي دل ۾ ٻين جو احساس ڌار، پنهنجي قلفي خاطر تون سمجهين ٿو ته ڪيتريون معصوم جانيون بيمار ڪندين. هي موسم قلفي کائڻ جي آهي؟ سو به اها قلفي جيڪا خالص آهي ئي نه.
    ها يار چوين بلڪل سچ ٿو. پر بندش جو فائدو ته وٺون.
    ڏس ٽمون ڪنهن به طرح سان ناجائز فائدو وٺڻ، اخلاقي، قانوني، مذهبي ۽ سماجي ڏوھ آهي. تون اها قلفي پنهنجي ننڍي ڀاءُ واٽوءَ کي کارائيندين؟
    نه بلڪل نه کارائيندومانس، ڇو ته هو بيمار ٿي پوندو. ٽمون قلفي جي دٻي تان مکيون هڪليندي چيو.
    ته ٽمون پوءِ ٻين ٻارن کي به پنهنجو معصوم ڀاءُ سمجهڻ گهرجي ۽ انهن جي صحت جو به خيال ڪرڻ گهرجي.
    ٽمون ڪجھ گھڙيون خاموش ٿي سوچڻ لڳو ۽ پوءِ پنهنجي قلفي واري دٻي مان قلفيون ڪڍي گندي نالي ۾ هاريندي چيائين ته “جيڪو وقت جو ناجائز فائدو وٺي عوام کي آزاري ٿو ان جهڙو ڪميڻو ٻيو ڪو به ناهي”. ائين چئي ٽمون اڳتي وڌڻ لڳو.
    ٽمون ڪيڏانهن پيو وڃين؟ مون ٽمون کان پڇيو.
    مون کي هڪ اٽڪل آئي آهي، وڃان ٿو شهر جي مختلف گھٽين ۾ قلفي کپائيندڙن جون قلفيون گندي نالي ۾ هاريندس.
    پر ٽمون تون انهن کي ڇا چوندين، جو هو پنهنجي قلفي هاري ڇڏيندا.
    چوندو مان ته ٿاڻي تي ڊي سي آيو آهي ۽ مامي سٽو فقير توهان ڏانهن موڪليو آهي ته قلفي هاري ڇڏيو ۽ بس پوءِ هو قلفي هاري ڇڏيندا.
    نه ٽمون ائين نه تون انهن قلفي وارن کي سچ ٻڌاءِ، انهن کي دل ۾ انسانيت وارا خيال گھوٽي وِجھُ.
    ها. يار.. تون سچ چوين ٿو، “انسان ته انسانيت” ائين چئي ٽمون اڳتي وڌي ويو ۽ مان ٽمون جو قلفي وارو خالي دٻو کڻي ٽمون جي گھر پهچايو.


    خميس 15 مئي 1997ع


      ٽمون تاريخ لکڻ جي چڪر ۾

    ٽمون ٿڪل ماڻهوءَ وانگي قدم قدم تي رکندو، گھٽيءَ مان آهستي آهستي پئي آيو، مون ٽمون کي ڏسندي محسوس ڪري ورتو ٽمون کي ڪنهن نه ڪنهن شرارت جي ٺاهوڪي سزا ملي آهي. ٽمون جئين ئي منهنجي ويجهو آيو ته مون کيس ٻانهن کان پڪڙي پڇيو “ٽمون خير ته آهي”؟
    ٽمون ٻانهن ڇڏائيندي نماڻائي سان چيو. “اڄ مان پاڻيءَ ۾ ناهيان”، مون سان ڊيگھ نه ڪر، منهنجو موڊ خراب آهي.
    ٽمون صاحب تنهنجي موڊ کي ڇا ٿيو؟ اهو ته مان به ڏسان پيو ته تنهنجو منهن مبارڪ ايراني ڪولر جهڙو لڳو پيو آهي.
    “ڪولر هوندين تون”. ٽمون چڙي پيو. نرڙ ۾ گھنج وجهندي چوڻ لڳو ته “ياد رک مان جڏهن تنهنجي تاريخ لکندس، جيئن هر وڏي ماڻهو جي تاريخ لکڻ ان جو شجرو ڪنهن نه ڪنهن عرب سڳوري سان ڳنڍيو ويندو آهي، تيئن مان به تنهنجو شجرو حضرت ڪولر سان ڳنڍي ڇڏيندس”.
    ٽمون اها ڳالھ مون کي سمجھ ۾ نه آئي ته منهنجو شجرو تون ڪيئن حضرت ڪولر سان ڳنڍيندين، جڏهن ته مان بنيادي سنڌي آهيان.
    بيوقوف! مان تنهنجي شجري سان اهو حشر ڪندس جو دنيا دنگ رهجي ويندي، مان تنهنجي حسب نصب کان واقف هجان يا نه! پر تنهنجو شجرو ضرور لکندس.
    تنهنجو نالو ڇا آهي؟
    ٽمون منهنجو نالو ڦودنو خان آهي. مسٽر ڦودنو خان.
    ها صحيح ٽمون چوڻ لڳو مثال طور ڦودنو پٽ زيتون جو، زيتون پٽ انب جو، انب پٽ ٽماٽي جو، ٽماٽو پٽ مرچ جو، مرچ پٽ واڱڻ جو، واڱڻ پٽ ميهي جو ۽ ميهو پٽ مٽڪي جو، مٽڪو پٽ واٽر جو ۽ واٽر پٽ حضرت ڪولر جو.
    پر ٽمون ميهو ته ڏاڙهونءَ جو پٽ هيو، اهو سراسر ظلم آهي، اسان جي حسب نصب کي مليا ميٽ ڪرڻ جو توتي ڪيس داخل ڪبو.
    ها ها مون کي خبر آهي ته توهان جو نسل حضرت ڪولر مان ناهي، توهان سبزي جي خاندان مان آهيو، پر توکي مان ضرور حضرت ڪولر سان ڳنڍيندس.
    ٽمون صاحب! اهو شجرو ته تاريخ ۾ ڪوڙو سمجهيو ويندو، ڇو ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪنهن به عرب جونالو ڪولر ناهي.
    ڄٽ! تاريخ پڙهندو ڪر. مان توکي ڪيترو سمجهائيندس ته “وڄي نه وڄي وٺ رينگٽ کي”. هونءَ به اڪثر ماڻهو پاڻ کي عرب نسل سان ملائيندي فخر ڪندا آهن ۽ پهريون ماڻهو تون آهين جو عرب نسل جو نٿو سڏائين.
    ٽمون ڇڏ انهن وائڙين ڳالهين کي، اهو ٻڌاءِ ته آفيس نه ويو آهين؟ سو ڇو؟ ۽ تنهنجو موڊ ڇو خراب آهي؟
    بس دوست نوڪري مان ڪڍي ڇڏيائون، ان ڪري موڊ خراب آهي. ٽمون ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو.
    ٽمون توکي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيائون؟! پر ڇو؟ تنهنجو گناھ ڪهڙو هيو؟ جنهن گناھ جي توکي ايڏي وڏي سزا ملي.
    منهنجو گناھ ڪوبه نه هيو تڏهن ته نوڪري مان ڪڍيائون. اهي وڏين ڪرسين تي ويٺل ماڻهو گناھ خود ڪن ٿا ۽ لوڙيين ننڍا ملازم ٿا ۽ مان به اهڙين ملازمن جي قطار جو هڪ فرد آهيان.
    ٽمون تو گناھ نه ڪيو هوندو، اهو ته مان مڃان ٿو، پر ڪٿي توکي ڪنهن شرارت جي سزا ته ناهي ملي ؟.
    مسٽر هوش سان ڳالهاءِ مان شرارت جي ”ش“ کان به واقف ناهيان. تون هروڀرو مونکي شرارتي چئي منهنجي خلاف ڪيس تيار پيو ڪرين. جنهن ڪيس ۾ مونکي جيل وڃڻو پوندو ۽ اتي ئي ڪيس هلندو. مان تنهنجي ان سازش کان واقف آهيان، ته تون ڪير آهين ۽ ڪنهن جي اشاري تي پيو ڳالهائين.
    ٽمون تون ته الائي ڪٿي وڃين ٿو نڪرين. مان ٿو پڇان ته توکي نوڪري مان ڇو ڪڍيو ويو.
    ٻڌ هي جيڪي وڏين ڪرسين تي ويٺل وڏا ماڻهو آهن، اهي سڀ بد دماغ اٿئي جي نه منهنجو وس هلي ته انهن سڀني کي نوڪري تان لاهي گدو بندر واري اسپتال ۾ داخل ڪرائي اتي واڙيل سڀني ماڻهن کي ڪڍي انهن جي عهدن تي مقرر ڪري ڇڏيان. گھٽ ۾ گھٽ اهي واڙيل شخص جن کي توهان چريا ٿا چئو. اهي رشوت خور، بي ايمان ۽ ملڪ دشمن ته نه ٿيندا ۽ نه ئي پنهنجا پيٽ ڀري ملڪ جي ڀينگ ڪندا. هي، جن کي اوهان سياڻا هجڻ جو لقب ڏنو آهي، جيڪي رشوت خوري، بي ايماني جي بازار گرم ڪيون ويٺا آهن ۽ جيڪي هٿ سان بدامني پکيڙي ملڪ جي ڀينگ پيا ڪن، انهن کان اهي گدو بندر واري اسپتال ۾ واڙيل شخص هزار دفعا ڀلا آهن.
    او ٽمون چيو اٿمانءِ ته اهي وڏيون ڳالهيون نه ڪندو ڪر، ڇڏ انهن چرين ۽ سياڻن واري چڪر کي، اهو ٻڌاءِ ته توکي پٽيوالي جهڙي عظيم الشان نوڪري مان ڇو ڪڍيو ويو؟
    ٻڌ جنهن ڏينهن مان پٽيوالي طور ڀرتي ٿيس، يعنيٰ اڄ کان ويھ ڏينهن اڳ ته مون واري صاحب مون کي سمجهائيندي چيو ته ماڻهن جا چهرا پڙهڻ سِکُ. جي ڪو ڪنگلو ڏسين ته چئجانس ته صاحب تنهنجو فائيل ڏسي پيو، ٻه ٽي ڏينهن رکي پوءِ اچجان، جي ڪو سوٽ ڪوٽ سان اجايو آڪڙ ڪندي ڏسين ته چئجان ته صاحب ميٽنگ ۾ مصروف آهي، ڇو ته اهڙا ڪپڙن جو رعب وجهڻ وارا ماڻهو يا ته ڪنهن حڪومتي پارٽي جا هوندا آهن يا جن جي کيسي ۾ ڏيڻ لاءِ ٽڪو به نه هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ڏوڪڙن ڏيڻ وارو هجي ته ان لاءِ آفيس جا دروازا کليل رکڻ گهرجن. بس دوست! صاحب جي ان ڳالھ تي عمل ڪيم ۽ صاحب مڇرجي پيو ۽ ڪڍي ڇڏيائين نوڪري مان ائين جيئن هوٽل وارو کير ۾ پئجي ويل مکيون ڪڍندو آهي.
    اهو ڪيئن ٿيو ٽمون سربستو احوال ٻڌاءِ؟
    تازي يعنيٰ ڪلھ جي ڳالھ آهي ته هڪ شخص سوٽ بوٽ ۽ ڪوٽ پايون، پويان اچي نڪتو، سمجهيم هن مان ٽڪو به نه نڪرندو سو آفيس ۾ وڃڻ کان روڪيندي چيومانس ته صاحب ميٽنگ ۾ مصروف آهي. توهان ان سان نٿا ملي سگهو. ورندي ڏنائين ته اهو صاحب مان ئي آهيان جنهن سان تو وارو صاحب ميٽنگ ڪندو. مان توراوي صاحب جو به صاحب آهيان. بس اسان کي به جَنوني اچي ويئي ۽ پوءِ ته هڪل ڪندي چيومانس ته اي ڪنگلا تنهنجي کيسي ۾ گرمي نٿي نظر اچي. تون صاحب ته ڇا پر صاحب جي پٽيوالي جو بورچي به نٿو لڳين، ٽر اکين اڳيان نه ته ڪنن ۾ چڪ هڻي ڪنَ کائي ويندومانءِ.
    وڃ ٽمون وڏي ڳالھ ڪري ٻڌايئي ....... پوءِ ڇا ٿيو؟
    بس پوءِ ڇا وري ڇا ٿيو!! اهو سوٽ بوٽ ۽ ڪوٽ وارو آفيس ۾ زوري داخل ٿيو ۽ مان به ٽپ ڏئي پٺيءَ تي چڙهي چيومانس ته منهنجو نالو به ٽمون آهي، آفيس ۾ نه ڇڏيندو سانءِ، صاحب ميٽنگ ۾ اچڻ کان منع ڪئي آهي. بس ٻئي ڄڻا آفيس ۾.
    وڏو ڪمال ڪري ڇڏيئي ٽمون. پوءِ ته توکي صاحب انعام ڏنو هوندو، ڪيئن مان صحيح ٿو چوان نه؟
    تون سراسر غلط ٿو چوين ڇو ته ان کانپوءِ مان نوڪري مان خارج ڪيو ويس. ڇو ته واقعي اهو شخص صاحب جو صاحب هيو.
    وڃ ٽمون وڏو قهر ٿي ويو، پوءِ ڇا ٿيو؟
    بس مون واري صاحب جيئن ئي مون کي پاڻ واري صاحب جي پٺيءَ تي ڏٺو ته ڪاوڙجي پيو. بيوقوف ڇورا تو صاحب کي ڏاند سمجهيو آهي يا گڏھ گهوڙو؟ جو ان جي پٺي تي چڙهي ويٺو آهين، لھُ گڏھ، صاحب جي پٺيءَ تان.
    بس پوءِ ته مان صاحب جي پٺي تان ٽپ ڏئي لهي پيس ۽ پاڻ واري صاحب کي چيم ته ٻيو حڪم.
    واھ ڙي واھ ٽمون تنهنجي فرمانبرداري. صاحب خوش ٿيو هوندو.
    ها صاحب کلندي ٻٽيھ ڏند ڪڍندي چيو ته تون نوڪري ڪرڻ جي لائق ناهين رهيو، ڇو ته تون صاحبن کي ڏاند سمجهين ٿو ، تون اضافي ڀرتي وارن منجهان آهين ۽ تون ملڪ جي خزاني تي بار آهين، ان لاءِ توکي پٽيوالي مان خارج ڪجي ٿو.
    يار ٽمون وڏو افسوس ٿيو مون کي، يار تنهنجي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان.
    افسوس نه ڪر، ڇو ته جنهن ملڪ جا غريب، ملڪ جي خزاني تي بار هجن، ڪرپٽ ماڻهو، ملڪ جو ناڻو ڦريندڙ ۽ اربين کربين روپين جي مني لانڊرنگ ڪري به ملڪ جا حڪمران بڻجن، تنهن ملڪ جي تاريخ لکڻ گھرجي ۽ ان ملڪ جو شجرو عرب سڳوري ابوجهل سان ڳنڍڻ کپي ۽ مان اها تاريخ لکندس.
    پيارا ٻارو ائين چئي ٽمون گھٽي مَٽي هليو ويو ۽ مان سندس چيل جملن تي غور ڪرڻ لڳس ته واقعي ٽمون سچ چيو آهي.


    خميس 22 مئي 1997ع


      ٽمون ۽ ڪينجهر

    ٽمون اسڪول پيو وڃين ڇا؟ ٽمون کي اسڪول جي پوشاڪ ڏسندي چيم.
    تو ڪيئن سڃاتو ته مان اسڪول ٿو وڃان.
    صاف ظاهر آهي ته تون اسڪول پيو وڃين.
    پر..... ڪيئن؟
    توکي اسڪولي ٻارن جهڙا ڪپڙا پاتل آهن. پر ٽمون اسڪول ايترو سوير ڇو؟
    گھر ۾ ٻارن جو گوڙ، ٻيو ته باھ لڳي بجلي وارن کي جو بل جمع ڪرايو اٿئون پوءِ به بجلي ڪٽي ويا آهن.
    ٽمون بجلي وارا به عجيب آهن، جنهن سان وير رکن، انهن ڏانهن ڪوڙا بِل موڪلين مٿان وري ڊڊيڪشن بل ۽ اضافي ريڊنگ هڻي هن غريب ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسي رهيا آهن، جي رکن ڪنهن سان دوستي، يا ڪو سندن کيسو گرم ڪرينِ، ته اهو ويٺ موجون ماڻي ۽ بجلي مفت ۾ ويٺو ٻاري.
    خير! ٽمون ڇڏ انهن ڳالهين کي، ڏي خبر ڪٿي هئين، ڏسڻ ۾ ڪونه پيو اچين؟
    يار ٽوئر تي ويو هيس.
    ٽوئر تي....!
    ها اسڪول پاران ٽوئر ڪرايو ويو.
    ڪٿان جي ٽوئر هڻي آيو آهين؟
    ڪينجهر ڍنڍ تي ويا هئاسين.
    خوب گھميو هوندين، مزو به واھ جو آيو هوندءِ.
    نه يار رهندو درد پرايم.
    سو وري ڪيئن ٽمون!؟
    بس ادا هن ڌرتي کي سور ڏيڻ وارا گهڻا ۽ سينگارڻ وارا ٿورا آهن.
    مون تنهن جو مطلب نه سمجهيو ٽمون.
    ڏس نه دوست هاري انُ اُپائي، پر پاڻ بکيو رهي، مزدور ڪارخانن ۾ پگهر وهائن ، تن جي پگهر جي پورهئي جو ٻيا کٽيو کائن ٿا. پورهيت پاڻ ساڳيو دردن ۾!. پورهيت پورهيو ڪري ٿو ان کي ڇا ٿو ملي؟
    تون ڇا ٿو چوڻ چاهين ٽمون؟
    دوست ڪينجهر جي سونهن ۽ سينگار، ساھ ۽ جان ميربحر ۽ مهاڻا آهن.
    ها بلڪل ڪينجهر هجي يا منڇر، درياءُ هجي يا سمنڊ انهن جي سونهن، ميربحرن جي دم سان آهي.
    اهي ڪينجهر ۽ منڇر کي سينگارڻ وارا پريشان ۽ ڏتڙيل ڇو آهن؟ انهن جا معصوم ٻچا، تعليم ڇو نٿا حاصل ڪري سگهن؟ ٻيڙي ۾ ٺهيل ننڍي ڀونگي ۾ زندگي ڪيڏي وڏي ڏکيائي سان گذارين ٿا، پر منهن تي وري به مرڪ اٿن، بدن تي ڪپڙو چڱو ڪونه اٿن، معصوم چهرا انگ اگھاڙا، ڏکن سورن کان بي خبر ڪينجهر ڪناري کيڏي رهيا آهن، ڄڻ جنت جو ڪنارو هجي، پر........ انهن جو ڪينجهر تي حق ڇو نه آهي؟ اهي ڪينجهر جا وارث ڇو نه آهن؟ ائين ڇو آهي؟
    ٽمون اسان جنهن معاشري ۾ جنم ورتو آهي، ان معاشري ۾ طبقاتي ڇڪتاڻ آهي. غريب طبقو غلام آهي ۽ ميربحر به غلام آهن، ٻانها آهن. اسان جو معاشرو اهڙو آهي ٽمون.
    ان معاشري کي ڪيئن تبديل ڪجي، جو پورهيت کي خدا جي قانون مطابق پگهر سڪڻ کان اڳ اجورو ملي، ڪوبه عربي ۽ عجمي نه هجي. سڀ برابر آهيون. الله ۽ الله جي رسول اڳيان ڪوبه خدا جي آڏو امير ناهي. ٻڌاءِ ان معاشري کي ڪئين تبديل ڪجي؟
    جدوجهد سان، محنت ۽ ايمانداري سان ٽمون.
    ڪنهن جي خلاف جدوجهد ڪجي؟
    ٽمون! جدوجهد ،ظالم، ڦورو ۽ غاصبن خلاف، جيڪي پنهنجي ٽڪي جي مفاد خاطر ٻين جي زندگين جي قسمتن جا فيصلا ڪري، پنهنجا گهر ڀرين ٿا.
    ٽمون گھڙي کن چپ رهيو ڪجھ سوچي رهيو هو. ٽمون ڇا پيو سوچين؟
    ڪجھ نه.
    ڏس ٽمون مون کان به لڪائين ٿو.
    نه دوست ائين نه آهي، توکان ڳالھ ڪيئن لڪائيندس.
    پوءِ ٻڌاءِ ته ڇا پيو سوچين ٽمون؟
    يار اسڪول جو ٽائيم ٿيڻ وارو آهي. ٽمون واچ کي ڏسندي چيو.
    پوءِ ڳالھ نه ٻڌائيندين؟
    ڪهڙي ڳالھ؟
    جيڪا سوچي رهيو هئين.
    ها !! سوچان ٿو ته مونتي ڪو اعتبار به ڪندو؟
    ڪيئن ٽمون؟
    يار سوچيان ٿو ته هن غاصب، مڪار، ظالم ۽ احساسن کان خالي دنيا کي ڊاهي هڪ نئين دنيا اڏيان، جنهن دنيا ۾ ڪو به ماڻهو بک، ڏک، بيماري ۽ بيروزگاريءَ سبب نه مري. .......
    چڱو دوست مان اسڪول هلان ٿو، اسڪول کانپوءِ ضرورملنداسين. ائين چئي ٽمون اسڪول جو رستو ورتو ۽ مونکي شاھ جي بيت جي هيءَ سٽ ياد اچي ويئي ته “ ڏکن ڏيکاريس گوندر گس پرين جو”

    خميس 3 اپريل 1997ع


      ٽمون ريل ۾

    ريل ۾ رش هجي، ماڻهو گاڏي ۾ هيٺ ته ڇا پر ڇت تي به ويٺا هئا، سوڙ سنگهيڙ ۾ زور ڏيندي، مس مس گاڏي ۾ گهڙيس. پهريان ته ٻه ٽي اسٽيشنون بيٺو رهيس، نيٺ هڪ اسٽيشن تي هڪ همراھ لهڻ وارو هيو. سو اڳ ئي رومال جڳھ والارڻ لاءِ ڏنومانس، ڀاڳ هئا ڀلا جو جڳھ ملي وئي نه ته بيهي بيهي ساڻو ٿي پويان ها، وري به شڪر آهي جو هڪ سيٽ تي پنج ڄڻا ويٺا رهياسين. ڳالهائيندي ڳالهائيندي منهنجو پير سيٽ جي هيٺان ڪنهن شيءِ سان لڳو ۽ سيٽ هيٺان آواز آيو:
    ڀائو خيال ڪر، وات سان ڳالهائين ٿو يا ٽنگن سان.
    مان هيڏي هوڏي نهارڻ لڳس ته هي آواز ڪٿان ٿو اچي انهيءَ سوچ ۾ هيس ته هي آواز سيٽ هيٺان ٿو اچي يا ڪنهن ٻئي طرف کان!.
    ستا پيا آهيون ننڊ ڇو ٿا ڦٽايو. سيٽ هيٺان آواز آيو.
    گھڻا ڄڻا ستل آهيو؟ مون جواب ڏنو.
    مان هڪ ڄڻو ئي ته آهيان. سيٽ هيٺان جواب جي جواب ۾ آواز ڪنن تائين پهتو.آواز ته ٽمون جو پئي لڳو، نوِڙي ڏٺم ته واقعي ٽمون هيو. مون کي ڏسندي تڪڙ م نڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ته مٿي ۾ سيٽ جي لوهي ڏنڊي جو ڌڪ لڳس، گھڙ کن ماٺ ۾ رهيو پوءِ دم پٽي چيائين ته ٿورو سرڪي جاءِ ڏيم ته ويهان، مون چيومانس ته هت ته اڳي ئي پنج ڄڻا ويٺا آهيون.
    مان به ماپي ويندس ڪهڙو باڊي بلڊر آهيان جهڙو تون سنگل پاسيري تهڙو مان.
    ٽمون ٽڪيٽ ورتي اٿئي؟
    ٽڪيٽ! عجيب ڳالھ آهي. ٽهڪ ڏيندي ٽمون چيو.
    ٽمون ان ۾ عجب کائڻ جي ڪهڙي ڳالھ آهي؟
    عجب نه کانوان ڪڏهين ورتي ڪونه اٿم ته اڄ ڇو وٺان.
    ٽڪيٽ چيڪر منهن ڪونه پيو اٿئي نه ته ڪنن کان وٺي اُڀو ڪري ڇڏيندءِ ٽمون.
    ڪهڙن ۽ ڪيترن کي ڪنن کان جهلي اُڀو ڪندو.
    ڇا مطلب ٽمون.
    مطلب صاف ظاهر آهي ته سڄي ريل ۾ اڪيلو مان بنا ٽڪيٽ آهيان؟ باقي جيڪي ماڻهو ريل جي مٿان، ريل گاڏي ۾ سٿيا پيا آهن، تن سڀني وٽ ٽڪيٽ آهي؟
    پر جي اتفاق سان ٽڪيٽ چيڪر آيو ته پوءِ ٽمون ڇا ٿيندو؟
    هڪ ڀيرو آيو ٻيهر ڪونه ايندو. ٽمون وڏي اطمينان سان جواب ڏنو.
    توکي ڪهڙي پڪ آهي ته ٻيهر ڪونه ايندو ٽمون؟
    هيڏي رش ۾ هَر هَر ٿورئي ايندو، هونءَ به اڄ ڍوءُ ٿيل هوندس. خوب ڪمايو هوندائين ڇت تي ويٺلن، گاڏن ۾ سٿل ماڻهن جا کيسا ڪتري هليو ويو هوندو.
    اهو ڪيئن؟
    جن وٽ ٽڪيٽ نه هوندي آهي ته انهن کان پئسا وٺندا آهن، جي اسان پارو پڙهيل هوندو ته اُن کي رسيد ڏيندا جي نه ته مڙئي خير.
    تون ڪيڏانهن ويو هئين؟ ٽمون کان سوال پڇيو.
    دادو ڪم سان ويو هيس.استاد بخاريءَ جو شعر ٻڌڻ.....
    اهو وري ڪيئن؟
    دادو ۾ آهي جادو ٽمون.
    ڪمال آهي! استاد بخاري مونتي به شعر لکيو آهي؟
    ٽمون توتي شعر ڪونه لکيو اٿائين، مون توکي پهاڪو ٻڌايو ته “ دادوءَ ۾ آهي جادو”
    جادو وري دادوءَ ۾!!؟ مونکي جادو ته نظر ڪونه آيو.
    باقي ڇا ڏسين آئين دادوءَ ۾ٽمون؟
    دادو شهر ۾ داخل ٿيس، شهر، گھٽيون، روڊ رستا خراب . پينو فقيربه جام نظر آيا. استاد بخاري جي شهر کي ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو.
    ٽمون جي ڳالهين ۾ خبر ئي نه پئي ته چار اسٽيشنون ٽپي آياسين، پنجين اسٽيشن تي اسان جي منزل هئي سو اسين ٻئي باڊھ اسٽيشن تي لٿاسين. ٽيڪٽ چيڪر واقعي ئي نه آيو، ٽمون سچ چيو.
    اسٽيشن تي لهي ٽمون کي چيم هاڻ هتان ڪيئن نڪرندين؟
    ورندي ڏنائين: ويٺو ڏس.
    اسٽيشن جي گيٽ تي بيٺل چيڪر ٽمون کان ٽڪيٽ گُهري، ٽمون چيس ته ريل هلڻ واري هئي تڪڙ ۾ سپاهين جي گاڏي ۾ چڙهي پيس، هو ڏس ٿلهو سانَ جهڙو سپاهي بيٺو آهي ان مون کان ٽڪيٽ جا پيسا ورتا آهن. ائين چئي ٽمون ٻاهر نڪري ويو. مون ٽمون کان پڇيو توکان واقعي سپاهي پئسا ورتا آهن؟
    چيائين ”نه“.
    ته تو ان مسڪين سپاهي لاءِ ڇو ائين چيو؟
    چيائين ته مون نه ڀريا ته ڇا ٿي پيو؟ ٻيا غريب ۽ اٻوجھ ته ڀريندا آهن؟ هي تو وارا غريب سپاهي ويچارا ايڏا ڀلا آهن ڇا؟ جو ڪنهن کي مفت جا مزا وٺرائين! اهي تو وارا اٻوجھ سپاهي به گهٽ ظالم ڪونهن ! ريل کاتو وڃي ٿو ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندو ۽ هي تو وارا ويچارا سپاهي، وڃن ٿا ڏينهنون ڏينهن ٿلها متارا ٿيندا!!! اهي ٽڪيٽ چيڪر ۽ تو وارا ويچارا پوليس وارا سدائين موجن ۾ آهن، تن جي ڳڻتي تو کي نه ٿيڻ گهرجي.
    ٽمون سيٽ هيٺان ڇو ستو پيو هئين؟
    بندري قد وارن لاءِ سيٽ جي هيٺان جاءِ هوندي آهي، اُتي سمهڻ ۾ مزو آهي، گاڏي ۾ بچيل به جڳھ اهائي هئي، سيٽ هيٺان گھڙي لت ڏئي سمهي پيس، ڏاڍو آرام ۾ آيس..... پر هڪ ڳالھ سمجهاءِ ماڻهو ريل جي ڇت تي ڪيئن ويهن ٿا، سمجھ ۾ نٿو اچي.
    ٽمون! مان ريل جي ڇت ڪڏهن به ويٺونه آهيان، جو توکي ٻڌايان ته ڪيئن ڇت تي ويهي ريل جوسفرڪبو آهي.
    تون هڪ ڀيرو ريل جي ڇت تي چڙهي تجربو ڪري ڏس.
    ٽمون مون کي سِرُ پيارو آهي، اهڙو تجربو توکي ڪرڻ گُهرجي.
    ٻيا ڄڻ منڍيون ترين تي کنيون گھمندا وتن ٿا. انهن کي به سرُ پيارو آهي جيڪي ڇتين تي ويهن ٿا....
    ٽمون! گھر به هلندين يا رڳو پيو ڳالهيون ڪندين. مون ٽمون جو جملو ڪٽيندي چيو.
    توکي ڪنهن جهليو آهي؟ هونءَ به تون پنهنجي گهرويندين ۽ مان پنهنجي گهر.
    يار مان وڃانءِ ٿو. ٽمون رڙ ڪندي چيو:
    ڪيڏانهن ٿو وڃين ٽمون!؟ هن باڊھ شهر ۾ نه تنهنجو گهر نه منهنجو گهر!
    هو ڏس آسمان تان لغڙ ڪرڻ وارو آهي، ان کي پڪڙيندس. ٽمون ڊڪندي چيو.
    ڏٺم ته ڌاڳي مان ٽٽل لغڙ آسمان تان بولاٽيون کائيندو، زمين تي ڪرڻ جي ڪري رهيو هو ۽ ٽمون به ان لغڙ کي پڪڙڻ لاءِ ٻين ٻارن جي پويان ڊوڙندو ويو.


    خميس 19 مارچ 1982ع


      ٽمون ۽ لغڙ

    ٽمون بجلي جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيون ڪنهن گهري سوچ ۾ غوتا کائي رهيو هيو. ڪلهي تي هٿ رکيو مانس ته ڇرڪ نڪري ويس، ڪنڌ ورائي وڏي رڙ ڪري چيائين مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي.
    ٽمون ڇو مايوس آهين؟
    ضمير ملامت ڪئي آهي.
    ڇا...... توکي به ضمير آهي؟
    ها منهنجو ضمير سجاڳ آهي، باقي ڪن جا ضمير مري ويا، ڪنهن جا ضمير وڪرو ٿي ويا، ڪي ضمير جي بغير جيئن ٿا، ڪي ضمير جي ماني کائن ٿا.
    ڪجھ ته ٻڌاءِ آخر ٿيو ڇا؟
    بس يار ڪنهن جي دل نه ڏکوئجي.
    اهو ته هڪ بهترين عمل آهي ٽمون.
    ها! ڊپ ٿو ٿئي ته ڪٿي سزا مونکي ڀوڳڻي نه پوي.
    ڇو ڪنهن جي دل کي رنج پهچايو اٿئي؟
    چيائين ته نه پڇ........... مان روئي ڏيندس.
    ٽمون حال اورڻ سان ڪجھ دل تان بار هلڪو ٿيندو آهي، ڪجھ ٻڌاءِ .
    اڳئين هفتي پاڻ گھر گڏ اچون پيا نه..........
    ها ها جو تون لغڙ پڪڙڻ لاءِ ڀڄي ويو هئين.
    ها! ان ڏينهن، مون جيڪو لغڙ پڪڙيو هيو، اهو هڪ يتيم ٻار جو هيو، لغڙ جي پويان هو به ڊوڙندو آيو، ٿورو ٻاتڙو هيو، ايندي چيائين ”ادا“ اهيو منهندو لدڙ آهي (منهنجو لغڙ آهي) موتائي ڏي. چيومانس ته ڀڄ ڇورا مون پڪڙيو آهي پوءِ ڪنهن جو به هجي نه ڏيندس هينئر منهنجو لغڙ آهي. وڃي ٻيو وٺ. ورندي ڏنائين ته “ٻيا پيتا تونهن” (ٻيا پيسا ڪونهن). امان به ٻيا تونه ڏيندين.” (ڪونه ڏيندي) بابو حج تي ويو آهي نه...... تاوڙجي (ڪاوڙجي) امان پاپر ٿاهي ڏيندي آهي اهي ٿپائيندو آهيان (کپائيندو) ۽ هن لدڙ جا ٻه لوپيا ڏهن ڏينهن ۾ ميريا هئا. (ٻه روپيا ميڙيا هيم) اهو لدڙ به انهن پيٿن مان وتوهئم. ادا ڏي نه.!!”
    چيومانس نه ڏيندس ۽ هڪ ٿڦ به هنئي مانس ۽ لغڙ به ڦاڙي ڇڏيو هئم، ڦاٽل لغڙ کي ڏسي وري مون ڏانهن ٿي ڏٺائين شايد ٿڦ جو ايترو ڏک نه ٿيس جيترو ميڙيل پئسن مان ورتل لغڙ جو، جنهن کي مون ڦاڙي ڇڏيو.
    ڏٺم ته ٽمون جون اکيون آليون ٿي چڪيون هيون! ٽمون واقعي تو معصوم جي دل کي صدمو رسايو آهي، هاڻي پشيمان ٿيو آهين، توکي خدا بخشيندو.
    بس يار ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي ته ڇا ڪيان.
    پر ٽمون هڪ هفتي کانپوءِ اهيو احساس تنهنجي دل ۾ ڪيئن جاڳيو؟
    يار! ضمير جون چهنڊڙيون ڪنهن کي جڏهن جاڳائين، سو هفتي کان پوءِ ضمير جاڳيو آهي. ان ٻار جو احساس ٿئي ٿو.....
    اسين ڳالهيون ڪندا بس اسٽاپ تي آياسين. ٽمون هڪ ڇوڪري کي ڏسي چيو.
    هو هوٽل ڏسين پيو؟ هڪ ڇوڪرو بيٺو آهي نه؟ تنهن جي اک ۾ ڦُلو آهي، ان جي پيءُ ٻي شادي ڪئي ۽ پوءِ انهيءَ ڇوڪري جي امڙ کي گھر مان ڪڍي ڇڏيو هو.
    ها ان کي ڇا ٿيو؟
    ڪالھ جو واقعو ٻڌايان ٿو. غلطي مان کير سان ڀريل جڳ ان ڇوڪري جي هٿ مان ڪري پيو، پوءِ ته هوٽل جي سيٺ ان کي ٻه ٽي چماٽون وهائي ڪڍيون. ويچارو ڪجھ ڪري نه سگهيو پر روئي ضرور پيو، ڪنهن کي دانهن ڏي، احساس ته ڏاڍو ٿيو پر زور اڳيان زاري آهي مان ڇا ٿي ڪري سگهيس، ان مهل هوٽل جي سيٺ نوڪري مان ڪڍيس. ويچاري ايلاز منٿون ڏاڍيون ڪيس پر سيٺ کي رحم ڪونه آيو، جڏهن ڇوڪري سمجهيو ته هاڻي ڪجھ نه ورندو ته سيٺ کي چيائين سائين اڄوڪي ڏيهاڙي ته ڏيو نه، ته گھر اٽو وٺي وڃان. سيٺ دڙڪو ڏيندي چيس ته ڏهاڙي کان وڌيڪ قيمت جو تو کير زيان ڪيو آهي، اڃا ڏهاڙي ڏيانءِ، ڪتي جا پٽ. ڇوڪرو سيٺ ڏانهن ۽ آسمان طرف نماڻائي سان نهاري سڏڪو ڏئي هليو ويو. پر يار سيٺ کي سزا ملي وئي.
    سوڪيئن ٽمون؟
    اڌ ڪلاڪ کان پوءِ سيٺ موٽر سائيڪل تي چڙهيو پئي ويو ته موٽر سائيڪل پل سان وڃي لڳي، هڪ ٽنگ ۽ اڳيان ٽي ڏند ڀڄي پيس..... ۽ مان به سيٺ جو حشر ڏسي ڊڄان ٿو ڪٿي مان به....
    ٽمون ائين نه چئه، تو جهڙو انسان اسان کي ڪٿان ملندو.
    پوءِ ڇا ڪريان؟
    ٽمون هينئر ئي هلون ان شهر ،ان ڇوڪري کي ڳولهي لغڙ وٺي ٿا ڏيونس، تنهنجي ضمير جو بار هلڪو ٿي پوندو.
    اهيو ته بهتر ٽمون مرڪي ڏنو. ائين چئي بس ۾ چڙهي باڊھ پهتاسين ۽ ان ڇوڪري کي ڳولڻ لاءِ نڪتاسين، ڇوڪرو والي بال جي ميدان تي پاپڙ وڪڻي رهيو هو، ٽمون کي نفرت سان ڏٺائين، ٽمون پنج رپيا ڪڍي ڏنس ۽ ٻه چميون ڏيندي چيائينس ته هل ته توکي ٻه لغڙ وٺي ڏيان ٿو. ڏٺم ته ٽمون هينئر خوش هيو، مايوس ڪونه هو، ٽمون جي دل ٻهڪي رهي هئي ڇوڪري کي ساڻ ڪري شهر دڪان ڏانهن راهي ٿياسون. ٽمون هڪ تمام سهڻو لغڙ چوڪري کي وٺي ڏنو


    خميس 3 اپريل 1997ع


      ٽمون اسپتال ۾

    پيارا ٻارو! گھڻي وقت کان ٽمون شرارتي اوهان ٻارن جي صفحي مان ائين غائب ٿي ويو، جيئن گڏھ جي مٿي تان سڱ، اڄ اسپتال ۾ ٽمون تي نظر پئي، کڻي ڀاڪر وڌومانس، ٽمون وائڙو ٿي ويو.
    ٽمون ڏي خبر ايترو وقت ڪٿي هئين؟ ٻار توکي ڏاڍو سنڀاليندا آهن.
    هان! تون مون کي ٻارن سان ملائڻ چاهين ٿو! ٽمون حيرت مان چيو.
    نه بابا نه، مان ٻارن سان نه ڳالهائيندس.
    ٻار مون کي شرارتي چون ٿا، جڏهن ته مان ڪا شرارت ڪيان ئي نٿو. ته به شرارتي ڪوٺي چيڙائن ٿا.
    ان ڪري ٻارن سان ڪاوڙيو آهين.
    ٽمون ڇڏ ڪاوڙ کي، ٻڌاءِ پڙهندو آهين يا نه.
    ڀائو پڙهڻ ڪٿي، اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو اٿن.
    ڇو؟ ڇا جي ڪري؟
    نه ڏوھ ڪيم نه ڪنهن سان وڙهيم، بس رڳو هڪ ڏينهن رسيس ملي، سو ٻاهر اسڪول جي ڏاڪڻ تي بيٺو هيس، ڇوڪرو تڪڙو تڪڙو ڏاڪڻ تان لهي پيو, اڳيان کڻي ڄنگھ ڏني مانس وڃي هيٺ ڪريو، پوءِ ته اٿي مون کي به ڏاڍي مار ڏنائين، مون کي به آئي ڪاوڙ سو هنيومانس ڪن ۾ چڪ، اڌ ڪن منهنجي وات ۾ ڇوڪري وٺي رڙيون ڪيون، هيڊ ماستر گهرايو، پوءِ ته هيڊ ماستر به چڱي استري ڪري اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو، هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوھ؟
    ڀلا اسپتال ڪيئن اچڻ ٿيو؟
    يار پير ۾ ڌڪ لڳو آهي.
    وري ڪا شرارت ڪئي هوندءِ.
    يار، تون به شرارتي ٿو چوين ٿو مان ته شرارت جي ”ش“ کان به واقف ڪونه آهيان، بس ٻه ڏينهن اڳ، گليل کڻي جهرڪيون پئي ماريم، اَنَ جي کري تي نظر پئي، دل ۾ خيال آهي ته اَنَ جو جهول ڀري وڪڻي ڪا لائي ٻائي وٺان، بس پوءِ ته کڻي ان جو جهول ڀريم. هاري به اچي مٿان ٺڪاءُ ڪيو، جهلي ٻه ٽي چماٽون وهائي ڪڍيائين، پاڻ ڇڏائي وٺي ڀڳس، ٿورو اڳتي وڃي، غليل ۾ غليلو وجهي، ٺڪاءُ ڪرايومانس، همراھ وڄي ويو، ذري گهٽ ڪرڻ تي هيو، پاڻ سنڀالي سروٽو وهائي ڪڍيائين، يار صفا ڪو هٿ جو سڌو هيو ،مٿي ۾ ڌڪ ته ڏاڍو لڳو، پر مار جي خوف کان وٺي ڀڳس، جڏهن گهر پهتس ته مٿو رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڌڪ سور به ڏاڍو ڪيو آهي، ان ڪري اسپتال آيو آهيان.
    ٽمون هي انجيڪشن ڪيڏانهن آندي اٿئي:
    ڊاڪٽر دوا ڏيڻ ۾ ڪئي دير، سو کڻي آيو آهيانس، ڀلي پيو رڙيون ڪري.
    ٽمون ڊاڪٽر اچئي ٿو.
    هان! چئي ٽمون رکيو پيرن تي زور، اسپتال جي ڀت ٽپي ڀڄي ويو.
    ٽمون بيھ....... او ٽمون ترس.
    نه، نه وري ملنداسين.

    12جنوري 1982ع


      ٽمون ۽ تقرير

    ٽمون اڄ ڏاڍو خوش پيو نظر اچين؟ ڇا ڳالھ آهي؟
    خوشي جو هڪڙو سبب آهي.
    مان به ته ٻڌان، اهو ڪهڙو سبب آهي ٽمون.
    ٻڌندين ته تون به خوش ٿيندين.
    پوءِ ته جلدي ٻڌاءِ.
    مان اڄ اسڪول ۾ انعام حاصل ڪيو آهي.
    سچ ٽمون........!؟
    هي، بُڪ، پَين ۽ گنجي ٽئي انعام ۾ مليا اٿم.
    ٽمون اڄ تو وڏو ڪم ڪيو آهي.
    ها دوست اهو محنت جو نتيجو آهي، هونئن به هن دنيا ۾ ڪابه اهڙي ڳالھ ناهي جيڪا ٿيڻ جهڙي نه هجي، بس رڳو ان شيءِ کي حاصل ڪندڙ جو محنتي ۽ جفاڪش هجڻ ضروري آهي. باقي جيڪو منزل ماڻڻ کان اڳ سست ۽ ڪم چورآهي، جيئن مان اڳ هيس، اهڙن افعالن وارو واقعي منزل ماڻي نٿو سگهي.
    ٽمون اڄ ته زبردست ڳالهيون پيو ڪرين، واقعي محنت سان ئي مانُ آهي.
    اڳ تعليم کان لنوائيندو هيس، اها چريائپ هئي پر هاڻي دل لڳائي پڙهندس، خوب محنت ڪندس ۽ پنهنجي وطن جو نانءَ روشن ڪندس.
    اهو ته تمام بهترين جذبو آهي ، پر ڪجھ بڌاءِ ته اڄ ڇا ڪري آيو آهين ٽمون!؟
    اڄ اسڪول ۾ تقرير ڪري آيو آهيان.“ ڳوٺاڻي زندگي بهتر آهي شهري زندگي کان”
    ٽمون! تقرير ياد ڪيئي يا لکي هيئي؟
    ڳوٺاڻي زندگي ۾ رهون ٿا، شهري زندگي ڏسون ۽ پڙهون ٿا، ڳوٺاڻي زندگي جي شهري زندگي سان ڀيٽ ته هر هڪ ڳوٺاڻو به ٻڌائيندو. مان ته اڃا پڙهيل آهيان. پر پهريون ڀيرو تقرير ڪرڻ جو موقعو سو....
    سو وري ڇا ٿيو؟
    پهريون ته استاد ڪلاس ۾ تقرير ڪندڙن جا نالا پئي لکيا، مون به نالو لکرايو، مقرر وقت تي سڀ استاد ۽ شاگرد هال ۾ گڏ ٿي وياسون، دل ۾ پئي خيال آيا ته تقرير ڪيان يا نه. ڀلا گھر هليو ٿو وڃان منهنجو ڪهڙو ڪم تقرير ڪرڻ سان، وري پئي سوچيم ته ڪهڙي ڳالھ آهي، هن ڀيري سٺي تقرير نه ڪيم ته ٻئي ڀيري چڱي ڪندس. پوءِ ته دل مضبوط ڪري تقرير ڪرڻ جو پڪو پھ ڪيم. نيٺ منهننجو به نمبر آيو، سڏ ٿيو، اسٽيج تي مائيڪ آڏو بيٺم ته دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، ڄنگهون ڏڪڻ لڳيون، ائين ٿي ڀانيم ته وات. مان الفاظ نڪرندا ئي ڪونه، پر وري هڪ ڀيرو دل کي آٿت ڏنم ته ڪهڙي ڳالھ آهي، سڀ ڄڻ هڪ گهر جا ڀاتي آهيون، خير، لطيف سائين جي بيت“ سائينم سدائين ڪرين سنڌ مٿي سُڪار” سان تقرير جي شروعات ڪيم، ڪٿي ڪٿي ته ازخود وات مان هڪ لفظ بدران ٻيو لفظ نڪري ٿي ويو، ڪنهن مهل ته آواز اٽڪي نڙيءَ ۾ بيهي ٿي رهيو، وري ڳيت ڏئي اٽڪيل لفظن کي ٻاهر ٿي ڪڍيم، ايترو هيو جو بجاءِ مذاق جي ڇوڪرن تاڙيون وڄائي منهنجي همٿ پئي وڌائي. هونئن به ڪنهن تي مذاق ڪرڻ سٺو ڪم ناهي. نيٺ انعامن ڏيڻ جو وقت آيو، پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر کڻندڙن کي انعام ڏنا ويا.
    ٽمون پوءِ توکي انعام ڪيئن مليو، جڏهن ته پهريون، ٻيو ۽ ٽيون ته ٻيا ڇوڪرا آيا.
    هيڊ ماستر مائيڪ اڳيان آيو ۽ چيائين ته اڄ مان خوش آهيان جو هن اسڪول جي، هڪ شرارتي ۽ سست شاگرد اڄ محنت ڪئي آهي، هن جي ڪيل تقرير مان مون محسوس ڪري ورتو آهي ته اهو پڙهن ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ پڙهي ٿو. مان هڪ ڀيرو ان شاگرد کي اسٽيج تي گهرائيندس ته جيئن ٻيا شاگرد به هن مان سبق حاصل ڪن. اهو ڇوڪرو جيڪو اسڪول کان گسائڻ ۽ شرارتن سبب اسڪول مان ڪيترائي ڀيرا ڪڍيو ويو هيو، پر اڄ اهو ڇوڪرو نه شرارت ڪري ٿو نه اسڪول کان گسائي ٿو، اهو هونهار شاگرد جيڪو اڳ جڏهن به جشن ٿيندو هيو ته گهر هليو ويندو هو ۽ اڄ ان، هن اسٽيج تي توهان مڙني سامهون تقرير ڪئي آهي، ان جي همٿ کي وڌائڻ لاءِ مان ان کي انعام ڏيندس، هن وقت ئي انعام ڏيندس. اهو آهي شاگرد “ ٽمون”
    پوءِ ته هال ۾ رڳو تاڙيون هجن، منهنجي دل ٻهڪي اٿي، همٿ وڌي وئي، جذبو وڌيڪ پيدا ٿيو. هاڻي ته خوب پڙهندس.اڳي کان وڌيڪ محنت ڪندس، دل لڳائي پڙهندس ۽ اسڪول جي هر سرگرمي ۾ حصو وٺندس.
    ٽمون اها سٺي سوچ ته اٿئي پر عمل به ڪري ڏيکار، ڇو ته عمل به وڏي شيءِ آهي.
    بلڪل عمل ڪندس. توسان واعدو آهي.
    ٽمون انهيءِ خوشي ۾ مان توکي اڄ مٺائي کارائيندس.
    ڀلا هاڻي گهر هلون.
    ٽمون تون گهر وڃ، مان شهر ڪم سان وڃان ٿو.
    چڱو سدائين گڏ. چئي ٽمون پٺي ورائي گهر ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ مون کي ٽمون مان هڪ نئين روشني جي لاٽ نظر آئي همٿ ۽ محنت جي روشني جي لاٽ.

    23 اپريل 1982ع


    ٽمون گھٽي ۾

    پيارا ٻارؤ! ٽمون گھٽي ۾ مليو، چيلھ تي هٿ، آهستي آهستي پيو اچي، ويجهو آيو، چيومانس ٽمون خير ته آهي جو ڪٻڙو ٿي پيو هلين؟
    يار خير وري ڪٿان، پاڻ سدائين سوريءَ تي سوار.
    سوريءَ تي سوار! مون ڪونه سمجهيو ٽمون.
    تون نه سمجهيو ته ڇا ٿيو، هانءُ ڪري ڪونه پوندو، مڙئي خير آهي.
    آخر ڳالھ ڇا آهي؟ ٽمون.
    ڳالهيون اصل پڇ ئي نه!
    ڇو؟ ٽمون
    چيلھ چٻي ٿيل آهي، ڪهڙيون ڳالهيون ڪندس.
    چئبو هاڻي تون چيلھ سان ڳالهائيندو آهين.
    تون آهين سمجهڻ جو مور، ڏسين ٿو ته وات سان ڳالهايان ٿو يا چيلھ سان؟
    پوءِ ڇا ٿيو اٿئي ٽمون؟
    ڀائو لٺ لڳي آهي، صفا سڌي چيلھ ۾.
    ڪيئن؟ وري ڪا شرارت ڪئي هوندءِ؟
    ان ڪري ته توکي ڏسي گھٽي مٽائي ويندو آهيان، سڀ ڪو شرارتي چوي، ٻڌاءِ......... ٻڌاءِ مان شرارت جي ”ش“ کان واقف آهيان؟
    ٽمون مون غلطي ڪئي، هاڻي تون اهو ٻڌاءِ ته تنهنجي چيلھ چٻي ڪيئن ٿي؟
    يار! ڇو ٿو ڇٽل ڦٽ کولين.
    هاڻي ڳالھ ٻڌائيندين به يا رڳو.............
    تڪڙ اهڙي ٿو ڪرين، ڄڻ ابي جي شادي تي آيو هجين، توهان ٻارن جو قرضي آهيان ڇا؟ جو قرض ۾ ڳالهيون ٻڌو ٿا, ان لاءِ نڪا چانھ نڪو پاڻي! مفت ۾ عجب ڪهاڻي!
    ٽمون چئبو هاڻي تو به رشوت وٺين ٿو؟
    ٻيا وٺن ٿا، مون ڪنهن جو اُٺ گهوڙو چورايو آهي ڇا؟ جو چانھ پاڻي به نه گهران.
    بابا تنهنجي چانھ ٿي مون ڏي، هاڻي ڳالھ ٻڌاءِ ته بغير ماستر جي ڪڪڙ ڪيئن بڻيو آهين؟
    مان ڪڪڙ آهيان! ڪڏهن مون ٻانگ ڏني آهي ڇا؟
    ٽمون ڳالھ نٽائڻ جو استاد آهين.
    ڳالھ نٽايان ڪونه ٿو، اصل ڳالھ هيئن آهي ته مون وارو چاچو، اهو بابي وارو ڀاءُ جنهن کي سدائين حُقو هٿ ۾ هوندو آهي.
    ان کي ڇا ٿيو؟ انتقال ڪري ويو ڇا؟
    اڃا جيئرو آهي، حقي پيئڻ جو اهڙو آهي، جو منهنجي توبهن. وٺي جو سوٽو هڻي ته سائين حقي جي ٽوپي مان باھ اُلا ٿي نڪري، کڻي تئو رکي ماني پچاءِ. اسان کي سُڃو ته ان جي تماڪ ڪيو آهي. هن مهيني دڪاندار کي بابو هيڏا سارا سؤ رپيا ڏئي آيو آهي، تماڪ جي اوڌر جا.
    سؤ جو تماڪ مهيني ۾ ٽمون!
    باقي ٻڌئي واڱڻ ڇا؟ چاچي ٽوپيءَ ۾ ٽانڊو وجهڻ جو چيو، مون کي ڳالھ ياد اچي وئي ته چوندا آهن ته مرچ ٽوپيءَ ۾ وجهبا آهن ته کنگھ وٺندي آهي، سو کڻي مرچن جي چپٽي وِڌيمانس، پوءِ ته ڦوڪ سان کؤن کؤن کؤن ، چاچو ڄڻ وڏو گوبو هجي، واھ جا پلٽا ٿي هنيائين. قسم سان ريڊيو ٽي وي وارا ٻڌن ها ته ضرور چاچي کي وٺي وڃن ها.
    ٽمون اها سٺي ڳالھ ناهي، وڏڙا آهن، اهڙي حرڪت وڏن سان ڪين ڪبي آهي، آهين مار............
    مار ته ملي، اڃا تون به ڏيندين ڇا؟
    چڱو ٿيو جو توکي مار ملي، اڳتي ته ائين نه ڪندين.
    مار ٿوري ملي گھڻي نه، بس بابي ٻه ٽي چماٽون هنيون.
    پوءِ هي چيلھ چٻي ڇو ٿي اٿئي ٽمون.
    بابي جو مار ڪڍي، مون کي به ڪاوڙ آئي، امان ماني کنيون بيٺي آهي، چئي پٽ ماني کاءُ، مون چيو نه کائيندس. امان چوي ماني کاءُ. مان چوان نه کائيندس. بابي کي به آئي ڪاوڙ سو امان کي چيائين، ڇورو کائي نه کائي بُک پاڻ مرندو ماني رکي ڇڏ. امان ماني رکي ڇڏي، اڌ رات جو اچي پيٽ ۾ ڪئا پيا، ائين ڊوڙن ڄڻ گوءِ هجين. بُک ۾ ننڊ نه ٿي آئي آهستي آهستي سُرڪندو ماني واري ڇٻي ۾ِ گهڙي ماني کائي جنهن مهل ٻاهر نڪتس ته کڙڪو ٿيو. چاچي به نه ڪئي هم نه تم، لٺ چيلھ ۾ هڻندي چيائين ”ڀڄ“ منهنجي رڙ تي امان ۽ بابو اٿيا. چاچي جو ڏٺو ته لٺ مون کي لڳي آهي سو چيائين ته منهنجي خيال ۾ ڪتو ٽوڪري ۾ منهن وجهي ٿو سو لٺ وهائي ڪڍي مانس.
    وڃ توسان ته ظلم ٿي ويو ٽمون!؟
    ها يار! بس هاڻي چاچي جي لٺ، ٽمون جي چيلھ ، اسپتال جو رستو ۽ سنڌائتا سور وڃن ٿا پٽيندا پاڻ ۾.
    ائين فرمائي ٽمون چيلھ کي هٿ ڏيئي اڳتي وڌي ويو ۽ مون محسوس ڪيو ته پيءَ ماءُ سان ڪاوڙ ڪرڻ جو نتيجو سڄو ناهي ملندو.

    خميس 3 اپريل 1997ع


      ٽمون شهر ۾

    ٽمون شهر ۾ قلفي جي دڪان تي قلفي کائي رهيو هيو، مون کي ڏٺائين، رڙ ڪري چيائين“ او يار قلفي کائيندين ڇا؟”
    نه دوست! پر اڄ تون ايتري سخاوت پيو ڪرين، خير ته آهي ٽمون ؟
    ها، ها خير آهي، بس مولا مالڪ آهي، آسمان ڦاڙي ڏيندو آهي ته ڇت ڦاڙي به ڏيندو آهي.
    ٽمون آسمان ته ڦاٽو ئي ڪونهي، پوءِ.
    ٻڌ صبر سان ٻڌ! ٽمون پنهنجو قصو ٻڌائڻ لڳو.“ هڪ نوجوان اسڪوٽر بيهاري، مانڊڻي تان کٽمٺڙا پئي ورتا، سو موقعو ڏسي، اسڪوٽر مان چاٻي ڪڍي ورتي، پوءِ ته اهو نوجوان رڙيون بيٺو ڪري. هيڏي، هوڏي، چاٻي جانچي رهيو هيو، مون ان جي ڀرسان وڃي چيو “ڪاڪا ڇا ٿو ڳولهين؟ چاٻي گم ٿي وئي اٿئي ڇا؟، برابر هڪڙو ڇوڪرو تنهنجي اسڪوٽر مان چاٻي ڪڍي ويو، مون سڃاتو اٿمانس، اتي بيهو ته چاٻي وٺي آڻي ٿو ڏيانءِ”. ائين چئي ٿورو چڪر ڏئي اچي اسڪوٽر واري کي چيم ته ”ڪاڪا اهو ڇوڪرو چاٻي جا ويھ روپيا گهري ٿو، تون ويھ رپيا ڏي ته چاٻي آڻي ڏيانءِ” نوجوان ويھ رپيا ڏنا، ۽ کيسي مان چاٻي ڪڍي ان نوجوان جي اڳيان اڇلائي ڀڄي آيس، ۽ ڀڄندو ڀڄندو هن قلفي واري دوڪان تي بريڪ هڻي بيهي رهيو آهين ۽ تنهنجي اڳيان قلفي ٿو کاوان.
    ٽمون! اها ڳالھ بلڪل ڀلي ڪانهي ، اها سراسر بي ايماني آهي، دوکي بازي آهي ۽ ڪنهن کي دوکو ڏيڻ ، ڪنهن به سٺي مانهو جو ڪم ناهي.
    ها دوست! هاڻي پڇتاءُ ٿيئي پيو پر قلفي به قلفي آهي! ٽمون منهن نماڻو ڪندي چيو
    ٽمون! ان ڏينهن ڊاڪٽر جي جيڪا انجيڪشن چورائي هئيي، سا ڪيڏانهن ڪيئي؟
    مون چورائي ڪٿي هئي صرف کنئي هئي، اُها بابي ڀڃي ڇڏي.
    سو ڇو؟
    پاڙي جي ٻارن کي گڏ ڪري، مان ڊاڪٽر ٿيس ۽ پاڙي جا ٻار ڪيم مريض، پوءِ هڪ ڇوڪري کي پاڻي سان انجيڪشن ڀري ٻانهن ۾ هنئي، پوءِ ته ڇوڪري جي ٻانهن ۾ ڳوڙهو ٿي پيو. ڇوڪرو سور جون دانهون ڪندو گھر ويو. ٻئي ڏينهن ڇوڪري جي پڻس آپريشن ڪرائي، مس مس ٺيڪ ٿيو.
    بابي کي جو اها خبر پئي ، سو وٺي چماٽون ڇڪيائين، بابي کان ڇڏائي ڀڄي آيو آهيان.
    ٽمون! اهو ته اڃا به انتهائي غلط عمل آهي، ڪنهن جي صحت سان کيڏڻ معنا انسان ذات جي زندگيءَ سان کيڏڻ آهي، جيڪو اخلاقي، قانوني ۽ مذهبي ڏوھ به آهي.
    ٺيڪ چوين ٿو! پر هي جيڪي پڙهيل لکيل ڊاڪٽر سڄي ڏينهن ماڻهن جي صحت سان ويٺا ٿا کيڏن، ڪن ۾ سور آهي تڏهن به ڊرپ جو ٻانهن ۾ هڻڻ، مڇر جي چڪ جي ڳالھ ڪر ڊاڪٽر سان تڏهن به ڊرپ جو ڊوز! هي ڊاڪٽر گهٽ ڊرپ ڊاڪٽر ٿي، غريب ۽ اٻوجھ ماڻهن جي کيسي تي ڌاڙو هڻن ٿا، تن کي اخلاق، مذهب ۽ قانون ياد ڪونهي ڇا؟
    ٽمون برابر ائين آهي به، پر ڪي تمام انسان دوست ڊاڪٽر به آهن، جيڪي ڏينهن رات مسيحا بڻجي عوام جي خدمت ۾ مصروف آهن.
    ها! دنيا مان اڃا انسانيت ناهي ويئي، پر مون مڙئي مذاق پئي ڪئي.
    ٽمون! مذاق هجي يا شرارت ٻئي سٺيون ڳالھيون ناهن، سو به انساني صحت سان !؟ بلڪل مان تنهنجي ان عمل کي مذاق گهٽ پر شرارت وڌيڪ سمجهان ٿو ۽ جڏهن به تو شرارت ڪئي آهي، ان جو توکي اجورو موچڙن سان مليو آهي.
    وري به ساڳي ڳالھ! تون چڱي طرح ڄاڻين ٿو ته مان شرارت جي ”ش“ کان به واقف نه آهيان، تڏهن به شرارت جو بي سُرو پلٽو هڻي، پرايا هارمونيم يعني باجا پيو خراب ڪرين!
    چڱو ٽمون! تون شرارتي ناهين، ٻيا احوال ڪر.
    ٻيا احوال هي آهن ته جي قلفي کائين ته آرڊر ڏيان، ڇا ياد ڪندين ٽمون جي سخاوت کي.
    ٽمون زور ڀرين ٿو ته، پوءِ ڀلا کاراءِ قلفي.
    جي توکي قلفي کارائي ته پوءِ مان پاڻ قلفي ٿي ويندس.
    سو وري ڪيئن ٽمون؟
    ڏسين نٿو سامهون ابو پيو اچي، ڪري نه وري ٽمونءَ جي استري خراب.
    پيارا ٻارؤ! ائين چئي ٽمون پيرن تي زور رکيو، ائين وڍي ڀڳو، ڄڻ ڪمان مان تير نڪتو.

    6 فيبروري 1982ع


      ٽمون اوطاق ۾

    پيارا ٻارو! ٽمون ٽي وي جي پروگرام ”اوطاق“ ۾ نه پر پنهنجي گهر جي اوطاق ۾ ويٺو هو. جڏهن مان اوطاق وٽان لنگهيم ته ٽمون جو پيارو پر بي سرو آواز ڪنن تي پيو راڳ ڳائي رهيو هيو:
    مان نه ويندس ٿاڻي، نه ڏسندس ڏينهن جا تارا .
    ٽمون فنڪار ٿيو آهين يا ڦڻڪار؟ اوطاق ۾ گھڙندي ٽمون کي چيم.
    منهنجا دوست نه فنڪار ٿيو آهيان نه ئي ڦڻڪار، مان شاعر آهيان، جيڪو شعر جهونگاريم اهو منهنجو ٺهيل آهي مون ڪنهن جو شعر نه چورايو آهي نه ڪنهن کان لکرايو آهي، ماڻهو ٻين جا شعر فنڪارن کان پنهنجي نالي تي لکرائي، گهڻا پيسا ڀري ڳارائيندا آهن. پر توکي ٻه سؤ دفعا پَڪَ هجڻ گهرجي ته ،هي منهنجو پنهنجو، هٿ جو ٺهيل شعر آهي.
    سبحان الله، چئبو هاڻي شاعري توکان سکجي ٽمون.................. پر ٽمون تون سگريٽ به ڇڪين ٿو! اها خراب عادت آهي.
    اها شاعر جي نشاني آهي، منهنجا دوست! شاعر جي دل ۾ جڏهن باھ ٻرندي آهي ته شاعر جي آڱرين ۾ ٽانڊو دکندو آهي هي سگريٽ نه آهي ٽانڊو آهي! ان ٽانڊي تي شعر کي سيڪو ڏئي شعر جوڙيندو ۽ ٺاهيندو آهيان اِها وڏي شاعر جي نشاني آهي.
    مون ٽمون کي تعجب مان ڏٺو. ٽمون وري چيو. ”اسان جهڙن غريب شاعرن جي نشاني آهي، ته هو سگريٽ ضرور پيئندو، سو به اوڌر تي، اها ٻي ڳالھ آهي ته اسان جهڙن شاعرن کي ڪوبه دوڪاندار اوڌر ناهي ڏيندو.
    ڀلا توهان جهڙن غريب شاعرن کي دوڪاندار اوڌر ڇو ناهن ڏيندا ٽمون؟
    موٽائي ڏيڻ جا ماهر ئي ناهيون، شعر لکندي لکندي اوڌر ڏيڻ وسري ويندي آهي ۽ جڏهن اوڌر ڏيڻ وسري ويندي آهي، تڏهن سگريٽ ناهن ملندا.
    پوءِ ڪيئن شعر لکندا آهي ٽمون!؟
    اڌڙ سڌڙ سگريٽ تي گذارو ڪندا آهيون. پر ٻڌ ان موضوع کي اتي بند رک يا پنهنجي وات کي. منهنجو موڊ خراب نه ڪر، نئون نئون خيالن جنم وٺي رهيو آهي.
    ٺيڪ شاعر صاحب !پر تون شاعر ٿيو آهين ته اهو ٻڌاءِ ته شاعر جي وصف ڪهڙي آهي؟
    سُڃو، وار کنڊريل، بغل ۾ ڪتاب، ڪن ۾ پين يا پينسل، منهن تي ٻارنهن وڳل هُجنس، جنهن کي ماڻهو ”چريو“ چون پڪ اهو شاعر آهي.
    ٽمون بلڪل غلط چوين ٿو، ائين ڪونه آهي، شاعر! جيڪي پنهنجو رت سَتُ ۽ نو نچوئي شعر لکي قوم کي جاڳائين ٿا، سي اسان جو سرمايو آهن، سونهن ۽ سُرت آهن.
    نه نه! مان سچ ٿو چوان ، اسان جو معاشرو اهڙين ئي وصفن وارن کي شاعر چوندو آهي، اسان جو معاشرو جنهن کي رنج، غم، فاقا ۽ مجبوريون ڏيندو آهي، سو پنهنجو دماغ کائيندو آهي، اهو پنهنجو رتُ پيئندو آهي، اُڃ ۽ بکُ کان شاعري ڪندو آهي. معاشرو ان کي چريو چوندو آهي. ڇو جو هو پنهنجو مغز کائي ٿو، پنهنجو رتُ پيئي ٿو، بک کان ۽ اڃ کان! ۽ هي جيڪو ٻين جو رتُ چوسي ٿو، ماس پٽي کائي ٿو، غريبن جا سوين حق ڦٻائي ٿو، سمورو ڏينهن ماڻهن سان انصاف جي نالي ۾ نا انصافي ڪري ٿو، قوم جي نالي سان ۾ غداريون ڪري ٿو ۽ ماڻهن کي “ زندھ آهي ۽ زندھ رهندو” جا بدنام نعرا ڏيئي کربين روپيا هڙپ ڪري ٿو. معاشرو ان کي سياڻو، سمجهو ۽ عزت وارو سڏي ٿو ۽ مون به اهڙي معاشري خلاف آواز اٿاريو آهي. شعر لکيا اٿم.
    ڀلا هڪڙو ته ٻڌاءِ!
    عرض ڪيو اٿم،
    جهنگ جي جهرڪي، ٽڪڻ تان ترڪي،
    ڪوڙاءِ ٽڪڻ جا وار ادا.
    اڳين اوڌر ڪونه ملندءِ، بنديون ڏسي تون سڙ ادا.
    ڏاند وتوسين، ڏهين روپئي ٽمون!
    سو به نڪتو سڙھ ادا.
    بئنڪ ڦريندڙ موجون ماڻن!
    ڪڪڙ چور نَڙُ ادا.
    ڇانوَ ڏيندڙ وڻ ويا وڍجي،
    ڪانڊيرو ٿيا بَڙُ ادا.
    ٽمون واھ، واھ ۽ واھ.
    قرب! مان صدقي تنهنجي واھ واھ تان. شاعري ڪيئن لڳئي؟
    ٽمون صفا بيڪار شاعري ڪئي اٿئي.
    جي! منهنجي شاعري بيڪار آهي؟
    ٽمون !اصل ۾تو منهنجي ڳالھ نه سمجهي. مون چيو بهترين شاعري ڪئي اٿئي. واھ واھ ڇا شعر چيو اٿئي.
    وري عرض ڪيو اٿم.
    نه ٽمون نه، تنهنجي شاعري ٻڌي مون کي پيٽ ۾ سور پئجي ويو آهي.
    منهنجي شاعري اندر ۾ پيدا ٿيل ڦٽن کي سڪائڻ واري شاعري آهي، ڪو به سور جسم ۾ هجي شاعري وارا پنا گهوٽي يا پاڻيءَ ۾ پُسائي ڪاڳر جا ڪارا اکر ڊاهي ڇڏ، جڏهن ڏسين ته پاڻي ڪارو ٿي ويو آهي ته پوءِ اهو پاڻي هڪ ساهيءَ ۾ پي ڇڏ. اند جا ڦٽ ختم.
    ٽمون شاعري ڪڏهن کان سکيو آهين؟
    ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن پوليس وٺي وئي، چاوڙي ۾ چورن سان گڏ چؤکنڀو ڪري چار لِتر هنيائون، لترن جي آوازن تي شاعري سکي ويس.
    توکي پوليس وارا ڇا جي ڪري وٺي ويا؟
    مون وارو هيليڪاپٽر آهي نه!
    ڪهڙو هيليڪاپٽر!
    يار بنا بريڪ سائيڪل جنهن کي هيليڪاپٽر سڏيندو آهيان.
    ٺيڪ ٺيڪ ته تو واري کٿل سائيڪل هيليڪاپٽر آهي؟ ڇا ٿيو تو واري هيليڪاپٽر کي؟
    ان کي ڪجھ ڪونه ٿيو، مون کي سڀ ڪجھ ٿيو، توکي خبر آهي ته شهنشاھ ڊرائيور آهيان، سو شهر ۾ تيز سائيڪل هلايم، آڏو هڪ ڇوڪرو اچي ويو، ڌڪ ڏاڍو لڳس رت وهي پيس، هيليڪاپٽر تي ويهي مون رکيو پينڊل تي زور ته متان پوليس نه اچي، ماڻهن کي ته خبر هئي ته اهيو هيليڪاپٽر منهنجو آهي، سو پوليس وارن کي کڻي ڏسيائون، پوليس پڪڙي وئي، صوبيدار وٺي چماٽ ڇڪي، بابي جي چماٽ جي خبر آهي پر صوبيدار جي چماٽ ڄڻ بم گولو، کڻي ٻئي هٿ مٿي تي رکيم.
    مٿي تي هٿ ڇو رکيئي؟
    اڌ ڳالھ ۾ گھتُ هڻڻ جي عادت ڪهڙي اٿئي؟ مٿي تي ان ڪري هٿ رکيم جو چماٽ لڳڻ سان ائين سمجهيو ته آسمان سان ٽڪڻ ٽڪرائبي، متان ڌڪ لڳي. صوبيدار چيو ته تو سائيڪل ڇو هنئين؟ چيومانس ته سائين! سائيڪل لڳي اٿس، مان ڪونه لڳو اٿمانس، سائيڪل ڌڪ هنيو اٿس مون ڪونه هنيو اٿمانس، سائيڪل کي ماريو۽ سائيڪل کي ڪٽڪو ڪڍو.
    اڙي چوين ڇا ٿو؟ صوبيدار به ڪو نانگن کاڌل هيو، سو ڪن کان پڪڙي وٺي جو مروٽو ڏنائين ته توڏا ٻاهر نڪري آيا، ظالم ۽ بي رحم هيو. وٺي رڙيون ڪيم.
    اڙي ڇورا مونکي ٿو سمجهائين ته سائيڪل کي سزا ڏيان؟
    صوبيدار کي چيم، سائين ڪن مان هٿ ڪڍ، هي ڪن ڪنهن ايري گيري نٿو خيري جو ناهي، صوبيدار آهين، صوبيدار ٿي رھ ، هروڀرو بادشاهي ڳالهيون ڪري منهنجو قيمتي وقت نه وڃاءِ. ڀائو بس منهنجو ايترو چوڻ ۽ صوبيدار جو چماٽن جو وسڪارو لائي ڏيڻ. اصل ڏينهن جا تارا نظر پئي آيا. مس مس وڃي جند ڇڏيائين نه ته ويٺو طبلا ٻڌان ها.
    ٿاڻي ۾ طبلا به رکيا اٿن ڇا ٽمون ؟!
    طبلن سان گڏ بي سُرا راڳ به ڳارائيندا آهن.
    مون کي اڄ اها خبر پئي. ڀلا تو ڪنهن کي ڳائيندي ۽ وڄائيندي ڏٺو ۽ ٻڌو؟
    ها ها ! ڏٺم ڪونه باقي ٻڌم “ ٺا........ اباڙي....... ٺا........گھوڙا ڙي.........ٺا....... منهنجي توبھ” ۽ پوءِ پلٽن جو آواز بند رڳو طبلو پيو وڄي. ٺا ٺا ٺا............
    ٽمون! اهيو سڄو پادرن جو آوازا ٿئي، توکي ٻه ٽي چماٽون لڳيون آهن ته شاعري ڪرين ٿو، انهن اڻ پڙهيل مسڪينن کان به ڪڏهن ڪنهن پڇيو آهي ؟ جيڪي بک ۽ بدحاليءَ جي مار کائن ٿا انهن جي دلين ۾ ڏکن جا، غمن جا ۽ بي وسي جا ڪهڙا داستان آهن؟ انهن جي دلين کي ڪنهن پڙهيو آهي؟ هي ڀوتارڪيءَ جو بدنما داغ جيڪو اسانجي سنڌ جي سونهن، تهذيب، تمدن، تاريخ ۽ ٻوليءَ جي مُنهن تي ناسور بڻجي چڪو آهي! تنهن ناسور جي علاج لاءِ ،هڪ سچي ۽ هڏڏوکي ڊاڪٽر جي ضرورت آهي.
    ٽمون روئي پيو، روئندي چيائين شعر عرض آهي.
    نه ٽمون! مان تڪڙو آهيان وڃان ٿو، ائين چئي مان هليو آيس ۽ ٽمون کيسي مان شاعريءَ جو پنو ڪڍي وات ۾ وجهي چٻاڙڻ لڳو۽ چٻاڙيل لفظن ۾ چوندو ويو ته “ توبهن توبهن زاري، بيقدري جي ياري..... هو بيقدري جي ياري.


    خميس 23 فيبروري 1982ع


      ٽمون امتحان هال ۾

    ٽمون امتحان هال ۾ پيپر پئي ڏنو، پڇيومانس ٽمون نقل وغيره جي ضرورت اٿئي ته ٻڌاءِ ڪهڙو سوال کپئي؟
    چيائين مان نقل ڪريان ڪونه، نه ئي هال ۾ ڪتاب کولي لکون، ذهن وسيع اٿم، نقل ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور، اُن جي لاءِ عقل کپي جيڪو مون وٽ ڪونه آهي.
    ٽمون! چئبو محنت ڪري رات جو پڙهيو اٿئي؟
    پڙهڻ ۽ محنت ڪرڻ اسان جو وڙُ نه آهي، ذهن ڪم ڪري ٿو.
    چڱو ٽمون جواب به لکندين يا رُڳو مون سان ڳالهائيندين.
    اکين اڳيان ٽر ته ڪجھ لکان!!
    ڪجھ وقت کان پوءِ ٽمون امتحان واري ڪمري مان ٻاهر نڪتو، چيائين ٽي ڪلاڪ پيپر ڏيڻ جو ٽائيم وڏو آهي، بس هڪ ڪلاڪ وقت رکن ته سٺو ٿئي.
    ٽمون تون ته ڏئين ٿو اٺين درجي جو امتحان، اڳتي خبر پوندئي ته ٽي ڪلاڪ وقت ٿورو آهي يا گھڻو، اسان چئون ٿا ته چار ڪلاڪ ٽائيم ڏين ته بهتر.
    امتحان هال ۾ کٽون واڻيندؤ ڇا؟ جو ايڏو وقت.
    چڱو سوالن وارو پنو ڏي ته ڪهڙا سوال ڪيا اٿئي ٽمون؟
    سڀ ڪيا اٿم.
    ٽمون! هتي ته صرف پنج سوال ڪرڻا آهن ۽ تو ست ئي سوال ڪري ڇڏيا؟
    پنج ته ان مهل ڪري ڇڏيا هئم، جنهن مهل تون آيو هئين، ڪتابن تي ڏسي لکڻ ۾ دير ٿيندي آهي، ذهن کي ڏسڻو پوندو آهي، سمجهي وئين؟
    سوال پهريون آهي ته:
    پاڻي پٽ جي لڙائي ڪڏهن لڳي ۽ ڪنهن جي وچ ۾ لڳي؟ ٽمون جواب ڪهڙو لکيو اٿئي؟
    سولو سوال آهي جواب لکيو اٿم ته ٽيون ڏينهن اسان جي ڳوٺ ۾پاڻيءَ جي واري تان دينو ۽ فيضوءَ جي پُٽَ ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ فيضوءُ جي پٽ ڪهاڙي هڻي دينو کي ماري فتح حاصل ڪئي، اها پاڻي تي پٽن جي لڙائي هئي.
    ٽمون زبردست سوال جو جواب لکيو اٿئي. امتحاني هال ۾ ٻئي ڪنهن به ڪونه جواب اهڙو لکيو هوندو!
    سوال نمبر ٻئي جو ڪهڙو جواب لکي آيو آهين؟
    سوال ڪهڙو آهي پڙھ ته جواب جو ٺونشو وهائي ڪڍانءِ.
    ٽمون سوال آهي ته هنن پهاڪن جي وضاحت ڪريو.
    1. سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ
    2. نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي
    3. اکين اڳيان اوندھ اَچڻ
    ڪو مسئلو ناهي اهو به ڪو ڏکيو سوال آهي ڇا!؟ ٽمون اعتماد سان وراڻيو. پهرين پهاڪي جي وضاحت هن طرح ڪري آيو آهيان ته “ سيارو پنهنجا وڻ وڄائي ويو آهي سو سوڙ جي هاڻي ضرورت نه آهي ۽ هن قسم جو سوال سيارو گذرڻ بعد مدي خارج سوال ٿي وڃي ٿو”، هن وقت اونهارو آهي سو سياري جو سوال پڇڻ ٺيڪ نه آهي.
    ٻئي سوال جو جواب لکيم ته “ لازمي ناهي ته نانگ به مري ۽ لٺ به بچي، ٻنهي مان هڪ جو نقصان ٿيندو، جي نانگ مرندو ته لٺ ضرور ڀڄندي ۽ جي لٺ بچائڻي آهي ته نانگ نه مرندو.”
    ۽ ٽين سوال جي وضاحت آهي تمام سولي، اکين جي اڳيان اوندھ اچڻ معنا ته نتيجو ظاهر ٿيڻ .
    سچو آهين ٽمون واقعي تنهنجي اکين اڳيان اوندھ ضرور ايندي.
    ڇو ڇو ڇو، سو ڇو؟
    تو سوالن جا جواب ئي اهڙا لکيا آهن. ڪيتري وقت ۾ سڀ سوال پورا ڪيا اٿئي.
    صرف ٽيهن منٽن ۾ ! ٽمون اعتماد سان وراڻيو.
    صرف اڌ ڪلاڪ ۾! پوءِ ايترو وقت ويٺي ڇا پئي ڪيُئي؟
    سائين! اهو پنهنجو گوسڙو ماستر ! جيڪو منهنجي مٿان بيٺو هو اُن کي پيو ڏسان ته گوسڙو ماستر سڄو سال گسايو آهي پوءِ اڄ امتحان جي ڏينهن ڪيئن آيوآهي! عقل ڊوڙايم ۽ پوءِ ڳوٽَ ڀڄي پئي، گوسڙو ماستر اسڪول ٻاهران ڌنڌو کوليون ويٺو آهي اڄ هتي امتحان واري هال ۾ به ڌنڌو ڪرڻ ۽ ڏوڪڙ ڪمائڻ جي لاءِ آيو.
    ان گوسڙو ماستر ڪلاس ۾ ڇا پئي ڪيو ٽمون؟
    ابا يونين جي عهدي جوناجائز فائدو وٺي، ڪلاس روم ۾ ڊيوٽي لڳرائي اٿائين ۽ ويٺو ٿو پيسن تي ڪاپي ڪرائي.
    واقعي ٽمون!؟
    مون ڪو ڪوڙ ڳالهايو آهي ڇا، يقين نٿو اچئي ته پاڻ وڃي جانچ ڪري اچ.
    ٽمون بلڪل هوندو! مونکي تو تي يقين آهي، پوءِ ڇا ٿيو؟
    مون ان گوسڙو سائينءَ کي ڪاپي ڪونه ڏني. پوءِ خيالن ئي خيالن ۾، ڇوڪري کي ڪتڪتايون پئي ڪڍيون، جڏهن سائين ڪاپي هٿن مان ڦري تڏهن جاڳي پيس ڏسان ته پاسي وارو ڇوڪرو منهنجي ڪاپي تان نقل پيو ڪري. استاد ڪاپي ڦريندي چيو ته “ٻين جو وقت ڇو ٿو وڃائين، نڪر هال مان.”
    ٽمون! چئبو امتحاني هال ۾ به شرارت کان ڪونه مڙين؟
    وري شرارت، آءُ اڻ واقف آهيان ان جي ”ش“ کان.
    ٽمون تنهنجي سوالن جي جوابن کي ڏسي پهريون نمبر توکي ضرور ڏيندا.
    ٻيو!! ڪا مذاق ٿورئي آهي؟ ٽمون هروڀرو ٻوڙ ٿورئي هاريندو آهي.
    ائين فرمائي ٽمون پهريون نمبر جي خوشي ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندو، اکين اڳيان اوجهل ٿي ويو.


    خميس 3 اپريل 1997ع


      ٽمون ۽ ٽِڪڻِ

    حجم جي دوڪان تي ويٺو هيس، ٽمون بندوق مان نڪتل گوليءَ وانگيان داخل ٿيو، نه سلام نه دعا اچڻ سان حجم کي چيائين “ڪاڪا حجم ٽڪڻ ڪندين؟ گهڻا پيسا وٺندين؟”
    ها ٻچا ٽڪڻ ڪندس ۽ پنج روپيا ٽڪڻ ڪرڻ جا وٺندس. حجم ٽمونءَ کي چيو.
    پورا پنج روپيا!!؟ وڃ ڙي گهوڙا ڙي! اِهي وڏا پيسا آهن...... ٽمون دوڏا ڦوٽاريندي حجم کي چيو.“ ڀلا ڙي ڀاڳ ڪاڪا حجم تنهنجا ! مٿو به اسان جو ڪوڙين ۽ پنج روپيا به اسان کان وٺين!؟ هاءِ هاءِ ...... اي منهنجا مالڪ جي اهي وار مٿي تي ڏيڻ بجاءِ گوڏي تي ڏين ها ته پاڻ ڪوڙي پنج روپيا بچايون ها!
    ٽمون! سياري جي مند ۾ ٽڪڻ!؟ سيءُ نه ٿيندءِ؟ مون ٽمون کان پڇيو.
    “اها ڳجهارت اٿئي، ڀڃ ته خبر پوئي.” ائين چئي ٽمون ڪرسيءَ تي ويهي رهيو ۽ حجم ٽمون جي مٿي کي پاڻي ۽ صابڻ هڻي پنهنجي ڪارروائي شروع ڪري ڏني مان ٽمون جي ڏنل ڳجهارت(سياري جي مند ۾ ٽڪِڻ) کي ڳولڻ ۾ گم ٿي ويس. ٽڪڻ، سيارو ۽ ڳجهارت!؟ انهن ٽنهي لفظن هڻي منجهائي رکيو. اونهاري ۾ ٽڪڻ ته گرميءَ کان ڪرائبي آهي، پر سيارو۽ ٽڪڻ پاڻ ۾ ٺهن ئي ڪونه ٿا! واھ ٽمون واھ تو واري ڳجهارت! جنهن منهنجو مٿو ئي چڪرائي ڇڏيو آهي.
    ڀڳئي ڳجهارت؟ ٽمون حجم واري ڪرسيءَ تان اٿندي ۽ پنهنجي ٽڪڻ ٿي هٿ گهمائيندي چيو“ حجم ته صفا ڪوچ سروس لڳو پيو آهي، ٽڪڻ کي پاڪيءَ جا رهڙا ئي ٻه ۽ روڊ صفا ئي صاف!
    ٽمون تو واري ڳجهارت مونکان زور آهي. مون پنهنجي مجبوريءَ کان ٽمون کي واقف ڪيو.
    مونکي خبر هئي ته اها ڳجهارت تون ڪو نه ڀڃندين! ٻُڌ هاڻ ٻوڙا!! هي ٽڪڻ وڏن ماڻهن جي نشاني اٿئي! ٽمون ٻيهر پنهنجي ٽڪڻ تي هٿ ڦيرائيندي مونکي چيو.
    وڏن ماڻهن جي!!؟ حيرت ۾ وجهي ڇڏيئي ٽمون
    ها ها! ٽڪڻ وڏن ماڻهن جي سڃاڻپ اٿئي، ڏسندو ناهين ته هر وڏي ماڻهوءَ جي ٽڪڻ جا وار ائين گم ٿي ويندا آهن جيئن گڏھ جي مٿي تان سنڱ!!.
    پر ٽمون! سياري ۾ ٽڪڻ؟ اها ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي!
    منهنجي هن کوپڙيءَ جي سانچي ۾ موجود ميڄالو پٽِڙو يعني نرم ٿي ويو آهي، ان ڪري سياري ۾ ٽڪڻ ڪرائڻ لازم ٿي پئي.
    ٽمون ڀلا نرم ميڄالي جو ٽڪڻ ڪرائڻ سان ڪهڙو واسطو؟
    نرم ميڄالي کي قلفي وانگيان ڄمائڻ لاءِ ٽڪڻ جو هئڻ لازمي ۽ ضروري آهي.
    اهڙو ڪو مثال ٻڌاءِ ٽمون؟
    اي ڀوڪ بصر! وڏن ماڻهن جو ميڄالو پٽڙي ڀَتَ جهڙو نرم هوندو آهي، ان ڪري ئي قدرت انهن کي وار ئي ناهن ڏنا.
    اهو ڇا لاءِ ٽمون؟ ڪجھ ته سمجهاءِ!
    اهو انهيءَ ڪري ته جيئن اهي وڏا ماڻهو يعني گنجا ماڻهو، سياري جي ٿڌ ۾ پنهنجي ميڄالي کي ڄمائي ، اسان جهڙن بي سمجھ ۽ اٻوجھ ماڻهن مٿان پنهنجا حڪم هلائين، جيئن وڻين گهاڻي ۾ هلائين ۽ گهمائين.
    ٽمون! چئبو ته هي جيڪو اسين ڏينهون ڏينهن وڃون ٿا پوئتي ڌڪبا، پنهنجي ڌرتيءَ تي اوپرا ۽ ويڳاڻا ٿيندا ۽ بک ۽ بيروزگاريءَ جي راڪاس جي وات جي خوراڪ ٿيندا، اهو انهيءَ ڄميل ميڄالي وارن جا ڪرتب آهن؟
    بلڪل ! ائين ئي آهي، مس ڪا ڳالھ سمجھ ۾ آئي اٿئي. ٻڌ اي ڀوڪ بصر! جهڙا ڀينڊا ..... انهن ڄميل ميڄالي وارن ماڻهن هميشه ابتا فيصلا ڪيا آهن، تڌهن ته اسين اهڙن حالن ۾ پهتا آهيون. جو پنهنجي گهر جا وٽا به لوٽا بڻجي ڌارين جي حمايت جا هوڪا پيا ڏين.
    ٽمون! ان جو مطلب ته نرم، يعني پٽڙي ڀت جهڙو نرم ميڄالو وڏي ڪم جو آهي؟
    نه نه! اهو ڀَتَ جهڙو نرم ميڄالو اسان جي ڪم جو ناهي، توکي اها خبر هجي ته پٽڙي ڀت جهڙا نرم ميڄالا آهن جن جو ڪمال آهي، جو اسان مٿان ڄميل برف وانگي قابض آهن.
    اهو ڪيئن ٽمون!؟ اڄ صفا منجهائي رکيو اٿئي.
    ٻڌ اي پٽڙي ڀت جهڙا ڀائو! نرم ميڄالو رکڻ وارن وٽ دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ ئي ڪونهي. هڪ مثال ڏئي توکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، سو هي ته جيئن پٽڙو ڀت پيٽ ڀري کاءُ پر پيٽ کي ٻه لوڏا آيا ته پٽڙو ڀت هضم ۽ پيٽ خالي، بلڪل اهڙي طرح پٽڙي ڀت جهڙو نرم ميڄالو رکندڙ ماڻهو، ڪم جي ڳالھ هڪ ڪن کان ٻڌي، ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏين ٿا. پنهنجي اکين سان پنهنجي مٿان ظلم ٿيندو ڏسي به ولوءَ جي وات وانگيان وات پٽيو پيا گهمين پر ڪڇن پُڇن ۽ لڇن ڪين ٿا. ڀلي ڪو اسان جا ڳوٺن جا ڳوٺ ڊاهي پٽُ ڪرائي، پنهنجا محل ماڙيون ۽ ڪالونيون ٺهرائي، پر مجال آ جو پٽڙي ڀت جهڙي دماغ وارن کي ڪا اوٻاسي اچي!!! ابتو هڪٻئي مان ويٺا وڏون ۽ عيب ڪڍندا، چٿرون ڪندا ۽ الزام هڻندا.
    ها ٽمون! اڄ تون ته تمام وڏيون ڪارائتيون ڳالهيون پيو ڪرين.
    اڃا ٻڌ اي اُتاولا انسان! پٽڙي ڀت جهڙو ميڄالو رکندڙ وڏا ماڻهو لٺ ڪهاڙي ۽ بندوق هڻندا ته پنهنجن کي، اغوا ڪري روپيا ڪمائبا ته پنهنجن مان، اهو اٿئي نرم ميڄالي جو ڪرشمو!
    ٽمون! لڳي ٿو ته مون کي به ٽڪڻ ڪرائڻ گهرجي ته جيئن مون وارو نرم ميڄالو به ڄمي وڃي.
    اصل دير ئي نه ڪر! ڄميل ميڄالي وارن سان مقابلو ڪبو، اُٿ جلدي ڪر ويھ حجم جي ڪرسيءَ تي ،ڪوڙاءِ پنهنجا وار ۽ ڄماءِ پنهنجي پٽڙي ڀَتَ جهڙي نرم ميڄالي کي ائين نه ٿئي جو تون اتي ئي حجم جي دوڪان ۾ رهجين وڃين.
    “پر ٽمون منهنجي عقل موجب توکي ٻڌايان ٿو، ميڄالو نَه نرم ڀلو، نه ڄميل ڀلو، پر وچٿرو هجي. جنهن ۾ سوچَ، لوچَ به هجي ۽ فن ۽ فڪر به هجي”. ٽمون جي اسان پنهنجا ميڄالا ڄمائڻ شروع ڪياسين، ته پوءَ غاصبن ۽ اسان ۾ فرق ڪهڙو رهيو؟ جي صفا پٽڙو ٿا ميڄالو رکون ته نا سمجھ ماڻهن ۾ شمار ٿا ٿيون ان ڪري ميڄالو وچٿرو هجڻ گهرجي.
    ها ته پوءَ وارو ڪر ۽ ڏيار وارن کي وچ تان پٽو! اڌ گرمي ۽ اڌ سردي ٻنهي موسمن ۾ ميڄالو نه نرم نه ڄميل رهندو.
    ٽمون! اڃا هڪ ٻي ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي ته مٿي جا وار ننڍا هجن ته دماغ درست ڪم ڪندو، تو ڏٺو ناهي ته پاڻ وٽ ننڍن وارن وار ماڻهو هميشه حڪومت ڪندا آيا آهن، ڪي اهڙا گنجا حاڪم هئا، جن جي مٿي ۾ ميڄالو صفا ڪونه هيو اهڙن حاڪمن ملڪ جا ترا ۽ لاھَ ڪڍي ڇڏيا.
    اهو وري ٻيو فلسفو ۽ فڪر آهي! انهيءَ تي ڪنهن ٻئي ڀيري گفتگو ڪبي، هونئن به اهي ننڍن وارن وارا ماڻهو بڪواس ميڄالو رکن ئي ڪونه! اُهي اهڙي ميڄالي کان محروم ڪيا ويا آهن. تون پنهنجي ٽڪڻ جي ڳالھ ڪر. ٽمون اکيون ٽمڪائيندي چيو.
    ٽمون! مون پڪو پھ ڪيو آهي ته مٿي جا وار ننڍا ڪرائبا، جوڳين ۽ فقيرن وانگر وار وڏا ڪونه رکبا.
    ها يار! تنهنجي عقل واري ڳالھ کي مون هاڻي پڪڙي ورتو آهي، اها ڳالھ اڳ ڇو ڪو نه ٻڌايئي، ته مان به ننڍا وار ڪرايان ها! خير او ڪاڪا “ح” حجم آهي، ٻڌو اٿم ته تو وٽ وڏو فن آهي اِهو ڪوڙيل وار ننڍا ڪري وري مٿي تي پوکي ڇڏيندين.
    ”ٽ“ ٽنڊڻ جهڙا ٽمون! هاڻي ائين ٿيندو ئي ڪونه. حجم ٽمون کي چيو.
    يار هي حجم ۽ پوليس وارا به ساڳي ڳالھ اٿئي! بس فرق ايترو آهي جو حجم پاڻي ۽ صابڻ هڻي تکي بليڊ سان مٿو ۽ ڏاڙهي ڪوڙين ٿا ۽ پوليس وار بنا صابڻ ۽ پاڻيءَ هڻڻ جي مُڏي ڪاتيءَ سان مٿو ڪوڙي، کيسي کي به آپريشن ڪلين اپ ۾ شامل ڪندا آهن.
    ٽمون اها ڳالھ ڪندي صفا نه وڻين. هي پورهيت ماڻهو سڄو ڏينهن محنت ۽ مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن کي حق ۽ حلال جي روزي سان پالين ٿا ۽ پوليس وارا، سوين مسڪين ۽ بي گناھ ماڻهن مٿان ظلم ڪري انهن جا کيسا ڪُتر ڪري، حرام جي ڪمائيءَ مان، پنهنجن ٻچن جو پيٽ ڀرين ٿا.
    ها! تنهنجو دليل وزنائتو آهي، ان ڪري مان پنهنجا لفظ واپس وٺان ٿو۽ ائين چوان ٿو ته سوين حرام خور سپاهي هڪ پاسي هجن پر هڪ پورهيت جي برابر به ناهن. اهي ڪاڪا حجم، اوهان کي منهنجي لفظن تي ڪو ڏک ٿيو هجي ته مونکي معاف ڪريو.
    ٽمون! مان توکي ڇا سمجهايان؟ تون ڄاڻين ٿو ته هي دنيا قائم ۽ دائم پورهيتن جي هٿن جي محنتن جي ڪري آهي، نه ڪي پوليس وارن جي وارداتن جي ڪري.
    ها يار! پوليس تي هڪ ڳالھ ياد آئي.
    ڪھڙي ڳالھ ٽمون؟
    اڄ صبح سوير مونکي شيطان مليو هيو، ڏاڍو برو حال هيس.
    شيطان جو برو حال!!؟ اي ٽمون توکي شيطان ڪٿي مليو؟
    شهر جي مڇي مارڪيٽ جي وڏي در وَٽِ، هو ڀِتِ کي ٽيڪ ڏيون مئل ماڻهو جهڙو منهنُ ڪيون بيٺو هو.
    سَچي ٽمون؟
    ها ! مون چيو مانس، مسٽر شيطان صاحب تون هت ڪيئن؟ جهيڙي فساد ڪرائڻ، ٻن ڀائرن کي ويڙهائڻ وارا ڪم بند ڪري ڇڏيا اٿئي ڇا؟
    خبر ٿي شيطان پاروٿي واڱڻ جهڙو منهن ڪري ڇا چيو؟
    “هاڻي مان جهيڙا فساد ڪٿي به نٿو ڪرايان، بس پاڻ کي زندھ رکڻ خاطر روزانو هن مڇي مارڪيٽ مان، مڇيءَ جا ڇلر ۽ بيڪار ٽڪرا ميڙي کائي آرام ڪري رهيو آهيان، هاڻي مان ڊگهي موڪل تي آهيان. مون وارو ڪم گهٽ عقل وارا ماڻهو، ٿوري ٿوري ڳالھ تي ماڻهن کي مارين ٿا، مُڏي سوچ وارا ماڻهو پنهنجي جا ويري هوندا آهن، ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي مڏي عقل واري ڪاتيءَ سان ڪُهندا آهن اهي مون کان به وڏا شيطان آهن ان جي ڪري مان ڊگھي موڪل تي آهيان مون کي ميار ڏيڻ اجائي آهي.
    پوءَ هي جهيڙا، مارا ماري، نفرتون، ڌماڪا ۽ اغوائون ڪير پيو ڪرائي؟ اهي سڀ ڪم ته تنهنجي ڊپارٽمينٽ جا آهن.
    نه نه ! اهي ڌنڌا مون گهڻو وقت اڳ ڇڏي ڏنا آهن، مون کان وڌيڪ انسان پاڻ هڪٻئي جا دشمن ٿي پيا آهن، ائين سمجھ ته منهنجا به ابا ۽ ڏاڏا پيدا ٿي چڪا آهن، هاڻي اُهي مون واري ڪم سان لڳا پيا آهن.
    اُهي ڪير آهن شيطان صاحب؟ شيطان کان پڇيم. خبر اٿئي شيطان ڪهڙو جواب ڏنو؟
    نه ڪابه خبر ناهي، جواب توکي مليو، تون ئي ٻڌاءَ ٽمون.
    شيطان چيو ته “ مون واري جاءِ ڄميل ميڄالي وارن ، پوليس وارن ۽ پُتلي وانگر ڏورِ تي نچندڙ حاڪمن سنڀالي ورتي آهي. هاڻ مان تمام ڊگهي موڪل تي آرام ڪري رهيو آهيان”
    ائين چئي شيطان صاحب وڃڻ لڳو، ويندي چيائين ته “ جي مونسان ملڻو هجئي ته هتي يعني هن مڇي مارڪيٽ ۾ اچجان، مان هرروز صبح جو توکي هتي ئي ملي ويندس.”
    ٽمون شيطان جي سمجهائڻ کان پوءِ به، تون ٽڪڻ ڪرائي پيو.
    مڙئي مزو وٺي ڏسان ٿو ته ٽڪڻ وارا ڪيئن ٿا ملڪ جهان کي هلائين!
    نه ٽمون نه! مونکي لڳي ٿو ته تون صبحاڻي مڇي مارڪيٽ وڃي ڪا شرارت ڪندين.
    خبردار ڀائو! هي ٽمون شرارت جي “ ش ” کان به واقف ناهي، الزام نه هڻندو ڪر، مان وڃان ٿو، هاڻي هتي ويهڻ مناسب ڪونهي نه ئي توسان بحث مباحثو ڪرڻو آهي.
    ائين چئي ٽمون حجم جي دوڪان مان طوفان وانگيان نڪري هليو ويو.

    هلال پاڪستان 26 نومبر 1991ع


      ٽمون ۽ ڊُز

    اڄ جيئن ئي شهر مان گوگڙو ۽ پٽاٽا وٺي موٽيس اوچتو ڪلهي تي ٺاهوڪي مُڪ لڳي.
    “واھ سائين واھ ! شادي ماڻهو کي رڌڻ پچائڻ به سيکاري ٿي نه ته تون ۽ ڀاڄي پاڻ ۾ ٺهن ئي ڪونه”. ڪنڌ ورائِي ڏٺم ته هي ڪهڙو حُجتي آهي، جنهن هڻي ڪلهو چاڙهي وڌو.
    اڙي ٽمون تون؟! مون کان رڙ نڪري وئي. هيترا سال ڪٿي هئين؟ تنهنجي لاءِ ٻار ڏاڍا پريشان آهن.
    اڙي يار ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين؟ هتان لڏي ڇا ويس ڄڻ ته وڻ تي چڙهي ويس.
    وڻ تي؟ اهو ڪيئن ٽمون.
    يار اصل نه پڇ. ڀلا چانھ جي صلاح ڪندين يا رڳو احوال پيو مفت ۾ وٺندين؟
    ٽمون کوڙ چانھ. مان ٽمون کي هوٽل ۾ وٺي ويس. هوٽل ۾ ويهندي ٽمون چيو ته ”يار بابي ڪرائي شادي، شادي کانپوءِ ته اصل ڄڻ ٽيئر ۽ گارڊر سڀ اڏي ويا، ڇت ٺڪاءُ اچي هيٺ ڪيو.
    اهو ڪيئن ٽمون؟
    پراڻي عادت نه ڇڏيئي؟ هروڀرو وچ ۾ ڳالهائڻ جي گھُت ضرور هڻين. مزو ايندو اٿئي ڇا؟ اها خراب عادت آهي سمجهئي. ٽمون اکيون ڦوٽاريندي چيو.
    ها ٽمون واقعي منهنجي غلطي آهي. خير اهو ٻڌاءِ ته وڻ تي ڪيئن چڙهي وئين؟
    اصل ڳالھ ئي نه پڇُ. هتان جو ڳوٺ ويس، ڌو بابي شادي ڪرائي ڇڏي.
    شادي!! مون حيرت وچان ٽمون کي چيو. يار ننڍي هوندي شادي ڪرڻ سراسر غلط آهي.
    ادا وڏن کي ڪير سمجهائي؟ گھڻو ئي انڪار ڪيم ته ٻيلي مون کي پڙهڻ ڏيو. ڪنهن روزگار سان لڳان، پوءِ شادي ڪندس. پر اصل نه مڃيائون ٽنگو ٽالي ڪري کڻي ٻڌائون موڙ تڪڙ ۾ ميندي بدران، هٿن پيرن کي ڇيڻو هنيائون. اڃا جو سنگهان ته مار! هي ڳئون جو ڇيڻو لڳل آهي. رڙيون ڪيم ٻيلي ههڙو ظلم مون سان ڇو ٿا ڪريو. گھٽ ۾ گھٽ ميندي ته هڻو! هي هٿن پيرن تي بايو گيس ٿا ٺاهيو ڇا؟ جو ڇيڻا ٿڦيا اٿوَ. پهريون ته مڃين ئي ڪونه، نيٺ مس مس مون تي اعتبار آين، پوءِ لاهي ڇيڻو، هنيائون هٿن کي ميندي.
    ٽمون چئبو توسان وڏي ٿي.
    گھٽ مون به نه ڪئي، شادي رات موڙ لاهي ٺڪاءُ ڏنم وڃي خدو واري هوٽل تي ويهي رهيس، پوءِ ته پويان سائين راڄ مڙي ويا. ڳولھ ڳولهان نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيو بابي، جهلي ڪن کان ٻه چار لپاٽون وهائي ڪڍيائين، اصل واڄٽ وڄي ويا، ڪنن چيو ته اڄ نه ڪرياسين ته پوءِ ههڙو وارو ڪڏهن به نه ايندو. دل ۾ آيو ته يار جي ڪن ڪري پيا ته ڀينگ ٿي ويندي ان ڊپ کان ٻئي هٿ کڻي ڪنن ۾ وڌم، بابي به ڪو، نه ڇڏڻ جو پڪو پھ ڪيو، ڪن قابو ڏسي وري کڻي نڪ ۾ وڌائين هٿ. ائين لڳو ڄڻ شهر پيو گھمي، پر چيم ته نڪ وڃڻ جي ڪنهن کي پرواھ آهي؟ ڏسڻا وائسڻا ماڻهو صبح سان اٿي دوکو، فريب، ٺڳي، دغا ڪيو سرخرو ٿيو پيا گهمن، ايتري تائين جو زمين، پاڻي ۽ انسان کپايو، وتن ٿا مڇون وٽيندا ۽ نعرا هڻندا ته اسان کانسواءِ توهان جو سڄڻ ٻيو ٿيندو ئي ڪونه. ڪلھ بابو توهان جو سڄڻ هيو اڄ مان آهيان. کڻي بابا زمين، پاڻي ۽ ماڻهو کپايا ته ڇا ٿي پيو؟ ان ۾ توهان جو فائدو آهي. مان توهان جو سڄڻ ۽ همدرد آهيان. ڀلا اهڙن ماڻهن لاءِ نڪ ڪهڙي ڪم جو، اهي نڪ ڪاڏي ڪندا؟ هونئن به اڄڪلھ لوسڻ جي نڪ جي ضرورت نه رهي آهي، مارڪيٽ ۾ لوھ، رُڪ، سون، چاندي ۽ ساون ڳاڙهن نوٽن جا ٺهيل نڪ عام جام آهن ۽ آسان قسطن تي ملن ٿا. صبح سان هڪ نڪ ڪپايو وري ٻيو هڻايو، ماڻهو وتن ٿا اوڳرايون ڏيندا. مون به چيو ته جي نڪ ويو ته پرواھ ناهي، کڻي بازار مان ٻيو وٺبو، سون چاندي جو نه ته به لوھ جو، آسان قسطن تي ملي ويندو. پوءِ ته بابي ڪئي نڪ واري سِڌَ. ڌو ملان وٽ خير وقت ويو گذري ۽ مان چڙهي ويس وڻ تي.
    يار ٽمون اهو وڻ آهي ڪهڙي بلا؟
    يار ٻير جو وڻ ٻيو ڪو انب جو؟
    اهو ڪيئن ٽمون؟
    منهنجا سائين ننڍي عمر واري شادي اٿئي ٻير جي ڍنگهري، اصل ٻير جو وڻ، جيئن ڇڏاءِ تيئن وڃ ڦاسندو. مان ته هاڻي فيصلو ڪيو آهي ۽ پوين لاءِ وصيت ڪندس ته ٻيلي ڏاها ٿجو شينهن جي وات ۾ ٽپي پئجو پر ننڍي عمر ۾ شادي هرگز هرگز نه ڪجو. پڙهي علم حاصل ڪري منزل ماڻي پوءِ ڪجن شاديون، جن ۾ خوشي به آهي ته آرام به. هاڻي ڏس! شادي ته ڪيم پر اسان ماڻهن لاءِ زمين ته سوڙهي ٿي وئي آهي، آسمان سان گڏ زمين تي به روزگار جا دروازا بند ٿي ويا آهن.
    ها ٽمون اها حقيقت آهي واقعي اسان ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا کلن ئي نٿا ۽ دروازن کي بند به اهي ڪيو ويٺا آهن جيڪي اسان جا سڄڻ ۽ همدرد ٿا سڏائين.
    ڳالهائيندي ڳالهائيندي منهنجي ڪنن تي ڏاند جي رنڀ جو آواز پيو. ٽمون هوٽل ۾ ڏاند ڪيئن گھڙي آيو؟ مون هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي ٽمون کان پڇيو.
    ٽمون اطمينان سان ويٺو رهيو ٿڌو ساھُ ڀريندي چيائين فڪر نه ڪر اها اوڳرائي هئي اوڳرائي.
    اوڳرائي!!؟ يا ڏاند جي رنڀ؟
    اڙي بابا اوڳرائي. هي جيڪو تنهنجي ڀرسان زٽڪڙو، مٽڪڙو، ڇوڪرڙو ويٺل آهي اهو منهنجو پٽڙو آهي. ان جي اوڳرائي هئي.
    مون ڀرسان ويٺل ڇوڪري کي ڏٺو، مار هي ته چڱي ڀلي اٽي جي ٻوري آهي. ٽمون هي تنهنجو پٽ آهي؟
    ها منهنجو فرزند نيڪ ارجمند آهي.
    ٽمون بکُ تي ايڏيون اوڳرايون ٿو ڏئي، ڍؤ تي ته اڀ ڦاڙيندو هوندو.
    هيءَ بک جي اوڳرائي نه هئي.... پٽ! ٽمون پٽ سان مخاطب ٿيندي چيو ڇا کاڌو اٿئي؟ ٽمون جي پٽ مون واري سبزي ڏانهن اشارو ڪندي ٽمون کي ڏٺو. مان اڃا جو ڏسان ته نه ٿيلهي ۾ گوگڙو نه پٽاٽا، سموري سبزي ٿيلهيءَ مان گم.
    ٽمون هي ڇا؟ تنهنجو ڇوڪرو ڪلو گوگڙو، اڌ ڪلو پٽاٽا ٻه ويڙهيون پالڪ جون، اڌ ڪلو ٽماٽا ؟ ڪلو سُڪا بصر ڪچا کائي ويو!!!؟
    اڙي يار ٻارڙو آهي، هونئن به جيڪو ٻار ڪچا يا رڌل پٽاٽا کائيندو اهو پوليو کان بچي ويندو، منهنجو ٻچڙو ڪچي پالڪ، بصر، ٿوم ڌاڻا وغيره وغيره کائي ويندو آهي.
    ٽمون تو واري پُٽَ ته منهنجا وٽا ۽ ٿالهيون وڄائي ڇڏيون. نالو ڇا اٿس.
    ڊانبو، پيار مان سڏيندو آهيانس، ماڻس ”ڊانبو ڊُز“ ڪري سڏيندي اٿس.
    مسٽر ڊانبو! مون ڊانبو سان مخاطب ٿيندي چيو. توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي پر گوگڙو ۽ پٽاٽا اصل نه وسرندا. حرڪتي آهين، حرڪت ڪري ڄاڻين.
    چاچا مان حرڪت جي ”ح“ کان واقف به ڪونه آهيان، اها ته منهنجي وات جي وندر هئي.
    مون ٽمون کي ڏٺو جيڪو شرارت جي ”ش“ کان واقف ناهي ۽ سندس پٽ ڊانبو حرڪت جي ”ح“ کان واقف ناهي. ڏٺم ته ٽمون خوشي ۾ ٻهڪڻ لڳو.


    16 نومبر 1991ع


      ٽمون ۽ اليڪشن

    شهر جي مکيه چوڪ تي هڪ دوڪان جي ٻاهران ماڻهن جي گھڻي پيھَ هئي، ماڻهن جي ٽهڪن جا آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ٿي آيا. منهنجو خيال ماڻهن جي ميڙ ڏانهن هليو ويو. سو اڳتي قدم وڌائي ڏسان ته ٽمون ٽن پيرن واري ٻاراڻي سائيڪل تي ويٺو، تقرير ڪري رهيو آهي
    “ اوهان هر دور ۾ پنهنجو ووٽ ائين وڃايو آهي، جيئن محبوب عرف بونب ڪنڀر پنهنجو دلو ربوءَ واري کڏ مان پاڻي ڀريندي وڃايو هيو. جي بونب ڪنڀر ان وقت عقل مان ڪم وٺي ها ته دلو نه وڃائي ها، اصل ۾ بونب ڪنڀر ڪچو دلو ڀرڻ لاءِ ڪلهي تي کڻي آيو هيو. ائين اوهان به بونب ڪنڀر وانگيان ڪچا خيال کڻي هميشه ووٽ ڏنو آهي، جنهن جو نتيجو هي نڪتو آهي جو، روڊ رستا ائين تباھ ، اکڙيل ۽ ڦاٽل آهن جيئن موالي منو ڊکڻ جو ڪوٽ ڦاٽل ۽ ٿڳڙيون ٿيل آهي. سنڌ جون اسپتالون شفا گهر بجاءِ، موت گهر بڻيل آهن. جتي زندگي بچائڻ واريون دوائون، ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪري، ويچارا مسڪين، مجبور، لاچار، ۽ پاڻ ذهني طور بيمار ڊاڪٽر حضرات پنهنجي بيماري دور ڪرڻ جي گورخ ڌنڌي ۾ ڏينهن رات بي چين آهن. تعليم جو حشر هي آهي جو وڃي ٿيا ڪل يارهن خير! ڪٿي ٻار آهن ته عمارتون ڪونهن، ڪٿي عمارتون آهن ته اتي وري ٻار ڪونهن ۽ مون جهڙا گگدام جانور ٻڌل آهن ۽ جتي مون جهڙا گگدام ٻڌل ناهن انهن عمارتن تي وري انهن گگدامن جو قبضو آهي، جيڪي اوهان کان هر اليڪشن ۾ ووٽ وٺي، ائين گم ٿي ويندا آهن، جيئن گڏھ جي مٿي تان سڱ! بک جو اهو عالم آهي جو ڪتا پلاسٽڪ جون ٿيلهيون به کائي ٿا وڃن ۽ شينهن حضرات بک کان پلال به کائي ٿا وڃن! بيروزگاري جو هي عالم آهي جو هوشيار پڙهيل لکيل نوجوان روزگار نه ملڻ ڪري خودڪشيون ڪري رهيا آهن ۽ سفارشي، نا اهل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو وري مڪاني ادارن ۾ ڀنگي طور ڀرتي ٿيل آهن، جيڪي ڊيوٽي تان غير حاضر ۽ پگهار واري ڏينهن، مڇن کي تيل هنيو ائين بيٺا آهن، ڄڻ ڪنهن ڳوٺ جا ڀوتار هجن! اهڙن ڀرتي ٿيل ڀنگين مان وري ڪي ابتي سبتي اخبار جا نمائندا بڻجي، پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ کان لنوائن ٿا ۽ بليڪ ميلنگ ڪندي وري مڪاني ادارن جي جڳهن تي قبضا ڪري، پنهنجون پريس ڪلبون ٺاهيون ويٺا آهن. جيڪي پاڻ کي سينئر، بهادر ۽ بيباڪ چوائيندي شرم ۾ ٻڏي به نٿا مرن! ۽ اوهان آهيو جو! قرض لاهڻ لاءِ قطار ۾ بيهي، پنهنجي تقدير خراب ڪندڙ ماڻهن کي ووٽ ڏئي، طاقت بخشي، پنهنجي تقدير تباھ ڪري رهيا آهيو. ياد رکو اُهي وياجي ۽ قراني اوهان کان ووٽ واري قرض ۾ وياج مٿان وياج وٺي اوهان جا سڀ ٽپڙ وڪڻي چڪا آهن ۽ اوهان اڃا قرض لاهڻ جي چڪر ۾ ڦاٿل آهيو!
    مان ٽمون اوهان جي ڏکن ۽ سورن جا سُورَ کڻي هن چونڪ تي آيو آهيان..... منهنجي انهيءَ درد جي ضمانت ايستائين اٿوَ! جيستائين چونڊجي نٿو اچان. چونڊجڻ کان پوءِ هيءَ زبان چم جي ۽ ميڊ ان چائنا آهي سو تِرڪي به سگهي ٿي ۽ خراب به ٿي سگهي ٿي، هيءَ ڳالھ ياد رکو ۽ ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو ته اليڪشن واري ڏينهن تائين، توهان جو هي بي باڪ، بي داغ، بي ڊپو، بهادر، عوام جو هڏ ڏوکي، نه وڪامندڙ نه جهڪندڙ ٽمون، ياد رکو ڪنهن به طاقت اڳيان وڪرو نه ٿيندو. ......... سو مان هن وقت اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ فارم وٺڻ وڃان ٿو. مهرباني ڪري اوهان مونسان گڏ هلو ۽ هي نعرو هڻندا هلو ته “ دشمن جي دل تي ٽانڊو..... ٽمون ٽانڊو ٽمون ٽانڊو”
    ٽمون! واقعي فارم ڀرائڻ وڃين ٿو يا ڪرين ٿو شرارت؟
    تون به بيٺو آهين ڇا؟ پر ٻڌ! تو کي گهڻا دفعا سمجهايو اٿم ته مان شرارت جي “ش” کان به واقف ناهيان. پر تون سمجهين نٿو هاڻي توتي ڏنڊ اهو اٿئي ته منهنجي هن ٽه پيري سائيڪل تي پويان ويھ ته هلي فارم وٺي اچون، ڇو ته فارم جا خانا تون ئي ڀري ڏيندين.
    ٺيڪ آهي! پر هن ٽه پيري ٻاراڻي سائيڪل تي توسان هلان!؟
    ڇو! سائيڪل تي وڃڻ ڏوھ آهي ڇا؟ يا ٻاراڻي سائيڪل تي ويهي چونڊ وڙهڻ لاءِ فارم نٿو وٺي سگهجي، ماڻهو ته گڏھ گاڏي تي چڙهي به فارم وٺڻ ايندا آهن.
    ها ٽمون ! اهو ٺيڪ آهي..... پر اليڪشن ۾ بيهڻ کان اڳ وڏا مرحلا پار ڪرڻا اٿئي، انهن مرحلن تي سوچيو اٿئي؟
    ڪيئي نه ٻاراڻي ڳالھ! سوچيان ها ته اليڪشن ۾ بيهان ها!؟ .....خير پوءِ سوچينداسون، ويھ سائيڪل تي ته هلي فارم وٺي اچون..... پر هي ببلو بيپرواھ ڪيڏانهن گم ٿي ويو؟ گلن جا هار وٺڻ ويو هيو!؟
    ٽمون مان هار وٺي آيو آهيان ۽ هيڏانهن تنهنجي پويان بيٺو آهيان.
    واقعي ببلو بيپرواھ آهين، اهي گلن جا هار اچي مونکي پاراءِ ته هلون .
    ٽمون! ٻڌ اهي سمورا گلن جا هار اوڌر تي وٺي آيو آهيان، شام جو پيسا ڏجانءِ ته گلن واري کي ڏيندس نه ته گلن وارو ايندي ويندي منهنجي بيعزتي خراب ڪندو. ببلو بيپرواھ، ٽمون کي هار پارائيندي چيو.
    اڙي ببلو بيپرواھ! اوڌر جي ماءُ اڃا مُئي ناهي، چونڊون کٽي پوءِ سڀ اوڌرون لاهينداسون. ٿي سگهي ٿو ته مان يعني ٽمون ايندڙ وقت جو ايم پي اي ٿي، ڪنهن کاتي جو وزير ٿي وڃان! ۽ انهيءَ گلن واري کي زراعت کاتي جو سيڪريٽري بڻائي ڇڏيان........ خير اوهان سڀ هڻو نعرا “ دشمن جي دل تي ٽانڊو....... ٽمون ٽانڊو ٽمون ٽانڊو”
    اهڙن بي سُرن ۽ بيڪار نعرن جي ٻوڪڙن ۾، ٽمون اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ فارم وٺڻ واسطي اڳتي وڌيو ۽ مون موقعي جو فائدو وٺي پوئتي، اچي پنهنجي اوطاق ۾ ساھ پٽيو. ٻن ڪلاڪن بعد ٽمون اوطاق ۾ گهڙيو نه عليڪ نه سليڪ، فارم منهنجي اڳيان اڇليندي ڪاوڙ وچان چيو.
    واھ جو دوست آهين! تو جهڙا دوست هجن ته دشمن ئي نه ڌارجن.......... خير هاڻي هن فارم کي ڀري ڏي.
    ٽمون! سڀ کان اول مونکي اهو ٻڌاءِ ته اليڪشن ۾ بيهڻ جو ڏس توکي ڪهڙي سڄڻ ڏنو آهي؟
    اهو فارم ۾ ڀلا ڇو ٿا پڇن؟
    ٽمون فارم ۾ ناهي لکيل، پر مان تو کان پڇان ٿو.
    جي اها ڳالھ آهي ته ٻڌ! جنهن کي ڏس ته پاڻ واري تڪ جو اميدوار..... فارم هٿ ۾ ... نعرن جو زيپٽ..... سو مونکي به اندر واري آر او فارم ڀرڻ جي صلاح ڏني آهي.
    ٺيڪ ٽمون! مون سمجهيو ته توکي، ضمير آواز ڏنو آهي.
    نه نه انهيءَ ضمير جو نالو نه وٺ، اڳ ۾ به ميدان تي لاهي پاڻ ڀڄي ويو هو، اهو ابا! وڏو لٻاڙي آهي، هاڻي اليڪشن ويجهو آهي ته هٿ ۾ ڦيٿ کنيو وتي ٿو شهر جون گهٽيون ماپيندو ته اهي هاڻي مان ٺهرائيندس. پاڳل ڪنهن جاءِ جو!
    ٽمون! تو غلط سمجهيو، مون ان ضمير لاءِ تو کي ٿورئي چيو، جيڪو هر وقت پاڻ کي پُوز خان سڏائڻ لاءِ اجايو سجايو پَوزَ هڻندو آهي. مون اندر ۾ ويٺل ضمير جي ڳالھ ڪئي.
    يار صفا ڪو درويش آهين! انهيءَ اندر واري ضمير جي اڄڪلھ ڪير ٿو ٻڌي !؟
    ها ٽمون چوين سچ ٿو. پر سوچيو اٿئي ته اليڪشن ۾ خرچ گهڻو ايندءِ ۽ اهو خرچ آڻيندين ڪٿان؟
    ڪهڙو خرچ ايندو؟ وڌ ۾ وڌ پنج ڇھ هزار! اهي به تون ڏيندين، پرواھ نه ڪر اليڪشن ۾ چونڊجي ضرور ويندس ۽ پوءِ توکي خزاني جو وزير بڻائيندس.
    ها صفا سورنهن آنا سچ ٿو چوين ٽمون! تو کٽيو مان وزير ٿيس، اڙي مت جا موڙهيل مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ به لکين روپيا خرچ جي ويڙھ آهي، هتي ته بابا ڪروڙين روپيا خرچ ايندءِ ...... پنهنجي پياري وطن ۾ اليڪشن وڙهڻ مذاق نه سمجھ!
    وڃ واڄٽ وڄائي ڇڏيئي! چون ٿا ته هن ملڪ ۾ هر شهري اليڪشن وڙهي سگهي ٿو.
    ها ! صرف چوڻ جي حد تائين اهو درست آهي، پر هتي جيڪو اليڪشن وڙهڻ جو طور ۽ طريقو آهي ۽ جيڪا تڪن جي حد بندي ٿيل آهي، تنهن کي ڏسي اهوئي چئي سگهجي ٿو ته جنهن وٽ حرام جو ميڙيل مال جام هجي ، سو ئي اليڪشن وڙهي سگهي ٿو.
    سو ڪيئن؟ ٿورو سمجهاءِ. ٽمون حيرت وچان پڇيو.
    ڏس ٽمون! فارم جو هڪ سؤ روپيا، فارم جمع ڪرائڻ وقت ويھ هزار روپيا.... فارم بحال ٿيو ته پينافليڪس ۽ اشتهار بازيءَ جو خرچ لکن ۾، ڪئمپن جو خرچ لکين روپيا... اسان جهڙن نعري باز ڪارڪنن جو خرچ به لکين روپيا!
    وڃ!!! ايڏو وڏو خرچ؟ ٽمون جو وات ڦاٽي ويو.
    اڃا اڳتي ٻڌ ٽمون! باقي فلم ته ووٽ وجهڻ واري ڏينهن جي رهيل آهي. جنهن هڪڙي ڏينهن جو خرچ هڪ ڪروڙ کان به مٿي آهي.
    هڪ ڪروڙ!!؟ صرف هڪ ڏينهن جو؟ يار اهڙيون ڳالهيون ڪري ، دل جي ڌَڪِ ڌَڪِ نه بيهار!
    ٽمون ووٽ وجهڻ واري هڪڙي ڏينهن جو حساب ڪر! پاڻ واري صوبائي تڪ تي ، جنهن تڪ تي تون بيهڻ چاهين ٿو، ان ۾ ڪل 250 پولنگ اسٽيشنون آهن.... هڪ پولنگ تي ڪنجوسائپ سان خرچ ڪجي ته ٽيھ هزار روپيا ٿيندو، اُن حساب سان هڪ ڏينهن جو ڪل خرچ پنجهتر لک روپيا چَٽ..... سڀني تڪن تي اليڪشن واري ڏينهن گاڏين جي تيل ڀاڙي جو خرچ في پولنگ اسٽيشن صرف پندرهن هزار روپيا ، سي ٿيا ستٽيھ لک پنجهاھ هزار روپيا ڪل ملائي خرچ ٿيو هڪ ڪروڙ ٻارهن لک پنجاھ هزار روپيا. هاڻي جيڪڏهن هڪ ڏينهن جو خرچ هڪ ڪروڙ روپيا اٿئي ته پوءِ بسم الله.... ڀريان فارم کي؟
    ڏٺم ته ٽمون جو وات اڃا به ڀڳل ٻاٽي وانگر ڦاٽو پيو هو، اکيون حيرت ۽ عبرت وچان ٻاهر نڪري آيس.
    ٽمون ڏي خبر؟ ڪهڙي جهان ۾ گم ٿي ويو آهين ۽ هي وات مبارڪ پهريون ڀيرو ايڏو وڏو ڦاٽل ڏسانءِ ٿو!
    يار تنهنجون ڳالهيون ٻڌي نه صرف وات ڦاٽي ويو آهي پر ڏسان ٿو ته ٻيو الائي ڇا ڇا ڦاٽي ويو آهي! مون سمجهيو هو ته اليڪشن وڙهڻ ڪو سولو ڪم آهي..... پر نه ابا !!! هي ته جبل جهاڳڻ کان به ڏکيو ڪم آهي.... اسان جهڙي ماڻهوءَ جي هتي دال نه ڳرندي.... هن ملڪ جي اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ منهنجي توبهن زاري.
    ٽمون پنهنجي نڪ تي هٿ ڦيريندي چيو ته “ مان ٽمون پنهنجي ڀينڊي جهڙي نڪ تي هٿ ڦيريندي، زمين تي گيسيون ڏيندي ۽ ڪن پڪڙيندي، اليڪشن ۾ بيهڻ کي، تمام وڏي غلطي مڃيندي، پنهنجي مخالف اميدوار جي حق ۾ فارم جمع ڪرائڻ کان اڳ ئي هٿ کڻڻ جو اعلان ڪريان ٿو.
    ائين چئي ٽمون اٿيو“ مان وڃان ٿو”
    ٽمون! ڪاڏي وڃين ٿو؟
    “يار هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪرڻ وڃان پيو ۽ سوچيان ٿو ته ڪا اهڙي تحريڪ هلائجي، جو هن ملڪ جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ واري قانون کي، جيڪو هڪ حرام جي مال ميڙيندڙ کي اليڪشن ۾ بيهڻ جو حق ڏيئي ٿو، تنهن قانون کي تبديل ڪري، ڪو نئون قانون آڻجي، جنهن ۾ هڪ سچو ۽ عوام جو حقيقي هڏ ڏوکي غريب انسان به حصو وٺي سگهي.”
    ائين چئي ٽمون فارم کي ڇڏي اوطاق مان نڪري ويو ۽ مون محسوس ڪري ورتو ته اڄ ٽمون واقعي هڪ نئين راھ جو راهي بڻجي ضرور ڪامياب ٿي موٽندو.


    نصيرآباد 10 جون 2018


      ٽمون جو آخري سنيهو

    ادا ٻاهر ٽمون بيٺو اٿئي. مون کي ننڍي ڀاءُ چيو.
    ٽمون! ڪهڙو ڪم اٿس، اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ مليا هئاسين. مون پنهنجي منهن ڀڻڪيو. ٻاهر نڪري ڏٺم، اداس هيو، پڇيومانس ته اڄ وري ڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻڏو اٿئي؟ جو مايوس آهي!
    ادا مايوس ڪيئن نه ٿيان؟ آخر هڪ ڏينهن هي شهر به ته ڇڏڻو هيو سو.......... ٽمون خاموش ٿيندي چيو.
    سو ڇا؟ جلدي ٻڌاءِ مون کي. ٽمون
    ڏھ سال زندگي جا هن شهر ۾ گذاري اڄ اباڻي ڳوٺ وڃي رهيو آهيان.
    ڇا لاءِ ؟ وري موٽي نه ايندين ڇا؟
    ان ڪري ته مايوس آهيان جو هميشه لاءِ وڃي رهيو آهيان، پنهنجو ملڻ، هاڻي اٿئي قسمتي.
    آخر ڳالھ آهي ڇا ٽمون؟
    ڪجھ گهڙِيون اڳ مليو هئين ته ڪا ڳالھ هئي ڪانه ۽ هاڻي وري هيءَ ڳالھ........!
    ادا توکي خبر ته آهي بابي جي، ماستري تان رٽائر ٿيڻ جي.
    ها خبر آهي.
    بس هاڻي بابو وڌيڪ شهر ۾ رهڻ پسند نٿو ڪري ۽ چوي ٿو ته هاڻي ڳوٺ ۾ اباڻي ٻني ٻاري کي سنڀاليندس.
    ٽمون پوءِ تنهنجي پڙهڻ جو ڇا ٿيندو؟
    ڳوٺ ڀرسان جيڪو اسڪول آهي ان ۾ پڙهندس ۽ هر روز ايندو ويندو رهندس ڳوٺ ڏي.
    ٽمون جيڪڏهن هت پڙهين ته مون وٽ کڻي رھُ.
    نه ادا توکي سُڌ آهي ته بابي جي رٽائر ٿيڻ ڪري منهنجي پڙهائي تي هو خرچ ڀري نه سگهندو.
    ٽمون ان معاملي کي به نبيرينداسين تون رڳو هت رھُ.
    نه دوست آءُ ڪنهن تي بار ٿيڻ نٿو چاهيان.
    ٽمون اهو جملو چئي تو دل کي ڏک پهچايو آهي، ڏس پاڻ ۾ ڀائرن کان به وڌيڪ آهيون پوءِ ليکا ڪهڙا.
    ادا خوشي سان وڃڻ ڏئين ته منهنجي دل به خوش ٿيندي جي رنج ٿيندين ته مان به پنهنجي دل کي رنج ڏئي هليو ويندس.
    ٽمون ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ توکي ٻار ڏاڍا سنڀاليندا رهندا.
    ٻار!........ ٽمون ٿڌو ساھ ڀريندي چيو ته آخر هڪ ڏينهن مون کي ٻارن کان به ته موڪلائڻو هيو نه ! ۽ هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي، منهنجو ٻارن کي اهو سنيهو ضرور ڏجانءِ ته دل لائي پڙهن، ايترو پڙهن جو ايندڙ وقت توهان کي پڙهي. شرارتون نه ڪن اهو ڪم ڪن جيڪو پنهنجي لاءِ پنهنجي قوم ۽ پورهيت عوام جي فائدي لاءِ هجي.
    ٽمون! ٻار تنهنجي پيغام کي هنئين سان ضرور هنڊائيندا.
    چڱو دوست اچ ته موڪلايون.
    ٽمون ايڏو جلدي، ڪجھ وقت ويھي ڪچهريون ته ڪريون.
    ادا سڀ سامان گاڏيءَ ۾ رکيو پيو آهي، اصل تيار آهيون رڳو تو کان موڪلائڻ جي دير آهي.
    چڱو ٽمون! جيڪا تنهنجي مرضي.
    بس هاڻي ميلو متو ڇڏڻ سٺي ڳالھ آهي..... پر ٻارن کي منهنجو سنيهو ضرور ڏجانءِ.
    تنهنجو سنيهو ٻارن کي ضرور ڏيندس ٽمون. ڏٺم ته ٽمون جي اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ ٽمون روئي پيو.
    اڙي چريا روئين ٿو!؟ مون ڀاڪر پائيندي ٽمون کي چيو.
    گھڻي ڪوشش ڪيم ڳوڙهن کي روڪڻ جي پر رڪجي نه سگهيا. پر تنهنجي اکين ۾ به ته ڳوڙها آهن.
    ٽمون......!! ۽ مان اڳتي ڪجھ به چئي نه سگهيس.
    چڱو ”خدا حافظ“

    چڱو ٽمون خدا حافظ سدائين گڏ.

    خميس 17 جولائي 1982ع


    بئڪ ٽائيٽل تصوير


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 821
    ڪتابن جو مشاهدو: 1870244
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 508017
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ