ڪتاب جو نالو: ڏورِ تِئائين ڏَسُ
مصنف: نور احمد جنجهي
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 21 آڪٽوبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 526 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 123 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ محقق نور احمد جنجهي جو لطيف شناسيءَ تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي صاحب لطيف جي اهڙن اسرارن ۾ ڏَور وڌي آهي جتي لفظن کان اڳيان وڌڻ جو درس آهي، دل ۽ روح مان نڪرندڙ ڳالهين جا هُل هلاچا آهن، محبت جي تشنگي تار مان پار پوڻ جا ساٺ آهن، آيل لاءِ روئڻ کي سرتين جي دانهن آهي. اهڙن سمورن خيال کي سائينءَ بخوبي نڀايو آهي. سائين نور احمد جون هنيين ۾ هنڊائڻ جهڙيون الست تحريرون اميد ته پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏينديون ۽ ان سحر ۾ اچي هو قدرتي لقائن مان لاڀ حاصل ڪندا. هي يار خود زماني جي رنگ کان پاسي رهي اهي سموريون لافاني تحريرون تحرير ڪندو رهيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • من اندر جي ڳالهه
  • حرف ڇٽي هڪڙي.....
  • تون چئو الله هيڪڙو......
  • دارون دنيا جي دردن جو
  • عشق ناهي راند...!!
  • ذات تي ناهي ڏات....!!
  • ڀٽائي جي ٻولن ۾ يادگيري جي يادگيري
  • جر، ٿر، تک، تنوار...
  • ڀٽائي جو پيغام ۽ دنيا جي غربت
  • لهوارو لوڪ وهي ....
  • جاڳڻ منجهان جس ... !
  • وچن ويڙهيچن سان....!!
  • سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين منُ
  • عالم سڀ آباد ڪرين...!
  • هل هنيين سين هوت ڏي... !
  • صبر جني سينڱ... !
  • هلڻ ناهه حسن ري... !
  • ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو....؟
  • مٿي اُتي منهنجي ....!
  • نا اميدي آجڪو...
  • سارنگ آڇي سرهائي سنسار کي...
  • کوءِ آسون عمرڪوٽ جون....
  • پسڻ پوءِ پرينءَ جو
  • ساجن سڀ ڄمار ڏکي ڏورج ڏيل ۾...!
  • گهڙيا سي چڙهيا....!
  • هلو هلو ڪوريين
  • جا هَڙَ اندر جِيءَ...
  • ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، اي در اڄاڻن جو
  • پُئاڳ
  • A valuable accretion to Latifian studies and comparative literary criticism
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    BOOK NO: (227)


    ڏورِ تِئائين ڏَسُ
    لطيف شناسي
    نور احمد جنجهي
    نومبر 2018ع
    ڪنول پبليڪيشن، قنبر


    قيمت: 260 روپيه


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    DOR TIAN EEN DASSUE (Search Trace From There)
    Litafyat
    Author: Noor Ahmed Janjhi
    First Edition@Nov:2018
    All Rights Reserved with Author and
    @ KANWAL, Publication Kamber


    ڪـتـاب مـلـڻ جـا هـنـڌ:

    سمباره/ڪنول بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
    ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب، حيدرآباد.
    ڪويتا ڪتاب گهر، حيدرآباد، ڪاٺيواڙ بڪ شاپ، اردو بزار ڪراچي
    رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو. المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ
    سليمان برادرس، نواب شاهه. مدني بڪ اسٽور، دادو
    سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر، ٿرڪتاب گهر، مٺي.
    سراج بڪ اسٽور، قنبر


    ارپنا

    اُنهي اُتم خيال جي نالي
    جنهن کي
    لفظن جي ڪوڙڪيءَ
    ۾ ڪڙي نٿو سگهجي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڏورِ تِئائين ڏَسُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ محقق نور احمد جنجهي جو لطيف شناسيءَ تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
    نور احمد جنجهي صاحب لطيف جي اهڙن اسرارن ۾ ڏَور وڌي آهي جتي لفظن کان اڳيان وڌڻ جو درس آهي، دل ۽ روح مان نڪرندڙ ڳالهين جا هُل هلاچا آهن، محبت جي تشنگي تار مان پار پوڻ جا ساٺ آهن، آيل لاءِ روئڻ کي سرتين جي دانهن آهي. اهڙن سمورن خيال کي سائينءَ بخوبي نڀايو آهي. سائين نور احمد جون هنيين ۾ هنڊائڻ جهڙيون الست تحريرون اميد ته پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏينديون ۽ ان سحر ۾ اچي هو قدرتي لقائن مان لاڀ حاصل ڪندا. هي يار خود زماني جي رنگ کان پاسي رهي اهي سموريون لافاني تحريرون تحرير ڪندو رهيو آهي.
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين نور احمد جنجهي صاحب جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    من اندر جي ڳالهه

    لَطيف جا لَطيف خيال، لُطف سان لَطيف جي

    ايلف شفق ’’فورٽي رولز آف لوَ‘‘ ۾ شمس تبريز کي ڪوٽ ڪندي لکي ٿي ته ”پيار جي اُڃ ئي اسان کي تبديلي ڏانهن وٺي وڃي ٿي. اسان ۾ ڪو به اهڙو ناهي جيڪو محبت جي ڳولها ۾ نڪتو هجي ۽ منزل پار نه پيو هجي. جنهن مهل محبت جي ڳولها ۾ نڪرو ٿا، ان وقت ئي اندر ۽ ٻاهر تبديلي جو آغاز ٿي وڃي ٿو.“ اها محبت ئي آهي، جيڪا سنسار جي رازن کي پروڙڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ۽ اندر جو پنو اجارڻ ۾ پاڻيءَ جو ڪردار ادا ڪري ٿي. عشق ۽ محبت ئي ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ مان انسان بنائي ٿو. ساري سنسار جي جوڙجڪ ئي محبت جي تراشيل اڻ کٽندڙ تحرير آهي، جنهن کي هر دؤر جو ماڻهو پاڻ تي مسلط ڪري ئي ڪري ٿو. البته ڪجهه انهي تحرير کي هضم ڪن ٿا ته ڪي ٻاهريون عڪس ڏسي وندري پون ٿا. هضم ڪرڻ وارا تاريخ جي پنن ۾ امر ٿي وڃن ٿا ته عڪس تي خوش ٿيڻ وارا بناوٽي ئي رهجي وڃن ٿا. سو هي سموري ڪِرت انهن ئي جي نصيب ۾ اچي ٿي جيڪي وِهه ڏسي وهسن گهڻو ٿا.
    لطيف سائين به اهڙو ئي زهر پياڪ هو، جتي وهه ڏسي وهسڻ گهڻو هو. سندس سموري پيغام ۾ محبت، ڪرڀ، تڪليف، ڏکن سورن، قربانين ۽ وطن دوستيءَ جهڙن نيارن تصورن جي پرچار امر ٿيل آهي. شاهه سائينءَ پنهنجي لطيف خيالن جي اهڙي اڻت ڪئي، جيڪا هر دؤر ۾ پڙهي ۽ پڙهائي سگهجي ٿي. هر دؤر ان کي پنهنجي نقطي ۽ نگاهه سان ڏسي خيال اوري ٿو.لطيف ڏاهپ کي زهر جو پيالو پيئندي پسي، جيڪا الله کان التجا ڪري ٿو، تنهن جو جواب به وري پاڻ ئي ڏئي ٿو، ته ڏاهين کي ڏک ڏسڻا آهن. اهڙي ئي باڪمال سٽ روميءَ به سِٽي آهي:
    هر که اُو بيدار تَر، پُر درد تَر
    هر که اُو آگاهه تَر، رُخ زرد تَر
    [يعني جيڪو جيترو بيدار آهي، اهو اوترو درد سان پُر آهي ۽ جيڪو وڌيڪ آگاهه آهي، ان جو چهرو اوترو ئي زرد آهي.]
    اهڙا بيدار ذهن ۽ زرد چهرا هر صديءَ ۾ آيا ۽ فطرت کان کين جيڪي ڪم وٺڻو هو، سو ورتو ويو. انهن کي به ان رضا جي راز تي مسروريت آهي. اهڙي مسروريت جتي دنيا جا سڀ درويش گڏ ٿي رقص جي بيخوديءَ ۾ ديوانگيءَ کي صدين جو چَين ارپيندا آهن. اهڙي ئي راحت ماڻهوءَ کي انسان بڻائي ٿي ۽ هو اصل ڏانهن موٽ کائي ٿو ۽ فطرت جي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙن ئي فطري انسانن ڪري ڪائنات خوبصورت لڳندي آهي.
    اهڙو ئي فطرت جا هوڪا ڏيندڙ منهنجو همروح سائين نور احمد پنهنجي پاڻ کي فطرت جي ايترو ته قريب رکي ٿو، جو کيس حق حقيقي هيڪڙو هر وقت بيدار ڪيو بيٺو اٿس. ٻئي پاسي هي دنيا دولاب ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهه کيس وَرسڻ بجاءِ وِرسڻ طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر سندس شخصيت ۾ ٺهراءُ ۽ مستقل مزاجي ٻيائيءَ ڏانهن موڙ ئي نه ٿي وٺرائي، فقط دل ۾ صورت پرينءَ جي ۽ حسن و ڪمال جي جلواگري نمايان نظر اچي ٿي. کيس شخصيت ۾ لطيف خيالن جي پرورش ئي ننڍپڻ ۾ ٿي. سندس والد غلام محمد جنجهي لطيف جو وڏو پارکو بيتن سان سندس روح کي رانئيندو هو. ٻار جي سکيا جو پهريون مرحلو گود ۾ ۽ گهر ۾ ٿيئي ٿو. جنهن کي گهر ۾ ئي صحبت لطيف جي بيتن سان ملي هجي ته ان جو روح ڪيئن نه ڀٽائيءَ جي گهرن خيالن کي اُجاريل اندر سان نوائي سروش کان ڪم وٺندو. ڀٽائيءَ تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي، هن جي شاعريءَ جا کوڙ پهلو ۽ سرچشما اڳيان آيا آهن. سڀني ڄاڻن پنهنجي پنهنجي وس آهر اهڙي اڻکٽندڙ سمنڊ مان موتي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن ئي سائين نور احمد پنهنجي جمالياتي اظهار وسيلي لطيف کي لطيف انداز ۾ بيان ڪيو آهي، جو گهڻو تڻو لطيف جي لسانيات جو به سندس لکڻين ۾ اثر نظر ايندو آهي.
    مون لاءِ لطيف تي لکڻ اوترو ئي مشڪل ۽ ڪٺن هو، جيئن جرمن اسڪالر اينيميري شِمل پنهنجي ڪتاب ”مسٽيڪل ڊائمينشنس آف اسلام“ ۾ لکيو آهي ته هڪڙي واري تصوف تي لکڻ ايئن آهي جيئن سامهون ڪو وڏو پهاڙ هجي ۽ ٻي واري ڪو مسلسل ڳولهائو منزل تي پهتو هجي ۽ اهو منزل کي بيان ڪرڻ کان قاصر هجي. سو ڀٽائي به اهڙو ڳوڙهو ۽ اونهو اسرار آهي جنهن تي لکڻ يعني محسوسات جي تهن کي اڳيان آڻڻ آهي. سائينءَ به لطيف جي اهڙن اسرارن ۾ ڏَور وڌي آهي جتي لفظن کان اڳيان وڌڻ جو درس آهي، دل ۽ روح مان نڪرندڙ ڳالهين جا هُل هلاچا آهن، محبت جي تشنگي تار مان پار پوڻ جا ساٺ آهن، آيل لاءِ روئڻ کي سرتين جي دانهن آهي. اهڙن سمورن خيال کي سائينءَ بخوبي نڀايو آهي.
    ’حرف ڇٽي هڪڙي‘ مضمون ۾ لطيف جي لسانياتي پاسي تي سهڻيون سٽون سرجيون آهن ته ؛ ”لطيف ڪهاڻين جي بيان ۾ اُها لطافت آندي آهي، جو هن ڪهاڻيءَ جو رڳو اهو حصو پنهنجي بيتن ۾ ڄاڻايو آهي جيڪو اتي مناسب ۽ برمحل آهي. سموري ڪهاڻي کي هن ڇهيو ناهي. وري انهن ڪهاڻين جي ڪردارن کي به هن پنهنجي منفرد انداز ۾ نڀايو آهي. سٺي ڪردار کي وري اهڙن ٻولن سان ياد ڪيو آهي، جنهن جو هو مستحق آهي. ڀٽائي جي شاعري ۾ عربيءَ جو اثر به آهي پر انهي اثر کي لطيف پنهنجي سنڌي سانچي ۾ ڪري پيش ڪري ٿو. لفظن جي بناوٽ وغيره سموري عمل کي هو اهڙي سلوڻي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. جو هر هڪ ان جي پيغام کي سمجهي سگهي. فارسي شاعري جو به اثر نظر اچي ٿو. روميءَ جو ته سڌو ذڪر به ڪيو آهي، پر فارسيءَ کي حاوي ٿيڻ نه ٿو ڏئي ته ڪو سنڌي ماڻهو ان جي اثر کان ايترو مرغوب ٿين جو سنڌي ئي وساري ويهن.” شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ اڻيل ڪردارن جو ڪمال ناهي پر ڪمال لطيف جو آهي جيئن هو سسئي جا سور اُڻي ٿو ۽ مارئي سان ٿيندڙ اوڇي روش کي ڪيئن اظهاري ٿو.“
    ”تون چئو الله هيڪڙو“ ۾ وحدت ۽ هيڪڙائي کي سائينءَ پُرڪيف نموني اظهاريو آهي ۽ گڏوگڏ لطيف کي برزبان ياد رکندڙ ”مائي نعمت“ لطيف جي راڳ ۽ شاعري جي اداري کي جوڙڻ جي ڳالهه به ڪئي آهي. ۽ ٻيائيءَ لاءِ بهترين ڳالهه لکي آهي ته،”هيڪڙائي حق آهي، ٻيائي کي ٻَک وجهي ماڻهو وَرسڻ يعني آباد ٿيڻ بدران وِرسي يعني برباد ٿيئي ٿو. هيڪڙائي جو تصور همه اوست جو منبع آهي. هيڪڙائي حق آهي. جنهن ۾ ٻيائيءَ جي ڪا گنجائش ڪانهي. ٻيائي جي ٻپين ۾ اچي ڀٽڪڻ انسان کي چيئن چاڙهي ڇڏيو آهي. هو اندر جي سڪون لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي ته عالم جي امن لاءِ مٿاماري ڪري رهيو آهي پر اهو ٻئي شيون سندس هٿ وس نه پيون ٿين. ڇاڪاڻ ته هو ٻيائيءَ جي ٻپيءَ تي لڳي وَرسڻ بدران وِرسڻ واري واٽ جو واٽهڙو بنجي روانو ٿيو آهي.“
    ”دارون دنيا جي دردن جو“ انهي مضمون ۾ فطرت ۽ محبت جا عڪس پاڻيءَ مان چمڪندي نظر اچن ٿا ۽ پاڻي انهن کي اڃيو آ، جيڪي فطرت ۽ محبت کي پنهنجي نزديڪ ڀانئين ٿا؛ “ محبت جو مرڪز من آهي. محبت من مان ئي اُپجي ٿي ۽ اُٿي ٿي. پنهون جڏهن پاڻ پياري ٿو. محبت انسان ۾ ڄاڻي ڄم کان آهي. سندس تخليق ۽ سرجڻ جو سمورو عمل محبت جو شاهڪار آهي. انهي ڪري هن جي خمير ۾ محبت پوشيده آهي زماني جو رنگ ان کي ڀنگ ٿو ڪري. انسان جيڪڏهن فطرت کان پري ڀڄڻ ۽ ان کي ڳڙڪائڻ جي ڪوشش نه ڪري ته فطرت سدائين پنهون بنجي انسان کي پريم پيالا پياريندي رهي آهي. اها اڃ انسان کي پنهنجي منزل ڏانهن وٺي وڃي ٿي، ان کان وڏي ڳالهه اها ٿيئي ٿي ته اهڙي اڃ لاءِ پاڻي پاڻ اُڃيو هوندو آهي.”
    ”عشق ناهي راند“ ان مضمون جي شروعات جنهن spontaneous overflow سان ٿيل آهي، تنهن تي ورڊس ورٿ جي ڏنل ڊفينيشن بلڪل درست آهي، سائينءَ جا پاوَرفل احساس هڪ ٻئي پويان تيزيءَ سان ڊوڙندي نظر اچن ٿا. ٻيو عشق لاءِ اجگر دل وارن جو هجڻ ان لاءِ سٺي ڳالهه جو تذڪرو ڪيل آهي؛ ”عشق ڪچي وهيءَ وارن يعني ڳڀرن جي کيڏڻ جو کيڏ ناهي، اهو هيڪر ته هر شيءَ کي جهوري ٿو وجهي، جيءُ به جُهري ٿو پوي ته چٿر به جهٽ نه ٿو جهلي. سِسي نيزي پاند اڇلائڻي ٿي پوي. سِر جو سانگو لاهڻو ٿو پوي، تنهن کان پوءِ وڃي عشق جي پنٿ تي پير لڳي ٿو.“ اهڙيون باڪمال ۽ بامعنيٰ سٽون سواءِ ان نام جي پياس کان سواءِ لکجي نه ٿيون سگهجن، جنهن پيدا ڪندي ئي ”الست بربڪم “ جو آواز ڏنو. انهي آواز جي موٽ ۾ اندر جي اڃ ۽ تشنگي تار مان جواب آيو ”قالو بلى “.
    هنن سمورين تخليقن جو سبب صرف ماڻهن تائين جيترو سوِلائي سان ٿي سگهي، فطرت جي رازن کي اڳيان آڻڻ آهي ته جيئن فطرت جي قريب ٿي ماڻهو هن نفسانفسي ۽ زماني جي رنگ کان بچي پوي. سائين نور احمد جون هنيين ۾ هنڊائڻ جهڙيون الست تحريرون اميد ته پڙهندڙ تي گهرو اثر ڇڏينديون ۽ ان سحر ۾ اچي هو قدرتي لقائن مان لاڀ حاصل ڪندا. هي يار خود زماني جي رنگ کان پاسي رهي اهي سموريون لافاني تحريرون تحرير ڪندو رهيو آهي. ههڙي جرئت، زماني سان منهن ڏيڻ ۽ هيڏي جاکوڙ لاءِ لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
    اک اُلٽي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سِين،
    جَي لَهوارو لوڪُ وَهَي، تون اوچو وَهُ اوڀارِ،
    منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پِرِينءَ ڏي.


    مير منصور مڱريو

    انگريزي شعبو
    نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لئنگئيجز (نمل)، اسلام آباد


    حرف ڇٽي هڪڙي.....

    حرف ڇٽي هڪڙي.....

    ڀٽائي مشاهداتي اڀياس جو اهڙو مانجهي مٿيرآهي، جنهن، جيڪا منجهڌار سوجهي، تنهن تائين ڪنهن ٻئي جي پهچ نه ٿي سگهي آهي. سندس مشاهدو ايترو ته ڳوڙهو ۽ وسيع آهي، جو ان جي گهرائي جو پاتار پرانهون آهي. هن جي بيان جو اندازاهڙو ته انساني فطرت وٽان آهي جو هرڪو ان جي سحر ۾ ٻُڏي ٿو وڃي.سندس نتيجن جا ماڻڪ موتي اهڙاته املهه آهن جو ڪيرانهن جو ملهه ڪٿي نٿو سگهي.
    ڪائنات جي حسناڪيءَ جا سڀئي بنيادي تصور هن پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيا آهن ته انسان جو ڪائنات جي وسيع تناظر ۾ بامعنى مقام جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن جيئريءَ جاڳنديءَ دنيا جي ڳالهه ڪندي، ڪنهن ڀلي پار جوڙڻ جي صلاح ڏني آهي. سندس فڪر جا ڪيئي تهه آهن. هر تهه جي پنهنجي پنهنجي معناداري آهي، جنهن جي معنى ڳوليندي ڳوليندي هرڪو لڳو پيو آهي، پنهنجي ڪرت ۾ پراڃا نت نيون معنائون من ۾ اڀرن پيون. اهڙي طرح هي ويراوير وڌندڙ خزانو سنڌي فڪر ۽ دماغ کي روشني عطا ڪندو رهندو. لطيف کانپوءِ جي سموري فڪري ورثي جي پيڙه ۾ ڪٿي نه ڪٿي لطيف نظرايندو.
    لطيف جي شاعري جي انهن معناداري تهن ۾ پهريون تهه ان جي لفظي صورت گريءَ جو تهه آهي جنهن جي پنهنجي اهميت آهي. لطيف لفظن جي اهڙي مهلائتي ۽ موثر چونڊ ڪئي آهي، جو ان جي معنى جڏهن ٻُڌندڙن يا پڙهندڙن تي کُلي ٿي ته اهي حيران رهجي ٿا وڃن. انهن لفظن جي لسانياتي ڳرائي به ڳري آهي. مختلف صوتي صورتون ۽ نحوي بناوتون ۽ صرفي سينگار جيئن ڀٽائيءَ جوڙي رکيا آهن تيئن هڪڙو باعلم عالم ئي رکي سگهي ٿو، جهڙي تهڙي ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي.
    ٻيو تهه انهن شاعريءَ جي معنوي ڳرآهي جنهن مان معنى جا مڻيادارموتي ميڙي سگهجن ٿا. هڪ هڪ لفظ کي پنهنجي پنهنجي نياري معنى ته آهي ئي آهي پرڪافي لفظ جن کي ڪليدي لفظ چيو وڃي ٿو سي ته وڏو پس منظررکندڙ جيئراجاڳنداٻول آهن جن مان وري ڪيئي جهتون نروارٿين ٿيون. اهڙن سڀني لفظن کي پنهنجي پنهنجي عملي معنوي روپ ۾ نروارڪرڻ جي ضرورت آهي. لفظن جي سموري جڙاءَ جي ويئٽ به وڏو وستار ٿيندي.
    ٽيون تهه اهي ڪهاڻيون آهن، جن جي معرفت ڀٽائي پنهنجي ڳالهه کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. دنيا جي ادب ۾ اها روايت آهي ته سڄي ڪهاڻي بيان ڪري ان وسيلي ڪا ڳالهه نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي. دنيا جي ادب جي ديومالا انهن مالهائن سان ٽمٽار آهي. اها يوناني ديومالا هجي يا هندستاني ديومالا. انهن ڪٿائن ۽ ڪهاڻين کي پنهنجو فڪري بنياد بنائي ماڻهو اڳتي وڌيا آهن. لطيف انهن ڪهاڻين جي بيان ۾ اها لطافت آندي آهي جو هن ڪهاڻيءَ جو رڳو اهو حصو پنهنجي شعر ۾ ڄاڻايو آهي جيڪو اتي مناسب ۽ برمحل هو. سموري ڪهاڻي کي هن ڇهيو ناهي. وري انهن ڪهاڻين جي ڪردارن کي به هن پنهنجي منفرد انداز ۾ نباهيو آهي. سٺي ڪردارکي سُٺن لفظن ۾ ۽ خراب ڪردارکي وري اهڙن ٻولن سان ياد ڪيو آهي، جنهن جو هو مستحق آهي.
    ڀٽائي جا اڳڀرا ڪردار سورميون آهن. سُر به سورمين جي نالي سان لکيل آهن. اڄ به اسان جي سماج ۾ مائي عزت لاءِ واجهائي ٿي، سو اڄ کان چارسئو ورهيه اڳي ڪهڙي حالت هوندي، توهان اندازولڳائي سگهوٿا. ڀٽائي ان دؤر ۾ به سسئيءَ جي سڪ کي ڳائي ٿو، مارئيءَ جي اڏولتا جي ڳالهه ڪري ٿو، مومل جي مجاز جي مهميز جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو، نوريءَ جي نوڙت جي ڳالهه ڇيڙي ٿو. سهڻيءَ جي عشق جي اڌمي جي ڳالهه ڪندي ڪوبه عارمحسوس نٿو ڪري. ايئن جن سورمن جو ذڪر داستانن ۾ ڪري ٿو، انهن جي به اعلى انساني گڻن جي اپٽار ڪري ٿو. ڀٽائي کان اڳ به انهن سورمين جو ذڪرآهي پر ڀٽائي انهن کي نرالي انداز ۾ ڳائي هن قومي ورثي کي پاڻ کان اڳتي منتقل ڪيو تڏهن ته سندس پونيرشاعرن به انهن ڳالهين کي پنهنجي انداز ۾ ڳاتو، تان جو اهو سلسلو شيخ اياز تائين اچي پهچي ٿو ۽ هو به انهن سُرن کي سنڌ جي وحدت الوجود جي رڱ ۾ رڱي شاعريءَ جو حصو بنائي ٿو ڇڏي. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي جيڪي اثرنظراچن ٿا تن ۾ مذهبي اثر، برصغيرجي مقامي ادبي ورثي جو اثر، فارسي اثر ۽ سندس پيش رو شاعرن جو اثرآهي. هو انهن مڙني گڻن کي به ڪمال هوشياريءَ سان پيش ڪري ٿو. سندس شاعري وحدت جي واديءَ جو لطيف سيرآهي جنهن ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي هنيئين جي هيج سان مڃڻ جي ڳالهه به ڪئي ويئي آهي. انهي طرح مذهبي روايت مان قرآن شريف جون کوڙ ساريون آيتون به ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل آهن. عربيءَ جو اثر به آهي پرانهي اثرکي ڀٽائي پنهنجي سنڌي سانچي ۾ ڪري پيش ڪري ٿو. لفظن جي بناوت وغيره سموري عمل کي هو اهڙي سلوڻي انداز ۾ پيش ڪري ٿو، جو هرهڪ ان جي پيغام کي سمجهي سگهي. فارسي شاعري جو به اثر نظراچي ٿو روميءَ جو ته هن سڌو ذڪربه ڪيو آهي پر هو فارسيءَ کي حاوي ٿيڻ نٿو ڏي ته ڪو سنڌي ماڻهو ان جي اثرکان ايترو مرغوب ٿين جو سنڌي ئي وساري ڇڏين. پنهنجي پيش روشاعرن شاه ڪريم، شاه لطف الله قادري، ميين شاه عنايت رضوي، خواجه محمد زمان جي شاعري کان به سندس شاعري اثر وٺندي نظراچي ٿي پر هو اهڙي اثرجي باوجود پنهنجي نرالي سڃاڻپ برقراررکي ٿو. ننڍي کنڊ جي علمي ۽ ثقافتي ورثي جو به ڀٽائيءَ جي ڪلام تي اثرآهي. انهن سڀني ڳالهين کان به اڳتي جيڪڏهن ڀٽائي جي شاعريءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته اها اڃا به ڪارائتي ثابت ٿيندي. ڀٽائي جي شاعري جي سماجي، نفسياتي، جنسياتي، ماحولياتي، تواريخي، صنفي پاسن بابت به لکيو وڃي ۽ سڀني کان وڌ ته ڀٽائي جي شاعريءَ جي ڪرٽيڪل اپريسيئيشن به ڪئي وڃي. اسان وٽ ته تنقيد جي نالي ۾ نڪتا چيني ٿيندي آهي يا وري دل جي باهه ڪڍي ويندي آهي يا پراڻا وير پارڻ لاءِ لوئيو ويندو آهي. تنقيد انهن ڳالهين کان مٿڀرو ادبي عمل آهي، جنهن لاءِ وڏي اخلاقي جرئت جي ضرورت آهي. تنقيد ڪرڻ لاءِ توڙي تنقيد ٻُڌڻ لاءِ. انهن ادبي ڳالهين کان به اڳتي جيڪو ڀٽائي جي ڪلام جو اصل ڪارج آهي اهو ڪلام ۾ سمايل پيغام آهي. زندگيءَ جي مختلف روين ۽ روپن جي باري ۾ ڀٽائي اظهاريو آهي. پنهنجي خيال جي اظهارکي هو ترت سمجهڻ جي ڳالهه ڪندي هن ريت چوي ٿو؛

    حرف ڇُٽي هڪڙي، ٻهون جي نه ٻُجهن،
    ڪوه ڪبو کي تن، سڄي سُڻائي ڳالهڙي.

    سندس پيغام مکڻ ئي مکڻ آهي، جنهن ۾ لسيءَ يا اڇ جو ذرو به ناهي. جيئن ڪبير فرمايو هو ته ”مکڻ ڪبيرا کاگيا، ڇاڇ پيئي سنسار“. ڀٽائيءَ نج مکڻ ئي سنسارکي به آڇيو آهي. سندس ڪلام جي انهي ٻهڳڻ روپ کي ڏسجي ٿو ته نت نرالا اظهار نظر ايندا. خالق ۽ مخلوق جي ناتي کان وٺي عشق جي آڳ تائين، عشق جي اظهارکان وٺي محبت جي مهميز تائين، محبت جي منڊ کان وٺي دنيا جي دستور تائين انيڪ ڳالهيون آهن جيڪي کولي سمجهايل آهن. جسم ۽ روح جي تعلق جي وستار تي به ويچار ونڊيل آهن. روحن جي وائي ورنائڻ واري ڳالهه هن ريت سُرمارئيءَ ۾ ڪيل آهي؛
    الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
    قالو بلـيٰ قلب سين تڏهن تت چيوم،
    تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.

    اهو وچن ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ورنائيندو رهي ٿو. ان سڏ کان ڪنهن کي به انڪار ناهي. ان کان انڪار فطرت کان انڪار جي برابر آهي جيڪو ناممڪن آهي. حبيبن جو حُب مان، سڪ وندو سڏ، هرهڪ ورنائي ٿو، رڳو ورنائڻ جو ورلاپ الڳ آهي؛

    حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو،
    سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهئي ٿيو.

    اها اور ڪندي ڪندي هرڪو هرڻ ۽ هماءَ جيان سنسار ۾ سرگردان آهي. پڙاڏي ۽ سڏ ۾ فرق اهو آهي ته ٻُڌڻ ۾ ٻه آهن. توانائي به پنهنجا روپ بدلائي ٿي، ان کي نه اپائي سگهجي ٿو، نه کپائي سگهجي ٿو. علم جون سڀئي صورتون به هڪٻئي کي سهڪار ۾ آهن. وحدت ۽ ڪثرت جو اڻ ٽٽ ناتو آهي. ڪُل ۽ جُز به هڪٻئي ۾ سمايل آهن. عشق جي انهي راهه مان سڀئي راهون نڪرن ٿيون. عشق کي انتهائي وسيع تناظر۾ ڏسڻ سان ئي خبر پوندي ته سڀئي ڪم اتان نڪرن ٿا ۽ اتي ئي وڃي ڇيهه ڪندا. هرشئي کي پنهنجي بُڻ ڏانهن موٽڻوآهي.

    ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهارن لپيٽيو
    منهنجو جيءُ جڙي، تيئن سُپريان سوگهو ڪيو

    دنياداري به ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ بحث هيٺ آئي آهي. هو ڪڏهن ڪن ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿوته ڪڏهن وات ٿيڻ جي. ڪڏهن ٻڪرو ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪڏهن ڪات ٿيڻ جي صلاح ڏي ٿو. سڌي واٽ تي هلڻ جي تاڪيد ڪندي، ڪنڌ ڦير ڪندڙ کي لوڻي ڀرلپاٽ لڳڻ جي چنتا به ڏياري ٿو. سُک سانگي ٿيڻ بدران، ڏکن سان گهارڻ جي مذڪور ۾ وڌيڪ مزو ماڻيندي، سورن کي شاباس ڏئي ٿو. پنڌ جي پنٿ بابت هن ريت صلاح ڏي ٿو؛

    اوتڙ هليا سي نه ڀُليا، راه هليا ڦرجن،
    سُتڙ سي پون، ٻيئي جن ڇڏيون.

    زندگيءَ ۾ جوکي کڻڻ جي جرئت جي تمام وڏي اهميت آهي. جديد دؤر۾ انتظامڪاري جو جيڪو فن پڙهايو وڃي ٿو، تنهن ۾ جوکو کڻي اڳتي نڪرڻ وارو ڪم سڀ کان اڳڀرو آهي ۽ دنيا جي ڪم ڪار ۾ اهي ماڻهو ئي اڳتي وڌيا آهن، جن اهڙا جوکم وارا ڪم ڪيا. ڀٽائي به مئي متي مهراڻ ۾ ٽپوڏيڻ جي ڳالهه ڪندي هن ريت چوي ٿو؛

    گهڙيا سي چڙهيا، ايئن اٿيئي،
    مئي متي مهراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي،
    ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاه سين.

    ميهارجو ملڻ متوقع نتيجن جو ملڻ آهي. ڀٽائي جي ڪلام واري انهي پاسي تي هن دؤر ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن سندس ڪلام ۾ پوتل معنى جا موتي نئين نسل اڳيان اچي سگهن. ترقياتي اقتصاديات ۾ نج نبارتصورن جي تمام گهڻي اهميت آهي. ڀٽائي جو ڪلام نج نبارتصورن سان ٽمٽار آهي. انهن تصورن کي عملي روپ ڏيارڻ لاءِ ترقياتي اقتصاديات جي تناظرکي ڏٺو وڃي ۽ ڀٽائي جي پيغام مان رهنمائي حاصل ڪئي وڃي.


    تون چئو الله هيڪڙو......

    تون چئو الله هيڪڙو......

    خلقڻهار مخلوق تخليق ڪري، ان ۾ خصوصن انسان جي تخليق ڪري، ڪائنات جي تخليق کي اهڙو ته سرس ۽ سوائي ڪري ڇڏيو آهي جو سمورو جنسار ان جي چوڌاري گهمندو نظر اچي رهيو آهي. ان جوڙ ڀري جنسار جي ڳوڙهي ڳالهه کي سونهن ۽ سرواڻن پنهنجي پنهنجي نقطه نگاهه سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان ڪري ان جي سمجهاڻيءَ جا سهسين رنگ روپ نظراچن ٿا. ڪوڙين ڪايائن جا لکين لک هزار روپ سروپ آهن. هر جيءَ سان جيءُ آهي پر سڀني جو ڏيک نرالو ۽ نيارو آهي. ڪائنات هڪڙي محلات جيان نظراچي ٿي، جنهن جي هر دري دريچي مان صاحب سامهون آهي. انسان کي عقل ۽ ڏاهپ ڏيئي، ٻئي رستا... نيڪي جو رستو ۽ بدي جو رستو.... کولي ڏنا ويا آهن ۽ کيس چونڊ جو اختيار ڏنو ويو آهي. انسان تي اهي سمورا ڀورائي جا ڀال آهن، تڏهن ته هو ملائڪن جو مسجود به بنيو.
    ڪائنات هڪ اهڙو ايڪو آهي جنهن ۾ ٻهڳڻائپ آهي پر ٻيائي جي گنجائش ئي ناهي. حبيبن هيڪار جيڪو مهر ڀريو سڏ ڪيو آهي، هر گاهه اهو اچارجي رهيو آهي. الستي آواز جي راز کي ”قالو بلى“ جي هاڪاري هائوڪار هيڪائي هيڪ همدم ڪري ڇڏيو آهي.
    لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ وسيلي انساني تصور جي آبياريءَ لاءِ املهه خيال پيش ڪيو آهي، سندس ٻولي، سندس بيان جو انداز ۽ سندس انداز جو توازن کيس سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ميدان ۾ نيارو ۽ نرالو ڪري نروار ڪن ٿا. سندس ڇڏيل علمي ورثي ۾ شاهه جو گنج ۽ شاهه جو راڳ ٻه اهڙيون ڀلوڙ وٿون آهن، جن ۾ معنى جا مڻيادار موتي آهن، جن جي معنى مان معرفت جي موج مان لنگهي سچ ڳولائو حقيقت جي جهلڪ جو هر ادراڪڻ جي نعمت ماڻي سگهن ٿا. سندس گنج شريف اهڙو ڳوڙهو ۽ ڳُتيل اُڻت وارو دستاويز آهي، جنهن ۾ ڀٽائي جي فڪر، فهم ۽ تدبرجو سمورو سامان سمايل آهي. گنج جي گنجيني يعني خزاني ۾ جتي لطيف سائين جا بيت آهن، تتي ٻين شاعرن جو ڪلام به آهي. اڳتي هلي گنج مان شاه جي ڪلام کي الڳ ڪري شاه جو رسالو تيار ڪيو ويو. اهڙي طرح شاه جي رسالي جا اهي ٻه بنيادي نمونا نروار ٿيا. ڀٽائي جي شاعري سڀني فقيرن کي برزبان ياد هوندي هئي پر مائي نعمت ان ڏس ۾ سڀني کان سرس ۽ سوائي هئي. ڀٽائي جي راڳداريءَ جو سنڀاليندڙ ”تمر فقير“ هو، جنهن راڳ جي اداري ۽ شاعريءَ کي ٺهڪائي جوڙي هڪ ڀلوڙ جنسار ڪري هلايو. ڀٽائي جي رسالي تي گهڻو ڪم ٿيو آهي ۽ هن وقت به اهو ڪم جاري آهي پر ڪوبه رسالو ڪنهن ٻئي رسالي سان نٿو ملي. ان جا ڪيترائي سبب آهن پر هڪڙو اهم سبب اهو به آهي ته ڀٽائي جي شارحن جي اڪثريت غير شاعرن جي آهي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ڀٽائيءَ جي ڪلام جي اهميت ان جو پيغام آهي، جنهن ۾ هن مختلف سنيها سموهي، اهڙي لطيف انداز ۾ پيش ڪيا آهن جو هر ماڻهو سندس بيت ۽ وائي جي سٽ سُڻي، موهجي پوي ٿو ته ڪاش هو به اهڙي سٽ سرجي. پرت جي انهي پيغام ۾ اهم پيغام ”وحدت جي وائي“ آهي. وحدت جي اها وائي شاعر جي ڳوڙهي شعور ۽ ڪائنات شناسيءَ جو چٽو اظهار آهي. وحدت جي وائيءَ کي لطيف سائين هن ريت ورنائي ٿو؛

    تون چئو الله هيڪڙو، ٻي وائي وساري ڇڏ،
    تان تون هنين سين گڏ، سڄڻ ساهه پساهه ۾.

    وحدتان ڪثرت ٿئي، ڪثرت وحدت ڪُل،
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻوليءَ ٻيءَ م ڀُل،
    هيءُ هُلاچو هُل، با لله سندو سڄڻين.

    سندس پيش ڪيل وحدت جو تصور اهڙو ڳوڙهو ۽ گهاٽو اُڻت ڪيل تصور آهي، جنهن جي ”هڪڙائي“ اڻ ورڇ جوڳي آهي. ورڇيل نظر ايندڙ ان هڪڙائي جو اظهار آهي. وحدت مان ئي ڪثرت نڪتي آهي ۽ ڪثرت کي وحدت جي ڪُل ۾ جذب ٿي وڃڻو آهي. حق حقيقي هيڪڙو آهي جنهن جي پروڙ کان پوءِ ٻي ٻولي ڀُلجڻ جي گنجائش ئي نٿي رهي. سمورو هُلاچو هُل سڄڻ سندو آهي. قسم کڻي ايئن هيڪڙائي حق جي سچي سنيهي جو سڏ ڀٽائي ئي اوري سگهي ٿو جنهن جي ڏات جي ڏيا اندر جي اظهار کي توازن جي تارازيءَ ۾ توري تڪي معنى آڇي ٿي. وحدت جي وائي مان ئي وحدت الوجود جو ورلاپ نروار ٿيو آهي. ننڍي کنڊ جي ۾ وحدت الوجود جي نظرئي جو گهرو اثر آهي. صوفين بزرگن، سنتن درويشن جو اظهار گهڻو تڻو ”همه اوستي “ حال ۾ رهيو آهي. ڀٽائي سائين به ”سڏ پڙاڏي “ جي هيڪڙائي جي ڳالهه ڪندي، فرمايو آهي ته اهي رڳو ٻُڌڻ ۾ ٻه آهن. وحدت الوجود لاءِ جي تشريح جو اظهار ابن العربيءَ جي لکتن کي سمجهيو وڃي ٿو.، جيتوڻيڪ هن اهو اصطلاح سڌي ريت ڪٿي به استعمال نه ڪيو آهي پر سندس پيروڪارن اهو اصطلاح متعارف ڪرايو. وليم چٽڪ مطابق ”انهن ۾ سندس شاگرد ۽ ويڳو پٽ صدرالدين قونوي (وفات 1274 ع) به شامل آهي. سعدالدين فرغاني (وفات 1300ع) هو جنهن وحدت الوجود جي ”مخصوص ۽ فني “ معنى نروار ڪئي.اڳتي هلي ان اصطلاح کي باقاعدي مولانا جاميءَ پنهنجي لکتن وسيلي رائج ڪيو“.
    وحدت جي وائيءَ کي ورلاپيندي لطيف سائين ان جا ڏاڪا هن ريت بيان ڪيا آهن؛

    وحده جي وڍيا، الا الله سي اورين،
    هنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورين،
    معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندر ڏورين،
    سُک نه ستا ڪڏهن ويهي نه ووڙين،
    ڪُلهنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.

    وحده جي وڍ جن جي وجود کي ”ايڪ“ مان ڪڍي ”انيڪ“ جو اوطاقي بنايو آهي، سي ”الا الله“ اوري رهيا آهن. سندن هنئيون يعني قلب يا دل حقيقت سان ڳنڍيل آهي ۽ طريقت توري رهيا آهن يعني طريقت وسيلي تور ماپ ڪري شين جي مايي ۽ قدر کي ماپي رهيا آهن. ان ڏاڪي کان اڳتي ٽپي معرفت جي ماٺ جي ميدان ۾ پهچن ٿا ته ڪيئي ڏيساندر يعني ڏورانهان ڏيهه ڏورين ٿا يعني ڳولهي لهن ٿا. اهي ڏيهه ته روح جي راحت آهن پر انهن جي ڳولها جي ڳالهه به ڳچ آهي. سُک سندن جان ۾ ناهي. مسلسل سفر ۾ آهن. انهن ڪڏهن ويهي ووڙڻ جو سوچيو به ناهي ڇوته ويٺن تان واري وري ٿي. جاڳڻ منجهان ئي جس آهي. عاشق جڏهن انهن ڏاڪن مان لنگهي پار پون ٿا ته پوءِ وٽن سکڻي سر جي ڪا حيثيت نٿي رهي ۽ اهي ڪُلهن تان ڪوري، مٿو محبوب حوالي ڪن ٿا. ايترا ڏاڪا اُڪرڻ کانپوءِ ئي قبوليت ملي ٿي ۽ قبوليت جي انعام ۾ سر قبول پوي ٿو. قرباني انساني تاريخ سڀ کان وڏي وٿ رهي آهي. سر ڏيئي سٽ جوڙن جي ڳالهه سمجهائي ويئي آهي پر هڪڙو سر ته سکڻي قرباني آهي. ساڳي شئي مالڪ کي موٽائي ڏني ته ڪهڙو وڏو ڪم، ڀٽائي سائين ته ”هزارن سرن کي ان راهه ۾ سسيءَ کي سئو ڀيرا ڏيڻ“ جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪو ڀٽائي جو پيش ڪيل قربانيءَ جو نيارو تصور آهي. ڀٽائي ”وحده جو ويءُ وهائڻ“ جي ڳوڙهي ڳالهه ڪري ٿو.کٽڻ هارائڻ کان اڳتي نڪرڻ جي صلاح ڏيندي فرمائي ٿو؛
    وحده لاشرڪ لـﮧ، ايءُ وهائج ويءُ،
    کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ،
    پاڻان چوندءِ پيءُ، ڀري جام جنت جو.

    وحده لاشريڪ لـﮧ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا،
    ڪِ تو ڪنين نه سُئا، جي گهٽ اندر گهوڙا،
    ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿيندءِ سامُهان.

    وحده جي وائي ورنائيندي، لطيف سائين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي به مڃڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. اهو نقطو به سندس پاران پيش ڪيل وحدت جي تصور جو اهم نقطو آهي. هو اهو سمورو ڪم هنيين جي هيج سان ڪرڻ جو سنيهو ڏئي ٿو.

    وحده لاشريڪ لـﮧ، جان ٿو چئين ايئن،
    تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن،
    سو تون وڃئو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي.

    ٻين کي ڪنڌ نائڻ کان انسانن کي پليندي، ڀٽائي انسان جي آزاديءَ جي رکوالي ڪري ٿو. انساني شعور پنهنجي سکيا جي سنگ ارتقا ئي اُٿي ويٺي سکيو آهي. سندس عمل ۾ جڏهن ترتيب اچي ٿي ته اهو گهربل نتيجا ڏيڻ لڳي ٿو. محنتون، رياضتون ، عبادتون سڀئي انهي فڪر ڦرهيءَ جي اُجارڻ جو سامان آهن. اندر اجارڻ سان ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو، خالي جسم ڌوئڻ سان جي ڪجهه حاصل ٿئي ته مڇين کي سڀ کان گهڻو سري ها. وحدت انسان جي اندر ۾ آهي. هو ان کي پنهنجي اندر جي اک سان ڪيئن ڏسي ٿو يا وري سندس ماڻيل تربيت ۽ ورتل تعليم کيس ڪهڙي دڳ وٺي ٿي وڃي، اهو سڀ کان وڏو سوال آهي. هو پنهنجي خيال کي وحدت جي واديءَ جو سير ڪرائي ٿو يا وري ڪنهن رڻ جي رولاڪيءَ ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي، پير پٿون ڪري، ٽڙڪي پوي ٿو.انسان وحدت جي احديت جو پنڌ پڄائي ٿو ته کيس جيڪي سري ٿو، سو سسو پلرآهي. امرت آب حيات آهي. هو لُٻيل لُڙ ڇڏي اڳتي وڌي ٿو.

    وحده وائي، چڙهندي چيائين،
    سو لُڙ لنگهيائين جتي پارک پکيان.

    اهڙي طرح هيڪڙائي حق آهي. ٻيائي کي ٻک وجهي ماڻهو وَرسڻ يعني آباد ٿيڻ بدران وِرسي يعني برباد ٿئي ٿو. هيڪڙائي جو تصور همه اوست جو منبع آهي. هيڪڙائي ”هڪ “ آهي جنهن ۾ ڪنهن به ٻيائي جي گنجائش ڪانهي. ٻيائيءَ جي ٻپين ۾ اچي، ڀٽڪڻ انسان کي، چيئن چاڙهي ڇڏيو آهي. هو اندر جي سڪون لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي ته عالم جي امن لاءِ مٿاماري ڪري رهيو آهي پر اهي ٻئي شيون سندس هٿ وس نه پيون ٿين، ڇاڪاڻ ته هو ٻيائيءَ ٻپيءَ تي لڳي، وَرسڻ بدران وِرسڻ واري واٽ جو واٽهڙو بنجي روانو ٿيو آهي، جن لاءِ لطيف ههڙو لطيف خيال پيش ڪيو آهي؛

    وحده لاشريڪ لـﮧ، ايءُ هيڪڙائيءَ حق،
    ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جن وڌو سي وِرسيا.


    دارون دنيا جي دردن جو

    دارون دنيا جي دردن جو

    دنيا جي وجود پذيرٿيڻ ۽ ان ۾ انساني علم جي عمل ۾ اچڻ سان جيڪي ارتقائي مدارج طئي ٿيا آهن، تن ۾ انسان جي بُلند پروازيءَ جو بانور به آهي ته تحت الثرى جي تاريڪيءُ جي اونهي اونداهي جي جهلڪ به آهي. انساني چرپر جي اها وڻ ويڙهي ٿورن گهڻن لوڏن لمن سان مٿي چڙهندي رهي ٿي. ماڻهو پنهنجي ڪَئي مان ئي ڪجهه حاصل ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن هو سبق پرائي ٿو ته مٿي چڙهي ٿو. جيڪڏهن وقت گنوائي ٿو ته پوءِ کيس ڪجهه به پلئي نٿو پوي ۽ هو وري پنهنجي تنزل جي تاڪيئي ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. انسان انهي عمل ۾ ڪيئي تاڪيا مٽايا آهن، ڪيئي ويس ورن ڌاريا ۽ ڇڏيا آهن. انيڪ نيون دريافتون ڪري جتي پنهنجي زندگيءَ کي سولو بنايو اٿس، اتي ڪيئي ڪوپ ڪري پنهنجي انسان ڀائرن جو رت پياسو بنجي جنگيون به ڪيون اٿس. مختلف نالا ڏيئي پنهنجو پاڻ کي طبقن ۾ ورهائي تاراج ڪيو اٿس. انسانن ۾ اهڙي ڪئنچي وجهڻ لاءِ هن ڪڏهن مذهب جو نالو استعمال ڪيو آهي، ته ڪڏهن ذات پات ۽ رڱ نسل جو نالو ڪتب آڻي پنهنجي ڀائرانسانن تي جبر جا جبل ڪيرايا آهن. انساني سماج پنهنجي اوائلي صورت کان وٺي اڄ تائين جنهن منزل تي پهتو آهي ان مان نظراچي ٿو ته هو ويراوير وڌ آهي. هرزماني ۾ ڪنهن نه ڪنهن نئين شئي جو واڌارو ٿيندو رهي ٿو. هر ايندڙ زمانو پنهنجي گذرندڙ زماني کي پراڻي چئي پڇاڙي ٿو ۽ هرگذرندڙ زمانو پنهنجي جاءِ نشين زماني کي نئون چئي ناتجربيڪاريءَ جو طعنو ڏيئي ڪم ڪڍي ٿو وڃي. اهڙي سموري انساني اٿل پٿل جو رُخ ڏسجي ته اهو وسيلن پويان ئي آهي. انسان جڏهن سماج ٺاهي ان ۾ شيون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون ته پوءِ هن جي هٻڇ وڌندي ويئي، تان جو هو دنيا جي سمورن وسيلن کي ڳڙڪائيندو ڳڙڪائيندو پاڻ وسيلي مان موڙي بنجي چڪو آهي ۽ هر بازار انسانن جي وڪري ۽ وٺڻ جو ڪو نه ڪو روپ رکي ٿي. منافعي جي بي لغام گهوڙي تي سوار انسان وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ميڙ ميڙان لاءِ ڪيئي بي سبب جنگيون به ڪيون آهن، جن جنگين انسانن ۾ نفرت جون ديوارون اڀيون ڪري، هڪ جسم کي وڍي ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ايتري نقصان کانپوءِ به ماڻهو مُڙي نٿو. ساڳي ڪوڏر ساڳي ڌرتي، کڏ کوٽڻ مان ٿڪجي نٿو. پنهنجي کوٽيل کڏ ۾ پاڻ ڪري ٿو، پوءِ به هو سبق نٿو حاصل ڪري، تان جو هن وقت هو هڪ طرف ڀوائتي آبهوائي صورتحال جي هٿن ۾ بيوس بنجندو پيو وڃي ته وري ٻئي طرف انساني هٻڇ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل نفرت جي باهه جو بَکُ بنجڻ ڏانهن ڌوڪيندو پيو وڃي. اهڙين حالتن ۾ ماڻهوءَ وٽ آخر ڪهڙو علاج آهي جيڪو سندس اندرجي بيمارين کي ڪوري ڪڍي؟ هو ڪيئن پنهنجي پرامن ارتقائي سفر ڏانهن پنهنجي پوري جوهر جي جلوي سان وڌي؟ دنيا جي دوزخ واري دونهين کي ڪيئن بهشتي هير ۾ تبديل ڪري؟ اهي سڀ ڳالهيون سوچي جيڪڏهن جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته هڪڙو ئي جواب لڀي ٿو، اهو آهي محبت ۽ محبت ۽ محبت. هي اهڙو نسخو آهي، جنهن کي واپرائي دنيا پنهنجي دردن جو شافي دارون ڪري سگهي ٿي. محبت ڇا آهي؟ ان جو انساني زندگيءَ ۾ ڪهڙو عمل دخل آهي؟ اچو ته ان جو ڏس ڀلاري ڀٽائي کان پڇون ته هو ڇا ٿو فرمائي؛
    محبت مڻين من ۾، تن تشنگي تار،
    پي پيالو اُڃ جو، اڃ سين اڃ اٿيار،
    پنهون پاڻ پيار ته اڃ سين اڃ اجهائيان.
    محبت جو مرڪز من آهي. محبت من مان ئي اپجي ٿي ۽ اٿي ٿي. پيالي پيئڻ سان به اُڃ ٿئي، آخر اهو ڪهڙو پيالو آهي، جنهن جي پيئڻ سان تن جي تئونس وڌي ٿي. ڀٽائي پيالو پي، اڃ سان اڃ اٿيارڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. پنهون جڏهن پاڻ پياري ٿو ته پوءِ به اڃ سان اڃ اجهي ٿي. هي محبت جي مذڪور ۾ انتهائي ڳوڙهي ڳالهه آهي، من جي محبت ڇا آهي؟ تن تشنگيءَ مان ڪيئن تار ٿيل هوندو آهي؟ اڃ جو پيالو پي، اڃ سين ڪيئن اڃ اجهائبي آهي؟ پنهون پاڻ ڪيئن پيالو پياريندو، جو وري به اُڃ سان اُڃ اجهندي؟ اهي منورتي جي مام جون رمزون آهن. ماڻهوءَ ۾ ڄائي ڄم کان محبت وڌل آهي. سندس تخليق ۽ سرجڻ جو سمورو عمل محبت جو شاهڪار آهي. انهي ڪري هن جي خمير ۾ محبت پوشيده آهي، زماني جو رنگ ان کي ڀنگ ٿو ڪري. اها فطري محبت ايتري ته پرتاثير آهي جو جيئن هو ان جون پياليون پيئندو تيئن انهي محبت جي اڇا من ۾ وڌندي. پنهون يعني محبوب پوءِ اهو جنهن به روپ ۾ هجي ته اهو جڏهن پنهنجي هٿن سان پيالو پياريندو ته اها اڃ، اُڃ سان ئي اجهامندي. انساني فطرت ۾ محبت جي تاس ۽ طلب سمايل آهي. هو جيڪڏهن فطرت کان پري ڀڄڻ ۽ ان کي ڳڙڪائڻ جي ڪوشش نه ڪري ته فطرت سدائين پنهون بنجي انسان کي پريم پيالا پياريندي رهي آهي. اها اندر جي اڃ ماڻهوءَ کي پنهنجي منزل ڏانهن وڃي ٿي. ان کان به وڏي ڳالهه اها ٿئي ٿي ته اهڙي اڃ لاءِ پاڻي پاڻ اڃيو هوندو آهي. ڀٽائي به اهڙي خيال کي هن ريت اظهاريو آهي؛
    ساجن ڪارڻ سُڃ، مر قبوليئي سسئي،
    اندر جني اُڃ، پاڻي اڃيو ان کي.

    محبت جي ميدان ۾ سسيءَ جو سانگ نه ڪبو آهي يعني محبت قرباني گهري ٿي. انسان جيڪڏهن انسانيت جي اجتماعي ڀلي خاطر قرباني ڏيندو رهي ته ڏيهه ۾ ڏولائو هوند نه ٿئي.انسان جي قربانيءَ واري اها خوبي منجهس جيڪي گڻ اڀاري ٿي، اهي کيس ماڻهو ءَ مان سُماڻهو ٺاهين ٿا ۽ ڪماڙهو ٿيڻ جي ڪوپ کان بچائين ٿا. قرباني انسان جي انسانيت واري جذبي جي اهڃاڻ طور ازل کان هلندي آئي آهي. قرباني اها ناهي ته ڪنهن باچو شئي کي اُڇلائي ڏجي پر قرباني اها آهي ته وات تي آندل هڪڙو گراهه به هجي ته اهو ٻئي کي ڏجي. قرباني انسان کان بي بدل شين ڏيڻ جي تقاضا ڪري ٿي، جن سان وري انسانيت جي گاڏي اڳتي تڳي وڃي ٿي. قربانيءَ وارو اهو عمل محبت جي منشور جو اهم نقطو آهي؛

    محبت جي ميدان ۾ سرجو سانگ م ڪر،
    لاهي سر لطيف چئي اڳئان دوستن ڌر،
    وڍيين تان واه ٿئين سندي دوسان در،
    عشق نانگ اپر، خبر کاڌن کي پوي.

    سسيءَ جو سانگ ڪبو ته محبت ڪري نه سگهبي. سسيءَ جو سانگ لاهبو، تڏهن ئي دنيا جا ڪوڙا سانگا ڀٽڪائڻ بند ڪندا ۽ رڻن ۾ رُلائي نه ماريندا. جان ته مليل آهي غالب جي چواڻي ته جان ڏني ته ڪهڙو وڏو ڪم ٿيو؟ جيڪا شئي ڪنهن جي ڏنل هجي، ان کي موٽائي ڏجي ته ان ۾ ڪا اهم ڳالهه ناهي. محبت ۾ ته ازلي عطا جو ڪوئي مٽ ۽ ملهه ناهي. انهي ٻاجهاري ٻوليءَ جي موٽ ۾ هڪ سسي ڇا، جي هزار هجن ته به ڪجهه ناهن. واري واري سسي وڍجي ته به اها ازلي تند تنوار جي پرت ڀري پڪار مٿانهين آهي. اهڙي ٻهڳڻ ٻوليءَ جي ٻهون ٻجهه ماڻهوءَ جي من جي محبت کي اٿياري ٿي. ماڻهو پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي، لاڳاپا لاهي، گهڻن جي ڀلي لاءِ نڪري ٿو پوي. منجهس درد شناسي جو احساس پيدا ٿئي ٿو ۽ هو ٻئي جو همدرد ٿي پوي ٿو. اهو جذبو به محبت جي ڪري پيدا ٿئي ٿو ۽ محبت ئي آهي جيڪا ازلي سڏ کي ورنائيندي هن ريت اظهاري ٿي ته؛

    مٿي اتي منهنجي، جي هجن سر هزار،
    ته واري واري وڍيان، سسيءَ کي سئو وار،
    تهان ئي تند تنوار، مونهان مٿاهين مڱڻا.

    محبت جو پورهيو هر هنڌ وڏي ويلي اگهجي ٿو. من ۾ محبت رکي جيڪا رنڍا روڙ ڪبي آهي، سا سڀني ۾ مقبوليت ماڻيندي آهي. چت ۾ چائت سان جيڪو سنهو به ڪتيو ويندو آهي، ان جو دڪو به داخل نه ٿيندو آهي. محبت ئي انسانيت جو توڙي ڪائنات جو جوهر آهي. دنيا جي سمورن دردن جو دارون به محبت آهي. سموري انسانيت جيڪڏهن محبت جي ان مام کي پروڙي ته کيس ڳچي ڳراهون وجهي ليلان جيان ڪارون ڪرڻيون نه پون. ساڍا ست ارب آباديءَ واري ڌرتي هن وقت چند هٿن جي وس آهي، جيڪي پنهنجي هٻڇ جي هاويءَ ۾ ايڏو هٺي ويا آهن، جو انهن کي باقي خلق جو احساس ئي ناهي. لکين ماڻهو دنيا ۾ روز بکيا سمهن ٿا، لکين ماڻهو بنا اجهي جانورن جهڙي زندگي گهارين ٿا. ڪروڙين ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻيءَ جهڙي بنيادي سهوليت به ميسر ناهي. ڪروڙين ماڻهو بيمارين جو بک بنجي موت جي منهن ۾ وڃن پيا پر وٽن علاج لاءِ موڙي ناهي ۽ موڙيءَ تي جن قبضو ڪيو آهي تن مان محبت موڪلائي ويئي آهي. منجهن جيڪڏهن ذرو به محبت هجي ها ته هيئن انسان سسڪي سسڪي روڊن رستن جهرجهنگن ۾ نه مري ها. نالي ۾ نهال وڏا وڏا ادارا دنيا کي بک بدحالي ۽ غربت مان ڪڍڻ ۽ امن وارو محبت ڀريو ماحول جوڙي ڏيڻ جي هام هڻي رهيا آهن پرهڙ حاصل ڪجهه به ناهي. انسانيت پنهنجي انتهائي آزمائش واري ٻه واٽي تي ان ٻڪجي ويل ابهم ٻار وانگر حيران پريشان روئي روئي سڪي ويل لڙڪن اکين سان ان محبت جي منتظر بيٺي آهي، جيڪا کيس پرامن ۽ بُک بدحاليءَ کان آجي دنيا ڏي. جتي ڪا جهل پل نه هجي. جتي ڪو رائڙ ڏيهه ۾ نه هجي. جتي نينهن اُڇل هجي ۽ پرين کي پسڻ تي ڪا جهل پل نه هجي. دنيا کي سڀني سورن مان ڪڍي جيڪڏهن ڪو دارون ان جي دردن جي ٻاجهه ڀري ٻُڪي بنجي سگهي ٿو ته اهو آهي محبت، ۽ محبت جيڪا انسان جي من ۾ مڻين آهي. محبت تي ڪا به موڙي خرچ نه ٿيندي. محبت جي وٽ کي جيترو وڌيڪ هڪٻئي سان ونڊبو، اوتروئي ماڻهن ۾ ميٺ وڌندو ۽ انسانيت جو ٽياس تي ٽنگيل روح به قرار ۽ سُڪون ماڻيندو. انسانيت جو روح جڏهن سُڪون ۽ قرار حاصل ڪندو ته دنيا به پنهنجي متعين ۽ مقرر رخ ۾ اڳتي وڌندي. دنيا دوزخ جي دونهين وارو روپ مٽائي هيج هندورو ٿي پوندي. جيڪو سموري جڳ جو جاڳندي جو به خواب آهي ته سُتي جو به سپنو آهي.


    عشق ناهي راند...!!

    عشق ناهي راند...!!

    ڪائنات جي ابتدا عشق آهي. انتها عشق آهي. عشق ازل آهي. عشق ابد آهي. حسن ان جو هڪڙو اظهار آهي جنهن جي لاکيڻي لقاءَ وسيلي عشق جي دنيا آباد آهي. عشق جي دنيا لامحدود آهي جيڪا حدن مان نڪري بيحد جي برپٽ مان اُڪري لاحد جي لوءِ ۾ اچي کُلي ٿي، جتي نه ڪا هونگ نه هون آهي. هيڪائي هيڪ آهي. ٻيائي ان اظهار جي اُهاءَ ۾ الوپ ٿي وڃي ٿي. عشق جي ڳالهه ڳوڙهي به آهي ته ڳري پُڻ. لطيف عشق، محبت ۽ پيار سان پنهنجي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو اُڻيو آهي. سندس ڪلام ۾ قرب جون مصريءَ ڪڻيون جابجا ملن ٿيون، جن جو هرهنڌ رس چس نيارو ۽ نرالو آهي. ڀٽائي جو ڪلام زندگيءَ جي سمورن رخن کي ذهن ۾ رکندي، ڪائنات جو اڀياس ڪندي، ڪائنات جي وسيع تناظر ۾ انسان جي وجود جي معنى ڳولي ٿو. سندس سنيهو صوفيت جي عام رواجي پيغام کان گهڻو اڳتي آهي. هو احديت، وحدت جي هيڪڙائي هيڪ کان شروع ڪري، ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر سندس ڳالهه ان کان به قديم جي قدمن کان اڳتي هلي وڃي ٿي ۽ حادث جي همدميءَ کي سمجهائيندي، زمانن جي زمانن کان اڳتي گذري وڃي ٿي. لطيف جي ڪلام جي لطافت به وقت جي راز جيان ڳوڙهي آهي. وقت جي ابتدا جو ڇيڙو به انساني شعور جي سُئي جي پاکي ۾ اچي نه سگهيو آهي نه ئي ان جي انتها جي اٿاهپڻي جو ڪو دنگ درو نظراچي ٿو. انهي اپورڻتا ۾ سمپورڻتا پنهنجو وجود ڳولي ٿي. سمورن وڏن تخليقڪارن به سمپورڻتا جي سراغ لڳائڻ لاءِ پنهنجا ڪونتل ڪُڏايا آهن پر ڳالهه اڃا به اتي جو اُتي آهي. رڳو ان جا اوسا پاسا ظاهر ٿين پيا، باقي اصل ڳوٽ ڀڄڻ جي امڪان جو ڪو امڪان نظرنٿو اچي.
    ڀٽائي عشق تي اظهاريندي، ان کي ازل جي ازل کان به قديم ۾ وٺي وڃي ٿو ته ڪيئن سڀني ڳالهين کان اڳ ۾ عشق جو وجود هو.دنيا هيڏو وڏو جوڙ ۽ جنسار هئڻ باوجود راند روند کان مٿي ناهي. دنيا چئن ڏينهن جو چُٽڪو آهي يا ڏينهن مڙئي ڏون آهي. پر لطيف عشق کي راند نٿو سمجهي. هو سُرڪلياڻ ۾ فرمائي ٿو؛

    عشق نه آهي راند، ته ڪي کيلين ڳڀرو،
    جيءَ، جُثي ۽ جان جي، ڀڃي جو هيڪاند،
    سسي نيزي پاند، اُڇل ته اڌ ٿئي.

    عشق ڪچي وهيءَ وارن يعني ڳڀرن جي کيڏڻ جي کيڏ ناهي. اهو هيڪر ته هر شئي کي جهوري ٿو وجهي. جيءُ به جُهري ٿو پوي ته جُثو به جهٽ نٿو جهلي. عشق جي سٽ سان اندر ٻاهر ٻئي متاثر ٿين ٿا يعني ڀيلي دنيا ڀڄي ڀُري، نئين دنيا ٺهڻ ڏانهن وڌي ٿي. اهڙي نئين سر تعمير ۾ سسي نيزي پانڌ اُڇلائڻي پوي ٿي. سر جو سانگو لاهڻو پوي ٿو تنهن کان پوءِ وڃي ڪو عشق جي پنٿ تي پير لڳي ٿو. پنهنجي مرضيءَ سان ايئن سسي نيزي جي ڇيهه تي آڇڻ وير وريامن جو ڪم آهي جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالهه ناهي. عشق قرباني گُهري ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ پنهنجو پاڻ پيارو هوندو آهي. عشق جي آڳ انهي ”پاڻ“ جي دان جي گهرجائو هوندي آهي. عشق اهڙو محرڪ آهي جيڪو ماڻهو جي داخلي توڙي خارجي صلاحيتن کي متحرڪ ڪري وجهي ٿو. عشق جي اُليل مانجهين کي منجائي وجهي ٿي. لنئون لڳڻ کانپوءِ، محلن ۾ ويٺل نازڪ نفيس شهزادا توڙي شهزاديون ڏونگر ڏورڻ لڳي وڃن ٿا. اُٿي ويٺي کين پرين پسڻ جي تات رهي ٿي. اهو شوق کين اهڙي مهميز عطا ڪري ٿو، جو پهڻ جو پنڌ سندن پير پِٿون نٿو ڪري. هلي هلي ڀلي پير لڦون ٿي وڃن پر پنڌ ۾ سندن دلچسپي جهڪي نٿي ٿئي. لطيف سُر بروئي ۾ فرمائي ٿو؛

    عشق اهڙي ذات، جو مانجهي مُنجهائي،
    ڏينهان ڏورڻ ڏونگرين، رُئن سڄيائي رات،
    اُٿي ويٺي تات، ميان محبوبن جي.

    عشق جي سگهه جي ڪري، عاشق ۽ معشوق ۾ اهڙو تعلق جڙي ٿو جيڪو سموريون دوريون دور ڪندي، ٻيائيون ٻن وجهندي، ٻنهي کي هڪ ڪري ڇڏي ٿو. ان کان وڌيڪ وجود جي وحدت جو ڪو ٻيو مثال ناهي. جڏهن اهو ڏاڪو اچي ٿو ته سسئي پاڻ پنهون ٿي پوي ٿي ۽ سسئي ته سورن جي صورت جو هڪڙو روپ محسوس ٿئي ٿو. ميهار کي جيڪي پُڇن ٿا، ميهار به تن جي سار لهي ٿو. عشق جني جو جيترو آڪرو آهي، تن لاءِ ترهو به بار آهي. ڀٽائي، سُر سهڻيءَ ۾ آڪري عشق جي آکاڻي بيان ڪندي ”فا ذڪروني اذڪرڪم“ جي تند چُوري ٿو؛

    پُڇن جي ميهار کي، پُڇي سي ميهار،
    فاذڪروني اذڪر ڪم، ايءَ پروڙج پار،
    تُرهو تني بار، عشق جني کي آڪرو.

    ”آڪرو“ لفظ صفت آهي. هي لفظ لوهارڪي ۽ ڪاپائتي ڪرت جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي سخت. ڀڳل يا وٽيل سُٽ ۽ رُڪ آڪرا ٿيندا آهن. رڪ جا ٻه قسم ٿيندا آهن. هڪڙو آڪرو رُڪ جيڪو مُڙندو ناهي. موڙڻ سان ٽُٽي پوندو آهي ٻيو مٺو رڪ، جيڪو ڪجهه نرم هوندو آهي. باقي ڪچو رڪ ڌڪ هڻڻ سان ڪڻيون ٿي پوندو آهي ۽ ان مان ڪا شئي جُڙي نه سگهندي آهي. تُرهو ترڻ جو وسيلو آهي، جيڪو هڪڙو ڄڻو پنهنجي لاءِ کڻي ٿو. جن جو عشق آڪرو هوندو آهي سي ترهو نه کڻندا آهن. ملاحن کي پُڇي ڪوئي مس ميهار تائين پهچي سگهندو آهي سُر سهڻيءَ ۾ لطيف فرمائي ٿو؛

    تُرهو آڇ م تن کي، جن عشق سين آگاه،
    پُڇي مس ملاح، ساهڙ مَڻي سهڻي.

    عشق ۾ ڪهڙو سامان کپي ٿو. عشق جي ڪهڙي گهرج آهي. عشق ۾ ڪهڙيون تڪليفون درپيش اچن ٿيون؟ انهن اهنجن ايذائن جو علاج ڪهڙو آهي؟ عشق جو اسباب ڇا آهي؟ ان بابت ڀٽائي وڏيءَ چٽائيءَ سان بيان ڪندي فرمائي ٿو ته جڏهن عاشقن عشق جي اسباب کي پر۾ پڇيو ته کين هن درد جو دارون ٻڌايو ويو ته ”والعصر“ جي پڇاڙيءَ ۾ درد جي دارون جي ٻاجهه ڀري ٻُڪي ڄاڻايل آهي. اهو نسخو ٻُڌائي، محبوبن دوريءَ جو ايترو مظاهرو ڪيو آهي جو سلام کي به سڪي ويا آهيون. عاشقن جي من ۾ سڪ ڀري سار جو سڳو سُري رهيو آهي. وسارڻ سندن وس ۾ ناهي. اها ياد ئي آهي جيڪا وجود جو اهڃاڻ آهي. سُرڪلياڻ جي چوٿين داستان ۾ ڀٽائي سائين فرمائي ٿو؛

    پر ۾ پُڇيائون، عشق جي اسباب کي،
    دارون هن درد جو، ڏاڍو ڏسيائون،
    آخِرُ ”والعصر جو“، ايهين اُتائون،
    تهان پوءِ آئن، سڪان ٿي سلام کي.

    لطيف سائين قرآن جي سورت ”والعصر“ جي حوالي سان ان درد جو دارون ”والعصر جو آخر“ لکي ٿو، جيڪو ”صبر“ آهي. محبوبن صبر جي صلاح سان درد جي دؤر کي جهڪو ڪرڻ جو ڏس ڏنو. عشق جي واٽ ٻُڌائيندو، لطيف ڪيتريون ئي لطيف ڳالهيون ڪندو اڳتي وڌي ٿو. هو عشق کي لامحدود سمجهي ٿو، جنهن جو ڪو ڇيڙو ناهي. ان جي ڪا حد ناهي. عشق عدد ناهي جنهن جي پُڄاڻي هجي. عشق واقعي ”ٻُڙي“ آهي تنهنڪري ان جي ڪائناتي حيثيت سڀني شين مٿان گهيرو ڪري بيٺي آهي. سڪ به عشق مان اُپجي ٿي ته سور به عشق جي پور جو اهڃاڻ آهي. عشق انسان کي انهي لامحدود ماڳ ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جنهن ۾ حدن جي محدوديت تنگ نٿي ڪري. عشق جيڪا وسعت عطا ڪري ٿو اها انسان جي تصور کي جيڪا جلا ۽ جوت بخشي ٿي تنهن ۾ عالم سوڙهو ٿي ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو. سُر سهڻيءَ ۾ ڀٽائي سائين فرمائي ٿو؛

    نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سڪ،
    عدد ناهه عشق، پُڄاڻي پاڻ لهي
    عدد ناهه عشق جو، سُڻي ٿيءُ سياڻي،
    ڪانهي پُڄاڻي، مهندان مُنڌ ميهار جي.

    عشق جي اهڙي ڀلوڙ سمجهاڻي ڏيندي، لطيف سائين عشق جي ”اگم“ واراتا بيان ڪري ٿو ته عشق جو ڪو ڇيڙو ڪانهي، ڪا حد ڪانهي. عشق لاحد ۾ لوچڻ جو نالو آهي.عشق جو ڪو عدد ناهي يعني ان جو مُلهه مقدار ناهي يا ٻين لفظن ۾ ته اهو املهه آهي. ان کي ڪنهن ڪڇ ماپ ۽ ماڻ سان ڪڇي ماپي توري تڪي نٿو سگهجي. عشق جا پانڌي عاشق سڏائين ٿا پر سنڌي تصوف ۾ عشاق به آهن جن عوشاق سڏيو ويندو آهي. ڀٽائي عاشقن جي اول محبت الله سان ڄاڻائي ٿو. سموريون محبتون ان محبت مان نڪرن ٿيون ۽ ان ڏانهن موٽ کائين ٿيون. عشق جو اصل هڪ ئي آهي. عشق بابت لطيف جا لطيف خيال ماڻهوءَ جي ذهني تربيت ڪن ٿا جيڪا انسان کي سندس ارتقائي پنڌ جا ڏاڪا اُڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ڀٽائي جو عشق جو تصور وحدت جي احديت واري تصورمان ڦُٽي ڪثرت جي قسما قسمي واري گهڻا گهڻا گهڻي تائين پهچي وري هيڪائي هيڪ ڏانهن موٽ کائي ٿو. لطيف وٽ عشق جون انيڪ واٽون به آهن. سسئيءَ جو پنهونءَ سان عشق آهي. سندس جستجو ۽ جاکوڙ سراپا عشق آهي. پروڙ پوڻ تي سسئي ۽ پنهون هڪ نظراچن ٿا. مومل راڻي جي محبت جو پنهنجو روپ آهي ته نوريءَ سان ڄام تماچيءَ جي سڱ جي آکاڻي نرالي آهي. رپ ۽ بروئي جو داستان پنهنجي الڳ نموني جو عشق بيان ڪري ٿو. گهاتوءَ ۾ مورڙي جو مهاساگر سان عشق مثالي آهي ان مان مڇ کي لوڌي ڪڍڻ لاءِ هيڏي ساري اجگر سان مهاڏو اٽڪائڻ به عشق جو هڪ اظهار آهي. مارئي جي ملير ۽ مارن سان جيڪا نسبت آهي تنهنجو عشق مثالي آهي تڏهن ته هڪ اٻلا ۽ مسڪين ڇوڪريءَ جي ڪردار کي ڀٽائي ايئن چٽي ٿو جو هڪ ارڏو بادشاه به ان جي سامهون پاڻ ساهي نٿو سگهي. ڀونئر جي آسمان ۾ ڀُرڻ ۽ ڪنول جي پاتار ۾ پاڙن هجڻ باوجود عشق جو ناتو آهي، جيڪو ٻنهي کي جوڙي ٿو. ڀٽائي جو عشق جو تصور اُلفت جي اُميري پائي جوڙيندڙ عشق جو تصور آهي جنهن جي اپورڻتا ۾ ئي سموري سمپورڻتا آهي، وجود جي وحدت جي وائي آهي، جنهن جو بيان جُز ۽ ڪُل جي جوڙ جي ڳوڙهي ڳالهه آهي.


    ذات تي ناهي ڏات....!!

    ذات تي ناهي ڏات....!!

    ”ذات تي ناهي ڏات “ جهڙي سٽ سرجيندڙ لطيف سائين جنهن سماج جو ڳولائو هو، سماج انساني سماج هو جنهن ۾ هٿ ٺوڪين طبقن، ذاتين جي سماجي درجي بنديءَ جي گنجائش نه هئي. انسان آدم جي روپ ۾ جڏهن نروار ٿيو ته هو آدم ئي آدم هو. پنهنجي سُڃاڻپ پاڻ هو. اڳتي هلي جڏهن هو ڪثرت جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ته پوءِ رڳو سُڃاڻپ خاطر قوم، قبيلن، ذاتين ۽ نُکن، گئوترن ۾ ورهائجي پاڻ سان ڪانه ڪا سُڃاڻپ ڳنڍيندو ويو. اها سُڃاڻپ سُڃاڻپ جي حد تائين ته ٺيڪ هئي پر جڏهن انهي سُڃاڻپ ٻين جي سُڃاڻپ کي متاثرڪرڻ شروع ڪيو ته اها انساني مان بدلجي ٻيو ڪجهه ٿي پيئي جيڪو نه انساني آهي نه ئي فطري. انسانن نالن به پاڻ ڏنا، ذاتيون به ٺاهيون، گوتر، قبيلا ۽ قومون به پاڻ ئي ٺاهيائون. انهن سڀني شين کي پنهنجي سهوليت خاطر تبديل به ڪندا رهيا يا تبديليءَ کان انڪار ڪندا رهيا. انسان جو جوهر، گُڻ ۽ اندروني سگهه سندس ذهني صلاحيتن تي آهي جن کي مناسب حالتن جي سهوليتڪاري جنهن حد تائين پهچائي ٿي تنهن کي دنيا وارا ڪاميابيءَ جي نالي سان سڏين ٿا. هونئن انساني ڏات ۽ سندس ظاهري ذات ۾ ڪو خاص تعلق ناهي. لطيف سائين جو پيغام انسانيت جو سنيهو آهي. هن ذات جي عمل دخل کي سُڃاڻپ کان وڌيڪ اهميت نه ڏني آهي. هو فرمائي ٿو؛
    ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي،
    آريون اٻوجهن جون، سپڙ ڄام سهي،
    جو راءُ وٽ رات رهي، تنهن کي جُکي تان نه ٿئي.
    ذات تي ڏات جي ڳالهه کي رد ڪرڻ واري لطيف جو سنيهو انسانيت جو سنيهو آهي. وهي لهڻ به انسان جي عظمت آهي جنهن جو جوهر محنت آهي. سپڙ سنڌ جي سخي سمي جو نالو آهي جيڪو هتي سخا جو اُهڃاڻ آهي. راءُ جنهن جي مهماني ڪري ۽ پاڻ وٽ ٽڪائي ته پوءِ ان کي ڪنهن توڻ جي سڄي عمر تانگهه نه رهندي. سندس سڀئي جُکيون لهي وينديون، ذات پات جي سماجي بُرائي ننڍي کنڊ ۾ ڏاڍي پراڻي آهي. اها حڪمت عملي ويڙهائي حڪومت ڪرڻ واري ورڻ مالا جو جُڳاندر جهونو ڳهه ڳٽو آهي هرهڪ ماڻهو پنهنجي ذات کي اُتم ۽ اوچو سمجهندي، ٻئي جي ذات مان وِڏون ڪڍي، ان کي ڪاڻيهارو ڪري، نيچو نوائڻ جي چڪر۾ آهي. ذات پات جي انهي تعصباڻي تاڃي پيٽي ۾ برطانوي حڪمرانن جو به وڏو هٿ آهي. قبضي کان اڳ سندن ماهرن يا جاسوسن جيڪي اڀياس ڪيا اُهي يا ته جاگرافيءَ تي آڌاريندڙ هئا يا ذات پات ۽ سماجي ونڊ ورڇ تي. سماج ۾ موجود ونڊ ورڇ جي انهي ننڍڙي سلي کي برطانوي استعمار نفرت جو پاڻي ڏيئي وڏو ڪيو. اسان جي ماڻهن کي ڳُڙ جي آڱري ڏيئي، اسان جي ماڻهن تي، اسان جي خرچ وسيلي راڄ ڪيائون. ان ڳالهه ماڻهن کي ويتر تفرقي ۾ وجهي، هڪٻئي کان الڳ ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته طاقت جو سرچشمو ذات پات جي شڪل ۾ نروار ڪيو ويو. يورپ سميت سمورن جاگيرداري سماجن ۾ زمين واري ۽ زمين تي ڪرت ڪندڙ جي رشتي کي بنياد بنائي اُتان جو اقتصادي ۽ سياسي سرشتو منظم ڪيو ويو. صنعتي سماج ۾ به طبقاتي سماج جنم ورتو. انساني ونڊ ورڇ جي انهن سڀني هٿرادو سرشتن ۾ وري جڏهن مذهبي فرقي بازي اچي دونهين دُکائي ته سماج تي اڃا به ويتر هاڃيڪار اثر پيا. ان سماجي اڻ برابريءَ کي مارڪيٽ تڏهن هٿي ڏني جڏهن هن بازار واري سماج ۾ رڳو ٻه طبقا....شيون ٺاهيندڙ يا اُپائو ۽ شيون کپائيندڙ يا گراهڪ..... وڃي ڇڏيا، باقي طبقن کي بازار کائي ويئي. اهڙي سماجي سرشتي ۾ جيڪا نفسانفسي اچي پيدا ٿي آهي ان سٺي دنيا ۾ اڻ برابري پکيڙي آهي. ننڍڙن ادارن کان وٺي دنيا کي هلائڻ جي دعويدار ادارن تائين سڀني هنڌن تي اها اڻ برابري ۽ ذات پات نظراچي ٿي. اها سماجي جوڙجڪ غيرفطري آهي تنهڪري غير انساني به آهي. ان سماجي درجي بنديءَ مان دنيا ۾ کوڙ سارين بُراين منهن ڪڍيو آهي جيڪي انسانيت ۽ عالم جي امن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهيون آهن. لطيف سائين عالم جي امن جو حامي آهي، انسانيت جو علمبردارآهي سو هو انهن ورهاستن کي ننديندي هن ريت چئي ٿو ڏي ته؛

    راڻي ملان رات، نئون نياپو آيو،
    لڌيسون لطيف چئي، ڏاتر وٽان ڏات،
    ڪانه پُڇي ٿو ذات، جي آئيا سي اگهيا.

    ذات پات يا سماجي اڻ برابريءَ کي ختم ڪري، انسانيت جو سنيهو ڏيڻ ”نئون نياپو“ آهي. دنيا جون طاقت جي نشي ۽ هٻڇ ۾ هنيل طاقتون جنهن نئين نياپي (نيو ورلڊ آرڊر) جي ڳالهه ڪن ٿيون، اهو عالمگيريت جو داعي آهي. لطيف جو نئون نياپو عالم دوستي جو ڳولائو آهي، جنهن مان انسانيت جو ڀلو ۽ عالم ۾ امن قائم ٿيڻو آهي. هن دؤر ۾ جڏهن انسان جي ڄاڻ جي سطح وڌي آهي. دنيا جي معلومات سندس آڱر جي اشاري تي نچندي، نچندي اک جي اشاري تي نچڻ لڳي آهي ته کيس اهو سوچڻ کپي ته پنهنجي سموري سيڙاپي سان هو انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ ڪهڙا ڪم ڪري رهيو آهي. حرفت گيريءَ وسيلي انسان ٻئي انسان کي سهوليتڪاري ڏيئي رهيو آهي يا وري ان کي به دنيا جي ٻين شين وانگر سمجهي کپائي رهيو آهي. هن مارڪيٽ هن ئي دنيا ۾ هرشئي کي ”مُوڙي“ سڏيو وڃي ٿو ۽ انسان ”هيومن ڪيپيٽل “ آهي جنهن کي نفعي خاطر ڪهڙي روپ ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو يعني جيئن ترن مان تيل ڪڍي سگهجي ٿو تيئن انسان کي به پيڙي ان مان ڪانه ڪا اُپت ڪڍي سگهجي ٿي. موڙيائڻ يعني ڪيپيٽلائيزيشن جي انهي عمل ۾ بادشاه رعايا کي ويجهو ئي نه ايندو آهي ڇوته کيس وڇوٽي رکڻي آهي پر ڀٽائي وٽ بادشاهه انهن طبقن جي به ويجهو اچي ٿو، جيڪي سماج ۾ تمام هيڻا طبقا آهن، جن جي ڪپڙي سان ڪپڙو لڳي ته ان جي ميري ٿيڻ جو انديشو آهي. ڀٽائي فرمائي ٿو؛
    ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
    پانڌ جني جي پانڌ سان لڳو ٿئي لڄ،
    سمو ڄام سهڄ، اُڀو ڪري اُن سين.

    طبقات واري هن اوچ نيچ ڀري سماج ۾ ککيءَ هاڻي پانڌ کان هرڪنهن کي سوگ ايندي آهي. هيڻن طبقن جي زندگيءَ ۾ ڪيئي اهڙيون شيون هونديون آهن جن کان هرهڪ ماڻهو پري ڀڄندو آهي. اهڙي رويئي مان ڇيپ ڇاپ ۽ ڇوت ڇات اُڀرن ٿا. لطيف انسان کي اندر اُجارڻ جي واٽ ڏيکاري ٿو. لطيف وٽ انسان جي وڏائي ان جي فڪري ۽ اخلاقي سطح سان سلهاڙيل آهي. هو پيار جي واٽ وٺي، سڀني کي پرين پوڄڻ جو سبق ڏيندي چوي ٿو،

    سڀڪا پريان ڪون پوڄي، نينهن نيڻين ڳُڻ ڳالهين،
    جا چتايم چِت ۾، سڄڻ سا ٻُجهي،
    لات جا لطيف جي سڄڻ سڏ تنهن جو سُڄي.

    لطيف انسانيت جي ايڪائي کي هڪ ڪري سمجهي ٿو. وٽس سڀ ڪجهه هڪ آهي. پڙاڏو ۽ سڏ هڪ آهن. ور وائيءَ جو لهڻو آهي. پاڻهي پاڻ کي ڏسي رهيو آهي. پاڻ ئي محبوب به آهي ته عاشق پُڻ. پاڻهي طالب به آهي ته مطلوب به، لطيف اهڙي ڳالهه کي هن ريت ڳائي آهي؛
    پاڻهين پسي پاڻ کي، پاڻهين ايءُ محبوب،
    پاڻهين خلقي خوب، پاڻهين طالب تن جو.

    سو هي، سو هو، سو اجل، سو الله،
    سو پرين سو پساهه، سو ويري سو واهرو.

    ڀٽائيءَ جا جوڳي سامي، سامونڊي، ڪاپڙي انسان به آهن ته انسانيت سان پيار ڪندڙ به. کين ڪا لالچ ڪانهي. کرڪڻا پيرين وجهي، ٽمندين نيڻين اهي جيڪي ڳولين پيا اهو عين انسانيت آهي. ڪنهن کي ڏکوئڻ وٽن گناهه آهي. دنيا ۾ سندن ڪو هروڀرو هڻ وٺ وارو مول متو ڪانهي جنهن مان هٻڇ وڌي ۽ ٻيا انسان متاثر ٿين. انهن جيڪا سٽ پڙهي آهي تنهن جي اڳ ۾ ”الف“ آهي؛

    سا سٽ ساريائون الف جنهن جي اڳ ۾،
    ”لا مقصود في الداري“، ان پر اُتائون،
    سڳر سوٺائون ٿيا رسيلا رحمان سين.

    رحمان سين رسيلو ٿيڻ ايترو سولو ڪم ناهي. دنيا جو چڪ دمڪ وارو نظارو ماڻهوءَ ۾ هٻڇ پيدا ڪري ٿو. سوين علم حاصل ڪري، ڪوڙين ڪتاب پڙهي، سُڌرڻ جون انيڪ دعوائون ڪري به انسان اڃا تائين حيواني هٻڇ مان مٿي چڙهي نه سگهيو آهي. انسان وٽ فن وڌيو آهي، ڄاڻ وڌي آهي، حرفت وڌي آهي، ڪاريگري وڌي آهي پرانسان وٽ انهن سڀني شين کي سنڀالڻ، سانڍڻ ۽ هنڊائڻ جو هاڪاري ڏانءُ موجود ناهي جيڪا ئي سندس حقيقي سگهه آهي جنهن کي اخلاق جو نالو ڏنو ويندو آهي. ماڻهوءَ مشينون ٺاهيون آهن. مشينن کي منافعي خوريءَ لاءِ ڪتب آڻيندي، ماڻهوءَ اهڙي ٽنگ پکيڙ ڪئي آهي جنهن ڪري مشينن کي هو هلائي ان بدران مشينون کيس هلائين ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن انساني بيوسي ۽ اها مشيني محتاجي ڏسڻ وٽان هوندي آهي.
    لطيف جو پيغام عشق جو پيغام آهي. سڪ جو سڏ آهي. انسانيت جي نئين نويد آهي. ڀٽائي سُڻي سمجهي هيڻن طبقن کي هيرو ڪري پيش ڪيو آهي يا وري انهن کي هيرو ڪري پيش ڪيو اٿس جن ۾ ڪي چڱا گُڻ ڏٺا اٿس. ڀٽائي جي ذوق جي نگاهه اعلى عشق تي پوي ٿي، اعلى اخلاق تي پوي ٿي يا وري فطرت نوازيءَ جي نينهن جو نياپو سمجهائيندي هو اهڙي ڳالهه ڳائي ٿو جيڪا عام انساني ڪار وهنوارکان اڳتي وڌي، اهو ماڳ مقام پسائي ٿي جيڪو رڳو اُلٽي اک سان ئي ڏسي سگهبو آهي. نوچ منجهان جڏهن نهاربو آهي ته شيون هن ريت به نظراينديون آهن؛

    نوريءَ جي نوازيو، ٿئو تماچي تي،
    گاڏي چاڙهي گندري، ماڻهو ڪيڙييئن مي،
    ڪينجهر چوندا ڪي، سچ سڀيئي ڳالهڙي،

    اها سچ واري ڳالهڙي آهي جو ڀٽائي وٽ ڪنهن ڄام جي ڀيٽ ۾ مُهاڻي مَي جو درجو ڪردار جي ڪري مهان آهي.


    ڀٽائي جي ٻولن ۾ يادگيري جي يادگيري

    ڀٽائي جي ٻولن ۾ يادگيري جي يادگيري

    ڀٽ جي ڀٽائي جيڪي ڳايو آهي سو املهه علم آهي. سندس شاعري ڪلام آهي. ڪلام جون سموريون تڪليمي، ڪليمي، ڪلامي صورتون سندس اظهارمان نروارٿين ٿيون.سندس ڏات جي ڏيا جي ضيا سموري سنڌي فڪرتي اهاءَ ۽ اوجيس ڪندي نظراچي ٿي.سندس ڪلام جي انهي روشنيءَ جي شعاعن سموري سنڌ تي شعورجو سُڪار ڪرڻ سان گڏوگڏ عالم تي به اُهاءُ ڪيوآهي. شعورجي شاعري جي انهي روشني مان ڪيترن ئي علم جي تاسارن پنهنجي تئونس ۽ تاس اُجهائي آهي. ڀٽائي سان پڙهيل توڙي اڻ پڙهيلن، سڀني جي نسبت ۽ محبت هڪجهڙي آهي. اڻ پڙهيل ڀٽائي جا سرس ۽ سوايامحبتي آهن. انهن کي هزارين بيت ازبرآهن. محبت جي منڊ سان جڏهن هو اها پيار جي پنج ڪڻي ماڻهن سان ونڊين ٿا ته هرڪو سندن واڻي جي ورلاپ مان من جي تهن تائين متاثرٿي پوي ٿو. ماکي ۽ مصريءَ جي تڙن جهڙي ڀٽائي جي شاعري، زندگيءَ سان لاڳو هرعنوان تي ڀلوڙ خيال آڇي ٿي. پلرجي انهي پالوٽ مان جيتروبه پريم رس ڀريو پاڻي پيئجي ٿو، اوتروئي روح کي، ذهن کي شعور جو سامان ملي ٿو. جيڏاهن نگاهه ڪجي ٿي ته صاحب سامهون نظراچي ٿو. ڪوڙين ڪايائون پنهنجي پنهنجي نرالي روپ باوجود ان نرآڪار ۽ گُپت روپ جي گت جو ڏس ڏين ٿيون. انساني زندگي گهڻ روپي لقاءُ آهي جنهن ۾ ڪيئي رڱ روپ آهن جن ۾ ڪي ڪُروپ آهن ته ڪي سُروپ آهن. سڀني مظهرن کي پنهنجي پنهنجي معناداري آهي. زندگيءَ جي جوهر۾ جنهن روپ جي جلوي جو جنسارجُڙيل آهي سو سراسر سينگار آهي. ازلي حسن جي هاڪ جي ڌاڪ آهي. اينما تولو فثم وجهه الله جي وائي هر وڻ ٽڻ ۾ موجود آهي. ان وائي کي ورنائڻ به هرڪنهن جيءَ جي جيءَ سان ساڻ آهي. حبيبن هيڪارجيڪو مهر مان سڏ ڪيو آهي اهو سڏچاهيندي نه چاهيندي هرڪو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ورنائي ٿو. سڏورنائڻ جوجو اهو ورلاپ هرواڻيءَ ۾ ٻُڌي سگهجي ٿو. يادگيريءَ جي يا وريءَ جو اهو سلسلو فاذڪروني اذڪرڪم جي اظهار ۾ چٽو اوريل آهي. ڪائنات جي گهڻ روپي مظهرجي مهانتا هن ريت بيان ٿيل آهي؛

    ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار،
    جيءُ سڀڪنهن جيءَ سان، درشن ڌارو ڌار،
    پرين تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.

    پرينءَ جي پارن جون ڪوڙين ڪايائون هر جهلڪ مان پنهنجي ڪانه ڪا نپڪ پلڪ پسائين ٿيون. هر روپ کي ڏسي صاحب جو روپ سُروپ سامهون محسوس ٿئي ٿو. دنيا هڪڙي محلات جيان ڀريو ڀنڊارآهي جنهن کي ڪروڙين ڳڙکيون آهن هرڳڙکي مان صاحب سامهون نظراچي ٿو؛
    ايڪ قصر، در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
    جيڏانهن ڪرپرک، تيڏانهن صاحب سامهون.

    صاحب جي سامهون هجڻ ڪبير ڀڳت به ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مختلف مثال ڏيئي هو پڇي ٿو، جڏهن سندس سمجهه ۾ نٿو اچي ته پوءِ حيرانيءَ جو اظهارڪري ٿو ڇوته حيراني ئي انساني علم جي اعلى صورت به آهي ته اول ڏاڪو به. جنهن کي ڪا خبر ناهي اهو به حيرت هنيو آهي ته جنهن پنهنجي شعبي ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي تنهن جي انتها به حيرت آهي يعني انسان جو وڏي ۾ وڏو علم حيرت آهي. ڪبيرپنهنجي حيرت جو هن ريت اظهار ڪري ٿو؛
    سکي ري، سنائو صاحب ڪيسا هي...!!
    ڪهت ڪبير سُنو ڀائي ساڌو
    هري جيسي ڪو ويسا هي

    جيون جي سڀني سندرروپن ۾ سارڻ يا يادگيري ڪرڻ هڪ اهم روپ آهي. جيون جي جياپي جو دارومداربه سار جي جنسار۽ جوڙ تي قائم دائم آهي. زندگي خود هڪ وڏي سار جو سنسار آهي جنهن ۾ ڪيترائي جوڙ ۽ جنسار آهن. هر جوڙ جي پنهنجي جهلڪ آهي. هر جهلڪ کي کي پنهنجو جلوو آهي. هر جلوي ۾ ڪو نه ڪو لقاءُ آهي. هر لقاءَ جي پنهنجي لالاڻ آهي جيڪا لال جي لاليءَ سان سڀني کي رڱي ڇڏي ٿي. ڀٽائي سار جي ڳالهه کي مختلف روپن ۾ اظهاريو آهي. سڀني هنڌن تي اهو اظهار اهڙو آهي جو ڳالهه کي جو ڳارو هرڪنهن کي سولائيءَ سان معلوم ٿئي. سندس ٻول آهي؛

    وساريان نه وسرن، سنڀاريان سئو وار،
    جيئن سا گهنڊيءَ لار، تيئن سڄڻ چُڻڪن چت ۾

    ڀٽائي جي خيال مطابق يادگيري ترڪ ڪرڻ جو ته سوال ئي ناهي. وسارڻ سان به وساري نٿو سگهجي. شاه عبداللطيف جي نظرن ۾ پرين هميشه حسناڪ آهي جنهن کي وساري به وسارڻ ممڪن ناهي. انهي ڪيفيت جي ڪري سئو وار سنڀار آهي. سنڀار جي پلپل پچار آهي. سڄڻ جي سارڻ واري انهي عمل کي هو گهنڊيءَ جي لار جي ڀيٽ ڏي ٿو. گهنڊيءَ ۾ جيئن لار چُڻڪي ٿي تيئن سڄڻ ساهه پساهه ۾ آهي. گهنڊيءَ جي لارجي ڀيٽ جي ٻهڳڻ تشبيهه ڀلوڙ مثال آهي. گهنڊي يا چڙي مال جو سنڀارآهي جيڪو مال جي ڳچيءَ ۾ ٻڌبو آهي. گهنڊيءَ جي وچ ۾ ڪاٺيءَ جي، لوهه جي يا عاج جي لار ٿيندي آهي. جنهن ڌڻ جي ڪنڌ ۾ گهنڊي ٻڌل هوندي آهي اهو جيئن ڪنڌ چوريندو آهي تيئن گهنڊي وڄڻ لڳندي آهي پر گهنڊيءَ جو واڄو لار جي ڪري آهي. لار جيڪڏهن ناهي ته پوءِ گهنڊي گهنڊي ناهي، خالي کوکو آهي. زندگيءَ ۾ سار ئي سڀ ڪجهه آهي. سارکان سواءِ زندگي اجائي ۽ اڪارٿ آهي. ان خيال بابت شاه ڪريم به اظهاريو آهي؛

    هنيون نه حاضر جن، پرين نه اکڙين ۾،
    ٺلها ڊانڍا سکڻا، هونئن ئي جاڙ جيئن.

    گهنڊي ءَ کي ڀٽائي زندگيءَ جي روپ ۾ ڏسي ٿو. سار زندگيءَ جي وجود جو وهنوار آهي. سار کان سواءِ حياتي بيڪار آهي. گهنڊيءَ جا ڪيترائي قسم آهن. چڙي، چنگ، ڇير، مٽر، چڙو وغيره. مال جي ڪنڌ ۾ ڀاڳياانهي ڪري ٻڌندا آهن ته اهي هڪٻئي سان گڏجي هلي. سڀئي گهنڊيءَ واري پيان هلنديون آهن. گهنڊيءَ واري کي اڳواڻيءَ جي حيثيت مليل هوندي آهي. ڌڻار پري کان آواز ٻُڌي سڃاڻي ويندو آهي ته هي منهنجو ڌڻ آهي يا ٻئي ڪنهنجو مال آهي. گهنڊيءَ بابت چوڻيون به آهن جيئن؛ گهنڊيءَ واري ناهر به ٽاريندو آهي يعني بگهڙ به چڙيءَ واري کي ويجهو به نه ويندو آهي ڇو ته ان جي ڪري آواز پيدا ٿيندو ۽ ڀاڳيو سُجاڳ ٿي پوندو. گهنڊيءَ جي سڀني قسمن لاءِ مجموعي نالو”سنڀار“ آهي، جنهن جي معنى به يادگيري يا سار آهي.
    سارڻ جي اها ڪرت انسان جي ذهن جي تحرڪ ۾ شامل آهي. سارکي وسارڻو ئي ناهي يا وسارڻ ممڪن ناهي. وسارڻ روحاني موت جو هڪڙو روپ آهي. ڀٽائي انهي خيال کي هن ريت بيان ڪيو آهي؛

    منجهان منهنجي روح، جي وڃي ساجن وسري،
    مر لڳي لوءَ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.

    ساجن جي سار جيڪڏهن روح مان وسري وڃي تنهن کان ته مرڻ بهتر آهي. سار وسرڻ کان پوءِ ٿر ٻاٻيهي جيان لوءَ ۾ رڙيون ڪري مري وڃان. ٻاٻيهو سانوڻ جي پاڻيءَ جو ساريندڙ آهي. سانوڻ پلر جي جڏهن پالوٽ ڪندو آهي ته هو پنهنجي اُڃ اُجهائيندو آهي نه ته لوءِ لڳڻ يعني گرم تکي هوا جي ڄيري ۾ مري ويندو آهي. زندگيءَ ۾ جيون جي جنجهٽ جو ڄيرو ۽ لالڻ جي لوءَ ٻئي اهڙا ڄيرا آهن جن ۾ ماڻهو هلندو رهي ٿو ۽ سندس ڪيفيت هن ريت هجي ٿي؛

    هڪ ڌرتتي ماءِ، ٻي ڄر سندي سڄڻين
    هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾.

    ٻنهي ڄيرن واري انهي ڪيفيت دوران جڏهن سار جي پرت پچار سان ماڻهو پنهل جو پيرڏسي ٿو ته پوءِ اها ڪيرت کيس وهڻ نٿي ڏي. ماڻهو سندرو ٻڌي نڪري پوي ٿو. يادگيريءَ جي دريافت جو اهو سفر کانئس سموريون آسائشون به ڇڏائي ٿو.هو پنهل جا پيرڪڙيندو سسئي جيان اڳتي وڌي ٿو؛

    ماءُ وهاڻو وار، کڻ پٿراڻي پنهنجي.
    جيڪي ڏنئي ڏيج ۾، سو سڀوئي ساڙ.
    وڃان ٿي وڻڪار، ڏٺم پير پنهل جو.

    اهڙي طرح يادگيريءَ جو اهو سلسلو زندگيءَ جي هم معنى آهي جيڪڏهن سار سنڀار آهي ته زندگي آهي نه ته جيون جاڙ آهي. سار ئي جيون جي منڊ کي ماڙڪري ٿي. حياتي جا سمورا روپ پنهنجي پر ۾ معنى دارآهن پر سارسڀني کي ڪانه ڪا معنى بخشي ٿي.

    ياد گُرو ڪن گودڙيا، ڀربازار بيٺا،
    پڙهن سُر سبحان جي پين تنهن پيٺا،
    جيلان منهن ميٺا، تيلان نشا چاڙهيائون نينهن جا.

    گروءَ جي ياد ۾ جيڪي بازار ۾ بيهي وڃن ٿا يعني ثابت قدم رهن ٿا تن تي نينهن جا نشا چڙهي ٿا پون ۽ اهي رڱجي ريٽو ٿي ٿا وڃن، سندن رڱ نه لهي ٿو نه ئي اوٻاٽجي ٿو. اهو سمورو ڪم يادگيريءَ جي يا وريءَ جو آهي جنهن ۾ حياتي ئي حياتي آهي. مرڻا اڳي مرڻ کي به اجوکائي ان ڪري آهي جو ان مرڻ ۾ به يادگيري جي ياوري آهي. ايئن يادگيري يا سنڀار انساني جيون جو اهڙو گڻ آهي جنهن مان سڀئي سُٺا گُڻ نروارٿين ٿا. سڀني سالڪن ان گڻ جي گت جي ڳالهه ۽ ڳت ڪئي آهي. اها ڳوڙهي ڳالهه من جي مقال آهي ۽ هر متحرڪ روح جي روح پروري ۽ آبياري به انهي ڳوڙهي ڳالهه ۾ پوشيده آهي. يادگيري ئي ياوري آهي.


    جر، ٿر، تک، تنوار...

    جر، ٿر، تک، تنوار...

    لطيف سائين جي شاعري توازن جو اهڙو تُريل مثال آهي، جنهن ۾ ڪٿي به ڪا اوڻائي پوڻائي نظر نٿي اچي. سندس شاعريءَ جو ظاهري ڍانچو به ڀلوڙ آهي ته اُن ۾ موجود مواد ۾ پوئيل سونهن کان به وڌيڪ سُهڻي خيال جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ اهو املهه خيال ئي ته سڀ ڪجهه آهي جيڪو ڀٽائي کي مڙني ۾ مٿانهون ڪري بيهاري ٿو. سندس شاعري ڪلام آهي جنهن ۾ اندر جي اُڇل ۽ ڏات جي ڏيا جو ڏيئو روشن نظراچي ٿو باقي هن هٿراڌو شاعرن وانگررديف قافيا گهڙي، مٿاماري ڪري ڪو ديوان نه سرجيو آهي، تنهنڪري سندس شاعري ڪو ”ڪسب“ به ناهي جنهن کي اڪتسابي طور حاصل ڪيو ويو هجي. شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي تحقيقي، ترجماتي، تاليفي ۽ تنقيدي طور جيڪو ڪم ڪار ٿيو آهي اُهو مقدار ۾ به ٿورو آهي ته معيار ۾ به ڪسو آهي. لطيف جهڙي ڏياوان ڏات رکندڙ شاعرکي جيڪي شارح مليا آهن تن ۾ اڪثريت غيرشاعرن جي آهي. محقق ۽ تنقيد نگار ته پري جي ڳالهه آهي پر ڀٽائيءَ کي پنهنجي سطح جا مترجم به نه مليا آهن. جيترو ڪم ٿيو آهي ان ڪم کان اڳتي ڪم ٿيڻ گهرجي. ڀٽائيءَ جي ڪلام جو اهم نقطو ان جو پيغام آهي جنهن وسيلي هن سچ جو سنيهو عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس ڪلام ۾ جيڪا بصيرت آهي سا شايد ئي ڪنهن جي ڪلام ۾ هجي. هن انسان کي فطرت جي وسيع عبارت ۾ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ هن خالق مخلوق توڙي وحدت ۽ ڪثرت جي سٻنڌ کي سڏ پڙاڏي جي ڳانڍاپي جيان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عشق سندس اهم محرڪ آهي، جنهن سان هو زندگيءَ کي متحرڪ ڪري، منطقي طريقي سان ارتقائي انجام ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿو. لطيف ڪنهن به صوفيءَ کان گهڻو مٿانهون آهي، ڇو ته سندس فڪر انساني شعورکي چيچ مان وٺي هلي ٿو. دنيا ۾ رهي دنيا کي بهتربنائڻ جا خواب ڏسندڙ لطيف سچ جو اهڙو سالڪ آهي جنهن کي فطرت پياري آهي. انسان پيارو آهي. هو دنيا جي مانڊاڻ کي عقل، شعور ۽ ڏاهپ وسيلي انهي انسان ذريعي بهترڪرڻ چاهي ٿو جيڪو انسان پنهنجي فڪر۾ ڪامل آهي، عشق ۾ اڪمل آهي ۽ وچن نباهه ۾ مڪمل آهي. لطيفي فڪر ڪٿي به اُڇاترائيءَ ۽ اڪيلائي جو شڪار نٿو ٿئي. سندس شاعريءَ ۾ انساني زندگيءَ جي سمورن لقائن جو منظرنامو آهي. سندس تصور جو انسان ڪامل طبعي ۽ مادي طاقت جو مجسمو نه پر ذهني، فڪري ۽ اخلاقي سگهه وارو سچو انسان آهي جنهن جي ڪمال جو نقطو ”سسئي ۽ پنهونءَ“ جي هڪ ۽ ساڳي هجڻ جو ادراڪ آهي جنهن جي پروڙڻ سان خبر پوي ٿي ته هتي ته هيڪائي هيڪ آهي، ٻيائي ته جهالت ۽ اڄاڻائي آهي. لطيف جي سڀني سُرن ۾ فطرت پسنديءَ جي جهلڪ ملي ٿي. هن ڪائنات جي انساني اک جي ڪڙي ۾ ايندڙن سمورن مظهرن کي پنهنجي ”پيارپند“ ۾ جوڳي جاءِ ڏيئي، انسان کي فطرت سان پيارڪرڻ سيکاريو آهي. سندس وحدت پسندي ۽ عشق انسان کي فطرت سان پيارڪرڻ سيکارين ٿا. هو پنهنجي پيام ۾ فطرت جي مڙني مظهرن جي نشاندهي ڪري ٿو. جهرن جهنگن، جبلن، وڻن ٽڻن، جانورن، ٻوٽن گُلن سميت فطرت جون باريڪ ترين رمزون سندس ڪلام جو حصو آهي. لطيف جو فطرت شناسيءَ جو سنيهو فطرت خواهي سان ڀرپور آهي جنهن ۾ انساني خوشحالي سمايل آهي.
    هو فرمائي ٿو؛
    اُٺي ٿي وراڻ، کينءَ واڌايون آيون،
    لٿي لوئڙياريين، مڙني منهن ڪاڻ،
    صلح ورايو سومري، چئي پنهوارن پاڻ،
    همير نئون هاڻ، مُهت لهندئين مارئي.

    برسات پوڻ ڪائنات جو اهڙو مرحليوار عمل آهي جنهن سان سموري ماحول جي موسمي ڪوڊ جُڙيل هوندو آهي. ان جي پوڻ سان چڱائيءَ جون خوشخبرون (کينءَ واڌايون) اچڻ لڳنديون آهن. مارو ڏيهه جي سمورين لوئي اوڍيندڙ لڄادارن جي مايوس چهرن تي سرهائي اچي ويئي آهي. اهڙين حالتن ۾ بادشاهه به اچي صلح ڪن ٿا تنهنڪري هاڻي مارئيءَ کي به مان ملندو. برساتن جو پوڻ ڪنهن به علائقي جي سموري مانڊاڻ کي متاثرڪندو آهي. هن وقت دنيا ۾ ” آبهوائي ٻڙڌڪ “ يعني ڪلائميٽ چينج جي ڳالهه هلي ٿي. ڌرتيءَ جي گرمجڻ تي هرڪو فڪرمند آهي. ڪي ته ان حد تائين به ويا آهن جيڪي اهو چون ٿا ته ايندڙ وقتن جون جنگيون پاڻيءَ تي لڳنديون. ڀٽائي پنهنجي شاعري ءَ ۾ پاڻيءَ جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي. هو آسماني پاڻي يعني پلر پاڻيءَ کي به ياد ڪري ٿو ته زمين تي وهندڙ درياهي پاڻي جي ڳالهه ڳائيندي اڳتي وڌي سمنڊ جي ساگر سنسار جو ذڪر به ڪري ٿو. هو ڌرتيءَ جي سطح جي تنوع جي تنوارڪندي پنهنجي بيت ۾ هن ريت فرمائي ٿو؛
    جر، ٿر، تک، تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
    سڀئي شئي ٿيا، سوريءَ سزاوار،
    همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو ڇاڙهئين.

    ” جر“ پاڻي لوڪ جو اُهڃاڻ آهي ته ٿرسموري ريتيليءَ دنيا جي نمائندگي ڪري ٿو. تک جابلو دنيا کي ظاهرڪري ٿو. تنوارميدائي علائقن جي چُرپر ۽ آوازن جو اُهڃاڻ آهي. ڪوهه، ڏونگر، پهڻ جهڙا حوالا مختلف بيتن ۾ ملن ٿا. ٿر جي ٿڌي واريءَ جو ذڪر به ملي ٿو. اهڙي طرح جمادات جي دنيا جا جملي مظهر ڀٽائي ڇُهي ٿو ۽ انهن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، انسان لاءِ تمثيل تيار ڪري ٿو. پٻ جي پهڻن کي ڪٿي للڪاري ٿو ته ڪٿي ٿر جي واريءَ جي داڻن کي ”بيشمار“ جي ڳڻپ لاءِ ڪم آڻي ٿو. ڏونگرن کي ڀُونءِ جا ڪِلَ سمجهي، دوستيءَ کي انهن سان ڀيٽ ڏئي ٿو؛

    ڏونگر ڀونين ڪير، تيئن مون ميخون سڄڻين
    اهڙا سيڻ سُڌير، ڪڏهن ملندا ڪينڪي.

    لطيف پنهنجي ڪلام ۾ حيوانات توڙي نباتات جي دنيا کي اذڪاري ٿو. مطلب ته حياتيات جو جهان سندس شاعريءَ ۾ ڳائجي ٿو. هرڻن، شينهن، هاٿين، اُٺن، رڍن، ٻڪرين، مورن، هنجن، ٻگهن، تاڙن، ٻاٻيهن جو ذڪر ڪندي هو حيوانات جي دنيا جي ٻهڳڻائپ ڳڻائيندي، تاڙن جي تنوارڻ، سپن پاران سانوڻ جي پلر پڪ پيئڻ، هرڻ پاران پلر پاڻيءَ لاءِ ٻارنهن مهينن جو روزو سانڍڻ، جهڙيون رمزون بيان ڪندي، هما پکي جهڙي ڏندڪٿائي پکيءَ جو به ذڪر ڪري ٿو؛

    جيئن سو هرڻ هماءُ سرگردان هن سنسار ۾،
    هي پير نه ڌري پٽيين، هو سر ڌڙ ڌري نه ساه،
    جيڪس تن ملاء، سسئي سور پرايا.

    عشق جي ڳالهه ڪندي، اُٺ جي ٿوهي ۾ مجاز جو ٿاڻو هجڻ جو ذڪر ڪرڻ، اُٺ جو وڳ ۾ نه وڃڻ ۽ لاڻي چرڻ يا چندن جا چوپا ڪري اُڇلائي ڇڏڻ جو ذڪر به ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ آهي. نباتات جي دنيا جي ٻهڳڻائپ به ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو اهم حصو آهي. سوين گاهه، وليون ۽ وڻ آهن جن جو ذڪر ڀٽائي سائين پنهنجي استعارن ۽ ڀيٽن ۾ ڪري ٿو. مارئي جي مارن سان سٻنڌ کي ”ڳنڍير“ گاهه جي ڳنڍين سان ڀيٽي ٿو. سورن جي سانڀاري جي سلسلي جي ڳالهه ڳائيندي، گوندر ول جي گُريءَ کان وڌيڪ کيس ڪو مثال نٿو سُجهي جيڪا جيئن سامائبي آهي ته گُريءَ گُريءَ مان ٽڙڪي ڇڄي پوندي آهي. محبت جي مٺاس جي ڳالهه ڪندي ”سوهڻ“ جو مثال ڏئي ٿو جيڪو کاري پاڻيءَ ۾ رهي به مٺو رهي ٿو، مطلب ته مٿس صحبت به اثر نٿي ڇڏي. اهي ته ٿورڙا مثال آهن. ڀٽائي جي شاعري اهڙن مثالن سان ڀري پيئي آهي جن ۾ فطرت جو رڱ نظراچي ٿو. ڀٽائي نه رڳو پاڻ فطرت سان پيار ڪندڙ شاعر ۽ فرد هو پرهن فطرت سان پيار ڪرڻ جو سبق به آڇيو آهي. فطرت جا اهي سمورا مظهر پنهنجي بيتن ۽ واين ۾ ڳائي هڪ ته هن انهن املهه وٿن کي پنهنجي ڪلام ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، ٻيو ته ڪائنات ۾ انهن ٿوڪن جو مقام به نروار ڪيو اٿائين. ٽيون ته انسان کي انهن اُهڃاڻن وسيلي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ته هو فطرت کانسواءِ ڪي ڪين آهي. دنيا هينئر لئيءَ مان لٺ وڍي، فطرت جي رکوال ٿي آهي پر دنيا جو ڪلاسيڪي ورثو توڙي ديومالائي خزانو اهڙين ساڃهه وند ڳالهين سان ٽمٽار آهي، ڇاڪاڻ ته انسان کي زندگيءَ جو علم تڏهن کان ئي آهي، جڏهن کان هو عدم مان وجود ۾ آيو آهي. فطرت انسان کي سڀڪجهه آڇي ٿي، سيکاري ٿي، تاتي، پالي، سنڀالي وڏو ڪري ٿي پر جتي به هو مُٺ کان مٿي لُڻڻ شروع ڪري ٿو ته پوءِ سهڻو سبق به سيکاري ٿي. لطيف به فطرت پسنديءَ جي ورثي جو اهڙو لاکيڻو شاعر آهي جنهن جي ڪلام ۾ فطرت جو ذڪر ججهيرو ملي ٿو. ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ وسيلي فطرت جي وٿن جي ڳڻپ ڪندي، اهو سمجهائيندو هلي ٿو ته انسان جو جياپو به فطرت سان سلهاڙيل آهي ته ان جي آجڪي ۾ به فطرت جو ڪردارآهي. وڏڦڙا وسندا آهن تڏهن پلر جي پالوٽ ٿيندي آهي، گسن تي گاهن جا انڇر ٿي پوندا آهن. وڻراهه ڀريل ويءَ حسين ڏيک سان ڌرتيءَ کي وڌيڪ خوبصورت ڪن ٿا. اُڀ جا تارا، چنڊ، ڪتيون، سڄ سڀئي ڪائنات جي سونهن ڀري جنسار جو حصو آهن. گوڙ، کنوڻ ٿيڻ، اسوءَ جي اوهيرن جي اورڪ جو وسڻ به فطرت منڊل جو مانڊاڻ آهي. درياهه ڀلي ڀريون پائي پر اُن کي به ليکو ڏيڻو پوندو آهي ۽ فطرت جڏهن پنهنجي پرت جو قالين گسڪائي ڪڍي ٿي ته وهندو واهڻ سُڪي ٻيلاٽيون ٿي پوي ٿو. ان جي پيٽ ۾ لاڻا، لوت لياراُڀڙي اچن ٿا. سياري جي مند شروع ٿيڻ جو اهڃاڻ سرن جو نسرڻ آهي. اُتر جيئن لڳي ٿو ته سرن جا ڇيڙا نسرن ٿا. سمنڊ توڙي درياهه جي جيوت مڇي، مانگر، ڪنول به ڀٽائي جي شاعري ۾ مذڪور آهن. انسان جيڪڏهن فطرت کي پنهنجو سنڀاليندڙ سمجهي، سار سنڀال ڪندو ته فطرت جي ڪينجهر سدائين هندوري وانگر رهندي نه ته انسان کي به انيڪ اُهنجن کي منهن ڏيڻو پوندو.


    ڀٽائي جو پيغام ۽ دنيا جي غربت

    ڀٽائي جو پيغام ۽ دنيا جي غربت

    ڀٽائي جي ڏات ۾ جتي ڏيهه جي ڏک ۽ ڏولائي ڏور ڪرڻ جي ڏيا هئي، تتي سارو عالم آباد ڪرڻ جو اڪنڊيل عزم به هو. سنڌ تي سُڪار جي دعا گهرندي هن عالم کي آباد ڪرڻ لاءِ به ٻاڏايو هو. ڌرتيءَ تي انساني وجود ۽ انسان پاران سماج جوڙڻ جو اڏٽا وارو عمل جُڳن کان جاري آهي. دؤر مٿان دؤر ايندو ۽ ويندو رهي ٿو. واريون ڦرنديون رهن ٿيون. ڪڏهن وارين جا وارا نيارا ٿي وڃن ٿا ته ڪڏهن وري وارين تان واري وري وڃي ٿي. واري ڪنهن جي بادشاهي جي دؤر کي چوندا آهن. واري سماج تي پنهنجا پنهنجا اثرڇڏي وڃي ٿي. اهڙي طرح سماج ۾ اقتصادي سرشتا اسرن ٿا. وڌي بلوغت کي پهچن ٿا ۽ پوءِ زوال پذير ٿين ٿا. عروج ۽ زوال جي اها ڪهاڻي سوين سلطنتن جي تواريخ جي ترائيءَ ۾ پسي سگهجي ٿي. انهي ترائيءَ ۾ ڪيئي لاها چاڙها نظراچن ٿا. ڪڏهن ڇٽ پٽن تي ته ڪڏهن پٽ ڇٽن تي هوندا آهن. انساني قانون ڦرندا گهرندا آهن. فطرت جا قانون اٽل آهن. اهي پنهنجي رفتار ۽ رواني سان پيهم روان رهندا آهن. هڪڙا سماج ٻئي سماج کي جنم ڏيندا آهن. ايندڙ سماج ماضيءَ جو مزار بنجي ويل سماج مان وِڏون ڪڍندو رهندو آهي. اها ڏيکائي ڏيندو آهي ڄڻ اهو پنهنجي اڳوڻي سماج کان تمام گهڻو بهترآهي. ڪڏهن وري موجوده دؤر ماضيءَ جي مزارن تي فخر واري دعوى ڪندي، انهي جو پونير سڏائيندو آهي. اهي انساني هيراڦيريءَ جا هلڪا مثال آهن. انسان جي عقل ۾ ڪيئي وڏيون وٿون به پوشيده آهن جيڪي جڏهن ٻاهراچن ٿيون ته زمانن کي رنڱي ڇڏين ٿيون. اها انساني فڪري اوسر ۽ ارتقا لاهيون لهندي چاڙهيون چڙهندي زمانن کي ڪڏهن زمين دوز ڪري ڇڏي ٿي ته ڪڏهن وري زمانا پنهنجي عروج تي پهچن ٿا. انسان اجيت مان هيڻي ڏانهن اوٿلو کاڌو آهي. هاڻي وري اجيت ٿيڻ جي چڪر ۾ آهي. انهي چڪر ۾ ڏينهون ڏينهن هيڻو ٿيندو وڃي پيو ۽ سندس پاڻ وهيڻائي به بيوسيءَ جي ماجرا بيان ڪري ٿي. هن وقت دنيا جنهن اقتصادي ۽ سماجي سرشتي کي ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي اڀو ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي اهو سرشتو انسان کي مالي مالداري ته ڏيئي سگهيو آهي پر ذهني ۽ روحاني سڪون ڏيئي نه سگهيو آهي. دنيا سُڪون جي ڳولا ۾ انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي رڻ ۾ ڊوڙي رهي آهي. دنيا جي انهي اقتصادي سرشتي ماڻهوءَ کان انسان ٿيڻ وسارائي ڇڏيو آهي. ڪٿي هو حيوان جي روپ ۾ پاڳلن جيان هڻ هڻان ۾ لڳو پيو آهي ته ڪٿي هو فرشتو ٿيڻ جي چڪر ۾ آهي ته ڪٿي هن وسيلا لٽيندڙ اقتصادي سرشتي کيس مرڳو شيطان بنائي ڇڏيو آهي. ماڻهوءَ جي اهڙي ڊوڙ ڊڪ هن وقت کيس بُک ۽ غربت جي اونهي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، جتي سندس عقل اوڇو ٿي پيو آهي ۽ هو هوا ۾ هٻڇ وچان هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي. دنيا ۾ مادي ترقي ماڻهوءَ کي ڪويسرڪلون ته ارزان ڪري ڏنيون آهن پر انهن ڪلن کي ڪاهڻ لاءِ، ماڻهوءَ پنهنجي ذهني صلاحيت کي سکيا جي سراڻ تي چاڙهي تکو نه ڪيو آهي. تڏهن ته هو هن ڀرئي تُرئي جهان ۾ اڄ به اها رڙ ته ڪري ته ”گهوڙا ڙي بُک ٿا مرون.“ بُک جي انهي ڍنڍوري پٽن سان گڏوگڏ هو بُک جي سبب ڳولڻ بجاءِ، بُک جو مادي حل پيش ڪري ٿو جيڪو غيرجٽادار آهي. بک انساني ضرورت مان اڀرندڙ خواهش سان گڏوگڏ ذهني ڪيفيت جو به نالو آهي. فڪري حل ئي بُک کي ماٺو ڪري سگهي ٿو نه ته ٻي ڪا واهه ڪانهي. اهڙا حل اسان جي شاعراڻي فڪري ورثي ۾ موجود آهن، جن کي دنيا جيڪڏهن پنهنجي حڪمت عملين جو حصو بنائيندي ته اها انهي ڇتي بُک جي وات مان نڪري ايندي. شاه عبداللطيف ڀٽائي انسان جي انهي پهلوءَ بابت به پنهنجي شاعري ۾ ڏاهپ ڀريا ڏس ڏنا آهن، جن جو گس وٺي ماڻهو گوندر جي گت هٿان پت وڃائجڻ کان بچي سگهن ٿا. ڀٽائي ذهني بُک کي مٽائڻ جي صلاح ڏئي ٿو. ان سان ٻيون سموريون بُکون ۽ غربتون دور ٿي وينديون. هومارئي جي واتان فرمائي ٿو؛

    ڪارا ڪراين ۾ سون اسان کي سوءِ،
    ور جيڏين سان جوءِ، فاقو فرحت ڀانئيان.

    جيڏين جو ايترو خيال هجڻ جو ماڻهو فاقي کي به فرحت سمجهي. هن دنيا ۾ ته هينئرگلوبلائيزيشن جو ڀير تي ڏونڪو لڳو آهي جنهن ۾ جيڏين جو تصور ئي ناهي. ماڻهوءَ جي جيستائين ڪنهن وطن سان وابستگي نه هوندي ڪن ماڻهن سان من ورندي نه هوندي ته هو انسان جي بدران ڦورو ۽ لُٽيرو بنجي پوندو. گلوبلائيزيشن جي نالي ۾ به اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي. ماڻهو سموري ڌرتي کي پنهنجي اڳيان ايئن کليو ڏسي هٻڇ مان ڌرتيءَ کي ۽ ڌرتيءَ جي وسيلن کي ڳڙڪائڻ چاهي ٿو. گلوبلائيزيشن جيڪا اربنائيزيشن عطا ڪئي آهي ان جرم جهڙي جهوت جهوتان جي دوزخ ۾ انسان کي اڇلائي ڇڏيو آهي. فطرت ۾ انسان جي رهڻ جو سڦرو ۽ سڦل سامان آهي. سندس ننڍڙيون وسنديون کيس راحت ڀريو پُرامن ماحول مهيا ڪن ٿيون. عمرڪوٽ جي آسن کانئس سُڪون کسي ڇڏيو آهي. جهنگل جي جهوپي ۾ کيس سُڪون آهي. جهنگل جي جهوپڙي فطرت جي نيم مطابق جُڙي آهي. عمرڪوٽ اڏجڻ ۾ ڪيترن ئي معصومن، اٻوجهن، گونگن، گگدامن جو پگهر پورهيو ۽ رت ست کپيو آهي پر ان ۾ رهندڙ ڪير ٻيو آهي. محلات کي اڏيندڙ جي به خواهش هوندي آهي ته هو اهڙي محلات جو مڪين هجي. پر هي اڻ برابريءَ جي ورڇ وارو اقتصادي سرشتو هيڻي کي مالي غربت ڏئي ٿو ۽ ڏاڍي کان روحاني سُڪون ڦرائي ذهني غربت ڏئي ٿو. مالي غربت کان ذهني غربت وڌيڪ خطرناڪ آهي. ڀٽائي فرمائي ٿو؛

    کوءِ آسون عمرڪوٽ جون، ور جهنگل ۾ جهوپي
    جو اباڻن اڏيو، ڳڻن سين ڳوپي
    وينديس ويڙهيچن ڏي، لوه ڀڃي لوپي
    چڀڙآئون چوپي، سڪ لاهينديس سومرا

    غربت انساني هٿن جي وڌل آهي. فطرت جي تبديلين ۾ هن غربت جو تصور ئي ناهي. فطرت جي هرڪا چرپر جائيتي آهي جيستائين انساني چُرپران ۾ ڪا هٿ چراند نه ڪري. فطرت جي فلڪ ۾ سموريون شيون هڪڙي ڀري تُري تور سان تُن پيون جن جي زور هڪٻئي کي جهلي بيٺو آهي. مندن جي مٽا سٽا ماڻهوءَ کي موقعو مهيا ڪري ٿي ته هو فطرت جي مادراڻي ڪُک ۾ پاسو ڦيرائي ۽ جيڪو پاسو کيس سُڪون ڏئي ان پاسي ور ڪري. مارئي جي واتان ڀٽائي اهڙي مندائتي سُڪون جي ڳالهه ڳرهيندي هن ريت چوي ٿو؛

    هن مند مارو سنرا، ويريين وڳ وارين،
    ڇني ڇيڪارئو ڇيلڙا، وانڍيين وهارين،
    نيڻ منهنجا ان کي جهڄيو جر هارين،
    تاڙا تنوارين، مينهن وسندا موٽ تون.

    مينهن وسڻ، سيءَ پوڻ، ڪاڙها ڪڙهڻ جا وقت بدلجي چڪا آهن. اهڙي ردوبدل کي ڪلائيميٽ چينج ٿا سڏين. سنڌ جي ماموئي فقيرن ڪڏهوڪو ” سيارا وسڪارا ٿيندا“ چئي ان ڳالهه جي ڳوٽ کي ڳرهيو هو. ڪنهن به ان سڏ کي نه ورنايو. وري جڏهن يورپ اچي اها ڳالهه ڪئي ته سموري دنيا ان تي ناچ نچي رهي آهي ڇو ته يورپ پنهنجي سائنسي حاصلاتن وسيلي جيڪا حرفتگيري هٿ ڪئي آهي ان وسيلي هو دنيا کي آڱرين تي نچائي رهيو آهي، تڏهن ته يورپ دنيا جي ماسي ايمڻا لڳو پيو آهي، جنهن جو مُٽيو به تيل آهي. يورپ جي گلوبلائيزيشن واري تصور ماڻهوءَ کان ملير جو تصور ڦرائي کيس سڄي دنيا جو ڌني بنائڻ جي بي مهاراُٺ جي اپلاڻي چئونڪ ۾ چاڙهي ڇڏيو آهي. هو بنا ڪنهن منزل جي بند گليءَ ۾ ڀڄي ڀڄي ٿڪجي ڦانهن ٿي پيو آهي پر سندس هٻڇ جي اونڌي تاسري نٿي ڀرجي. ڀٽائي وٽ مارن جو تصور به آهي ته ملير سان به محبت جي ميٺ آهي، جنهن سان موجوده دؤر جي بيگاني دنيا جي ڏيٺ ويٺ ٿيڻ ضروري آهي. ڀٽائي جي مارئي هن ريت چوي ٿي؛

    ڪرئو مهاڙ ملير ڏي، روءِ اُڀي چوءِ،
    سهڄ سوري ڀانئيان سومرا سندوءِ،
    ملڪ ماروءِ جي آهيان جور نه ٿيان جوءِ،
    سو قلب ڪوٽ نه هوءِ جو هُتي جن هٿ ڪيو.

    فطرت جي حقن ۽ فرضن جي روشنيءَ ۾ انسان پنهنجا حق ۽ فرض پاڻ جوڙيا آهن، جن کي هو جڏهن به ڀڃي ٿو ته پوءِ سندس ست ۽ سيل ڇيهون ڇيهون ٿي پوي ٿو ۽ جوڙڻ سان به نٿو جُڙي. انسانن پنهنجي چالاڪين، حرفتن جي ڏنگاين سان اهي حق ڀڃي ڇڏيا آهن تنهنڪري زماني ۾ اهو سيل ۽ ست به نه رهيو آهي. مٺ جيترا ٿورڙا انسان پنهنجي چالاڪيءَ ۽ حرفت گيري جي زور تي معلومات جي هٿيار سان دنيا جي اڪثر وسيلن کي واڳونءَ وانگر ڳهيو پنهنجي وات ڪريو سادن سودن ماڻهن کي غلام ۽ ڳجهو بنائي، انهن جي غربت کي قائم دائم رکيو اچن. حق ڀڃڻ جو اهو سلسلو به جڳن کان جاري آهي تڏهن ته اڻ برابري آهي. اڻ برابريءَ جي ڪري غربت آهي ۽ غربت جي ڪري بُک ۽ بدحالي آهي. بُک ۽ بدحالي جي ڪري بيماريون آهن. اهڙيءَ ريت انسانيت حق ڀڃڻ جي بٺيءَ ۾ جلي پيئي. حق ڀڃڻ جي انهي هاڃي کي ڀٽائي هن ريت نندي ٿو؛

    عمر اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪيئن ڪن،
    جن جا ٿرن ۾ ور ٿا ويڻ سهن،
    هو جي حق ڀڃن، ستيون ڪيئن سومرا.

    دنيا پنهنجي اقتصادي هٻڇ جي ڪري پنهنجو فطري حسن وڃائي چُڪي آهي. سندس انهي خصلت دنيا جو ملوڪ منهن ميرو ڪري ڇڏيو آهي. منهن جي اها ميراڻ دنيا کي جتي ڪٿي آڏي اچي رهي آهي. دنيا ۾ نه امن آهي نه ايمان آهي. بُک ئي بُک آهي. غربت ئي غربت آهي. انهي بدحاليءَ جو سبب انسان پاڻ آهي. انسان جي اهڙي روش کانئس سندس حسن کيس ورتو آهي؛

    سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،
    وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهي حسن ري.

    انسان جو اهو حسن ڀريو هلڻ سندس ذهني شاهوڪاريءَ جي ڪري ئي موٽندو. مالي ۽ اقتصادي آسودگي انسان کي اهو سڪون نه ڏيئي سگهي آهي، جنهن جو هو ڳولائو آهي. جڏهن کيس اهو سُڪون نٿو ملي ته پوءِ اهو سڪون سڪون آور دوائن ۾ ڳولي ٿو. سڪون ملي نه ملي پر سڪون ڏيندڙ زهريلين دوائن جو ڌنڌو ڏينهون ڏينهن دنيا ۾ چوٽ چڙهندو وڃي. اهڙي هڻ هڻان ۽ پٽ کوهه ۾ لطيف جو پيغام انساني ناسورن تي پيارڀريو پهو آهي.


    لهوارو لوڪ وهي ....

    لهوارو لوڪ وهي ....

    لطيف جي پرلطف پيغام ۾ انساني زندگيءَ جا ٻهڳڻ رڱ سمايل آهن، جن جو سڪ ڀريو سنيهو انسان کي پنهنجي اُتم چونڊ ڏانهن وٺي وڃي ٿو. چونڊ انسان کي سندس بهتريءَ ڏانهن يا بدتريءَ ڏانهن وڃڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿي. چڱي چونڊ چڱائي ڏانهن وٺي هلندي جڏهن ته خراب چونڊ مان سُٺا نتيجا نه نڪرندا. هونئن به قدرت جو قانون سگهارو آهي. فطرت جا نيم هر چُرپر تي حاوي آهن. انسان جي وس ۾ پنهنجي چرپرآهي پنهنجي چونڊ آهي باقي انهي چرپر جو نتيجو فطرت جي قانون مطابق ئي ايندو آهي. ماڻهو فطرت مطابق هلي سگهي ٿو پر فطرت سان هٿ چراند جي کشٽ جو جوکم کڻي نٿو سگهي.لطيف به پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪو پيغام ڏئي ٿو تنهن ۾ شين کي ترجيحي نقطي نگاه سان ڏسڻ ۽ چونڊ ڪرڻ جو سگهارو سنيهو آهي. ترجيح جي ان عمل ۾ لطيف فطرت جي جوڙجڪي ڍانچي جي پوئواري ڪري ٿو ۽ ڪٿي به فطرت جون حدون اورانگهڻ جي صلاح نٿو ڏئي پر هو جيڪا ڳوڙهي ڳالهه ڳرهي ٿو تنهن ۾ جنهن ترجيح ۽ چونڊ جو ذڪر ڪري ٿو سا دورانديشيءَ وارو سنيهو ڏئي ٿي، جنهن سان جٽادار نتيجا حاصل ٿين ٿا. جيتوڻيڪ لطيف سائين جون ڪيتريون ئي ترجيحات عام روايت کان هٽي ڪري هونديون آهن پرانهن پويان لطيف جو فطرت پسند فلسفو ڪارفرما هوندو آهي. فطرت جي پنهنجي جوڙجڪ آهي جيڪا انساني جوڙجڪن کان سگهاري ۽ انهن مٿان ڇپرڇانو آهي. لطيف فطرت جي قاعدن قانونن جي پيروي ڪندي، انسانن جي ٺاهيل جوڙجڪن ۽ نيمن مان مٿي چڙهڻ جي به صلاح ڏئي ٿو. لطيف فطرت شناس، ساڃهه وند ۽ سُڄاڻ شاعر آهي جيڪو انساني رويئي کي فطرت جي وسيع تناظر۾ پرکڻ ۽ اڀياسڻ جي واٽ وٺندي اڳتي وڌي ٿو. ان پنٿ جي پنڌ ۾ هو پنهنجون ڳالهيون ڳائيندو هلي ٿو. سنسار جي لاهين چاڙهين کي سمجهائيندو هلي ٿو. لاهين چاڙهين جو ڇيد ڪندي، انهن جا اوسا پاسا، نفعا نقصان ٻُڌائي ٿو پر ان سموري سنيهي ۾ هو ڪٿي به فطرت پسندي هٿان نٿو ڇڏي. فطرت انسان لاءِ جڳن کان وٺي هڪڙي مستقل درسگاهه رهي آهي جنهن جي نقالي ڪندي انسان موجوده پد تي رسيو آهي ۽ اڳتي روان دوان آهي.لطيف سائين جي شاعريءَ جا سمورا سُر جتي عشق، محبت، وچن نباهه، قرباني، همت ۽ بهادريءَ جي کٿوريءَ جي خوشبوءِ آڇين ٿا اُتي ترجيحائڻ جي عمل جو به ڳوڙهو مشاهدو ماڻائين ٿا. سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ وحدت ۽ ڪثرت جو کولي بيان ڪرڻ کانپوءِ وحدت جي ترجيح نروار ڪن ٿا ته هيڪڙائي حق ئي سڀڪجهه آهي. ٻيائي کان ڏوررهڻ گهرجي جن ٻيائي کي ٻَکُ وڌو سي وير وماس ۾ پئجي ويا سندن وسنديون ويران ٿي ويون.

    وحده لا شريڪ لــﮧ، ايءُ هيڪڙائي حق،
    ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جن وڌو سي ورسيا.

    سُرکنڀات ۾ پرينءَ جي سونهن جي باقي سونهن وند مظهرن سان ڀيٽ ٿيل آهي. سڀني سهڻاين جي مڙني ملوڪتن کان پرينءَ جي پير جو پدم به وڌيڪ آهي. چوڏهينءَ جي چنڊ جو اُمارو پرينءَ جي ماهتابي منهن کان گهٽ آهي. چنڊ رڳو رات جي اونداهيءَ ۾ اڇو آهي، سڄڻ ته نت نت سوجهرو آهي. سُر بروي ۾ به پرينءَ کي هر ڳالهه تي ترجيح ڏئي ٿو. پنهنجي جسم جان جي به پرواهه نٿو ڪري. جانب کي پنهنجي جيءَ جي آڇ ڪري ٿو ته وڻي جتان اُتان وڍي کڻي وڃ، ڇوته سپرينءَ سان سندس جي ايئن سوگهو ٿيل آهي جيئن لوهار ڪڙي ۾ ڪڙو ملائي لپيٽي هڪ ڪري ڇڏيندو آهي. سُر سريراڳ ۾ جيڪا تند تنواري ٿو، تنهن ۾ به ترجيح جو خيال رکي ٿو. مالڪ حقيقيءَ جي ثنا ڪندي، ان جي لطف جي آس رکندي، گهر جي ڪري ٿو ۽ فضل کي عدل تي ترجيح ڏئي ٿو. عدل ۾ هو پنهنجي نجات نٿو سمجهي. عدل جي ساهميءَ مان نروار ٿيڻ سولو ناهي، پر مولى فضل فرمايو ته ٻيڙا پار ٿي ويندا؛
    جيڪي منجهه جهان، سو تاريءَ تڳي تنهنجي،
    لطف جي لطيف چئي، تو وٽ ڪمي ڪان،
    عدل ڇُٽان آئون نه، ڦيرو ڪج فضل جو.

    اهڙي طرح هو ڪچ بدران سچ جي ترجيح ٻُڌائي ٿو ته ڀُتي مڪڙيءَ بدران مضبوط ۽ چيٺيل مڪڙي ڀاڙڻ جي صلاح ڏئي ٿو جيئن جهاز کي جوکو نه ٿئي. سامونڊي سُر ۾ وڻجارن پاران مسلسل سفر ۾ رهڻ، ڏورڏيهه گهمڻ ۽ اونهي اوهري ۾ لانچون لاهڻ جي ڳالهه ڳري ٿو. هو واندڪائي تي هڪڙي اقتصادي ڪرت کي ترجيح ڏيڻ جو ڏس ڏئي ٿو. ان سُر ۾ هو وڻج واپار جي ترجيحن جي ڳالهه بيان ڪندي اڳتي وڃي ٿو ۽ سطحيت بدران گهرائي کي ترجيح ڏئي ٿو.
    هو معلمن جي ڄاڻ کي مٿاڇرو سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي سمنڊ جون خبرون اوريان ئي آڻين ٿا. کين ڌنڌو ڪرڻ آهي. سمنڊ جي سانباهي جو کينءَ واريون خبرون ئي سندن گراهڪن جي سفر کي اجوکو ڪري بيان ڪن ٿيون. حقيقت ۾ سمنڊ گهڻو اونهو آهي. جتي وهڪرو وينڌ يعني سوراخ ڪري ٿو، اُتان معلم به پري ڀڄن ٿا. لطيف فرمائي ٿو؛
    اوريائين آڻين، ميڙيو معلم خبرون،
    سا تان سُڌ نه ڏين، جتي وَهُ وينڌ ڪري.

    وهڪري جي اها تندي ۽ تيزي شين مان سامهون سوراخ ڪري وڃي ٿي، تنهنڪري معلم اوريائين خير واريون خبرون آڻي وڻجارن کي ٻُڌائين ٿا. سُر گهاتوءَ ۾ مورڙي ميربحر جي واڳوءَ سان ويڙهاند آهي. مورڙو جڏڙو ۽ اڀرو آهي. مانگر مڇ اجگر ۽ سگهارو آهي پر مورڙو سچ جي سپاهي بنجي جڏهن ڪوڙ جي ڪوٽ تي ڪڙڪي ٿو ۽ مانگر کي للڪاريندي چوي ٿو ته مڇ تنهنجي اها غلط فهمي آهي ته تنهنجو هي جور جبر ڪو سدائين رهندو. تنهنجي سمنڊ جي سلامتيءَ جا ڏينهن پُڄڻ وارا آهن. هن سُر ۾ سمورو ڳالهيون بيان ڪندي، ترجيح سچ واري پاسي کي ڏئي ٿو. طاقت ۽ جبر جي دهشت کان ڊڄي لطيف مرغوب نٿو ٿئي. کاهوڙين جي ترجيح ته ڳري ۽ ڳوڙهي آهي تنهنڪري سندن حاصلات به اهم ۽ اُتم آهي. پرينءَ جي پار جي پنڌ جي پر پروڙڻ ڏاکڙو آهي. سڪا سنڊ ڪڇن ۾ کڻي، ٽمندڙ نيڻن سان نينهن لوڪ ڳولڻ جيءَ جوکي جو ڪم آهي پر ڀٽائي جي ترجيح آهي ڇاڪاڻ ته ان حال ۽ حالت واري ڪشالي کان پوءِ کاهوڙين جي کاتي ۾ جيڪي اچي ٿو سو ٻين کي نٿو سري. اهو ڪمال ترجيح جو آهي.
    لطيف واٽ کي وٺي وڃڻ ۽ اتان لوڻو ڦيرڻ کان به روڪي ٿو. مستقل مزاجيءَ سان ڪنهن پنٿ تي ايئن هلڻ ئي اهڙي ترجيح آهي جنهن جي ڪري انساني تاريخ ۾ ڪيئي ڪاميابيون انسان جي کاتي ۾ آيون آهن.واٽ جي ترجيح ۾ لطيف ان کان به ٻه وکون اڳتي وڌي نياري ڳالهه ڪندي، فرمائي ٿو؛

    اوتڙ هليا، سي نه ڀُليا، راه هليا ڦُرجن،
    سُتڙ سي پون، ٻيئي جن ڇڏيون.

    هن بيت ۾ ڀٽائي اوتڙ اولڻ توڙي ستڙ سالم ٿي هلڻ کان مٿي نڪري، ان پنڌ پوڻ کي ترجيح ڏئي ٿو جيڪو انهن ٻنهي کان نيارو آهي. سڀئي سبحان جي حوالي جڏهن ڪم ڪبا آهن ته پوءِ اوتڙ اولڻ ۽ ستڙ سالم وڃڻ جي معنى بدلجي پوي ٿي. لوڪ جي لهواري هلڻ کي ڇڏي لطيف سائين، اوچي اوڀاروهڻ جي ترجيح آڇي ٿو تڏهن يقينن هو سڀني عام رواجي سوچن کان مٿي سوچ وارو سنيهو ڏئي ٿو؛
    لهوارو لوڪ وهي، وهي تون اوچو وهه اوڀار
    سسئي جي سمورن سُرن ۾ هو پنهونءَ جو پيرو کڻي مسلسل هلڻ جي ترجيح ٻُڌائي ٿو. هڪ طرف جاڏن جبلن، ڏکين ڏونگرن جا ڪشٽ ۽ ڪشالا آهن ته ٻئي طرف من جو محبوب آهي جنهن لاءِ انهن سڀني اهنجن، ڏکيائين کي سسئي قبولي ٿي. جڏهن ايترو ڪنهن به پنڌ ۾ پيهي وڃبو آهي ته پوءِ سڀڪجهه آسان ٿي پوندو آهي. جن جو اندر پاڻيءَ لاءِ اُڃيو هوندو آهي پاڻي به تن لاءِ اُڃيو آهي؛

    ساجن ڪارڻ سُڃ، مر قبوليئي سسئي،
    اندر جني اُڃ، پاڻي اُڃيو اُن کي.

    راڻي مومل ۾ راڻي جي ترجيح مومل آهي هو سڀني مشڪلاتن کي منهن ڏيئي، پنهنجي ڏاهپ سان اڳتي وڌي مومل ماڻي ٿو، ٻيا جيڪي به ان پنڌ جا پانڌي آهن سي مومل عيش عشرت لاءِ ماڻين ٿا پرراڻو مومل کي ان ڪري ماڻي ٿو جو هو سموري ڪاڪ محل جي چالاڪين کي چڪناچور ڪرڻ چاهي ٿو تنهنجي راڻي ۽ ٻين همراهن جي ترجيح ۾ فرق آهي. راڻي جي ترجيح اُتم آهي تنهنڪري مومل به سندس نالي ليکي وڃي ٿي. جڏهن راڻو مومل کان رسي ٿو ته مومل به باقي سڀني شين کي ڇڏي هڪڙي راڻي جي ترجيح کي کڻي اڳتي وڌي ٿي ؛
    جان قربان، مال قربان، گهوريان لُڊاڻو
    فدائي فقير جو شل رُسي م راڻو،
    مُين سين ماڻو، توکي مناسب ناهي مهندرا
    ليلان چنيسر جي ڪوڏيلي گهرواري آهي پر جڏهن سندس ترجيح تبديل ٿئي ٿي ۽ هوءَ هار تي هرکجي، چنيسر واري ترجيح تان تر جيترو به گُسي ٿي ته کيس ڏهاڳ جو ڏنءُ اچي وڃي ٿو. ڍول چنيسر داسڙو کيس ڍيلي ٿو ڇڏي. اهڙي طرح هوءَ اُتم پد تان ڪري پوي ٿي ۽ انهي ڪرڻ جو سبب ترجيح جو تبديل ٿيڻ آهي. ليلا کي ڏهاڳجڻ جي عيوض طرحين طرحين جا هيلا هلائڻا پون ٿا، تڏهن به ڀٽائي کيس نوڙت سان ليلائڻ جي صلاح ڏيندي هن ريت چوي ٿو؛

    ليلائي نه لهين، ته پُڻ ليلائيج،
    آسرو نه لاهيج، سڄڻ سٻاجهيندڙ گهڻو.

    سورٺ ۾ ٻيجل جي ترجيح ڏياچ جو مٿو آهي، هو ان گهر کان هيٺ لهي نٿو. سورٺ جي ترجيح ڏياچ جو سهاڳ آهي. ڏياچ جي ترجيح سندس مريادا ۽ وچن نباهه آهي جنهن پويان هو سخي طور سُڃاتو وڃي ٿو تنهنڪري مٿي تي هزارين سر هجن ته به وڍي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. اهو سمورو سٽاءُ ترجيح جو آهي. سهڻيءَ جي ترجيح ميهار آهي. الستي انگ کيس ميهار سان ميثاقان مهند منڊ ۾ منڊي ڇڏيو آهي. لوڪ جا لاڳاپا لاهي هوءَ اونهي آب ۾ ڪڏي ڪاهي پوي ٿي. سندس ترجيح ميهار جي سڪ آهي، تڏهن کيس وچ سير ۾ پاڻي پنيءَ ٻوڙ محسوس ٿئي ٿو. مارئي جي ترجيح وطن آهي تڏهن هوءَ بادشاهي آڇن کي ٺڪرائي جيئري به ملير اچڻ چاهي ٿي ته مُئي پڄاڻان به مڙهه ملير نيئڻ جي خواهشمند آهي. اها ترجيح آهي جنهن جابر حاڪم کي به جهڪائي وڌو ۽ مارئي جهڙي اٻول ۽ اڻ هوند واري عورت سوڀاري ٿئي ٿي. اهڙي طرح ڀٽائي جو ترجيح وارو سنيهو سندس شاعريءَ جي سينڌ آهي.


    جاڳڻ منجهان جس ... !

    جاڳڻ منجهان جس ... !

    خلقڻهار ڪائنات خلقي، انسان جي حوالي ڪئي. انسان کي علم، عقل جي صورت ۾ عطا ڪري شين جي نالن جي صورت ۾ سڀئي ساراهون ڏيج ۾ ڏنائين. انسان انهي امانتي بارکي کنيو پرجڏهن ۽ جتي کيس ڳرو لڳو اتي هن انهي بوجهه کي پاڻ تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر جيڪو بارهن چونڊ ڪري کنيو هو، انهي بارکان ڪنڌ ڪڍائڻ سندس وس ۾ نه هو ۽ چاهيندي نه چاهيندي به هو انهي ذميواري کي نباهيندو رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس جيڪو الستي سڏ ٿيو هو ان جي موٽ ۾ هن اقرارئي ڪيو هو انڪار جي گنجائش ئي نه هئي. هو جيترا به انڪار ڪري ٿو. تن ۾ انهي اقرارجي ڪري اقرار به محسوس ٿيندو آهي. ڀٽائي اهڙي ڳالهه کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي؛

    حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو،
    سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهوئي ٿيو.

    ان الستي وراڻي کيس دنيا ۾ اڳواڻي جو منصب عطا ڪيو ۽ ملائڪن جي مسجود جهڙو رتبو به سندس حصي ۾ آيو، اهو سڀڪجهه انهي علم جي ڪري هو جنهن جي وٽ کيس واليءَ ڏني هئي. انساني دماغ جا لکين تنتي جيوگهرڙا ان علم جا رکوال آهن جن ۾ اها وٿ محفوظ آهي. علم جي اها وٽ ازل کان جيئن ورهائجڻ ۽ وياکجڻ پيئي آهي، تيئن ابد تائين ورڇبي رهندي. نوان خيال پڌرا ٿيندا رهندا، نيون شيون دريافت ٿينديون. زمانو انهن تي نالا ڌريندو رهندو. اهو ڪم ڪار ۽ ڪاروهنوارجڳن کان جاري آهي ۽ جاري رهندو. ڪجهه به نئون ناهي. هر شئي نئين دريافت آهي. هر زماني پنهنجي ٻهڳڻائپ آهي، پنهنجي نواڻ آهي. زمانو انهي نواڻ پسندي ۽ دريافت گيري وسيلي ويرا وير وڌندو رهيو آهي ۽ وڌندو رهندو. علم جو اهو سمورو ڏيج انسان جي دماغ جي هنج ۾ گنج جيان آهي. انسان جي انهي صلاحيت کي جڏهن هڪڙي ٻئي رخ کان ڏسجي ٿو ته ذهن شعور، لاشعور۽ تحت الشعور جي درجن وسيلي سمجهي سگهجي ٿو. ٽنهي جو پاڻ ۾ به گهرو سٻنڌ آهي. شعور کي پنهنجي جاڳرتا آهي ته لاشعور جي لاکيڻي صلاحيت کي پنهنجي خودڪار مهميز واري مهم آهي ۽ تحت الشعور جي خزاني ۾ جيڪي گرانمايه گنج پيا آهن تن جو ته پرو پانڌ ئي ناهي. شعور جي اها مالداري نسلن کان وٺي انسان جو خاصو رهندي آئي آهي. انسان حياتياتي طور جيئن ٻين گڻن کي پيڙهيا پيڙهي منتقل ڪندو رهي ٿو تيئن هو ذهن جي ڀنڊارکي به پنهنجي ايندڙ پيڙهي جي حوالي ڪندو رهي ٿو. اهڙي طرح ذهن ڪٿي به بيهي نٿو. دماغ سدائين جاڳيل آهي. جاڳ اجاڳ ٻنهي صورتن ۾ دماغ جاڳيل رهي ٿو. ان حد تائين جو باقي جسم پراڻ تياڳي ڇڏي ٿو پر دماغ سڀ کان بعد ۾ پنهنجي جيوت مان هٿ ڪڍي ٿو. جاڳڻ واري انهي صلاحيت سان ئي زماني جي ڪارسازي نظر اچي ٿي ۽ ڪاروهنوار هلي ٿو. جاڳ شعور اهرو مستقل درجو آهي جيڪو ماڻهوءَ کي مدامي باخبر رکي ٿو ۽ هو پنهنجي انهي صلاحيت ۽ سگهه سان اڳتي وڌندو رهي ٿو. جاڳڻ جي صلاحيت جي اها عطا به ازل کان ٿيل آهي. ڌڻي تعالى حي القيوم آهي. ڪل ڪائنات سندس نگهباني جي نور جي سُرور هيٺ سُري ٿي. سارو عالم انهي سڳنڌ سان ڀريو پالوٽون پيو ڏئي؛
    عالم آئون ساڻ، ڀريو ٿو ڀير ڪري،
    پاڻ نه آهي ڄاڻ، مانڊيءَ منڊ پکيڙيو.
    انهي مانڊاڻ جي منڊ جو نه منڍ آهي نه پڄاڻي. پري پانڌ کان سواءِ اهو سلسلو جڳن کان جاري آهي. جاڳ جي اها ڪهاڻي دنيا جي سموري ڪلاسيڪي ورثي ۾ به پڌري پٽ نظراچي ٿي. هر ٻوليءَ جي شاعرن ۽ لکارين شعور جي ان جاڳ جي ڀاڳ کي ورنايو آهي. بلهي شاه جاڳڻ جي جس کي پنهنجي ٻولن ۾ ٻوليو آهي ۽ بيچين روحن کي پنهنجي اثر ۾ اوليو آهي. اهڙا املهه خيال ٻُڌي ماڻهو سُتڙ سالم ٿي پون ٿا ۽ اوتڙ اولڻ کان بچي پون ٿا؛

    راتيان جاڳڻ بڙا اوکا هي
    ڪه دکيا جاڳندا بيمار راتين
    يا جاڳندا چور چوري ڪيتي،
    يا جاڳندا عشق دي مرض والا
    يا جاڳندا ڪوئي لاچار راتين
    سب جاڳ ڪي سو جاندي بُليا
    اڪ جاڳندا پروردگار راتين

    جاڳڻ جي انهي جوکي، اوکي انساني جيون کي سوکو بنايو آهي. ماءُ جيڪڏهن راتيون جاڳي پنهنجي ابهم ٻارجي سنڀال نه ڪري ته هو شايد زماني جي هائي ڏسي نه سگهي. سائنس جو ڪم ڪار ڪرڻ وارا ۽ ٻيا فني ماهرجيڪڏهن ننڊون ڦٽائي، نيون شيون دنيا ۾ نه آڻين ته دنيا انهن شين جي نعمت جو مزو ماڻي نه سگهي. اهڙي طرح جاڳڻ جو اهو عمل جاري آهي ۽ ڪل ڪائنات جاڳي ٿي. سمهڻ وقتي آهي. اهم ڳالهه اها آهي ته جاڳڻ جي جس مان ڪير مزو ماڻي ٿو ۽ جاڳي نوان احوال آڻي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيڪو ڄا ڻي ٿو سوئي پلئو تاڻي ٿو، ٻي جي جاءِ ناهي جاڳيل هن جهان ۾. جاڳ جي انهي نرالي خيال کي ڀٽائيءَ به ڳايو آهي؛

    جاڳڻ منجهان جس، آهي الا جن کي،
    لاهي ٿو لطيف چئي مٿان قلب ڪس،
    ورنهن ڪجان وس، صبح ساڻ سيد چئي.

    جاڳ جو اهو سلسلو هلندو رهي ٿو جيڪي قومون جاڳرتاوان آهن سي زماني ۾ پنهنجي صلاحيتن کي آزمائي، اڳتي وڌن ٿيون. اهڙيون قومون جاڳ جي ڀاڳ وسيلي پنهنجي قلب تان ڪس لاهين ٿيون. وس کان به وڌي وس ڪن ٿيون تڏهن وڃي ڪجهه نه ڪجهه سندن هٿ وس ٿئي ٿو. جن جي ڪجهه هٿ وس ٿئي ٿو، ٻيون قومون انهن جون دست نگر ٿين ٿيون. زماني ۾ اڳتي وڌڻ جي انهي ڪم ۾ ڪئي لاها چاڙها به ايندا ۽ هلندي قومون يا فرد گهڻو بوجهه به محسوس ڪندا آهن، پر ٿڪيائي ٿر ٿيلهڻ ۾ ئي مزو ۽ مهانتا آهي؛

    ٿڪيائي ٿر ٿيل، چڙه چُڪيائي ڇوٽيين،
    هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀئو مڙئي ڀيل،
    اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري، وري.

    ويٺلن تان واري ورڻي آهي. تواريخ جا تهه اهڙين واري وريل قومن جي قبرستانن سان ڀريا پيا آهن. جاڳ جي ڀاڳ پويان رڳو جاڳي ٻين جي وسيلن لٽڻ جي ڪُڌي ڪرت کي به ڪاهڻو ناهي پر پنهنجو پاڻ تي به نظر رکڻي آهي. انهي نظررکڻ جو اهو فائدو ٿيندو جو دنيا جو توازن برقراررهندو. هن وقت دنيا جو توازن بگڙجي چڪو آهي. طاقت جي توازن کان وٺي ماحول جي توازن توازن تائن سمورو ڍانچو ڊانواڊول آهي. بادشاهه لوڪن جي هٻڇ شيطاني آنڊي جيان ايترو وڌي آهي جو انهن جي اها هٻڇ بيماريءَ جي صورت اختيارڪري چڪي آهي. ماحول جو توازن ايئن بگڙيو آهي جو هن وقت هر هنڌ ڪلائميٽ چينج جي نالي ۾ الائي ڇا ڇا پيو هلي. آبهواجي تبديلي جو اهو ڀوائتو نعرو بازار جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو آهي ۽ هر ڪم قومن کي اهو ڊپ ڏيکاري ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن هيئن نه ڪندئو ته دنيا هيئن ٿي ويندي يا هونئن ٿي ويندي. وڏي ڳالهه ته اهو ڊپ اهي ڌريون دنيا کي ڏيئي رهيون آهن جيڪي انهي بگاڙ جون باني ۽ جهان خان آهن ۽ پاڻان هيڻن ملڪن تي قاعدن قانون جي مختلف ڄارن وسيلي، هر شئي ٿوپڻ چاهين ٿيون. اهو سمورو بگاڙ به ان ڪري آهي جو دنيا جنهن ٽاريءَ تي ويٺي آهي، ترقيءَ جي نالي ۾ انهي وڻ جي ٽارين کي وڍي رهي آهي ۽ هڪ ڏينهن ٽاري ٽٽي پوندي ڇاڪاڻ جو دنيا جاڳيل ناهي. جن جي جاڳڻ جي دعوى به آهي، اهي هڪ طرفا جاڳيل آهن. سندن جاڳ کين دنيا جا وسيلا ته ڏيکاري ٿي پرسندن جنوني حالت جي جهالت ڏانهن ڌيان به نٿي ڇڪائي. انهي رويي سان ڪيترن ئي ملڪن تي روزانو بمباري ٿئي ٿي، حملا ٿين ٿا ۽ قبضا ٿين ٿا. ڪجهه وقت کانپوءِ پروڙ پوي ٿي ته جنهن ڳالهه جي ڪري اهو سمورو ڪوپ ڪرتوت ۽ قهرڪيو ويو، بيگناه معصوم ماڻهن کي ماريو ويو، سوين ٻار ڇوراڇنا ٿيا ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا ان ڳالهه جو ته وجود ئي نه هو. عراق تي آمريڪا پاران اجگر تباهي وارن هٿيارن جي نالي ۾ ڪيل حملو ۽ بعد جي صورتحال ان جو هڪڙو مثال آهي. اهو هڪ طرفو جاڳڻ آهي يا وري متعصب جاڳڻ آهي جيڪو به اڻ پورو ۽ اڻ برابري وارو آهي. فطرت ته جاڳي ٿي پر انسان جاڳي نه ٿو. هو جاڳي ٿو ته به رڳو پنهنجي مطلب لاءِ. مفادپرستي ۽ مطلب پرستي واري اها جاڳ ٻين سُتل قومن جي جيون جي به ويرڻ آهي يا وري قومن ۾ ڪوڙي ڏيکاءَ واري گُرگ آشتي آهي. انهي رويي جي ڪري سياستڪاريءَ انساني خدمت بدران سياه ڪاريءَ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. دنيا انساني ڪهل جا ليڪا لنگهي چُڪي آهي. اهو به جاڳڻ جو جوکائتو روپ آهي. جاڳڻ جو اهڙو جوجهار روپ ئي دنيا کي امن جو هيج هندورو ڪري سگهي ٿو جيڪو توازن وارو هجي ان جي جاڳ جي اک رڳو دنيا جي وسيلن ۾ اٽڪيل نه هجي. دنيا سان گڏوگڏ اها جاڳ، جاڳندڙ کي به پنهنجي دائري ۾ آڻي ته دنيا جي توازن جي يقيني بنجڻ جو ڪو وڃي آسرو ٿئي. اهڙي متاوزن جاڳ لاءِ ضروري آهي ته دنيا پنهنجي خبرگيريءَ جي دائري کي انسانيت جي ڀلي لاءِ ڪتب آڻي. اسان کي به پنهنجي پهري هوشيار ٿيڻ گهرجي. پنهنجي ايندڙ نسلن جي ڀلي لاءِ جاڳڻ گهرجي ڇو ته جاڳڻ منجهان جس آهي. انهي جس کي ڪو ڪس ناهي. انهي جاڳ جي ڀاڳ جي رس ۾ اهڙو چس آهي جو جنهن چکيو اهو سڀني کي ان جو ڏس ڏيندو رهندو. اسان جي ڪلاسيڪي ورثي جي سمورڻ شاعرن ۽ ڏات ڌڻين انهي جاڳ جي ڀاڳ جو پيرو کنيوآهي، پنڌ ڪيو آهي، ڪيئي رند راهون لتاڙيا آهن. سندن ميي يعني اُٺ معنى جا ڪيئي موتي مناڙيا آهن جنهن مان دنيا جي پريم رس پياڪن ڪيئي وٽيون تڪون ڏيئي پيتيون آهن ۽ سندن جاڳ انهن تن جي تئونس اجهائيندڙ تڪن مان نسري نروار ٿي آهي. اهڙيءَ جاڳ جي اهاءَ ۽ اوجيس جي روشنيءَ تي دنيا پنهنجي پنهنجي پنٿ جو پيچرو ڳولي پنڌ ڪيوآهي.جاڳ جو اهو سلسلو جڳ جو ڀاڳ آهي. ڪنهن کي نڀاڳ کنيو آهي جو پنهنجي ڀاڳ کي تياڳ ڏيندو ۽ ورسڻ جي ورچڙهي ڌرتيءَ تان ميسارجڻ پسند ڪندو.

    جاڳو جاڙيجا، سمان سُک م سمهو،
    پسو آن پارئا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري.


    وچن ويڙهيچن سان....!!

    وچن ويڙهيچن سان....!!

    انساني جيون جو سمورو مانڊاڻ تصور تي بيٺل آهي. تصور خيال کي جوڙي ٿو ۽ خيال عمل جو بنياد بنجي ٿو. اهڙي طرح انساني زندگي ان گهيري ۽ گهمري مان وري وري ور کائي هلندي رهي ٿي. انسان جو سمورو عمل سندس تصور جو تابع آهي. داخلي عنصر بعد ۾ ان تي اثرانداز ٿين ٿا.انسان جي عمل ۾ پُختگي ۽ جٽاداري انساني وچن وابستگيءَ سان پيدا ٿئي ٿي. جيترو وچن مضبوط هوندو اوترو انسان پنهنجي عمل ۾ پڪو ٿي بيهندو. جڏهن ماڻهو عمل ۾ پڪو ٿي بيهندو ته ئي هو قرباني به ڏيئي سگهندو ته صبر جي شمشير سان ڪيترين ئي اوڻاين کي ڪوري ڪڍي سگهندو. ماڻهو جڏهن وچن نباهه نٿو ڪري ۽ پنهنجي وچن کي وچ ۾ ٽوڙي ڇڏي ٿو ته پوءِ سندس عمل به ان ڪا ٽا ٿيل لغڙ جيان خالي فضا ۾ لڙڪندو، لڏندو ۽ بي مهار اُٺ جيان اوڳو بنجي جهوتون ڏيندو رهي ٿو. انسان پنهنجي وچن کي نهاري ٿو ته سندس وچن ازلي تخليق کان وٺي ڪنهن دنياوي مقصد تائين ڦهليل نظراچي ٿو. خلقڻهار سان وچن، عشق سان وچن، وطن ۽ وطن واسين سان وچن ۽ ڪنهن به مقصد سان وچن وسيلي انساني جيون جا مختلف روپ نظراچن ٿا. خلقڻهار سان وچن وابستگي اهڙو ٻنڌڻ آهي جنهن کي ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پاري ٿو. جيڪي ڳالهيون فطرت مٿس فرض طور عائد ڪيون آهن سي نه پارڻ جو وٽس اختيار ئي ناهي باقي جنهن شئي جو کيس اختيار آهي ان ۾ هو پنهنجي راءِ مطابق هلي ٿو. عشق سان وچن اهڙو اوچتو ٻنڌڻ آهي جنهن ۾ ماڻهو بنا نفعي نقصان جي سوچڻ جي ٻڌل رهي ٿو. صوفين توڙي ساڃهه وندن تنهنڪري سدائين عشق سلامت گهريو آهي. عشق جو وچن جيڪي وڏا وڏا ڪم ڪرائي ٿو تنهنجو ڪاٿو دنيا جي تاريخ جي ڪٿا مان لڳائي سگهجي ٿو. سُهڻيءَ پاران سير گهڙڻ کان وٺي جديد دؤر جي عاشقاڻين اُليلن تائين ان وچن نباهه کي نهاربو ته مضبوط ئي مضبوط ملندو. وطن يا ويڙهه سان به انسان جو وچن هوندو آهي جنهن سان نباهيندي ماڻهو سر ڏيئي، ڌرتيءَ تان نثار ٿي ويندا آهن پر ڌرتيءَ تي ڪابه ڏکي ويل اچڻ نه ڏيندا آهن. وطن واسين به اهڙي وابستگي ٿئي ٿي. ويڙهيچن سان ڪيل وچن سچا انسان سدائين ڀرپور نموني پاريندا آهن. ڪنهن مقصد سان وچن وابستگي به انسان کي اهڙي مهميز آڇي ٿي جنهن سان هن تاريخ ۾ انيڪ ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. ڪنهن به مقصد سان جيڪو وچن آهي اهوئي ماڻهوءَ کي اورچ بنائي، کانئس اهو ڪم سرانجام ڏيارائي ٿو. سائنس جا ڪارناما هجن يا تاريخ جا ٻيا اهم ڪم، سمورا انهي وچن وابستگيءَ جي ڪري، تڪميل کي پهتا آهن. وچن وابستگي ۽ وچن نباهه جو اهو نُڪتو انساني عمل جو خاص محرڪ آهي.
    لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ وچن نباهه جو تصور انتهائي سهڻي نموني بيان ڪيل آهي. ڀٽائي وچن وابستگي کي جامع انداز ۾ بيان ڪيو آهي جنهن ۾ هن انسان جو خالق سان وچن، عشق سان وچن، ملير ۽ ماروئڙن سان وچن توڙي ڪنهن مقصد سان وچن کي گڏي بيان به ڪيو آهي ته الڳ الڳ بيان به ڪيو آهي. شاه سائين جي شاعريءَ ۾ وچن وابستگيءَ جو تصور هن ريت آهي؛

    الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم،
    قالوبليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم،
    تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان.
    انسان جو اهو ازلي وچن الستي آواز جي موٽ آهي. اهو آواز ڀٽائي جي ٻولن ۾ حبيبن حب مان هيڪاري جيڪو محبوبي سڏ ڪيو آهي پوءِ اهو سڏ سڄي عمر اورڻ جو وچن کڻي ماڻهو هلندو رهي ٿو. ان سڏ جي انڪار جي گنجائش ڪانهي. اهو سڏ ئي سموري وچن وابستگيءَ جو منبع آهي. لطيف جي لفظن ۾ ؛

    حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو،
    سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهوئي ٿيو.

    اهو وچن ان تعلق مان اُسري ٿو جيڪو تعلق پيدا ٿيڻ کان به اڳ جو آهي. الله تعالى پنهنجي قدرت سان ڪائنات کي پئدا ڪيو ۽ انسان کي ان ۾ مُک مخلوق ڪري بيهاريو جنهن کي ملائڪن به سجدو ڪيو. اها تعظيم انسان جي علم کي هُئي. علم انسان جي ازلي وٿ آهي. عشق محبت انسان کي عطا ٿيل اها ڏات آهي جنهن انسان کي اندر جي انسان سُڃاڻڻ ۽ انسانيت جي درد کي سمجهڻ جو دڳ سمجهايو آهي. انسان جي محبت واري ازلي تعلق کي لطيف هن لطيف انداز ۾ بيان ڪيو آهي؛

    ساهڙ جا سينگار، اڻ لکئا اڳي هئا،
    نڪا ڪُن فيڪون هئي، نڪا ٻي تنوار،
    ملڪنئان مهند هئي، توڏيءَ جي تنوار،
    محبت سان ميهار، لايائين لطيف چئي.

    عشق جو وچن انساني رويئي جو اهم بنياد آهي. سموري چُرپُر ان مان نڪري ٿي. ساجن جي صورت جو تصور مدامي من ۾ رهندو آهي. اندر جون اکيون ان کي هر ويل ڏسنديون رهنديون. اندر ۾ اهو خيال به ان وچن وابستگيءَ جي ڪري ئي سگهارو ٿيندو آهي، ساهس به ڏيندو آهي ته اُتساهه به بخشيندو آهي. لطيف سائين فرمائي ٿو؛
    منجهان منهنجي روح، وڃي ساجن وسري،
    مر لڳي لوءَ، ٿر ٻابيهو ٿي مران.

    ڀٽائي وٽ عشق جي وچن نباهه جو ٻهڳڻ تصور آهي. سڀئي سُر ڪنهن نه ڪنهن عشق جو اڇو اُجرو مثال آهن.سڀئي سورما سورميون يا ٻيا ڪردارعشق جي اُتم وچن جو اظهار ڪن ٿا. انهي وچن نباهه مان ئي فطرت، وطن ۽ وطن واسين سان پيار جو وچن اُڀري ٿو. اهڙي وچن مان وطن جي حب نروار ٿئي ٿي. ان وچن جي وچور ۾ وڃڻ بدران رڳو سُر مارئيءَ کي پڙهبو ته به ڪافي آهي. مارئيءَ جي نسبت ملير سان آهي، مارن سان آهي، ساري جهر جهنگ سان آهي. هوءَ مسڪين ۽ معصوم نياڻي هئڻ باوجود هڪڙي ارڏي بادشاهه کي به انهي وچن جي آڌار تي للڪاري ٿي جيڪو وچن ويڙهه سان ڪيو اٿس ۽ ويڙهيچن سان ڪيو اٿس. هوءَ جيئري ته ان وچن کي نباهي ٿي پرمرڻ کان پوءِ به ان وچن کي نباهڻ واري خيال کي لطيف هن ريت بيان ڪري ٿو؛

    واجهائي وطن کي، ساري ساه ڏيان،
    هيءَ سر ساڻيهه سامهون، منهنجو نج ميان،
    مُقامياڻي ماروئين، وڃي ٿر ٿيان،
    ميائي جيان جي وڃي مڙهه ملير ڏي.

    مارئي جو اهو وچن کيس وطن سان ۽ وطن واسين سان ايترو ويجهو وٺي وڃي ٿو، جو هوءَ انهن سان هڪ ٿي وڃي ٿي. هوءَ مرڻ کانپوءِ به پاڻ مٿي ٿرن جي ٿڌي واري وسائڻ چاهي ٿي. پويين پساهه کانپوءِ به مڙهه ملير ڏانهن وٺي وڃڻ جي خواهشمند آهي. وچن وابستگيءَ جي اها ڳالهه ڀٽائي جي ڪلام ۾ هرهنڌ ملي ٿي. سسئي جڏهن پنهون سان وچن ڪري نڪري ٿي ته اهو وچن کيس ان ساري رستي سان به پيار ڪرائي ٿو جيڪو هونئن ڪٺن آهي. مومل جڏهن مهندري سان وچن نباهڻ ڏانهن وڌي ٿي ته ڪٿي لُڊاڻو ڪٿي امراڻو. اچي امراڻي جا وڻ وسائي ٿي. وچن وابستگيءَ نباهڻ خاطر ماڻهو سڀڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. هو ڏونگر ڏوري ٿو. سُر جي صدا سامهون سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. کاهوڙي، جوڳي، سنياسي جڏهن پنهنجي وچن نباهه جي پنڌ ۾ اڳتي وڌن ٿا ته کين ڪابه رڪاوٽ نٿي روڪي. اهي سڪا سنڊ ڪڇن ۾ وجهي اها جُوءِ ڏورڻ هليا وڃن ٿا جيڪا ڏورڻ ڏاکڙو آهي. هو اهو دنگ درو به ٽپي وڃن ٿا جتي سونهان به منجهن ٿا. اها سگهه وچن وابستگيءَ مان ئي اُسري ٿي.
    ماڻهو جڏهن ڪنهن به مقصد سان وچن وابستگي جو نباهه ڪرڻ جو ساهس ساهي ٿو ته پوءَ هو مورڙي جي صورت ۾ بُري تي بڇ ڪري ٿو ۽ ان جي ڏاڍ کي للڪاري ٿو. جيتوڻيڪ مورڙو ويچارو هٿين پيرين جڏڙو آهي پر جڏهن مقصد جو محرڪ منجهس ولوڙ پيدا ڪري ٿو ته پوءِ هو مڇ کي به هن ريت چئي وجهي ٿو؛

    متو آهين مڇ، ٿُلها ٿو ٿُونا هڻين،
    تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.

    اهڙي مضبوط وچن سان مورڙو مڇ تي سرسي حاصل ڪري ٿو. وچن ئي آهي جيڪو انسان ۾ سگهه پيدا ڪري ٿو ۽ ان سگهه جي آڌار تي انسان وڏا وڏا ڪم ڪري ٿو. ٻي طرف جڏهن ماڻهو وچن وابستگيءَ کي ٽوڙي ٿو، انهي ڀرم جي ڀڃڪڙِ ڪري ٿو ته پوءِ سندس حال بُرو ٿئي ٿو. وچن جي ٽٽڻ سان ماڻهوءَ کي ڏهاڳ جو ڏنءُ اچي وڃي ٿو ۽ سندس حال ليلان وارو ٿي پوي ٿو. ليلان چنيسر جي لاڏلي زال جي حيثيت وڃائي وهي ٿي ۽ لوڌجي وڃي ٿي. ليلان هار تي هرکي وچن ٽوڙي وجهي ٿي تنهن ڪري سندس حيثيت متاثر ٿي پوي ٿي. مڻيئي تي موهجڻ ماڻهوءَ کان وچن وسارائي ٿو ڇڏي تنهنڪري ئي وچن کي ڇيهو رسي ٿو. ڀٽائي ان ماجرا کي هن ريت بيان ڪيو آهي؛
    مڻئي اُتي موهجي، هاري ڳيڙيئه هار،
    ڪوڙين ڪيا ڪيترا، انهي خر خوار،
    ڀري وئو ڀتار، آيئي ڏنءُ ڏهاڳ جو.

    اهڙي ريت وچن نباهه انساني زندگيءَ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ وچن نباهه جي تصور کي تمام ڀلوڙ انداز ۾ ڳايو آهي جنهن مان نه رڳو سنڌ کي پر سموري عالم کي روشني ملي سگهي ٿي. دنيا جي اقتصادي سرشتي دنيا کان وچن وسارائي ڇڏيو آهي تنهنڪري اها رڳو نفعي پويان ڪاهي پيئي آهي. منافعي خوريءَ جي ان ڊوڙ قدرتي وسيلن جي کاپي جو توازن بگاڙي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري دنيا کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پئجي رهيا آهن. ماڻهوءَ جي ڌرتيءَ سان اها وابستگي نه رهي آهي جيڪا هئڻ گهرجي. انسان ڌرتيءَ مان سڀڪجهه چوسي ڪڍڻ جي چڪر۾ ماحول جي مانڊاڻ کي ڊانواڊول ڪري وڌو آهي. ان سموري بگاڙ جو سبب وچن وابستگيءَ جو وسرڻ آهي جنهن جو ڏس لطيف ڏئي ٿو ته اهو وچن روح مان وسرڻ نه گهرجي. وچن وسارڻ دنيا لاءِ وڻاهه آهي.


    سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين منُ

    سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين منُ

    بازار جو بَکُ بنيل، قدرتي وسيلن سان مالامال هن دنيا ۾ اسان جي ڌرتيءَ جو به هڪڙو وجود آهي جتي منافعي ڪارڻ هر شئي ايئن وڪامي ٿي جيئن جيري ڪارڻ ٻڪري ڪسجي. اهڙي ڪُڌي ڪم هڻي دنيا کي دوزخ بنائي ڇڏيو آهي. دنيا ۾ امن جي نالي ۾، دهشتگرديءَ سان جنگ جي نالي ۾ الائي ڇا ڇا ٿي رهيو، تنهن کان سموري دنيا ڀليءَ ڀت باخبر آهي. دنيا داري انسان کان الائي ڇا کسيو آهي؟ ان جو کيس ادراڪ ئي ناهي تڏهن ته هو اڃا انهي انڌ جي گهوڙي تي سوارآهي ۽ دنيا کي رڳو پنهنجي هٿ وس رکڻ خاطر وتائي واري عيد جي سيوين گڏ ڪرڻ جي خفي ۾ لڳو پيو آهي. دنيا هڪ طرف جنگين جي جوت ۾ جلي رهي آهي ته ٻي طرف فضا ۽ ماحول به انساني چُرپر جي ڪري پنهنجو روپ بدلائيندا پيا وڃن ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪو آبهوائي ٻڙڌڪ دنيا ۾ متو آهي ان جو واڄٽ به جتي ڪٿي ”ڪلائيميٽ چينج“ جي نالي سان دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ وڄي رهيو آهي ۽ سموري دنيا انهي بانسريءَ تي نچي رهي آهي. اهڙي رون ڪانڊاريندڙ دؤر ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ڪهڙي اهميت آهي؟ ڀٽائي جو ڪلام ڪهڙو منظرنامو پيش ڪري ٿو؟ ۽ انهي ڏس ۾ ڪهڙا حل آڇي ٿو؟ اچو ان تي ڳالهه ٻولهه ڪجي ڇاڪاڻ ته ڀٽائيءَ جو ميلو جاري آهي ۽ اڄ ادبي ڪانفرنس آهي. مٿئين تناظر ۾ ڀٽائي جو سمورو ڪلام واضح اهڃاڻ ڏي ٿو پر اسين پنهنجي ڳالهه جو موضوع سُرمارئي جي معنى دارموتين مان چنڊڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون ڇاڪاڻ ته ڀٽائي سنڌ جو ناڙي ويڄ ڏاهو آهي جنهن سنڌ جي سماج ۾ ايترو اونهو پيهي ڏٺو آهي، جو اڄ تائين ڪوئي سندس جُتي کي ويجهو به نه وڃي سگهيو آهي. شاعرن جي ته کوٽ ناهي پر ڀٽائي واحد اهڙو شاعر آهي جنهن سنڌي سماج جي پاتار ۾ پيهي جيڪي موتي سوجهي آندا آهن، تن جي مڻيا جڳ جڳ نئين رڱ روپ سان نروار ٿيندي رهندي. ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ سماج جي سڀني پاسن کي سُهڻي نموني بحث هيٺ آڻي، ڇيد ڪري، نتيجن جو اهڙو مکڻ پيش ڪيو آهي جنهن جي منڌ ۽ ماکي مٺاڻ جي ڇا ڳالهه ڪجي.
    سُر مارئي به سندس سُرن مان هڪڙو ڀلوڙ سُر آهي جنهن ۾ مارئي جي ڪهاڻي کي بنياد بنائي شاه عبدللطيف ڀٽائي اهڙا نڪتا بحث هيٺ آندا آهن جن جي اثرپذيري ڪائناتي نيمن جي روشنيءَ ۾ اڄ سوڌو اوتري ئي اهم آهي، جيتري ڀٽائيءَ جي پنهنجي دؤر ۾ اهم هُئي. هن سُر کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن سُر جا ٻهڳڻ پاسا آهن جيڪي روحانيت جي رازن جو به سير ڪرائين ٿا ته سماج جي گهٽين مان به گهمائين ٿا ۽ انسان جي هيڻي ۽ ڏاڍي واري تاڃي پيٽ جو تاتپرج به پيش ڪن ٿا.
    انسان جي پيدائش واري عمل ۾ آدم جو سرجڻ ۽ ان ۾ روح جو داخل ٿيڻ اهڙو موضوع آهي جنهن کي انهن سڀني شاعرن ڳايو آهي جن جي شاعريءَ تي تصوف جو اثرآهي. روحانيت جي ان ڳالهه جو ڳارو ازل جي اها محبتي ميخ آهي جيڪا جانب جان ۾ ارواحن خلقڻ کان اڳ هنئي هئي، جڏهن سنهيءَ سُئيءَ مارن سان ساهه ٽانڪجي ويو هو. اهو پريت جو کڻ ڪڏهن به نڪرڻو ناهي ڪنهن نه ڪنهن صورت م هلندو رهندو. انهي املهه رشتي کي ڀٽائي مارئي جي واتان هن ريت چورائي ٿو؛
    سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساه،
    ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه،
    هينئيون منهنجو هت ٿيو، هت مٽي ۽ ماه،
    پکن منجهه پساه، نه ته قالب آهي ڪوٽ ۾.
    انهي سنهي سُئيءَ جي سيبي، ازلي انگ جي رشتي جي رنگ کي اهڙو سگهارو ڪيو آهي جو اهو سڱ نه ڇني سگهجي ٿو نه ڇڄي سگهي ٿو. سڪ ڀريو اهو سڱ ساه ۾ سُرندو ۽ هنيين ۾ هُرندو رهي ٿو. انهي الستي انگ بابت وري مارئي هن ريت چوي ٿي؛

    سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين من،
    هڻي کڻ حلم جا، تهه وڌائون تن،
    ڪيئن ٽوپايان ڪن، اباڻي ابر ري.

    اباڻي ابر يعني سُئي کانسواءِ ڪن ٽوپائڻ عين گناه آهي. ڪن ٽوپائڻ هڪڙو اهڃاڻ آهي جيڪو سنجوڳي علامت کي ظاهر ڪري ٿو. ڪن ٽوپائڻ جو عمل اڳتي هلي سُهاڳ جي سهڻي روپ ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو. ازل کان جيڪو ويڙهيچن سان وچن ڪيل آهي، حبيب جو هيڪار ڪيل اهو سڏ ور ور ڏيئي ورنائڻو آهي. الستي انگڙو ان ڳالهه جو گهرجائو آهي. اهو انگڙو ويڙهيچن سان وچن ڪرڻ جي وقت شروع ٿيڻ کان به اڳ جو آهي ڇاڪاڻ جو ازل جو مطلب اهڙي اڳاڙي آهي وقت جي، جنهن جي ڪا اڳاڙي نه آهي. اهڙي طرح ابد وري اهڙي پڄاڻي آهي جنهن جي ڪا پڄاڻي نه آهي. پرار جي پڪار ته ٻُڌڻ ۾ اچي ٿي پراُڪارجو ڪو پهي پتو نه آهي.

    الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم،
    قالوبلى قلب سين، تڏهن تت چيوم،
    تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان.

    اهو ويڙهيچاڻو وچن ئي هو جنهن انسان کي دنيا جو اڳواڻ ڪيو، جنهن کيس ملائڪن جو مسجود ڪيو. سُرمارئي ۾ آدم جي تخليق ۽ روح جو جسم جي جامي قيد ٿيڻ جو قصو اظهاريل آهي ته هڪڙي آزاد وٿ ٻي معروضيت ۾ ڪيئن اچي قابو ٿي آهي ۽ ان قيد کي محسوس ڪندي اها مسلسل تڙپ ۽ تانگهه ۾ آهي. سندس اها تڙپ ۽ تانگهه کيس هرڻ ۽ هماءَ پکي واري همت عطا ڪري ٿي. قيد جي انهي ڪڙجڻ کي ڀٽائي هن ريت بيان ڪيو آهي؛

    قسمت قيد قوي، نه ته ڪير وهي هن ڪوٽ ۾،
    لکي آڻي لوح جي، هنڌ ڏيکاريم هي،
    پرچي ڪين پنهوارن ڏي، جان جُثو ۽ جي،
    راجا راضي ٿي، ته مارن ملي مارئي.

    اهو قيد قضا جو قيد آهي، رضا جي راند ناهي جنهن سان ڪير پنهنجي مرضيءَ سان ڪوئي هٿ چُراند ڪري.روح لطيف آهي. جسم ڪثيف آهي پر هڪٻئي لاءِ ٻئي لازم ملزوم آهن. جسم ۾ جيستائين روح جي رواني آهي تيستائين جيون جي جاوداني آهي. جڏهن ميا ماڳ ٿين ٿا ته پوءِ ڪوئي ڌڻي ڌوري ناهي هرڪو ڪڪ ٿي پورڻ، ساڙڻ، هوا۾ ٽنگڻ يا پاڻيءَ ۾ لوڙهڻ جي تيارين ۾ لڳي وڃي ٿو. جسم پنهنجي ايتريءَ بي بقائي جي باوجود روح جو ميزبان آهي. روح جڏهن ان ۾ اچي پڙلاءُ ڪري ٿو تڏهن ئي کيس اظهارملي ٿو. مارئي جي واتان ڀٽائي انهي روحاني رمز کي تمام گهڻي ڳوڙهائي سان ڳاتو آهي.
    سُرمارئي جو ٻيو تهه اٿلائجي ٿو ته ان ۾ فطرت جا ويءَ ۽ ولهار نظراچن ٿا جتي اٺي وراڻ ٿيندي آهي ته کينءَ واڌايون اينديون آهن ۽ ڪيئي اوڀڙ موريل ۽ نسريل نظرايندا جن ۾ رتا رڱتو ڦل به هوندا ته ساه کي سُرور ڏيندڙ خوشبو به محسوس ٿيندي.
    مارئي جي وطن جي نسبت سان ڀٽائي ٿرجي طبعي ڀاڱن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيئن : پائر، کائڙ، ڍٽ وغيره. پائرٿرجو اهو ڀاڱو آهي جيڪو ڪنٺي کان شروع ٿي پارڪر سان لڳي ٿو. مارئي جو ماڳ به انهي ڀاڱي ۾ آهي؛

    نڪو اير نه ڀير، نه ڪو اوٺي آئيو،
    مون وٽ آيو ڪونه ڪو، پائران ڀري پير،
    ڪتابتون ڪير، آڻي ڏيندم ان جون.

    ڍٽ ٿرجو اڀرنديون ڀاڱو آهي جنهن جي اتر ۾ کائڙ آهي.اولهه ۾ ڪنٺو ۽ مهراڻو آهن ته ڏکڻ ۾ پائرجو پلراڻو پٽ آهي. ڍٽ، ڍاٽ بنجي اڳتي هليو وڃي. قدرتي طبعي چرپرکي ڪا شئي روڪي نٿي سگهي. مليرجي انهن مڙني پٽن ۾ جيڪو ڀون مٿاڇروآهي تنهن تي ڪهڙا وڻ ٻُوٽا ٿين ٿا. مارو مال چارو ڪيئن پنهنجو جيون گهارين ٿا، ان بابت ڀٽائي وڏي وچور سان ذڪر ڪيو آهي. پپن، ڪونڊيرن، کهه، مکڻي، مانڌاڻي، کٻڙ، گولاڙن، لنب، ڪوريءَ، چيهي، ساڏوهين، ڦوڳ، ڪرڙ ۽ سڱر جو ذڪر ڪيو آهي. مارو ماڻهو جن جو گذران ٿڻ تي آهي يعني مالوند ماڻهو آهن سي ڪيئن حياتي گهارين ٿا. ڪهڙا ڀونگا ۽ ڀيڻيون سندن آستان آهن جي هو ڪوڪڙ ۽ ڪونڊير، سڱر ۽ سائون ۽ ٻيا ڏٿ کائي گذران ڪن ٿا پر ڪنهن آڏو هٿ نٿا ٽنگين. وطن جي ولين ۾ هو ويڙهيل آهن تنهنڪري سندن ڀرم ايئن بچيل آهي جيئن مارئي جي واتان ڀاروڙي جي ڀرم بچڻ جي دعا گهريل آهي. سندن واريءَ منجهه وٿاڻ آهن جيڪي ڀريا تُريا ڀاڻ آهن. انهن جي آبادي ۾ ويترسرهائي اچي ٿي جڏهن پلرجي پالوٽ سان سمورا نواڻ ڀرجي تار ٿي پون ٿا. پنهنجي مال جي ان ۽ ٻي اپت مان اهي پنهنجي روزمره جي کاپي جو به پورائو ڪن ٿا. سندن کوه ڪٿي کاراآهن ته ڪٿي مٺا آهن. انهن کوهن ۾ جڏهن پاتار جو پاڻي سُڪي وڃي ٿو ته مارو پنهنجو مال ڪاهي ٻين ويرن ۽ ويرين تي هليا وڃن ٿا.اتي ڀوڻ جو ڀڻڪو به ٻُڌڻ ۾ نٿو اچي. تڙ جي ٻنهي ڪنڌين وٽان پيل ستا سيٽ ڪاڙهي بٺ ۾ سڙندي نظر اچن ٿا. اها ويراني به مارئي کي اداس ڪري ٿي پر هوءَ تڏهن سرهي ٿئي ٿي، جڏهن ميگهه ملاري ٿيڻ کان پوءِ، سائين جي صورت جي مورت ۽ منڊ سان سڀ جڳ موهجي پوندو آهي ته مارو موٽي ايندا آهن. اها موٽ دنيا جي ڏکين ڀاکن مان رڳو ٿر ۾ آهي. اهڙي طرح انيڪ ورلاپ آهن جيڪي مارئي جي واتان، سچ، سونهن ۽ وطن سان وچن نباهه جا اهڃاڻ آهن. دنيا مان وطن جي تصورکي گلوبلائيزيشن جي تصور سان تڙي ڪڍيو ويو آهي ۽ ماڻهن ۾ هرهنڌ قبضي گيري جي هڪڙي نه پوري ٿيندڙ هٻڇ پيدا ٿي پيئي آهي. هيءَ دنيا مارڪيٽ جي ڇتي ڪتي جي وات ۾ ڏينهون ڏينهن ڳيتجندي ۽ ڳڙڪندي پيئي وڃي. روحانيت جي رمزن ۽ فطرت جي منظرڪشيءَ مان ڀٽائي جو هڪڙو اهڙو تصور اُڀري ٿو، جنهن ۾ هيڻي ۽ هاڻو طبقن جي ڳالهه آهي. مارئي هيڻي طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ عمرانهي هاڻو ذهنيت جو ڪارندو آهي جنهن سدائين دنيا کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ پيرن هيٺ لتاڙيو ۽ لوئيو آهي. اڄ به دنيا اهڙن عمرن سان ڀري پيئي آهي ۽ مارئي جو ڪرداردنيا ڀر ۾ هيڻائي جو ڏيک ڏئي ٿو. دنيا جا ڇٽ پٽ، پٽ کوه ۽ هڻ هڻان وارو ڏين ٿا. دنيا جو امن دمڙيءَ تي وڪامي رهيو آهي. هاڻو به همدرد هجڻ جو ڍونگ وارو ڍنگ ڪن پيا تڏهن ته جبلن ۾ وڃي جوت لڳي ۽ ڏونگرٻري ڏنءُ لڳو. بلاول نوراني جي درگاه تي بيگناه رت جي راند کيڏي ويئي آهي. ناني جي اسرار جا راز ۽ لاهوت لامڪان جون رمزون به اتي ئي آهن. اهڙا اڻ ڳڻيا تيرٿ تڪيا ساري سنڌ ۾ پرينءَ جي پاڇي جيان، هيڻن لوڪن کي پنهنجي هنج جي هيج ۾ سمائين ٿا. ڀٽائي به اهڙو لقاءُ آهي جتي سموري سنڌاچي گڏجي ٿي. سنڌ جي فڪري، ثقافتي، روحاني سڃاڻپ جو هي اهڃاڻ شل سندس بيتن، واين ۽ گهريل دعا وانگرآباد رهي.آمين.
    جهه سي لوڙائو ٿيا، جني ڀر رهن،
    مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو.


    عالم سڀ آباد ڪرين...!

    عالم سڀ آباد ڪرين...!

    ڪائنات جو سمورو مانڊاڻ ته سوچ کان به وسيع آهي جنهن جي وسعت جي ڪُشادي پيالي ۾ سموريون شيون فطرت پاران ويڪاند واري وڏي ماحول ۾ مسلسل روان دوان آهن. اهو سمورو وايو منڊل سٽادار سڻائي سرشتي سان جُڙيل آهي. رڳو انسان کي سوچ، عقل، ساڃهه ۽ علم جي صلاحيت ڏيئي مٿس چونڊ ڪرڻ جو ڳرو بار وڌو ويو آهي تنهنجي چُرپر سان جڳ جي جنسار ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو اهڙو ٻڙڌڪ وڌ کان وڌ متاثر به انسان کي ئي ڪري ٿو پر سندس هٻڇ کيس سُڌرڻ نٿي ڏئي. هو انيڪ غلطيون ۽ غلطا ڪندو رهي ٿو پر انهن مان سبق گهٽ پرائي ٿو. اهوئي سبب آهي جو ست ارب کان وڌيڪ آباديءَ واري دنيا، سمورين حرفتن ۽ حرڪتن، علميت جي دعويدارين سميت اڄ به امن لاءِ ماندي آهي پر امن جو اڇو پکي عالم جي دام ۾ نٿو اچي ڇوته منافعي خوري ۽ وسيلا لٽڻ واري لالچ انسان کان سچي ساڃهه کسي، انڌ جا کوپا اکين تي چاڙهي ڇڏيا آهن، تنهنڪري هو عالم جو امن به جنگين وسيلي آڻڻ جو خواهان آهي. جنگ وسيلي امن قائم ڪرڻ امن پسنديءَ جي ڪوڊ جي اُبتڙ آهي.
    عالم جي امن لاءِ دنيا ۾ ڪيئي طور طريقا آزمايا ويا آهن. هرهڪ نظريئي واري پنهنجي نظريئي کي ئي امن جو مُهري قرار ڏنو آهي پر سمورين جنگين باوجود دنيا ۾ اهو امن قائم ٿي نه سگهيو آهي، جڳ جنهن امن آشتيءَ جو ڳولائو آهي. ٽروجان لڙائي هجي يا مهاڀارت هجي، مذهبي جنگيون هجن يا وسيلن تي ويڙهاند هجي، اڄ تائين طاقت وسيلي امن قائم نه ٿي سگهيو آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته جمهوريت وسيلي عالم ۾ امن قائم ٿيندو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته سوشلزم امن عالم جي سوکڙي ڏيندي. ڪن جو خيال آهي ته سرمائيواد امن جي سپني کي ساڀيا ڪندي. ايئن ڪندي ڪندي، ڄاتل تاريخ جي دؤر ۾ به عالمي جنگيون لڳي چڪيون آهن جن کي دنيا ”مهاڀاري جنگيون“ سڏي ٿي. اهڙيون ٻه ڏيهان ڏيهي جنگيون لڳي چُڪيون آهن ته ٽين جنگ دنيا جي امن مٿان ”ڊيموڪلي جي تراڙ“ جيان لٽڪي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي جنگين کانپوءِ عالمي امن قائم ڪرڻ لاءِ قائم ٿيندڙ ادارن جي اثر پذيري گهٽجي ويئي آهي ۽ اهي ادارا جنگ بازن، عالمگيريت جي نوسربازن جي ور چڙهيل آهن. اها سموري نوسربازي، ۽ جنگي جنون وري منافعي خورن جي آکاڙي جو اهڙو ڦٽيل مرون بنيل آهي جن جي بُک بي انت آهي. سڄي دنيا بازار ۾ بدلي آهي پر اُها اُڃ اجهامي نٿي تنهنڪري دنيا جي امن جو ابهم پکي پر ڦڙڦڙائي پري پري ڀڄي رهيو آهي ۽ عالمگيريت واري ڪنهن به من ميري ڪوشش جي دام جي دام ۾ نٿو اچي ڇوته امن جو پکي ”عالم گيريت “ جي پڃري جو باندي ٿيڻ بدران ”عالم پسنديءَ “ جي آزاد فضا ۾ اُڏامندو آهي.
    عالم پسنديءَ وارو امن جو تصور لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ جي سنيهي ۾ پيش ڪيو آهي جنهن مان انسان جي اهنجن ايذائن جو علاج به ٿيندو ته فطرت جي ڦٽن تي به پها به رکجي ويندا. ڀٽائي جو امن جو تصور انسان دوست امن جو تصور آهي جنهن جي بگاڙ جو تصور به انسان جي سرگرمين سان ٿئي ٿو. انسان پنهنجي دنيا کي پاڻ دوزخ جي دونهين ۾ تبديل ڪيو آهي. لطيف سائين اهڙي اڇي پاڻيءَ جي لُڙاٽجڻ واري صورتحال کي محسوس ڪندي، سُر راڳ جي هڪ وائيءَ ۾ هن ريت فرمائي ٿو؛
    ڪنڌيءَ ساريان ڪان، يا امن امان
    يا الاهي ! ٻاجهه ٻيلاٽي ڀانيان
    ڳڻڻ ڳاڻيٽو ناهه ڪو، اپر ٿيا عصيان
    يا الاهي ! ٻاجهه ٻيلاٽي ڀانيان
    مديون پسي منهنجون شرمايا شيطان
    يا الاهي ! ٻاجهه ٻيلاٽي ڀانيان
    هن منهنجي حال تي، هئه هئه ڪن حيوان
    يا الاهي ! ٻاجهه ٻيلاٽي ڀانيان
    ولها سڀ ونهيان ڪيا، تنهنجي جود جوان.
    يا الاهي ! ٻاجهه ٻيلاٽي ڀانيان
    سندس محسوسات جي ڪيفيت ان ماڻهوءَ واري آهي جيڪو بدامني ۽ بي امنيءَ جي اهڙي اونهي اوهري جي ڪاري ڪُن جي لهرن ۽ لوڏن جي ور چڙهي ويو آهي ۽ پنهنجي وجود جي بقا لاءِ هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي. ٻُڏندي ٻوڙن ۾ هاتڪي هٿ پوڻ واري ان ڪيفيت ۾ ننڍڙي ٻيٽاري جو نظراچڻ به مالڪ جي ٻاجهه آهي. فطرت جي ٻاجهه جو اندازو ۽ احساس انسان کي سدائين آفتزدگيءَ واري صورتحال ۾ ٿيندو آهي. هن وقت به انساني چُرپُرجي پيدا ڪيل ڏڦيڙ جي تباهيءَ جو دائرو وسيع آهي. هو پنهنجي انهي عصيانپ جي اپارپڻي کي ڳڻي ڪانه ٿو سگهي.اهڙي حالت ۾ لطيف واليءَ کي وهلي واهر ڪرڻ جي گذارش ڪري ٿو. انسان جي کاتي ۾ ايتريون مديون آهن جو هو شيطان کي به ان ڊوڙ ۾ ماري ويو آهي. سندس اهڙي سنگين صورتحال تي حيوان تي به مٿو پٽي رهيا آهن. مالڪ جي سخا سُڃن کي سپڙ بنائي ڇڏيو آهي تنهنڪري اسان کي به امن جي عطا عطا ڪر. اسان تي هرحال ۾ پنهنجي ٻاجهه جي ڇانو ڪجان جيئن اسين ان گهري گرداب مان پار پئي، ڪنهن ٻيلاٽيءَ تي ئي پهچي سگهون. اهڙين حالتن ۾ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي لاڳاپا لاهي نڪرڻو پوندو تڏهن وڃي ڪو تريءَ تيل چڙهندو نه ته ڀنڀور جي باهه جهڪي ٿيڻ مشڪل آهي. لطيف فرمائي ٿو؛

    سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
    سپريان سين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ٿئي،
    هل هنين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار،
    قاصداڻي ڪار، ڪين رساڻي ڪيچ کي.

    ننگو ٿي نڪرڻ کانسواءِ جٽادار امن قائم ڪرڻ ڪٺن ڪم آهي. جيستائين جٽادار امن قائم نه ٿيندو تيستائين دنيا ۾ جٽادار ترقي ته ڇا انساني ترقيءَ جو تصور به ممڪن ناهي. ترقيءَ جي اُهڃاڻي وڏين عمارتن، منافعي خور منڊين، خان خاني خرچن سان ڪڇي نٿي سگهجي. انساني اوسر جي ڪڇ ويئٽ ۾ ڪيئي الک وٿون به اچي وڃن ٿيون جن ۾ من جي شانتي سڀ کان اهم آهي. منافعي خوريءَ جي خناس ماڻهوءَ جي من جي شانتيءَ کي تين وال ڪري، عالم جي امن کي تاراج ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري لطيف سائين جو اقتصادي ماڊل به فطرت جو ماڊل آهي جنهن ۾ وسيلن جي ورڇ چالاڪيءَ واري ڦُرلٽ بدران انساني ضرورت پٽاندر هجي ته فطرت جي وسعت انسان کي ڪڏهن به بُکيو ۽ ڏکيو رهڻ نه ڏيندي. هو فرمائي ٿو؛

    نڪا جهل نڪا پل، نڪو رائڙ ڏيهه ۾،
    آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گُل،
    مارو پاڻ امل، مليرون مرڪڻون.

    جهل پل جي پٽ کوهه کان دنيا جي آزاد ٿي مٿي اُسرندي ته پوءِ انسان ۾ چالاڪيءَ وسيلي، وسيلا ڦٻائڻ ۽ لُٽڻ واري ڪرت گهٽجي ويندي. انسان پاڻ ايترو ذهني طور انسان ٿي پوندا جو اهي ساٿي انسانن لاءِ اهو ئي ڀلو سمجهندا جيڪو پاڻ لاءِ ڀلو سمجهن ٿا. انسان ذات جي خول مان نڪري، اجتماعيت جي آکاڙي ۾ اچي بيهندو ته سندس دل کي ٻئي انسان لاءِ جيڪو ڌيڄو ايندو اهو ذات جي هوا روڪ ڏٻي ۾ بند ٿيل خود غرض انسان کي نه ايندو. لطيف انسانن لاءِ اهڙو فطرت پسند، امن پسند ۽ محبت تي ٻڌل سماج قائم ڪرڻ جو ڳولائو آهي جنهن ۾ سڀئي انسان پنهنجي پنهنجي انفراديت ۽ لڪل جوهر مطابق اُسري سگهن. ڪوبه ڪنهن جو حق ڦٻائي نه سگهي. هو اهڙي انسان دوست ”عالم پسنديءَ“ واري نظريئي جو پرچارڪ آهي جنهن ۾ نينهن اُڇل آهي؛
    هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇل،
    نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي.

    هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي گهڙجي نينهن،
    نه ڪا رات نه ڏينهن، سڀڪو پسي پرينءَ کي.

    هلو هلو ڪاڪ تڙين، چرو جت چڙهن،
    ڪوڙين رنگ رچن، پانوڙيءَ پڪ سين.

    ڪڪوريل ڪاڪ جو محبت ڀريو ماحول انسان کي امن ۽ آجپو عطا ڪري ٿو، جنهن ۾ انسان کي هٻڇ نه هوندي. هو ٻئي انسان جي ڀلي لاءِ سوچيندو. باهمي بقا وارو ماحول جُڙندو ۽ ماڻهو ماڻهو ٿي پوندو. جڳ ۾ ڪوئي ڦير ۽ ڦند نه رهندو. امن جو اهو نظريو انسان جي اندر اُجارڻ جو نظريو آهي جنهن ۾ فطرت پسندي سمايل آهي. لطيف جو هي سنيهو فطرت جي ڦرلٽ کان پري ڀڄندڙ اهڙو خيال آهي جيڪو انساني سرگرمين کي امن قائم ڪرڻ ڏانهن وٺي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جو بنياد طاقت تي نه پر اندر اُجارڻ تي آهي. انسان جي داخلي سگهه کي پنهجي اصلي جوهر ۾ نروار ڪرڻ سان آهي. طاقت وسيلي عالم ۾ امن قائم ڪرڻ وارو نظريو ڪي چڱا نتيجا ڏيئي نه سگهيو آهي. لطيف جو ڪاڪ تڙن جو تصورامن واري جڳ جو تصور آهي، جنهن ۾ ڪا جهل پل نه هوندي پر هرڪو پاڻ کي پاڻ جهلي ۽ پلي سگهڻ جي صلاحيت رکندو هوندو.ان دنيا ۾ محبت نپجندي ۽ چاهه جا چرو چڙهيل هوندا. پان جي رڱ واريءَ پِڪ سان ڪوڙين قرب جا رڱ رتل هوندا. لطيف سائين اهڙي امن ڀرئي جڳ جوڙڻ جي واٽ ڏسيندي هڪ وائيءَ ۾ فرمائي ٿو؛
    جاڳو يارا! جيڏيون، جيڏيون پاڻ پرنجي،
    جاڳئو جوشا جيڏيون، پاڻ پرنجي،
    هلندي حبيبن ڏي، ويلو وچ نه ڪجي.
    مٿا اُهس آسري، پتنگ جيئن پئجي.
    عرض احوال ان کي، چڱيءَ ڀت چئجي.
    نياز ڪري نڪڻين، واحد ڏي ورجي.
    آهي موت مڙن تي، گوڙيون ڪئو ٿو گجي.
    اجل ايندو ئي اوچتو جو سدا ٿو سُڄي.
    اڳئان اوندهيءَ جو، سمر ساڻ ڪجي.
    تان ڪي قوت قبر جو، گهڻو ٿو گهرجي.
    آگو عيب آنهنجا ڍڪئو ٿو ڍڪيا ڳجهه ٻُجهي.
    جيڪي وهي وجود ۾ صاحب سو سمجهي.
    ڊڄي ڊاءَ ڌڻيءَ جي جيڪو ڀئي ڀڄي.
    امن آهي اُن کي جو الله جي اجهي.

    زندگي اهڙي طرح وقت جي ڪئپسول اند گهمي ٿي. وقت جون سموريون شيون ان تي لاڳو ٿين ٿيون. ڪوبه وقت جي واريءَ کان مٿاهون ناهي. وقت وري ٿو ته واري ڏيئي ٿو ڇڏي. وقت وڃي ٿو ته واريءَ وارن يعني بادشاهن تان واري واري ٿو ڇڏي. اهي سڀ ڳالهيون هڪڙو پاڻهرتو ضابطو ڪندڙ خاڪو جوڙين ٿيون، جن مان لطيف جو صوفي صاف انسان نروار ٿئي ٿو ۽ اهوئي امن جي ضمانت آهي. ”لطيف جو ساڌ “ اندر اُجريل ساڌ آهي جيڪو مغربي فلسفين جي ”سُپرمين“ کان وڌيڪ سگهارو ۽ جٽادار آهي. ايئن لطيف جو امن سنيهو عالمگيريت بدران عالم پسنديءَ جو پيغام آهي جيڪو سنڌ جي سڪار سان گڏ عالم جي آباديءَ جي ڳالهه به ڳائي ٿو؛

    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.


    هل هنيين سين هوت ڏي... !

    هل هنيين سين هوت ڏي... !

    لطيف سائين جي سڪ ڀري سچ جي سنيهي ۾، عشق جي محور چوڌاري گهمندڙ جيڪي پيغام آهن تن ۾ انساني زندگي جي چاڙهي لاءِ وڏا چاڙهيڪا آهن جن وسيلي هو اڳتي وڌي سگهي ٿو. اهڙن پيارڀرين پيامن ۾ جدوجهد جو نيڪ نياپو به آهي. زندگي جدوجهد مان ئي اُسري ٿي. انسان ازل کان هڪڙي جدوجهد ۾ آهي جيڪا مسلسل آهي ڇاڪاڻ ته وقت مسلسل آهي. وقت هرشئي جا قدر مقرر ڪري ٿو. وقت ڪٿي به بيهي نٿو تنهنڪري زندگي به ڪٿي بيهي نٿي. هرشئي کي وقت جي جوڙجڪ جي پرک دريءَ مان لنگهڻو پوي ٿو. ڀٽائيءَ وٽ به جدوجهد ۽ جاکوڙ جو نيارو تصور آهي جيڪو وچن نباهه مان اُڀري ٿو ۽ وچن وابستگيءَ جو سرچشمو عشق آهي. لطيف سائين تڏهن ته جدوجهد لاءِ هيئن فرمايو آهي؛

    هل هنيين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار،
    قاصداڻي ڪار، ڪين رساڻي ڪيچ ڏي.

    سڀ کان پهرين ته هلڻ اهميت واري شئي آهي. هلڻ به هنيين سان. اهو هلڻ عام رواجي هلڻ کان هٽي ڪري آهي. روايتي هلڻ ته جسماني هلڻ آهي جنهن ۾ ڄنگهن وسيلي ماڻهو پنڌ ڪندو آهي پر جڏهن پيرين پنڌ وساري، ماڻهو هنيين سان هلڻ لڳندو آهي ته منزلون ۽ ماڳ اچي قدم ڇهندا آهن. هنيين سان هلڻ ئي اهم ڪم آهي. پيرن سان پنڌ ته هرڪو ڪندو آهي. پيرين پنڌ وساري جڏهن ماڻهو من جي دنيا ۾ متحرڪ ٿيندو آهي تڏهن ئي سندس پنڌ ڪجهه نه ڪجهه پراپت ڪري سگهندو.
    لطيف سائين جي مختلف سُرن ۾ جدوجهد جي منظرڪشي ڪيل آهي ته جدوجهد ڇا ٿئي ٿي؟جدوجهد ڪيئن ٿئي ٿي؟ جدوجهد ڇو ڪئي وڃي ٿي؟ جدوجهد انساني زندگي توڙي فطرت جو هڪ اهڙو مظهرآهي جيڪو ازل کان جيئن جو تيئن جاري ۽ ساري آهي. ڪائنات جي تخليق جي هر چرپر ۾ جدوجهد ئي جدوجهد نظر اچي ٿي. هر ذرو ذرو جنهن تحرڪ جي تپت سان متحرڪ آهي اهائي وٿ جدوجهد جو اصل جو جوهرآهي. فرد جدوجهد ڪندا آهن ته نيون دريافتون ٿي پونديون آهن. فردن جي جدوجهد سان ڪيئي زندگيون بدلجي پونديون آهن. فردن جي جدوجهد جڏهن قومن جي جدوجهد ۾ تبديل ٿئي ٿي ته پوءِ انهن قومن جي تقدير بدلجي وڃي ٿي. اهڙيون قومون اونداهي دؤر مان نڪري روشنيءَ جا راهه نه رڳو پاڻ اختيار ڪن ٿيون پر ٻين قومن لاءِ روشن مثال ۽ سونهون ٿي پون ٿيون. ڪائنات جو سمورو مانڊاڻ مسلسل جدوجهد ۽ حرڪت ۾ آهي. سائنس وارا به اهو چون ٿا ته ڪائنات مسلسل متحرڪ ۽ ڦهلجندڙ آهي. اهو ڦهلاءُ ئي جدوجهد آهي. انساني سماجن ۾ به جدوجهد جا ڪيئي روپ رائج رهيا آهن جن کي ٻين قومن مثال بنائي پنهنجو پاڻ کي زماني ۾ ڪجهه وکون اڳتي ڪيو. انسان جي سرجڻهاري به جدوجهد جي اهڃاڻن کي اظهاري ٿي. جدوجهد جي انساني تحرڪ پويان ڄاڻ جو تحرڪ آهي. انسان جڏهن به ڪا شئي ٺاڻي وٺي ٿو ۽ پوءِ جدوجهد ڪري ٿو ته پوءِ ڪاميابيءَ جي ڌاڻي ڌائڻ (هدف تي پهچڻ) کانئس پري ناهي. باقي ڪنهن به منزل کي آخري منزل چئي نٿو سگهجي، هر منزل پنهنجي پر ۾ پنڌ جو هڪڙو پٿر آهي جنهن کي انسانيت پار ڪري اڳتي وڌي ٿي ته ان کي منزل سمجهي ٿي. انساني ارتقا ۽ ترقي اُسرندڙ ۽ واڌ ويجهه کائيندڙ عمل آهن جن جو رخ لوڏا لما کائيندو رهي ٿو پر انهن جي ويراوير وڌ کان ڪوئي انڪار نٿو ڪري سگهي. ڀٽائي سسئي جي سڀني سُرن، سُر مارئي، سُر سارنگ، سُر گهاتو، سُر ڪاپائتي، سُر سهڻي سميت سڀني سُرن ۾ جدوجهد جي جاڳرتا جي وائي ورنائي آهي. ڀٽائي جو ڀرم ڀريو خيال وقت جي وير سان گڏ هلي ٿو تنهنڪري اهو ڪٿي بيهي نٿو ۽ جتي چاهي ٿو اُتي هو زماني مڪاني محدوديتن مان ڪنڌ ڪڍائي اڳتي نڪري ٿو. زندگي سندس نظر۾ جدوجهد جي لوچ سامهون مختصر آهي؛

    جا ڀون پيرين مون، سا ڀُون مٿي سڄڻين،
    ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسون،
    ڏينهن مڙئي ڏون اُٿي لوچ لطيف چئي.

    اچڻ ۽ وڃڻ جي ٻن ڏينهن تي مشتمل زندگي لطيف جي نظر ۾ تمام مختصر آهي. زندگي جي انهن ٻن ڏينهن جي وچ وارو عرصو هر ماڻهو جو الڳ الڳ ٿئي ٿو ۽ انهي عرصي ۾ وري انسان وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي مرضيءَ جي چونڊ سان ڪوئي ڪم ڪرڻ جو عرصو بنهه مختصر ٿئي. اهڙي ماجرا کي ڏسندي لطيف سائين مسلسل جدوجهد جو سڏ ڏئي ٿو؛

    ٿڪيائي ٿرٿيل، چڙهه چُڪيائي چوٽيين،
    هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀئو مڙئي ڀيل،
    اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.

    ٿڪجڻ باوجود ٿر ٿيلهڻ، چُڪي رهڻ باوجود چوٽين چڙهن همت وارن جو ڪم آهي. هوت پنهون ڏانهن هلندي سمورا خوف خطرا دور ٿيڻ گهرجن. رائو ريلڻ وارن جا قدم اچي منزلون چُمنديون آهن. لوچڻ ئي لهڻ جو پيچروآهي جنهن تي پيار سان جيڪي پنڌ ڪندا آهن سي ئي لالڻ لهندا آهن. ڏوريندڙ ئي عجيبن جي اڱڻ جا مُک مهمان ٿيندا آهن. لوچي لهڻ جو پنهنجو مزو آهي. کامڻ، پچڻ، پڄرڻ کانپوءِ لُڇڻ ۽ لوچڻ آهي. لوچيندڙن لاءِ لطيف سائين هن ريت فرمايو آهي؛
    لوچين سي لهن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي،
    ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.

    جدوجهد جي انهي جيءُ جهوريندڙ پنڌ ۾ ارادي جي پُختگي ۽ ثابت قدميءَ جو پنهنجو ڪردار جيڪو وچن وابستگيءَ جي ٻنڌڻ مان اُپجي ٿو. جن جو ارادو پڪو هوندو اهي ئي ڪنهن ماڳ ڀيڙا ٿيندا. لڏندڙ ارادي وارا اڌ ۾ گم ٿي وڃن ٿا. سندرا ٻڌي اهي تيار ٿيندا آهن جن کي وندر وڃڻو هوندو آهي. باقي جن جو ارادو ڪچو هوندو آهي اُهي ٻڌل سندرا ڇوڙي ڇڏيندا تنهنڪري اهي سندرا ٻڌي ڇا ڪندا. ڀٽائيءَ جي لفظن ۾؛

    وندر جي وڃن، سي مَر ٻڌن سندرا،
    ٻيون ڪوهه ٻڌن، ڇوڙي جي ڇڏينديون.

    سندرو ٻڌڻ جدوجهد جو اُهڃاڻ آهي. سندرو ڇوڙڻ ٿڪجي ويهي رهڻ جي نشاني آهي. سندرو ملهه راند ۾ پهلوانن جي چيلهه تي ٻڌو ويندو آهي جنهن ۾ هڪٻئي کي ٻک وجهي ملهه پهلوان راند ڪندا آهن، جنهن جو سندرو جيترو مضبوط هوندو ته اهو اوترو وڌيڪ ڄمي بيهندو. سندرو جهيڙي ۽ جنگ ۾ به ٻڌو ويندو هو. هي عمل سنڌي دفاعي علم جي دستور جو پُراڻو انگ لڳي ٿو، جنهن جي هن وقت شڪل فوجين کي چيلهه تي ٻڌل پٽي مان سمجهي سگهجي ٿي. سندرو کيڏندڙ کي ٿڪجڻ نٿو ڏيئي پوءِ اها ڪا راند جي راند هجي يا وري بادشاهي جهيڙو جهٽو. ٻنهي صورتن ۾ سندرو ڪارائتو اُپاءُ آهي. جدوجهد جاڳڻ جو نالو آهي؛

    سُتي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرينءَ جي،
    وهامي ويندياءِ، گهڻا هڻندين هٿڙا.
    وقت وهامندو وڃي پيو يعني اهو ڪٿي به ساهي نٿو پٽي. وقت کي نه بيهاري سگهجي ٿو نه وري ان کي روڪي سگهجي ٿو، تنهنڪري وقت جي رفتار جي روشنيءَ ۾ هلڻ غنيمت آهي. ڀٽائي جا کاهوڙي توڙي رامڪليءَ جا جوڳي مسلسل پنڌ جا ڳولائو آهن ،کاهوڙي ڇپر جا سونهان هوندا آهن. ڇپر کين سنيون سُڌيون ڏيندو آهي. اهي کاهوڙي اهڙا ڏوٿي اهن جيڪي اڻ ڏٺل ڌرتيون ڏورين ٿا. ڏورڻ جي ان ڏاکڙي ۾ اهي سموريون سختيون جيءُ ڪري سهن ٿا؛

    ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سُئي نه ٻُڌي،
    پاسا مٿي پاهڻين کاهوڙي کوڙين،
    وئا تت ووڙين، جت نهايت ناه ڪا.

    ان نموني اهي پرانهان پنڌ ڏورڻ ئي جدوجهد جو نالو آهي جنهن سان انساني تاريخ جا ورق چٽيل آهن. جدوجهد جا ڪيترائي رُخ آهن ڪيترائي رڱ روپ آهن پر سڀ کان ڏکي جدوجهد پنهنجو پاڻ سان آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجي پاڻ کي ٺامچي ۾ رکڻو ٿو پوي جيئن اهو هرڪنهن لقاءَ کي متواز ۽ ٽياڪر نگاه سان ڏسي سگهي. اهڙين حالتن ۾ ماڻهو ڄڻ پاڻ وساري وهي ٿو. پاڻ وسارڻ کانپوءِ جيڪا جاکوڙ ۽ جدوجهد ٿئي ٿي اها جدوجهد ئي سچي جستجو آهي. ڀٽائي اهڙي جدوجهد کي سُرسهڻي ۾ هن ريت ڳايو آهي؛

    پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، رءِ وسيلي وڌ،
    لالڻ تني لَڌُ، عشق جني جي اڳ ۾.

    پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ،
    عشق ساڻ اُٺاءِ، پريان جي پار ڏي.

    پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، رءِ وسيلي وڃ،
    ڀيلو ڀيري ڀڃ، اُڪنڊ کڻ عميق جي.
    عشق اڳ ۾ امام ڪري اڳتي وڌڻ ئي لالڻ جي لاڀ جو ضامن آهي. عشق سان جيڪو پير ماڻهو کڻي ٿو، اهو پير اڪارٿ نٿو وڃي. جدوجهد پڪي ارادي سان ڪئي وڃي ته ان ۾ ڪوبه ڪچو سهارو کڻڻ جي ضرورت ناهي. ڀيلو ڀيري ڀڃڻ گهرجي. ڀُتي مڪڙي ڪڏهن نه ڀاڙڻ گهرجي. لطيف سائين جي جدوجهد جو اهو سنيهو مسلسل جدوجهد جو ڏس ڏئي ٿو، جنهن ۾ ٿڪجڻ جو ڪو تصور ناهي. چُڪي وچ ۾ ويهي رهڻ جو تصور ناهي. لوچي لهڻ جي ريت هنڊائڻي آهي. عشق کي آڳهه ۾ ڪري ان جي پُٺيءَ هلڻو آهي ته سڀئي ڪم سولا ٿي پوندا. جدوجهد جو اعلى روپ اهو آهي ته پاڻ وساري اڳتي وڌڻو آهي. خود سپردگيءَ جي اهڙي ريت منزلن کي موهيندي آهي. ڀٽائي پنهنجي اظهار ۾ ٻوليءَ جا به واهڙ وهائي ٿو جن ۾ ٿڪيائي (ٿڪجي پيل)، ٿرٿيلهڻ (وارياسي علائقي جو ڏکيو پنڌ)، چُڪيائي (ٿڪي ٽٽي پورو ٿيل) لوچڻ (اندر جي اڻ تڻ جيڪا ماڻهوءَ کي متحرڪ ڪري ٿي) وهامي وڃڻ (پاڻئي گذري وڃڻ يا کپي وڃڻ)، ڀيلو (ڪچو رهجي ويل، اڌ پڪو)، اُڪنڊ (اُڪير، ڇڪيندڙ سڪ)، عميق (اونهو)، سندرو (چيلهه بند)، پاهڻ (جبل)، جُوءِ (سيم، جهنگ) ڏوٿي (ڏُٿ ڪندڙ) جهڙا ٻهڳڻ ٻول استعمال ڪندي، ڳالهه کي پڌري پٽ رکي ٿو جيئن هرڪو ماڻهو ان ڳالهه کي سولائيءَ سان سمجهي سگهي.


    صبر جني سينڱ... !

    صبر جني سينڱ... !

    انسان کي الله سائينءَ ڌرتيءَ تي پنهنجو خليفو ڪري اماڻيو ۽ کيس علم جي اعلى ڏات ڏني. انهي ڏات وسيلي هن پنهنجي منصب کي اڳتي وڌائڻ ۽ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهي ڪوشش ۾ هو جُڳن کان لڳو پيو آهي ۽ سندس جاکوڙ جاري آهي. علم جي انهي ازلي وٿ کي ماڻهو عقل به چوي ٿو ته گيان جي نالي سان ڌيان ۾ آڻيندي انهي ڏيج کي وگيان جي وهنوارهيٺ به پرکي ۽ پروڙي ٿو. اها پرک ۽ پروڙ به ارتقائي چاڙهي جي حوالي آهي. انسان کي علم جي اها ايڏي وڏي ڏات عطا ٿي جو هو ملائڪن جو مسجود به بنيو. علم جي انهي کٿوريءَ کي هو مختلف نالا ڏيئي هو پنهنجي انهي پنڌ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. سندس پنڌ جيڪو فطرت جي گوناگوني ۽ ماءُ جهڙي سمجهائڻ واري علم کان شروع ٿيو هو سو منطق جي مهري سان فلسفي جي اُکريءَ ۾ ڇڙجي صورت مٽائيندو، مذهب جي مذڪور مان پرت جو پلر پيئندو اچي سائنس جي تجربي واري ڪسوٽي تان گهور ٿيندو اچي حرفت جي هندوري ۾ لُڏڻ لڳو آهي. اڃا اهو ڪٿي وڃي دنگ ڪندو، ان جي ڪا به خبر ناهي. پرار جي پڪار جي ڪا خبر ناهي. انسان تک تار جون سموريون منزلون طئي ڪندو، هليو پيو وڃي. منهنجي خيال ۾ انسان جي زندگيءَ ۾ ڪا به منزل ناهي. هو اقبال جي ٻوليءَ ۾ ”راه نورد شوق “ آهي جنهن جي ڪنهن منزل تي اک نٿي ٻُڏي. هو بنا ڪنهن ساهيءَ جي هلندو رهي ٿو. جن نقطن کي هو منزل سڏي ٿو اهي منزلون نه آهن پر ڪنهن اڄاتي منزل ڏانهن وڌنڌڙ گامن جا گردآلود نشان آهن. انسان جي ڄاتل تاريخ اهڙن قدمن جي نشانن سان ڀري پيئي آهي. انسان جي سموري چُرپُرکي ڏسندي جڏهن تاريخ جي پنن تي نظرڊوڙائجي ٿي ته انسان جي هڻ وٺ ۽ هوڙائي به نطراچي ٿي. هوڙائي مان هن ڪيتريون اهڙيون حرڪتون ڪيون آهن جيڪي سندس من جي ماجرا کي بيان ڪن ٿيون. سندس اوائلي چُرپُر ۽ هوران کوران کي ڏسجي ٿو ته هو هڪ طرف ناشڪرو نظراچي ٿو ته ٻئي طرف سندس دامن تي بي صبرائيءَ جا ڪيترائي نقش نظرايندا. انهن اوڻاين کيس لانجهو ڪري وڌو آهي ۽ هو پنهنجي حرڪت ۾ انهن اوڻاين جي ڪري، رڪجي به پوي ٿو. اهڙي رڪاوٽ کي هو قرباني سان دور ڪري ٿو يا وري صبر جي سينڱ سان، پنهنجي منزل ڏانهن وڌي ٿو. تڏهن ته چيو ويو آهي؛

    صبر جني سينڱ، تير نه گُسي تن جو.

    ڪي درويش هن لفظ سيڱ کي سيرڪري به پڙهندا آهن جيڪو درست ناهي. سينڱ انهن جي ئي سدائين سُٺا نشانا چٽيندي رهي آهي جن وٽ صبر جي شمشير آهي جنهن سان هنن ڪيني کي ڪوري ڪڍي ڇڏيو آهي. ڀٽائي به صبر جي ڳالهه زورائتي انداز ۾ ڪندي، صبرکي نه رڳو سينڱ بنائڻ جي صلاح ڏني پرصبر جي باري ۾ هن ريت به چئي ڏنو؛
    کم کمندن کٽيو، هارايو هُوڙن،
    چکيو نه چوندن، هو جو ساءُ صبر جو.

    صبر جو ساءُ اهڙو سوادي ذائقو آهي جيڪو چوندڙن يا بي صبرن ۽ دانهون ڪندڙن نه چکيو آهي. سنتوش جي اهڙي ساءَ کي ڪيئن بيان ڪجي؟ صبر ڇاکي ٿو چئجي؟ ڇا صبر ڪنهن بي همتيءَ جو نالو ته ناهي؟ اهي سڀئي اهڙا سوال آهن جيڪي ڳوليندي پروڙ پوي ٿي ته صبر انسان جي انهي اُتم ذهني صلاحيت جو نالو آهي، جنهن وسيلي هو پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ واري جذبي کي رضاڪاڻي ۽ فطري نموني وس هيٺ رکي ٿو. صبرسهپ جي ان مٿاهين پد جو نالو آهي جنهن جو سنڌ ۾ عظيم مثال شاه ڪريم بُلڙيءَ واري جو آهي. سهپ جو مثال نيلسن منڊيلا جو آهي جنهن پنهنجي زندگيءَ جا سون ورنا 26 سال قوم خاطر سختيون ڪاٽيون. اهڙي طرح دنيا ۾ کوڙ سارا صبر جي سينڱ جا جيئرا جاڳندا مثال آهن. اهڙن مثالن کي پنهنجي ذهن ۾ کڻي دنيا پنهنجي اڻ ڏٺي، اڻ ڄاتي مستقبل ڏانهن پيرڙا ڀري رهي آهي. صبر يا سنتوش انساني مزاج جي ”مطمئن نفس“ جو گُڻ آهي.
    هن گڻ بابت ڪبير به پنهنجي ٻول ۾ ٻهڳڻ ٻولي، ٻولي آهي؛
    چاه گئي، چنتا مٽي، منوا بي پرواه،
    جن ڪو ڪُڇ نه چاهيئي وي هي ساهنساه.
    من جو موهه ويو. موهه وڃڻ جي ڪري سموري چنتا يا ڳڻتي به ختم ٿي ويئي ۽ من بي پرواهه بنجي ويو. جن کي ڪجهه به نه گهرجي اهي ئي شاهن جا شاهه آهن. سندن بادشاهي، بيپرواهي آهي جنهن کي ڪو به لهر لوڏو ناهي. مڱڻ يا گُهرڻ به ڪو چڱو ڪم ناهي. جيڪي مڱڻ جي مهم ۾ لڳل هوندا آهن، سي مري ويندا آهن. روحاني طور مئل ئي مڱڻ ويندا آهن. انهن کان به پهرين اهي مرندا آهن جيڪي ”ڏيڻ“ کي ”هئڻ“ تي انڪار ڪندا آهن.
    اهڙي ڳالهه ڳرهيندي، ڪبير هن ريت اظهاري ٿو؛
    مانگن گئي سو مررهي، مري سو مانگن جانهن،
    تن سي پهلي وي مري، هوت ڪهت جو نانهن.
    جيڪي هوندي سوندي به انڪاري هوندا آهن سي يقينن سڀني کان اڳي مري ويندا آهن.غالب به ”جان“ گهورڻ کي ”حق ادا ٿيڻ “ نٿو چئي ڇو ته سندس خيال ۾ جان جنهن جي ڏنل هئي تنهن کي ڏني ته ڇا ٿي پيو.
    ڀٽائي به ”واري واري سسي وڍڻ“ جي تند تنواروڄائي آهي؛

    مٿي اُتي منهنجي، جي هجن سر هزار،
    واري واري وڍيان سسيءَ کي سئو وار،
    تهان ئي تند تنوار، مونهان مٿاهون مڱڻا.

    تند تنوار جي انهي راز جي رون رون به جن کي سمجهه ۾ آئي تن جا وارا نيارا ٿي ويا. دنيا جي دولت ته ڪي ڪين آهي. دنيا جو سڀئي وٿون امانت آهن جن جو جٽاءُ ڪنهن وٽ به ناهي. جڳ جي جڳمڳ ڀلوڙ آهي پران جو ڪارج هڪڙي مخصوص زماني مڪاني ڍانچي ۾ آهي. دنيا جا سڀئي ڌن جن لاءِ سموري دنيا مٿي ۾ ڌوڙ وجهي، انڌ جي گهوڙي تي سراڙي ۾ سهڪي رهي آهي تن کان صبر جو ڌن مها ملهه آهي. جڏهن صبر جي سُرڪي سري ٿي ته پوءِ سڀئي ڌن ڌوڙ ٿي وڃن ٿا؛
    گوڌن، گج ڌن، باج ڌن، اور رتن ڌن ڪي کان
    جب آوي سنتوش ڌن، سب ڌن ڌوڙ سمان.
    ڳائي مال جوڌن، هاٿين جي ولرن جو ڌن، تازي گهوڙن جو ڌن ۽ هيرن جواهرن جي ڀريل کاڻ جو ڌن تڏهن اڪارٿ لڳن ٿا، جڏهن صبرجو ڌن ڪنهنجي من ۾ واس ڪري ٿو. سمورا انساني رويا انساني ڪيفيتن ۽ احساسن مان جنم وٺن ٿا. ڌن جي من ۾ بُک اهڙي انساني نفسياتي رويي جو نالو آهي جنهن جي کڏ ڀرجڻي ناهي. تڏهن ته دنيا جا شاهوڪار ترين ماڻهو به بکين جيان ڌن دولت پويان ڇتا تي ڪاهي پيا آهن. چوڻي آهي ته انساني کوپڙي اونڌي آهي، ڀرجڻ جي ناهي. انهي اونڌي کوپڙي کي سڌو سنئون رکڻ جو نالو صبرآهي.
    ماڻهو پنهنجي لاءِ دنيا ۾ دردر ڀٽڪي ٿو. پني ٿو. مڱي ٿو. هرڪنهن اڳيان سوالي ٿي بيهي ٿو. ايئن پنهنجي لاءِ گهرڻ درست ناهي. اهو ڪم ته هرڪو ڪري ٿو ڪير ٻين لاءِ به گهري ڏسي. ٻين لاءِ به جي ڏسي. جيڪي ٻين لاءِ جلي سُهائو پکيڙين ٿا تن تا لکين پتنگا گهور ٿين ٿا. ٻين ڪارڻ زندگي گهارڻ کي ڪبير به اُتم ڪم سمجهي ٿو. پنهنجي لاءِ ته هرڪو جيون گهاري ٿو ٻين ڪاڻ جيئڻ انسانيت جي ضرورت آهي. ڪبير پنهنجي لاءِ ڪجهه گهرڻ کي مناسب نٿو سمجهي پر ٻين لاءِ هو اهڙي قرباني ڏيڻ لاءِ تيارآهي؛
    مرجائون مانگون نهين، اپني تن ڪي ڪاج
    پرمارٿ ڪي ڪارڻي موهي نه آوت لاج
    ٻين ڪاڻ حياتي گهارڻ ۽ صبر جي سامان سان انساني زندگي سولي ٿي پوي ٿي ۽ انهي ۾ هڪڙو ڌيرج اچي وڃي ٿو. اهڙي ڌيرج مان جيڪو لاڀ ملي ٿو، تنهنجي تورتڪ ڪري ئي نٿي سگهجي. بي صبري ۽ خود غرضي مان ڪا وٽوا سٽوا ڪانهي. ڪبير پنهنجي من کي ڌيرج جو دستور سمجهائيندي، انتهائي خوبصورت مثال سان سمجهائي ٿو؛
    ڌيري ڌيري ري منوا، ڌيري سب ڪُڇ هوءِ
    مالي سينچي سو گهرا رُت آوي ڦل هوءِ.
    اي مستانا من سڀ ڪي ڌيرج سان ڪر. ڌيرج سان ئي سڀ ڪجهه پلئي پوندو. مالي سوين گهڙا پاڻيءَ جا ڏي ٿو تڏهن وڃي رُت اچڻ کانپوءِ وڻ ۾ ميوو ٿئي ٿو. ڌيرج يا مستقل مزاجيءَ جو ڦل اهڙو سوادي ۽ مٺو آهي. ڌيرج جي ڪري هاٿيءَ کي مڻ اناج ملندو آهي. ڪُتو هڪڙي ٽڪر لاءِ دردر ڀٽڪندو آهي. مستقل مزاجي يا ڌيرج انساني زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪبير انهي خيال کي هن ريت اُڪلايو آهي؛
    ڪبيرا ڌيرج ڪي ڌري، هاٿي من ڀر کائي،
    ٽوڪ ايڪ ڪي ڪارني، سوان گهرگهر جائي.
    انسان جي ذهن ۾ ايتري اتم صلاحيت ۽ شڪتي آهي جنهن جي کيس به خبر ناهي. انساني ذهني صلاحيت مان ئي سندس زندگيءَ جو ٻوٽو نروار ٿئي ٿو، جيڪو وڌي وڻ ٿئي ٿو ۽ ميوا جهلي ٿو. اهي ميوا به انهن ڪيفيتن مان رس کڻن ٿا جيڪي ذهن ۾ موجزن هونديون آهن. سمورا انساني رويا انهن ڪيفيتن جو ڦل آهن. ميوي جو کارو يا مٺو ٿيڻ به اتان ئي ٿئي ٿو. صبر جو سوم رس جن پيتو آهي، تن کي ئي خبر هوندي ته ان جو ذائقو ڪهڙو آهي، جيڪي جانورن جيان بي صبريءَ جي بٺيءَ ۾ سڄو ڏينهن تڙپن ۽ ترسن پيا، تن کي ڪهڙي خبرته صبر جو ساءُ ڪهڙي شئي آهي. انساني زندگي ۾ جيڪا بي صبري ۽ ناشڪري جهڙي اونائي آهي ان کي جي اڙانگي ارڙ نانگ کي ماڻهو صبر جي شمشير سان قتلام ڪري، قرباني جي ڪونتل تي هسوار ٿي پنهنجي پنڌ ڏانهن سولي ڪنڌ وڃي سگهي ٿو. صبر جي انهي سهوليتڪاريءَ سان ئي ماڻهوءَ جي آگهي ٿيڻي آهي. لاهوت جو پنڌ ڪندڙن ۾ نالو به تڏهن ئي لکبو جڏهن صبر جا سموراسبق پرهائي پنهنجي من کي پاٺو ڪبو. من جي اهڙي پرت پاٺڪ روپ کي سهپ جي پڙهايل سبقن جو سرنامو صبر آهي جنهن جي سواد ۽ ساءَ جي سمڪ به انهن کي ئي هوندي جن کي اها املهه سکيا سري هوندي ۽ نعمت نصيب ٿي هوندي.
    نمي کمي نهار تون، ڏمر ڏولائو،
    ٿئي ساڃائو، جي اُڀيين انهي پير تي.
    (ڀٽائي)


    هلڻ ناهه حسن ري... !

    هلڻ ناهه حسن ري... !

    حُسن ڪائنات جي انهن بنيادي تصورن مان هڪ اهڙو تصور آهي جيڪو اڪٿ آهي، جنهن جي ڪا به وصف ڪانهي يا وري هرڪنهن وٽ پنهنجي الڳ ٿلڳ ۽ نرالي وصف آهي. حسن جي تعريف جيڪڏهن ممڪن ناهي ته پوءِ حسن جانان جي ڳالهه کي ته لفظن ۾ ڪري نٿو سگهجي. پرينءَ جا ڪهڙا پار آهن، اهو چئي چئجي ڪيترو؟ ڳالهه ڳوڙهي ۽ ڳري آهي سڀ تفصيل سلڻ کانپوءِ به ڳالهه جو ڳارو ڳجهو رهي ٿو. ان جي باوجود اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪائنات حسين آهي. انسان به ڪائنات جي ڪارسازيءَ ۾ قدرت جي گلدستي جو هڪڙو حسين گُل آهي. ان جي رويئي کي به اهڙو حسين ئي هئڻ گهرجي تڏهن فطرت جي حسن جي ڪنهن حد تائين رکوالي ٿي سگهندي. دنيا هن وقت جنهن ڏاڪي تي اچي چڙهي آهي اُتي ڪجهه اهڙيون قوتون توڙي خوف خطرا دنيا کي ڏاڪڻ جيان ورائي ويا آهن. ”ڏاڪڻ “ هڪ اهڙو ديومالائي مرون آهي جيڪو غيرمحسوس طريقي سان واردات ڪندو آهي جنهن دوران هو اگهور سُتل ۽ اٻوجهن جي پيرن کي چٽي، کين گهيراٽي وجهندو آهي ۽ پوءِ هڪ ڌڪ سان سندن شريف عضون کي کائي هليو ويندو آهي. ڏاڪڻ سنڌيءَ ۾ مونث آهي. پهاڪو آهي ته ”ڏاڪڻ ۽ گهوڙي چڙهي“ يعني هڪ ته خونخوار مٿان کيس طاقت ۽ تيز رفتاري ملي ته پوءِ خلق جو خير ڪانهي. هن وقت دنيا جا حالات به ڪجهه اهڙا آهن جو ڪيئي ڏاڪڻيون آهن جيڪي گهوڙيسوار به آهن. سوين ائٽمي هٿيار” وارهيڊس“ تي چاڙهيا تيار ٿيا پيا آهن. مشينن ايتري ترقي ڪئي آهي جو انساني صلاحيت ۽ سگهه ان جي سامهون پوڻي پوندي محسوس ٿئي ٿي. دنيا ۾ ”غربت“ ۽ ”آبهوائي“ ٻڙڌڪ سميت ڪيتريون ئي آفتزدگيون ڪرکنيو، انسانيت کي دڙڪائين پيون. اهي سڀئي ڏاڪڻيون نه آهن ته ڇا آهن؟ انسان انهن مان ڪيتريون آپدائون پاڻ پنهنجي هٿن سان ٺاهيون آهن پر هاڻي هو پريشان آهي ته انهن مان ڪيئن هٿ ڪڍرائي؟ کيس گهٽي نٿي سُجهي. وٽس ڪا واهه ڪانهي. ان ڪري انڌ جي گهوڙي تي سوار آهي ۽ فطرت جي حسين چهري کي ٻنهي هٿن سان بدصورت ڪرڻ جي ڪرت ۾ چاهيندي نه چاهيندي لڳو پيو آهي. هوئنن ته انسان کي تخليق جو منبع ازلي حُسن آهي جنهن کيس اهڙو خوبصورت ۽ سٻاجهو ڪري جوڙيو آهي جو هن جو خمير ”احسن تقويم “ مان جُڙيل آهي. انسان کي موٽي به انهي ازلي حسن ڏانهن وڃڻو آهي، جتي حسن جي ضرورت آهي، جتي بدصورتي عيب آهي. انسان اهڙو ڪو به ٽڪو پاڻ تي سجائي، موٽڻ پسند ڪڏهن به نه ڪندو جنهن سان سندس دامن داغدار هجي. لطيف ان خيال کي هنن لفظن جو روپ ڏنو آهي؛

    سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،
    وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهي حسن ري.

    دنيا حسين آهي. انهي حسن جو رکوالو به انسان آهي ته بگاڙيندڙ به انسان. ان تناظر ۾ اچو ته ڏسون ته عصري تقاضائون ڪهڙيون آهن؟ ۽ لطيف جو پُرلطف پيغام، ان ڏسن ۾ ڪهڙي لطيف رهنمائي ٿو ڪري؟
    هي دؤر ”ڊجيٽلائيزيشن “ جو دؤر آهي، جنهن کي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر به سڏيو وڃي ٿو ته ڪمپيوٽر جو دؤر به ڪوٺيو وڃي ٿو. دنيا هن دؤر ۾ پير پائڻ کان اڳي زراعتي مالداريءَ واري دؤر مان گذري آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ ٻوٽن ۽ جانورن کي گهروٿڙو بنائڻ کان وٺي، انهن مان مختلف قسمن جي اُپت به حاصل ڪئي. ايئن هو زرعي مالداريءَ مان نڪري صنعتڪاريءَ جي پڙ ۾ پهتو جتي هن انساني پورهئي وسيلي قدرتي وسيلن مان مال ٺاهڻ شروع ڪيو ۽ ان کي وڪڻي نفعو ڪمائڻ شروع ڪيو. نفعي جي ڊوڙ ۾ انسان ايترو ته هٻڇي ٿي ڊوڙيو جو هن سموري دنيا کي ڀري بازار ۾ تبديل ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو. انساني ترقيءَ بدران هن ڪَلُ جي ترقيءَ کي ترجيح ڏني ڪلن جي ترقيءَ وسيلي هن گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ گهڻي ۾ گهڻو ڪم ڪري نفعو ڪمائڻ جو ڀُوت پنهنجي مٿي تي سوار ڪيو. اهڙي طرح جتي ٻيون مشينون هن ٺاهيون اُتي هن ڪمپيوٽر به ايجاد ڪيو جنهن سان جيڪي گُرگهڙيا تن وسيلي سماج جي روايتي بيهڪ ۽ جوڙجڪ ۾ تبديلي آئي. سماج جو هر شعبو هن نئين حرفت جي حب ۾ گرفتار ٿي متاثر ٿيڻ لڳو. اهڙي طرح هي زمانو ڊجيٽلائيزيشن جي ڏاڪڻ تي چڙهيو جيڪا طاقتور به آهي ته تيز رفتار به، ان ڪري انساني سماج هن حرفت گيريءَ جي ترقيءَ جي منهن ۾ آهن جيڪي هاڪاري يا ناڪاري پاسا هن ڪَلُ سان سلهاڙيل آهن اهي تيزيءَ سان انساني سماجن ۾ سرايت ڪندا پيا وڃن. ڊجيٽائيزيشن وري ڊجيٽلائيزيشن جو هڪڙو ننڍڙو حصو آهي جنهن ۾ ”اينالاگ “ وَٿُن کي ڊجيٽائيز ڪبو آهي.
    ڊجيٽلائيزيشن جي اثرپذيريءَ دنيا کي پاڻ ۾ ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي ”عالمگيريت “ جو نالو ڏيئي دنيا کي ”عالمي ڳوٺ “ سڏيو ويو جيڪو حقيقي ڳوٺ ناهي ڇوته اهو امن جي خواب کان وانجهيل آهي. دنيا سطح تي موقعا به وڌيا آهن ته دنيا لاءِ دڙڪيبازي به وڌي آهي. واپار وڌيو آهي. هر وٿ بازار جي چُڪي آهي. انسان جون آسون اُمنگون به بازار جو بَکُ بنايون ويون آهن. دنيا ۾ ٻه ڌريون وڃي بچيون آهن. هڪڙو ”اُپتدائو طبقو“ يعني پروڊيوسر ۽ ٻيو ڪنزيومر يا ”کپت دائو“ طبقو. پهريون سيٺيو آهي ٻيو گراهڪ آهي. دنيا ۾ اڪثريت اهڙن گراهڪن جي آهي جن کي ”ويچارا گراهڪ“ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ڇوته انهن وٽ ”چونڊ “ جو ڪوبه چارو ناهي. مجبورن کين سيٺ جي مرضيءَ تي گذارو ڪرڻو پوي ٿو. دنيا جون ثقافتون تاراج ٿي رهيون آهن ته بازار تي ٻڌل نت نيون ثقافتون جنم وٺي رهيون آهن. ”قومياتي رياست“ يا نيشن اسٽيٽ جهڪي پئجي ويئي آهي ۽ ” ورچيوئل اسٽيٽ“ اُڀري رهي آهي. ان سموري منظرنامي تي ڪنهن جو ڪو خاص ضابطو ناهي. انساني جوهر جهڪو ٿيندو پيو وڃي، مشينون مٿاهين پد تي اچي پهتيون آهن. اهڙي صورتحال دنيا کي ڊانواڊول ڪري وڌو آهي. لطيف جي پيغام جي اهميت ان هڻ وٺ واري صورت حال ۾ وڌيڪ اهميت واري ٿي پوي ٿي. لطيف جي ڪلام ۾ تمام گهڻي رهنمائي آهي. لطيف سموري دنيا جو سونهون ٿي سگهي ٿو، سندس شاعريءَ ۾ ٻهڳڻ سنيها سمايل آهن. جن ۾ مکيه هن ريت آهن.
    1. عشق، محبت ۽ پيار جو سنيهو
    2. انسانيت جو عالمي سنيهو
    3. فطرت سان قرب جو سنيهو
    4. وچن نباهه جو سنيهو
    5. جدوجهد جو سنيهو
    6. صبر ۽ قربانيءَ جو سنيهو
    7. ترجيح قائم ڪرڻ جو سنيهو
    8. عقل ۽ ڏاهپ جو سنيهو
    9. امن ۽ خوشحاليءَ جو سنيهو
    ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ عشق جو نيارو ۽ پيارو تصور آهي. هو ڪُن فيڪون کان به اڳ ان محبت جو ذڪر ڪري ٿو جنهن رشتي سموريون محبتون نصيب ڪيون آهن. اهڙي محبت جي سموري اُٿي ويٺي نياري ۽ نرالي آهي. هو فرمائي ٿو؛

    نڪا ڪُن فيڪون هئي، نڪا ٻي پچار،
    ملڪنئان مهند هئي، توڏيءَ جي تنوار،
    محبت سان ميهار، لايائين لطيف چئي.

    انسانيت جو عالمي پيغام ته ڪو لطيف کان سکي. هو ڪنهن به فرقي بازي ۽ ذات پات جي تفرقي کان مٿي ڳالهه ڪندي، ”ذات تي ناهي ڏات“ جي سڌي سنئين صلاح ڏئي ٿو. فطرت سان محبت ڪندي، سموري اوڀڙ، حيوانات، نباتات، توڙي جمادات جي حفاظت جي ڳالهه ڳائي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ٿرن، برن، ڏونگرن، جهرن جهنگن، ٻوٽن، ولين، وڻن وغيره جي تمثيلي بيان سان دلين کي مائل ڪري ٿو ته انسانن جي سلامتي فطرت جي سلامتيءَ ۾ آهي. فطرت جي هٿ چُراند انسان پاران پنهنجي پير تي ڪُهاڙي هڻڻ برابر آهي. وچن نباهه مان ئي وطن جي حب، بهادري، سخاوت نروار ٿين ٿيون. مارئي جهڙي هيڻي طبقي جي ڇوڪري کي هيڻن ماڻهن جي نمائندي بنائي، جنهن وچن جي ڳالهه ڪري ٿو، اهو رڳو زندگيءَ تائين محدود ناهي. مڙهه مليروڃڻ سان، مئل جيئري ٿيڻ جو تصور ڀٽائيءَ ڏنو آهي. ولين جو واس وجود کي تڏهن واسي ٿو جڏهن ڪو وچن آهي. بي وچن دنيا بي پاڙي آهي ۽ ڏور ڪٽيل لغڙ جيان پنهنجي وجود بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رُڌل آهي. ڀٽائي کان وڌيڪ ٿڪيائي ٿر ٿيلهڻ جي ڳالهه ٻيو ڪير ڪندو. ويٺن تان واري ورڻ جي خبرداري ڏيندي هن ”سُتا اُٿي جاڳ“ وارو سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو آهي. صبرکي بهترين حڪمت عمليءَ طور” صبر جني سيڱ، تير نه گُسي تن جو“ جي واٽ ڏسي، بيمثال قربانيءَ جو هن طرح مثال ڏئي ٿو؛
    مٿي اُتي منهنجي، جي هُجن سر هزار،
    ته واري واري وڍيان سسيءَ کي سئو وار،
    تهان ئي تند تنوار، مونهان مٿاهون مڱڻا.

    تند تنوار جي تار سان گڏوگڏ مختلف معاملن ۾ ترجيح قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، جنهن ۾ هو نفعي ڏانهن نٿو ڏسي پر حالتن جي نزاڪت کي ڏسندي، لهواري لوڪ جي ڀيٽ ۾ اوچو ۽ اوڀار ٿي وهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. سياڻپ، ساڃهه ۽ عقلمنديءَ جي واٽ ڪو لطيف کان سکي. سندس ڪردار راڻو مهندرو مومل کي ان ڪري ماڻي ٿو جو هو ڏاهو آهي نه ته مومل جي ڪاڪ محل ۾ ڪيئي خان کپي ويا آهن. ڀٽائي کي ”چوڏس چٽاڻو“ نظر اچي ٿو، جنهن ۾ راڻي کانسواءِ ٻي ڪنهن جي گنجائش ناهي. ڀٽائي امن آشتيءَ جو عالمي پيغام ڏئي ٿو، جنهن ۾ ”سنڌ تي سُڪار“ سان گڏ وگڏ ”عالم جي آبادي “ به آهي. اهي سموريون ڳُڻن ڀريون ڳالهيون ڏيئي جيان پاڻ سان سونهي طور کڻي، دنيا بازار جي بازاري اقتصاديات مان نڪري سگهي ٿي. وسيلن جي بيدرديءَ سان ٿيندڙ لُٽ لُٽان تي ضابطو رکي سگهي ٿي. ماحولياتي مانڊاڻ کي محفوظ ماحول ڏيندي ”آبهوائي ٻڙڌڪ“ جي واڳونءَ وات مان نڪري سگهي ٿي. اُپت ۽ کاپي ۾ توازن قائم رکندي، بازار پاران غربت جي ڪوڙڪي ۾ اُڇلايل لکين ماڻهن کي آجپو ڏيئي سگهي ٿي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڀٽائي جي عشق جي پيغام وسيلي سنڌ سُڪار جيان عالم کي امن سان آباد ڪري سگهي ٿي.


    ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو....؟

    ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو....؟

    فن، ادب، ڪلا توڙي هر تخليقي تحرڪ انسان ۽ فطرت جي لاڳاپي کي اظهاري ٿو. انسان فطرت جي مانڊاڻ ۾ بيهي ڪهڙو ڪردار ادا ڪري، ان بابت به تخليق انسان جو سونهون بنجي ٿي. ماڻهو ڪٿي بيٺو آهي؟ کيس ڪٿي بيهڻ گهرجي؟ ڪيئن بيهڻ گهرجي؟ ان بابت به جيڪا رهنمائي ادب ۽ لطيف فن مان ملي ٿي تنهنجو مثال ناهي. سمورو سائنسي خيال تخليقي تحرڪ مان اُپجي ٿو تنهنڪري هر نئون خيال تشڪيل ڏانهن ”گوڏلين گسڪڻ“ شروع ڪري ٿو، مختلف مرحلا طئي ڪري، ڪڏهن نه ڪڏهن ڪا صورت ماڻي ٿو. شاعري به اهڙي تخليقي وٿ آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي جذبن، ارمانن، آسن، اُمنگن جو اظهار ڪري ٿو. فطرت ۾ پنهنجي نسبت کي ڳولي ٿو ۽ ان سٻنڌ کي ڪا نه ڪا شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. شاعري جنهن کي ”جزواست از پيغمبري“ به سڏيو ويو آهي، تنهن ۾ سمورا سنيها آهن جيڪي ماڻهوءَ کي پريان جي پار وٺي وڃڻ ۾ ”اڻهار “ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. شاعري، اهڃاڻ ۾ اظهار ڪري يا سنئون سڌو اعلان، ٻنهي صورتن ۾ حقيقي شاعري ڪو نه ڪو سنيهو ڏيئي وڃي ٿي. لطيف جي شاعريءَ ۾ نه لطف جي ڪمي آهي نه ئي اهڙن سهڻن سنيهن جي کوٽ. هو شاعريءَ کي سُرن ۾ ورهائي، ڳائي، پنهنجي پيغام کي کولي سمجهائي ٿو. ان سمجهاڻيءَ ۾ هو سموري سماج کي مجموعي طور کڻي ٿو. عشق سندس شاعريءَ جو دنيا جي سموري ڪلاسيڪي شاعريءَ وانگر اساس آهي جنهن مان سمورا سنيها اُپجن ٿا. عشق ئي سڀ کان وڏو علم آهي. عقل جيڪو علم جو بنياد آهي سو به عشق جو پوئلڳ آهي. عقل تي ئي علم جي سموري عمارت اڏجي ٿي. عقل کي ڪهڙا به نالا ڏنا وڃن پر علم جو اهو ”ڏک“ ۾ مليل روپ آهي يعني کيس ڄمندي ئي عطا ٿيل آهي. انسان ڄائي ڄم کان، تنهنڪري ئي، ڄام آهي. عقل ۽ ڏاهپ انساني سماج کي اڏڻ ۾ انسان لاءِ، سونهان ۽ پيري رهيا آهن. ماڻهوءَ پنهنجي عقل ڪتب آڻي، زندگيءَ جي سمورن روپن کي نه رڳو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر حياتيءَ سان لاڳاپيل سمورن مسئلن جو حل ڳولڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي. سمورا انساني عمل عقل ۽ ڏاهپ جي آڌار هلندا رهن ٿا. دنيا جا سماج، بادشاهيون، راڄنيتيون، سڀئي عقلمندي ۽ ڏاهپ جي ڏيک جي ڪانه ڪا جهلڪ ڏيکارين ٿيون.
    ڀٽائي وٽ عشق، علم، وچن نباهه، سداچار جا سدا ملوڪ قدر موجود آهن اُتي هو ڏاهپ کي به پنهنجي سنيهي جو محور بنائي ٿو. هو تعداد کان متاثر ناهي. هو مقدار کان متاثر ناهي. هو راحتڪاري حالتن جو هيرئون ناهي. هو چونڊ ڪندي، زندگيءَ جي ڪاروهنوار تي ايئن اظهاري ٿو جنهن ۾ کيس ڪا اهڙي چڻنگ نظراچي ٿي جيڪا ترجيحي طور اُپتدائڪ ٿيندي. حالتن کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ ڏکين حالتن مان ڪيئن نڪرجي؟ ان بابت عقل ۽ سياڻپ رهنمائي ڪن ٿا. عقل تي اڏيل علم جي عمارت انساني زندگيءَ کي اهڙو اجهو آڇي ٿي جنهن ۾ سندس جيون لاءِ وڌيڪ سُک شانتي آهي. ملير جي مارن جي ڏاهپ، مورڙي جي ڏاهپ کان وٺي ڪاپائتين جو عقل تي آڌارڪ ڪتڻ، ڏاهپ جي انهي سنيهي جو اُهڃاڻ پيش ڪن ٿا. ڀٽائي ته غم گوندر کي به ڏاهپ جي ڏانو سان ”وڏي وٿ “ سمجهي ٿو جنهن کي ڏاها ماڻهو ”ساٽو“ بنائي جيون جا ڏکيا ڏينهن ڪاٽي سگهن ٿا. هو فرمائي ٿو؛
    ڪنين ڪنين ماڻهوئين، گوندر وڏي وٿ،
    ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو ڪجي سور جو.

    ڀٽائي وٽ ڏاهپ جو تفصيلي مانڊاڻ سُر” مومل راڻي“ ۾ نظراچي ٿو. سمورو سُر جيڪا آکاڻي پيش ڪري ٿو ان جي پس منظر ۾ به ڏاهپ نظر اچي ٿي ته ڪهاڻيءَ جو عروج يا ڪلائمڪس به ڏاهپ تي اچي منتج ٿئي ٿو. آکاڻيءَ جا مُکيه نقطا آهن. راجا نند جو خزاني کي هڪ پاس ڪوڊ وسيلي محفوظ ڪرڻ. مومل (سونهن ۾ سڀني کان سرس) پاران اهو پاس ڪوڊ يعني ڏند فقير کي ڏيڻ.... نتيجي ۾ راجا جو ڪاوڙجي پنهنجي ڌيئرن کي نيڪالي ڏيڻ. سومل (سڀني کان ڏاهي) پاران ان ملڪيت موٽائڻ لاءِ ڪاڪ ڪنڌي ”ڪاڪ محل“ اڏڻ. بيشمار شهزادن ۽ بادشاهن جو اُتي اچي دربدر ٿي ڦُرجي فقير ٿيڻ ۽ راڻي مهندري جو پنهنجي ڏاهپ سان مومل کي ماڻڻ. اهي سڀئي اهڙا نقطا آهن جن مٿي ڀٽائيءَ پنهنجي بيتن ۽ واين کي اهڙو ته ڪمال سان جوڙي راس ڪيو آهي، جو هن ڪهاڻيءَ جي چونڊ حصن کي بيان ڪري، ڳالهه جو ولوڻو ڪري مکڻ ڪڍي پيش ڪيو آهي. شروعات ۾ فقير جي گڏجڻ سان، مومل ماڻڻ جو اُتساهه پيدا ٿئي ٿو.ان بابت ”ڪالهه گڏيوسون ڪاپڙي“ جي ڪليءَ سان چار ڀلوڙ بيت آهن، جنهن ۾ ساميءَ جي سونهن، لُٽجي لال مان لانگوٽيو ٿيڻ واري شهزادي کان جڏهن راڻي مهندري واري حمير بادشاه واري ٽولي پُڇي ٿي ته هو روئندي، ڪاڪ تڙن جي ڪهڪاٽ ڀري خبر هن ريت ٻُڌائي ٿو؛

    گُجر کي گجميل جون، تارن ۾ تبرون،
    هڻي حاڪمن کي زور ڀريون زبرون
    ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.

    ”گُجر“ ذات جي مومل جي تارن ۾گجميل جون ٺهيل تبرون آهن. گجمير شهر جو نالو آهي جتي آڪري رُڪ مان ٺهندڙ تبرون (ڪهاڙيون) تکيون آهن، جن سان ڪيترائي ڪونڌر ڪاڪ ڪنڌيءَ ڪُساڻا آهن، جن جون قبرون ڪاڪ ڪنڌيءَ موجود آهن. انهن سهڻين گجرين جي سونهن جو به بيان ٿيل آهي جن تي گلاب جي گلن جهڙو ويس پاتل آهي. وٽن ايتري مال ملڪيت آهي جو اهي رُپي يعني چانديءَ جي سڪن سان راند ڪن ٿيون. سندن ڪاڪ مُلڪان مُلڪ مشهور آهي. سندن سونهن جي واس تي ڪيئي ڀونئر بنڀولجي اچن ٿا. سندن ڪاڪ جي هاڪ ٻُڌي ڪيئي ڪاپڙي ڪڪورجي اچي پهچن ٿا. ان نموني سونهن ۽ سون رُپي جي سگهه جو سگهارو منظرپيش ڪيو ويو آهي. اهي ٻئي شيون ماڻهوءَ کي موهڻ ۽ مائل ڪرڻ جو مُکيه ذريعو رهيون آهن. هن وقت به دنيا جي طاقت جو لوڏو انهن ٻنهي شين ڏانهن نظراچي ٿو پر ڀٽائي انهن کي بيان ڪندي عقل ۽ ڏاهپ کي انهن ٻنهي کان مٿانهون سمجهي ٿو. ڀٽائي جو ڪردار راڻو مهندرو ”ڏاهپ “ جو اُهڃاڻ آهي ڇو ته هو نه سونهن ۾ سرس آهي (چيو ويندو آهي ته راڻي مهندري جي هڪ اک هئي) نه ئي طاقت ۾ مٿانهون آهي يعني سندس حيثيت پهرئين نمبر واري ناهي. مٿانهين حيثيت ته حمير سومري جي آهي. پر راڻو ان جي باوجود مومل ماڻي ٿو؛

    گُجر گهڻا گهائيا، پاڻان لڳس گهاءُ،
    مهندري مُلاءُ، لڳس ڪان ڪپار ۾.

    مٿي ذڪر ڪيل ٻئي من موهن شيون يعني سونهن ۽ طاقت هلڪي بيهڪ وارن ماڻهن کي موهينديون آهن. ڏاها ماڻهو اهڙين انيڪ من موهن شين مان اُڪري پار پوندا آهن. پنهنجي حقيقي مقصد کي نه وساريندا آهن. ڪاڪ سندن قدم جهلي نه سگهندي آهي. محل کين موهي نه سگهندا آهن. سونهن پريون سندن مقصد آڏو رنڊڪ نه ٿي سگهنديون آهن ڇو ته منجهن ڏاهپ هوندي آهي. سندن ست جو لاهوتيئپو کين پنهنجي متعين ماڳ ڏانهن وٺي ويندو آهي؛
    ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا نه ڪنهن مال،
    سوڍيون سجهائي ويا، ههڙا جني حال،
    جي ڇورين ڏنا ڇال، ته په لاهوتي لنگهي ويا.

    راڻو مهندرو پنهنجي ڏاهپ سان ڪاڪ محل جا سمورا پاس ڪوڊ ٽوڙي جڏهن مومل تائين پهچي ٿو ۽ مومل کي پنهنجي عقل وسيلي سُڃاڻي، ماڻي ٿو ته سموري ڪاڪ محل جو منڊ ٽُٽي پوي ٿو. مومل راڻي جي ٿي پوي ٿي. وري جڏهن وچ وڇوٽي اچي ٿي ۽ مومل کان چُڪ ٿئي ٿي ته راڻو کانئس رسي وڃي ٿو ۽ مومل راڻي لاءِ بيقرار ٿي پوي ٿي. نيٺ لڊاڻو ڇڏي، اچي امراڻي خيما کوڙي ٿي.
    ڀٽائي هن سُر ۾ راڻي جي ڪردار کي ڳائيندي، لاطبقاتي سماج جي به ڳالهه ڪري ٿو ته؛

    راڻي ملان رات، نئون نياپو آئيو،
    لڌيسون لطيف چئي، ڏاتر وٽان ڏات،
    ڪان پُڇي ٿو ڪا ذات، آئيا سي اگهيا.

    ذاتين پاتين، ڪُڙمن قبيلن ۽ قومن کان هٽي ڪري، لطيف مٿاهين سماج جي ڳالهه ڳائي ٿو جنهن کي عقلمنديءَ سان ئي اڏي سگهجي ٿو. ڏاهن ماڻهن جي ڏسيل ڪرت کي جڏهن سُڄاڻ ڪرت ڪار عمل ۾ آڻيندا ته يقينن سماج ۾ هاڪاري اُپت ٿيندي، وڇوٽيون ختم ٿينديون. فطرت جي جنسار ۾ جيڪي وڇوٽيون آهن انهن ۾ بهڳڻائپ آهي جيڪا هڪ ٻئي جو سَٺو ۽ سهارو آهي. ايئن عالم آئون ساڻ ڀريو ٿو ڀير ڪري وارو سونهن ڀريو سنسار آهي. طبقا ذاتيون قومون قبيلا سڀئي سُڃاڻپي اُهڃاڻ آهن.
    لطيف جو ”مهندرو“ لوڪ کان نيارو آهي. اها انفراديت به سندس عقل جي ڪري آهي؛

    جڳ جيئن ئي چوءِ، سوڍو تيئن نه سکيو،
    راڻو تيئن نه روءِ، ڳوڙه جيئن ڳل ڳڙي.

    جڳ کان سوڍي جي انهي نرالپ ۾ سندس عقل جو ساٿ صبر جي سهپ به ڏئي ٿي. ڏاهپ ئي سهپ ۽ صبر کي هٿيار طور استعمال ڪري ٿي. ڪڏهن اڳڀرائي ڪرڻ مناسب هوندو آهي ته ڪڏهن چند قدم پُٺتي هٽڻ به فائديمند رهندو آهي. سوڍي جو صبر، لڄادارن جو مرڪ آهي. چپ چورڻ کانسواءِ جيڪي چئي ويندا آهن سي گهڻو ڪجهه چئي ويندا آهن. ڀٽائي اهڙن ماڻهن جي ادب ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو؛

    سوڍا صبر تنهنجو، مَرَڪُ لڄاين،
    چُپ سين جي چون، ادب ڪجي ان جو.

    راڻو مهندرو ڏاهپ سان صبر جو مظاهرو ڪندي، مومل جي مٿاندئين ڪام رکي، ماٺ ميٺ ۾ امراڻي موٽي اچي ٿو. بظاهر ته اها هيڻائي هئي پر ان ڳالهه مومل کي ماري وڌو. سندس سُک ڦٽي پيو. راڻي جي ان خاموش ڏوراپي مومل جو من مامري ۾ وجهي ڇڏيو. ڪاڪ کيس ڪڙي محسوس ٿيڻ لڳي ڇاڪاڻ ته راڻي ڪام نشاني ڇڏي، مومل سان ڪنهن رڪ جي هٿيار کانسواءِ ئي اها ڪار ڪري ڇڏي هئي جيڪا شايد چوڻ سان نه ٿئي ها. ڏاهپ جي اهڙي رويئي، نه ڪُڇڻ کان جيڪو ڪم ورتو سو رُڪ جي هٿيارن کان سرس ۽ سوايو هو. لطيف ان خيال کي مومل جي واتان هنن لطيف لفظن ۾ بيان ڪيو آهي؛

    سوڍا صبر تنهنجو، لڄاين مرڪ،
    نه ڪهڻ سين نڪ، ري رُڪ راڻي وڍيو.

    لطيف ڏاهپ جو ڳالهيون ڳائيندي، راڻي مهندري کي ڏاهپ جي اُهڃاڻ طور پيش ڪري ٿو. هو ڏاهپ جي ان ڏس دوران وحدت الوجود جي ڳالهه به ڳائي وڃي ٿو ته هيءَ ڪائنات هيڪڙائي هيڪ آهي. سڀ ڪجهه راڻو آهي. راڻو جيڪو ڀٽائي وٽ ڏاهپ جو اُهڃاڻ آهي؛

    ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو چوڏس چٽاڻو،
    منجهه ئي ڪاڪ ڪڪوري، منجهه ئي لُڊاڻو
    راڻو ۽ راڻو، ريءَ راڻي ناهي ڪو.

    لطيف ان ريت لطيف نموني سان عقل ۽ ڏاهپ جو سنيهو پيش ڪري ٿو.


    مٿي اُتي منهنجي ....!

    مٿي اُتي منهنجي ....!

    انسان جي پيدائش کان وٺي اڄ تائين انسان جيڪو پنڌ ڪيو آهي تنهن ۾ ڪيئي ماڳ، منزلون، ساهيون، ويساهيون، واٽون، رنڊڪون، روڪون، لاها، چاڙها ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه آهي. ان سموريءَ چُرپر۾ انسان جي خمير جون ڪجهه خاميون لڳن ٿيون حالانڪه هو ”احسن تقويم“ مان خلقيل آهي. پنهنجي چرپر، عقل، ڏاهپ مان هو جيڪي پاڻ هرتيون شيون ڪري ٿو، انهن ۾ ڪٿي ڪٿي مار به کائي ٿو. انسان جو سمورو اوسر ۽ ارتقا وارو عمل ”ڪري سکڻ“ واري ڪم ڪار مان سرجيو آهي. پنهنجي اهڙي چُرپرمان انسان سبق به پرائي ٿو پرگهڻو سکي نٿو، ساڳي غلطيون دهرائيندو ، اڳتي هلي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي پر ۾ ويسارو به آهي ته ناشڪرو به آهي. اهي ڳالهيون کيس دنيا ۾ ڀٽڪائينديون رهيون آهن. سندس اندر ۾ جيڪو طاقت جو جوهرآهي سو کيس طاقت ڏانهن وٺي وڃي ٿو ۽ هو جيئن سگهارو ٿيندو وڃي ٿو تيئن طاقت جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪندو رهي ٿو. اهڙين سمورين انساني ڪمين ڪوتاهين ۽ خامين جو پورائو هو جيڪڏهن صبر سان ڪري ٿو يا قربانيءَ سان ڪري ٿو ته پوءِ وري اڳتي چاڙي چڙهي ٿو. قرباني ۽ صبر کيس اڳتي وٺي وڃن ٿا. قربانيءَ جي انساني تاريخ ۾ وڏي اهميت رهي آهي. سڀني مذهبن توڙي سماج سُڌارڪ پنٿن ۾ قربانيءَ جو ڪاروهنوار رهيو آهي. مذهبن ۾ ”ٻلي چاڙهي“ ٻليدان ڏيڻ، جانورن جي قربانيءَ جو ”بَکُ “ ڏيڻ کان وٺي موجوده دؤر جي قربانيءَ جي تصور تائين قربانيءَ جو رواج ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هلندو اچي. عشق، بهادري، سخاوت، وطن جي محبت سڀئي اهڙا انساني عمل آهن جن ۾ قرباني ئي قرباني آهي. قربانيءَ جي سمورين شين کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته قرباني سڀ کان وڌيڪ پياري ۽ مٺي شئي جي ٿيندي آهي. قربان ٿيڻ، قرباني ڪرڻ ۽ قرباني ڏيڻ جون مختلف صورتون ۽ طريقا رهيا آهن پر وري به ڳالهه اتي اچي بيهي ٿي ته پنهنجي مٺي کان مٺي وٿ قربانيءَ ۾ ڏيڻ گهرجي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ قربانيءَ جو تصور تمام سُٺي نموني ڳايو وڄايو ويو آهي.
    لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ قربانيءَ جو تصور نيارو آهي. هو ان معاملي ۾ به ٻين کان گوءِ کڻي وڃي ٿو. عشق جو ميدان هجي، پورهئي جو پار هجي، ڌرتيءَ جي دلداري هجي، ويريءَ سان ويڙهه هجي، سڀني ۾ ڀٽائي قربانيءَ جي تصور کي سنهي سُئيءَ سان پوئيو آهي. لطيف عشق لطيف سائين جي شاعريءَ جو مُک نقطو آهي جنهن مان سندس ٻيا تصور به نڪرن ٿا. عشق جي انفرادي اظهار سان هو سڀني سُرن ۾ قربانيءَ بابت جيڪي ڳالهيون ڳائيندو هلي ٿو سي سڀئي قربانيءَ ڏانهن وٺي هلن ٿيون. محبوب لاءِ ڪا سوکڙي موڪلڻ چاهي ٿو تڏهن هن ريت چئي ڏي ٿو؛

    آءُ ڪانگل تو ڏيان، ڪڍي هنيون ساڻ هٿن،
    وڃي کاءُ ولايت ۾، مهندان محبوبن،
    پرين مان پُڇن، ته هيءَ قرباني ڪنهن ڪئي.


    پنهنجي دل ايئن دلبر لاءِ موڪلڻ جان جي قرباني آهي. دل ڪڍي محبوب کي ڪانگ وسيلي موڪلڻ جو تصور عشق ۾ قربانيءَ جو وڏو تصور آهي جنهن ۾ وري اهم ڳالهه اها آهي جو هو هنيئيون هٿن سان ڪڍي ڏي ٿو يعني اها قرباني رضاڪاراڻي ۽ دل سان آهي. سلوڪ جي سفر ۾ لطيف جتي اندر اُجارڻ جي ڳالهه ڪري ٿو يا وري صوفيءَ کي وجود جو ورق ڌوئي اڇو ڪرڻ جو چوي ٿو، تتي هو سالم صوفي ٿيڻ لاءِ هيئن به فرمائي ٿو؛

    صوفي چائيين سڌ ڪرين، صوفيءَ ايءَ نه صلاح،
    ڪاٽي وجهه ڪُلاه، هڻ اُڇلي آڳ ۾.

    صوفيءَ لاءِ سلوڪ جي جهان ۾ داخل ٿيڻ جو شرط ڪُلاه ڪاٽڻ سان آهي يعني قرباني ڏيڻي آهي. هڪ ته ان ڪُلاه جي ڪجيءَ ۾ جيڪي وڏائيءَ جا تصور ڏلهي ڀريل آهن تن کان ماڻهو آجو ٿيندو ته ٻي طرف ڪُلاه ڪاٽڻ جو اهڃاڻي مطلب سموري غلط ڀريل ڄاڻ کي خالي ڪرڻ آهي يعني ”انلرن ڪرڻ“ آهي جيئن نئين شئي سکي سگهجي. لطيف وٽ زندگيءَ توڙي موت ٻنهي جو فلسفو منفرد آهي. هو حياتيءَ کي به نوچ مان نهاري ٿو ته موت کي به اڳ ۾ ڪاهي ان جي پُٺي پنڌ ڪرڻ چاهي ٿو تنهنڪري وٽس قربانيءَ جي تصور ۾ ڪا ججهڪ ۽ هٻڪ ڪانهي. هو جيئڻ ۽ مرڻ جي تصور کي هن ريت ڳائيندو اڳتي وڌي ٿو؛

    جيئڻا اڳي جي جيئا، جُڳ جُڳ سي جيئن،
    موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مُئا.

    اهڙا ڀلوڙ ۽ روح رانئيندڙ تصورن جو شاعر لطيف پنهنجي خيال جا مشاهدي، مطالعي، مجاهدي ۽ مداخلي وسيلي واهڙ وهائيندو نت نيون ڳالهيون ڳرهيندو هلي ٿو ته ”مرڻان اڳي مرڻ“ ڇا ٿئي ٿو. زندگيءَ جي زندگيءَ لاءِ قرباني ڪيئن ڏجي ٿي. سور کي ساٿر ڪري ڪيئن زندگي گذاري سگهجي ٿي. زندگيءَ جي موت مارڻ لاءِ ڪيئن قرباني ڏيئي ان کي جُڳ جُڳ جياري سگهجي ٿو. لطيف سائين جا سڀئي سورميون توڙي سورما سراپا قرباني آهي. جيئري قربان ٿيڻ وارو ڀٽائي جو قرباني جو منفرد خيال آهي جنهن ۾ رضا جي رغبت به آهي ته قضا جو ڪمال به آهي. رضا جي راز جون رمزون هو سُر بروي جي هڪڙي بيت ۾ هن ريت اظهاري ٿو؛

    جانب منهنجي جيءَ ۾، تو طمع پوءِ،
    وٺ ڪاتي وڍ انگڙا، ادب ڪر م ڪوءِ،
    ڀانيان ڀال سندوءِ، جي ساجن سنئون نهارين.

    ساجن جي سنئون نهارڻ سامهون سر قربان آهي. هرڪنهن جي قرباني قبول پوي، اهو ضروري ناهي. هرڪنهن جو سر قبوليت ۾ اچي اها به ڳري ڳالهه آهي. سرمد سائين مُرڪي مٿو ڏيئي مانائتو ٿي سوريءَ جو سينگار ٿي ويندو آهي پر قوي مُلئون فتوائون ڏيندو رهجي ويندو آهي قرباني سندس کاتي ۾ نه اچي سگهندي آهي. منصور سائين اناالحق جو نعرو هڻي قرباني ڏيئي وجهندو آهي پرسندس جيڏو ۽ دوست شبلي سائين کيس منطق سمجهائيندو رهندو آهي. اهي سڀئي لطيف اسرار آهن قربانيءَ جي ڪم جا. انساني تاريخ قربانيءَ جي قبوليت جي اهڙن انيڪ مثالن سان ڀري پيئي آهي.کاهوڙي پنهنجي مقصد پويان هلندي رڳو سُڪا سنڊ ڪڇن ۾ نٿا کڻن پر اهي پنهنجو پاڻ ان پنڌ ۾ ارپي ڇڏين ٿا. هستيءَ جي مستيءَ جي قرباني ڏيئي، ڪُسي ڪباب ٿين ٿا تڏهن ئي کامي کاهوڙي ٿي نروار ٿين ٿا؛

    گنجي ڏونگر گام ۾، ڪهڙو اٿئي ڪام،
    پسئو تنهن پهاڙ کي، اچي نه آرام،
    متان ڏونگر ڏورئين، اُجهي جيئن عوام،
    هوئڻ ڪر حرام، کام ته کاهوڙي ٿيين.

    هستيءَ جي هوڏ ڇڏڻ به هڪڙي وڏي قرباني آهي. هستيءَ جي هٺ کي گهورڻ واقعي وڏو ڪم آهي جنهن سان نيستيءَ جي دريءَ وسيلي ”عدم“ جو ادراڪ ٿئي ٿو، جنهن سان انسان کي پنهنجي بُڻ بڻياد جي پروڙ پوي ٿي. باقي ڪوڙا شجرا ٺاهي پنهنجو پاڻ کي الائي ڇا ڇا ڪري ڏيکارڻ جي چڪر۾ ماڻهوءَ جو ايئن گمراهه ٿي پوڻ، کانئس انسانيت جو اُتم پد کسي ٿو. اهڙي وڏائي ۽ هستي جون پاڙون رت، نسل يا رڱ ۾ رکيل هونديون آهي جڏهن ته حقيقي وڏائي چڱائيءَ ۾ مضمر آهي. اها گڏيل ميراث آهي. اها املهه ميراث قربانيءَ جي ڪرت سان حاصل ٿئي ٿي. مارئي جڏهن عمر جي سمورين آڇن کي ٿُڏيندي، پنهنجي جان جي قرباني وطن خاطر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي ته پوءِ ئي سندس ڪردار تاريخ ۾ نروار ٿئي ٿو. جوڳي، سامي ۽ ڪاپڙي عيش عشرتن، سُکن ۽ راحتن جي قرباني ڏيئي ڪو اُتم پد ماڻين ٿا. سُهڻي لوڪ جا سمورا لاڳاپا لاهي، هئڻ جي قرباني ڏيئي ڪاريءَ رات ڪُنن ۾ گهڙندي تار ترندي هلي ٿي، تڏهڻ سُهڻي سهڻي ٿي سڏجي ۽ ڀٽائي کيس نينهن جو نيارو مثال ڪري پيش ڪندي، سهڻيءَ کي ”نينهن ڪري ڄاڻندڙ“ ڪوٺي ٿو. قربانيءَ جو اهو ٻهڳڻ تصور لطيف سائين لطيف سنيهي ۾ موتين مالها جيان پُوتل آهي جنهن جو هر موتي انساني اخلاق جي اعلى نموني جو هڪ وڙ آهي.
    سُر سورٺ ۾ لطيف سائين قربانيءَ جي ڪرت بابت پنهنجي تصور کي منتج ڪري ٿو. سندس قرباني سڀ کان پياري شئي يعني پنهنجي جان جي قرباني آهي جيڪا ڪوئي گهري رهيو آهي. ان گهرج جي ڪيرت جڏهن سندس اڳيان ٿئي ٿي ته هو اهو من وڻندو ڪم ڪرڻ لاءِ تُرت تيار ٿي وڃي ٿو؛

    الله جي آس ڪري، هلي آيو هيءُ،
    مال نه مڱي مڱڻو، جاجڪ مڱي جيءُ،
    ”وڍ وهلو ٿيءُ، ساعت صبر نه سهان.“

    ڀٽائي پنهنجي ان تصور ۾ ڪيرت کي مٿاهون سمجهي ٿو. هو سُر جي صدا سُڻي، سر ڏيڻ جي آڇ ڪري ٿو. هو ڪماچ وڄائيندڙ ٻيجل کي چئي ٿو ته ڏي تون ههڙي شئي وڄائيندي، جيئرو به آهي.
    هي سُر ته روح جي راڳ کي ڇيڙي ٿو. ڪوئي ان تان جي پلٽِ مان ڪنڌ ڪڍائي نه سگهندو. هو فرمائي ٿو؛

    چارڻ تنهنجي چنگ جو، عجب آهم ايءُ
    هڻين اُڀو هٿن سين، جيئرو رکيو جيءُ،
    رات منهنجو ريءُ،،ڪاٽيو تو ڪماچ سين.

    جان جنهن مالڪ جي ڏنل آهي ان کي موٽائي ساڳي شئي ڏيڻ ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي. ان جي موٽ اڻ ٽر آهي. سرس سوائي ڳالهه اها آهي ته ان تند تنوار سامهون سوين سر هجن ته به گهوري ڇڏجن. هڪڙي سکڻي سر ۾ ته ڪجهه ناهي. ڀٽائي قربانيءَ جي ان تصور کي پنهنجي بيت ۾ ڀلوڙ انداز ۾ پيش ڪيو آهي؛

    مٿي اُتي منهنجي، هئا سرن هزار،
    ته تنهنجيءَ تند تنوار، هر هر وڍيم هيڪڙو،
    مٿي اُتي منهنجي، جي ڪوڙين هون ڪپار،
    ته واري واري وڍيان، سسيءَ کي سئو وار،
    ته پُڻ تند تنوار، مونهان مٿاهين مڱڻا.

    لطيف سائين قربانيءَ جي اهڙي نياري تصور جا ماڻڪ آڇيندي، انساني تاريخ جي اهم اظهار يعني قربانيءَ بابت ڀلوڙ اظهارڪيو آهي. سندس قربانيءَ جو تصور انسان جي اندر اُجارڻ کان وٺي، هستي هوڏ جي ڪُلاه ڪاٽڻ تائين ڦهليل آهي. ڪيرت سامهون ڪنڌ جي سندس نظر ۾ ڪا اهميت ناهي. وحدت سُر وڄندڙ طلب جون تندون ان کان سرس ۽ سوائي آهن.


    نا اميدي آجڪو...

    نا اميدي آجڪو...

    ڪائنات جي تخليق ۽ حياتيءَ جي وجود بابت هيستائين جيترا نظريا منظرعام تي آيا آهن يا وري انهي خيال سان لاڳاپيل ڄاڻ ونڊي ورڇي ويئي آهي تنهن مان اها خبر پوي ٿي ته وجود جو وجود عدم جي لاوجوديت مان نروارٿيو آهي. تصوف جي سلوڪ کان وٺي، سائنس جي دريافتن تائين اهو ڪجهه نظراچي ٿو ته ڪيئن ”لا“ جي لام الف مان ”هئڻ “ جو همه اوستي وجود ڪيئن سرجيو ۽ پوءِ ان مان سنسار جي سڀئي سينگار به نروار ٿيا جن جي جوڙ ۽ جنسار ۾ به اونهو اسرار آهي جنهن جو وستار به ڳوڙهو ۽ ڳڻن ڀريو آهي. بگ بينگ جي ڀونچال کان وٺي اوزون تهه ۾ سيرون پئجڻ تائين جو سموريون فطرت جون ڪهاڻيون عدم مان وجود ۽ وجود جي عدم ڏانهن واپسي جي آکاڻي بيان ڪن ٿيون. شاعرن، دانشورن، ليکڪن، سائنسدان انهي سلسلي ۾ مختلف فڪرانگيز ڳالهيون ڪيون آهن جن کي پڙهي يا ٻُڌي عدم ۽ وجود جي اسرار تان ڪجهه پردو هٽي ٿو ۽ انهي اونهي اسرار جا ڪجهه پاسا پڌرا ٿين ٿا. جلال الدين رومي صاحب جيڪو مولانا روم جي نالي سان مشهور آهي تنهن به پنهنجي شاعريءَ ۾ انهي راز کي سلڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. رومي صاحب، شمس تبريز جي جاڳائڻ سان اگهورگهوري اٿي پنڌ پيو هو ۽ پنهنجي محبوب چيلي حسام الدين جي ڪري کيس مثنوي جوڙڻ ۾ سهوليتڪاري ملي هئي سو هن شمس تبريز جي نالي پنهنجو ديوان ارپيو آهي ۽ مثنوي معنوي کي حسام الدين سان نسبت ڏي ٿو. ديوان ۽ مثنوي ٻئي معنى جي موتين سان جنجهه آهن جن مان جڳن کان ماڻهو پنهنجي پنهنجي وسعت آهر مرادون ماڻيندا آيا آهن، تان جو هلندڙ زماني ۾ انهي املهه خيال جي انتهائي گهڻي اهميت آهي ۽ مشرق مغرب ٻئي رومي صاحب جي خيالن کي جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا. مثنوي جي شروعات ئي وڍيل ٿي وايون ڪري ۽ ڪُٺل ٿي ڪوڪاري جي پڪار سان ٿئي ٿي. اها پڪار عدم ۽ وجود جي ڪوڪار جي قصي جو چنگ چوري ٿي. عدم ۽ وجود جي اهڙي اونهي ۽ پيچيدي سوال کي حل ڪرڻ جي واٽ وٺندي، رومي صاحب مثنوي جي دفترن ۾ ڪيترين ڪهاڻين وسيلي اهو راز سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رومي صاحب جي هڪڙي خيال جو انگريزي ترجمو هن ريت آهي؛
    Take someone who does not keep score, who is not looking to be richer, or afraid of losing, who has not the slightest interest even in his own personality: he is free.
    يعني:
    ’’اهڙي ماڻهو کي کڻو جيڪو ليکو نٿو ڪري، جيڪو شاهوڪار ٿيڻ جي چڪر ۾ ناهي يا وري هار کان به هيسيل ناهي، جنهن کي ڪو هلڪو ڦلڪو موهه به ناهي ان حد تائين جو پنهنجي شخصيت ۾ به اهو موهه نه اٿس، هو اجهل آهي آزاد آهي.“
    هيءَ اهڙن ماڻهن جي ڳالهه آهي جيڪي عدم جي اهڃاڻ تي هلي ڪنهن وجود جي وجوديت لاءِ جاکوڙيندا هجن. جن کي ڪو موهه به نه هجي ان حد تائين جو اهي پنهنجي ذات ۾ به اهو موهه نه رکندا هجن. انهي اونهي ڳالهه کي ڳرهيندي، سنڌي شاعرن به پنهنجي پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي کي پنهنجي شاعري جي روپ ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪئي آهي. ڀٽائي سنڌ جي فڪر جو امام آهي جنهن پنهنجي خيال جي ڪمال سان سنڌ ي سماج کي خصوصن ۽ سموري جڳ کي عمومن جيڪي ارپيو ۽ آڇيو آهي، اهو املهه خيال آهي، جنهن مان جن کي به ماسو مال مليو آهي، ته اهي پوڄارا پُر ٿي ويا آهن.
    ڀٽائي به عدم ۽ وجود جي راز کي سلڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. سندس فلسفو عدم کان شروع ٿي وجود ڏانهن سفر ڪري ٿو. سندس ڪردار نا اميديءَ جو پلئو جهلي اميد ڏانهن وڌن ٿا. اها ڳالهه ماديت وادي دنيا پنهنجي بازاري بُک جي ڪري شايد سمجهه ۾ گهٽ اچي پرسگهاري ايمان سان مالامال ۽ ماديت کان مٿي سوچيندڙ روحانيت جي رمزن ۾ ويساهه رکندڙ ماڻهن کي سڀئي سبحان جي حوالي ڪم ڪرڻ اچن ٿا. سسئي سير ۾ گهڙڻ کان اڳ سمورا وسيلا تياڳي ٿي. پاڻ کان پاڻ ڌار ڪري ٿي تڏهن وڃي ميهار ڀيڙي ٿئي ٿي. سسئيءَ کي خبر آهي ته جني کي اندر۾ اُڃ آهي، پاڻي تن لاءِ ئي اُڃيو آهي. سُر رامڪليءَ جا ڪردار به انهن پٽين تي پنڌ ڪندا نظر اچن ٿا. ڀٽائي جي انهي ڳوڙهي ڳالهه جو هڪ سرو عدم جي بيناهه ۾ کُتل آهي، جنهن کي اڀياسڻ سان، ايڇ ٽي سورلي کي مشرق جي تصوف ۾ ”نااميديءَ جو فلسفو “ نظر آيو هو. ڀٽائي جي خيال ۾ به اميد جو بُڻ بڻياد، نااميدي ئي آهي جيئن وجود جو بنياد عدم آهي. وجود عدم جي انهي تاڪيي مان نڪتو آهي جنهن کي بقا ئي بقا آهي. عدم وجود کان وڌيڪ سگهارو آهي. وجود کي جيڪي واءُ لوڏين ٿا، عدم جي الکپڻي کي انهن کان ڪوبه ڀئو ناهي. هوندئان هوت پري آهي ۽ اڻ هوند کي اوڏو آهي. ڀٽائي به اميد کي نااميديءَ جي اونهي اوهري مان ڇڪي ڪڍي ٿو. تڏهن ته هن ريت فرمائي ٿو؛
    نااميدي آجڪو، اوڇڻ آديسين،
    ڪڏهن تازيءَ پُٺ تي، ڪڏهن هيٺ هلن،
    ساميئڙا سمونڊ ۾ تُنبي جيئن ترن،
    جي واڳوءَ وات وڃن، ته ڪُسن ڪُڇن ڪينڪي.

    نا اميدي ءَ کي ايئن پاڻ سان آجڪي طور کڻي هلڻ وارو ڪم ئي انسان کي پنهنجي فڪري ارتقائي پنٿ جي پنڌ ۾ رهنمائي ڪري ٿو. زندگيءَ جا لاها چاڙها ڪڏهن تازي گهوڙن تي سواري ٿا ڪرائين ته ڪڏهن وري رڻ تتي روهه ۾ رُلائي پير پٿون ڪن ٿا. ماڻهو انهن ٻنهي ڪيفيتن جي وچ ۾ جڳ جي مها ساگر ۾ تنبي وانگرتري پيو. ڪڏهن ٻُڏي ٿو ته ڪڏهن اُپڙي ٿو. ڪڏهن ڀريءَ ۾ آهي ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ آهي. زندگيءَ جي اها لوڏن لمن واري راند روند جي بازي ازل کان جاري آهي. رڳو ڪردار بدلجن ٿا. راند ساڳي آهي. اهڙين حالتن ۾ جڏهن اهي پڪي پختي ذهن وارا ماڻهو واڳو جي وات جهڙي خطري ۾ وڃن ٿا ته مورڙي وانگر پٺتي نٿا هٽن پر جڳ کي جڳمڳ ڪرڻ لاءِ سر ڏئي سرها ٿين ٿا جنهن مان وري ڪا نئين آس اُميد اڀري ٿي ۽ ماڻهو سوچڻ لڳن ٿا ته هائو ٻيلي اڃا ڪاريءَ ڏڌي اڇو کير نڪري ٿو ۽ دنيا ههڙن سور ويرتا رکندڙ، پختي ايمان وارن ۽ قرباني ڏيندڙن جي ڪري دنيا هلي رهي آهي ۽ هلندي رهندي. دنيا رڳو انهن جي ڪري نٿي هلي جيڪي رڳو هوند جي هونگار جو شڪار هوندا آهن ۽ پنهنجي اڻ هوندي ”هئڻ“ تي وڏو باور ڪري ڪڏهن فرعون، ڪڏهن هٽلر، ڪڏهن صدام، ڪڏهن زار ٿي، ڪڏهن هلاڪو، ڪڏهن چنگيز سڏائي پنهنجي خان خاني جو مظاهرو ڪندي دنيا جي پرامن ماحول ۾ ٿاڦوڙا هڻي، جڳ جو سُک کين ڦٽائيندا آهن پر سندن وجود جيڪو عدم مان موجود ٿيو آهي سو جيئن ئي معدوم ٿيندو آهي ته ڪجهه به باقي نه بچندو آهي سواءِ ان ڦٽ لعنت جي، جيڪا سندن بانور ۽ طاقت جي هوند واري ڦونڊ تي جڳ وسائيندو آهي. ايئن زمانو وري وجود کان عدم ڏانهن موٽ کائيندو آهي. عدم وجود تي جيت پائي وٺندو آهي. نااميدي جو آجڪو سمجهه ۾ اچڻ لڳندو آهي. ڀٽائي جي ٻولن ۾؛

    ”لا“ لنگهي لال ٿيا، لال لنگهيو جن،
    عدم جي اوڙاهه تي، ڪيا آسڻ اڌوتن،
    گردانيو گنگن، گرد جي گيان سين.
    نااميديءَ جي انهي فلسفي مان ئي مشرقي خيال اميد جي روشني حاصل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته مشرق جو خيال پورڻتا پسند آهي تنهنڪري ”لا“ کي جيڪو جتاءُ آهي اهو وجود کي سمجهيو نٿو وڃي. وجود تغيرپذير آهي پر عدم دوام جي درجي جو نالو آهي جنهن کي ڪنهن تغير جي ٽوڙ ٽوڙ ان جو خطرو ناهي آديسي نااميديءَ کي اوڇڻ ڪري هلندا آهن تنهنڪري انهن کي ڪا هٻڇ نه هوندي آهي. سدائين سُک ۾ هوندا آهن. بنا ڪنهن ڊاءُ ڊپ جي، جيون جي ريل ڇيل ۾ ڇال ڏيئي ڇُلندا رهندا آهن. ڇپر سندن سونهان ٿي پوندا آهن ۽ اهي ٻين جي سونهائي ڪرڻ جو ڪارج ادا ڪندا آهن. اهڙي رهنمائي جي راهه ۾ اهي پنهنجو وجود به وساري وهندا آهن ۽ عدم جي اوتاري جا هي رهواسي، هر لڪ سولائيءَ سان سچيءَ سڪ جي زور تي لنگهي ويندا آهن؛

    پاڻ نه کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ،
    اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري.

    جن سان پاڻ به نه هوندو آهي يعني اهي پنهنجي وجود کي وساري، جيڪا کُهي وک کڻندا آهن سا کين من وڻندي ماڳ تي پهچائيندي آهي. انهن جي بُک واري صلاحيت اهڙي پد تي پهتل هوندي آهي جو اهي بُک جو ”جنڃ“ تيارڪري وٺندا آهن جيڪو کين هرسفر۾ ساٿ ڏيندو آهي ۽ سندن بُک کي ماٺي ڪندو آهي. اهي نااميدي آجڪي وارا سچا انسان ”بَکُ باسڻ“ کان نه ڪيٻائيندا آهن. سڌڙيا سندن پيرن جي پڻيءَ تائين به نٿا پهچي سگهن ڇو ته سڌون ڪندڙن کي سر جو سانگو هوندو آهي ۽ ڪجهه ڏسي پوءِ اڳتي وڌندا آهن. سڌڙين جي اميد، اميد مان پيدا ٿئي ٿي، جڏهن ته سچن سامين جو سڄو زور ”لا“ تي آهي، نااميدي سندن نجهرو آهي. جنهن مان ئي اهي طمع جي سمورن ڪارونڀار ڪنن کي لتاڙي اڳتي وڌن ٿا. طمع جي ترڪڻ کان پري رهڻ لاءِ ذهين شاهه تاجي به هن ريت اظهاريو آهي؛
    يه تمنا هي ڪه آزاد تمنا هي رهون،
    دل مايوس ڪو، مانوس تمنا نه بنا.
    تمنا سان مانوسيت ڇڏي جيڪي اڳتي نڪرن ٿا. نااميدي کي آجڪو بنائي پنهنجو نرواڻ ڳولين ٿا تن جوڳين جي جاڳ جو وڏو ڀاڳ آهي. سندن واهيرو وجود جي هيڻائيءَ مان اڳتي نڪري، عدم جي جٽاداريءَ وٽ ٿئي ٿو. اهي زماني مڪاني پابندين کان اڳتي اڳتي، هليا وڃن ٿا، جتي ميين عبدالرحيم مڱرئي گرهوڙ واري جي بقول سدائين سانوڻ ٿو وسي ، بهاري ئي بهاري لڳي پيئي آهي. وڻ ڪومائڻ جو ڪاروهنوار ئي ناهي. اهڙي جٽادار ويءَ جي وائي ڀٽائيءَ هن ريت ورنائي آهي؛

    جتي عرش نه اُڀ ڪو، زمين ناه ذرو،
    نه ڪو چاڙهائو چند جو، نه ڪو سچ سرو،
    اُتي آديسين جو لڳو دنگ درو،
    پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون نانهن ۾.

    اهڙي ريت مشرق جي نااميديءَ جي فلسفي ۾ اُتم ۽ اعلى اميد آهي جنهن کي بقا ءُ ئي بقا آهي. نااميديءَ آجڪو، بي اونو ۽ اجوکو آهي.


    سارنگ آڇي سرهائي سنسار کي...

    سارنگ آڇي سرهائي سنسار کي...

    جڳ جو جنسار جميل به آهي ته حسين به آهي. سنسار جي سموري سٽاءَ ۾ جيڪا سيبتائي ۽ سگهڙائپ آهي تنهنجي ترتيب کي بنياد بنائي انساني ذهن به پنهنجي ڄاتي پٽاندر دنيا ۾ ڪڇ ويئٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان گهڙَ ڀَڃ جي ڪري ڪٿي جڳ جرڪي اُٿيو آهي ته ڪٿي اونداهي جا ڪڪرصدين کان دنيا جي قسمت جي آڀي تي ڇانيل آهن ۽ انساني خوشحاليءَ جي تحرڪ جي واٽ ۾ وڏي ۾ وڏو خطرو آهن. فطرت جو حسن ۽ جمال جتان ڪٿان ليئا پائي رهيو آهي. انساني شعوران سونهن جي سندرتا کي جتان به جهٽيو آهي يا محسوس ڪيو آهي ته ان مظهر جو سندس تخليقي سگهه تي اهڙو گهرو اثر ٿيو آهي جو هن موٽ ۾ دنيا کي سدا ملوڪ رچنائون آڇيون آهن. دنيا جي جابلو غارن ۽ غفائن جي پٿر فن کان وٺي مصوريءَ جي شاهڪار فن پارن تائين، اعلى شاعري ۽ ٻين لکتن کان وٺي دنيا جي عجائبات تائين، انسان جي سرجڻهار سگهه جا اهڙا نمونا ملن ٿا جن کي ڏسي ٽڪڻ گهمي ٿي وڃي. اهڙين حسين تخليقن کي ڳولجي ٿو ته شاه جو رسالو به سنڌ جي اهڙي تخليق آهي جنهن ۾ جتي اعلى تصور پيش ڪيل آهن تتي اهو پنهنجي پر۾ به حسين آهي. هر تخليق خيال جي حسين روپ جو نالو آهي پران سان گڏوگڏ هر تخليق هڪ حسين پيشڪش به آهي. هي چوماسو آهي. چئوماسي ۾ جڏهن ميگهه ملهاري ٿيندي آهي ته ڍٽن پٽن جيڪا گاهن جي گلزاري ٿيندي آهي ۽ سمورو ٿر سائو ٿيندو آهي. اهڙي سهڻي سمي ۾ جيڪا سرهائي ماحول ۾ ايندي آهي ۽ فطرت پنهنجي جمال جي جنسار جي جلوي کي ظاهر ڪندي آهي ته ان جمال جي صورت سموري جڳ کي موهيندي آهي. ميگهه ملار اکڙين جي تشبيهه کي جيئن ڀٽائي فطرتي جماليات جي اپٽار لاءِ بيان ڪيو آهي تنهن جي اثرپذيري هرڪنهن تي عيان آهي. سُرسارنگ سونهن ۽ سرهائيءَ جي اهڙي بيان سان ڀريو پيو آهي. جماليات کي انگريزيءَ ۾ ايسٿيٽڪس چئبو آهي. اهو لفظ يوناني لفظ "aisthetikos" مان نڪتو آهي جنهن جي معنى آهي ”محسوسات جو ادراڪ“. جماليات سونهن جي اڀياس يا فلسفي جو نالو آهي. فلسفي جي هڪ شاخ طور جماليات فن، سونهن ۽ حسن ذوق جي نوعيت ۽ مڃتا جو مطالعو آهي. ڪن ڏاهن جي خيال موجب ” جماليات، فن، ثقافت ۽ فطرت تي ناقداڻي اظهار“ جو علم آهي. جماليات جو اهڙو شعور ماڻهوءَ جي داخلي حسن کي جاڳائي ٿو، جيڪو کيس ازلان عطا ٿيو آهي. حسن جو اهو ادراڪ ماڻهوءَ کي حسن تخليق ڏانهن وٺي هلي ٿو ۽ هرهڪ پنهنجي صلاحيت آهرحسن جي اهڙي ادراڪ جو اظهار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس ازلي سونهن جو اونو ٿي پوي ٿو، جنهن جي ”احسن تقويم“ مان سندس خمير جُڙيو آهي. هو جڏهن ان ازلي حسن جي ادراڪ کان منهن موڙي ٿو ته پوءِ سندس انجام ”اسفل سافلين “ آهي. اهي اهڃاڻ انسان جي پيار جي پنڌ ۾ رهنمائي ڪن ٿا تڏهن ته ڀٽائي سائين چيوهو؛

    سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،
    وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهي حسن ري.

    حسن جي انهي اتم ادراڪ کي ڀٽائي سُرسارنگ ۾ فطرت جي پڙاڏي، محبت جي مانڊاڻ ۽ سنسار جي سرهائي جي اعلى تصورن هيٺ ڳائي بيان ڪيو آهي. سنسار جي سونهن پنهنجي جوهر ۾ جنم کان ئي موجود آهي. اهڙي ازلي سونهن سان ڪنهن شئي هٿ چُراند ڪئي آهي ته اهي انساني ڪرت جا ڪرتوت آهن جن جي ڪري فطرت جي سيني تي ڪڏهن رهڙون اچي وڃن ٿيون ته ڪڏهن وري ان جي پيشاني جو سنڌور جهڪو ٿي پوي ٿو. نتيجي ۾ فطرت جو سينو متاثر ٿي پوي ٿو يا وري فطرت جي سندرتا جي سينڌ ميري ٿي وڃي ٿي. اهڙي صورتحال تي وري انسان مٿا پٽ ڪرڻ لڳي ٿو ته هاڻي دنيا جو ڇا ٿيندو؟ هو ڪڏهن به اهو مُڙي نٿو ڏسي ته منافعي خوريءَ لاءِ سندس جوڙيل ڪاڪ محل دنيا کي دوزخ بنائي رکيو آهي. اهڙي ڪاڪ محل جي ڪُوپ ۾ هرڪا شئي محض منافعي تي ڇيڙو ڪري ٿي، ان کان اڳتي ان جو ٻيو ڪوئي ڪارج ناهي. اهڙي رويئي مان جيڪا اجتماعي هٻڇ پيدا ٿي آهي تنهن دنيا کي اسفل سافلين بنائي وڌو آهي. ڪيپيٽلزم جي ڪوڪٽ دنيا کي ڪوڙي ڪرنسي ته اکٽ ڪمائي ڏني آهي پرقدرتي وسيلن جي کاپي جي توازن کي اهڙو متاثر ڪيو آهي جوان سان فطرت جي ازلي حسن سان به هٿ چُراند ٿي آهي. اهڙي هٿ چراند جو هڪڙو ننڍڙو مثال خصوصن ڪارونجهر جبل جي ۽ عمومن سموري ٿر جي ان گگرال جي وڻ جو آهي جنهن مان سمورو گگر هڪڙي ڌڪ سان ۽ تڪڙو ڪڍڻ لاءِ، ٽُڪا ڏيئي ڪيميائي مادو وجهي، ڪُڌو عمل ڪيو ٿو وڃي. هن موسم ۾ گگلڻ جا ٻوٽا ڪارونجهرکي سائو ڪري ڇڏيندا هئا، ان ساوڪ ۾ هاڻي گهٽتائي اچي ويئي آهي. فطرت سان اها بدڪاري به بازار جي ڪارندن ۽ منافعي خوريءَ جي مهندارن جي ڪيل آهي. اهو خرارمان مُٺ جيترو مثال آهي. ٻيا اهڙا انيڪ مثال آهن. ڀٽائي سائين سُرسارنگ ۾ فطرت جي منظرنامي کي هن ريت بيان ڪري ٿو؛

    ماڙهو مرگهه مينهيون، سڀ سارنگ کي سارين
    آرون ابر آسري، تاڙا تنوارين،
    سپون جي سمنڊ جون، نئين سڄ نهارين،
    پلر پيارين، اُڃين آب اگوندرو.

    فطرت جو هڪڙو پنهنجو ڦيرو آهي جنهن ۾ اها هرضرورت جو پورائو ڪري ٿي ۽ فطرت اهڙن ڦيرن سان پنهنجي هر وسيلي جي ريچارجنگ ڪندي رهي ٿي. هرشئي هڪڙي طئي ٿيل ماحولياتي، ارضياتي، حياتياتي، وغيره جهڙن مرحليوار عملن سان رچائي ، تاروتار ڪري ڇڏي ٿي. انساني هٻڇ جيڪي حرڪتون ڪرائي ٿي اهي وري انهن فطرتي عملن کي متاثر ڪن ٿيون ۽ نتيجي ۾ فطرت انسان تي ڪروڌجي پوي ٿو ۽ پوءِ جيڪي ٿئي ٿو، ان جي احوال سان دنيا جي آفتزدگيءَ تاريخ جو مهاساگر موجزن آهي. مند تي فطرت جو جمالياتي جنسار هرشئي جي ضرورت پيدا ڪري ٿو ۽ ان گهرج کي هرهڪ سارڻ لڳي ٿو. انسان پکي پکڻ، جيت جانور، آبي جيوت پنهنجي پنهنجي لات سان سرهائي گهرڻ جي ڳالهه ڳائي ٿي. ميگهه ملار ڀٽائي وٽ فطرت جو هڪ اهڙو روپ آهي جنهن مان هو محبت جي مانڊاڻ کي به نروار ڪري ٿو ته انساني خوشحاليءَ کي به تصورائي ٿو. ميگهه ملار جي سڀ جڳ موهڻ جي فطري منظر ڪشي، اُترجي ڪارين ڪڪرين ۽ برسات ۾ ڀِڄي ڳرين ٿيل ٽهڪندڙ ٽارين جي سهڻي نظاري کي پيش ڪندي هن ريت اظهاري ٿو؛

    اڄ پڻ اترپار ڏي، ڪڪريون ڪاريون،
    وسي ٿو وڏڦڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون،
    لٿين لُک لطيف چئي، ڍايون پاساريون،
    ڀڄنديون ڀٽاريون، وري وٿاڻن آئيون.

    سنسار جي اهڙي سرهائي، محبت جي مانڊاڻ جي يادگيري ڏياري ٿي نه بُک عشق وسارائي ٿي ڇڏي. انسان کي پيٽ پٽڻ جي پيڙا پرت جي پلر پيئڻ کان پري رکي ٿي. آگم جي اميد، من کي نينهن جي نويد ڏئي ٿي. سڄڻ جي سار من ۾ ميگهه ملاري مچائي ٿي. اهڙي ميگهه ملاريءَ سان اندر ۾ ”ڀُون ڀِڄڻ“ جي آس اُڀري ٿي. ڀون ڀڄڻ جي اهڙي خواهش ور جي خيال کي اهڙو زورائتو بنائي ٿي، جو ان جوئي اچڻ سڀ ڪجهه محسوس ٿئي. ان جي اچڻ سان هرڪا مند مينهن جي مند محسوس ٿيڻ لڳي ٿي.

    اڄ پُڻ اميدون، آگم سنديون اُڀ ۾،
    سانوڻ پسي سرتيون، سڄڻ ساريو مون،
    آئون آسائتي آهيان مان ڀڄائي ڀُون،
    گهرِته گُهرجين تون، مند مڙيوئي مينهن جي.

    مينهن ۽ نينهن کي ڀٽائي هڪڙو اکر يعني ساڳي ڳالهه سمجهي ٿو. ڪڪرن جون ڪيهون به ڄڻ قرب جون ڪيهون آهن. اُترکان ايندڙ ڪڪر قلب جو ڪس لاهي، انسان کي وري نوبنو ڪري ڇڏيندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته انساني ڪرت فطرت کي ايئن ڦٽيو آهي جو هاڻي اتر جا ڪڪرايترو ته انتشار جو شڪار ٿيا آهن جو اهي ڪنهن پل ڪٿان ٿا اچن ته ڪنهن ويل ڪٿان ٿا منهن ڏيکاري. لهڻاتي برسات کي لوڪ سڪي ويو آهي. مينهو ڳيءَ ۾ اها مامهه نٿي ٿئي جيڪا من جي موسم کي خوف ۽ آس جي گڏيل جذبن سان متحرڪ ڪندي هئي ۽ من گرنار جي مورن جيان ٽهوڪا ڪري هيئن آلاپڻ لڳندو هو؛

    اُترا ٿي آيو، ته ڪڪر لاٿم ڪس،
    وُٺو مينهن وڏڦڙو، ڪئو جوراڻي جس،
    نيڻ ٽمندا پس، وس ته ورن سُپرين

    فطرت جي ڦيري، انسان کان اهو سُڪون کسي ورتو آهي جيڪو من جي درپن مان معڪوس ٿيندو هو. دنيا سڪون ۽ شانتيءَ کي بازارمان خريدڻ جي چڪر ۾ سڀ ڪجهه وڃائي، ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهي آهي. گهڻي ڪجهه حاصل ڪرڻ جي دعويدار دنيا وٽ پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جو به پورو سامان موجود ناهي. سڪون ڪٿان ايندو، جيڪو آهي ئي داخلي ڪيفيت جو نالو. خارجي شين ۾ ڳوليل سڪون عارضي ۽ ايذائيندڙ آهي. ان جي ڀيٽ ۾ فطرت جيڪي آڇي ٿي اهو جٽادارآهي. جڏهن آب اگوندرو وسي ٿو، تڏهن سمورا اهنج ايذاءَ لهي وڃن ٿا. ڪڪرن جون آب هاڻيون اُٻون جڏهن اوهيراڪري اورڪون وسائين ٿيون ته پلر جي پالوٽ ٿي پوي ٿي. گاهن جا پٽن تي پاهه ٿين ٿا. اهڙي وڏيءَ وس جون ڳالهيون ڳنوار به ڪن ٿا ته هاڻي خوشحالي يقيني آهي. اهڙي طرح سُرسارنگ فطرت جي حسين منظرڪشي، پيارجي پالوٽ ۽ انساني سرهائي جو داستان پيش ڪري ٿو جنهن ۾ مختلف تصور....سونهن جو تصور، محبت جو تصور، جنس جو تصور ۽ خوشحاليءَ جو تصور...... ڀلوڙانداز ۾ پيش ڪيل آهن. سنسار کي سُرسارنگ سرهائيءَ جو پيغام ڏئي ٿو، جنهن ۾ وسيلن جي ورڇ به هرڪنهن لاءِ ضرورت پٽاندر هوندي. ڪا به ڦرلُٽ نه هوندي. ڪا ذخيري اندوزي نه هوندي. هرهڪ فطرت جي سائيءَ لام جا مزا ماڻيندو ۽ ڳڻ ڳائيندي، هيئن چوندو؛
    حڪم ٿيو بادل کي ته سارنگ ساٺ ڪجن،
    وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن ٽمن،
    جن مهانگي لئي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،
    پنجن مان پندرهن ٿيا، ايئن ٿا ورق ورن،
    ڏڪاريا ڏيهه مان، موذي سڀ مرن،
    مينهيون پاڻ پراديون، ٿڌا ٿر چرن،
    وهڪي جن ورهيه ٿيا، موٽئو سي مڙن،
    وري وڏيءَ وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
    سيد چئي سڀن، آهي توهه تنهنجي آسرو.

    سر نسريا پانڌ، اُتر لڳا آءُ پرين!
    سنڌ جي سونهري ماضيءَ جا سمورا قصا اکين تي پر جڏهن حال جي هيڻائين، ڏکن، ڏوجهرن ڏانهن نگاهه گهمائجي ٿي ته جيءُ جهري ٿو ۽ اها جيءَ جهوريندڙ ڪيفيت، هن موسم ۾ جڏهن وڻجاري جي ونيءَ يا زال جي ٿيندي هئي ته اها هن ريت اظهاريندي هئي؛

    سر نسريا پانڌ، اُتر لڳا آءُ پرين،
    مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سُکائون ڪيون.

    انهي ڪيفيت جي محسوسات جو سيڪ محسوس ڪري سگهجي ٿو ته سياري جي مند شروع ٿيڻ ۽ وڻجاري يا واپاريءَ جو گهر موٽڻ ۾ دير ڪرڻ بابت سندن ونين کي ڪيتري اون هوندي هئي، جن جي ونين ۾ ولايت اُسهيل وڻجارن جو انتظار هوندو هو. ونين ۾ وهڻ جو ان کي عرض ڪيو ويندو آهي، جنهن جون ميخون من ۾ لڳل هونديون آهن. دل ۾ ديرو هوندو آهي. دل چوندي آهي ته اهو شخص اکين ٿي ويهي ته واري ڇپر ڍڪجن جيئن ”ڪنهن ٻئي“ تي نظر به نه پوي ۽ ”ڪو ٻيو“ پرينءَ کي به نه ڏسي. انهي ڪيفيت کي ڀٽائي هن ريت چٽيو آهي؛
    اکين ۾ ٿي ويهه، ته واري ڇپر ڍڪيان،
    توکي ڏسي نه ڏيهه، آئئون نه پسان ڪو ٻيو.

    ساڳيو خيال ميران ٻائيءَ جي من موهڻي مڌر لهجي ۾ به محسوس ڪري سگهجي ٿو، جڏهن هوءَ پريءَ پسڻ جي منظر ڪشي ڪندي هن ريت چوي ٿي؛
    نينا انتر آئيو، پلڪ ڍانپ توهي لون،
    نا مين ديکون اور ڪو، نا توهي ديکن دون.
    اور کي ڏسڻ جي انهن قصن کان هٽي ڪري سُر سامونڊيءَ ۾ جيڪي اندر اور جون اٿاهه گهرايون نظراچن ٿيون، تن جي ڳوڙهائيءَ ۾ معنى جا موتي ڳولهي سگهجن ٿا. سُر سامونڊي جنهن لاءِ سنڌ جي انتهائي وڏي عالم آغا محمد يعقوب لکيو آهي ته اهو سُر سرراڳ جو تسلسل آهي. هن سُر ۾ 3 داستان آهن، جن ۾ جيڪي بيت ۽ وايون آهن انهن مان هرهڪ بيت پنهنجي جوهر ۾ انتهائي جوهردار آهي جنهن جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ لطيف جي عميق ساگر مان سڪ سان سُرڪون ڀرڻيون پونديون. رڳو لفظ ناهن. ڀٽائيءَ جي ڳالهه انتهائي گهري هوندي آهي تنهنڪري ڳالهه جي ڳر کي ڳولهڻ لاءِ سڀئي پاسا نهارڻ به ضروري آهن. لطيف جو ڪلام انتهائي لطيف آهي جنهن جي جا ڪيترائي تهه آهن ۽ هر تهه کُلڻ سان معنى جا نت نوان املهه موتي جهلڪ ڏيکارين ٿا. هيءُ سُر ته سمورو اندر جو اورڻ آهي جنهن جو ڦورو ڦولهڻ به ڳورو ڪم آهي. لفظ سامونڊي جيئن ته سمنڊ مان نڪتل آهي ۽ سمونڊ لاءِ سنڌيءَ ۾ اونهو، اوهرو، ۽ کارو جهڙا لفظ ڪم آيل آهن. سمنڊ جيڪو هن ڌرتي۽ جي گولي جي ٽن حصن کي والاريو بيٺو آهي تنهن جي اهميت جڳاندر جهوني آهي ڇاڪاڻ ته انسان ذات جڏهن کان پنهنجي اقتصادي سرگرميءَ کي وڌائي وڻج واپار جي صورت ڏني آهي ته سمنڊ ئي آهي جيڪو انهي چرپر کي پنهنجي پهلوءَ ۾ سمائي، ابن آدم لاءِ انيڪ جنتن جوڙڻ جي اهتمام ۾ ِ مددگار ثابت ٿئي ٿو. دنيا جي مهاساگرن ۾ پئسفڪ مهاساگر سڀني ۾ وڏو سمنڊ آهي. ان کانسواءِ ائٽلانٽڪ مهاساگر، هندي مهاساگر به وڏا سمنڊ آهن. سمنڊن جي دنيا به وسيع، عميق،عجيب ۽ ٻهڳڻ آهي جنهن جي گهڻاگهڻي بابت اڃا ته اڀياس ٿي رهيا آهن. سمنڊ ۾ ميريانا کَڏَ جهڙيون اونهيون کاهيون آهن ته برمودا ٽڪنڊي جهڙا ڪن پڻ. جن ۾ ڪيئي اجگر وٿون غرق ٿي ويون آهن ۽ ڳوليون به نٿيون لڀن.ايئن سمنڊ وڏي ماحولياتي اقتصادي، ۽ دفاعي سرگرمي جو اهڙو آکاڙو آهي، جيڪو صدين کان انسانن جي لتاڙ ۽ چلهاڙ کي سهندو اچي. سمنڊ جي مختلف روپن جا الڳ نالا آهن جيئن نار، راس، اُپسمنڊ، ڳچي سمنڊ وغيره. ڀٽائي جي سُر سامونڊيءَ کي جڏهن پڙهجي ٿو ته روميءَ جي مثنوي جون هي سٽون ذهن تي تري ٿيون اچن؛
    شنيده ام ڪه عزم سفر مي ڪُني م ڪن،
    مهر حريف ديار دگر مي ڪُني م ڪن.

    يعني مون ٻڌو آهي ته سفر سنبريو آهين، مهرباني ڪري نه وڃ. تون هڪ دوست کي پاڻ کان ڌار ٿو ڪرين، مهرباني ڪري ايئن نه ڪر. اهڙي طرح ڀٽائي به سرسامونڊيءَ ۾ هن ريت فرمائي ٿو؛

    اُلوڙڻ نه ڏئي ور وڌائين ونجهه کي،
    رهه اڄوڪي راتڙي، لالڻ مون لائي،
    وڃ م ڦوڙائي، ايڏي سفر سُپرين.

    ڦوڙائي فراق جي اهڙي اذيت ناڪ ڪيفيت مان گذرندڙ وڻجاري جي وهو هن سُر جو مُک ڪردار آهي، جنهن جي چوڌاري ڪربناڪي جي سموري ڪهاڻي گهمي ٿي، جنهن ۾ انيڪ اهڙيون ڳالهيون به آهن جن جي حسناڪي کان هرهڪ هرکجي ٿو. هونئن به درد تخليق جو سبب رهيو آهي. سموري سرجڻهاريءَ جي سرشتيءَ پويان درد ئي درد آهي. وڻجاري جي وني پهريائين وڻجاري کي سفر سنبهڻ کان جهلي ٿي جڏهن هو سندس پليو نٿو رهي ته پوءِ هوءَ سندس سُک سلامتيءَ لاءِ سهسين سُکائون باسيندي هن ريت چوي ٿي؛

    سر نسريا پانڌ، اُتر لڳا آءُ پرين
    مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سُکائون ڪيون.

    وڻجارو جنهن کي پنهنجي وڻج واپار جو اونو اُلڪو آهي تنهن جي سفر کي ملتوي ٿيندو نه ڏسندي، وڻجاري، وڻجاري جي ماءُ کي وچ ۾ پوڻ جو سوال ڪري ٿي جيئن متان اهو ماءُ جو چيو مڃي پنهنجي سفر جو سعيو ڀڃي. لطيف هن جي واتان هن ريت ٻولي ٿو؛

    وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پليين،
    آيو ٻارهين ماه، پُڻ ٿو سفر سنبهي.

    اهڙي طرح جڏهن هن سر جي ٽنهي داستانن کي ڏسجي ٿو ته انهن ۾ انساني ذهن جي ارتقا جا ٽي ڏاڪا نظر اچن ٿا. پهرئين مرحلي ۾ جڏهن شاه سائين وڻجاريءَ کي پڳهه پاسي گهارڻ جي صلاح ڏئي ٿو جيئن وڻجارو ٻيڙو اولي اوهري هليو نه وڃي. انهي حال ۾ انسان جي انتهائي هٻڇ واري اجهل حالت هوندي آهي ۽ سندس سمورو رويو حيواني جبلتن جي جهلڪ ڏيکاريندي محسوس ٿيندو آهي. تصوف جي اصطلاح ۾ انهي ڏاڪي کي نفس اماره چيو ويو آهي. انهي هڻ هڻان ۾ ماڻهو ڪچو هوندو آهي سندس ڪوششون اڪارٿ وڃن ٿيون. وڻجاري به وڻجاري جي ٻيڙيءَ کي سڀني ڪوششن جي باوجود روڪي نٿي سگهي. انهي کان پوءِ وري ٻيو مرحلو شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ جڏهن وڻجارو ٻئي سفر سنبهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ڇاڪاڻ جو کيس سمنڊ ۾ سڻائو واءُ نظر اچي ٿو. هو پنهنجي سفر تي هليو وڃي ٿو. تڏهن وڻجاري وري تڙ پوڄڻ ٿي لڳي، اناج جي دڻن بجاءِ کٿوري اکا وجهي ٿي ۽ جر جون جاٽون ٿي ڏئي جيئن وڻجارا خير سان موٽي ماڳ اچن. انهي ڪيفيت کي ڀٽائي هن رين بياني ٿو؛

    اُڀيون تڙ پوڄين، وهون وڻجارن جون
    آڻيو اکا ڏين، کٿوري سمنڊ کي.

    ٻين وڻجارين کي به هوءَ صلاحون ڏئي ٿي ته توهان به پنهنجي وڻجارن جي خير کين موٽڻ لاءِ جر جون جاٽون ڏيو، ڏيئا موهيو. جيڪڏهن ايئن نٿيون ڪري سگهو ته پوءِ پنهنجي ڪانڌ جون سڌون ڪرڻ ڇڏي ڏيو. سندس اها صلاحيت کيس ڪجهه مٿاهين پد تي پهچي ٿي ۽ منجهانئس اڳوڻي بي صبري گهٽجي وڃي ٿي. هوءَ پنهنجي سرتين سهيلين کي به سُٺيون صلاحون ڏيڻ لڳي ٿي. منجهس اها صلاحيت ڏکين ۽ وڇوڙي ڀرين مرحلن مان اُڪري پار پوڻ جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. انهي ڏاڪي کي تصوف جي ٻوليءَ ۾ ”نفس اللوامه“ چيو ويو آهي. جڏهن وڻجاري انهي مرحلي مان اڳتي وڌي ٿي ته به وڻجاري کي پلڻ جي ڳالهه ڪري ٿي. انهي جهل پل لاءِ هوءَ وڻجاري جي ماءُ کي وچ ۾ پوڻ جو عرض ڪري ٿي. اهو رستو کيس مناسب نظر اچي ٿو. وڻجاري جي وڇوڙي کي قبوليندي انهي صورتحال سان هوءَ سمجهوتو ڪري ٿي ته وڻجاري کي موٽڻو آهي هو ضرور موٽي ايندو. انهي لاءِ هوءَ نه رُڳو سفر دوارن باسون باسي ٿي پر وڻجاري جي خير سان موٽي اچڻ تي تي خير خيرات ڏئي ٿي. اهو ڏاڪو سڪون ۽ آسودگي ءَ وارو مدارج آهي جنهن ۾ انساني سوچ سامائجي بالغ ٿئي ٿي. اهڙي اطمينان واري مرحلي ۾ انساني ذهن کي تصوف جي تنوار ۾ ”نفس مطمئنه “ چيو ويندو آهي.
    ان ريت سُر سامونڊيءَ ۾ انيڪ اصطلاح ۽ لفظ به استعمال ٿيل آهن جن معنى به اسان کي سُتڙ وٺي ويندي ۽ اوتڙ اولڻ جو امڪان گهٽجي ويندو ڇاڪاڻ ته انساني ذهن جڏهن گهڻو ڀٽڪندو آهي کيس ڪا رهنمائي نه ملندي آهي ته پوءِ اهو ڏُتڙ پئجي ويندو آهي، ايئن ڀليل ڀٽڪيل هينئڙو ڏتڙ پئل ٻيڙيءَ جيان لڏندو لمندو رهندو. هن سُر ۾ ٻيڙيائتي ڪرت سان لاڳاپيل کوڙ سارا لفظ آهن، جن جي اوک ڊوک ضروري آهي. جهازن جو لنگرهڻڻ ۽ ڪناري تي پڳهجڻ هڪ وڏي سرگرمي هوندي آهي جنهن ۾ سرهائيءَ جو سنيهو هوندو آهي. وڻجارن جو اصلي ساڻيهه سمنڊ آهي جن جي پڳهه پاسي جيڪڏهن نه گهاربو ۽ ويسري وک کڻبي ته اهي ته پرڏيهه هليا ويندا، جن جو موٽڻ ٻارهين ماه آهي. جيڪو من نيڻن ۾ لنگريل آهي، سو اوليءَ سان اوهرجڻ به ڏکيو آهي. سٻاجها سيڻ ڳڻ ڪري هنيون ڳهي ڇڏيندا آهن يعني پاڻ وٽ گروي رکي ڇڏيندا آهن. جوڀن جي ڏينهن ۾ جيڪي وڻجارا وهون اڪيليون ڇڏي ويندا آهن سي پنهنجي پاڻ کي چيئن چڙهيل سمجهنديون آهن يعني سندن جي مسلسل عذاب ۾ مبتلا هوندو آهي. سند انگڙا انگُن چڙهيل محسوس ٿيندا آهن. ڪرب جي اها مسلسل ڪيفيت انسان جي اندر ۾ جيڪي ڪيفيتون اُتپن ڪري ٿي سي عجيب هونديون آهن. هوڙو به ٻيڙيءَ جو نمونو آهي جنهن جا هلائيندڙ يعني هوڙاڪ جڏهن تڙان نڪري اونهي اوهري ۾ هليا ويندا آهن ته پوءِ وڻجارن وايون ٻُڌڻ ۾ نه اينديون آهن ۽ تڙ اُداس ۽ اسارا اسارا لڳندا آهن. هن سر جي انهي سونهن کان هٽي ڪري جيڪڏهن ان جي موضوع کي ڏسجي ٿو ته اهو وڻج واپار آهي. واپار کي سنڌي سماج ۾ وڌندڙ وٿ سڏيو ويندو هو. هن وقت سنڌ واپار جي معاملي ۾ پوئتي پئجي ويئي آهي، نه ڪو وقت هوندو هو، جو سنڌ ورڪي سون جا سوداگر هوندا هئا. انهي صورتحال کي ڀٽائي هن طرح بيان ڪيو آهي؛

    لنڪا لنڪا ڪن، لئي لنڪا جي اوهريا،
    سُڻي سون لنڪا جو، سُک نه سامونڊين،
    پره پڳهه ڇوڙيا، کاري کيڙائن،
    وڏي ڀاڳ ڀڙن جي ڪهيا ڪارونڀار ڏي.

    لنڪا جي سون جا اهي سوداگر خوشحال سنڌ جا ضامن هوندا هئا جيئن سانجهي تارو سُک ۽ سرهائي جو ضامن هوندو آهي. سکي ستابي سنڌ، وڻج واپار جي ڪري خوشحال هوندي هئي نه ئي ڪنهن نڙي ڦاڙ نعري جي زور تي اها خوشحالي بيٺل هئي. سنڌ جي موجوده صورتحال جي حقيقت جيڪڏهن ظاهر ٿي ڪجي ته مرون به ماٺ ۾ پئجي ويندا، ڏونگر ڏري پوندا، وڻ سڙي خاڪ ٿي پوندا، زمين جلي بُٺ ٿي پوندي جنهن تي ڪا اوڀڙ نه اُڀڙي سگهندي، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي هزارين ڳوٺن جي آبادي اڄ به غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي جو ڳرو گاڏو گهلي رهي آهي جنهن کي پيئڻ جو صاف ۽ مٺو پاڻي به ميسر ناهي، جنهن کي پنهنجي دردن جو دارون دوا ڪرائڻ لاءِ ڪا صحت جي مناسب سهوليت دستياب ناهي. ڳوٺن توڙي شهرن ۾ ڪن ڪچري جا ڍير لڳا پيا آهن جيڪي بيمارين ۾ ۽ ڊاڪٽرن جي آمدنيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ڪري رهيا آهن. سلامتي جي صورت احوال به ڪو ايترو سُٺو ناهي. عورتن ۽ ٻارن جي حالت ته انهن ڳوٺن ۾ جانورن کان به بدتر آهي جنهن جي ابتريءَ جو افسانو ڏهاڙي شايع ٿيندڙ اخبارن ۾ پسي سگهجي ٿو. نوجوان بيروزگاريءَ جي ڪڙهائي ۾ ڪڙهن پيا، سندن تعليم جي معيار جو حال پورو سارو آهي ، نوڪري وٺڻ لاءِ سفارش پويان جيڪا ڊوڙ ڊڪ ٿئي ٿي اها به ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي. انهي ۾ وري سون تي سهاڳو تڏهن لڳي ٿو جڏهن رشوت سفارش کي به مات ڏيئي وڃي ٿي. اهڙي طرح جنهن کيسو ڀرتو آهي پهرين پتڻ سوئي چڙهي ٿو باقي ٻيو ويٺو ٻانگون ڏئي. خريد ۽ فروخت جي انهي تيزگام صرف اهوئي سفر ڪري سگهي ٿو جنهن وٽ ٽڪيٽ وٺڻ جي سگهه هجي. ذهني ۽ فڪري طور ڏسجي ته ناه ڄاڻ ڪيتريون ”پرستيون ۽ پرستشون“ سنڌي سماج کي ڄورن وانگر چهٽل آهن. اٻوجهه عوام ته اهڙن واڳن جي وات ۾ آهي پر ساڃهه وند سڏائيندڙ طبقي جي اڪثريت پڻ استحصالي طبقن سان ٻِٽ بنيل آهي. اهڙي ڪلجڳي دؤر ۾ وڻج واپار جي ڪرت ۽ معياري تعليم ماڻهن جي واهر جو وکر مهيا ڪري سگهن ٿيون. تجارتي سنڌ (مرڪنٽائل سنڌ) ئي سُکي سنڌ هوندي. ڀٽائي ءَ جو سُر سامونڊي اهڙي عمل کي وڌائڻ لاءِ مهميز جو ڪم ڏيندو. سر سامونڊي ۾ ڀٽائيءَ پاران پيش ڪيل سنڌ جي ريوائيول لاءِ سوچڻ جو وقت آهي. دنيا کي کوڙ سارا چئلينج درپيش آهن. انهن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ واپار جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ ضروري آهي. سرمائي واد جي موڙيءَ تي آڌارڪ اقتصادي سرشتي جو انحصار کليل مارڪيٽ تي آهي ۽ کليل مارڪيٽ جو امان ابو نفعو ۽ نفعو آهي. انهن سڀني اهنجائين جي باوجود اڳتي اچڻو پوندو. هن وقت سنڌي ماڻهو جو مکيه دارومدار زراعتي اُپت تي آهي. زمينون رکندڙ ڌُرين جي به حالت اها آهي جو اهي پنهنجي انهي اثاثي کي ڊائورسيفاءِ نٿا بنائين. تنهنڪري جڏهن ڪا آفت اچي ڪڙڪي ٿي ته پوءِ اهي وٿون رکندڙ طبقا به ڏکيا ٿي ٿا پون يا کين اهي اباڻيون وٿون وڪڻڻيون پونديون آهن. انهن سڀني مونجهارن جو حل انٽريپرينيوئر ٿيڻ ۾ آهي. سنڌ جيئن ئي انٽرپرينيوئرشپ ڏانهن وڌندي ته پوءِ ئي اها وڃايل خوشحالي موٽي ايندي ۽ سنڌي وري هن قسم جي سماج ۾ جيئڻ لڳندا.

    کاري کيڙائو، مٿي مِٺي موٽيا،
    سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو،
    موتي جي مهراڻ جا، تن جا طامائو،
    سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا.


    کوءِ آسون عمرڪوٽ جون....

    کوءِ آسون عمرڪوٽ جون....

    ڀٽائي جي ڏات ۾ جتي ڏيهه جي ڏک ۽ ڏولائي ڏور ڪرڻ جي ڏيا هئي، تتي سارو عالم آباد ڪرڻ جو اڪنڊيل عزم به هو. سنڌ تي سُڪار جي دعا گهرندي هن عالم کي آباد ڪرڻ لاءِ به ٻاڏايو هو. ڌرتيءَ تي انساني وجود ۽ انسان پاران سماج جوڙڻ جو اڏٽا وارو عمل جُڳن کان جاري آهي. دؤر مٿان دؤر ايندو ۽ ويندو رهي ٿو. واريون ڦرنديون رهن ٿيون. ڪڏهن وارين جا وارا نياراٿي وڃن ٿا ته ڪڏهن وري وارين تان واري وري وڃي ٿي. واري ڪنهن جي بادشاهي جي دؤر کي چوندا آهن. واري سماج تي پنهنجا پنهنجا اثرڇڏي وڃي ٿي. اهڙي طرح سماج ۾ اقتصادي سرشتا اسرن ٿا. وڌي بلوغت کي پهچن ٿا ۽ پوءِ زوال پذير ٿين ٿا. عروج ۽ زوال جي اها ڪهاڻي سوين سلطنتن جي تواريخ جي ترائيءَ ۾ پسي سگهجي ٿي. انهي ترائيءَ ۾ ڪيئي لاها چاڙها نظراچن ٿا. ڪڏهن ڇٽ پٽن تي ته ڪڏهن پٽ ڇٽن تي هوندا آهن. انساني قانون ڦرندا گهرندا آهن. فطرت جا قانون اٽل آهن. اهي پنهنجي رفتار ۽ رواني سان پيهم روان رهندا آهن. هڪڙا سماج ٻئي سماج کي جنم ڏيندا آهن. ايندڙ سماج ماضيءَ جو مزار بنجي ويل سماج مان وِڏون ڪڍندو رهندو آهي. اها ڏيکائي ڏيندو آهي ڄڻ اهو پنهنجي اڳوڻي سماج کان تمام گهڻو بهتر آهي. ڪڏهن وري موجوده دؤر ماضيءَ جي مزارن تي فخر واري دعوى ڪندي، انهي جو پونير سڏائيندو آهي. اهي انساني هيراڦيريءَ جا هلڪا مثال آهن. انسان جي عقل ۾ ڪيئي وڏيون وٿون به پوشيده آهن جيڪي جڏهن ٻاهر اچن ٿيون ته زمانن کي رنڱي ڇڏين ٿيون. اها انساني فڪري اوسر ۽ ارتقا لاهيون لهندي چاڙهيون چڙهندي زمانن کي ڪڏهن زمين دوز ڪري ڇڏي ٿي ته ڪڏهن وري زمانا پنهنجي عروج تي پهچن ٿا. انسان اجيت مان هيڻي ڏانهن اوٿلو کاڌو آهي. هاڻي وري اجيت ٿيڻ جي چڪر ۾ آهي. انهي چڪر ۾ ڏينهون ڏينهن هيڻو ٿيندو وڃي پيو ۽ سندس پاڻ وهيڻائي به بيوسيءَ جي ماجرا بيان ڪري ٿي. هن وقت دنيا جنهن اقتصادي ۽ سماجي سرشتي کي ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي اڀو ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، اهو سرشتو انسان کي مالي مالداري ته ڏيئي سگهيو آهي پر ذهني ۽ روحاني سڪون ڏيئي نه سگهيو آهي. دنيا سُڪون جي ڳولا ۾ انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي رڻ ۾ ڊوڙي رهي آهي. دنيا جي انهي اقتصادي سرشتي ماڻهوءَ کان انسان ٿيڻ وسارائي ڇڏيو آهي. ڪٿي هو حيوان جي روپ ۾ پاڳلن جيان هڻ هڻان ۾ لڳو پيو آهي ته ڪٿي هو فرشتو ٿيڻ جي چڪر ۾ آهي ته ڪٿي هن وسيلا لٽيندڙ اقتصادي سرشتي کيس مرڳو شيطان بنائي ڇڏيو آهي. ماڻهوءَ جي اهڙي ڊوڙ ڊڪ هن وقت کيس بُک ۽ غربت جي اونهي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي جتي سندس عقل اوڇو ٿي پيو آهي ۽ هو هوا ۾ هٻڇ وچان هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي. دنيا ۾ مادي ترقي ماڻهوءَ کي ڪويسرڪلون ته ارزان ڪري ڏنيون آهن پر انهن ڪلن کي ڪاهڻ لاءِ، ماڻهوءِ پنهنجي ذهني صلاحيت کي سکيا جي سراڻ تي چاڙهي تکو نه ڪيو آهي. تڏهن ته هو هن ڀرئي تُرئي جهان ۾ اڄ به اها رڙ ته ڪري ته ”گهوڙا ڙي بُک ٿا مرون.“ بُک جي انهي ڍنڍوري پٽن سان گڏوگڏ هو بُک جي سبب ڳولڻ بجاءِ، بُک جو مادي حل پيش ڪري ٿو جيڪو غيرجٽادار آهي. بک انساني ضرورت مان اڀرندڙ خواهش سان گڏوگڏ ذهني ڪيفيت جو به نالو آهي. فڪري حل ئي بُک کي ماٺو ڪري سگهي ٿو نه ته ٻي ڪا واهه ڪانهي. اهڙا حل اسان جي شاعراڻي فڪري ورثي ۾ موجود آهن جن کي دنيا جيڪڏهن پنهنجي حڪمت عملين جو حصو بنائيندي ته اها انهي ڇتي بُک جي وات مان نڪري ايندي. شاه عبداللطيف ڀٽائي انسان جي انهي پهلوءَ بابت به پنهنجي شاعري ۾ ڏاهپ ڀريا ڏس ڏنا آهن، جن جو گس وٺي ماڻهو گوندر جي گت هٿان پت وڃائجڻ کان بچي سگهن ٿا. ڀٽائي ذهني بُک کي مٽائڻ جي صلاح ڏئي ٿو. ان سان ٻيون سموريون بُکون ۽ غربتون دؤرٿي وينديون. هو مارئي جي واتان فرمائي ٿو؛

    ڪارا ڪراين ۾ سون اسان کي سوءِ،
    ور جيڏين سان جوءِ، فاقو فرحت ڀانئيان

    جيڏين جو ايترو خيال هجڻ جو ماڻهو فاقي کي به فرحت سمجهي. هن دنيا ۾ ته هينئرگلوبلائيزيشن جو ڀير تي ڏونڪو لڳو آهي جنهن ۾ جيڏين جو تصور ئي ناهي. ماڻهوءَ جي جيستائين ڪنهن وطن سان وابستگي نه هوندي ڪن ماڻهن سان من ورندي نه هوندي ته هو انسان جي بدران ڦورو ۽ لُٽيرو بنجي پوندو. گلوبلائيزيشن جي نالي ۾ به اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي. ماڻهو سموري ڌرتي کي پنهنجي اڳيان ايئن کليو ڏسي هٻڇ مان ڌرتيءَ کي ۽ ڌرتيءَ جي وسيلن کي ڳڙڪائڻ چاهي ٿو. گلوبلائيزيشن جيڪا اربنائيزيشن عطا ڪئي آهي ان جرم جهڙي جهوت جهوتان جي دوزخ ۾ انسان کي اڇلائي ڇڏيو آهي. فطرت ۾ انسان جي رهڻ جو سڦرو ۽ سڦل سامان آهي. سندس ننڍڙيون وسنديون کيس راحت ڀريو پُرامن ماحول مهيا ڪن ٿيون. عمرڪوٽ جي آسن کانئس سُڪون کسي ڇڏيو آهي.جهنگل جي جهوپي ۾ کيس سُڪون آهي. جهنگل جي جهوپڙي فطرت جي نيم مطابق جُڙي آهي. عمرڪوٽ اڏجڻ ۾ ڪيترن ئي معصون، اٻوجهن، گونگن، گگدامن جو پگهر پورهيو ۽ رت ست کپيو آهي پر ان ۾ رهندڙ ڪير ٻيو آهي. محلات کي اڏيندڙ جي به خواهش هوندي آهي ته هو اهڙي محلات جو مڪين هجي. پر هي اڻ برابريءَ جي ورڇ وارو اقتصادي سرشتو هيڻي کي مالي غربت ڏئي ٿو ۽ ڏاڍي کان روحاني سُڪون ڦرائي ذهني غربت ڏئي ٿو. مالي غربت کان ذهني غربت وڌيڪ خطرناڪ آهي. ڀٽائي فرمائي ٿو؛

    کوءِ آسون عمرڪوٽ جون، ور جهنگل ۾ جهوپي،
    جو اباڻن اڏيو، ڳڻن سين ڳوپي،
    وينديس ويڙهيچن ڏي، لوه ڀڃي لوپي،
    چڀڙ آئون چوپي، سڪ لاهينديس سومرا.

    غربت انساني هٿن جي وڌل آهي. فطرت جي تبديلين ۾ هن غربت جو تصورئي ناهي. فطرت جي هرڪا چرپر جائيتي آهي جيستائين انساني چُرپران ۾ ڪا هٿ چراند نه ڪري. فطرت جي فلڪ ۾ سموريون شيون هڪڙي ڀري تُري تور سان تُن پيون، جن جي زور هڪٻئي کي جهلي بيٺو آهي. مندن جي مٽاسٽا ماڻهوءَ کي
    موقعو مهيا ڪري ٿي ته هو فطرت جي مادراڻي ڪُک ۾ پاسو ڦيرائي
    ۽ جيڪو پاسو کيس سُڪون ڏئي ان پاسي ور ڪري. مارئيءَ
    جي واتان ڀٽائي اهڙي مندائتي سُڪون جي ڳالهه ڳرهيندي هن ريت چوي ٿو:

    هن مند مارو سنرا، ويريين وڳ وارين،
    ڇني ڇيڪارئو ڇيلڙا، وانڍيين وهارين،
    نيڻ منهنجا ان کي جهڄيو جر هارين،
    تاڙا تنوارين، مينهن وسندا موٽ تون.

    مينهن وسڻ، سيءَ پوڻ، ڪاڙها ڪڙهڻ جا وقت بدلجي چڪا آهن. اهري ردوبدل کي ڪلائيميٽ چينج ٿا سڏين. سنڌ جي ماموئي فقيرن ڪڏهوڪو ” سيارا وسڪارا ٿيندا“ چئي ان ڳالهه جي ڳوٽ کي ڳرهيو هو. ڪنهن به ان سڏ کي نه ورنايو. وري جڏهن يورپ اچي اها ڳالهه ڪئي ته سموري دنيا ان تي ناچ نچي رهي آهي ڇو ته يورپ پنهنجي سائنسي حاصلاتن وسيلي جيڪا حرفتگيري هٿ ڪئي آهي ان وسيلي هو دنيا کي آڱرين تي نچائي رهيو آهي، تڏهن ته يورپ دنيا جي ماسي ايمڻا لڳو پيو آهي، جنهن جو مُٽيو به تيل آهي. يورپ جي گلوبلائيزيشن واري تصور ماڻهوءَ کان ملير جو تصور ڦرائي کيس سڄي دنيا جو ڌني بنائڻ جي بي مهاراُٺ جي اپلاڻي چئونڪ ۾ چاڙهي ڇڏيو آهي. هو بنا ڪنهن منزل جي بند گليءَ ۾ ڀڄي ڀڄي ٿڪجي ڦانهن ٿي پيو آهي پر سندس هٻڇ جي اونڌي تاسري نٿي ڀرجي. ڀٽائي وٽ مارن جو تصور به آهي ته ملير سان به محبت جي ميٺ آهي جنهن سان موجوده دؤر جي بيگاني دنيا جي ڏيٺ ويٺ ٿيڻ ضروري آهي. ڀٽائي جي مارئي هن ريت چوي ٿي؛

    ڪرئو مهاڙ ملير ڏي، روءِ اُڀي چوءِ،
    سهڄ سوري ڀانئيان سومرا سندوءِ،
    ملڪ ماروءِ جي آهيان جور نه ٿيان جوءِ،
    سو قلب ڪوٽ نه هوءِ، جو هُتي جن هٿ ڪيو.

    فطرت جي حقن ۽ فرضن جي روشنيءَ ۾ انسان پنهنجا حق ۽ فرض پاڻ جوڙيا آهن جن کي هو جڏهن به ڀڃي ٿو ته پوءِ سندس ست ۽ سيل ڇيهون ڇيهون ٿي پوي ٿو ۽ جوڙڻ سان به نٿو جُڙي. انسانن پنهنجي چالاڪين، حرفتن جي ڏنگاين سان اهي حق ڀڃي ڇڏيا آهن تنهنڪري زماني ۾ اهو سيل ۽ ست به نه رهيو آهي. مٺ جيترا ٿورڙا انسان پنهنجي چالاڪيءَ ۽ حرفت گيري جي زور تي معلومات جي هٿيار سان دنيا جي اڪثر وسيلن کي واڳونءَ وانگر ڳهيو پنهنجي وات ڪريو سادن سودن ماڻهن کي غلام ۽ ڳيجهو بنائي، انهن جي غربت کي قائم دائم رکيو اچن. حق ڀڃڻ جو اهو سلسلو به جڳن کان جاري آهي تڏهن ته اڻ برابري آهي. اڻ برابريءَ جي ڪري غربت آهي ۽ غربت جي ڪري بُک ۽ بدحالي آهي. بُک ۽ بدحالي جي ڪري بيماريون آهن. اهڙيءَ ريت انسانيت حق ڀڃڻ جي بٺيءَ ۾ جلي پيئي. حق ڀڃڻ جي انهي هاڃي کي ڀٽائي هن ريت نندي ٿو؛

    عمر اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪيئن ڪن،
    جن جا ٿرن ۾ ور ٿا ويڻ سهن،
    هو جي حق ڀڃن، ستيون ڪيئن سومرا.

    دنيا پنهنجي اقتصادي هٻڇ جي ڪري پنهنجو فطري حسن وڃائي چُڪي آهي. سندس انهي خصلت دنيا جو ملوڪ منهن ميرو ڪري ڇڏيو آهي. منهن جي اها ميراڻ دنيا کي جتي ڪٿي آڏي اچي رهي آهي. دنيا ۾ نه امن آهي نه ايمان آهي. بُک ئي بُک آهي. غربت ئي غربت آهي. انهي بدحاليءَ جو سبب انسان پاڻ آهي. انسان جي اهڙي روش کانئس سندس حسن کيس ورتو آهي؛

    سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،
    وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهي حسن ري.

    انسان جو اهو حسن ڀريو هلڻ سندس ذهني شاهوڪاريءَ جي ڪري ئي موٽندو. مالي ۽ اقتصادي آسودگي انسان کي اهو سڪون نه ڏيئي سگهي آهي جنهن جو هو ڳولائو آهي. جڏهن کيس اهو سُڪون نٿو ملي ته پوءِ اهو سڪون سڪون آور دوائن ۾ ڳلي ٿو. سڪون ملي نه ملي پر سڪون ڏيندڙزهريلين دوائن جو ڌنڌو ڏينهون ڏينهن دنيا ۾ چوٽ چڙهندو وڃي. اهڙي هڻ هڻان ۽ پٽ کوه ۾ لطيف جو پيغام انساني ناسورن تي پيارڀريو پهو آهي.


    پسڻ پوءِ پرينءَ جو

    پسڻ پوءِ پرينءَ جو

    دنيا جو مُک خيال پاڻ ۾ اهڙو جُڙيل آهي جو ان جي هڪجهڙائي تهذيبن جي آرپار نظراچي ٿي. هڪ تهذيب جي ماڻهوءَ سوين ڪوهه ڏور ويهي ساڳي ڳالهه هڪ زبان ۾ ڪئي آهي ته ٻئي طرف ٻي زبان واري پنهنجي زبان ۾ به اهائي ڳالهه ڪئي آهي. خيال جي اها ڪائناتيت سڄي دنيا جي ڪلاسيڪي ورثي ۾ نظراچي ٿي. باقي اهي ٻوليون جن ۾ تهذيبي، تاريخي، جاگرافيائي سٻنڌ رهيو آهي, انهن جي خيال جي هڪٻئي سان مٽا سٽا چٽي نظراچي ٿي.
    سنڌي شاعريءَ جي دنيا ۾ شاه عبدالطيف ڀٽائي جو نالو زبان تي چڙهندڙ اهڙو مقبول نالو آهي جنهن جي شاعريءَ کان پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل ٻئي ڌُريون واقف آهن.سندس شاعريءَ جي هردلعزيزي پنهنجو مثال پاڻ آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ان جي درست پڙهڻي توڙي تحقيق سان کوڙ ساريون ڳالهيون لاڳاپيل آهن جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڀٽائي جي رسالي کي محترم محمد يعقوب آغا سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جوانسائيڪلوپيڊيا ڪوٺيو آهي (شاه جو رسالو عرف گنج لطيف..انگريزي جلد پهريون).شاه صاحب پاڻ فرمايو آهي:

    جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهين،
    نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

    شاه سائين جي ڪلام تي جيڪي اثر نظراچن ٿا يا جيڪي ڌارائون هن پنهنجي شاعريءَ ۾ نروار ڪيون آهن تن ۾ مولانا رومي جي شاعري جو اثر به نظراچي ٿو. محققن مطابق ته لطيف سائين سان هميشه گڏ جيڪي ٽي ڪتاب هوندا هئا سي آهن: قرآن شريف، رومي سائين مثنوي ۽ شاه ڪريم جو رسالو . ٽنهي جو اثر جا بجا شاه لطيف جي شاعريءَ ۾ نظراچي ٿو. رومي سائين اڪيلو اهڙو شاعر آهي جنهن جو نالو کڻي ڀٽائي سُر ڪلياڻ ۾ ڇهه بيت چيا آهن جن ۾ هن روميءَ جي سنيهي کي سموهڻ ۽ سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي بيت هي آهن؛

    طالب قصر، سونهن سر، ايءَ روميءَ جي روءِ،
    جني ڏٺي جوءِ، تني ڪُڇيو ڪين ڪي.

    طالب قصر، سونهن سر، اندر روميءَ راءِ،
    جني ڏٺي جاءِ، تني ڪُڇيو ڪين ڪي.

    طالب قصر، سونهن سر، ايءُ روميءَ چيو آهي،
    تاڙي جي لاهي، ته منجهين مشاهدو ٿئي.

    طالب قصر سونهن سر، ايءَ روميءَ جي رهاڻ،
    پهرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرينءَ کي.

    طالب قصر سونهن سر، ايءَ روميءَ جي راحت،
    جني ڏٺي سٿ، تني ڪُڇيو ڪين ڪي.

    طالب قصر سونهن سر، ايءَ روميءَ جي اوطاق،
    پچين در فراق، ته منجهين مشاهدو ماڻيين.

    روميءَ جي رهاڻ جو روح رانئيندڙ رس اسان تائين پهچايو آهي جنهن مان پريت جي پيغام سان پيار ڪندڙ صدين تائين پُر پيالا پي پنهنجي اُڃ اجهائيندا. طالب جي قصر، سدائين سونهن جي سر ۾ آهي. پاڻ وڃائي پاڻ ماڻڻو آهي. پاڻ ڄاڻي پنهنجو خالق ڄاڻڻو آهي. فراق جي در ۾ پچي پڪا ٿيل پرت پنٿ جا پانڌي اهڙا رچي ريٽو ٿيل سالڪ ٿي نڪرندا جن جي لالي صدين جي گذرڻ سان به لهڻي ناهي نه ئي سندن رنگ اوٻاٽجندو.
    لطيف سائين ۽ رومي سائين جي فڪر ۾ گڏيل تصور عشق جو تصور آهي جهن جي چوڌاري سندن فلسفو گهمي ٿو.رومي سائين حڪايتن وسيلي پنهنجي ڳالهه کي کولي سمجهائي ٿو ته ڀٽائي سائين ڳالهه جي وچور مان معنى جو مکڻ ڪڍي، ان کي ٽاڻي کرتائي ڪري اهڙو ته جامع صورت ۾ پيش ڪري ٿو ڄڻ منڊيءَ تي ٽڪ. منڊيءَ تي ٽڪ جيان ابن العربي صاحب به پنهنجي من اندر جي ڳوڙهيءَ ڳالهه کي فصوص الحڪم ۾ ونڊيو آهي. ڀٽائي سائين سنڌي سماج جي رائج داستانن وسيلي ڳالهه کي سُريلي ۽ اثرائتي نموني سمجهائي ٿو. مثنويءَ جي بيان جو انداز الڳ آهي پر رسالي ۽ مثنوي ٻنهي جو معنوي بيانيو ساڳيو آهي. شاه سائين جا ڪردارپنهنجي ڳالهه کي جڏهن آڇين ٿا ته ان ۾ انساني فڪري عمارت سان لاڳاپيل سمورا نڪتا لطيف نموني پيش ڪندي نظراچن ٿا. سسئي جي سُڃ قبولڻ کي ڀٽائي ڀلو سمجهي ٿو؛
    ساجن ڪارڻ سُڃ ، مر قبوليئه سسئي،
    اندر جني اُڃ، پاڻي اُڃيو اُن کي.

    اهو ساڳيو خيال روميءَ وٽ به ملي ٿو جنهن ۾ هو فرمائي ٿو ته اُڃارا جڏهن آب جي ڳولا ۾ لاڳاپي لاهي نڪري پون ٿا ته پاڻي پاڻ سندن ڳولائو ٿي پوي ٿو.
    تشنگان گر آب جويند از جهان،
    آب هم جويد به عالمِ تشنگان.
    ) جيڪڏهن اُڃايل ماڻهو هن دنيا ۾ پاڻي ڳولي ٿو...پاڻي به ان جي تانگهه ۾ رهي ٿو (
    رومي بيمار کي صلاح ڏئي ٿو ته خالق جي شفاخاني ڏانهن اچ. ان مطب کانسواءِ ڪنهن جو مرض نٿو گهٽجي. هو سڀني کان نه رڳو اوڏو آهي پر سڀني مرضن مان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ آهي؛
    بيا جانب دارالشفائي خالق خويش،
    که زان طبيب، گزير بيماري.

    )پنهنجي خالق جي شفاخاني ڏانهن اچ...اُن کانسواءِ ڪنهنجو مرض نٿو گهٽجي(
    لطيف سائين به تون حبيب تون طبيب کان وٺي واڍوڙيلن جي وڍن جي صحت انهي پرينءَ کان گهري ٿو. جنهنجو هادي حبيب آهي ان جو ڏکندو ڏور ضرور ٿيندو؛


    اور ڏکندو او ٿئي هادي جنهن حبيب،
    تر تفاوت نه ڪري تنهن کي ڪو طبيب،
    رهنما رقيب، ساٿر صحبت سُپرين.


    رومي سائين ڪائنات جي ڳوڙهائي بابت به تمام گهڻو غور فڪر ڪيو آهي. نياريون ڳالهيون ڳايون آهن. هو سموري ڪائنات کي اهڙي تاڃي پيٽي جو اُڻيل سمجهي ٿو جنهن ۾ شين جو اظهار ضد واري روپ ۾ آهي هڪڙي شئي پنهنجي مخالف جنس جي ڪري سُڃاتي وڃي ٿي. اهو معروضي ٽڪراءُ شين جي ماهيت کي ايترو اُپٽاري ٿو جو ماڻهن جي ذهن ۾ شين جي تميز پيدا ٿي وڃي ٿي. هو فرمائي ٿو ؛

    پس نهانيها به ضد پيدا شود
    چونکه حق را نيست ضد، پنهان بود.

    سندس خيال مطابق ته ڪائنات جي سمورين وٿن ۾ اُبتڙن جو هجڻ انهن جي وجود کي ڇتو ڪري بيهاري ٿو پر حق کي جيئن ته ڪوئي ضد ناهي تنهنڪري وجود حق ڳجهه آهي. اهو هر رنگ روپ کان نيارو ۽ بي نياز آهي. لطيف سائين به رنگن روپن واري ان جهان کي بيان ڪندو هن ريت فرمائي ٿو؛

    ڪاري رات ، اڇو ڏينهن، اي صفتان نور
    جتي پرين حضور، تتي رنگ نه روپ ڪو.

    آسمان جيئن نظرجي انت تي نظراچي ٿو.ان ۾ لکين ڪروڙين تارا گرهه ۽ اُپگرهه آهن جيڪي مسلسل حرڪت ۾ آهن. ڪيئي ڪهڪشائون آهن جن جي ڳالهه جي ڳاري جي اڃا انسان کي سمڪ ئي نه آهي. ايڏو وسيع مانڊاڻ جڳن کان جيئن جو تيئن قايم دائم آهي. ان کي نه ڪو ٿنڀو آهي نه ڪا ٿوڻي آهي. ڪنهن ٽيڪ ۽ رڪاوٽ کانسواءِ جٽاءُ ڪري بيٺو آهي. رومي سائين فرمائي ٿو؛
    سقف گردون کو چنين دايم بود،
    نه طناب و اُستني قايم بود.
    آسمان جي نيري ڇت ڇانوَ ڪريو بيٺي آهي. سدائين کان ايئن جو ايئن آهي. نه اُن جا رسا تاڻيل آهن ته ڪنهن ٿنڀي ٿوڻيءَ تي بيٺل آهي. لطيف سائين به اهڙي ساڳي ڳالهه تمام لطيف انداز ۾ بيان ڪندي فرمايو آهي ته جيڏو تنهنجو نالو وڏو آهي آئون اوتري وڏي ٻاجهه مڱان ٿو. تنهنجو اُڀ ٿوڻين ٿنڀن کانسواءِ قائم آهي. ايتري وسعت جي ور ۾ بيڍل آئون ڇا چئي ڇا چوان. جيڪي من ۾ اٿم سو مڙئي توکي معلوم آهي؛
    جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان،
    ري ٿنڀي، ري ٿوڻين، تون ڇپر تون ڇان،
    ڪڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀڪا.

    رومي سائين وجود جي وحدانيت جي ڳالهه به هرهنڌ ڳائي آهي. وحدت الوجود جو اثربه دنيا جي ڳچ حصي تي آهي. وجود جي هيڪڙائي حق آهي. صوفين ، سالڪن ۽ شاعرن ان تصور کي مختلف مثال ڏيئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيئن شين کي جڏهن سمجهيو وڃي ته انهن جي منبع تائين پهچ ٿئي جيئن شين جي اصلي ماهيت من ۾ وهي وڃي. رومي سائين فرمائي ٿو ته پاڻ پاڻي آهي، پاڻ پياريندڙ آهي پاڻ مستي موج آهي. اهي ٽئي تڏهن هڪ ٿي پون ٿا جڏهن هي نظرايندڙ ٽڪساٽ ٽُٽي ٿو؛
    خود همو آبست وهم ساقي ومست
    هرسه يک شد، چون طلسم تو شکست
    هڪڙي ٻئي هنڌ تي هو فرمائي ٿو ته پاڻ ڪونرو يا ڪونڀ آهي. پاڻ ڪونڀار آهي ۽ پاڻ ئي ڪونڀ جي مٽي به آهي. وري جُڙي راس ٿيل ڪوري ڪونڀ مٿان خريدار ٿي به پاڻ اچي بيهي ٿو. اها ڪوزه گري ۽ ڪارسازي ايتري ته پيچيدي آهي جو جلدي سمجهه ۾ نٿي اچي ۽ ٽڪڻ گهمائي ڇڏي ٿي؛
    خود کوزه، خود کوزه گر، وخود گلِ کوزه
    خود برسر آن کوزه خريدار برآمده
    ڪنهن شاعر جو ٻول آهي ته ”آپ گهڙي آپ ڀڃي، آپي آپ ڪُنڀارا وي.“ ان ريت وجود جا درشن انيڪ آهن پر اهي جڏهن موٽ کائين ٿا ته ڪثرت وحدت جو معراج ماڻي ٿي. هيڪائي هيڪ ٿي وڃي ٿي. ٻه ٽي چار اسان جي ڳڻپ آهي. لطيف سائين به ساهڙ، سهڻي ۽ سمنڊ ٽنهي کي هڪ ڪري سمجهائي ٿو. سسئي ڀٽڪندي ڀٽڪندي جڏهن پنهنون ماڻي ٿي ته مٿس راز کُلي ٿو ته پنهون ته هوءَ پاڻ آهي. سسئي ته وچ وارن سورن جو نالو آهي. لطيف سائين اظهاري ٿو؛
    سو ساهڙ سا سهڻي، سائر پُڻ سوئي،
    آهي نجوئي ، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي.

    پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،
    ته نڪي ڏونگر ڏيهه ۾ ، نڪي ڪيچن ڪاڻ،
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

    پاڻهي پسي پاڻ کي، پاڻئي محبوب،
    پاڻئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.

    رومي سائين به اهڙي ئي خيال بابت ڳالهه ڪندي مثنويءَ ۾ فرمايو آهي ته ”هن پنهنجي حسن کي ڏٺو ۽ بد نظرکي چيائين؛ مون جيان زماني ۾ نه ڪو ٿيو آهي نه ٿيندو.“ هو ئي انهن سمورن لقائن ۾ بنا ڏسڻ جي موجود آهي. هو اڻ ڏٺوئي ڏيٺ ۾ آهي.
    مي ديد حسن خود را ميگفت چشم بد را
    نبود نبايد چون من درين زمانه

    (هن پاڻ پنهنجو حسن ڏٺو ۽ بدنظر کي چيائين....مون وانگر زماني ۾ نه ڪو آهي نه ڪو ٿيندو)
    ڀٽائي سائين به ان وجود جي هيڪڙائي جي ڳالهه ڪري ٿو. هو قائم قديم ۽ حادث جي لطيف نڪتن کي ڇيڙي ٿو. اهي نڪتا ڳالهه جي ڳاري ڏانهن وٺي وڃن ٿا. جڏهن ڳالهه جي بُڻ جي پروڙ پئجي وڃي ٿي ته جنهن ڏيهه جو ڏيک ٿئي ٿو اُتي ڪو رنگ روپ ناهي. اهو سمورو لقاءُ بيان کان مٿاهون آهي. بيان ۾ اوتريون شيون اچن ٿيون جيترين جي اجازت آهي.ڀٽائي سائين جو بيت آهي؛
    سو هي، سو هو، سو اجل سو الله،
    سو پرين، سو پساهه، سو ويري سو واهرو.

    عاشق ، معشوق ۽ عشق هڪ آهن. اها انهن جي معروضيت آهي جيڪا ٽنهي کي الڳ لقاءُ ۾ آڻيو بيهاري ٿي.رومي فرمائي ٿو ته عاشق معشوق کي الڳ سمجهڻ ڀورائيءَ جي ڀُل آهي. ڀال به ڀورائي ۾ ئي ٿيندا آهن؛
    پيش من آوازت آوازِ خدا است،
    عاشق از معشوق حاشا که جدا نيست.
    (مون اڳيان تنهنجو آواز الله جو آواز آهي....ڀُليس جو عاشق معشوق الڳ ناهن)
    پڙاڏي ۽ سڏ جي ماهيت جي ڳالهه مولانا روميءَ به ڪئي آهي ته لطيف به ڪئي آهي. ٻئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته پڙاڏو ۽ سڏ ٻئي هڪ آهن. انساني ادراڪ جي علت ٻنهي کي الڳ ڪري ڏيکاري ٿي. انساني ادراڪ جي حدوديت به محدود آهي. سندس سوچ جو دائرو به زمان ۽ مڪان جي منڊ ۾ هلي ٿو. رومي سائين سڏ ۽ پڙاڏي بابت فرمائي ٿو؛
    آن ندا کُش اصل بربانگِ ندااست،
    خود ندا آنست واين باقي صدا است.

    (جيڪو آواز اُڀاري ٿو اُهوئي ذميوار آهي ٻُڌڻ جو.....هوئي سڏ آهي باقي پڙاڏو آهي)

    لطيف سائين ان ماهيت جي مذڪور کي هن ريت بيان ڪري ٿو؛

    پڙاڏو سوئي سڏ، وروائيءَ جو جي لهين
    هئا اڳ ئي گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا

    همه اوستي حال جو احوال به هڪ ئي آهي. هڪ روشني جي نور جا انيڪ رنگ روپ آهن. هڪ وجود جي ڪوڙين ڪايائن جا لکين لک هزار درشن آهن. صاحب هرڪنهن مان سامهون آهي.ان ڪري پرينءَ جا پاري چئي بيان ڪرڻ انساني عقل، علم ۽ هنرکان مٿاهون آهي. جيڪي ان دائري ۾ اچي پيو يعني بيان ٿئي پيو اهو ٻيو ڪجهه آهي. پرينءَ جي پانڌ جي وسعت جي ڪا حد حدود ئي ناهي. لامڪاني هرمڪان جي محدوديت کان مبرا آهي. رومي سائين فرمائي ٿو؛

    جمعه يک نور است ليکن رنگ هائي مختلف
    اختلافِ درميان اين و آن انداخته

    (سمورو نورهڪ آهي پر رنگ الڳ آهن.....هن پاڻ هِن ۽ هُن وچ ۾ اختلاف ڪيا آهن)
    ظاهري ڪتابن جي رٽ رٽان پڙهه پڙهان مان جيڪي اُپجي ٿو اهو اڻ پورو آهي تڏهن ته رومي سائين سوين ڪتابن ۽ ڪاغذن کي جوت جي جيءَ ۾ ڏيئي، دل جي مُک کي دلدار ڏانهن ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو. ان سان ڪتابن جي اهميت نٿي گهٽجي پر اصل علم جيڪو ڪتابن کان اڳتي پيو آهي ان بابت ڳالهه جي ڳولا شروع ٿئي ٿي؛
    صدکتاب وصد ورق درنار کُن.....روئي دل را جانبِ دلدار کُن
    ڀٽائي به ڪاڳر ڪور ۽ مس وڃائڻ کي محدود سمجهي ٿو ۽ ان کان اڳتي وڌي ، اکرن جي جُڙڻ تائين پهچڻ جو مشورو ڏئي ٿو. هو فرمائي ٿو؛

    ڪوهه ٿو ڪاڳر ڪوريين، ويٺو وڃائين مس،
    ڏور تئائين ڏس، جئائين اکر جُڙيا.

    ڪاغذ ڪتاب انساني علمي حاصلات جو هڪڙو روپ آهن جنهن ۾ جزوي علم آهي ڇو ته ان جي اظهار سان به ڪيئي ڳالهيون لاڳاپيل رهيون آهن. اندر جو سمورو اظهار گهٽ ۾ گهٽ ڪتابن ۾ ناهي. ڪتاب ان جو هڪڙو روپ آهن. ان ڏس ۾ جڏهن ڪو بصارت ڀريو بصيرت افروز شخص ملي ٿو ته ان جو زندگيءَ تي تمام گهرو اثر ٿئي ٿو. سندس صحبت سوين سالن جي عبادت کان گوءِ کڻي وڃي ٿي. روميءَ جي لفظن ۾؛
    يک زمانه صحبتي با اولياء، بهتراز صد سال طاعتِ بي ريا
    ڀٽائي به اهڙن ماڻهن سان اوڏو اڏي وهڻ جو مشورو ڏئي ٿو جن وٽ وهڻ سان ڏکندو ڏور ٿئي. اهڙن ڪُماڙهن کان پري رهڻ جي صلاح ڏئي ٿو جن وٽ ويٺي ڏکندو ڏاڍو ٿئي .هو فرمائي ٿو؛

    ويٺي جني وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،
    تون تني سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا.
    اهڙي ريت انيڪ موضوع ۽ نڪتا آهن جن بابت مولانا رومي ۽ لطيف هڪجهڙو خيال رکن ٿا. رڳو ٻنهي جي پيشڪش جو انداز نرالو آهي. ڀٽائي جيئن اڪيلو روميءَ جو نالو کڻي بيت چيا آهن تيئن روميءَ پنهنجي هڪ حڪايت جي سمجهاڻيءَ ۾ سنڌ جو مثال ڏيندي فرمايو آهي ته سنڌين کي سنڌي سونهي ٿي.

    سنديان را اصطلاح سندِ مدح

    مولانا رومي ۽ ڀٽائي جي ڀيڙپ ڀري روح رهاڻ هلندي رهي ٿي. ٻئي لطيف انداز ۾ شين کي سمجهائين ٿا. ٻنهي جي خيال جي اُڏام وسيع آهي تنهنڪري اهي زمانن جي زماني کان ۽ مڪانن جي مڪانيت کان مٿي اُڏامڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ان ڪوشش ۾ هو ڪامياب به وڃن ٿا ۽ نت نيارن تصورن جي دنيا جو سير ڪرائيندي پنهنجي پڙهندڙن توڙي ٻُڌندڙن کي سدا سانوڻ وسندڻ دنيا ڏانهن وٺي وڃن ٿا.


    ساجن سڀ ڄمار ڏکي ڏورج ڏيل ۾...!

    ساجن سڀ ڄمار ڏکي ڏورج ڏيل ۾...!

    اولهه ۽ آمريڪا جي دانشورن جي اڪثريت به انهي مارڪيٽ جي محبت ۾ مختلف ڪم ڪار دنيا ۾ پيش ڪرڻ ۾ پيش پيش آهي جيڪا بازار کين يا ته گهڻو منافعو ڏيارين ٿا يا وري کين ”ڀلوڙ وڪامجندڙ“ ڪتاب جي ليکڪ طوراڳتي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. انهن ڀلوڙ وڪامجندڙن کي پڙهي ڏسي وري دنيا سڄيءَ ۾ هڪڙو ريچڪ پيدا ٿئي ٿو ته علم کي انهي ساڳي اک سان ڏسجي ۽ يا ته اهو نظريو قائم ڪجي يا وري گهٽ ۾ گهٽ ”ڀلوڙ وڪامجندڙ“ جي فهرست ۾ داخل ٿجي.ان ڊوڙ ۾ اسان جا همراه به ڪڏهن ڪڏهن ڊوڙ ڪڍن ٿا يا وري کين ڪو اهڙي ڪُڏڪاري ڪرڻ تي آمادو ڪري ٿو. اهو ڪُڏڪارو جيئن هيٺ لهي ٿو ته اسان وٽ به هڪڙي سُڻ ڀُڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ ان موضوع بابت ڀُڻ جهڻ ٿيڻ لڳي ٿي پرٿورن ڏينهن ۾ وري اها حرڪت سس پُس ۾ تبديل ٿي تاريخ جي ڪنهن ورق تي ابدي آرام جي اگهور ننڊ ۾ سمهي پوي ٿي. سنڌي ماڻهوءَ جو پنهنجو مزاج آهي پر سندس سماجي اوسر ۽ فڪري پرورش ۾ جيڪا ساڻس جُٺ ٿي آهي تنهن جو ڪيتو هو ڀوڳي رهيو آهي ۽ ڪافي وقت کان انهي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهيو آهي، جنهن ڪري سندس فڪري اوسر جو جيڪو حال آهي ۽ هو جن مونجهارن جو شڪار آهي، اهي سندس تخليقي اپاج ۾ به اثر نظراچن ٿا. تازو ڪراچي ۾ هڪ اهڙي گڏجاڻي ٿي، جنهن جو عنوان ”لطيف،سيڪراينڊ پاٿ فائنڊرفرام ايسٽ“ هو. انهي گڏجاڻيءَ ۾ هڪڙي انگريزي ليکڪ ڊينيئل جي بورسٽن (Daniel J. Boorstin) جي ڪتابن بابت پيشڪاري هئي، جنهن جو انتظام محترم ڊاڪٽر مٺل وقاصيءَ پنهنجي اداري ”لطيف اڪيڊمي“جي اهتمام هيٺ ڪيو هو.
    ڊينيئل جي بورسٽن انهن ڪتابن ۾ انساني خيال ۽ علم جي اوسرکي پنهنجي نقطه نگاه کان بحث هيٺ آڻيندي، نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس ٽه ڪتابي..... جنهن کي ”علم جي ٽرايالاجي“ سڏيو ويو آهي، تنهن ۾ ”دي ڊسڪوررس“، ”دي ڪريئيٽرس“ ۽ ”دي سيڪرس“ شامل آهن. انهن ڪتابن ۾ وڏن خيالن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. انهن کان متاثر ٿي محترم مٺل وقاصي اها گڏجاڻي ڪوٺائي هئي جنهن ۾ سندس خيال هو ته ڀٽائي به اهڙي خيال جو سرواڻ آهي.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀٽائي تمام وڏو مفڪر ۽ ڏاهو سنڌي شخص هو، جنهن پنهنجي تخليقي ڪلا وسيلي من جي مشاهدي کي شاعري جي ميڊيم وسيلي ماڻهن تائين پهچائڻ ۽ عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهي ڪوشش ۾ هن موسيقيءَ جو سهاروبه ورتو. سير سفر به ڪيو. ماڻهن جي مزاج پٽاندر ڳوڙهيون ڳالهيون ڳائي سندن علم کي جاڳايو. ڀٽائيءَ جو اهو ڪم ايڏو وڏو ڪم آهي، جيڪو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي وجود جو سهارو به بڻيو. ڀٽائي جي ڪلام جا انيڪ موضوع آهن ۽ اهي سڀئي موضوع خيال جي جديد ڍانچي جي جوڙجڪ ۾ به منڊيءَ تي ٽڪ وانگر ٺهڪي اچن ٿا. ڀٽائي کي ان نقطي نگاه سان اڳتي وڌائڻ ۽ نوجوانن ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. باقي علم جا ڌڻي سڏائيندڙ جيڪڏهن رڳو ان وٿ کي پاڻ تائين رکيو ويٺا هوندا ته ان مان کين ته ڪو ذاتي فائدو ٿئي ته ٿئي، باقي ايندڙ پيڙهين لاءِ ڪا ڀلائي نه ٿي سگهندي. ڀٽائيءَ جي شاعري رڳو شاعري نه پر ڪلام آهي يعني ڳالهايل ٻول آهي جنهن کي پهريائين درست پڙهڻ لازمي آهي. ان کانپوءِ هن املهه ڪلام کي جديد دنيا جي رائج خيال جي ڍانچي جي بيهڪ جي مطابقت پٽاندر سمجهائڻ جي ضرورت آهي. ايئن ڪرڻ سان وڏو ڪم ٿي پوندو.
    ڀٽائي جي ٻنهي ڪردارن يعني ”ڳولائو“ ۽ ” پنٿ لاڀو“ جي حيثيت تمام اهم آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ انهن ٻنهي خيالن کي هتان جي ماڻهوءَ جي مزاج وٽان پيش ڪيو آهي، جيئن اهي ڪنهن ماڳ جي ڀاڳ ڀيڙا ٿي سگهن. سندس مخاطب اڪثريت ۽ عام آهي سندس ڪلام درٻارجي خوشنودي لاءِ ڪنهن خاص نقطه نظرسان چيل خاص لاءِ ڪا خوشامديءَ واري سوکڙي ناهي. ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ پيش ڪيل انهن ٻنهي رُخن کان اڳي مشرق جي علم کي خاص طور ڪلاسيڪي ورثي کي ڏسبو ته ان جو مزاج ۽ ترتيب مغرب جي نظريئي کان ٿورو مختلف نظرايندا. مغربي فلسفي وٽ ”ڊسڪورر“ سڀ کان اول آهي پوءِ ”ڪريئيٽر“ آهي ۽ سڀ کان آخر۾” سيڪر“ آهي. جڏهن ته مشرق جي ڪلاسيڪي ورثي ۾ ” ڪريئيٽر“ سڀ کان پهرين آهي، پوءِ ”سيڪر“ آهي ۽ جڏهن ان ڏاڪي مان مٿي چڙهي ٿو ته ”ڊسڪورر“ جي پد تي پهچي ٿو ۽ ڊسڪورر جي پد تي پهچي واپس ڪريئيٽر ڏانهن موٽ کائي ٿو. اهڙي طرح خيال جو اهو ڇلو گولائيءَ ۾ هلندو رهي ٿو. سڀني صوفي شاعرن جي شاعري انهي خيالاتي جوڙجڪ ۾ نظراچي ٿي.
    ڀٽائي جي ڳولائو طورخيال کي ڏسجي ته سندس سموري شاعريءَ ۾ ڳولا جو ڪم روان دوان ۽ جاودان آهي پرسُرکاهوڙي ۽ سسئي جي سڀني سُرن ۾ ڳولائو جي وصفن کان وٺي ان جي ڪم بابت ايترو ته تفصيل سان اظهاريو ويو آهي جيڪو شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر اظهاريو هجي. ڳولائن تي نظر پوندي جڏهن هو منجهن مڻيا ڏسي ٿو ته چئي ڏي ٿو؛
    مون سي ڏٺا ماءِ، جني ڏٺو پرينءَ کي،
    ڪري نه سگهان ڪاءِ، تني سندي ڳالهڙي.
    سندس ڳولائو ڪردارگهرگهارڻ وارا ناهن. اهي ڏينهن تتي بٺ ۾ به ڏُٿ ڏوريندا رهن ٿا. مٿن سدائين ڏک جو لباس اوڍيل آهي. جبلن جي جيءَ جهوريندڙ پنڌ ۾ اکين آب هاريو پنهنجي واٽ نهاريندا وڃن ٿا هلندا وڃن ٿا. سمهڻ سندن ڪتاب ۾ ناهي.اهي نئين سڄ نوان ڏيهه ڏوريندا رهن ٿا. اهڙيءَ جُوءِ کي به نڪري وڃن ٿا جيڪا ڪنهن سُئي نه ٻُڏي آهي. اهي پاڻيءَ مٿي پير ڪڙي ٿا وٺن ڇو ته کين لهرن مان سُڌ پوي ٿي. لهرن جي ليکي کي لکيندڙ اهي لکي لوڏ وارا کاهوڙي جڏهن سڪا سنڊ ڪڇن ۾ کڻي، ريءَ وسيلي وڌندا، ٽمندي نيڻين اڳتي وڌنڌا وڃن ٿا ۽ اهڙي ڀونءِ به وڃي سوجهي لهن ٿا جنهن جي پرپروڙڻ ڏاکڙو آهي؛

    پاڻيءَ مٿي پير، ڪنهن پرڪڙيو پيريين،
    لهرين مان لطيف چئي، سونهي لڌائون سير،
    ان ڀونءِ سندو ڀير، پرپروڙڻ ڏاکڙو.

    اهي ڳولائو ڪڏهن به سک نٿا سمهن کين سدائين پنڌ جو اونو آهي. پاڻيءَ مٿي پيرڪڙڻ ڪيڏو نه ڪٺن ڪم آهي. پرکاهوڙي انهي پيرجي چٽ کي چيتي ٿا وٺن جو لهريون ساڻن ڳالهائين ٿيون. لهرين جي جيڪو ڳڻپ رکندو ان کي ئي پنڌ جو پتو پوندو.اهڙي نموني ڳولا جي اها ڳالهه هلندي رهي ٿي. ڳولاجي ڪم ۾ پرپروڙڻ لاءِ پارپڇڻ ضروري آهن يعني سونهون هجڻ ضروري آهي. واٽ جي، واٽ جي ڇيڙي تي ماڳ جي پروڙ هئڻ ضروري آهي. ڀٽائي ڳولا جو اهو ڪم وجود کان ئي شروع ڪري ٿو. سموري ڄمار ڏيل ۾ ڏورڻ جو ڏس ڏئي ٿو؛

    وري پُڇ ويٺين کي، سندا پنهونءَ پار،
    ساجن سڀ ڄمار، ڏکي ڏورج ڏيل ۾.

    ڏيل انسان جي سموري جسماني ۽ ذهني يا روحاني ڍانچي جو نالو آهي. رڳو مادي احتياج جي ڳالهه ناهي. ڳولا جي ڪم ۾ ذهني تحرڪ ئي اڳتي وڌائي ٿو. ڪٿي ڪو نقص يا بيماري ٿئي ٿي ته پيڄ پيارڻ سان ڏيل ۾ ڏکندڙن کي ڪو فائدو نٿو ٿئي ڇوته اهڙي پنڌ جي پانڌيئڙن لاءِ سوري سيڄ آهي ته مرڻ مشاهدي سمان آهي.من جي اٿاهه گهرائيءَ ۾ جيڪا وٿ پيئي آهي سائي ڳولڻ نڪتا آهيو.ايئن ڪٿي اواٽا ٿي اوتڙ نه اوليو. رڳو ڄُلڻ مان ڪو ڄاڻ نه ملڻو آهي. پرين کان ئي پڇڻ توکي پرين ملائيندو. اها ڪميونيڪيش جي اُتم صورت آهي؛

    سوئي کڻيو ساڻ، سوئي ڏوريين سسئي،
    ڪڏهن ڪنهن نه ڪيو، ڄُلڻ منجهان ڄاڻ،
    پُڇ پريان ڪرپاڻ، ته تون تهائين لهين.

    هرهڪ ڳولائو ڳولائو ناهي، ڪو ڪٿي بيهي رهندو، ڪو ڪٿي ٿڪجي پوندو پرحقيقي ڳولائو هلندا رهندا، بيهڻ سندن ڦرهيءَ تي ناهي. دنيا جو ڄار جن کي ڇڪيندو هوندو، اهي ڪهڙي ڳولا جو ڪٺن ڪم ڪري سگهندا. روئنديون ته روئڻ واريون جن ڳل ڳوڙهن هاڻا ٿي ڳاڙها ٿيا هوندا. ڳولا جو ڪم ڦوڙائي وارو ڪم آهي. جدائي جي ڳالهه ڳري آهي. سڀڪجهه ڇڏي نڪرڻ وارن ئي ڪو نه ماڳ مليو آهي. اهڙن ڳولائن کي ازل کان ڳولا جي ڳنڍ ملي آهي جنهن کي مٿي کنيو هلن پيا. ٽمندي نيڻين به ڳولا جي ڪم ۾ رُڌل آهن. ڏونگرڏورڻ ڪو سولو ڪم ناهي؛

    وڃو سڀ وري، آئين جي ورن واريون،
    ڦوڙائي فراق جي، سُڄي ڳالهه ڳري،
    ٻُنڀان جن ٻري، ڏونگر سي ڏورينديون.


    ٻُنڀ شروعات کي چئبو آهي يعني جيڪا شئي جتان نڪتي آهي اتان ان کي ڳولا جي اها وٽ ملي آهي ته ان جي ٻُنڀان ئي ٻريل آهي ۽ اهو تحرڪ کيس وهڻ نٿو ڏي. ڳولا۾ ٿڪ به ٿئي ٿو. ڪچا ڳولائو پنڌ جي سختين ۾ اچي پنهونءَ کي به پاراتو ڏيئي ٿا وجهن جيڪو ڳولا جي توهين آهي. ٿڪيائي ٿرٿيلهڻ کپي، رائو ريلڻ کپي ڇو ته ويٺلن تان وقت جي وير واري واري ڇڏيندي آهي. ڳولا جي اهڙي ڳڱاٽيندڙ ڪم ۾ سمورو ڀئو ڀيلڻ گهرجي، تڏهن ماڻهو وڃي ڪنهن پنڌ پوندو؛

    ٿڪيائي ٿر ٿيل. چڙهه چُڪيائي چوٽيين،
    هلندي هوت پنهون ڏي، ڀئو مڙيئي ڀيل،
    اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.

    ڳولا جو اهو عمل مسلسل عمل آهي جنهن ۾ ڪيچ وڻن ۾ واڪو ڪندي، ووڙ جاري رکبي آهي. بنڀور ۾ وهڻ ڳولائو جو وڙ ناهي. ڏاڍن ڏونگرن تي چڙهي، پنهون جو پير پسڻو آهي ۽ اهڙي ڏورڻ منجهان ئي ڏس پوندو، ان گس گام جو جيڪو پنهونءَ جو وسرام آهي، جنهن جو پيغام اندرجي اٿاهه گهراين مان گونجي خيال جي پکين کي اها اڏام آڇي ٿو جيڪا ڳولائن کي ماڳوٿا ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي.

    ڪرڪو واڪو وس، ويهه م منڌ بنڀور۾،
    چڙهي ڏاڍين ڏونگرين، پير پنهونءَ جو پس،
    ڏورڻ منجهان ڏس، پوندئي هوت پنهون جو.

    هوت پنهونءَ جو ڏس ڏورڻ منجهان ئي پوندو آهي جو ڳولاجو عمل اهڙي ڪرت آهي جنهن سان قلب جو ڪس لهي ٿو. ڳولا جي عمل ۾ تن ۾ ڳولا جي تشنگي تار سان جيڪي ڏيجيل هوندا آهن تن جي اڃ ئي املهه اڃ هوندي آهي جيڪا اُڃ سان اٿندي آهي ۽ پوءِ پنهون کين پيالو پياريندو آهي. ڳولا جي سفر۾ من جي اهڙي تاس ۽ تانگهه ئي ماڳ رساڻڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. ڳولا جي ڳوڙهي ڪم ۾ جن کي اندر۾ اڃ هوندي آهي پاڻي پاڻ انهن لاءِ اُڃيو هوندو آهي؛

    ساجن ڪارڻ سُڃ، مر قبوليئي سسئي،
    اندر جني اُڃ، پاڻي اُڃيو ان کي.

    اهڙي ريت ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ ڳولاوارو روپ هڪڙو نيارو روپ آهي جنهن جا پنهنجا گُڻ آهن. ڀٽائي جو ڳولائو پنهنجي ڳولا پاڻ کان شروع ڪري ٿو. سندس ڳولا پهريان داخلي آهي پوءِ خارجي. هو جنهن ڳالهه جي ڳولا ۾ آهي سا ڳالهه معمولي ناهي. ڏکي ۽ ڏاکڙي واري آهي ان ڳولا جو پنڌ پرانهون ۽ اڙانگو آهي. ان پنڌ ۾ ڪچي ارادي وارو هلي نه سگهندو. ورن واريون ورڻ جي وائي ڪنديون. لاڳاپا لاهي نڪتل ڳولائو ئي پنهنجي ڳولا ۾ سوڀارو ٿيندو. ڳولاجي اها ڳوڙهي ڳوٽ ڀٽائي جيئن ڀڳي آهي تنهن ۾ سموري عالم لاءِ عمومن ۽ سنڌ لاءِ خصوصن سُڪار سمايل آهي جنهن تي پيراپائي، پيروي ڪري سنڌ سرهي ٿي سگهي ٿي ۽ عالم تان اونداهو به لهي سگهي ٿو.


    گهڙيا سي چڙهيا....!

    گهڙيا سي چڙهيا....!

    انسان جيئن پنهنجي حياتياتي سفرکي جاري رکندي، پنهنجي ارتقا جي پنٿ جا پنڌ ڪڙياآهن تيئن هن پنهنجي فڪري صلاحيت کي به اسرايو ۽ نکاريوآهي. زمانو گذرڻ سان گڏ جيڪي سبق انسان کي ملن ٿا اهي کيس ڪا نه ڪا سيکت ڏيئي وڃن ٿا. سيکت مان ڪير ڪيترو ٿو پرائي اها وري الڳ ڳالهه آهي. بهرحال انهن سڀني ڳالهين جي باوجود انسان پاڻ ملهايوآهي ۽ هو اڳتي وڌندو رهيو آهي. ٿڪيائي ٿر ٿيليهيندو. چُڪيل هئڻ باوجود چوٽيون چڙهندو رهيو آهي. چڙهي ڏونگرچوٽيين، پنهنجي پنهل کي سسئي بنجي سڏڙا به ڪندو رهيو آهي. سندس ”ڳولائو“ ۽ ”پنٿ لاڀو“ جي اها ڪرت جُڳن کان جاري آهي. هو اڄاتي مان ڄاتي ڏانهن وڌي ٿو. ڪرت، مشاهدي، مطالعي، تجربي ۽ وجدان مان سندس صلاحيت اسري ٿي. گذريل ليک ۾ ڀٽائي سائين جي شاعري ۾ ”ڳولائو“ جي ڳالهه بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي سين ته هن ڪيئن ”ڏيل ۾ ڏورڻ “ جو سبق ڏنو آهي. ڏيل ئي هر ڳالهه جي اٿياڪ جو هنڌ آهي. پاڻ سڃاڻڻ پرين سڃاڻڻ آهي. پرين سڃاڻڻ ئي سڀڪجهه آهي. ڳولائو جي جيڪا واٽ ڀٽائي ڏيکاري آهي سا اهڙي ته چٽي ڪري ڏيکاري اٿس جو ڪير به ان تي هلي، پنهنجي گس گام ۽ منزل مدام کي ڳولي سگهي ٿو. هن ليک ۾ پاڻ ڀٽائي جي خيال ۾ ”پنٿ لاڀو“ بابت ڳالهه ڪنداسين جو پاٿ فائنڊنگ به وڏو ۽ اهم ڪم آهي. سندس سمورن سُرن ۾ پنٿ لڀڻ ۽ ان جي درست چونڊ ڪرڻ جا اهڃاڻ ۽ اشارا آهن. جتي به آکاڻيءَ ۾ ٻه واٽو اچي ٿو، لطيف اتان پنٿ ٻڌائي ٿو ته ڪيڏانهن وڃڻو آهي. سُرڪلياڻ ۾ هو فرمائي ٿو؛

    تون چئو الله هيڪڙو، ٻي وسارج وائي،
    جيڪا مُڪي سڄڻين، سکج تون سائي،
    اوڙڪ اهائي، ڳولي لهج ڳالهڙي.

    هڪ الله چئي، ٻيون وايون وساري، جيڪي اڳتي وڌيا تن کي پنٿ ڳولڻ ۾ ڪا گهڻي ڏکيائي نه ٿي. انهن لاءِ هن تاري، هُن هيٺ ئي سڄڻ موجود هوندوآهي. پنٿ ڳولائو جي ڳالهه سمورن سُرن ۾ نظراچي ٿي پران خيال جو ڪمال سُرسهڻي ۾ آهي. هن سُر ۾ واٽ جي سمورين مشڪلاتن کي واڳن وڇن ۽ سيسار جي روپ ۾ چٽو ڪيوويوآهي. گهڙن واريون ڪيتريون ئي گهڙا کڻي تڙن تي بيٺيون آهن. سڀڪا پاڻ کي سهڻي سڏائي ٿي پر سهڻي اها آهي جيڪا گهاگهائي گهڙي، سر جو سنگ نه ڪري. پنهنجو پاڻ ئي عجيبن آڏو هوندو آهي. ڪنڌيءَ تان بيهي ساهڙ کي سڏ ڪرڻ وڏو ڪم ناهي ساهڙ جي سڪ ۾ وچ سير۾ ڪُڏي ڪاهي پوڻ ئي پنٿ ڏيکاري ٿو. ڀٽائي جي ٻولن ۾؛

    ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن،
    ڪنين سانگو ساه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن،
    ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.

    ساهه جي سانگي وارن کان ساهڙ ڏاڍو پري آهي. ميهار جي ڪيئي ڪوڙا۽ نقلي روپ ته انهن کي ملي وڃن ٿا پر سچي ساهڙ تائين سندن پهچ نٿي ٿئي. پنهنجو پاڻ جيئن پرينءَ کي آڏو آهي تيئن دنياوي وسيلا به ڳرو ڳٽ آهن جيڪي پنٿ جي پنڌ کان پيرن کي روڪين ٿا. وسيلن وسارڻ سان ئي ماڻهو اڳتي وڌي ٿو؛

    پاڻ م کڻج پاڻ سين، وسيلا وسار،
    لُڙ لنگهائي سهڻي، پرت وجهندي پار
    سي تُرت لنگهنديون تار، اڪنڊ آڳهه جن سين.
    آڳهه اُڪنڊ رکي جيڪي اڳتي وڌنديون سيئي لنگهي پار پونديون پران لاءِ من ۾ محبت پهريون شرط آهي. محبت ۽ وچن نباهه کان سواءِ ڪوئي پنٿ نه لڀي سگهندو. سهڻي به سه سياري ۾ ڪنن ۾ گهڙي سگهي ٿي ۽ پنهنجي محبت سان ايتري سچي آهي جو باقي ڪنهن لڳ لاڳاپي جو خيال نٿي ڪري. نينهن جو اهو نالو ڳنهندي، جيئن سهڻي اڳتي وڌي ٿي ته سندس سامهون منزل آهي. ڀٽائيءَ اظهاري ٿو؛

    پاڻ م کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وانءُ
    مٿان سائر سهڻي! پرت وٺجي پانءُ
    نينهن ڳنهندي نانءُ، ونءُ پريان جي پار ڏي.

    پريان جو پاراهو پار آهي جنهن جي اڪنڊ ته هرڪنهن کي آهي، جنهن جي حسرت ته هرڪو ڪري ٿو پران تائين پهچڻ جوکائتو ضرور آهي. جوکي کڻڻ کانسواءِ ڪجهه به ملڻو ناهي. ڪارن ڪنن جي خوفناڪي ذهن ۾ هئڻ باوجود جڏهن ڪاهي اندر پئبو تڏهن ئي ڪجهه ملي سگهندو. دنيا ۾ انساني ڪاريگريءَ ۽ گُرن اجارڻ لاءِ به سڀئي گُرو جيڪو علم هينئرهلائين پيا ان جو به وڏي ۾ وڏو نقطو ”جوکو“ آهي. جوکو پارڪري ئي ماڻهو ڪنهن منزل تي پهچي ٿو. جوکو هڪڙي تربيت آهي. بندوبستڪاريءَ ۾ جتي ”موقعو“ پڙهايو وڃي ٿو اتي ”خطرو“ به ٻُڌايو وڃي ٿو. جوکم باوجود جيڪو مئي متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏئي ٿو، ميهاران جي ڀاڱي اچي ٿو؛

    گهڙيا سي چڙهيا، ايئن اٿيئي،
    مئي متي مهراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي،
    ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاه سين.

    پنٿ لڀڻ جي ان کان ڳوڙهي ڳالهه ڪنهن نه سمجهائي هوندي. اسٽيفن آرڪووي،ائنٿوني رابنسن جهڙا بندوبستڪاري پڙهائيندڙ به جوکي کڻڻ واري نقطي کي ئي ڪنهن وڏيءَ اڳڀرائي لاءِ ضروري سمجهن ٿا. ڀٽائي پنٿ لاڀو طور دنيا جو ڀلوڙ خيال پيش ڪندي، ماڻهوءَ کي سڀني چڱن قدرن جي پاسداري ڪندي، اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. ڀٽائي وٽ ترجيحن جو پنهنجو طور طريقو آهي. ڪٿي سئو سرن ڏيئي هڪڙي وٺڻ جي صلاح ڏئي ٿو ته ڪٿي وري اک الٽي ڌارڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. ڪٿي سڌي واٽ وٺي وڃڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪٿي وري اوتڙ هلندڙن لاءِ چوي ٿو ته اهي ڀُلبا ناهن. راه هليا ڦُربا آهن. پر جيڪي ٻنهي کان پري هوندا آهن سيئي سُتڙ سالم ويندا آهن؛

    اوتڙ هليا سي نه ڀُليا، راه هليا ڦُرجن،
    سُتڙ سي پون، ٻيئي جن ڇڏيون.

    اهي سموريون ڪيفيتون زندگيءَ جي ٻهڳڻ ٻاڻ جي سونهن آهن تنهنڪري لطيف جو پنٿ لڀڻ وارو خيال به گهڻ رُخو آهي پر ان جا بنياد ساڳي آهن جيڪي فطرت، انسان ۽ محبت کي نظر۾ رکندي، اسان کي اڳتي وڌڻ جو دڳ ڏيکارين ٿا ۽ ڪنهن اهڙي پنٿ لڀڻ جي پٽي پڙهائين ٿا جيڪي پرينءَ جي پار تائين پهچائڻ ۾ اسان جو ساٿي ۽ سونهون بنجي ٿي.


    هلو هلو ڪوريين

    هلو هلو ڪوريين

    قاتل ڪمائي ڪري وه ماکي ڪندڙ فردن مان هڪڙي مڻيادار فرد، ”وقت جي مختصر تاريخ“ ۽ ”ڪائنات ڪونري ۾“ جهڙا ڀلوڙ ڪتاب لکندڙ، جسماني طور جڏي پر ذهني طور دنيا جي وڏي شخص، 74سالن جي نامياري طبعياتدان تازو آڪسفرڊ يونيورسٽي ۾ ڳالهائيندي، دنيا جو ڪن کڻايو آهي ته دنياوارن دنيادارن ڌرتيءَ جي گولي جي اهڙ ي حالت ڪئي آهي جو اهو ڏينهون ڏينهن دوزخ ٿيندو وڃي ۽ اسان وٽ ايندڙ هڪ هزارسالن کان وڌيڪ ڌرتيءَ جي سيني تي رهي نه سگهنداسين. سندس ٻولن مان ڪجهه ٻول هن ريت آهن؛
    “I don't think we will survive another 1,000 years without escaping our fragile planet,”
    "We face a number of threats to our survival from nuclear war, catastrophic global warming, and genetically engineered viruses,"
    “Finding another planet is humankind’s only chance of survival”
    اسٽيفن هاڪنگ پنهنجي بي ريا ۽ نرالي ڳالهه ٻولهه جي ڪري جڳ مشهور آهي. هو پنهنجي سائنسي اوک ڊوک کي اهڙي انداز ۾ بيان ڪندو رهيو آهي جو عام پڙهندڙ کي به سندس ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. هن انهي ڳالهه جو به اظهار ڪيو ته اڳي به ڌرتي تي ايئن ٿيندو رهيو آهي. هن جن خطرن جي ڳالهه ڪئي آهي تن ۾ جوهري جنگڪاري، ڀوائتو ڀُون گرمجڻ ۽ جنياتي طور جوڙيل وائرس شامل آهن. واقعي دنيا ۾ جيڏاهن تيڏاهن اهڙي چرپر نظراچي ٿي جنهن مان معلوم ٿئي ته دنيا ڪنهن تحت الثرى ڏي وڃي رهي آهي. دنيا جي اها ڊوڙ هڪڙي اڄاڻائي واري ڊوڙ نظراچي ٿي ته هرڪو مٺيون ڀيڙي ٻئي کي ميدان مارڻ لاءِ ڊوڙي رهيو آهي کيس اها پروڙ ئي ناهي ته هو انهي هلاکيءَ ۾ ڇو پيو آهي؟ بس انڌ جي گهوڙي تي سوار سمورا هسوار هڪڙي بند گليءَ ۾ ڀڳا وڃن. هرڪو پنهنجي اُڪار کان يا ته بي نياز آهي يا وري اهڙي جبر ۾ جڪڙيل آهي جو موٽڻ کيس ميهڻو لڳي ٿو. استاد اسٽيفن هاڪنگ جي ڳالهه ۾ تمام گهڻو وزن آهي. دنيا کي انهي تي سوچڻ گهرجي ته اها آخر پنهنجي ڀيانڪ انجام جي کڏ هٿن سان ڇو کوٽي رهي آهي؟
    اسان جي ڏاهن ڏات ڌڻين به انهي ماجرا بابت ڳالهه ٻولهه ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. ڪلاسيڪي ورثي جي شاعري يا لوڪ ادب جو نثراڻو روپ، وارتائون، ڪهاڻيون، ڪٿائون انهي ڳالهه کي ڳڻنديون رهيون آهن ته ماڻهوءَ کي مُٺ کان مٿي نه لڻڻ کپي، فطرت جيڪا موري کيس آڇي آهي سا پنن سميت نه کائڻ کپي. جنهن ٽاريءَ تي هو لڏي ويٺو ۽ لمي لاتيون ڪري رهيو آهي تنهن ٽاريءَ سان کيس پيار ڪرڻ گهرجي. دنيا وارا دنيا دارجڏهن هٻڇ جي هندوري ۾ لُڏڻ لڳن ٿا ته پوءِ سندن اکيون پورجي وڃن ٿيون ۽ اهي گُرڙ پکيءَ وانگر پنهنجي ٻچن کي به کائي ٿا وڃن. دنيا ۾ جڏهن چوڪيداري چور جي حوالي ٿيندي ته پوءِ يقينن ڌرتي رهڻ جهڙي نه رهندي، ڇاڪاڻ جو ڌرتيءَ جي سنڀالي جي واڳ جن وس ڌڻين جي هٿ وس آهي تن جي اندر ۾ کارڙ اماڻهو ڇپ هنيو ويٺو آهي، جيئن ئي اهي دنيا جي مسندن تي ديرو دمائين ٿا ۽ دنيا جي وسيلن جي ٽجوڙين جو ڪنجي، قلف ۽ ڪڙو سندن حوالي ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اهي گهٽ نٿا ڪن. نتيجي ۾ دنيا ۾ ماڻهن جو رهڻ ڏينهون ڏينهن ڏکيرو ٿيندو پيو وڃي.اهڙي ڪيفيت کي ڀٽائي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي؛

    جه سي لوڙائو ٿيا، جني سنديءَ ڌير،
    ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي.
    جه سي لورائو ٿيا، جني ڀر رهن،
    مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو.

    ملير يعني دنيا اهڙي هجي جنهن ۾ مارو رهي سگهن. رهڻ لاءِ ڪهڙيون حالتون هجن، ڪهڙا ماڻهو هجن؟ ان بابت ڀٽائيءَ ڏس ڏنو آهي ته جيڪي محبت ڪن ٿا سڄو ڏينهن ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪن ٿا تن وٽ هلو ته هلي رهجي. اهڙن ماڻهن سان اُميري پائجي. ڪڏهن به ڇنڻ جي ڳالهه نه ڪجي. هو ڇنن ته به نه ڇنڻ گهرجي. اهڙن دلبر دل وارن جو سنگ ئي ماڻهوءَ جي روح کي رس سان رنڱيندو ۽ اهڙو رڱ نه ڪڏهن اوٻاٽجندو نه ئي ڪڏهن لهندو. اهڙي ساٿ بابت هن طرح، اظهاريل آهي؛

    هلو هلو ڪوريين، نازڪ جني جو نينهن،
    ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.

    ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪندي، ڀٽائي، رهڻ لائق، لاکيڻي سماج جو پورو تصور ڏنو آهي. سماج کي فطرت جي تناظر۾ ماڻهوئي جوڙين ٿا. سماج جو جنسار چاهي اهو دلپسند هجي يا اوڻندو هجي، ماڻهن جو جوڙيل آهي. سنسار جي سرشٽي ۽ سٽاءَ ۾ انسان جو ئي ڪردار آهي. فطرت ان سٽاوَ کي اجهو ڏئي ٿي. انسان جڏهن ان اجهي جو نامناسب استعمال ڪري ٿو ته فطرت وري پنهنجي ڦيري سان ملڪ ميدان ڪري ڇڏي ٿي ۽ نئين سر نئين جيوت اُسرڻ لڳي ٿي. فطرت سان اهڙي انساني هٿ چراند ڪا اڄ جي ڳالهه ناهي. انسان کي جيڪا ساڃهه ۽ عقل عطا ٿيل آهي ان کي وس ۾ به کيس ئي رکڻو آهي ۽ جڏهن هو هٻڇ جي هنباري منڊيل هاٿيءَ تي چڙهي ٿو ته لالچ جو اهو مڪنو نه رڳو کيس پٽ سان هڻي ٿو پر پنهنجي پيرن هيٺيان به ڪيترن ابهمن، معصون ۽ بي گناهن کي لتاڙي مليا ميٽ ڪري ڇڏي ٿو. ڀٽائي اهڙن ماڻهن جي سنگ صحبت کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏي ٿو؛

    ويٺي جني وٽ، ڏُکندو ڏاڍو ٿئي،
    سا مجلس ئي مٽ، جي حاصل هوءِ هزار جي.

    اهڙن ماڻهن سان گڏجي رهڻ کان ئي پاسو ڪجي جن سان رهندي ڏکندو ڏاڍو ٿئي. دنيا ۾ هن وقت ”آبهوائي ڦرڪي ڦرڻ “ جي مهم جيڪي هلائي رهيا آهن اهي ئي آبهوا جي فطرتي سانکور ۽ سرشتي کي هاڃو رسائيندڙ آهن. جوهري جنگين جي خلاف جيڪي پرچارڪ آهن، ائٽم بم جهڙي ڪُڌي ايجاد به انهن جي کاتي آهي. جنهن جنياتي انجنيري ۽ وائرسي وبا جي ڳالهه استاد اسٽيفن هاڪنگ ڪري ٿو اهو خير جو ڪم به انهن ڌرين جي پلئي آهي جيڪي هن وقت دنيا ۾ امن جو اڇو جهنڊو ڦڙڪائڻ جي ڦونڊ ۾ ڦرن پيون پر ان جهنڊي جي اڇي پس منظر اندر ڪيترن ئي بيگناه انسان جي رت جا راڱا به نظراچن ٿا. اهڙن ماڻهن جي ساٿ سان يقينن ڏکندو ڏاڍو نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو. ٻئي پاسي ڀٽائي اهڙن ماڻهن جي ڳالهه به ڪري ٿو جيڪو دنيا ۾ سچ جا سرواڻ آهن جن ويرانن کي به وسائڻ جو ڪم ڪيو آهي. انهن جا آسڻ اريج آهن. سندن هيج انسان سان آهي نه ئي وسيلن جي ڦرلٽ سان. اهڙن املهه انسانن جي صحبت سماج کي سَرڳ سمان بنائي ڇڏيندي. اهڙن سان گڏجي وهڻ رهڻ سان دنيا جا اهنج ايذاءَ ڏور ٿي ويندا.
    ويٺي جني وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،
    تون تني سان ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا.

    ڀٽائي عشق، محبت ۽ انسانيت جي پنٿ جو اهڙو پانڌي آهي جنهن جيڪا ماڻڪن چونڊ آندي آهي، تنهن ۾ انسان جي سُڪون ۽ دنيا جي امن آشتيءَ جو سمورو سامان موجود آهي. ان کي هنيئين سان هنڊائڻ جي ضرورت آهي. ڀٽائي وت هڪڙي حسين ۽ پُرامن سماج جو تصور آهي جنهن ۾ محبت جا مينهن آهن ۽ جا به جا نينهن ئي نينهن آهي. هو اهڙي سماج جي اڏڻ لاءِ پنهنجو تصور پيش ڪري ٿو. جڳ وارن کي صلاح ڏي ٿو. سُک ڀرئي سماج جي قائم ڪرڻ جو سمورو سٽاءُ سمجهائي ٿو.

    هلوهلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن پچار،
    ڪانهي ٻي تنوار، سڀڪا پسي پرينءَ کي.

    ڪاڪ تڙ جو قرب ڀريو خيال آڇي، ڀٽائي نينهن پچار جي ڳالهه ڪري ٿو. جتي نينهن هوندو ۽ محبت جا مينهن وسندا هوندا ته اُتي ڪيئي رڱ رچيل هوندا. اهڙي سماج جي سونهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. اهو سماج دنيا وارن دنيا دارن جو نه هوندو پر اهو سماج دنيا وارن دلدارن جو هوندو، جنهن ۾ پرين جو پيار هوندو. پيارجي پانوڙي پڪ سان ڪيئي رڱ رچندا. پرت جي اها پِڪ، انسانن کي سڪ ۽ ڇڪ جي، ڪچي پر مضبوط تندڻ ۾ تنجي، قابو ڪري ڇڏيندي.

    هلو هلو ڪاڪ تڙين، چَرُو جت چڙهن،
    ڪوڙين رڱ رچن، پانورڻي پڪ سان.

    جتي چاهه جا چرو چڙهندا هجن اتي پڪ سان پرت ڀريو سماج هوندو جنهن ۾ سڀئي هڪ ساريکا هوندا ڪا ننڍ وڏائي نه هوندي. انسان جي عقل، فهم شعور ۽ علم جو اهوئي امتحان آهي ته هو پنهنجي حيواني روپ مان ڪيترو مٿي چڙهي ٿو. سندس سموري چُرپر انهي ڪسوٽي تي ئي انسان جي پرک هجڻ گهرجي. انسان جي ذهني اوسر ئي سندس اصل سفر آهي جيڪو سندس هراڏٽا ۽ عمل مان نروار ٿئي ٿو. انهي اوسر مان انسان جي جمالياتي ذوق جي به خبر پوي ٿي ته سندس حيواني هٻڇ جا اهڃاڻ به جڳ ۾ جتي ڪٿي نظراچن ٿا. استاد اسٽيفن هاڪنگ به انسانن کي اهڙي ڀيانڪ مستقبل کان آگاهه ڪيو آهي ۽ خلا ۾ رهڻ جي صلاح ڏني آهي. انسان پنهنجي رهڻ سهڻ لاءِ اهڙا ماڳ مڪان ڳوليندو رهندو پر ڌرتيءَ کانسواءِ ڪٿي به کيس اڄ تائين ڪو ٺڪاڻو نظرنه آيو آهي، جتي هو اهڙو سماج اڏي جنهن ۾ انسانيت هجي، محبت هجي، فطرت سان پيار جو ڪاروهنوار هجي. هرڪو پنهنجي جلوي ۽ جوهر ۾ اجهل ۽ آزاد هجي. جتي انسان جي عقل ۽ شعور تي ڪا روڪ ٽوڪ ۽ جهل پل نه هجي؛

    هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇل،
    نه ڪا جهل نه پل، سڀڪا پسي پرينءَ کي.

    پرين کي پسڻ جو اهڙو پيار ڀريو سماج انسان جي انسانيت دوست علم ۽ شعور سان اڏجڻ ئي ممڪن آهي. انساني ساڃهه جيڪڏهن پنهنجي پاڻ کي پنهنجي هٿ وس رکي ته ڪجهه به بعيد ناهي. سمورو بار ماڻهوءَ جي مٿي تي آهي. فطرت ماءُ کيس سهڪار ۽ آڌار آڇي ٿي. چونڊ جو اختيارانسان وٽ آهي. مڻيو چونڊي يا ماڳ کڻي. چنيسر جي چاهه کي چوکو سمجهي چاهي يا ڪونروءَ جي ڏيکاريل هار تي هرکجي پنهنجو ازلي وچن ٽوڙي ويهي رهي. ٻئي سراهون سندس حوالي آهن. اهڙي املهه آڇ کي جڏهن انسان من ۾ محبت پائي چونڊي ٿو ۽ سُک ڀريو سماج جوڙڻ جي ڪوشش ڪندو ته پوءِ جيڪو معاشرو اُپجندو اهو ايترو ته ڀلوڙ هوندو جو ان ۾ انسان جي عقل شعور تي، زماني مڪاني پابنديون به نه هونديون. هرهنڌ پيار ئي پيار هوندو. لال جي رڱ ۾ هرڪو رڱجي لال ٿي ويندو؛

    هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي گهڙ جي نينهن،
    نه ڪا را ت نه ڏينهن، سڀڪا پسي پرينءَ کي.


    جا هَڙَ اندر جِيءَ...

    جا هَڙَ اندر جِيءَ...

    ڀٽائي پنهنجي مزاج ۽ من جي پاتارمان پيهي جيڪي موتي آندا آهن انهن موتين جهڙن املهه خيالن تي ڪيئي رنگ چڙهيل آهن تنهنڪري سندس شاعري کي جيترو اپٽارڻ جي ڪوشش ڪبي ته اوترائي تهه اٿلندا ويندا هرتهه اندران معنى جا نوان موتي پوري آب تاب سان جرڪندا نظر ايندا. زندگي اهڙو ڳوڙهو لقاءُ آهي جنهن کي سمجهائڻ جون هيستائين جيتريون به ڪوششون ٿيون آهن تن کي ڏسي لڳندو آهي ته اها اڄ به اوتروئي اونهو اسرار آهي جيترو شروع ۾ هئي. ان وقت جي انسان جي جيڪا ذهني سطح هئي، حياتي کي سمجهڻ لاءِ سندس ڊوڙ به انهي مطابق هئي. دؤر جيئين جيئن چڙهندو آيو ته انساني شعور جي ڦرهي به اجرندي آئي ۽ ان جي اکرن توڙي انگن ۾ واڌارو ٿيندو ويو. اهڙي طرح جيڪو انسان چئوپيري کان شروع ٿيو هو، سو اڄ اُڀ جي نيري نڀ کان به مٿي اُڏام هڻي رهيو آهي پر حياتي جي انهي ڳوڙهي ڳنڍ بابت اڄ به اوتروئي حيران پريشان آهي جيترو پنهنجي اوائلي زماني ۾ هو. ڀٽائي راز جي ڳالهه تي خيال آرائي ڪندي، هڪڙو ڀلوڙ بيت چيو آهي؛

    جا هڙ اندر جيءَ، سا هڙ ڇُڙي نه ساهه جي،
    ساهڙ ڇُڙي نه ساهه جي، ساهڙ ساهڙ ريءَ
    ساهڙ ميڙ سميع ته ساهڙ ڇُڙي ساهه جي

    اها هڙ انسان لاءِ جڳن کان اوتري ئي پرتجسس رهي آهي. هو زندگيءَ جي انهي راز کي پروڙڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻندو رهيو آهي. ڪن چيو ته زندگي جي مقصد کي نهارڻ گهرجي ته ماڻهو دنيا ۾ ڇو آيو آهي؟ ڪن چيو ته زندگي جو مقصد انسانيت جي خدمت چاڪري آهي. ڪنهن ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن چيو. جيترا وات اوتريون ڳالهيون. ڳالهين جي ڳنڍ ايئن ڳنڍ ئي رهي آهي. راز جي نياز کي گهٽ سليو ويو آهي. ڪجهه ڳالهيون نه سلڻ جهڙيون به هونديون آهي يا وري انهن کي درجي بدرجي سليو ويندو آهي. سلوڪ جي دنيا جو پنهنجو رنگ آهي جنهن جو ڍنگ به نرالو آهي ته سنگ به ساه سمانو آهي. ڀٽائي جيڪي ٽي ڪتاب ساڻ کڻندو هو تن ۾ هڪڙو ڪتاب جلال الدين روميءَ جي مثنوي آهي، جنهن کي مثنوي معنوي سڏيو ويو آهي. رومي صاحب تصوف جا جيڪي نڪتا پنهنجي شاعريءَ ۾ نروار ڪيا آهن تن سڄي دنيا جي سلوڪ جي دنيا کي متاثرڪيو آهي. رومي صاحب مثنوي سان گڏوگڏ ديوان شمس تبريز به لکيو جنهنجي نسبت سندس مرشد شمس تبريز سان آهي. رومي صاحب جي ڪلام بابت ڊاڪٽرافضل اقبال پنهنجي تصنيف ”مولانا رومي، حيات وافڪار“ ۾ صفحي 178 تي لکي ٿو،”رومي پنهنجي غزليات جي مجموعي کي ديوان شمس تبريز جو نالو ڏنو ۽ مثنوي کي ”حسامي نامه “ چيو. شمس ديوان جو هيرو هو ۽ حسام الدين مثنوي جو محرڪ. جنهن جي ڪري هن مثنوي تحريري وجود پاتو.“ مثنوي ۾ مختلف موضوعن تي شاعري ڪندي، پنهنجي نقطه نظر کي پيش ڪيو آهي. تصوف جو هي شاهڪار سنيهو ايمان جي سگهه تي ٻڌل آهي. تصوف بابت ٻيا ڪتاب به ايمان ۽ عقيدي جي اپٽار تي مشتمل آهن جن جي واٽ نياري آهي پر تصوف لادينيت جو نالو ڪڏهن به ناهي. تصوف نه ئي فرار جو ڪو فرفر پڙهجندڙ پاٺ آهي جيئن ان کي ڪجهه ڌريون موجوده دؤر ۾ ايئن سمجهن ٿيون. رومي صاحب انهي ساهڙ جي ساه جي هڙ تي به خيال آرائي ڪئي آهي ته راز جو حيف ڇا آهي؟ هو فرمائي ٿو؛
    هرڪجا دردي دوا آنجا رود،
    هر ڪجا فقري نوا آنجا رود
    هر ڪجا پستي ست آب آنجا رود،
    هر ڪجا مشڪل جواب آنجا رود.
    درد هجي ته درد جو درمان به آهي. فقر هجي ته فقر جو سامان هجي. جيڏانهن لاٿ هوندي پاڻهي اوڏاهين لڙهندو. جي ڪا مشڪل هوندي ته ان جو حل به هوندو. درد جو درمان، فقر جو سامان ۽ پاڻي جو لاهي ڏانهن لڙڻ ۽ مشڪل جو حل ملڻ اهم نڪتا آهن. درد مان ئي درمان نڪري ٿو ته فقر فاقي جو سان به فقر فاقي جي بي سامانيءَ ۾ مضمرآهي. فقر ۽ فاقي جي اڻ هوند ڪيئن هڙ هوند ڏانهن وٺي وڃي ٿي ۽ ماڻهو پاڻ کي دنيا جو ڌنوان سمجهيو وڃي ٿو. پاڻي به اوڏانهين وهي ٿو جيڏانهن لاهي آهي. ڀٽائي به اُڃ سان اُڃ اٿيارڻ جي ڳالهه ڪندي هن ريت چوي ٿو؛

    محبت مڻين من ۾، تن تشنگي تار،
    پي پيالو اُڃ جو، اُڃ سين اُڃ اٿيار،
    پنهنون پاڻ پيار، ته اڃ سين اڃ اجهايان.

    جڏهن سالڪ انهي سلوڪ سان اڳتي وڌي ٿو ته پوءِ هو ايترو ته نوازجي وڃي ٿو، جو منزل سندس راهه تڪي ٿي ۽ منزل اوڏانهن رڙهي پهچي ٿي. پاڻيءَ جي ڳولا کان اڃارپ وڌيڪ اهم آهي. جڏهن سالڪ انهي ڏاڪي تي پهچي ٿو ته پوءِ پاڻي سندس لاءِ اڃيو بنجي پوي ٿو؛

    آب ڪم جو تشنگي آور بدست، تابجو آبت از بالا وپست
    تا سقا هم ربهم آيد خطاب، تشنه باش، الله اعلم باالصواب.

    پاڻيءَ جي ڳولا ڏانهن گهٽ ڌيان ڏي پر اڃ سين اُڃ اٿيارته پنهنون پاڻ پاڻي پياري. پاڻي توهان جي ڳولا۾ پاڻهي هليو ايندو. اهو واعدو آهي ته پنهون پاڻ کين پاڻي پياريندو. پاڻي اڃاري جي ضرورت آهي، اهو جملي جو هڪڙو رخ آهي. ٻيو رخ اهو به آهي ته اُڃارو پاڻيءَ جي ضرورت آهي. اِهو اُهو احساس آهي، جيڪو ڀٽائي هنن ٻولن ۾ نروار ڪيو آهي؛

    ساجن ڪارڻ سڃ، مر قبوليئي سسئي.
    اندر جني اُڃ، پاڻي اڃو ان کي.

    جن کي اندر ۾ اڃ هوندي آهي پاڻي تن لاءِ اڃارو هوندو آهي. رحمت جو جن کي پاڻي گهربل آهي ته هيٺاهين وٺ. رحمت جو پيالو پي ۽ مست الست بنجي پئو. هيٺاهين ۽ نوڙت ايئن ماڻهوءَ کي بلندي ڏانهن وٺي وڃي ٿي. رحمت جو جام جن کي نصيب ٿئي ٿو، اهي نوازجي وڃن ٿا. نوازجڻ ۽ مست الست ٿيڻ جو اهو مناسب ڪم رومي صاحب جي لفظن ۾ هن ريت آهي.
    آب رحمت بايدت رو پست شو، وانگهان خور خمر رحمت مست

    رحمت جي اهڙي رس ڀرئي پاڻيءَ پيئڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي نوعيت ئي تبديل ٿي پوي ٿي ۽ هو راز ۽ نياز جي منزل کي سمجهڻ جي اوک ڊوک ڪري ٿو. حالانڪ منزل ڪا به شئي ناهي. منزل پاڻ هڪڙو ڏاڪو آهي. رومي انهي ماجرا کي هن ريت بيان ٿو ڪري.

    چرخ را در زير پا آر اي شجاع، بشنو از فوق فلق بانگ سماع
    پنبه وسواس بيرون ڪن ز گوش، تا بگوشت آيد از گردون خروش.

    هو سالڪ کي صلاح ڏئي ٿو ته اي ڪوپا ڪلنگيدار آسمان کي پنهنجي پيرن هيٺيان آڻ. عرش کان ٻُڌ عرش جي صدا جيئن تون انهي سڏ جي وائيءَ کي نه رڳو ورنائي سگهين پر پڙاڏي جي پرپيچ آوازن جي راز کي به سمجهي سگهين. انهي آواز ٻڌڻ لاءِ هو ڪنن مان وسوسن جو ڪپهه ڪڍڻ جي صلاح ڏيندي چوي ٿو ته اهو سڏ سرون ٻُڌڻ ۾ اچي. شاه ڪريم وري انهي سڏ ٻُڌڻ جي ڪم ۾ ايترو اونهون ٿو وڃي جو هو انهي وائي جي ورلاپ ٻُڌڻ لاءِ، اندر جا ڪن سڪارج ڪرڻ جو ڏس ڏئي ٿو؛

    هي ڪن گاڏهان وڪڻي ڪن ڪي ٻيا ڳنهيج،
    سندي سپريان ڳالهڙي تني سين سُڻيج.

    سپرين جي ڳالهه انهي نموني ٻُڌڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جو نظر ۽ نظريو به نکري نروار ٿين ٿا ۽ هو اکين کي روئي ڌوئي صاف ڪري ٿو جيئن کيس هرشئي چٽي نظر اچي. طالب جو اکيون جڏهن ايئن چٽيون ٿين ٿيون ته پوءِ هو غيب جي بهاريءَ جا مزا ماڻي ٿو. پنهنجو پاڻ کي جسم جي ڊانڍي مان آجو ڪرائي وٺي ٿو جيئن هو انهي اڻ ڏٺي چمن ۾ ناچ نچي سگهي، مي رقصم ۾ محو ٿي سگهي؛

    پاڪ ڪن دو چشم را از خوئي عيب،
    تا به بيني باغ و سردستان غيب
    ڪنده تن را ز پائي جان بڪن،
    تا ڪند جولان بگرد آن چمن

    شاه ڪريم به انهي نموني اکين کي روئڻ ڌوئڻ جا سبق ڏيڻ جي صلاح ڏني آهي ته جيئن اهي پرين جي هر پرتوي کي ۽ پرين پاڻ کي به پسي سگهن. هو فرمائي ٿو؛

    پاٺيون جان نه ڪجن. روئي ڌوئي اکڙيون،
    جر ڪُجر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.

    پرين پسڻ جو اهو پنڌ جنهن پنٿ تان هلي ٿو اهو پرپيچ پيچرو اهڙو راز آهي جنهن بابت هرسالڪ پنهنجي سوچ، ڄاڻ ۽ تجربي جي روشنيءَ ۾ ان تي روشني وڌي آهي. پيار جو پنڌ پاڻهي ٿيندو آهي، پاڻهي ڪبو آهي ۽ پاڻهي سمجهه ۾ ايندو آهي. اها وٿ اهڙو ٿوڪ ناهي جيڪو هٽ تي هڪيو ملي. سو پرينءَ پسڻ لاءِ انهي راز پروڙڻ جي ضرورت آهي جنهن کي ڀٽائي ”هڙ“ چيو آهي. اها ڪيئن ڇوڙڻي آهي ڪيئن ان مان لاڀ پرائڻو آهي. اهي سڀ اهڙا نڪتا آهن جن تي صوفي شاعرن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ خيال جي خدائي جي پنج ڪڻي پرسادي آهي. روح جو راز اونهو اسرار آهي جنهن کي صوفين ڳولڻ جي ڳولا ڪئي آهي. هر ڪو انهي ڳولا۾ ڪيترو اڳتي ويو آهي اهو سندس ڪلام مان يا ملفوظات مان ملي ٿو. پر حقيقي تجربي جي حقيقت جو جگري احوال اڃا ان کان آڳاهون آهي.


    ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، اي در اڄاڻن جو

    ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، اي در اڄاڻن جو

    انسان پنهنجي جلوي ۽ جوهر ۾ ڪائنات جي مڻيادارمخلوق آهي جنهن بابت ڏند ڪٿا کان وٺي فلسفي تائين، فلسفي کان وٺي مذهب تائين ۽ مذهب کان وٺي سائنس تائين، سائنس کان وٺي اتم حرفتگيريءَ تائين احوال جي پلٽ پلٽان لڳي پيئي آهي هرهڪ ڌُر پنهنجي پنهنجي نقطي نگاهه کان انسان جي سمجهاڻي ڏئي رهي آهي. انسان ۽ ڪائنات جي تعلق کي سمجهايو پيو وڃي. سمجهڻ سمجهائڻ جو اهو سمورو عمل ”ڄاڻ“ وسيلي صدين کان جاري آهي. انسان کي دماغ ڏيئي ان وسيلي سوچڻ جي جيڪا صلاحيت مليل آهي تنهن ۾ هو بي مثال ۽ بينظير آهي. باقي سموري مخلوق سندس انهي صلاحيت جي پد کي نٿي پهچي. اهوئي سبب آهي جو انسان سموري ڪائنات ۾ بالم بنيل آهي ۽ ان کي جيئن کيس وڻي تيئن هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. انسان جي اها ڄاڻ واري صلاحيت علم جي سڀني شعبن بحث هيٺ آندي آهي ۽ انهي صلاحيت کي مختلف نالا ڏنا آهن جن ۾ عقل، علم، ڄاڻ، ساڃاه، شعور جهڙا لفظ به آهن جيڪي انهي گڻ بابت انسان جي مختلف تصورن کي نروارڪن ٿا. انسان جي اها صلاحيت خودڪارآهي. ان جي تراش خراش ٿئي ٿي. لسائي گسائي ٿئي ٿي، پر ان جو هر ساڳي جو ساڳي آهي. انسان انهي صلاحيت کي نروارڪرڻ لاءِ وري تعليم جي ڪرت جو بندوبست ڪيو آهي. تعليم جا به ڪيئي وڙ آهن جن کي ڪڏهن سڌو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن ان ۾ ايترا وروڪڙ هوندا آهن جو انسان جو دماغ ئي چڪرائجي ويندو آهي. نتيجي ۾ اٻوجهه ۽ اڻ ڄاڻ ماڻهو انهي وٽ جا حصيدار نه ٿي سگهندا آهن. انسان جي انهي صلاحيت جي ارتقا جي ڏاڪن تي نظر وجهجي ٿي ته سڀ کان پهرين هو فطرت پسند نظراچي ٿو جنهنجي ڄاڻ جا سمورا سرچشما فطرت مان نڪتا، ڇاڪاڻ جو اڃا اوائلي دؤر هو. ان دؤر ۾ هن جيڪي به ونڊيو ورڇيو اهو فطرت جو داستان آهي. ويد ۽ ويدن جهڙا ٻيا اوائلي ڪتاب انهي فطرت مان ڦٽي نڪرندڙ علم جو وڙ آهن. فطرت پسنديءَ مان جڏهن انسان جي دل ڀرجي ٿي ته هو شين جي منطقي تاويل ڳولڻ لڳي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو هاڻي هو فطرت جي تشريح ۾ لڳي ويو. اڳي فطرت جو راوي هو هاڻي ان جو شارح آهي. اهو سلسلو به اڳتي وڌندي مذهب جي صورت ۾ نروار ٿيو. مذهب مان مذهبن ۾ تبديل ٿيو اڳتي هلي فرقن ۾ ۽ فرقن جي فرقن جي شڪل ۾ نروارٿيو. انسان جي فطرت سان پهرين ڏيٺ ويٺ ۽ سندس منطقي ماحول کيس شين کي پرکڻ ڏانهن وٺي ويو جنهن مان سائنس جي ڄاڻ نروار ٿي جيڪا اڳتي هلي حرفتگيري ۽ اتم حرفتگيري تي اچي پهتي آهي ۽ ويراوير وڌندڙ آهي. هرتهذيب ۾ ڄاڻ بابت بنيادي تصور به نروار ٿيا ۽ اها ان جي روشني ۾ اڳتي وڌڻ لڳي. سنڌي سماج ۾ به ڄاڻ بابت پنهنجا بنيادي تصور ۽ خيال رهيا آهن جن وسيلي سنڌي سماج پنهنجي ذهني ۽ فڪري پنڌ جو رائو ريليندو ۽ ٿر ٿيلهيندو رهيو آهي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن به انهي ڏس ۾ پاڻ موکيندي ”ڄاڻ“ جي بنيادن بابت پنهنجي پنهنجي نظريئي کي نروارڪيو آهي. اسان وٽ ٿيندو اهو رهيو آهي ته جن اسان تي حڪمراني ڪئي آهي ۽ اسان کي پنهنجي حلقه درگوشيءَ جي دامن ۾ رکيو، اسين تن جي نظرين جا پرچارڪ ۽ حمايتي رهيا آهيون. پراين دهلن تي نچندا، ڳائيندا وڄائيندا، الائي ڇا ڇا رٽيندا ۽ رٽائيندا رهيا آهيون. انهن نظرين کي عملي جامو پارائڻ لاءِ، وت ۽ وس آهر ڪوشش به ڪندارهيا آهيون. پنهنجي اساسي مفڪرن جي اسان ايئن پيروي نه ڪئي آهي جيئن ڪرڻ گهرجي. اهڙن اساسي ۽ روشن خيال شخصيتن ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي به اچي وڃي ٿو جنهن زندگي جي سمورن پاسن بابت پنهنجي خيالن کي سُريلي شاعري وسيلي ايئن اظهاريو آهي جو اهي سماج ۾ وک وک تي اسان جي رهنمائي ڪن ٿا. ڄاڻ اهڙو عمل آهي جنهن جون مختلف صورتون آهن ۽ ان جون کوڙ ساريون وصفون بيان ڪيون ويون آهن. ڀٽائي به ڄاڻ بابت خيال ڏنو آهي ته ڄاڻ ڇا آهي؟ ڪيران پنٿ ۾ اڳتي آهي؟اڳتي وڌڻ جي واٽ ڪهڙي آهي؟ڪهڙي طريقي سان انهي پنڌ ۾ ”ريجهڻ “ ماڻي سگهبو ؟ هو فرمائي ٿو؛

    ڄاڻي ته به نه ڄاڻ، اي در اڄاڻن جو
    ان در سيئي اگهيا، جني نه ڀانيو پاڻ
    ريڌو آهي راڄاڻ، ان پر اڄاڻن سين.

    ڄاڻ انسان جي ان داخلي صلاحيت جو نالو آهي، هو جنهن وسيلي خارجي دنيا جي عبارت ۾ پنهنجي وجود ۽ ڪائنات ۾ ان جي معنويت ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انسان ڄائي ڄم کان ان صلاحيت سان ڏيجيل آهي. اڳتي هلي هو انهي صلاحيت جي بنيادن تي پنهنجي نوڪ پلڪ جي سنوار ۾ لڳي وڃي ٿو. ڄاڻ يا علم پهريان داخلي آهي پوءِ خارجي. ڀٽائي انهي سلسلي ۾ ”نه ڄاڻڻ“ تي زور ڏي ٿو. ڄاڻجي ته به سمجهجي ته ڪجهه به نٿو ڄاڻجي. ڇاڪاڻ ته جيترو ادراڪ وڌندو ويندو، شعور وڌندو ويندو اوترو ماڻهوءَ کي پنهنجي حدن جي محدوديت جو اندازو ٿيندو ويندو. هو پنهنجي اڄاڻائي کي محسوس ڪرڻ لڳندو ۽ اڄاڻائي جي انهي عمارت تي ڄاڻ جو ماڙيون ۽ منزلون جوڙيندو ويندو. ڄاڻ جي انهي پنٿ ۾ اهي ئي اڳتي وڌن ٿا جيڪي پنهنجو وجود وڃائين ٿا. وجود وڃائي تهان پوءِ تڪبير چوڻ جي ڳالهه به ڀٽائي ڪئي آهي. پاڻ ڀانئڻ ڄاڻ جي واٽ ۾ وڏي رنڊڪ آهي. پاڻ جي خول مان ڪيئن ٻاهر نڪرجي اهو به هڪ وڏو ۽ مرحلي وارعمل آهي. روحانيت جي سموري تحريڪ انهي تحرڪ تي هلي ٿي. راڄاڻ جو ريجهڻ به ڀٽائي جي خيال جو محور آهي ڇاڪاڻ ته هر شئي پنهنجي اصل ڏانهن موٽڻي آهي. ريجهڻ جي انهي عمل بابت سموري صوفي شاعري ريجهڻ جي اهڙي فڪر سان ڀري پيئي آهي.
    اڄاڻ مان ڄاڻ جي ڳاري جو ڳر لهڻ کانپوءِ هو اڳتي وڌي ٿو ۽ ظاهري اکرن کان هٽي ڪري ان ڏس ڏانهن وڃي ٿو جتي اکر جڙن ٿا. ڪاڳر ڪور جي ڪرت مان اڳتي وڌي ٿو. مس وڃائڻ کي هو اڪارٿ سمجهي ٿو. صلاح ڏي ٿو ته ڏس اتان ڏوريو جتي اکر جڙن ٿا. هو فرمائي ٿو؛

    ڪوه ٿو ڪاڳر ڪوريين، ويٺو وڃائين مس،
    ڏور تئائين ڏس، جئاين اکر جُڙيا.

    ڪاڳر ڪور جو عمل به ڄاڻ جي سلسلي ۾ هلندو رهيو آهي ۽ ان جو اٽوٽ حصو ٿي ويو آهي.انهي ۾ جيڪي شيون نروار ٿين ٿيون انهن تي وري دنياداري جون مصلحتون اثر ڪن ٿيون ته ڄاڻ جي اصليت پردي پويان ڍڪجي وڃي ٿي. ان جو اصل جوهر نروار نٿو ٿئي. ڪوڙين ڪتابن ۾ ساڳيو علم آهي. ان کي مختلف تصورن وسيلي چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. نظر جي نيڪي ضروري آهي تڏهن فڪر جي ڦرهي تي ڪا روشني نمودار ٿيندي. فڪر ڦرهي جنهن جي هٿ ۾ هوندي اهوئي چڪڻ چاڙهه مان چڙهي پار پوندو. ڀٽائي فرمائي ٿو؛
    ڪوڙين ڪتابن ۾، حرف مڙيوئي هيڪ،
    جي نظر تو نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿئي.

    جن جي نظر نيڪ آهي تن لاءِ بسم الله ئي ڪافي آهي. نيڪ نظر دلين جي آئيني کي صاف ڪري چمڪداربنائي ٿي. ان ۾ ئي پنهنجو عڪس نظراچي ٿو. جڏهن ماڻهو انهي نيڪ نگاهي سان اڳتي وڌي ٿو ته پوءِ کيس خبر پوي ٿي علم اڳتي هلندا هڪ ئي نقطي تي پهچن ٿا. اهو درجو به تڏهن اچي ٿو جڏهن ڄاڻ جو ڳولائو اهي سڀئي مرحلا طئي ڪري اڳتي وڌي ٿوته سندس اڳيون کلي ٿيون پون. مار! پريان جي پار جي مڙئي مٺائي آهي. رڳو چيت ڪري چکڻ جي ضرورت آهي. جيڪي انهي انداز سان اها وٽ چکندا تن جو چيتو جاءِ هوندو ۽ هرڪاڳر ڪور مان پارپئي اصلي علم تائين پهچندا رهندا.

    اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار،
    اندر کڻي اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

    ڄاڻ جي انهي پنٿ جي پانڌيئڙن لاءِ پڙهڻ سان گڏوگڏ قلب ۾ ڪڙهڻ به ضروري هوندو آهي جيئن علم جي اصليت جيڪا داخلي آهي ان کي ڪا مهميز لڳي ۽ اها خارجي دنيا سان پنهنجي تعلق کي ڪا معنى ڏيئي سگهي. قلب ۾ ڪڙهڻ کانسواءِ سڀ ڪجهه اجايو آهي. نيڪ نگاهي ۽ هنيئين هنڊائڻ کانسواءِ ڄاڻ کي ڀٽائي ڏوه سمجهي ٿو. هو فرمائي ٿو؛

    پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
    پاڻان ڏوه چڙهن، جيئن ورق ورائين وترا.

    ورق گرداني، ڪاڳرڪور ۽ رٽ رٽان جي عمل کان لطيف هٽي ڳالهه ڪري ٿو. هن وٽ پڙهڻ پروڙڻ جو نالو آهي، جيڪو پاڻ سڃاڻڻ کان ٿيندو پرين سُڃاڻڻ تي پُڄي ٿو. انسان جي فڪري ارتقا جو اهو پنڌ پاڻ کان ٿي جڏهن پرينءَ تي پهچي ٿو ته پروڙ پوي ٿي ته پاڻ ئي پاڻ آهي. پنهون به پاڻ آهي. سسئي ته سورن جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿي. پاڻ ڳولڻ جو اهو ڪم ڄاڻ جي انهي ڄر سان ئي ٿئي ٿو، جيڪا پنهنجي سيڪ سان ڪچي سون کي ڪُندن بنائي ٿي. اهو ڪندن بنجڻ وارو عمل ڄاڻ جي اڄاڻائيءَ واري نقطي کان شروع ٿي ڄاڻ ڏانهن موٽ کائي ٿو. پر اها سموري حاصلات به ڪنهن حڪمت عملي سان ئي حاصل ٿئي ٿي، جنهن کي ڀٽائي هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو؛

    پڙهڻ ته پروڙڻ، نه ته پڙهڻ آهي مذاق،
    سبق سپرين جي اندر ڪئي اوطاق،
    تون پارلنگهائين پاڪ، آئون حرف نه ڄاڻان هڪڙو.

    ڪاڳرڪور جي عمل مان قاضي ٿيڻ کي اڀاڳو سمجهندي، ڀيرڻ ۽ بانئڻ جي رٽ رٽان کان پري ٿي لطيف ان سُرڪيءَ جو ساءُ عزازيل کان پڇڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. انهي عمل ۾ جيڪا رٽ رٽان ٿئي ٿي ۽ اها رٽ رٽان مارائي ٿي. انهي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي، ڀٽائي اهو به فرمائي ٿو ته جن کي پاڻ پڙهائي ٿو سي اڻ پڙهيا به پڙهيا آهن ٻيا ڪروڙين ڪتابن سان به بيڪارگهمن پيا. تنهنڪري هو پنهنجي ڳالهه کي هن ريت رکي ٿو؛

    حرف ڇُٽي هڪڙي، ٻهون جي نه ٻُجهن،
    ڪوه ڪبو کي تن، سڄي سُڻائي ڳالهڙي.

    سڄي ڳالهڙي ۾ جيڪو ڳر آهي اهو هن ريت آهي ته ڄاڻ جو سمورو عمل اڄاڻ مان نروار ٿئي ٿو پر ان لاءِ ”ڀانئڻ“ جي ڀيرمان نڪرڻو آهي يعني (unlearn) ڪرڻو آهي. جيسين ڪرڙ ڪانڊيرا ڪک پن گاهه ڪچرا اندر ۾ پيل هوندا تيستائين نئين ڄاڻ کي اندر اچڻ جي جاءِ ئي نه ملندي. جڏهن پاڻ ڀانئڻ جي ڪوٽ مان نڪري اڳتي وڌبو ته پرين سڃاڻڻ جو پد ايندو جتان اڳتي ريجهڻ جو عمل (reconciliation) آهي جيڪو انسان جي ڄاڻ واري انهي پنڌ جو معراج آهي.


    پُئاڳ

    پُئاڳ
    جئائين اکر جُڙيا

    لطيف سائين جي شاعري...بيت ۽ وايون....سنڌ جي فڪري ورثي جو اُتم اُهڃاڻ آهن. موتين کان ملهه ۾ ڳرن لفظن وسيلي اظهاريل خيال ايترو ڳرو آهي، جو هرڪنهن کي پنهنجي دل جو آواز محسوس ٿئي ٿو. سنڌي سماج جي هر طبقي جو ماڻهو، سنڌي سماج سان محبت ڪندڙ ماڻهو ۽ سنڌي سماج ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهوءَ لاءِ ڀٽائي جو بيت سچو سونهون آهي. لفظن اندر هن جيڪي ڪجهه لفظن کان به مٿاهون ڀريو آهي، اهو سڀ کان مٿاهون آهي، تنهنڪري لطيف جو بيت ٻُڌي يا پڙهي هرهڪ اظهاري ٿو ته هي لطيف سائين جي تخليق آهي. لطيفي شاعري ڪلام آهي جيڪو روح جي گهراين مان مٺي پاڻيءَ جي چشمي وانگر نڪتو آهي.
    رومي سائين جي مثنويءَ لاءِ جيئن مولانا عبدالرحمان جامي فرمايو آهي ”مثنوي معنوي مولوي....هست قرآن در زبان پهلوي“ ايئن حقيقت محمدي جهڙو شاهڪار تخليق جي شاعر ميين عبدالرحيم مڱريئي گرهوڙ واري ڀٽائي لاءِ فرمايو آهي :

    آهي عبداللطيف تي رضامندو رحمان،
    جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.

    ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ تمام گهڻو پڙهيو لکيو ۽ عالم نظراچي ٿو.اُن وقت جي رائج علمن بابت سندس ڄاڻ اعلى هئي تڏهن هن اهي سڀئي شيون انتهائي روح رانئيندڙ ٻوليءَ ۽ پيرائي ۾ پيش ڪيون آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڀٽائيءَ جي شاعري ڪا ڪاڳر ڪور ناهي. مس وڃائڻ وارو عمل ناهي. روميءَ به فرمايو هو ؛

    صد کتاب و صد ورق در نار کُن،رُخِ دل را روئي جانب ِ يار کُن

    سندس ڳوڙهيون ڳالهيون روح جي گهرائيءَ تائين پيهي وڃن ٿيون. ڀٽائيءَ کي ڪڏهن ولي ڪري پيش ڪيو ويو ته ڪڏهن ڪامريڊ. هرڪنهن ڀٽائيءَ کي پنهنجي نظريئي جي عينڪ سان نهاري ٻين اڳيان پيش ڪرڻ جي بيڪار ڪوشش ڪئي آهي پرسڀئي ان اڪارٿ ڪرت ۾ سوڀارا نه ٿي سگهيا آهن ڇوته نظريا نابين به ٿيندا آهن ته نظرين کي انيڪ عينڪون به پاتل هونديون آهن. لطيف سائين لطيف آهي جنهن جي شاعري پنهنجي وصف پاڻ آهي. لطيف ماڻهن لاءِ ۽ ڌرتيءَ لاءِ شاعري ڪئي، جنهن بابت تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي پراڄ به هڪ مستند رسالي جي گهرج هرڪنهن جي چِت ۾ چُڻڪي رهي آهي. لطيف جي ڪلام کي ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ويئي آهي پر اهو ترجمي جي بدران ترجماني آهي ڇاڪاڻ ته اعلى تخليقي حرف قابل ِ ترجمو ناهي. لطيف کي ”گهڻو پڙهيل هئڻ جي دعويدارن“ کان وڌيڪ ”اڄاڻ “ ماڻهن سانڍيو ۽ سمجهيو آهي. پوئين طبقي کان ڀُل چڪ ٿي هوندي پر پهرئين طبقي وارن همراهن ڀٽائيءَ جي شاعريءَ سان هٿ رڱيا آهن. ڳالهايل لفظ جي اُتارڻ کانپوءِ وري ان تان اُتارڻ دوران جيڪو پنڌ ڀٽائيءَ جي شاعري ڪيو آهي، تنهن سان ڪافي پڙهڻيون به متاثر ٿيون آهن. باقي معنى جي دنيا ۾ جيڪا علم جي اڪابري ڏيکاري ويئي آهي تنهن جو ته ليکو ئي لال آهي. انهن سڀني ڳالهين باوجود لطيف جي شاعري سنڌ جي خيال جو جياپو آهي جنهن سان نه رڳو ٻولي سانڍيل رهي پر ثقافت جي هُرمجيءَ جا به سمورا رڱ جيئرا جاڳندا آهن.
    لطيف جو ٻول قلب جو اهڙو قول آهي جيڪو لفظن جي دريءَ مان اُڀري ٿو پر لفظن کان اڳتي وڃي ٿو تڏهن پريان سندي پار سان لنئون لائي ٿو. لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي آکاڻيون کڻي، من اندر جي مام اورڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، تنهن ۾ هن ڪردار سازي ڪئي آهي. هر آکاڻيءَ ۾ نالا ۽ ماڳ پنهنجي اصلي صورت ۾ آهن پر لطيف انهن کي پنهنجي معنى جي ڳوڙهين ڳنڍين جي ڳنڍير ۾ اهڙو ته پروئي ڇڏيو آهي، جو هر ڪردار جي واردات جيئري جاڳندي نظراچي ٿي. سندس هڪ هڪ لفظ هڪڙو ڳوڙهو تصور آڇي ٿو، جيڪو فطرت سان ۽ انساني زندگيءَ سان ٺهڪي اچي ٿو. انهي فطرت نمائي ۽ زندگيءَ جي عڪاسيءَ سندس ڪلام کي پرت جو پيغام ۽ سڪ جو سنيهو بنائي ڇڏيو آهي. لطيف جو ڪلام سمجهڻ لاءِ اٿاهه محبت، اُتم اورچائي ۽ وچن وابستگيءَ جي ضرورت آهي. سندس ڪلام کي جيئن جيئن پڙهجي ٿو يا ٻُڌجي ٿو، تيئن تيئن ان جي معنى نروار ٿيندي وڃي ٿي. سنڌي سماج جي جنهن جاگرافيءَ کي لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ڄاڻايو آهي ان کي ڏوري ڏسڻ به هن پنڌ جي پانڌيءَ جو مددگار ٿئي ٿو. هڪ هڪ ٻولُ جيڪا وضاحت گهري ٿو، اها ڪاغذي چوپڙين کان وڌيڪ سنڌ جي وسيع جاگرافيءَ ۾ ئي پسي سگهجي ٿي.ان ڪري لطيف جي ڪلام جو فهم ”جئائين اکر جُڙيا“ مان ملي ٿو.
    هيءَ ڪوشش به هڪڙو ننڍڙو پيار پورهيو آهي. من جي محبت سان ڪيل رنڍاروڙ آهي. دل جي دفتر جو داستان آهي، جيڪو پيارن پڙهندڙن اڳيان پيش آهي.
    هن پور هئي کي وڌيڪ پيار ڀريو بنائڻ لاءِ انگريزيءَ ۾ پُر مغز ۽ عالماڻو مهاڳ لکڻ لاءِ آئون پنهنجي مهربان دوست محترم گُل محمد عمراڻي صاحب جو دلي ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي اڻ پورن خيالن کي، پنهنجي ناقداڻيءَ تحرير وسيلي وڌيڪ مانائتو بنايو. روح جي نهان خانن مان نڪتل ڳالهين تي رايو لکندي، منهنجي همروح ميرمنصور مڱرئي جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، تنهن لاءِ سندس وڙ. ڪتاب جي روپ ريکا جي سوڌ سنوار جو ڪم منهنجي پياري شاگرد تولارام سوٽهڙ سرانجام ڏنو. سڀني جا لک لائق.
    


    A valuable accretion to Latifian studies and comparative literary criticism

    A valuable accretion to Latifian studies and comparative literary criticism

    Prof Noor Ahmad Janjhi is an inveterate writer on bonafide Sufism in many languages. Sindhi being closest to Bhittai's poetic excellence, he has chosen it for aesthetic self -actualization and sublimation in this book. He calls it Latif Shanasi: identifying Latif. The classic Sindhi poet of the feudalistic eighteenth century of the Kalhoro rulers, like his master and mentor Maulana Rumi, is a multi-coloured over- arching dome of exquisite opaque resplendent glass, reflecting myriad of esoteric, mystifying images. These immaculately composed essays before us are author’s introspective peeps into this world of opacity and present a persistent interpretative perspective as his version of literary truth. His preface is indeed a scholarly introduction to Latif's world of linguistics and aesthetics and indubitably one finds it as a veritable prelude to the realm of awe and wonder awaiting the uninitiated seeker- the proverbial Salik. Prof Noor Ahmad Janjhi meticulously deliberates on the quintessential paradigm of Bhittai’s poetic genius ,commencing his informed discussion with inalienable theological concept of Wahdat (unity of the Creator), inevitable passionate eulogy of the Prophet, followed by abundant literary allusions to the Holy Quran,impact of Arabic,with invariably concomitant semantic and textual variations and subtle accretion, borrowings, spiritual verisimilitudes, literal cross references, universalisations, assimilations are discussed as primal leitmotif of the Latifian thought and art. Persian poetry with larger than life presence of Rumi in the poetic compendium of Shah has been accurately described with inspirational references from the mystic predecessors so explicitly evident in the celestial verses. Janjhi has felt in his musings that socio-cultural, sexual, psychological, gender oriented aspects need to be explored in Latif now along with environmental and historical, genre based questions.
    My humble submission is that who can be more competent to undertake this ticklish and challenging task than the learned writer himself. The book comprises 27 thought provoking essays of abiding erudition,steeped in philosophic insight in a little ,not often but sometimes ,for me at least ,arcane, effusive,dialectic with overwrought, outlandish expressions, yet in a sophisticated idiom. Latif is our well of wisdom undefiled, though efforts are being made him to divest him of the Islamic Wahdatul Wajudi pantheistic hue and fragrance, redolent of Ibnul Arabi's intellectual vintage. The book is a layman's guide to know the message of the Master, it is an easy to read manual, to imbibe, and comprehend the secrets of Sufism as expostulated in poetic figures of speech, the pre -requisite canons of prosodiccraft. Noor Ahmad's prose is of classic standard in stark comparison with his lesser known contemporaries and this enhances the inherent value and worth of this compendium of literary assessment and evaluation.The prolificacy and spontaneity of the author has always amazed his colleagues but being an impeccable, methodical person of perspicuous vision and awesome commitment to research, this latest labour of love is another feather in his cap. He has done commendable work on Rumi, Kabir and Latif and one expects him to write more on the Vedantic Sami, Sachal, Shah Karim, Lutfullah Qadri et al, and other classical poets of the sub-continent in his new characteristic diction, flight of phrases, conscientious mode of argumentative rationalism and passionate style. The present work is a valuable accretion to the domain of the Latifian studies and comparative literary criticism.


    Gul Mohammad Umrani


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 865
    ڪتابن جو مشاهدو: 2388302
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 610166
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ