ڪتاب جو نالو: منير کان ماڻڪ تائين
مصنف: مصور حسين
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 30 نومبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 333 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 84 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ماڻڪ جي لکڻين ۽ ماڻڪ جي شخصيت تي لکيل مضمونن/تاثرن/احساسن جو مجموعو آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ شاعر ۽ ليکڪ مصور حسين آھي. شوڪت شورو ماڻڪ بابت لکي ٿو:
”ماڻڪ سنڌي زبان جو ھڪ نھايت ئي ذھين، سڄاڻ، حساس ۽ گهڻ – اڀياسي ليکڪ ھو. ماڻڪ رڳو ڪھاڻي ۽ ناول جي فارم، ٻولي ۽ اسلوب ۾ تبديلي ۽ نواڻ ڪانه آندي؛ پر ھن جا موضوع به نھايت ڇرڪائيندڙ آھن. ھن جي پوئين دور جي لکڻين ۾ ھڪ سجاڳ ذھني پيڙا نمايان آھن، جيڪا اڄ جي موتمار ۽ مايوس حالتن جي پيداور آھي. ماڻڪ انھن حالتن کي قبول نٿو ڪري ۽ ذھني سطح تي انھن کان بغاوت ڪري ٿو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪمپوزر پاران
  • ارپنا
  • سهيڙيندڙ پاران
  • مُئل ماڻھو – جيئَري پيڙا : ولي رام ولڀ
  • بي معنى زندگي ۽ ماڻڪ : شوڪت حسين شورو
  • ماڻڪ اُسرندڙ سوچ جي نمائندگي ڪندڙ ليکڪ : ممتاز مھر
  • ماڻڪ ھر دور جو ليکڪ : عزيز مھراڻوي
  • ماڻڪ انساني آدرشن جو ليکڪ : غفور ميمڻ
  • ماڻڪ جي ناول ”ساھ مٺ ۾“ جو تنقيدي جائزو : ڪنعيو گيانچنداڻي
  • صبح جي ستاري ڏانھن : نصير مرزا
  • پاتال ۾ بغاوت : سليم احمد
  • ڄميل وقت جون گرم يادون : نثار حسيني
  • پھرين ملاقات کان آخري ملاقات تائين : مير ٿيٻو
  • ماڻڪ ڇرڪائيندڙ ليکڪ : تھمينه سڪندر
  • بيٺل دل جي خبر : مظھر ميمڻ
  • ماڻڪ مان ۽ گئس چيمبر : اخلاق انصاري
  • ماڻڪ ۽ حقيقت پسندي : ممتاز ابڙو
  • رھجي ويون من ۾ آسون : صابر ھيسباڻي 
  • جڏھن سڄڻ سفر ھليا : نصير مرزا
  • ڏات ۽ ڏانءُ جو نانءُ: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
  • سنڌيت جي اندروني ايڪسري : موھن ڪلپنا
  • ماڻڪ مِٽ سندوم : احمد شاڪر
  • ماڻڪ جي خودڪشي، ھڪ نفسياتي جائزو : مصور حسين
  • سرحد پار سنڌ ۾ وجود جي ڀوائتن تجربن جي تصوير : ھيرو شيوڪاڻي
  • ماڻڪ جو خالي ڇڏيل ادبي مورچو : انور پيرزادو
  • اگهاڙو سچ : شوڪت حسين شورو
  • ديوانگيءَ جو سفر : منور سراج
  • ماڻڪ جي ناول ”ساهه مٺ ۾“ جو اڀياس : نصير سارنگ
  • ٻه اکر : امداد حسيني
  • ماڻڪ : شرجيل 
  • مئي پڄاڻان : آغا قيوم

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”منير کان ماڻڪ تائين“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ماڻڪ جي لکڻين ۽ ماڻڪ جي شخصيت تي لکيل مضمونن/تاثرن/احساسن جو مجموعو آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ شاعر ۽ ليکڪ مصور حسين آھي. شوڪت شورو ماڻڪ بابت لکي ٿو:

    ”ماڻڪ سنڌي زبان جو ھڪ نھايت ئي ذھين، سڄاڻ، حساس ۽ گهڻ – اڀياسي ليکڪ ھو. ماڻڪ رڳو ڪھاڻي ۽ ناول جي فارم، ٻولي ۽ اسلوب ۾ تبديلي ۽ نواڻ ڪانه آندي؛ پر ھن جا موضوع به نھايت ڇرڪائيندڙ آھن. ھن جي پوئين دور جي لکڻين ۾ ھڪ سجاڳ ذھني پيڙا نمايان آھن، جيڪا اڄ جي موتمار ۽ مايوس حالتن جي پيداور آھي. ماڻڪ انھن حالتن کي قبول نٿو ڪري ۽ ذھني سطح تي انھن کان بغاوت ڪري ٿو.“
    بقول مصور حسين جي ”ڪوششن باوجود ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڪتابي شڪل ۾ ناھي ڇپايو ويو.“ اسان ٿورائتا آھيون پياري شاھنواز ٽالپر جا جنھن اڻ چِٽي نقل ڪاپين تان ھي ڪتاب ڪمپوز ڪري موڪليو ۽ ٿورا مصور حسين جا جنھن ھن ڪتاب جو اڻ ڪمپوز ٿيل مواد موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪمپوزر پاران

    انسان غلطين جو گهر آھي، ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي. اُن ڪري انسان جي لکت غلطين کان پاڪ ۽ صاف نه ٿيندي. وس آھر ڪوشش ڪبي آھي ته بھتر کان بھتر ڪيو وڃي. ڪٿ ڪا به غلطي ھجي ته نشاندھي ڪجو.


    شاھنواز ٽالپر
    ڪمپوزر
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    sntalpur@gmail.com


    ارپنا

    ھيءُ ڪتاب نالي ڪجي ٿو:

    ماڻڪ جي گهر واري
    صابره مُنير
    پُٽ علي ميمڻ
    ۽ ماڻڪ جي پوٽي ۽
    پوٽين جي نالي


    سهيڙيندڙ پاران

    ماڻڪ سنڌي ٻوليءَ جو اهو ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي مختصر ڄمار ۾ تمام گهڻو ۽ منفرد ادبي پورهيو ڪيو. ڪهاڻي هجي يا ناول، ناٽڪ هجن يا مضمون، سندس لکڻين جي سنڌي ادب ۾ تمام وڏي اهميت آهي. ماڻڪ جي ان اهميت کي نظر ۾ رکي مون 2016ع ۾ پنهنجي ايم فل جي مقالي لاءِ سندس ڪهاڻين جي چونڊ ڪئي ۽ ڪيترن ئي مشڪل مرحلن مان گذري 2018ع ۾ ان مقالي کي لکي پورو ڪيم. مون جڏهن شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ايم فل جو ڪورس ورڪ پورو ڪيو ته ماڻڪ جي ڪهاڻين ۽ ان تي لکيل مضمونن کي گڏ ڪرڻ جي ڪم سان لڳي ويس. ان ڪم دوران شروع شروع ۾ مون کي ڪا وڏي ڪاميابي نصيب نه ٿي. سندس ٽي ڪتاب ”حويليءَ جا راز“، ”ماڻڪ مٽ سندوم“ ۽ ”ٽي ناوليٽ“ ته مون وٽ موجود هئا پر ڀرپور مقالي لاءِ اهي ڪتاب نا تمام هئا. ان مرحلي تي مون ماڻڪ جي ويجهن دوستن مير ٿيٻي، مدد علي سنڌي ۽ شوڪت شوري سان به رابطو ڪيو ۽ ان سان گڏ پنهنجي پيارن ساٿين قدير شيخ ۽ منور سولنگي کان به ڄاڻايل مواد بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پر اتان ڪو مواد نه مليو، البته مٿي ڄاڻايل سڀني ساٿين منهنجي ڪوشش جي ساراهه ڪئي ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ اُتساهيو. ان سلسلي ۾ سائين مدد علي سنڌي ”اڳتي قدم“ ۾ ڇپيل ماڻڪ جي ڪهاڻين جي نشاندهي ڪئي، اهڙي طرح منور سولنگي، امداد حسيني ۽ سحر امداد جي سهيڙيل پرچي ”مئل ماڻهو جيئري پيڙا“ جو ڏس ڏنو ۽ اهو چيائين ته اهو پرچو ڪافي وقت اڳ شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ موجود هئو پر هاڻي اڻلڀ آهي. ائين ان اڻلڀ پرچي جي ڳولها لاءِ مون کي ٻه ٽي ڀيرا شاهنواز ڀٽي لائبريري جا چڪر ڪاٽڻا پيا. لائبريرين جي سهڪار سان سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جا سڀئي شيلف اٿلائي پٿلائي ڏٺم ته نه صرف ماڻڪ جي شخصيت بابت سهيڙيل پرچو ”مئل ماڻهو جيئري پيڙا “ هٿ آيو بلڪه ڪجهه ٻيو مواد پڻ مليو. ان کان پوءِ ڪجهه ڏينهن رکي 70ع جي ڏهاڪي ۾ مدد علي سنڌي جي سرپرستيءَ ۾ نڪرندڙ ترقي پسند رسالي” اڳتي قدم“ جي پرچن جو پڇائيندو شڪارپور ۾ پنهنجي محسن خليل مورياڻي وٽ پهتس، جتان اهي پرچا مليا. مورياڻي صاحب پنهنجي دل جي دروازن وانگر پنهنجي ذاتي لائبريري جا در به مون لاءِ کولي ڇڏيا. هن سخت ڪمزوري ۽ بيماري هوندي به ڪتاب ڳولهرائڻ ۾ منهنجي ڀرپور مدد ڪئي. ائين مان وقفي وقفي سان پنج ڇهه ڀيرا شڪارپور جا چڪر لڳايا. سائين خليل مورياڻي جي لائبريري مان پڻ ڪافي مواد هٿ آيو، جن ۾ گهڻائي مضمونن جي هئي. مير ٿيٻي جو لکيل مضمون به مون کي اتان ئي مليو جنهن جي مون کي گهڻي تلاش هئي.
    مون کي ايم فل جي مقالي لاءِ جيترو مواد گهربل هئو سو مون گهڻي ڀاڱي گڏ ڪري ورتو هو، پر ان باوجود منهنجي جستجو گهٽ نه ٿي هئي ۽ ڪجهه ٿانيڪو ٿيس ته پياري ساٿي منور سراج جي مهربانيءَ سان ماڻڪ جي فرزند علي ميمڻ سان نوابشاهه ۾ سندس گهر وڃي ملاقاتي ٿيس، جتان پڻ گهڻو مواد مليو. ان مواد ۾ گهڻائي ماڻڪ جي هٿ سان لکيل ڪهاڻين جي هئي جيڪي گهڻي قدر رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيل هيون ۽ مون وٽ اڳ ئي موجود هيون. منور سراج ۽ علي ميمڻ ان ڏينهن جيڪو مانُ ڏنو، تنهن جو قرض لاهڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي. اهڙي طرح نوابشاهه مان موٽيس ته سائين اخلاق انصاري سان ملاقات ڪيم ، جتان پڻ ”ڪونج “ جو ”ماڻڪ نمبر“ ۽ عوامي آواز اخبار جو خاص ايڊيشن مليو، جيڪو سندس ورسيءَ جي مناسبت سان 2001ع ۾ شايع ڪيو ويو هو. ان مواد کي ترتيب ڏئي مان مقالو لکڻ ۾ مصروف ٿي ويس. مقالي جو پهريون باب ماڻڪ جي زندگيءَ جي حوالي سان هئو ، جنهن بابت ڪٿان به مواد ڪو نه پئي مليو. مون ماڻڪ جي سڀني ڪتابن ۽ سندس شخصيت تي لکيل مضمونن جو جائزو ورتو، ماڻڪ جي انتهائي ويجهي ساٿي مير ٿيٻي سان به رابطو ڪيم پر ماڻڪ جي شروعاتي زندگي ۽ ابتدائي تعليم جو ڪٿان به ڪو حوالو نه مليو. پريشانيءَ جي ان عالم ۾ محترم بشير هيسباڻي مون لاءِ اميد جو ڏيئو بڻجي سامهون آيو. هن محترم سان منهنجي هڪ به ملاقات ڪو نه هئي پر ان باوجود منهنجي ڪم کي پنهنجو ڪم سمجهي پروفيسر حامد خانائي جي لائبريريءَ ۾ موجود ماڻڪ بابت سمورو مواد مون ڏانهن فوٽو ڪاپي ڪري موڪليائين. نه صرف ايترو پر سائين پنهنجي مصروفيتن مان وقت ڪڍي مون کي ماڻڪ جا پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري سرٽيفڪيٽ پڻ ڪڍرائي ڏنا. اهڙي طرح سان محترم مختيار ملاح پڻ ماڻڪ جو ڪافي مواد ڄاڻ سڃاڻ نه هوندي به موڪلي ڏنو ، جنهن جو پڻ مان دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان.
    ايترو سارو مواد گڏ ٿين کان پوءِ ته بس منهنجي لکڻ جي دير هئي ۽ سال جي اندر اندر مقالو لکي پورو ڪيم. مقالو لکڻ دوران منهنجي گائيڊ ڊاڪٽر مهر خادم پڻ تمام گهڻي رهنمائي ڪئي. ٿيسز لکڻ کان پوءِ سيمينار ڏنم ۽ واءِ واءِ جو مرحلو آيو. ان مرحلي کان پار ٿيس ته دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه ماڻڪ بابت گڏ ڪيل مواد کي ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايان .ان خيال کي عملي جامو پارائيندي مون ٻه ڪتاب سهيڙي ورتا. پهريون ڪتاب ماڻڪ جي ڇپيل ڪهاڻين تي مشتمل هئو، جنهن ۾ ”بگهڙن جي راڄ ۾“ ،”قربت“ ،”هڪ رات جو ائبنارمل“ سوڌو 22 اهڙيون ڪهاڻيون شامل هيون، جيڪي هن وقت ماڻڪ جي ڪنهن ڪتاب ۾ شامل نه آهن ۽ جن رسالن ۾ اهي ڇپيون سي گهڻي ڀاڱي اڻلڀ ٿي ويا آهن. ٻيو ڪتاب ماڻڪ تي لکيل مضمونن تي ٻڌل هئو جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن ليکڪن ماڻڪ کي ڀيٽا پيش ڪئي هئي، اهي مضمون ”سارس“ ،”پرک“ ،”ڪونج“ ۽ ٻين ڪن رسالن ۽ مخزنن ۾ ڇپيا هئا.
    ٻنهي ڪتابن کي ترتيب ڏيڻ کان پوءِ اهڙي ڪنهن پبلشر جي ڳولها ۾ لڳي ويس جيڪو انهن ڪتابن کي ڇپائي سگهي. ان ڏس ۾ منهنجي پهرين ملاقات سکر جي هڪ ساٿي سان ٿي جنهن ڪهاڻين وارو ڪتاب ڇپرائڻ جي حامي ڀري ۽ مون کان اهو مواد به ورتائين پر لڳ ڀڳ سال کان پوءِ ڪتاب ڇاپڻ کان نابري واري مواد موٽائي موڪليائين. اهڙي نموني مون ٻنهي ڪتابن جو ذڪر پنهنجي مهربان مدد علي سنڌي سان به ڪيو جنهن ثقافت کاتي جي سيڪريٽري سان ان بابت ڳالهه ٻولهه به ڪئي پر اُتان به جواب مليو. اهڙي نموني روشني پبليڪيشن واري علي نواز گهانگهري، سڪندر ملاح ۽ ڪن ٻين دوستن سان به ڪتاب بابت لهه وچڙ ۾ آيس پر ڪٿان به ڪا مناسب موٽ نه ملي. اهڙي حالت ۾ مان مايوس ٿي ڪتاب ڇپرائڻ جو آسرو پلي ويهي رهيس ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سنڌ سلامت گهر جي سٿ ڪتاب کي اي بوڪ واري صورت ۾ آڻڻ جي حامي ڀري، جنهن کي مون فوري طور قبول ڪيو. ڇو ته اهڙو سونهري موقعو مون پنهنجي هٿان وڃائڻ نه پئي چاهيو. ان کان پوءِ مون ماڻڪ تي لکيل مضمونن وارو ڪتاب سنڌ سلامت جي سرواڻ محمد سليمان وساڻ ڏانهن موڪلي ڏنو، جنهن پنهنجي ٽيم سان گڏجي مواد کي ڪمپوز ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو، جنهن تي مان کين جس ڏيان ٿو. هن ڪتاب جي منظر عام تي اچڻ کان پوءِ منهنجي خواهش آهي ته جلد ماڻڪ جي ناياب ڪهاڻين جو ڪتاب ۽ منهنجو ايم فل جو مقالو به سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي تعاون سان پڙهندڙن تائين پهچي ۽ انشاءَ الله اهي ٻئي ڪتاب به جلد اي بوڪ جي صورت ۾ توهان جي آڏو هوندا.

    ڪتاب بابت پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪجو.


    مصور حسين
    موبائل نمبر 03337269869


    مُئل ماڻھو – جيئَري پيڙا : ولي رام ولڀ

    مُئل ماڻھو – جيئَري پيڙا : ولي رام ولڀ

    ماڻڪ جون آکاڻيون پڙھجن يا سندس ناول – اھي سڀ ھن ڌرتيءَ جا داستان آھن، ڌرتي – جنھن جا ماڻھو اٻالا ۽ اٻوجھه جن جا ھانءَ ھيسيل ۽ من منجهيل. سندس امر لکڻيون پڙھي سندس آواز اڄ به سوچ جي ايوانن ۾ گشت پيو ڪري.
    منھنجي من ۾ ڏورانھين ھنڌ کان سندس آواز جو پڙاڏو گونجي رھيو آھي، ”ماڻھوءَ وٽ رڳو ھڪ شيءِ پنھنجي ھوندي آھي – ھن جي پنھنجي پيڙا، ۽ ھن سموري سنسار ۾ ٻي ڪابه دوا کيس انھيءَ پيڙا کان ڇوٽڪارو نٿي ڏياري سگهي سواءِ انھي ڌرتي جي، جيڪا سندس ٻنھي پيرن جي ھيٺان سمائجي سگهي ٿي، جيڪا سندس ٻنھي ھٿن جي ٻُڪ ۾ اچي سگهي ٿي.“
    مان جهڪي پنھنجي ٻنھي پيرن ڏانھن ڏسان ٿو – اھي نڀاڳا پير! جن کي جيڪر رڳو بيھڻ جيتري جاءِ ملي وڃي . . . ۽ منھنجا ھي خالي ھٿ جي اڄ تائين ڪا سوچ قابو ڪري نه سگهيا.
    ۽ من جي ڏکويل ڪنڊ مان سوچ جو ھڪ سِلو نسريو، ”ماڻڪ! . . . ٻڌاءِ انھي پيڙا کي ڇا ڪريان جنھنجي ھن سموري دنيا ۾ ٻي ڪا دوا ناھي، سواءِ ڌرتيءَ جي . . . ۽ منھنجي ھٿن ۾ ڪو احساس به اھڙو ناھي جو راحت ڏيئي سگهي . . . !“
    وقت جون گهريون اونداھيون منھنجي سامھون آھن . . . انھن مان ھڪ اونداھي منھنجي آڏو اچي بيھي ٿي، ڏڪندڙ اونداھين مان ھڪ ڏڪندڙ اونداھي . . .
    ”تو مونکي سڏيو ؟”
    آواز جي ھڪ لھر منھنجي ڪنن کي ڇھي ويئي.
    ”ڪير؟ ڪير آھين تون؟” منھنجو آواز تيز ٿي جهڪو ٿي ويو.
    ”مان؟ ماڻڪ” ھوا جي لھر پري کان ڪجهه لفظ کڻي آئي .
    ”ماڻڪ ! پر تون . . . ھي سڀ پردا پاسي ڪري منھنجي اڳيان! حيرانيءَ جا ڦُڙا منھنجي نرڙ تي اُڀري آيا . . .
    ”تنھنجو آواز گهڻي دير کان، منھنجي پيرن لاءِ روشني ڪندو رھيو.”
    اونداھين مان نڪري منھنجي آڏو ھڪ پاڇولي جھڙي اونداھي ڏڪي رھي ھئي . . . آواز ڄڻ ڌرتيءَ جي ڪُک مان ڦٽي رھيو ھو.
    ”تون انھي زمين ۾ سمائجي وئين جنھن کي تون پنھنجو چوندو ھئين؟”
    ”ھا! تڏھن ته منھنجا دوست، مان توکي چوڻ آيو آھيان، ته ڪڏھن ڪنھن زمين کي کي پنھنجو متان چئين. . . . ”
    منھنجي چر پر بند ٿي ويئي، ”ڀل اُھا زمين ھجي جنھن تي منھنجا پير ڄميل ھجن؟”
    ”پاڳل! پنھنجي پيرن ڏانھن ٿورو چتائي ڏس !“
    مون گھٻرائجي پنھنجون نگاھون اونداھيءَ تي ڄمائي ڇڏيون . . . . مونکي ڪل آھي، منھنجا پير زمين تي ناھن . . . ھوا تي . . . نه! شايد پولار ۾ آھن . . .
    ”تون چوڻ ڇا ٿو چاھين؟”
    ”اھوئي ته ھلندو رھڻ جي پيڙا کان گهڻي وڌيڪ پيڙا تڏھن ٿيندي آھي، جڏُھن تون مڪمل طرح انھيءَ ڌرتيءَ ۾ جذب ٿي وڃين جا توکي ايڏي پنھنجي لڳندي ھجي . . .
    ھوا ۾ چر پر ٿي . . . ڪيئن پل ماٺ ۾ لنگهي ويا .
    مونکي ڏاڍو ڀؤ ٿيڻ لڳو . . . خبر ناھي، اھو پولار، بيھڻ / ھجڻ جو ڀؤ ھو يا انھيءَ زمين ۾ سمائجي وڃڻ، جو جيڪا منھنجي پيرن جي ڀاڳ ۾ نه آئي.
    ”پر تون ھتي ! ڪتابن جي ورقن مان! . . . آواز ٻڌو .
    ”ڪتابن جي ورقن مان نه، تنھنجي خيالن مان. تو غور سان پڙھيو ته تنھنجي آڏو ھليو آيس . . . تون سوچڻ بند ڪري ڇڏيندين، اتيئي سميٽجي ويندس، تنھنجي سوچن ۾.”
    ھڪ تمام تکو آواز . . . . منھنجي ھٿ – تريءَ تي اچي بيھي رھيو، چڱو! ته اھائي اُھا ڌرتيءَ، جنھن کي تون پنھنجي چوندو ھئين . . . سوچن جي . . .
    ھا! پنھنجي لائق ته ھڪ به ڌرتيءَ جو ٽڪڙو پنھنجو ته ھجي رڳو ھڪ سوچن جي ڌرتيءَ کان سواءِ . . . اھي ڪڏھن ڀلجي ھڪ راھ بڻجي وينديون آھن، ڪڏھن ھڪ ڇت، ھڪ پھر ۽ ڪڏھن ھڪ سموري دنيا . . . ته ڪڏھن سميٽجي رڳو پيرن جي ترين ھيٺان سمائجي وينديون آھن.
    ”۽ پيڙا ؟ . . . تون جنھن پيڙا جي ڳالھه ڪندو ھئين؟”
    ”سوچن جي سيني مان نڪري سوچن جي سيني ۾ سمائجڻ جي پيڙا . . . ”
    ”۽ انھيءَ جو ڪارڻ؟”
    ”نه ڪي انھيءَ پيڙا جو ڪو ڪارڻ ھوندو آھي، نه ڪا دوا!”
    منھنجي دماغ تي بار ڇانئجي ويو آھي، ھٿ سان ھٽايان ٿو، پر ھٽي ئي نٿو، ”پر تون جيئري ئي انھي پيڙا جي دوا جون ڳالھيون ڪيون آھن!”
    ”جيئري ماڻھو ۽ مُئل ماڻھوءَ جي پيڙا ۾ گهڻو فرق ٿيندو آھي، دوست !“
    مون بار کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آھي . . .
    منھنجي اڳيان جيئري ۽ مئل ماڻھوءَ جي پيڙا ۽ انھيءَ جو فرق ھڪ ٻئي ۾ ٽنبيل آھي . . .
    . . . . مان سندس مطلب ۽ بدلجندڙ مطلب جو تاءُ جهلي نٿو سگهان. ڳالھه مٽايان ٿو ”۽ منھنجا وڇڙيل دوست ! اڄ به حسرت جي ڳالھه ڪن ٿا، جڏھن ھٿ ۾ قلم ھجي ۽ ذھن ۾ لفظن جو ڀنڊار ڀرجي وڃي . . . انھيءَ بي چيني جي باري ۾ جڏھن مٿان ماٺ جو ھڪ ڳؤرو پٿر پيل ھجي ۽ دل ھجي جا ڦاٽندي ھجي . . . ”
    ”تنھنجي دل جي اھا بي چيني مونکي ورقن جي وچ ۾ ٻڌڻ ۾ آئي ۽ مون گهريو ھو ته منھنجو آواز، اسان جي وچ ۾ آيل ڪوھيڙي کي چيري تنھنجي ڪَن پوي . . . ”
    ”ته تنھنجي تاءَ منھنجي تاءَ کي ڳولي ورتو ؟ . . .”
    مون رءُ ۾ اچي سامھون لھرائيندڙ پاڇولي کي ڇھڻ چاھيو پر اونداھي، اونداھين ۾ الوپ ٿي ويئي.
    منھنجو جسم ھاڻي پنھنجي سوچن جي ڌرتيءَ ۾ سميٽجي خود به، ھڪ سوچ بڻجي ويو . . . ۽ سوچ ڪڏھن ھٿن ۾ قابو نٿي ٿئي . . .
    منھنجو وڌيل ھٿ ڄڻ ڪپجي ڪري پيو.
    ھڪ ڊگهي ماٺ انھي مختصر عرصي کي پنھنجي ھنج ۾ وندرائي رھي ھئي، جيڪو اسان جي وچ ۾ آيو ھو . . . ۽ اسان جي سوچن جي وچ ۾ . . .
    مون چوڻ گهريو ٿي، ”ماڻڪ! منھنجا دوست! تون ته مري ھڪ سوچ بڻجي وئين پر انھن جو ڇا ٿيندو جيڪي جيئرا به ھڪ سوچ آھن ۽ ھٿن ۾ نٿا ماپجن!”
    ”اھو ھلندي رھڻ جو حشر آھي جيڪو تنھنجي پيرن جي بي چيني کي لکيل آھي . . .”
    ڪنھن ھوريان منھنجي ڀرسان چئي ڏنو، ”يا خدا ! تون دل جي گونگي حسرت جو آواز به ٻڌي وٺين ٿو؟” منھنجي نڙيءَ ۾ ڪجهه اٽڪي پيو ھو. منھنجي حرارت ڀرئي آواز وري چئي ڏنو، “توکي خبر آھي، ماڻڪ . . . تون منھنجي تصور جي ڪيڏو ويجھو آھين . . . تنھنجي پيڙا منھنجي پيڙا جي ڪيڏو قريب . . . ”
    اونداھي جي لھرائيندڙ ٽڪرو منھنجي وڌيڪ ويجھو سرڪي آيو. لڳم ڄڻ ساھ کڻندو ھجي.
    “ھا ! پر منھنجا بدنصيب دوست ! منھنجي پيرن کي انھي زمين جو سراپ لڳي ويو ھو، جا انھن جي ھيٺان ھئي . . . تنھنجي پيرن کي انھن رستن تي ھلندي رھڻ جو، جيڪي ڪڏھن انھن جا پنھنجا نه رھيا . . . ”
    وقت جي گهاٽي ڪوھيڙي مان اڀرندڙ آواز جو چٽو ۽ سرد سچ مونکي اندر تائين ڏڪائي ٿو ڇڏي.
    اوندaھا پاڇولا . . . اونداھين ۾ گم آھن . . . مان پنھنجي پگهريل نرڙ تي ھٿ ڦيريان ٿو –
    ماڻڪ ! ماڻڪ!
    ماٺ منھنجي آواز سان ٽٽي پيئي آھي.


    (ھي مضمون ”مُئل ماڻھو جيئري پيڙا“ تان کنيل آھن، جنھن کي ماڻڪ جي وفات کان پوءِ امداد حسينيءَ ۽ سحر امداد سھيڙيو ھو.)


    بي معنى زندگي ۽ ماڻڪ : شوڪت حسين شورو

    بي معنى زندگي ۽ ماڻڪ : شوڪت حسين شورو

    ماڻڪ سنڌي زبان جو ھڪ نھايت ئي ذھين، سڄاڻ، حساس ۽ گهڻ – اڀياسي ليکڪ ھو. ھن جي ذھانت ۽ اڀياس ھن جي لاءِ شاھ جي لفظن ۾ ”اکر اڳيان اڀري واڳون ٿي وريام“ ثابت ٿيا. ماڻڪ پنھنجي ھڪ فلسفانه لکڻي ”پاتال ۾ بغاوت“ جي ڪردار سيفيس کان چورايو آھي: ”ھا، جڏھن سوچ نه ھئي، انڀو نه ھو، تڏھن پيڙا به نه ھئي، منھنجي درگهٽنا تڏھن کان شروع ٿي جڏھن مونکي منھنجي سرت ٿي ۽ مون پنھنجو پاڻ کي انڀو ڪيو. جڏھن منھنجي درگهٽنا منھنجي آڏو پڌري ٿي ته ان مونکي ڇيڇاڙي ڇڏيو. ھن پاڻ – سجاڳيءَ منھنجي ھستيءَ ۾ مانڌاڻ مچائي ڏنو.“ اھائي ڳالھه ماڻڪ سان ٺھڪي اچي ٿي. جڏھن ھن کي پنھنجي سرت ٿي ۽ ھن پاڻ کي جن حالتن ۾ ڏٺو تن ھن جي وجود کي ڌوڏي ڇڏيو. ڪامئو چيو آھي، ته Beginning to think is beginning to undermine سوچ ماڻڪ جي ذھن ۾ کاٽ ھڻي ھن کان زندگيءَ جون بي پرواھيون، نظرياتي وابستگيون ۽ آئيندي جو آئيڊيل اميدون لُٽي ورتيون.
    ماڻڪ شخصي طور ڪڏھوڪو مري چڪو ھو. ھن زندگيءَ جو بار ھڪ فرض، ھڪ نيم، ھڪ عادت سمجهي ڍويو پئي؛ پر ھن ان بي معنى زندگي کي معنى ڏني ھئي لکڻ سان، ماڻڪ ليکڪ جي حيثيت سان ڪڏھن به ڪونه مئو ھو ۽ ھو اڄ به جيئرو آھي. اسان جا ڪيترا ليکڪ اھڙا آھن جيڪي طبعي طور جيئرا آھن، وڏي ڄمار ماڻي اٿن، پر ھو ادب ۾ گهڻو اڳ مري چڪا آھن. ماڻڪ انھن ليکڪن مان ڪونه ھو. ھو آخري دم تائين جيئر جاڳندو ليکڪ ھو.
    ماڻڪ ۾ ڀرڀور تخليقي قوتون ھيون، جيڪي ناسازگار حالتن ۽ دٻيل گهٽيل ماحول ۾ به ڪمزور نه ٿي سگهيون. ھڪ انسان جي حيثيت سان ماڻڪ ڪمزور ۽ ڊنل ھو. ھڪ مستقل ڊپ ھو: عدم تحفظ جو، بي سلامتيءَ جو، اڪيلائيءَ جو ۽ اھو ڊپ ھن جي نسن ۾ رت سان گڏ ڊوڙندو ٿي رھيو؛ پر ھڪ ليکڪ جي حيثيت سان ھو بيحد سگهارو ھو. ھن پنھنجين ڪھاڻين ۽ ناولن ۾ دٻيل ۽ گهٽ ٻوساٽ واري ماحول ۾ Insecurity سبب پيدا ٿيل ڊپ جو ڀرڀور انداز ۾ اظھار ڪيو آھي – بنا ڪنھن ڊپ جي. ماڻڪ ڊپ واري ماحول ۾ جيئندو رھيو ۽ آخري وقت تائين لکندو رھيو.
    مون ماڻڪ کي زندگيءَ ۾ آھستي آھستي Outsider بڻجندي ڏٺو. ھو ڪنھن وقت سياست ۾ تمام سرگرميءَ سان حصو وٺندو ھو. ڪاليج ۾ شاگرد ليڊر ٿي رھيو ھو. ھن جي تقريرن ۽ نعري بازيءَ ۾ جذبات جي شدت ھوندي ھئي. شروع شروع ۾ پڪو قوم پرست ھو؛ پر سکڻي قوم پرستي بنا ڪنھن اصول ۽ آئيڊيالاجيءَ جي سندس دانشورانه ذھن کي آئڙي. ھن مارڪسزم جو مطالعو ڪيو. ھن شروعات ۾ جيڪي ڪھاڻيون ۽ ڊراما لکيا ھئا تن ۾ گهڻو تڻو قوم پرستي جو موضوع ھو؛ پر مارڪسٽ بڻجڻ کان پوءِ ھن جي لکڻين ۾ طبقاتي ڇڪتاڻ وارو جزو شامل ٿي ويو. تڏھن ھو دلير سنڌي ھو.
    منھنجي ويجھي دوست ھئڻ جي باوجود مون کي ھن جون لکڻيون نه وڻنديون ھيون. مون کي ھن جي لکڻين ۾ پرچار وڌيڪ لڳندو ھو، فن گهٽ. اسان جو پنھنجو ھڪ ادبي حلقو ھو ان وقت، جنھن ۾ امداد حسيني، علي بابا، عبدالحق عالماڻي؛ منير سنڌي ۽ آئون ھئاسين ۽ عبدالقادر جوڻيجو جڏھن به ڳوٺان ايندو ھو. بعد ۾ مشتاق شورو ۽ مدد علي سنڌي به اچي شامل ٿيا. اسان جو ٽولو Angry young man ليکيو ويندو ھو.
    اسين روزانو شام جو پھرين مسلم ھوٽل جي ڇت تي پوءِ جارج ھوٽل ۾ گڏبا ھئاسين. سياست، ادب ۽ وڏن اديبن جون گلائون روز جا موضوع ھئا. چڱي ڳالھه اھا ٿي ته اسان کي دنيا جي ماڊرن لٽريچر پڙھڻ جو شوق جاڳيو. ڪافڪا، دوستو وسڪي، سارتر، ڪامو وغيره جون لکڻيون پڙھي ھڪ ٻئي سان بحث ڪندا ھئاسين. اڀياس جي لحاظ کان منير اسان سڀني کان اڳرو ھو. اسين گهڻو تڻو فڪشن پڙھندا ھئاسين؛ پر منير فڪشن سان گڏ تنقيد ۽ فلاسافيءَ جو اڀياس ڪيو.
    انھن ئي ڏينھن ۾ منير، ماڻڪ بڻيو. 1970ع واري جنگ کان پوءِ پيدا ٿيل حالتن ۾ ھڪڙي ڪھاڻي ”بگهڙن جي راڄ ۾“ لکي، ماڻڪ جي نالي سان. پوءِ جڏھن ھن ناولٽ ”لڙھندڙ نسل“ لکيو، ته ڄڻ سنڌي ادب ۾ ھڪ ڌماڪو ٿيو. ماڻڪ بنا ڪنھن رک رکاءُ ۽ لڪائڻ جي پوري سچائيءَ سان ھڪ فرسٽريٽيڊ نوجوان جو ڪردار چٽيو ھو، جيڪو سنڌ جي نئين، لڙھندڙ نسل جو نمائندو ھو. ان ناولٽ تي سخت اعتراض ٿيا؛ پر ماڻڪ جي تخليقي قوتن جي اڳيان اھي اعتراض ۽ گاريون بند نه ٻڌي سگهيا. ماڻڪ انساني من اندر ڀريل گند ۽ غلاظت کي کليل لفظن ۾ بيان ڪيو ھو. مون ڪيترن بزرگ ۽ وڏن اديبن جي واتان ماڻڪ کي ڪچيون گاريون ملندي ٻڌيون . ماڻڪ جي بي رحم سچائي انھن کي ڏکي لڳي ھئي.
    ماڻڪ ڪراچيءَ ۾ جيڪي ست اٺ سال رھيو تنھن دوران اتي جي مشيني ۽ بي رحم زندگي ڄڻ ھن جي شخصيت کي ڳڙڪائي وئي. ھڪ نظرياتي ملڪ جي سفارتخاني ۾ نوڪريءَ جي دوران ھن کي جيڪي تلخ تجربا ٿيا، تن رھي کھي ڪثر ڪڍي ڇڏي.
    ماڻڪ جي لکڻ جي اسٽائيل ۽ موضوع ته بدلجي ويا ھئا؛ پر ھن جي طبيعت ۾ به ھڪ عجيب تبديلي اچي ويئي. ھو ھاڻي اڳيون جذباتي ۽ جوشيلي مزاج وارو منير نه ھو. ھن جو مزاج ٿڌو ۽ Indifferent بڻجي ويو ھو. ھو ڪنھن ڪنھن وقت مونکي بنھه Outsider لڳندو ھو. بحث کان لنوائڻ، چپ چاپ رھڻ ۽ دوستن جي ڪچھريءَ ۾ ويٺي به ڄڻ اڪيلو ۽ سڀني کان الڳ ھوندو ھو. ھن جي اکين ۾ معصوميت ھئي ننڍڙن ٻارڙن جھڙي ۽ انھن ۾ سدائين ھڪ اڄاتو خوف پيو ڇلڪندو ھو؛ پر اھو سڀ ماڻڪ کي ھڪ ليکڪ جي حيثيت سان مات نه ڪري سگهيو. ماڻڪ جي سجاڳ ۽ سڄاڻ ذھن حالتن سان سمجهوتو نه ڪيو. ”پاتال ۾ بغاوت“ جھڙي لکڻي ان ڳالھه جو ثبوت آھي.
    ماڻڪ سنڌي ادب جو سيفيس آھي. لکڻ ھن جي لاءِ ھڪ نامعلوم ڊپ کان بچاءَ جو وسيلو ھو. ماڻڪ ان ڊپ کان جند ڇڏائڻ جي لاءِ پاڻ کي لکڻ ۾ مشغول رکيو ۽ اھا مشغولي ھن جي لاءِ سسيفين ٽاسڪ ھئي. ھن پڇيو ته نيٺ زندگيءَ جي جبل تي چڙھڻ – لھڻ منجهه رڌل ھجڻ منجهان ڇا پرايت؟ جڏھن ته موت اٽل آھي. ماڻڪ سسيفيس جي واتان امر کي للڪاري ٿو. ماڻڪ ۾ ھڪ ھيڻي انڪاري ليکڪ جي ھوڏي سرڪش ھئي. ھڪ نستي ڏاھي جو، مٿس مڙھيل امر کي مڃڻ کان نابري وارڻ. ماڻڪ سسيفيس وانگر ھر موجود اختيار ۽ ڄميل، مٿان سوار ٿيل Establishmentسجي خلاف ھو.
    ماڻڪ رڳو ڪھاڻي ۽ ناول جي فارم، ٻولي ۽ اسلوب ۾ تبديلي ۽ نواڻ ڪانه آندي؛ پر ھن جا موضوع به نھايت ڇرڪائيندڙ آھن. ھن جي پوئين دور جي لکڻين ۾ ھڪ سجاڳ ذھني پيڙا نمايان آھن، جيڪا اڄ جي موتمار ۽ مايوس حالتن جي پيداور آھي. ماڻڪ انھن حالتن کي قبول نٿو ڪري ۽ ذھني سطح تي انھن کان بغاوت ڪري ٿو. شايد ان ڪري ھن پاڻ کي منافقيءَ ۽ ٺڳين سان ڀريل سماج ۾ Misfit، اڪيلو ۽ ھيڻو ڀانيو. نوڪري وڃڻ کان پوءِ نه ھن جي ڌنڌي سان دل لڳي ۽ نه وڪالت سان. اھو سڀ ھڪ ھيڻي، حساس ۽ سچي فنڪار جي سھپ کان ٻاھر ھو. ھن سمجهوتي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ماڻڪ ھارايل ھو، پوءِ به سوڀارو – ھيڻو ھو، پوءِ به اڏول. جڪڙيل ھو، پوءِ به سرڪش. ننديل ھو، پوءِ به ھٺيلو.



    (ھي مضمون ”مُئل ماڻھو جيئري پيڙا“ تان کنيل آھن، جنھن کي ماڻڪ جي وفات کان پوءِ امداد حسينيءَ ۽ سحر امداد سھيڙيو ھو.)


    ماڻڪ اُسرندڙ سوچ جي نمائندگي ڪندڙ ليکڪ : ممتاز مھر

    ماڻڪ جو دکدائڪ موت اسان کي ڪاميو جي دکدائڪ ۽ ڪُمھلي موت جي ياد ڏياري ٿو. جھڙي طرح البيئر ڪاميو پنھنجي طور فرانس جي جديد تاريخ ۽ ھن صديءَ جي نمائندگي ڪئي – فرانسيسي ڪلچر جي مکيه قوت طور اُڀريو تھڙي طرح ماڻڪ ھن دکي ماٿريءَ (سنڌ) جي نئين ڪلچر، نئين ٺھندڙ تاريخ/ نئين اُسرندڙ سوچ جي نمائندگي ڪئي. ھن جديد سنڌي تخليقي ادب جي بنيادن کي نه صرف مضبوط ڪيو بلڪه ان جو رخ به متعين ڪيو.
    ڪاميو پنھنجي حياتيءَ ۾ تخليقي ميدان ۾ تمام تيزيءَ سان اُڀري عالمي شھريت اختيار ڪئي ۽ ويھين صديءَ جي جديد فرانسيسي ادب جي رخ بدلائڻ ۾ نمايان ڪم ڪيو. گهڻو ڪجهه ڪرڻو ھئس؛ پر ڪمھلي موت کيس وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ کان ھميشه لاءِ روڪي ڇڏيو. انھيءَ ساڳئي ڪمھلي موت ماڻڪ کي به گهڻو ڪجهه ڪرڻ کان ھميشه لاءِ روڪي ڇڏيو. موت برحق آھي؛ پر ڪمھلو موت تمام اڻسھائيندڙ چئبو، جيڪو زندگيءَ مان رھيل کھيل ويساھ ئي ختم ڪري ڇڏيندو آھي. بقول سارتر: ان موت جو واھيات پڻو ھيءُ آھي، ته غير انسانيت جي ڍانچي / عمارت کي ڊاھي پٽ ٿي ڪري ڇڏي.
    ماڻڪ جي ان دکدائڪ ۽ ڪمھلي موت جا ذميدار ڪير آھن؟ ڇا اسان انھن ڪارين ۽ بي چھري قوتن کي سڃاڻون نه ٿا؟ محسوس نٿا ڪريون؟ اسين انھن جي چھري ”آدم بوءِ آدم بوءِ“ ڪندڙ قوتن کي چڱي ريت سڃاڻون ٿا . . . محسوس ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته اھي اسان جي اعصابن تي سوار آھن: ڪڏھن بک ۽ بي روزگاريءَ جي روپ ۾، ته ڪڏھن پيدا ٿيل / پيدا ڪيل بي يقيني ۽ ھراس جي روپ ۾ . ھيءُ ٻوسٽ وارو ماحول پيدا ڪندڙ ھي فحش طبقاتي سماج آھي، جنھن ۾ اسان / توھان زندگيءَ جي ائبسرڊٽيءَ جي تلخ ذائقي کي چکندا رھون ٿا. بي انصافيءَ خلاف ڪروڌ / ڪاوڙ / احتجاج کي جڏھن اظھار ملندو آھي، يا جڏھن آس نراس ۾ مٽجي ويندي آھي، تڏھن پنھنجي دل چٻاڙيندي محسوس ٿيندي آھي. ماڻڪ اھڙين ئي ڪيفيتن مان لنگهندو رھيو. ھو پنھنجي امر لکڻين (اگهاڙو سچ) ۾ ھيءُ چتاءُ بار بار ڏيندو رھيو ته : جذبن کي مروٽيو پيو وڃي . . . ساھ مُٺ ۾ آھي! . . . اڙي ڪجهه ڪريو! ائين ھو صدائون ھڻندو موت جي ور چڙھي ويو. سسسيفس جو روح رڙيون ڪندو رھيو، پر ڪوبه کيس پاتال کان ٻاھر آڻي نه سگهيو.
    زان پال سارتر ڪاميو جي موت تي لکيل پنھنجي مضمون ۾ چوي ٿو :

    “Every interrupted life – even that of so young a man is, at the same time a record that is broken and a complete life.”

    ماڻڪ – اسان جو / توھان جو پيارو ماڻڪ، جنھن پنھنجي امر لکڻين ذريعي پنھنجي وقت /دؤر جي نازڪ ترين انساني جذبن ۽ احساسن کي سندر لفظن جو روپ ڏنو، جنھن جي لکيل سٽ سٽ ۾ درد به ھو ته دٻيل احتجاج پڻ، جنھن ھن زندگيءَ کي گهڻو ڪجهه ڏنو گهڻيون ئي آسون پنھنجي من ۾ رکندو آيو، ان ماڻھپي جي موٽ جي آسري ۾ ته من ڪو سڻائو واءُ لڳي! تنھن کي ھن فحش طبقاتي سماج ھميشه لاءِ ڳڙڪائي ورتو. ھڪ نامڪمل (تخليقي) زندگي . . . مڪمل ٿيڻ جي تڙپ / آرزو رکندڙ زندگي . . . ڪجهه نامڪمل ئي رھجي ويئي. ھاڻي اھا نامڪمل زندگيءَ (تخليقي) زندگي مڪمل ان صورت ۾ نظر ئي اچي ته ڪمھلي موت ان جي مڪمل ٿيڻ جا امڪان ختم ڪري ڇڏيا آھن.
    انھن مڙني ڳالھين جي باوجود حقيقت ھيءَ آھي ته ماڻڪ پنھنجي ان مختصر تخليقي زندگيءَ جي دوران تخليقڪار جي حيثيت ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو، تنھن کي نه صرف سندس حياتيءَ ۾ ئي مڃتا ملي، بلڪه کيس جديد سنڌي ادب جو سرواڻ ڪري تسليم ڪيو ويو ھو. ھن جون اسان وٽ ڇڏيل امر لکڻيون خاص ڪري ڪھاڻي کيتر ۾، ساھيته جا اُھي معيار آھن جن کي آڏو رکي اسان سچي ۽ ڪوڙي تخليق جي پرک ڪري سگهون ٿا. وقت جي گذرڻ سان ماڻڪ جي لکڻين ۾ موجود سچائين کي وڌيڪ شدت سان محسوس ڪيو ويندو سندس لکڻين کي وڌيڪ قدر جي نگاھ سان ڏٺو ويندو، انھن لکڻين جي بھتر تڪ تور ڪئي ويندي.
    تخليقي آزاديءَ جو پرچارڪ ليکڪ جيڪو رجعتي قوتن کي بيباڪيءَ سان بي نقاب ڪندو رھيو، جنھن ڪنھن به گهڙيءَ، ڪنھن به مرحلي تي اسٽيبلشمنٽ سان ٺاھ نه ڪيو، بلڪه وک وک تي اسٽيبلشمنٽ کي للڪاريندو، پنھنجي ڌڪار کي ظاھر ڪندو رھيو – اُھو باغي جذبن وارو ليکڪ . . . . اعلى انساني قدرن جي پاسداري ڪندڙ ليکڪ اسان سڀني کي دائمي غم جو داغ ڏيئي ھميشه لاءِ وڇوڙو ڪري ويو. منير / ماڻڪ جھڙو باضمير – بااصول ليکڪ جڏھن اسان سان گڏ ھو، تڏھن ھن جو وجود اسان لاءِ ھڪ طرح جو ڏڍ ھو ؛ سندس تحريرون پڙھي خاطري ٿي ويندي ھئي، ته روشن ضمير نه صرف موجوده دؤر / وقت جي نبض پڪڙي ان کي لفظن ۽ جملن جي صورت ڏيئي رھيو آھي، بلڪه تخليق جي فن جا اُھي معيار به قائم ڪري رھيو آھي . . . جيڪي ٻين نون لکندڙن جي رھبري ڪري سگهن ٿا. ماڻڪ جون لکڻيون اعلى تخليق جون ڪسوٽيون ٿي رھنديون.
    ماڻڪ جي ڪمھلي موت سان اعلى تخليق جو اُھو سلسلو پورو ٿيو، جيڪو جيڪر جاري رھي ھا، ته اڃا به ڏات ۽ ڏانءُ جا اعلى نمونا پيدا ٿيندا رھن ھا. اسرندڙ سنڌي ادب جي بدقسمتي چئبي، جو اھا ھڪ اھڙي مھان ڪھاڻيڪار / ناول نگار / نقاد کان محروم ٿي ويئي، جنھن جديد سنڌي ادب (خصوصن ڪھاڻي صنف) کي نئون روپ ڏنو. ماڻڪ سنڌي ڪھاڻي ڪلا کي جنھن منزل تي پھچايو آھي، اھا منزل رھنمائي ڪندڙ روشنيءَ جيان ھميشه چمڪندي جرڪندي رھندي . . . نون لکندڙن کي اُتساھ ڏياريندي رھندي . ماڻڪ جي ادبي ڪاوش کي انھي تناظر Perspective ۾ پرکڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت آھي. ماڻڪ سان پورو انصاف تڏھن ٿيندو جڏھن ذھني ڪشادگيءَ، وسيع مطالعي ۽ محنت سان سندس فن ۽ فڪر جو جائزو ورتو ويندو. بھرحال اھو ڪم ادبي ڄامڙن کان نه ماڻڪ جي حياتيءَ ۾ ٿيو، نه ھاڻي ٿيڻو آھي.



    (ھي مضمون ”مُئل ماڻھو جيئري پيڙا“ تان کنيل آھن، جنھن کي ماڻڪ جي وفات کان پوءِ امداد حسينيءَ ۽ سحر امداد سھيڙيو ھو.)


    ماڻڪ ھر دور جو ليکڪ : عزيز مھراڻوي

    ٽي – ايڇ لارنس جي چواڻي ”اسان نون تجربن کان ڏاڍو ڊڄندا آھيون.” پنھنجي جاءِ تي اھا ڳالھه آھي به صحيح. حقيقت ۾ اسان نين ڳالھين ۽ نواڻ کان ائين ڊڄندا آھيون ڄڻ ته اھي نيون شيون ڪي جن ڀوت ھجن ۽ متان اسان جي ڪڍ پئجي وڃن ۽ اسان جي ٺھيل ٺڪيل شخصيت کي ھڻي ڀور ڀور ڪري وجهن؛ پر اسان جو دوست ماڻڪ ھڪ مختلف شخص ھو، ھن سدائين نوان تجربا ڪيا ۽ انھن کان ڪڏھن ڊنو ڪونه. دراصل اسان انھن تجربن کان ڊڄون انھي ڪري ٿا جو اسان جي سڄي ذات عڪس ھوندي آھي پنھنجي زندگيءَ جي مختلف تجربن جي. جڏھن اسان ڪنھن جو نالو ٻڌون ٿا يا کڻون ٿا ته ان ھستيءَ جو روپ پنھنجي مڙني خامين ۽ خوبين سان اسان جي ذھن تي اڀريو اچي. ان جا ورتاءَ، ان جو اٿڻ ويھڻ، لکڻ پڙھڻ، ياري دوستي، سڀئي ڳالھيون مڙيو اچيو ان شخص جي تڪميل ڪن. ائين ان جا سڀئي نوان پراڻا تجربا ذھن کي لوڏيو وجهن. اسان جو ماڻڪ سڀني پراڻن، نون تجربن جو مالڪ ھو. ھينئر جڏھن اسين ماڻڪ جي ياد ۾ اچي ھتي گڏ ٿيا آھيون، ته مون کي لڳي پيو ماڻڪ اجهو اچي سامھون بيٺو آھي ۽ چوي پيو؛ ”يار! عزيز اڃا پندرنھن ڏينھن به ڪونه کتا آھن ته پاڻ ھتي ئي حيدرآباد ۾ گڏيا ھئاسين، جبيس ۾ ويھي دل کولي ڪچھري ڪئي ھئيسين ۽ ٽھڪ ڏنا ھئاسين. اڄ آئون ھتي ڪونه آھيان اوھين ڳالھايو ٿا. ڇا ڳالھائيندا مون تي، ڇا ڳالھائيندا منھنجي شخصيت تي، منھنجي فن تي، منھنجي بيروزگاري ۽ منھنجي ڀوڳيل پيڙائن ۽ منھنجي دوستن تي؟! جيستائين مير ٿيٻي ۽ شاھد جي حوالي سان مون تي نه ڳالھائيندا، جيستائين شوڪت شوري، مدد علي سنڌي ۽ امداد جي ياريءَ جي ناتي سان نه ڳالھائيندا ۽ جيستائين ڄام ۽ مھر جي ساٿ جي ناتي مون تي نه ڳالھائيندا ته پوءِ اوھان جو ڳالھائڻ نه ڳالھائڻ جي برابر آھي.“

    مون کي ياد آھي ڪراچيءَ جي ڪيترن ريسٽورنٽس ۾ مون، ماڻڪ ۽ شاھد ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪيا ھوندا. ان وقت ماڻڪ نظرياتي مضمون لکندو ھو، جنھن اداري ۾ ڪم ڪندو ھو ان اداري جي پاليسن کي اجاگر ڪندو ھو، پر اھو سڀ ڪجهه نوڪريءَ جي حد تائين. آفيس کان ٻاھر اچي منجهيل ماڻھن جون منجهيل ڪھاڻيون لکندو ھو. آئون چوندو ھوس ! ”يار منير تو ۾ ڪٿي ڊاڪٽر ھائڊ ۽ جيڪال جو روح ته نه سرايت ڪري ويو آھي؟“ پر نه اھو سڀ ڪجهه اڄ نوجوان جو الميو آھي. منير جي شروعات ھڪ نظرياتي ليکڪ سان ٿي، ھن ۽ اسان گڏجي ڪم ڪيو؛ پر پوءِ ھو سڀني کان ڇڄي الڳ ٿي ويو. ھن سماج جي مختلف ڪردارن کي پنھنجي ذات جي لاڳاپن سان ڏسڻ شروع ڪيو ۽ مختلف ڪردارن جي معروضي ڪردار نگاري ڪندي ڪندي، جڏھن سبجيڪٽو ڪردار نگاري ڪرڻ لڳو، ته ڪيترن دوستن ساڻس ناراضگي ڏيکاري.
    ماڻڪ ھر دور جو ليکڪ ھو ۽ ھر دور جو ليکڪ آھي. ھو سمجهندو ھو ته اسان جي Subject Feeling متاثر ٿئي ٿي، اسان جي وايو منڊل Social Circumstances کان. اسين ۽ اسان جو ذھن بذات ته ڪجهه ڪونھي. (جيتوڻيڪ سڀ ڪجهه آھي) جيڪي ڪجهه آھي، نتيجو آھي، ڦل آھي اسان جي ماحول جو.

    ”لڙھندڙ نسل“ جا ڪردار اڄ ھتي اسان جي سامھون ويٺا آھن ۽ سماج جي سڀني طبقن ۾ موجود آھن. جي اھي سڀ ڳالھيون صحيح آھن، ته پوءِ ڏوھ ڪنھن کي ڏجي؟ نئين نسل جي لڙھندڙ Moral کي يا ليکڪ کي! اھي سڀيئي ڳالھيون جيئن مون مٿي چيو آھي ماڻھن کي ڇرڪايو وجهن، پر نه ماڻڪ ڇرڪندڙ ماڻھن مان ڪونه ھو، ھن نواڻ کي ۽ نون تجربن کي قبول ڪيو.
    جتي ماڻڪ اقتصادي، سياسي، سماجي ۽ ديسي غلامي جي بدترين انساني پستيءَ جا بخيا اڍيڙيا، اتي لڙھندڙ نسل جي حالت ڏسي ان ماحول کان وٺجي، پنھنجي وجود ۾ پنھنجيون ۽ پرايون ويرانيون سموئي ھڪ وڏي بحران جو شڪار ٿي ويو. انھيءَ بحران جي ڪري ھن کي ھڪ نئين تجربي مان گذرڻو پيو. ھي تجربو اجنبيت Alienation جو تجربو ھو. اھا اجنبيت نتيجو ھئي خارج جي Observation کان پوءِ داخلي حقيقتن ۾ ذات جي گهري ۽ گهاٽي Evolvement جو. ھونئن داخلي ۽ خارجي حقيقتن جو جتي پاڻ ۾ تضاد Contradiction ٿئي ٿو، اھو تضاد سماجي ناتي سان ذاتي شعور جي وھڪري کي اڃا تيز ڪيو ڇڏي ۽ اديب کي ڪرڪيگارد، ڪافڪا، دوسو وسڪي، چيخوف، سارتري ۽ سلويا پاٿ جي سطح تي آڻيو بيھاري. جڏھن شخص خارجي دنيا جي جبر، ڏاڍ ۽ اڏول بيرحميءَ اڳيان پاڻ کي بي وس ٿو محسوس ڪري ته پوءِ ھو پنھنجي سڃاڻ Identity وڃايو ويھي ۽ پنھنجي سڃاڻپ وڃائي ويھڻ واري ڪيفيت کيس Alienation جي اوڙاھ ۾ ڌڪيو ڇڏي. پوءِ اھو اوڙاھ، ڪڏھن ماياڪو وسڪي، ڪڏھن ھيمنگوي ڪڏھن سلويا پاٿ ڪڏھن ايناسيڪٽسن ڪڏھن بيريٽين ۽ ڪڏھن ماٺيڻي جھڙا پيارا انسان اسان کان کسيو وٺي، ته وري ڪڏھن جواني ۾ ئي شيلي، عالماڻي، حفيظ، ثميره، ماڻڪ ۽ ٻين کي اسان کان ڇنيو ڇڏي.

    ھونئن به Alienation، فراريت، Escapism، ناڪاريت Nihilism ۽ مزاحمت Resistance جي صورت ۾ ئي جُلھه ڪندي آھي ۽ ائين اسان جو دوست پھريائين فراريت، پوءِ ناڪاريت جو شڪار ٿي مزاحمت ڪندي ڪندي ٿڪجي اسان کان الڳ ٿي ويو ۽ ويندي ويندي چوندو ويو:

    وڃڻ ڏي
    محبوب مونکي وڃڻ ڏي
    ويندس ھليو ويندس
    ويندس اڏري ويندس
    بڻجي ڪونج، ڪري ڪرڙاٽ اڏري ويندس
    وري نه ورندس
    وري نه موٽي تنھنجي ديس ايندس
    ويران وسندين ۾ اچي نه آباد ٿيندس
    ايڏو ڪر ايثار
    وڃڻ ڏي، محبوب مونکي وڃڻ ڏي . . .


    (ھي مضمون ”مُئل ماڻھو جيئري پيڙا“ تان کنيل آھن، جنھن کي ماڻڪ جي وفات کان پوءِ امداد حسينيءَ ۽ سحر امداد سھيڙيو ھو.)


    ماڻڪ انساني آدرشن جو ليکڪ : غفور ميمڻ

    سنڌي ادب ۾ جديديت واري لاڙي جو اھم ليکڪ جنھن ھن لاڙي کي مثبت رخ سان پيش ڪيو سو ماڻڪ ھو. ان کان سواءِ اڪثر اھو ٻڌو ويندو آھي ته ادب سماج جو آئينو آھي. پر ماڻڪ ادب ۾ صرف عڪس نه ڏيکاريا پر زندگيءَ جي معروضي حيثيت ۽ داخلي ڪائنات جو آئينو پڻ ڏيکاريو. ماڻڪ جي ادبي ڪاوش جا ٻه رخ آھن ھڪ ته ادب ۾ مزاحمتي فڪر کي اُڀاري ٿو جيڪو وجوديت جي اھم نڪتن مان ھڪ آھي ٻيو ته ھن ادب ۾ مسئلن کي انساني حيثيت سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. انساني حيثيت جو اھو رخ قدرن ۽ نظرين کان بالاتر آھي، ڇو ته ماڻڪ جو اھو چوڻ ھو ته ”انساني زندگي کي ڪنھن ٺپي ھيٺ نظرياتي يا عقيدن، اصولن پٽاندڙ قيد ڪرڻ خلاف لڳاتار سرگرمي جسماني توڙي ذھني جاکوڙ منھنجي پسند جو ايمجري اسڪيچ آھي.“
    ماڻڪ انھي دؤر جي پيدائش آھي جڏھن سنڌي ادب ۾ نئين ھل چل متل ھئي، ادب ۾ جوش، جذبو، نعريبازي، قومي مزاحمت شامل ھئي پر ماڻڪ بلڪل ھڪ نئين انداز ۽ اسلوب سان نروار ٿيو ھو. ھو نه اجايو اميد پرست optimist ٿيو نه وري ھن جوش جذبي کان ڪم ورتو، نه وري ڏکن کي رومانوي انداز سان پيش ڪيو اٿس.
    ھو ڪٿي به رومانٽڪ انقلابي ڪردار تخليق نٿو ڪري نه وري منافقي يا ٻھروپي سان ادب کي اخلاقي قدرن جي بخمل ۾ ويڙھي پيش ٿو ڪري. پر ھن زندگي جيئن آھي، سماج ۾ ماڻھو جيئن محسوس ڪري ٿو، جھڙن ڏکن ۽ اذيتن سان ھن جو واسطو پوي ٿو، انھن کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو. خاص طور سان وچئين طبقي جو مشاھدو وٽس تيز آھي. ھو ھڪ دؤر جي پيداور ھو، پر زندگي جي باري ۾ سندس اٿاريل سوال ان سان لاڳاپيل اخلاقي قدرن وارا مونجهارا ۽ ڪردارن جي مزاحمت ھميشه پرُڪشش رھندي.
    سندس پھرين مجموعي ”حويلي جا راز“ (منير احمد جي نالي سان) ۾ حويلي جا راز ھڪ اھڙي ڪھاڻي آھي، جيڪا جاگيرداري سماج جي فرسوده رسمن تي ھڪ ڪاري ضرب آھي. جنھن لاءِ ممتاز مھر چيو ھو ته: ”حويلي جا راز ھڪ اھڙي ڪھاڻي آھي جيڪا ھاڻي ڇا پر ھر دؤر ۾ ڪشش رکندي رھندي.“
    ھن ڪھاڻي ۾ خاص ڳالھه اھا آھي ته ھو حويلي ۾ موجود ڪلچر ۽ رسمن رواجن جي ڳالھه ڪري ٿو جنھن ۾ نياڻي کي قرآن سان شادي ڪرائي وڃي ٿي. پر ھو ڪردارن کي سخت مزاحمتي ڏيکاري ٿو، حويلي جي ڪوٽ ۾ موجود ڇوڪريون ڪئين مورج قدرن کان باغي ٿي وڃن ٿيون جو ھو سماج جي ڪنھن به اخلاق کي پنھنجي جبلي ضرورتن آڏو تڇ سمجهن ٿيون، اھڙي ئي جبلي ضرورت جي ڪھاڻي ”ٻاھر ٻاڦ نه نڪري“ آھي، ھڪ عورت جواني ۾ بيواھ ٿي وڃڻ کان پوءِ مسلسل جنسي خيالن ۾ گم رھي ٿي، نماز پڙھندي گهر جو ڪم ڪار ڪندي سندس ڌيان سندس اندر ۾ اٿندڙ جوش ڏانھن وڃي ٿو. ساڳئي وقت ان عورت جي نفسيات کي ڪھاڻي ۾چڱي طرح بيان ڪيو ويو آھي، جديديت جي لاڙي ۾ ھي ڪھاڻي ھڪ اھم جاءِ والاري ٿي جو صرف فرد جي ڀڃ ڊاھ ۽ اندر جي بي چيني جو اظھار نه اٿس پر فرد جو عام روايتن کان باغي پڻ ٿيڻ آھي، جو ڪردار وجود کي معنى ڏيڻ ۾ روايتن کي ٽوڙين ٿا، موضو ئي حوالي سان ھي ڪھاڻي نئين آھي. ماڻڪ جي اھا خوبي بي مثال آھي ته ھو ماڻھن جي نفسيات کي ايتري ويجهڙائي کان ڄاڻي ٿو ڄڻ ته انھي ڪردار جو ڏک پاڻ ڀوڳيو اٿس. اھڙي قسم جي ڪھاڻي”حقيقت ۽ دوکو“آھي ھن ڪھاڻي ۾ ھڪ ڊاڪٽر پنھنجي فيصلي کي انساني ۽ سائنسي قدرن مطابق ثابت ڪري ٿو ته ھن صحيح ڪيو، ھو جاگيرداري نظام جي شڪار ھڪ ناري سان جنسي رابطو ڪري ٿو، جيڪا سندس مريض آھي ۽ ھيسٽريا جي شڪار آھي، ڊاڪٽر سندس ضرورت کي محسوس ڪري ٿو ۽ پنھنجي فعل لاءِ پاڻ کي ڏوھي نٿو سمجهي، ھڪ جڳھه تي ڪردار چوي ٿو :
    ”ھن مخصوص حالتن ۾. . . ھا سائين ھن مخصوص حالتن ۾، منھنجو اھو فعل قانوني ڏوھ نه آھي، نه بداخلاق، نه ويساه گهاتي، ھڪ انساني زندگي جي اھميت کي آڏو رکي مون ھڪ فرض سمجهي ئي ھن جي ھڪ اھم فطري ضرورت کي سمجهي ئي . . . ”
    ماڻڪ جي ھر ڪھاڻي ۾ انساني وجودي ضرورت اھم آھي پوءِ اھا جنسي ھجي، بک يا بدحالي جي ڳالھه ھجي پر ماڻڪ انسان کي آزاد ڏسڻ چاھي ٿو. اھا آزادي جيڪا وجوديت جي اھم نڪتي منجهان آھي ته انسان آزاد آھي، ھن جي مٿان ڪو به اصول نظريو نٿو مڙھي سگهجي، انھي صورت ۾ سماج يا ٻئي ماڻھو جو وجود آزادي جي راھ ۾ رڪاوٽ آھي، پر ھتي سماج جون رسمون جاگيرداري جا قدر ئي ماڻھو جي جيئڻ ۾ رڪاوٽ آھن، ماڻڪ پابندي واري ھر عمل کي رجعت پسند چوي ٿو، پنھنجي ھڪ انٽرويو ۾ چوي ٿو:
    ”جيڪي انساني زندگيءَ کي انساني ناتن کي، وھنوار کي، انساني آزادي کي ۽ ان جي مثبت چرپر کي، سوچ کي، ڪن به اصولن، نظرين عقيدن پٽاندڙ پابند ۽ قيد ڪرڻ چاھين ٿا، سي منھنجي آڏو رجعتي آھن.”
    ھن ڳالھه مان ظاھر ٿئي ٿو ته ماڻڪ تي وجوديت جو گهرو اثر ھو، ڇو ته وجوديت ۾ ڪوبه نظريو، عقيدو، اصول انساني زندگيءَ جو متحمل ٿي نٿو سگهي، انسان پنھنجي چونڊ ۽ اختيار ۾ آزاد آھي. وجوديت مطابق انسان پنھنجي آزاديءَ جو ٻوجھه نٿو سھي سگهي، ھو خود فريبي جو شڪار ٿي، مسلسل سھارن جي تلاش ڪري ٿو، پر ڪوبه سندس سھارو ناھي، تنھن ڪري مسلسل اذيت، ڏک ۽ ڪرب سان وابسته آھي. پر ماڻڪ ھتي فريب جو شڪار نٿو ٿئي. ھو انسان جي بنيادي ضرورتن کي حاصل ڪرڻ جي آزادي چاھي ٿو. جنھن تي ڪي پابنديون نه ھجن، ساڳئي وقت انسان مٿان مڙھيل پابندين خلاف مزاحمت ئي انسان کي معنى ڏئي ٿي، ماڻڪ به اھڙي چونڊ خود پنھنجي وجود لاءِ ڪئي آھي ھن چيو ھو ته:
    “ٻه واٽي تي بيٺل
    يا باغي ٿي اڀران
    يا ته جڏھن صبح جو سج اڀري ٿو، منھنجو مئل اڻ ساھو
    وجود کٽ تي پيل ھجي / ڪنھن ايڪسيڊنٽ ۾ ختم ٿي وڃان”

    ماڻڪ پنھنجين ڪھاڻين ۾ ڪردارن کان بغاوت ڪرائي پر پاڻ باغي نه ٿي سگهيو ۽ موت قبوليائين.
    ماڻڪ جون ٻيون ڪھاڻيون جھڙوڪ، ھڪ ڪھاڻي سواءِ سري جي، پلاند، ڪاري، ڇھه آنا ڪھاڻيون، انھي سلسلي جون ڪھاڻيون آھن، جن ۾ ڪردار مڪمل طور باغي آھي. ھو سماجي قدرن، ريتن رسمن، ۽ وجود تي مڙھيل سڀني پابندين کان باغي ٿي مزاحمت ڪن ٿا. ماڻڪ جو انھن ڪھاڻين ۾ فڪري پھلو ڏاڍو سگهارو آھي ھڪ ته ھو انسانيت پسندي کي اوليت ڏئي ٿو، ٻيو سائنسي انداز سان مسئلن جو حل چاھي ٿو. وجوديت جو اھو پاسو ڏاڍو مثبت آھي.
    ماڻڪ جو ٻيو رخ اسان جي سامھون سندس ناوليٽ ”رڃ ۽ پڙاڏا“، ”لڙھندڙ نسل“ ۽ ناول ”ساھ مُٺ ۾“ اچي ٿو. ھن تخليق ۾ ماڻڪ وجوديت جون سموريون داخلي وارداتون کڻي اسان جي سامھون اچي ٿو، خاص طور سان جيئن اڳ ۾ بيان ٿي چڪو آھي ته سنڌي نوجوان جاگيرداريءَ مان نڪري شھر ۾ اچي ٿو، سوين سپنا کڻي ھو جيئي ٿو پر شھر جو اجنبي ماحول، ملڪ جو سياسي وايو منڊل سندس حق ۾ نه ھئڻ ڪري ھو سخت مايوسي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿئي ٿو ”رڃ ۽ پڙاڏا” اھڙو ئي ناوليٽ آھي جنھن ۾ ماڻڪ سماج جي کوکلن قدرن ويڳاڻن رشتن ناتن ۽ ڪمزور لاڳاپن کي ايترو ته داخلي انداز سان پيش ڪيو آھي جو بار بار وٽس زندگيءَ جي بي معنيت ۽ بي مقصديت جو سوال ڪر موڙي اٿي ٿو ۽ بار بار اھو ورجائي ٿو ته :
    ”زندگي جو ھي سفر به ڪيڏو ڀوائتو آھي.”
    ”زندگي جو سفر اڪيلو، اڪيلو، ڪيڏو اڻانگو خاموش.”
    “زندگي جو احساس، ڪيڏو نه پيڙا ڀريو، اذيت ناڪ آھي.”
    ھن ناول جو اسلوب شعوري وھڪري وارو آھي جنھن ۾ ڪھاڻي خود ڪلاميMonologueواري انداز ۾ بيان ڪيل آھي، ھن ناوليٽ جو اھم ڪردار ھڪ عام رواجي زندگي گذاريندڙ ماڻھو آھي، ھو ڀڳل ٽٽل وجود کي کڻي ڀٽڪي رھيو آھي، داخلي پيڙا ۽ ڏک ۾ ايترو ته ورتل آھي جو سندس رويو سماج ڏانھن، مسئلن ڏانھن بي حسي جو شڪار آھي، پنھنجو پاڻ کي سماج کان ڪٽيل ۽ ڌاريو ويڳاڻو محسوس ڪري ٿو، پنھنجي جوان ڀيڻ جي ڀڄي وڃڻ واري عمل تي ڪوبه اخلاقي يا سماجي عمل نٿو ظاھر ڪري وجودي داخليت ۾ ايترو ورتل آھي جو کيس ھر وقت ڀؤ، ڊپ خوف آھي موت سندس مٿان ھر وقت پاڇي وانگر بيٺو آھي.
    ”اوچتو موت جو ڊپ سڄي وجود کي وڪوڙي ويندڙ جڏھن موت اٽل آھي ته پوءِ ڊپ . . . ”
    ”جيڪڏھن مان ھينئر مري وڃان ؟”
    ڪردار مڪمل طور وجودي وارداتن ۾ وڪوڙيل آھي.
    ”مثال ھڪ مرد لاءِ زال جو ھجڻ لازمي ضرورت؟ زال مڙس لاڳاپا، امان ته بابا جي زال اڻ سھندڙ، عجيب عجيب لڳندڙ! چرپر ڪندڙ ٻه اگهاڙا وجود اڻ وڻندڙ ويساه ۾ نه ايندڙ، ڪراھت.”
    داخلي طور وجود ۾ ڪراھت ڀرجي ويل آھي جو ھر شيءَ جو منفي انداز ۽ گندگي وارو پاسو ذھن ۾ اچي ٿو .مثال ”ڪاڪوس ۾ گندي پاڻي جو دٻو، دٻي ۾ رھندڙ ڪيئان.”
    ھن ناول ۾ ماڻڪ جي وڏي خوبي اھا آھي ته ھڪ اھڙي انساني نفسيات کي ظاھر ڪيو آھي جيڪا موجوده سماج ۾ اڻ ٺھڪندڙ آھي ۽ مسلسل دٻاءُ جو شڪار آھي. اھو ڪردار ڇا محسوس ڪري ۽ ڪيئن سوچي ٿو اھو جيئن جو تيئن ماڻڪ پيش ڪيو آھي، اھو زندگي جو ھڪ رُخ آھي، ھو اھڙي ڪردار جي وارتا کي اسان جي سامھون رومانٽڪ انداز سان نٿو آڻي نه وري سماج سڌارڪ بنجي تبليغ ڪري ٿو، نه وري ڪٿي نظرياتي بنياد تي زندگي کي بدلائڻ جي ڳالھه ڪري ٿو، بلڪه ھو ته زندگي جيئن آھي تيئن پيش ڪري ٿو ۽ اھا زندگي اسان جي سماج جي جيئري جاڳندي حقيقت آھي. ھڪ استحصالي ڏاڍ، ظلم، اڻبرابري جي بنياد تي قائم ٿيندڙ سماج ۾ اھڙا ڪردار عام آھن، جيڪي ويڳاڻا، اڪيلا، بک ۾ ورتل، بي معنى بي مقصد وجود جو لاش کڻي ڀٽڪن ٿا، ھنن کي ڪي به خوبصورت نظارا فطرت جا حسين رنگ نٿا وڻن. ھو بي حس آھن يا وري داخلي طور پيڙا ۾ ورتل آھن، جبلي ضرورتن کان جوش ۾ ورتل، ھر نظارو سندن داخلي ضرورتن جو ھڪ فرياد بنجي وڃي ٿو، اھڙو ئي اظھار اردو جي جديد شاعر زاھد ڊار ھن ريت ڪيو آھي:

    “سنھري گيت مين جب دھوپ کي لھرين بکھرتي ھين
    تون يون احساس ھوتا ھي ميري دل مين
    ڪي جيسي خوبصورت لڙڪيان مل ڪر
    نھاتي ھون کسي تالاب کي شفاف پاني مين
    ھوا ۾ اڙتي پنڇي ڪو ديکھون يا سمندر مين ڪسي مڇلھي ڪو بل کھاتي
    مري آنکون مين ننگي لڙڪيان تير جاتي ھين”

    ماڻڪ وٽ به ھن ناوليٽ ۾ اھو الميو آھي ته ھڪ طرف زندگي ڏھاڙي جو عام وھنوار آھي، سمت ڦرڻي وانگي ڦرندڙ ھڪ ئي محدود دائري ۾ پر ٻئي طرف زندگي جي جبلي خواھش عذاب بڻيل آھي.
    سندس ھڪ ٻئي ناول ”لڙھندڙ نسل” ۾ عام سنڌي نوجوان جي ڪٿا موجود آھي، جيڪو پنھنجي زندگي کي معنى ڏيڻ چاھي ٿو، پنھنجي وجود جو اظھار ڪرڻ چاھي ٿو، ھي اھو دؤر آھي جڏھن يحيى خان مارشلا لڳائي ھئي، ھڪ طرف سنڌي ون يونٽ خلاف جدوجھد ھلائي رھيا ھئا، ٻئي طرف بنگالي پنھنجي وجود کي مڃرائي رھيا ھئا. سنڌ جي غريب طبقي جو فرد پھريون دفعو يونيورسٽيءَ ۾ پڙھڻ سانگي شھرن ۾ اچي ٿو، اھو شھر جي ماحول کي ڪيئن محسوس ڪري ٿو ۽ پنھنجي جواني کي ان وقت اکين سان ضايع ٿيندي ڏسي ٿو ۽ ساڳئي وقت سياسي طور جدوجھد به ڪري ٿو، ھن جي ذھن ۾ بيشمار سوال زير بحث اچن ٿا. ھنن وٽ مايوسي به آھي ٿڪ به آھي ساڳئي وقت بي مقصديت جو به احساس آھي. بيچيني ڀيانڪ انجام جي ڀيانڪ انديشي ۾ بي مقصد زندگي جي وڍيندڙ احساس ھيٺ ڀوڳيندڙ پنھنجو وجود.
    انھن حالتن ۾ ٽي رستا سندس سامھون اچن ٿا.
    ھڪ جنھن حالتن ۾ ڦٽو ڪيو ويو آھي انھن سان سمجھوتو ڪري پاڻ ھيرائي ڇڏي، يا ته ھيروئن جي حالت ۾ ڀوڳيندو رھي ۽ موت جو انتظار ڪري. ٻيو ته خودڪشي ڪري ٽيون ته بغاوت ڪري ڪنھن به شڪل ۾.
    ڇو ته ماڻڪ وٽ بنيادي سوال ئي آھي ته ”مان آھيان” منھنجو ھئڻ ٺوس حقيقت آھي، انھي کان فراريت ناممڪن آھي، پر ھن ناوليٽ جو ھيرو ڪا به وقتي چونڊ نه ڪري سگهيو آھي. ڪنھن به رومانس جو سھارو نه وٺي سگهيو آھي، ڇو ته وجود جو بي پناھ احساس ۽ آزادي جو وجدان ڪنھن مقصد، ڪنھن چونڊ (پوءِ اھا فريب ئي سھي) ۾ ختم ڪري سگهجي ٿو، اھا ھڪ قسم جي فراريت به آھي ته پناھ به آھي. پر ڪردار ايترو ٿڪل آھي ۽ بي مقصديت محسوس ڪري ٿو جو ھو صرف زندگي جا لمحا کپائڻ چاھي ٿو.
    ”تلڪ چاڙھي وڃي رھيو آھي ھيٺ آھستي آھستي، ذھن خالي احساس نپوڙيل؛ امنگ مئل چاھت مروٽيل، مليل زندگي جي گهڙين کي کپائڻ Consume ڪرڻ لاءِ.”
    ھڪ طرف انھي دور جي تصوير اسان کي ترقي پسند ادب ۽ مزاحمتي ادب ۾ ملي ٿي، ٻيو رخ ھن ناوليٽ ۾ملي ٿو جنھن ۾ اسان ڏٺو ته ڪردار زياده خوش فھمي جو شڪار ناھي، ھو صرف داخلي طور پنھنجي وجود ۾ اٿندڙ بي شمار بي معنى سوال کڻي انھن کي معنى ڏيڻ چاھي ٿو.
    ماڻڪ جو ٻيو اھم ناول ”پاتال ۾ بغاوت“ آھي.
    ھن ناوليٽ ۾ انساني زندگي جي اھم مسئلن کي ماڻڪ فلسفياتي سطح تي کنيو آھي، ھن ناوليٽ ۾ جيڪا اھم ڳالھه آھي اھا ھي ته مزاحمت ھن ناول ۾ موجود آھي بلڪه ائين کڻي چئجي ته ماڻڪ جي ھر ادبي تخليق ۾ مزاحمت بنيادي جوھر آھي. ھن ناول ۾ يوناني ڏند ڪٿا جو سھارو ورتو ويو آھي، خاص طور سان يونان جا ٻه ڪردار جيڪي انسان دوست مشھور آھن 1 پروميٿس 2 سيفيس، ٻئي زيورس ديوتا جي عذاب ھيٺ آھن، سسيفس جو ڪردار يونان جي ڏند ڪٿا مان ڳولڻ وارو شخص البرٽ ڪاميو آھي ھن پنھنجي مشھور ڪتاب Myth of Sisphus ۾ انھي ڪردار کي پيش ڪيو ۽ پنھنجي فلسفي جي تصديق لاءِ جيئن اسان وٽ شاھ لطيف لوڪ داستانن جا ڪردار کنيا بلڪه اھڙي طرح ڪاميو به پنھنجي فڪر کي ڪردار ۽ ڪھاڻي ڏيڻ لاءِ سسيفس جو ڪردار کنيو، ھن ڪردار جي خصوصيت ھي آھي ته ھي نه ختم ٿيندڙ ڀوڳنا ۽ عذاب ۾ ڏيکاريو ويو آھي.
    زيورس طرفان کيس پاتال (جھنم) ۾ اڇلايو ويو آھي، سندس ڏوھ اھو آھي ته ھن انسان جي ڀلائي چاھي، انسانيت پسندي زيوس وٽ ھڪ جرم آھي ۽ کيس سزا ڏني ويئي ته ھڪ ڳرو پٿر پاتال ۾ کڻي ڌڪي مٿي اچي ۽ ٻيھر انھي پٿر کي ڌڪو ڏنو وڃي ٿو اھو عمل صدين کان ورجاءَ وڃي ٿو.
    ھن ناوليٽ ۾ سسيفس خود اھو سوال اٿاري ٿو ته ”مان ھيڻو آھيان ۽ انڪاري آھيان، منھنجي ناڪار جي ابتدا سان منھنجي درگهٽنا شروع ٿئي ٿي.”
    ھتي سوال اھو پيدا ٿو ٿئي ته ڪمزوري ۽ ھيڻائپ ئي وجود جو بنيادي مسئلو آھي، جو انھي ڪمزوري جو جواب ناڪار ڏئي پاڻ کي ماڻھو معنى ڏئي ٿو، اھميت جتائي ٿو، ھي سوال ممتاز مھر به پنھنجي ڪتاب ويچار ۾ اٿاريو ھو ته ڇا ھيڻائپ ڏوھ آھي؟
    جديد نفسياتدان ايڊلر به پنھنجي نفسياتي جائزي ۾ انھي ڳالھه تي زور ڏنو ھو ته انساني جو بنيادي مسئلو طاقت حاصل ڪرڻ آھي.

    “Adler takes the attitude that the fundamental drive in life is the desire for power”.

    ۽ جيڪڏھن بنيادي مسئلو طاقت ۽ ڪمزور جي وچ ۾ جهيڙو آھي ته پوءِ ماڻڪ جي ذھن ناوليٽ وانگر ھي دنيا پاتال آھي ۽ ڪمزور انسان بيگار ٿو وھي، شڪار ٿئي ٿو ۽ ڪو سسيفس بڻجي اڀري ٿو ۽ جنم جنم جي سزا ڀوڳي ٿو، پر پنھنجي وجود کي انڪار ذريعي مڃرائي ٿو. اتي ھڪ مايوسي پيدا ٿئي ٿي ته انساني اعلى قدر سري کان غائب آھن ۽ اھڙي ڪنھن نظام جي اميد اجائي آھي جيڪا مھذب انسان کي جنم ڏئي.
    البرٽ ڪاميو وٽ انھي جو جواب ھو ته ”انسان جي خواھش دنيا پوري نٿي ڪري سگهي انھي ڪري دنيا ۽ انسان وچ ۾ ھلندڙ ڇڪتاڻ مان لايعنيت / نامعقوليت جو احساس پيدا ٿئي ٿو.“
    ۽ ڪاميو وٽ ان جو جواب خودڪشي ھو يا وري بغاوت ۽ ياد رھي ته ماڻڪ خودڪشي ڪئي ھئي، ھن انھن تمام ڪردارن جي داخلي وارتا پنھنجي اندر سموئي ڇڏي.
    ماڻڪ جو ناول ”ساھ مُٺ ۾“ قابل ذڪر ناول آھي. ھي ناول ملڪ ۾ آمريت، غداري، وڏيرا شاھي، ڏھڪاءُ، رياستي جبر جي پس منظر ۾ لکيل آھي. ماڻڪ جي ھن ناول ۾ فڪري ائپروچ به وجوديت واري آھي پر ھي ناول اھڙي ٽئڪنڪ سان لکيو ويو آھي جو ھن ۾ ڪٿي به ماڻڪ جو فڪر ٿاڦيل نٿو لڳي. خودبخود ڪردارن جي مجبوري، بي وسي، خوف ۽ ڪمزوري اڀري اچي ٿي. ھن ناول جو پس منظر بنيادي طور سنڌي فڪر ۽ پاڪستاني فڪر جو تضاد وارو آھي جنھن ۾ ڪيترا سوال اڀرن ٿا، مثال طور ھن ناول ۾ چوي ٿو :
    ”ھندستان جي مسلمان جون بنيادي وفاداريون، ڌرتي کان ٻاھرين حملي ڪندڙ فاتح حاڪمن سان وڌيڪ رھيون آھن، منھنجو مطلب آھي افغانن، ترڪن، مغلن، ايرانين يا عربن سان، نه رڳو اھو پر ھو انھي کي پاڻ پڌائين ٿا.”
    ھڪ طرف اھي ڪردار آھن جن جون وفاداريون رياست سان آھن، رياستي پاليسي سان آھن ۽ فڪري طور ھو ڌرتي بجاءِ ڌارين سان لاڳاپيل آھن، ٻيا اھي ڪردار آھن جيڪي رياست طرفان مڙھيل محب وطني کان باغي آھن، ھنن جو فڪر پنھنجي قوم ۽ ڌرتي سان جڙيل آھن. اھڙي صورتحال ۾ ھڪ ڪردار پاڻ کي اوپرو محسوس ڪري ٿو ۽ ھر وقت پاڻ کي چوڪسي ۽ ٻين جي نظرداري ۾ محسوس ڪري ٿو، کيس قدم قدم تي ڊپ وڪوڙي وڃي ٿو، ھر وقت ھو خوف واري حالت ۾ رھي ٿو، ته ڪڏھن به ڪجھه ٿي سگهي ٿو ۽ چوي ٿو
    ”ھن ملڪ ۾ ڪابه ڳالھه ناممڪن نه آھي جڏھن ته ملڪ ٺھڻ کان وٺي ھن مھل تائين ھنگامي انجيڪشن جي آڌار تي ھليو ھجي اتي ڪجھه به ممڪن ناھي.”
    ھن ناول کي کڻي ھڪ شاھڪار ناول چئي سگهون ٿا جو ھن ۾ فڪري تضادن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ سماجي نفسياتي، داخلي مسئلا اھڙي طرح سان بيان ڪيا ويا آھن جو ڪٿي به ڪا به ڳالھه ڍڪيل لڪيل نٿي رھي، سماجي پس منظر ھجي يا داخلي پيڙا پر ڪٿي به ڪا به منافقي ناھي. ھڪ فرد جي غداري کان وٺي سنڍ ٿي وڃڻ تائين مڪمل طور حقيقت جيئن آھي تيئن ماڻڪ پيش ڪئي آھي.
    ھڪ طرف تخليق ڪيٿارسزم جو عمل ڪندي آھي ٻئي طرف جڏھن داخليت جي سمنڊ ۾ ٻڏي پيڙا ۽ اذيت کي تخليقي رنگ ڏبو آھي ته خود تخليقڪار تي اھا ڪيفيت طاري ٿي ويندي آھي. ماڻڪ جي زندگيءَ به ھوريان ھوريان تخليقي طور مڪمل وجودي وارداتن کي ظاھر ڪندي وڃي. ”حويلي جا راز“ کان وٺي ”ساھ مٺ ۾“ تائين ھڪ ڊگهو سفر نه صرف ماڻڪ جو ادبي سفر آھي بلڪه پيڙا ۽ ڀوڳنا جو سفر آھي، اھوئي سبب آھي جو ماڻڪ پنھنجي تخليق ۾ وجوديت ٽنبي نٿو پر خود به خود ماحول مان اڀري پوي ٿي، فڪري طور ماڻڪ البرٽ ڪاميو کان وڌيڪ متاثر لڳي ٿو ھو مزاحمتي ڪردار تخليق ڪري ٿو، جيڪي فرسوده قدرن خلاف بغاوت ڪن ٿا، ڪٿي به مايوسي ۽ واھياتپڻو فيشن طور استعمال نٿو ڪري ۽ نه وري پنھنجا آدرش مڙھي ٿو، بلڪه ڪھاڻي جي حاصل نتيجي مان انسانيت پسندي جي جهلڪ نظر اچي ٿي ھو انسان مٿان مڙھيل ھر پابندي کان انڪار ڪري ٿو، جيڪا طبقاتي سماج جي صورت ۾ ھجي. عقيدي يا نظرئي جي صورت ۾ ھجي ھو صرف انسان جي مادي توڙي روحاني آزادي جو قائل آھي.
    ماڻڪ جو جديديت جي لاڙي ۾ ھڪ اعلى مقام آھي ماڻڪ فيشن طور وجودي ناھي نه وري وجوديت جي منفي لاڙي کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. بلڪه سندس لکڻين ۾ سنڌ جو وجودي فڪر به اڀري اچي ٿو، جنھن ۾ امن پسندي، پيار ۽ محبت لاءِ واجهائيندڙ دل ڌرتي سان محبت انسانيت پرستي شامل آھي. خاص طور سان ”ساھ مُٺ ۾“ انھي فڪر جي عڪاسي ڪري ٿو.


    (ماھوار پرک: اپريل _مئي 2001ع)


    ماڻڪ جي ناول ”ساھ مٺ ۾“ جو تنقيدي جائزو : ڪنعيو گيانچنداڻي

    ماڻڪ جو ھي ناول Post Humorously شايع ٿيو آھي ماڻڪ 26 جنوري 1982ع ۾ گذاري ويو. چون ٿا ته آتم ھتيا ڪيائين، مان 82 ۾ ھندستان ھئس ۽ اتي جڏھن اھا خبر پيم ته روئي ويٺس.
    انڊيا ۾ ھي ناول الائجي ڪڏھن ڇپيو ان جي ڄاڻ ڪتاب منجهان نه پئي، باقي سنڌ ۾ ھي ڪتاب 92 ۾ ڇپيو آھي . . .
    جيتريقدر تنقيد جو سوال آھي ته ان سلسلي ۾ ڏٺو ويو آھي ته سنڌ ۾ Objective تنقيد جو رواج ڪونھي، ھا باقي جي سنگتي آھي ته ان کي گهٽ ۾ گهٽ ستين آسمان تي کڻي وڃبو، چاھي ادبي/ تخليقي لحاظ کان ٿرڊ ريٽ ڇو نه ھجي. وري جي اديب پنھنجي چوياريءَ مان ناھي ته، ان جا اھڙا ته ڇوڏا ٿا لاھجن، جو اڳلو مورڳو لکڻ کان ئي توبھه ڪريو ڇڏي. جيتوڻيڪ ھڪ لحاظ کان منھنجي لاءِ تنقيد جي صنف مڪمل نئين آھي پر جيستائين ماڻڪ جو سوال آھي ته مان چوندس ته ماڻڪ نه رڳو ھڪ د‍ؤر جو نالو آھي، پر ھو عام انساني ماپن ۽ ماڻن کان ڪجھه ڳرو ھو، ماڻڪ منھنجي دوستن مان تمام گهٽ ڳالھائو ھو. پر لکت ۾ ھن کي ڀرڀور اظھار جو ڏانءُ ايندو ھو. ھو اندر ٻاھر ھڪ جھڙو ھو.
    ڪي به نظرياتي پابنديون ۽ فني ڏانو کيس سچ لکڻ کان روڪي نه سگهيا. مون کي چٽي طرح ياد آئي ته 1972 ۾ جڏھن مون کي L.M.C ۾ داخلا ملي ته اھو منھنجو روز جو نيم ٿي ويو ته ”جارج ھوٽل ۾ سنگت سان ڪچھرو لڳي. سنگت ساٿ واري ان محفل ۾ ماڻڪ کان سواءِ شوڪت شورو، مشتاق شورو، عبدالحق عالماڻي، مدد علي سنڌي، علي بابا، ظفر حسين ۽ ڪڏھن ڪڏھن نبي بخش کوسو، حليم بروھي، ولي رام ولڀ ۽ ٻيا شامل ٿيندا رھندا ھئا. مون کي انھن ڪچھرين ۾ ماڻڪ کي تمام ويجھو ڏسڻ جو موقعو مليو پوءِ به ھتي آئون دعوى نه ڪندس ته، سندس سوچڻ جي انداز مون کي مڪمل طور تي پرکي ورتو – ڇو جو ھو پنھنجي ذات، داخليت پسند (Introvert) قسم جو ماڻھو ھو. سندس مزاج ۾ اڪثر خاموشي ۾ ورلي ورلي تمام سڀاويڪ نموني ھڪ اڌ لفظ يا جملو ڳالھائڻ شامل ھو. شايد 71ع ۾ سندس ناولٽ ”لڙھندڙ نسل“ شايع ٿيو، جيڪو مون ماڻڪ سان ملاقات کان اڳ ئي پڙھيو ھو. ھيءُ ھڪ تمام متاثر ڪندڙ ناولٽ ھو جنھن ۾ ھن سنڌين ۽ سنڌ جي ان وقت جي حالتن کي اھڙو ته ڀرڀور نموني سان قلم بند ڪيو ھئو. جو اھو ڄڻ فلم وانگر عڪاسي ڪندو ھجي – مون کي چٽي طرح ياد آھي بابا اھو ڪتاب پڙھي مونکي چيو ته ”ماڻڪ کي چئج، جي پاڻ ايترو مايوس (Pessimist) آھين ته توکي اھو ته حق نه ٿو پھچي ته تون ”لڙھندڙ نسل“ جھڙا ناولٽ لکي سنڌين جي پڙھيل لکيل طبقي کي به مايوسين جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏين.“ اھو درحقيقت ھڪڙي جهوني بالشيوڪ ساٿيءَ جو پنھنجي ھڪ نئين باليشوڪ ساٿي لاءِ پيغام ھو. پوءِ جڏھن مون اھو نياپو کيس رسايو ھو ته ماڻڪ اھو Remark ٻُڌي ٿورو مشڪي وراڻيو ھو ته: ھا، ڪامريڊ جي اھا ڳالھه صحيح آھي، پر مون سچ کي لڪايو ناھي، رھندو ان کي نروار ڪيو اٿم . اسان سنڌين جي حالت اھائي آھي، آءُ رڳو ان تصوير جو مُصور آھيان.” جيئن ھن دؤر ۾ سندس ڪتاب تي سندس ساٿين ئي اعتراض واريا ھئا تئين ھيءُ ڪتاب “ساھ مٺ ۾” واقعي جيڪڏھن ان وقت ڇپجي ھا ته مٿس پابندي پئي ھا، ۽ ماڻڪ پڻ ڏچي ۾ اچي ھا، ڇو ته ماڻڪ ۽ منير احمد جي ھڪ ھجڻ جي پوليس کي خبر پئجي چڪي ھئي.
    ھتي اھو به عرض ڪندو ھلان ته ماڻڪ سوشلزم ڏانھن لاڙو رکندڙ ھڪ جانبدار ۽ ارپيل (Committed)لکاري ھُئو. معتبر ذريعن موجب ھو ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ ڪُل وقتي ڪارڪن ٿيڻ جو پڻ خيال ھئس. پر پوءِ ھڪ بزرگ شخصيت جي مشوري تي اھڙو خيال لاھي ڇڏيائين. پر ساڳئي وقت اھو ذھن ۾ ضرور آڻڻ کپي ته جانبدار ھوندي به ماڻڪ اظھار جي آزاد استعارن جو حامي ھو، کيس تنگ نظر قومپرست ڪنھن به طريقي سان نه ٿو چئي سگهجي. ھن جي سوچ ۾ تخيل جو canvas پوري دنيا جو گولو آھي. پنھنجي خيال ۾ سندسCPP سان ٽڪراءُ ۽ سندس وجود جي ٿڪل ھُئڻ جو سبب اھو ھُئو ته قومپرستي ۽ قومن جي Sovereignty ۾ يقين رکندڙ ماڻڪ متعصب ۽ ڪٽر اردودان ڪميونسٽن سان نه پئي ھلي سگهيو، جيڪي پنھنجي نادانيءَ جي ڪري يا ڄاڻي واڻي قومن جي حقن جي باري ۾ Dichotomy جو شڪار رھيا آھن. ھو ايترو ته سگهارو فنڪار ۽ دانشور ھو، جو انھن جي حڪمن جي طابع گهڻو وقت نه ٿي رھي سگهيو. اھو ھُئو ھلڪو پس منظر ماڻڪ جي نظرياتي جنگ جو ۽ ھاڻي ناول تي ٿا اچون. ھڪڙي د‍ؤر ھي ناول ”ساھ مٺ ۾” سياسي حوالي سان ٻن دؤرن تي لاڳاپيل آھن. ھڪ ٻولي جي مسئلي(language) واري، ڀٽي جو دؤر ۽ ٻيو ضياءَ جي مارشل لائي اقتدار وارو دور جنھن جو خاتمو ماڻڪ جيئري نه ڏسي سگهيو، پر ماڻڪ انھي ٻنھي ڌرين يعني ڀٽي ۽ ضياءَ کي ساڳي قطار ۾ بيھاري انھي سلسلي ۾ گڏيل Remarks رمارڪس ڏيندي ھُن چيو ھئو: ”گوئرنگ ته موت ڏٺو ھئو، جنھن ۾ ھڪ وقت ۾ ڇوٽڪارو ھُئو ۽ اڄ جو گوئرنگ، ھڪ ئي وقت موت نه ٿو ڏئي، اھو ھٿ ٺوڪيل قانون جي بنياد تي اڏيل ڪوٽ اندر ٻوساٽي ماري ٿو، پوءِ ھڪ ڀرڀور خواھش بنجيو وڃي.”
    موھن ڪلپنا ڪتاب جي مھاڳ ۾ ھن ناول کي سنڌي زبان جو پھريون جديد ناول قرار ڏنو آھي. انھيءَ سلسلي ۾ آئون ڪجھه Reservation رکندي به اصولي طور تي ان راءِ سان سھمت آھيان جڏھن ته ڪيترائي دانشور ۽ اديب ھن ناول کي سياسي ليڪچر جو نالو ڏيندا. سندن انھن راين کي ذھن ۾ رکندي آئون اھو چوندس ته اديب ۽ دانشور سماج کان ڪٽجي ته ھوا ۾ تير نه ٿو ھڻي سگهي. اھو بلڪل سڀاويڪ آھي ته ليکڪ پنھنجي آس پاس واري ماحول ۾ ٿيندڙ ھر حرڪت جو ڳوڙھو مشاھدو ڪندي، عملي يا ذھني طور تي سياست ۾ نظرين کان ڪناره ڪش نه ٿو ٿي سگهي.
    ماڻڪ چواڻي : ”سنڌين جي وچولي طبقي جو ھر فرد، جيڪو پنھنجي سنڌي ھجڻ جو احساس رکي ٿو. اھو ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾ سياست ۾ بھرو وٺي ٿو، خاص طرح تي پڙھيل لکيل فرد.“
    ماڻڪ کي جيڪڏھن ويجهڙائي سان پڙھبو ته محسوس ٿيندو ته ھو ھن گهٽ ۽ ٻوسٽ جي ماريل بدبودار سماج مان تنگ به آھي ته ڊنل به. ھن جي خيال ۾ رياستي ڏاڍ State Terrorism ماڻھو کي نامرد ٿو بڻائي. ناول جي ناٽڪ ايترو ته ذھني مونجھاري Mental turmoil جو شڪار آھي. جو پنھنجي گهر واري سان حق شرع ڪندي ٿڌو ٿيو وڃي ۽ پاڻ تي لعنت ملامت ۽ بھانا (Escapes) جا ڳولڻ؟
    ناول جي سگهه ان جو لامتناھي(Endless) ھجڻ آھي.
    ماڻڪ جن حالتن کي چٽيو ) (Portray آھي. اڄوڪي اڄ به ان کان ڪو گهڻو مختلف نه آھي. شھري وچولي ڪلاس جي سنڌيءَ کي ھر وقت اڄ به دھشتگردن جو ڊيڄوڙو آھي. ماڻڪ خود ڪلامي(Inter Personal Communication) جي ذريعي ۽ Dialogueجي ذريعي، پنھنجي ڪارج جو پيغام پھچائڻ ۾ مڪمل طور تي سڦل ويو آھي. ھُن پناھگيرن جي حوالي سان ٿيل اسان جي شھرن جي سنڌيءَ حالتن جو نھايت ئي باڪمال ۽ ڳنڀير مشاھدو، خوبصورت نموني سان بيان ڪيو آھي.
    ڊپ / احتياط / اونو / ڌڙڪو / غير محفوظ ھئڻ جي احساس سان گڏ ھن ناول جي خصوصيت ان جي سڌي رسائي(Direct Approach) آھي، ابھام ڪونھي، غلط سلط ۽ اُبتي سنڌي لکي جديديت جو پرچار ڪونھي.
    جيتوڻيڪ ھي ناول شعور جي وھڪ (Stream of consciousness)واري طريقي ۾ لکيل آھي. اڄ شھرن ۾ رھندڙ ھر سنڌي بلڪل انھن ئي حالتن جو شڪار آھي، جيئن ناول جو نائڪ جيڪو چوي ٿو : ”ڄائي به مون ڪجھه نه ڪيو آھي – ڏوھ! مون ڪو ڏوھ نه ڪيو آھي. نيڪ نيتيءَ ۾ صفائيءَ سان پورو ويساھ اٿم. ۽ منھنجي زندگي جي مختصر سرگرمي پوءِ به ڏوھي ھجڻ جو، عتاب ھيٺ اچڻ جو ڇتو احساس، يا ڪجھه نه ڪجھه اوچتو ٿيڻ جو، جيڪو ڀؤ وارو، انھي احساس ھيٺ ان جي ڇڪتاڻ ۾ ذھني ۽ جسماني ڇيڙ ڇاڙ، جنھن ۾ سؤکا ۽ ڪونئرا امنگ مروٽجي ويل، انتھائي بي رحميءَ سان.”
    وري استعماري قوتن سان پنھنجي نفرت جو اظھار ھئين ٿو ڪري
    “ڪُئا قطارن ۾، ڪُئن جو رنگ خاڪي
    خاڪيءَ وردي ۾ پريڊ
    قطارن ۾ پريڊ
    لڪ – لڪ لڪ لڪ لڪ
    بوٽن جا ڳرا آواز
    ڪئا پليگ آڻيندا آھن
    ڌپ
    ماڻھن جا لاش
    ٿلھا ڪُوئا پڇن سان
    ڊنل ھراسيل موڳا ماڻھو
    ڪئن جون قطارون.”
    ماڻڪ حساس ۽ پڙھيل لکيل ماڻھو جي ڪيفيت کي بيان ڪندي لکي ٿو: ”خوف ۽ انديشا – جنھن ۾ اسين سڀ ورتل، شڪليون ڌار پر روح ساڳيون.“
    “سپريشن / اِنسڪيورٽي،
    علاج؛ ٽرنڪولائيزرس.”
    تنگ نظري ۽ پاڪستان جي ٻچاپڙائپ واري قومي نظرئي جي پاڙ اکيڙيندي چوي ٿو: “جڏھن ڪنھن ھنڌ جو فڪري پڻ بنياد، تلاءُ جي بيٺل بانس واري پاڻيءَ وانگر، اصول تي ھجي يا نطرئي تي ھجي، اتي ظاھر آھي ته کوجنا جا پٿر ڪئين ٿا سھي سگهجن؟”
    سنڌين ۽ سنڌ جي ويرين جو وروڌ ڪندي ٻُڌائي ٿو: ۽ ھا چئي سگهجي ٿو؛ سنڌيڻي / سنڌي ھجڻ جو احساس، جيڪو ھتي اڻ وڻندڙ آھي ۽ اڻ ٺھڪندڙ ھڪ ڏوھ! اسين اڻ وڻندڙ آھيون اھو سمجهون ٿا ۽ اھڙي سرت رکون ٿا. اھا سرت ئي اسانکي ڏوھي ھجڻ جو احساس کان آگاھ ڪري ٿي.”
    ھڪ ھنڌ ڪردار کان ھيٺينءَ ريت چورائي ٿو: “ دوست جڏھن ٽرنڪولائيزرس به پنھنجي اثر ڇڏي ڏين ته پوءِ پاڻ لڳڻ ئي ڪامياب ۽ اثرائتو ٽرنڪولائيزر آھي. اھا اسان جي ھڪ ضرورت آھي، مجبوري، ان کي سماجي سطح تي پاڻ ٺھڪائڻ به چئي سگهون ٿا.” بالادست، اقتدار جي مالڪين جو، سوچ ۽ سمجھه تي به پھرا ڏسي ۽ انسانيت کي مجروح ٿيندو ڏسي ماڻڪ تڙپي اٿي ٿو “جيڪڏھن سچائي ڪا ايسرڊ شيءَ ناھي ۽ ان جي سڃاڻپ لاءِ بھرحال ڪن تصورن، نظرين يا ڪنھن ٽرمينالاجي جو سھارو وٺڻو ٿو پوي، ته اھو ضروري ناھي ته، ڏنڊي جي آزار تي ڪو تصور، نظريو ھروڀرو سچائي ڪري مڙھيو وڃي.”
    ڀٽي صاحب لاءِ اردو دانن جي رايي ۽ انھي جي جواب ۾ سنڌي جي سوچ سنڌ جي ھندوءَ ڏانھن پناھگيرن جو رويو آھي، ۽ ھڪ پڙھيل لکيل سنڌي ھندوءَ جي سوچ کي، سندن سوچ سان ٽڪراءَ کي ھيٺين پيرائي ۾ ٿو بيان ڪري؛
    ”سنڌيون ڪي حڪومت ھئي اس ليئي ايڪ بنيا ڀي اتني جرئت سي بات ڪر سڪتا ھي. مين سڀ سمجھتا ھون.”
    وري ھڪ پڙھيل لکيل قومپرست سنڌي ھندوءَ جو منھن ٽوڙ جواب:
    “نھين جناب! سنڌيون ڪي نھين پاڪستانيون ڪي حڪومت ھُئي، ڀٽو صاحب ايڪ ڪٽر پاڪستاني ھَئين، يه ايڪ بدنصيبي ھَئه ڪه وه سنڌ ۾ پيدا ھُئي، چناچه حد سي زياده اور پاڪستان ڪي ناقابل فراموش خدمت ڪرني ڪي باوجود ڀي وه آپ ڪي ليئي ناقابل برداشت ھئه.”
    اردو دانن سنڌ سان جيڪا جُٺ ڪئي آھي. ان تي ماڻڪ کان دل جي گھرائن مان ھڪڙي آھ نڪري ٿي: ”ابو! ھي ڪھڙا مڪڙ آھن، جيئن جيئن ڳڙڪائيندا ٿا وڃن، رت ڦڙو به ڪونه ٿا ڪيرائين، واردات ئي مٽايو ڇڏين.”
    ماڻڪ جي فلاسافي ھيٺ ڏنل ھڪڙي جملي ۾ ئي سموٽجي وڃي ٿي : ”ايذاءُ ئي ته زندگي جي پساھ جي علامت آھي.”
    پاڪستان ۾ جمھوريت جي نالي ۾ جيڪي بدمعاشيون ڪيون ٿيون وڃن انھن کي ريٽيندي، مارڪس جي جمھوريت جي باري ۾ Remarks کان پوءِ وري ماڻڪ جو ئي ڪمال آھي جو ھن خوبصورت پيرائي ۾ ھٿ ٺوڪي جمھوريت جي لاک لاٿي آھي.
    ”اڄ ڪا سائين، جمھوريت جي شاندار روايت ھلندي، ذبح ٿيندڙ ٻڪرين کي پنھنجي پسند جي ڪاسائين جي چونڊ جو حق ڏنو آھي.” پاڪستان جي سياسي ثقافت Political Culture ۽ بالادست رياستي ادارن طرفان عوام تي ٿيندڙ ذھني ۽ جسماني تشدد تي ماڻڪ ڪاوڙجي انھي سڄي مانڊاڻ جي مٽي پليت ڪندي چوي ٿو ”پيءُ جي آڏو ڌيءُ کي مسجد شريف ۾، مخالف پوڙھن مٿان ڏنڊا مُٽا قيدي چاڙھڻ، عورتن جي پيشاب دانين ۾ اوٻاريل بيضا ۽ ميڻ بتيون ۽ راتو رات گم ٿيڻ، پيشاپ پيئارڻ ۽ سياسي ڪارڪنن جي زاعفائن، ڀينرن، مٽن مائٽن کي ٿاڻي تي گھلي ۽ اتي . . . .؟”
    واقعي، ماڻڪ ڪابه شيءَ وڌائي نه لکي آ، ڀٽي جي آپيشاھيءَ واري دؤر ۾ سوشلزم ۽ جمھوريت جي آڙ ۾ ھڪ آڙيڪاپ ۽ اذيت پرست وڏيري جي انداز ۾ بادشاھي ڪندڙ ڀٽي، پاڪستان ۾ عوام ۽ خاص طور تي سنڌي سياسي ڪارڪنن سان اھي حالتون ڪرائي، ھن ملڪ اندر ڪرڀ جھڙي اذيت جي پروش ڪرائي.
    حڪمران طبقن جي من مستين کي لفظن جو روپ ڏيندي ماڻڪ ڏسي ٿو: ”اھو سڀ ڪجھه ڪرڻ ۽ ائين سڀ ڪجھه ڪرڻ، ھتي جي ھر حڪمران ۽ انھن جي ڪارندن ۽ سندن مشينري يا ائين کڻي چئجي ته نظرياتي بنيادن جو جُز آھي. ”اھم جز” انسان کي ذليل ڪرڻ سندن وندر آھي ۽ سدن جيون شڪتيءَ لاءِ روحاني غذا نيٺ ھنن کي وڏن ٽھڪن لاءِ ائين ئي ڪرڻو پوي ٿو جيئن سندن ڦڦڙ تازي ھوا جهٽين.”
    ”ھتي رياستي سطح تي ٿيندڙ ھر تبديلي تاريخ جي عمل کان پوئتي ڌڪڻ ايندي آھي. حرامي کان وڌيڪ حرامي.”
    ماڻڪ سنڌ جي قومپرست سياستدانن جي مفاد پرستيءَ کي اگهاڙو ڪندي ناول جي نائڪ کان چورائي ٿو : ”مون کي ھي چوڻ ۾ بلڪل ھٻڪ ڪانھي ته، سنڌ جا قومي ٺپي ھيٺ سڏجندڙ اڳواڻ، قومپرست، پنھنجو پاڻ لاءِ آھن. قوم لاءِ نه – قومي مسئلن کي سوچيندي، ويچاريندي ۽ عمل ڪندي، سندن ذات ئي محور ھوندي آھي، نه ڪي قوم/ سنڌ – سندن پنھنجي ئي ذات، ھا!”
    ساڳئي وقت ماڻڪ نالي وارن ۽ نام نھاد سوشلسٽس ۽ ڪميونسٽن کي به ڪونه ٿو بخشي، مثلن : ته سوشلسٽ، وڏيرن جي کيسي ۾ پيل آھن، انڪري، ڇا انڪري ھنن جو ووٽ به انھن جي کيسي ۾ پيل آھي نيٺ ٿيندو ڇا؟“
    ”اسلام جيئرو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ھر ڪربلا کان پوءِ ئي اسلام جيئرو ٿيندو آھي، ھا، ڪربلا، قتلام بي رحميءَ سان ھڪٻئي جون بکون اڃون ۽ لاشا.“
    سنڌ مان لڏي ويل ھندن کي ساريندي، پنھنجي منطق جي ڪسوٽيءَ تي انھن جي مھاجرن سان ڀيٽ ڪندي ٻُڌائي ٿو: ”جيڪڏھن ھندو ھجن ھا، ته به ائين ٿئي ھا؟ ھندو مسلم ڇڪتاڻ ھجي ھا، پر ائين نه، جئين آھي، Enmity رات جا اڃايل ڇا شھرن جا ھندو، گهٽين ۾ سنڌي مسلمانن تي ائين تيزاب ڦٽو ڪن ھا، جيئن ھي ڪن ٿا – يا گهرن کي باھيون ڏين ھا، ۽ ڇرا بالا ھڻن ھا، ۽سنڌي مسلمانن جي ھستي / وجود جي خاتمي لاءِ ائين ڪن ھا؟ جيئن ھي ڪن ٿا پر جيڪڏھن نسلي تضاد (Communal Conflict) ھجي ھا، فرض ڪري وٺجي ٿو، ممڪن ھو، پر سنڌ جي قومي وجود کي اڏوھي نه، ٻين لفظن ۾ De-sindhialization نه ٿئي ھا، جيئن اڄ وڏي واڪ ٿئي پيو. ھل، فرض ڪر وڏو ذليل ھُئو ته ھندو ماري ڇڏين ھا. ھا، ٺيڪ آھي ماري ڇڏين ھا پر سنڌ کي ته نه مارن ھا. ھا، سنڌ کي. جنھن جو ھڪ ٺوس وجود آھي. جاگرافي، تاريخ، سڀيتا ۽ ڪاڪا ڀيرومل ھجن ھا، جيڪي سنڌ جي تاريخ ۽ سڀيتا تي کوجنا ڪري کيس جيئرو جاڳندو ۽ نئون اتساھ ۽ نئون روح.”
    آمر ضياءَ جي دؤر ۾ چوري جي سزا ھٿ وڍڻ جي صورت ۾ رائج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنھن تي اُنھي شديد ساڄي ڌُر پرستي (Ultra rights) ۽ اسلامي بنياد پرستيءَ (Islamic Fundamentalism) جو مذاق اڏائيندي احتجاج ڪري ٿو: ”ھٿ وڍيل کي ھينئر اسپتال داخل ڪيو ويو ھوندو، اھا انسان دوستي آھي ۽ مقدس فرض جي پوئواري، ھڪ ڏوھاريءَ کي سزا ڏيڻ کان پوءِ اڻ وڻندڙ ايذاءَ وارن نتيجن کان بچائڻ واسطي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ، ھون به چون پيا ته (بيھوش) ڪري ئي ھٿ وڍيو ويندو. اھا انسان دوستي آھي ۽ مذھبي رحمدلي سائنسي کوجنا جو انسان جي چڱڀلائي لاءِ استعمال، جيئن ھو سک ۽ آرام سان مليل ايذاءَ کي . . . ”
    ناول جي آخر ۾ به ليکڪ نراشا جي بجاءِ آشائن جي ديپن جو پيامبر ٿي اچي ٿو.
    ”نيٺ سنڌي احساس جي ڀوڳيندڙ سطح کان اڀري، تنظيم جي روپ ۾ ڇو ڪونه نمايان ٿي بيٺا آھن؟. ھڪ اثرائتي، منظم سگهه جي حيثيت سان؟ اڃان تائين واجهائيندڙ، وائڙا، آسائتا، ان ڪري ويساھ گهاتين جا ماريل ون يونٽ ٺاھيندڙ گهڙي کي سڃاڻي ورتوسين ۽ ساڳيو ڪم مڪمل ڪندڙ ٻھروپئي ڀٽي کي سمجهي نه سگهياسين. حالتون، وقت ۾ انجون گهرجون پاڻمرادو سنڌي ليڊرشپ پيدا ڪندي، جيڪا ظاھر آھي ته نئين رت مان ھوندي، سنڌ جو نئون رت، محروم ۽ مايوس پنھنجي واٽ گهڙيندو.”
    ھن ادبي ماٺار واري ماحول ۾ ماڻڪ جو ھي ڪتاب ”ساھ مٺ ۾” رڳو جِنتَ ناھي جيڪا بيٺل تلاءَ ۾ ھلچل ٿي مچائي، بلڪه پوري سر وھائي ڪڍي اٿائين جنھن پري پري تائين اثر ڇڏيا آھن.



    (ماھوار سارس: اپريل _ مئي 1993ع)


    صبح جي ستاري ڏانھن : نصير مرزا

    زندگيءَ جي ڪنھن انتھائيءَ نويڪلي گهڙيءَ ۾، مون پنھنجي آفيس جي لان تي ليٽي، ماڻڪ جي نالي ارپيل تاج بلوچ جو ھي نظم ڪاغذ تي اُتاريو:
    تون به چؤواٽي تان موٽِئين ساٿي
    آئينا چُور ٿيا
    ھار سينگار ڦِٽا
    عڪس رنگين ھئا، جيڪي ٽُٽي پيا سارا
    سارو مانڊاڻ ٿي
    زھر آب ويو
    عارضي طور سھي
    درد بيتاب ڪيو
    ڏاڍو بيتاب ڪيو

    نظم اُتاري، ڪتاب بند ڪرڻ جي خيال کان، نظم تي پيپر ويٽ رکي، کيس تيز ھوا ۾ ڇڻيل پنن سان گڏ اُڏامي وڃڻ کان بچائڻ پئي چاھيم. تڏھن مونکي سارتر جي چيل ھڪ ڳالھه، شدت سان ذھن تي تري آئي.”مان جڏھن لکندو آھيان، تڏھن مايوسيءَ جي ڄار مان ڪنھن خوبصورتي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان.” شايد تيز ھوا جي زور تي نظم تان پيپر ويٽ ھٽي ويو ھو. مون ڏٺو: منھنجو ڪاغذ ڪٿي پري پري اُڏامندو پئي ويو ۽ وقت ڪيڏو نه، تيزيءَ سان فُل اسپيڊ ۾ ڀرسان لنگهيو وڃي. مون سوچيو. تڏھن اچانڪ اَمرتا پريتم، مون سان ڪنھن سپني ۾ ڊائيلاگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو: “نظم لکڻ خدا جي باغ مان صوف چورائڻ وانگر آھي.” ۽ مون دل ۾ چيو: صحيح! پر بنھه پنھنجي ڪنھن دوست کي ياد ڪري، ڪجھه لکڻ! ڪوفي ۽ شام جي بازار مان، اَنبوھ ماڻھن جي وچ مان، بيمار ۽ قيدي امام زين العابدين جيان اگهاڙين پيرين لنگهڻ وانگر آھي.
    تڏھن اوچتو مون کي ليڊي ڊفرن اسپتال اڳيان لنگهندي ”ماڻڪ“ سان پنھنجي آخري ملاقات ياد آئي. مان تڪڙو تڪڙو ھلندو گاڏي کاتي ڏانھن ۽ ھو سامھون کان ڪوھ نور سئنيما وٽان، نڪ جي سِڌ ۾ ھلندو پئي آيو.
    اڙي ماڻڪ!
    ۽ بي اختيار سامھون کان ايندڙ شخص کي ڏسي اوچتو منھنجي چپن تي ھُن جو نالو لھر وانگي چڙھي آيو.
    ڪوئي دوست به ھُن سان گڏ ھو ۽ بريف ڪيس ٻنھي ھٿن ۾ ھئا.
    وقت ڇا ٿيو آھي نصير!؟
    ڀرسان لنگهندي اوچتو ھُن مون کان ٽائيم پڇيو.
    ڏاڍو خوفناڪ! ڏاڍو خطرناڪ! مون دل ۾ چيو ۽ واچ ڏسي ٻڌايم!
    پوڻا ڇھه شام جا!
    . . .

    شايد حيدرآباد ۾ ماڻڪ جي اُھا آخري شام ھئي.
    اُن کان پوءِ
    پنڇي گم ٿي ويو
    نِيري نِڀ ۾
    اُوڻيھه سو نوي کان، اٺ سال اڳ: ھُو شخص ماڻڪ ھو. پنھنجي شناختي ڪارڊ ۾ (شايد پاسپورٽ ۾) اُوڻيھه سو نوي تائين مِٽيءَ جي مُٺ بڻجي چڪو. (۽ جنھن مِٽي جو ھو ماڻڪ ھو ان ۾ ئي رک ٿي ويو.) ھُن جو سَرير ھُن جون ڳالھيون، ھُن جي وات مان نڪتل سڀ لفظ، سڀ جملا، ھوا ۾ ھوا ٿي چڪا، ۽ ھُن جو آواز: الوپ ٿي ڪنن کان پري وڃي چڪو . . . ۽ لاحاصل ۽ لڳاتار جستجوءَ ڪرڻ جي باوجود، ماڻھو ويچارو ڇا آھي؟ ڇا آھي ويچارو ماڻھو؟
    سمونڊَ جي سطح تي ڳرندڙ برفَ
    ڳرندڙ برفَ
    ڳرندڙ برفَ!
    ۽ 26 جنوري اُوڻيھه سؤ ٻياسي جو سج، ماڻڪ لاءِ ڄڻ اُڀريو ئي ڪونه. ھو پنھنجي موھني بازار واري گهر ۾ ٻنھپرن جو اوچتو ڳالھيون ڪندي خاموش ٿي ويو ۽ شام ٿيندي ئي ھُن جي وَني وِڌوا، پُٽ يتيم ۽ ”گهر اڱڻ“ ويران ٿي ويو ۽ دَر و ديوار تي ڄڻ ازلي ابدي سناٽو ڪنھن پکيڙي ڇڏيو.

    ياد ماضي:
    71 72 جو زمانو . . . ڦليلي واھ جي ڪناري سان پرڀات آرٽس سرڪل جي آفيس ھئي. (الاس! اڄ اُتي ڪڙھائي گوشت، تِڪه ڪباب جي ماڊرن ريسٽارنٽ ”لب مھراڻ” آھي.) اُتي شام جو چانھه جي ڪوپ تي سائين نثار حسينيءَ وٽ اديبن شاعرن، انڊر گرائوند شاگرد اڳواڻن ۽ فنڪارن جي سَڀا سَجندي ھُئي. ۽ ان ئي سَڀا ۾ مون علي بابا، ڄام ساقي، بيدل مسرور، شوڪت شوري . . . ۽ ماڻڪ کي پھريون دفعو ڏٺو ھو. ڪنھن موڪل واري ڏينھن ته، مان سائين نثار حسينيءَ سان گڏجي ٽنڊي آغا جي اُن ننڍڙي ڪواٽر تائين به ويو ھئس، جتي ماڻڪ ۽ سندس ساٿاري مير ٿيٻو گڏجي مسواڙ تي رھندا ھئا. اُن ڏينھن، ماڻڪ مون کي پنھنجي گهر وانگر ڊسٽربد، ٽڙيل پکڙيل ۽ وکريل لڳو ھو. اڱڻ ۾ ورانڊي کان رِڌڻيءَ جي دريءَ تائين تاڻيل رسي. رسيءَ تي ”اونڌا سڌا، چِٻا ڦِڏا ڪپڙا، ٽُوال ۽ جوراب ٽنگيل، وھنجڻ جي جاءِ جي در وٽ بالٽي ۽ ڇَل بي ترتيب انداز ۾ رکيل. اونھاري جي اُس کان واڻُ بچائڻ لاءِ، کٽ ديوار جي ڇانو ۾ اُڀ کڙي بيٺل. ورانڊي جي پِلر سان ڀڳل ٻانھن واري ڪرسي تي شيو جو سامان اُس ۾ اُڇليل. اندر ڪمري ۾ به اھڙي ئي ڪنڊيشن. اُن ڏينھن سائين نثار، مير ٿيٻي ۽ ماڻڪ الائي ڪھڙن ڪھڙن موضوعن تي ويٺي ڪچھري ڪئي ۽ ھر ڳالھه کان لاتعلق ٿي، مون اُن جاءِ جو جائزو پئي ورتو ۽ سوچيو: اڇا ته، ”حويلي جا راز“ ۽ ”لُڙھندر نسل“ جو اَرڏو ليکڪ، ھن بي ترتيب گهر ۾ رھي ٿو!
    ماڻڪ جي شروعاتي، ڳُجهي ۽ گهريلو زندگي جي اسٽڊي ڪرڻ جو گهڻو وجھه ڪڏھن به ڪونه مليو ھو مونکي. زندگيءَ جا جيڪي پل، گهڙيون پھر مون ھن کي ڏٺو ۽ مشاھدي ھيٺ آندو ھو، اُن مطابق ھو مون کي ھميشه ”اِن سڪيوئر“ لڳو. لڳندو ھو، ڄڻ ھو غير محفوظ آھي. پنھنجي ناول ”ساھ مٺ ۾“ جي نائڪ وانگر ھُن کي به شڪ ھو ته، ڪو ماڻھو ھن کي فالو پيو ڪري. ڪو نامعلوم شخص ھن جي پويان آھي ۽ ھُن سان ڳالھائيندي اوچتو لڳندو ھو ته، ھُو زنده رھڻ لاءِ ڪنھن Justification جي ڳولا ۾ آھي، ( ۽ ان ڳولا ۽ تلاش ۾ ھلندي ھو اڄ ڪيڏو نه اڳيان نڪري چڪو آھي.) ھُن سڄي زندگيءَ اَنڊر – ٽون ڳالھايو. بحث ۾ ڳالھائيندي، ھُن جي انداز ۾ شدت ضرور پيدا ٿيندي ھئي. پر، آواز ۾ لائوڊينس ڪاوڙ يا ڪروڌ جو اظھار؟ ھرگز نه! ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ ھُو اڪثر بھادري ۽ جرئتمندي جو به مظاھرو ڪندو ھو. ۽ اھڙين باغيانه ڳالھين ۾، ھُن جون ڳالھيون اڪثر گمڀير سوچ ڏيندڙ ۽ سَبجيٽو ھونديون ھيون. (۽ ٻلوان ۽ سگهه ڀريون ڪھاڻيون لکندڙ ماڻڪ، شخصي زندگيءَ ۾، ھڪ الڳ ماڻھو ۽ ڊنل شخص ھو. (ڊپ شايد ان ڳالھه جو به ته: دل شڪني نه ٿئي ڪٿي ڪنھن جي، سندس ڳالھين مان ڪو ڏک نه پھچي ڪنھن کي. ايذاءُ نه رسي ڪنھن کي).
    مون ھن کي واچ ڪيو ۽ ڏٺو ھو ته: ھُو اڪثر پنھنجي اندر – سانت ۽ گمنام رھڻ پسند ڪندڙ شخص ھو. وڏيون محفلون، وڏا بيان ۽ وڏي عمر جا بيوروڪريٽ ٽائپ اديب، شايد ھُن کي پسند ڪونه ھئا. ان ڪري، مون ھن کي وڏين محفلن، وڏن ماڻھن جي فيئرويلز ۾ ڪڏھن به اُٿ ويھه ڪندي ڪونه ڏٺو ھو . ( . . . ۽ بُل ڊاگ ماڻھن جي ھِن سماج ۾، ماڻڪ ھڪ يوگيءَ جي زندگي بسر ڪندڙ شخص ھو.) اسٽيٽس جي لحاظ کان ھو قطار جي آخر ۾ بيٺل، مِڊل ڪلاس جو پريشان ماڻھو ھو. ٺونٺون پاسا ھڻي، بي ضمير ماڻھن جي انبوھ ۾، نه ھُن ڪڏھن اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي ڪا ڪرڻ پئي چاھي. ”ائين ڪرڻ جي نه تربيت آھي نه مزاج؛ (ماڻڪ جي ھڪ خط مان )“ . . . بي پناھ تخليقي صلاحيتن ھجڻ جي باوجود، ھُو سڄي زندگي سترھين گريڊ جو آفيسر نه بنجي سگهيو. ھا! ھُن ايم.ايڊ ۽ بي.ايڊ ۾، اي گريڊ ضرور حاصل ڪري ورتا ھئا.
    ۽ اوڻيھه سو ايڪاسي جي پڇاڙيءَ ڌاري، انھن زيادتين جي پس منظر ۾، جڏھن ظفر عباسيءَ ھڪ انٽرويو ۾ ھن کان پڇيو ھو ته:
    ”ڪنھن کان شڪايت؟“
    جواب ڏنائين ”ڪنھن کان به نه“
    ”ڀلا نفرت؟”
    ”صرف ھن ديس جي ويري ۽ انسان دشمن کان سخت نفرت اٿم.”
    ستاويھين جنوري جي ڪوھيڙي ۾ ورتل شام جو، نواب شاھ جي موھني بازار مان لنگهي اسين ماڻڪ جو پُرسو ڏيڻ لاءِ ھُن جي گهر ۽ گهر وارن جو ڏس پتو پڇڻ لاءِ واجهائي رھيا ھئاسين، تڏھن مانڊڻي نما ھڪ ھَٽ وٽ، سائيڪلن جا پنڪچر ٺاھيندڙ – پوڙھي شخص ڏانھن وڌي ويا ھئاسين.
    يا عزيز!
    ماڻڪ صاحب جي گهر جو ڪو ڏس پتو؟
    ماڻڪ!
    ڪير ماڻڪ؟
    جيڪو ڪھاڻيون لکندو ھو ۽ ڪالھه ٻنھپرن جو رضا ڪري ويو آھي.
    ھا . . . ھا ميمڻن وارو ڇوڪرو نه، جنھن خودڪشي ڪئي ھئي!
    خودڪشي . . . ؟
    ۽ اسان سڀني دوستن جا چھرا، پوڙھي شخص جي ان اوچتي اطلاع تي، سواليه نشان جو اسٽيڪر بڻجي، ھڪ ٻئي جي چھرن تي پنڊولم وانگر لڙڪڻ لڳا.
    ماڻڪ جي ان دُکدائڪ پڄاڻيءَ بابت ۽ ڌچڪو رسائيندڙ ان ٻڏل خبر جي پس منظر ۾، سندس آپگهات جو ڪو ٺوس ڪارڻ ڪوئي مضبوط ثبوت، اُن وقت بظاھر ته ڪنھن کي به ڪونه پئي سُجهيو، پر وفات کان ڏھ ڏينھن اڳ سائين نثار حسينيءَ وٽ پھتل سندس آخري خط ( ۽ واقعي آخري خط مان) اُن جا انديشا، انومان چاھجن ته ڪڍي به سگهجن ٿا.
    ”پيارا نثار! اھڙي قسم جا خط اڳ به لکي چڪو آھيان. وري ھڪ ڀيرو يقين ڪرڻ چاھيان ٿو. ڳالھه دراصل ھِيءَ آھي ته ھِتي مون کان نڪو وڪالت ٿي ھلي ۽ نه ڪو ميڊيڪل اسٽور. تربيت ئي اھڙي ٿيل آھي جو، ٻنھي ڌنڌن ۾ ٺڳي! جيڪا مونکي نٿي اچي. مان اھو ڄاڻڻ ٿو چاھيان ته ڇا اتي سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ ۾ ڪا جاءِ خالي آھي؟ مون وٽ ايم اي سوشالاجي ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون آھن.
    ذھني ٿڪ سبب في الحال لکڻ ڇڏي ڏنو اٿم. نصير جا ڪھڙا حال آھن. جواب جو بيچينيءَ سان انتظار رھندو. اوھان جو پنھنجو منير (ماڻڪ) 16 جنوري 1982ع“

    ۽ خط جي جواب جو بي چينيءَ سان انتظار ڪندڙ ماڻڪ – سائين نثار حسينيءَ وٽان ڪو جوڳو جواب پھچڻ کان اڳ ئي، مايوس ٿي زندگيءَ جي وشال منظر مان گم ٿي چڪو.
    ڪا آس؟
    ٻه واٽي تي بيٺل.
    ڪا اميد؟
    يا ته باغي ٿي اُڀران.
    يا جڏھن صُبح جو سج اُڀري ته منھنجو مُئل، اڻ ساھو وجود کٽ تي پيل ھجي. (ماڻڪ جي ڏنل آخري انٽرويو مان ڪوريل)
    عذرخواھيءَ جي بجا آوري لاءِ، جنھن ڪمري ۾ ماڻڪ جي ننڍي ڀاءَ اسان کي آڻي ويھاريو، اُتان پنھنجي اَڻ – ساھي وجود سان ماڻڪ وڃي چڪو ھو. کٽولي تي اُن وقت ماڻڪ جو ضعيف، بيمار، ڏکويل ۽ بي وس و لاچار پوڙھو پيءُ ليٽيو پيو ھو. (۽ افسوس! اھو به ھاڻ مرحوم بنجي چڪو آھي.)
    . . . . سڏڪن – ھاڻي آواز ۽ اُڀ ساھي واري تڪليف جي ڪري، ماڻڪ جي والد صاحب جي ڳالھين ۽ جوابن ۾ ڪئي اشارا، ڪئي پار، ڪئي ڪامائون، ڪئي ڪٿائون ھيون، ”صبح جو ھو پنھنجي ميڊيڪل اسٽور تي ويو ھو. 12 ھين ڌاري موٽي گهر آيو. چيائين، طبيعت ٺيڪ ڪانه اٿم. کٽ تي ليٽي پيو. ليٽڻ سان اچي پيو اُلٽين ۾، بي آرامي ايتري ھئس جو ڏٺو نه پئي ٿيو . . . پوءِ الائي ڪيئن آرام اچي ويس . . . الائي ڪيئن آرام اچي ويس . . .؟
    ( ۽ منجهند ڌاري، ڪھاڻي ڪٿا ٻڌائيندڙ ماڻڪ پاڻ ڪھاڻي بڻجي چڪو ھو.)
    ماڻڪ جديد احساس جو اُھو نمائنده ڪھاڻيڪار ھو، جنھن وٽ فن به ھو ته فڪر به، جيڪو پاڻ سميت سڀني جي احساس جُرئت کي، ستل ضمير کي جاڳائيندو رھيو ۽ انھيءَ کي ھن پنھنجي اخلاقي ذميداري به سمجهيو ھو. ھو ڪميٽڊ ليکڪ ھو، آھي ۽ رھندو. (ممتاز مھر)
    بي رحم، ظالم ۽ قاتل ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان ھٽيل ۽ الڳ. سنڌي ادب جا ٺيڪيدار، جنھن کي مڃڻ لاءِ تيار نه ۽ پڙھندڙ ھن کي شوق سان پڙھڻ کان پوءِ گاريون ڏيندا آھن. (شوڪت شورو)
    ايندڙ دؤر ۾ ماڻڪ جا پڙھندڙ، وڌيڪ پيدا ٿيندا. (امداد حسينيءَ)
    اسين سچ کي، حقيقت کي ڪپڙا پھرائي پيش ڪندا آھيون ۽ ماڻڪ جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ آھي ئي اھو ته، ھُن اگهاڙو سچ پيش ڪيو. ۽ حقيقت تان ڪپڙا لاھي ڇڏيا. اسان مان گهڻا ان کي قبول نه ڪندا. ھا! جي چاھين ته ماڻڪ کي دل کولي گاريون ڏئي سگهن ٿا. (شوڪت شورو)

    ڪھڙين حالتن اوھان کي اگهاڙي سچ لکڻ تي مجبور ڪيو؟
    ننڍپڻ کان تجسس جي ھير، انساني لاڳاپن ۽ ناتن جي مشاھدي جي عادت، ڪتابن جي اڀياس ۽ سڌي سنواٽي مزاج، انھن سڀني گڏجي لکڻ لاءِ اتساھ پيدا ڪيو. (ماڻڪ جي آخري انٽرويو مان ڪوريل حصو)

    ماڻڪ نه، فقط پنھنجي سڀاوَ ۽ مزاج جي لحاظ کان ئي سڌو سنواٽو ھو، پر ھن جا ظاھري سروپا به نھايت سٻاجها ۽ سمپل ھئا. پنج فوٽ ڪجھه انچ قد، چھرو گول، اکيون وڏيون ۽ ڪارين ماڻڪين واريون، ڀرؤن، رُوسي ماڻھن جھڙا گهاٽا ۽ گھُنڍيدار: گهاٽيون ۽ گولائيءَ مائل بئلينسڊ مُڇون، آڱرين جي پٺين حصن ۽ ڇاتيءَ تي پشم جھڙا نرم نرم وار ( ۽ ھٿ ملائڻ وقت يا ڏسڻ سان ھٿن ۽ ڇاتي وارا اُھي سندس وار، ھميشه مون کي پريشان پيا ڪندا ھئا.) ھٿ تريون پيازي ۽ انتھائي ڪومل،ھٿ ملائبس ته، لڳندو ھٿ ڪنھن آرادم ده فوم ۾ ھليو ويو آھي. اِھا ئي نرمي ۽ ملائميت، ھُن جي آواز ۾ به ھئي ۽ مُرڪ ۾ به ! ( مان ھن وقت به، ھي سٽون لکندي، ڄڻ سندس آواز ڪنايان ويٺو.) ھُن جي ڀرسان ويھبو ته، لڳندو، اسين پيار ۾ سرشار ٿي، ھُن ۾ سمائبا پيا وڃون. سڀاوَ ۾ ايڏو اطمينان، ايڏو سُڪون، ايڏي اڪيلائي جو توھان ھُن جي ڀرمان لنگهي وڃو يا ھُو توھان جي ڀرسان، پتو اِن جو ٻنھي کي ڪونه پوندو.
    ھلڻ چلڻ نھايت شانائتو ۽ ايڏي شفقت مان جو، ڀائين ته، ھلندي متان ڌرتيءَ تي ٻوجھه وڌيڪ نه پئجي وڃي . . . ۽ مان سنڌ جي ھِن بنھه ارڏي، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار جي انھن بظاھر سروپن ۽ سڀاوَ کي ڏسي حيران ويٺو ٿيندو ۽ سوچيندو ھئس ته : اھڙي شخص وٽ اھي ارڏايون، ايڏيون بغاوتون، آھن آخري ڪھڙي ھنڌ موجود؟ ۽ عزيزو! ماڻڪ پنھنجي ھمعصرن ۾ محض ڪھاڻيڪار يا ليکڪ ته ھوئي ڪونه – ھو ته باغي ھو . . . باغي!
    ۽ ادب ۾ ماڻڪ جي پھرين بغاوت ڀريي اعلان جو سِرو ھو “حويلي جا راز” ( ۽ ماڻڪ اھا ڪھاڻي لکي ڄڻ ته سنڌ جي ڊھندڙ جاگيرداري نظام جي حويلين تي زبردست شيل ڦٽو ڪيو ھو. مون کي پڪ آھي ته : جڏھن اھو جاگيرداري نظام، مڪمل طرح سان ڊھي پوندو، تڏھن حويليءَ جا راز ڪھاڻيءَ کي تعليمي نصاب ۾ ضرور شامل ڪيو ويندو . ممتاز مھر) اُن کان پوءِ، ماڻڪ جو سماجي قدرن ۽ انساني لاڳاپن جي اصليت کي ڏيکاريندڙ ناولٽ، ”لڙھندڙ نسل” پڌرو ٿيو. ۽ لڙھندڙ نسل کان ادب ۾ ماڻڪ جي حوالي سان بنھه شخصي فرسٽريشن واري ادب، تخليق ٿيڻ کي به ڄڻ ھٿي ملي ويئي.
    ممتاز مھر چواڻي: ماڻڪ ون يونٽ جي ڊھڻ جي سُتت پوءِ واري دور جي سنڌي نوجوان جي ذھني ڪيفيت کي ھڪ حساس نوجوان جي حوالي سان پنھنجي ناولٽ ”لڙھندڙ نسل” ۾ چٽيو آھي . . . اُن کان پوءِ، ھڪ ٻئي پويان، ”ڇھه انام ڪھاڻيون” ناولٽ ”رڃ ۽ پڙاڏا” . . . ۽ ”ساھ مٺ ۾” تائين ماڻڪ جي ڪھاڻين، ناولٽن جا موضوع ۽ اسٽائيل انتھائي ڇرڪائيندڙ ( ۽ شايد چيڙائيندڙ به) رھيا. وڏي ۽ اھم ڳالھه ھي به ته: نورالھدى شاھ جي ڪجھه ڪھاڻين کي ڇڏي ڪري، اھڙن موضوعن کي نه کائنس اڳ ڪنھن ليکڪ اھڙي ريت ڇُھڻ جي جرئت ڪئي ھئي ۽ نه کانئس پوءِ. سنڌ ۾ پنھنجي ان ارڏي ۽ سگهه ڀري اسٽائيل جو – ھُو اڪيلو ۽ جھڙوڪر آخري ليکڪ ھو.
    ماڻڪ جيئن زندگيءَ کي سمجهيو ۽ محسوس ڪيو ھو، تيئن اُن کي پنھنجي تخليقن ۾ پيش ڪيو. سندن پيشڪش جو انداز ان حد توڻي حقيقي ھو جو، انھي ۾ سماجي حقيقتن ۽ بُڇڙاين جي عضون جا، انگ انگ ڌار ڌار ڪري، ڪاڳرن تي ڄڻ ھو ڍير ڪندو ويندو ھو. ٻولي به پنھنجي ڪھاڻين ۾ ھُو ڪا عام رواجي ۽ مروج انداز واري ڪونه لکندو ھو. حقيقتن کي چِٽڻ لاءِ، ھن ٻوليءَ جو نئون گھاڙيٽو اختيار ۽ ايجاد ڪيو ھو. ڊگهن ڊگهن ۽ بورنگ جملن جي ڀيٽ ۾، ھُن واپرايا، ننڍڙا ننڍڙا، پتڪڙا جملا، سِٽون مختصر – سٽن ۾ فل اسٽاپ. ڪاما ۽ سيمي ڪولن جو پورو پورو خيال. انھن ڳڻن تي عبور سبب ھُن وٽ لکڻ جي اھڙي سگهه ۽ ٽِرڪ ھئي جو، ڪھاڻين ۾ ھُو جنھن قسم جي ماحول کي ڏيکارڻ چاھيندو ھو Createڪري ڏيکاريندو ھو. ( مثال طور: “گئس چيمبر” ۽ “ڪارو ڪاري” ڪھاڻي. ناولٽ “پاتال ۾ بغاوت” “ساھ مٺ ۾” ۽ ٻيا به) ۽ خاص ڪري ماڻڪ جڏھن سنڌي يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ مون کي ”امداد چانڊئي” کان پنھنجي ناول ”ساھ مٺ ۾” جو اسڪرپٽ رِويو لاءِ وٺي ڏنو ھو . . . ۽ جڏھن گهر پھچي آڌيءَ رات جو ان کي مون پڙھڻ شروع ڪيو، تڏھن ويھن پنجويھن صفحن پڙھڻ کان پوءِ، اوچتو ناول جي ”نائڪ” جو ڀؤ، خوف، حيرتون ۽ اُڻ تڻ ڄڻ منھنجي رڳن ۾ سرايت ڪري ويون ھيون. لڳم؛ ”اُھو انقلابي پروفيسر مان آھيان، بغاوتن سان جنھن جو ذھن ٽمٽار آھي. اھو شخص مان ئي آھيان، جنھن کي آمريت جا گماشتا، “سي آئي ڊي” ۽ “ايف آئي اي” جا ڇاڙتا واگھه وانگر آدم بُو آدم بُو ڪندا ڳوليندا پيا وتن.
    ناول پڙھندي محسوس ٿيو، ڄڻ ڪوئي سامھون ڀت تان مون کي گھُوري پيو. ھوا جا آواز، در جو ٺڙڪو، پري کان ايندڙ ريل جي ڪُوڪ، گهٽيءَ مان لنگهڻ سبب ڪنھن جي پٻن جو کڙڪو ۽ ٻيا اھڙا ڊيڄاريندڙ ۽ پُراسرار آواز . . . پس منظر طور ناول پڙھندي مون کي ڊيڄاڙيندا رھيا ۽ مون محسوس ڪيو. ڄڻ ڪوئي منھنجي سُمھڻ جو پيو انتظار ڪري. جيئن ئي سمھان! آساني سان، منھنجي نڙي تي ھو پنھنجا نُنھن رکي سگهي. “ضياءَ آمريت” واري دؤر کي جيتري فل سگهه سان ھِن ناول ۾ ماڻڪ پيش ڪري ڏيکاريو، اُن جو ڪو ٻيو مثال سنڌي ادب ۾ اڃا ظاھر نه ٿيو آھي.
    “حويلي جا راز” “لڙھندڙ نسل” “رڃ پڙاڏا” ڇھه “انام ڪھاڻيون” “پڇتاءَ” “پاتال ۾بغاوت” . . . ۽ ادب ۾ماڻڪ لکيو بي پناھ ۽ ڳالھايو بنھه گهٽ (ڏسڻ ۾ بنھه سادو اٻوجھه، پر اصل ۾ ھِيڻو، اڳ ۾ گرم گرم بحث ڪندڙ پوءِ گهڻو ڪري خاموش رھندڙ (ماڻڪ لاءِ شوڪت شوري جو تاثر)
    “مون به ڏٺو ھو ته، سنگت جي سٽنگس ۾، ھُو ٻُڌندو وڌيڪ، ڪُڇندو گهٽ ھو. سندس لکت تي ڪنھن ڏس کان جي ڪا جُلھه ٿي ته، اُن تي به اموشنل نه ٿيندو. اظھار ڪرڻ چاھيندو ته اول جلول ڳالھائڻ بدران عادت مطابق پھرين اُن جو تت، جواب جي صورت ۾ پني تي لکندو ۽ پوءِ لکيل جواب پڙھي ٻڌائيندو. سندس ڌيان ڪو جي سندس لکڻين بابت اسان جي بزرگ دانشورن جي اعتراضن رمارڪس ڏانھن ڇڪائيندو ھو ته، Avoidڪندي چوندو ھو.ڇا انھن کي به جواب مان ڏيان؟ يار! مان لکڻ لاءِ پيدا ٿيو آھيان، وضاحتون ڪرڻ، ڳالھائڻ ۽ جواب ڏيڻ لاءِ نه!”
    واقعي ماڻڪ، قلم سان لکڻ ۽ سماجي وارتائن، ناانصافين سان يُڌ ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو ھو. زبان سان اَوائي توائي ڳالھائڻ، لفظن جي “جمع خرچ” لاءِ اطلاع عرض آھي ته . . . “ھا سو ڳالھه پئي ڪيم” ٽائپ لکندڙ ڪالم نگار ۽ شاعر ڪم صحافي ڪافي آھن!
    ۽ ڪئي سال (ڪئي ميل) ماڻڪ پنھنجي سوچن ۾ پنڌ ڪندي، پنھنجي قلم ۾ مَس بدران رتُ ڀري يُڌ ڪئي، سفر ڪيو، آخر ڪيستائين؟ ڪيستائين آخر؟ انت ته آھي ئي. ڪڏھن دير، ته ڪڏھن سوير. پر ماڻڪ جو رستو اڌ پنڌ ۾ ئي کُٽي پيو. زندگيءَ ۾ شخصي مسئلن ۽ ڪھاڻين ۾ وري سماجي مامرن جو سُٽ سُلجهائيندي سُلھائيندي، ھُن کان پنھنجي زندگيءَ جي ڌاڳي جو سِرو ڪٿي ڇڏائجي ويو.
    سوچيان پيو: ماڻڪ، ڪئي موقعن تي، ڪئي دفعا، سنڌ جي ڪئي قبرستانن جي ڀرسان ۽ نواب شاھ جي “نور مسجد” واري مقام وٽان به، اڪثر لنگهيو ھوندو. اُھوئي نور مسجد جو ايوان، جتي ماڻڪ کي ھڪڙي بيگاھ سَمئي جو، ڏوليءَ ۾ کڻي آندو ويو. لالٽينن جي مڌم ۽ جهيڻي جهيڻي روشني جي پُراسرار پاڇولن ۾، مِٽن مائٽن دوستن گڏجي ھُن کي قبر ۾ لاٿو ۽ ھوريان ھوريان مِٽي ورائي، دفن ڪري ڇڏيو. ( ۽ اک ڇنڀ ۾ ۾ سڀ دروازا بند) ۽ اچانڪ، سڄي دنيا جا مظلوم، محڪوم ۽ محروم پڙھندڙ، پنھنجي آدرشواري ليکڪ جي نرم گرم سارُوپن ۽ معصوم مُرڪندڙ چھري کان پل آپل ۾ محروم ٿي ويا.
    ۽ ٿرڊ ورلڊ جا محڪوم ماڻھو!
    ماڻڪ وڃي چڪو
    ماڻڪ ختم ٿي چڪو
    پر ڇا، ماڻڪ مري سگهي ٿو؟
    ڇا، ماڻڪ جھڙا ليکڪ مري سگهن ٿا؟
    ختم ٿي سگهن ٿا!؟
    لِسن پليز
    لِسن پليز
    ۽ . . . “گوئٽي جي چپن تي مرڻ وقت ھِي لفظ ھئا:
    روشني
    روشني
    او روشني . . .


    (01-12-1988 ڪتاب خيمي ۾ شام تان ورتل)


    پاتال ۾ بغاوت : سليم احمد

    پاتال ۾ بغاوت : سليم احمد

    ھن ڪتابڙي تي مھراڻ جي 2/78ع پرچي لاءِ تبصرو ڪرڻو ھوم پر موڪلي 3/78ع لاءِ رھيو آھيان. اوير نسوري منھنجي آھي – ڪجھه پڙھي پوري ڪرڻ ۾ ڏکيائي جي ڪري، ڪجھه سِيفيوس (ماڻڪ موجب؛ سسيفس) واري ڏند ڪٿا وري پڙھي ڏسڻ لاءِ يوناني ديومالا تي ڪنھن ڪتاب ھٿ ڪرڻ جي اڌوگابري ۽ ان ڪارڻ اڻ سڦل ڪوشش جي ڪري، ۽ ڪجھه ٺلھي سُستي جي ڪري. پڙھي پوري ڪرڻ ۾ ڏکيائي ان ڪري جو اولي، خاص ڪري مھاڳ ۾، اھڙي ڪم آندل آھي اُھي جو معنى مطلب پروڙڻ لاءِ ساھيون وٺڻيون ٿئي پيم. انھن ساھين ۾ عجيب قسم جي پنڪچوئيشن ۽ پروفن جي چُڪن جو به ھٿ ھو. يوناني ديومالا تي ڪتاب ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ان ڪري جو اھو ڄاڻڻ ٿي چاھيم ته آڳاٽي يونان جي ڪارنٿ نالي عياشيءَ ۽ لُچپڻي کان بدنام شھر جي ڏندڪٿائيءَ بانيءَ ۽ پھرين بادشاھي سِييسفوس، کي مھاديوتا، زبوس، جن لوڀ ۽ ٺڳيءَ جي ڪمن تان پاتال ۾ سنگ مرمر جي ڇِپَ ٻنھي ھٿن سان ڍڪي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پڄائڻ جي ڪڏھن به پوري نه ٿيندڙ سزا ( ڪڏھن به پوري نه ٿيندڙ ان ڪري جو ڇپ چوٽي تان ڦرندي اچي وري پٽ تي پوندي ھئي) ڏني ھئي، تن جي وچور ڇا ھئي. جي ماڻڪ پنھنجي 25 صفحن جي مھاڳ ۾ ڪٿي منڍ ۾ اصل ڏند ڪٿا به درج ڪري ھا ته ھوند مون پارن ويسرين ۽ گهٽ ڄاڻ تبصري ڪندڙن جو ڀلو ٿئي پئي ھا.
    ”پاتال ۾ بغاوت” جا ٻه ڀاڱا آھن. پھريون ڀاڱو ( س س 9 33)، “سسيفس جي ناڪار” ھڪ طرح جو مھاڳ آھي، جنھن ۾ ماڻڪ ھِن “دائمي ڦٽڪاريل ۽ ننديل” ڪردار بابت پنھنجيThesis ھيئن اپٽاري آھي: “سسيفس، ڪامؤ پاران مڙھيل وجود کان مٿانھون آھي. گهڻو مٿانھون. ڇاڪاڻ ته اھو اختيار جو ننديل آھي ۽ ڦٿڪاريل. سندس وڏائي انھيءَ ۾ آھي ته، ھو سدائين، ھر ويل، اختيار کي چوي ٿو : نه – جو ڪجھه مٿس مڙھيو ويو آھي، اختيار پاران، جنھن وٽ سگهه آھي، سسيفس ان کي ٿڏي ٿو. نابري واري ٿو. نه ۽ انھيءَ “نه” جي حد کي “پاڻ ھجڻ” جي اظھار جي سرحد شروع ٿئي ٿي. جنھن ۾ پنھنجي تقدير / چرپر جي چونڊ جو حق محفوظ رھي ٿو، چونڊ جو حق، جيڪو آزاديءَ جو تت آھي. تنھنڪري الائي فتوائن، مقدس احڪامن ۽ اختيارن جي سرن کي ٿڏڻ، سسيفس پنھنجي اخلاقي جوابداري سمجهي ٿو . . . سندس ناڪار . . . اختيار طرفان مڙھيل امر کي للڪار آھي. ھو اھو نٿو مڃي ته ڪو مٿانھون، يا ڪا مٿئين ھستي سندس باري ۾ فتوا مڙھي، فيصلو ڪري، نصيب جوڙي، ۽ نه ئي ھو انھيءَ حيثيت ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو، پاڻ مٿانھين مڙھيندڙ ھستي بڻجي، جيڪا ٻين جي مٿان فتوائون مڙھي ۽ نصيب ٿاڦي، سندس ناڪار ۽ پنھنجي ھستي جي ھانڪار لاءِ آھي . (ص ص 22،23 27): انھي ناڪار کي develop ڪندي، ماڻڪ پاڻ اختيار / سگهه جي ھر علامت جھڙوڪ خدا؛ مذھب نظريئي، رياست، اسٽبلشمنٽ، قاعدي قانون جو منڪر ٿئي ٿو ۽ انھن علامتن کي ھوڪارڻ / للڪارڻ / ٿڏڻ / ناڪارڻ ھيڻن / وھيڻن / خلق / عوام، خاص ڪري حساس ۽ ايماندار فنڪار جي، “اخلاقي جوابداري” ۽ “آدرش” ڄاڻائي ٿو. . . . . . . . . . . . ٻيو ڀاڱو، جو ص 37 کان 79 تائين آھي، تنھن ۾ اصل Story بيان ڪيل آھي. جاءِ واردات پاتال / موت – گهر ھاديس ( ماڻڪ موجب : ھيڊز) ۽ ديوتائن جي درٻار، اولمپوس آھي. ھاديس ۾ ديوتائن جي ٻين “ ڦٿڪاريل، دائمي سزا ڀوڳيندڙن” سان گڏ سيفوس به پنھنجي اڻ کٽ سزا جو عتاب ڀوڳي رھيو آھي ۽ اھو سلسلو جڳن کان ھلندو اچي ٿو. اصل قصي جي شروعات تڏھن ٿئي ٿي، جڏھن ”ھڪ لڱا اوچتو” سيفوس ڇِپَ کي ريڙھڻ بند ڪري، ان مٿان ويھي رھي ٿو، ۽ پھرين پاتال / موت – گهر جي واليءَ، ھاديس، جي ھڪل تي ۽ پوءِ مھاديوتا، زيوس، جي پيغمبر، ھيرمس (ماڻڪ موجب : ھرمز) جي چوڻ تي به پٿر ريڙھيءَ چوٽي تي پڄائڻ کان انڪار ڪري ٿو. تنھن تي کيس اولمپوس ڏانھن نيو وڃي ٿو، انھيءَ حڪم سان ته سندس سزا جو چڪر ايترو ته تِکو ڪيو وڃي، جو منجهس سوچ لاءِ ڪا وٿي نه بچي، سندس سونجھه جا سمورا ڳڙ کڙا بند ٿي وڃن، پر سندس پيڙا جي سرت ۽ بيوسي جي ڄاڻ جيئن جو تيئن رھي.
    سرورق تي جو ڪارڊ آھي، ھڪ ھيڻي/وھيڻي انسان جو چٽ آھي، جنھن جا ھٿ Larger than life آھن ۽ چوڌاري ڇانيل اوندھ جون ڪڙيون، سندس ھڪ ئي مڪ سان ڇيھون ڇيھون ٿي رھيون آھن.
    منھنجي ھڪ دوست، جو مڃيل ڪھاڻيڪار به آھي، منھنجي پڇڻ تي ماڻڪ کي indecent ليکڪ سڏيو ھو، ۽ indecentلِکڻي جو جيڪو مثال ڏنو ھئائين، تنھن مان ڄاتُو ھئم ته ماڻڪ ۾ اھو سڀ ڪجھه چئي ڏيڻ جو ساھس آھي، جيڪي ٻيا ھوند سوچيندي به ڪيٻائين. ”پاتال ۾ بغاوت” جي به اھائي striking خوبي آھي. ماڻڪ سوچ توڙي لکڻي ۾ سراسر unorthodoxآھي. ھن لاءِ ڪجھه به مقدس ۽ سڳورو اڇوت نه آھي – پر رڳو سنڌ جيmilieu تائين، ڇو ته شايد ئي ڪو اھڙو موضوع ھوندو، جنھن کي اولھه وارن کنيو ۽ وائکو نه ڪيو ھجي.
    ”سسيفس جي ناڪار” rationaleجي بدران ھڪ قسم جي جذباتي، منجهيل ۽ لفاظي سان پُر exposition ٿي پيو آھي. ان جي jerky ٻوليءَ ۽ ڇوھي لھجي مان ائين ٿو لڳي ڄڻ ماڻڪ جذباتي صدمي جي اثر ھيٺ، غضبناڪ ٿي ويو ھجي ۽ دماغ جي بدران دل سان سوچڻ لڳو ھجي. ھو انھيءَ غضبناڪيءَ جي ترار ٻنھي ھٿن ۾ کڻي چؤڦير گھمائيندو نظر اچي ٿو، پر سندس ڌڪ اٻھرا، اتاڇرا ۽ انڌا آھن، جي سندس سوچ جي anarchy کي وائکو ڪن ٿا. ۽ ”نه“ جي زور تي اختيار ۽ سگهه جو بُت ڀڃيندي ڀڃيندي ھو خود “نه” جو بُت گهڙي بيھاري ٿو. جنھن جي امر اڳيان پاڻ ماڻڪ به ھيڻو، بيوس ۽ لاچار آھي.
    “ سيفوس جي ناڪار” ۾ ماڻڪ پنھنجي سورمي مان ھي ٽئي آسون به رکي ٿو: (1)ته ھو ”پاڻ ھجڻ” جي اظھار لاءِ سدائين، ھر ويل اختيار کي چوندو ”نه” (2) ته ھو خود پنھنجي لاءِ اختيار ۽ سگهه جي ڪالگ / گهر / جاکوڙ نه ڪندو، (3) ته ھو منھنجي ناڪار سان جتي وھيڻي خلق جي احساس جرم کي جاڳائيندو، اتي اختيار جي احساس جُرم کي ڌونڌاڙيندو. پر ڪھاڻي ۾، جا دراصل storyکان وڌيڪ dialogue بلڪه monologueآھي، سيفوس رڳو پھرين آس پوري ٿو ڪري، باقي ٻيون به آسون پوريون نٿيون ٿين.
    پھرين موت گهر ۾ ھيرسيس اڳيان ( ص ص 55 56) ۽ پوءِ ديوتا – درٻار ۾ زيوس جي اڳيان (ص ص 71 75) ھو پاڻ تي ھھڙي ”ڀوائتي سزا” ۽ سکڻي، بيھودي، مشغوليءَ، مڙھجڻ جو ڪارڻ ھيڻو، نِستو ۽ بيوس ۽ ديوتائن منجهان نه ھجڻ ٻڌائي ٿو، ۽ سگهه ۽ اختيار جي باب ۾ جنھن passionate نموني ۾ ڳالھائي ٿو، تنھن مان ڀاسي ٿو ته اڻڄاڻائيءَ ۾ سگهه ۽ اختيار جو ڪالکي آھي. ھن جو ڄاڻائيءَ ۾ اھا ڪالک رکڻ وڌيڪ سڀاويڪ ٿئي ھا، پر ھو “مھان ۽ اتم” آھي، ۽ شايد سڀاويڪ ٿيڻ ۾ ڪا وڏائي ۽ اَتمتا نه آھي.
    سيفوس جي بغاوت تي ڪتاب ھيٺ آيل روحن طرفان جيڪي ردعمل (ڇرڪ ڀري ڪنبڻ، اچرج ڀريل نگاھن سان ڏسڻ، ھاريس جي مرڪ تي ڇرڪجڻ وغيره) ۽ ھاريس، ھيرميس۽ زيوس طرفان جيڪي ردعمل (نرڙ گھنجائڻ، اکيون چنجھيون ڪرڻ، منھن جو ٽامڻي ٿئي ڀوائتو ٿيڻ، آواز ۾ ڪروڌ ۽ غضب جي باھ اوتي سيفوس کي ھيسائڻ، مڃائڻ، ڊيڄارڻ ۽ مرعوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ وغيره) ظاھر ڪيا وڃن ٿا، تن مان ڪٿي به اھو محسوس نٿو ٿئي ته ڪو وھيڻي خلق جو احساس جرم جاڳي يا اختيار جو احساس جرم ڌونڌاڙجي رھيو آھي. ۽ انھن رد عملن کان “سرت ڀري ۽ سڄاڻ” سيفوس جي بيپرواھي ڏيکاري ٿي ته ھو پنھنجي ذات جو اسير آھي، کيس ٻاھر وارن/ ٻين سان دلچسپي ڪانھي.
    ذات جي اھا اسيري ھن ڪردار جي طاقت به آھي ته ڪمزوري به، طاقت ان ڪري جو ھو نتيجي کان لاپرواھ ٿي سرڪشي ڪري ٿو ۽ جيڪي سچ سمجهي ٿو، سو چئي ڏي ٿو. ڪمزوري ان ڪري جو ھن جي سرڪشي ۽ حق گوئي خال(Vacuum) ۾ ۽ خال لاءِ آھي. ۽ جڏھن ھو سوچ ۽ سونجھه ڦُرائي ۽ پيڙا جي سرت وڌرائي موٽي ٿو، تڏھن ڪا آس اميد نٿي رھي،نه ھن لاءِ، نه ٻين لاءِ، جو پاتال ۾ ٻائيتال جي بدران گهرو سناٽو آھي؛ چوڌاري موت جا پاڇولا رڙھي رھيا آھن. ھي نراس پڄاڻيءَ ھن ڪردار کي سکڻي ڪُنيءَ وانگر گهڻو اُڀامندڙ، چرياڻ (foolhardy) ۽ پاڻ آزارائيندڙ بڻايو ڇڏي. اھا ھن سان نه پر ھن جي ڏاڍائي، اُرھ زورائي ۽ ھٿ چراند آھي، جو ھو انھن تھمتن جو، جن تان سزا ڏني وئي ھئي، ڪوڙ وائکو نٿو ڪري؛ بجاءِ ان جي سزا ڏيندڙ اختياري کي indictڪري ٿو، ۽ جنھن passionate ٻولي ۾ لھجي ۾ ھو پنھنجي ماضي ۽ پنھنجي پيڙا بابت ور ور ڪري ڳالھائي ٿو، تنھن مان ھو ايترو سڄاڻ سوچ وارو نٿو لڳي، جيترو brooder.
    ماڻڪ جي ٻولي ھونئن ته شاعراڻي سونھن واري آھي، پر ڪٿي ڪٿيjerky به آھي، جنھن سبب پڙھندڙ کي پنھنجي گرامر جي قاعدن جي پوئيواري ڪندڙ ٻولي سان ھير ڀڃڻي پوي ٿي. امداد جو چوڻ آھي ته ماڻڪ ۽ نئين ٽھيءَ جا ڪجھه ٻيا ليکڪ ٻوليءَ ۾ تجربا ڪري رھيا آھن. ڪا به ٻولي انھيءَ ٻوليءَ جي سڀني ڳالھائيندڙن جي مُوڙي ۽ ملڪيت ھوندي آھي، ڇو ته اھي ئي ان جا سرجيندڙ، سنواريندڙ ھوندا آھن. سنڌي تي ماڻڪ جو به ايترو ئي حق آھي، جيترو منھنجو، جي ھو ٻوليءَ ۾ ڪي تجربا ڪرڻ گهري ٿو ۽ ڪندو رھي ٿو ته اکين تي. مون، ھڪ پڙھندڙ ۽ سنڌي جي وارث جي حيثيت ۾، ايترو ته لھڻو ته مون کي ٻڌايو وڃي ته نيٺ به ھن انھن تجربن جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي آھي؟
    پڇاڙي ۾ ڪجھه ”پاتال ۾ بغاوت“ جيrelevance بابت، سوچ ھي لوچ سدائين آجيان لھڻي. ھر نئون ويچار سوچ جي موڙيءَ کي وڌيڪ شاھوڪار ۽ سگهارو ڪري ٿو. پر جي اھو ويچارmilieu پٽاندڙ ۽ چالوcontext ۾ ھوندو ته وڌيڪ اثر ڪندو، وڌيڪ آجيان ماڻيندو. سنڌ جي واسطي سان ”پاتال ۾ بغاوت“ جي ڪھڙي relevance آھي، سا مونکي سمجھه ۾ نه آئي آھي. ڇپائيندڙن کي به سمجھه ۾ نه آئي ھوندي، شايد ان ڪري ئي ھنن پرنٽ آرڊر 500 رکيو آھي.



    (ٽماھي مھراڻ : 1978/4)


    ڄميل وقت جون گرم يادون : نثار حسيني

    ڄميل وقت جون گرم يادون : نثار حسيني

    اڄ 26 جنوري آئي ھا! 26 جنوري ساڳي 26 جنوري، سرد، پاري جيان ڄميل! سنڌ ساھت جي سنسار ۾ ڪوئي سڏڪو اڀري ٿو. لڳي ٿو کير ٿر جي ڪنھن اٿاھين چوٽيءَ تان ڪا برفاني ڇِپ کسڪي ڦسڪي اچي ھيٺائين تي ڪري آھي. ڪا ڳالھه سمجھه ۾ نٿي اچي ڇا ٿيو؟ ڇو ٿيو؟ ڪيئن ٿيو؟ اڃا ته چار پنج ڏھاڙا اڳ ساڻس روح رچنديون ڪيون ھيم. ھو مون وٽ آيو ھو ۽ چئي ويو ھو ته وري جلد ايندس، پر ھو نه آيو سندس مرتئي جو خبرنامو آيو . . . وقت ڄمي ويو آھي! وقت ٺري ويو آھي. وقت مري ويو آھي. ماڻڪ نه مئو آھي. ماڻڪ نه مئو آھي.
    ماڻڪ سنڌي ادب جو بي ڊپو، سگهارو ۽ خود سر ليکڪ، ھن کان 21 سال اڳ اڄوڪي ڏھاڙي يعني 26 جنوري 1982ع تي جسماني طرح اسان سڀني کي حالتن جي ٽواٽي تي ڇڏي، پاڻ اچانڪ، ڪمدلو سٽاڻي سفر تي سنبري پيو. ڄڻ ٽاڪ منجهند جو سج الھي ويو. ٻڏي ويو سنڌوءَ جي ھن پار ڪنھن پاتال ۾. اھا ھڪ حقيقت آھي پر مان نه مڃيندو آھيان. مان ماڻڪ جي مرتئي جي حقيقت تي ويساھ نه آڻي سگهيو آھيان، مان پنھنجي من کي سمجھائي نه سگهيو آھيان، ان لاءِ ته ڪي ڪي حقيقتون، حقيقتن ھوندي به سپنن جو ويس ڌاري اينديون آھن ته ڪي سچ ۽ ساڀيائون سچ ھوندي به خواب ڀاسنديون آھن. ماڻڪ ناھي مئو. ماڻڪ ناھي مئو.
    ماڻڪ پنھنجي لکڻين جي روپ ۾ حقيقت پسند ڪڙو، اگرو ۽ اگهاڙو سچ لکندڙ موٽ ۾ ٿلھيون متاريون گاريون کائيندڙ ليکڪ ھو. ڪالھه، اڄ ۽ سڀاڻ به اسان وٽ ھو. آھي ۽ موجود رھندو. حويلي جا راز، لڙھندڙ نسل، رڃ ۽ پڙاڏا، پاتال ۾ بغاوت، ساھ مٺ ۾، ڇھه انام ڪھاڻيون، سنڌ جا سپوت، ڪلاچيءَ جي ڪن ۾، مائي بختاور ۽ زندگي ھڪ ڪُن. ماڻڪ جا اھي ناول، ڪھاڻيون۽ ناٽڪ سنڌي اتھاس جا املھه ۽ اڻمٽ اثاثا آھن ۽ سنڌي ساھت جي جديد ۽ ترقي پسند تحريڪ جو بنياد.

    ماڻڪ ھڪ ليکڪ: ساري سھيوڳي سٿ ۾ تمام گهڻو ڪانٽروورشل / اختلافي، مايوسي ۽ ايئمرڊٽي جي ڦھلاء جو مٿس مکيه الزام ، ھن مايوسي ۽ ايئمرڊٽي کي فيشن طور ڪڏھن به پنھنجي لکڻين ۾ نه ٽنبيو پر ھن ان کي پنھنجي حقيقت پسندي، مشاھدي ۽ اڀياس جي آڌار تي ڪمال تي پھچايو.
    ماڻڪ ماڻھوءَ جي سطح تي گنڀير، اٻوجھه ۽ ابھم اھڙو جھڙو ٻار، وقت ۽ حالتن جي تبديلين سندس سڀاءٌ ۽ طبيعت تي ڪوبه ڦيرو ڪونه آندو. اھائي معصوميت، اھائي خوداعتمادي مان گنڀيرتا! ڇو ته ھو ڪڏھن به پاڻ کي زمان ۽ مڪان جي پابندين جو غلام بڻائي نه سگهيو. ڪنول ٽڙيو ھو پر زماني جو ڪوسو واءُ کيس ڪومائي نه سگهيو. اھائي مرڪ، اھائي مھڪ سندس مک تي، اھوئي پنھنجي سڄڻن ۽ ساٿين لاءِ سنڌوءَ جيڏو اڻميو پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ سنيھه.
    ماڻڪ ويچارن جي آنھري آڏو: پاڻ پسي ٿو، پاڻ ڪڇي ٿو:
    مان ماڻڪ، منير احمد مان ماڻڪ ڪيئن ٿيس؟ ان جو سبب ھن مھل ٻڌائي نٿو سگهان.
    ”منھنجي لکڻين جي موٽ ۾ جيڪڏھن ڪو پڙھندڙ /سھيوگي ڪلاڪار ڪا ٿلھي متاري گار ڏئي ڪڍي ته به، مان رڳو مرڪندس ڇو ته اھو سندن حق مڃان ٿو.”
    ”ادب ۾ فرسٽريشن جو جائز يا ناجائز ھجڻ منھنجي آڏو ڪائي اھميت نٿو رکي، ۽ ڪن پابندين يا ٻين سبب ڪري زندگي ۾ فرسٽريشن آھي ته، ان جو اظھار ادب ۾ اوس ٿيندو، اھو ھڪ تاريخي نڀاءُ آھي.”
    ”منھنجي نظر ۾ اديب به ھڪ انسان آھي. انسان جو پيچده سماجي ناتن ۾ قول ۽ فعل ۾ تضاد، منطقي آھي ۽ اديب به ان کان پاڻ کي ڌار رکي نٿو سگهي، پر جيڪڏھن اھو تضاد قومي تحريڪ ناتي سان آھي ته پوءِ اھو فرق موقعي پرستي، ڪيرئيرازم، خود غرضي ۽ ذاتي مفاد کي، قومي مفاد مٿان رکڻ آھي. ھا ڪائنر پڻو به ان جو ڪارڻ آھي. ”
    ”مان ليکڪ، ڪنھن کان به متاثر ناھيان، پر ليکڪن جي تخليق ۽ لکڻين مان متاثر آھيان.”
    ”منھنجي ڪنھن سان ڪا به شڪايت ڪانھي البت ديس دروھين ۽ انسان دشمنن کان نفرت اٿم سخت.”
    ”منھنجي زندگي کي جلا بخشيندڙ سپنو؛ انساني آزادي : سوچ جي، اظھار جي عمل جي، ديس جي ڌرتي تي وسندڙ اٻوجھه انسانن جي مھاجي، اقتصادي تحفظ ۽ سلامتي جي. “ منھنجي سونھن جو تصور: پورھيت جي پگهر جي ڌپ، ميرن ۽ ٿڳڙون ٿيل ڪپڙن وارو وجود”
    ”انساني زندگي کي ڪنھن به ٺپي ھيٺ: نظرياتي يا عقيدن، اصولن پٽاندڙ قيد ڪرڻ خلاف لڳاتار سرگرمي، جسماني توڙي ذھني جاکوڙ سان منھنجي پسند جو خيالي اسڪيچ ٺھي ٿو.”
    ”زندگي! اھا زندگي منھنجي نظر ۾ ھر قسم جي پابندين کان آزاد ذهني جسماني چرپر سميت.....”

    ”مان وٽ ديس واسين لاءِ ڪوبه سنيھو ڪونھي ھا پر ڪجھه سوال، سوچ لاءِ رکان ٿو:
    اسان جي قومي وجود جو، پنھنجي قومي سڃاڻپ جي ناتي سان جو ڪجھه ٿي رھيو آھي، ان بابت ڪڏھن سوچيو اٿو؟
    جيڪڏھن سوچيو اٿو يا سوچيو ٿا ته : ته جذباتي ٿي، پر ان جي بچاءَ لاءِ ڪي تدبيرون ۽ گڏيل عمل؟
    سڀاڻي اسين پنھنجي اصلي، قومي حيثيت مان تاريخ جي وھڪ ۾ باقي رھنداسين؟
    اسان جا دشمن ڪير آھن؟ دوست ڪير؟
    قومن جي زوال جي تاريخن ۽ خود پنھنجي تاريخ جي اڀياس مان ڪڍيل نتيجا ۽ جياپي جون راھون؟
    جياپي جو ساس آھي يا نه؟
    ”ڪا آس، ڪا اميد سندم ھن ۾، ھا . . . ٻه واٽي تي بيٺل مان : يا ته : باغي ٿي اڀران!
    يا ته: جڏھن صبح جو سج اڀري ته، منھنجو مئل، اڻ ساھو وجود کٽ تي پيل ھجي / جنھن ايڪسيڊنٽ ۾ ختم ٿي وڃان ! ! !
    آس ۽ اميد جي ٻه واٽي تي بيٺل ھي مھان ليکڪ ڪھڙي واٽ ٿو وٺي:
    يا ته: باغي ٿي اڀران
    يا ته: يا ته: ۽ ھا 26 جنوري 1982ع واري صبح جو جڏھن سج اڀريو ته ھن ڄڻ پنھنجي آس جي ڪونيل ۽ ڪنوارين ڀاؤنائن کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو، سندس مئل ۽ اڻ ساھو وجود کٽ تي پيل ھو!
    او ماڻڪ، منھنجا مٺا دوست! جيون جي واٽ ۾ رڪاوٽون ته اچن ٿيون، ان ڪري ئي سفر سٽاڻو ۽ مارڳ منجهيل ھجي ٿو . . . مارڳ جي ماڻ تائين ويڇا وڌي وڻ ٿي وڃن ٿا ۽ ھا اھي رڪاوٽون ڪٿي ڪٿي انھن قافلن کي روڪيو ڇڏين پر ماڻھوءَ جو ھي من ۽ منورتي سچ ته ڏاڍيون عجيب شيون آھن. سورن جي سانچي ۾ گهڙي سڙجي، ڏکن ۽ ڏولاون جي واٽن تي وڍجي ڪٽجي، اھو روڙو ۽ پٿر گهڙجي، ڇلجي اھڙو ته لسو ۽ سھڻو پٿر بنجيو پوي جو جيون جي يادن جي شوڪيس جو شوپيس ٿيو پئي. ماٺ ٿيو پوي!
    ماڻڪ! ڪيترو نه ڪڙو سچ آھي اھو!؟ جو وقت گذرڻ سان تنھنجي اھڙي نموني اسھڻ جو المناڪ ايڪسيڊنٽ ھاڻي منھنجي ذھن جي يادگيرين جي شوڪيس جي ھڪ حسين ۽ املھه ڪليڪشن بنجي پئي آھي!
    پر رڳو يادون ئي ته جيون ناھي؟ بسنتي رت ۾ ھو ڏس نوان گونچ ڦُٽندا آھن پر سياري جا سُڪي ۽ وڇڙي ويل پن واپس نه ورندا آھن. سڌو خال ته بھرحال رھندو آھي، ڀلي ڪوئي به ان کي ڀرڻ جا ھزار حيلا ڪري!
    ڄميل وقت جون ھي گرم يادون تيستائين من مارڳ تي مچ مچائينديون رھنديون جيستائين سنڌ جو اتھاس باقي آھي جيستائين ان ۾ ماڻڪ جون لکڻيون وٽين وانگيان جرڪنديون ۽ چمڪنديون رھنديون . . .
    اڄ 26 جنوري آھي. ھا! ساڳي 26 جنوري، سرد پاري جيان ڄميل! سنڌي ساھت جي سنسڪار ۾ ڪوئي سڏڪو اڀري ٿو، لڳي ٿو کيرٿر جي ڪنھن اتاھين چوٽيءَ تان ڪا برفاني ڇڀ کسڪي، کسڪي اچي ھيٺائين تي ڪري رھي آھي . . . ڪا ڳالھه سمجھه ۾ نٿي اچي! ڇا ٿيو؟ ڇو ٿيو؟ ڪيئن ٿيو؟ وقت ڄمي ويو آھي، وقت ٺري ويو آھي! وقت مري ويو آھي. ماڻڪ نه مئو آھي. ماڻڪ نه مئو آھي. ماڻڪ جيئرو آھي. ماڻڪ جيئرو آھي.



    (روزانه عوامي آواز، خاص اشاعت 6 جنوري 2003ع)


    پھرين ملاقات کان آخري ملاقات تائين : مير ٿيٻو

    پھرين ملاقات کان آخري ملاقات تائين : مير ٿيٻو

    ماڻڪ سان منھنجي پھرين ملاقات 1967ع ۾ ٿي، ان وقت سندس نالو منير احمد ھو. بنگلاديش ۾ فوجي آپريشن جي ڏھڪاءَ واري دور ۾، ھن پنھنجو نالو بدلائي ماڻڪ رکيو. انکان پوءِ سندس جيڪي به تخليقون ۽ مواد ڇپيو آھي، اُھو ماڻڪ جي نالي سان ئي ڇپيو آھي، پر اڪثر ڪري کيس دوست منير جي نالي سان ئي مخاطب ٿيندا ھئا. پراڻا دوست ته اڄ به کيس منير جي نالي سان ياد ڪندا آھن، پر نئين ٽھي کيس ماڻڪ جي نالي سان سڃاڻيندي آھي. ماڻڪ جي باري ۾ ڪافي تفصيل سان لکندس، ڇو ته ماڻڪ کي جيڪي نٿا سڃاڻن سي کيس سڃاڻڻ ٿا گهرن ۽ خاص ڪري نوجوانن ۾ماڻڪ بابت ڪافي اتساھ آھي ۽ اھي اڪثر ڪري مون کان ماڻڪ منھنجو دوست ھئڻ ڪري پڇندا آھن. اھو به ٿي سگهي ٿو ته نوجوان حالتن جي دٻاءَ ۾ اچي، بي مقصديت(Meaning lessness) جو شڪار بڻجي، پنھنجي منجهيل(Absurd) وجود کي ماڻڪ جي لکڻين ۾ ڳوليندا ھجن ته من ڪا کين فراريت جي راھ ملي وڃي پر اھو ياد رکڻ کپي ته ماڻڪ ڪڏھن به پنھنجي عملي زندگي ۾ فرار حاصل نه ڪيو سواءِ موت جي.
    اچون ڏسون ته ماڻڪ ڪيئن ھو.
    1967ع ۾ جڏھن مان حيدرآباد ۾ شاگرد برادري ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي سياست ڪندو ھئس ته ھڪ ڏينھن مونکي ڄام ساقي ٻڌايو ته ھڪ ڪامريڊ منير سنڌيءَ نالي نوابشاھ کان ھتي اچي رھيو آھي. مون سوچيو ته ھي ڪھڙي قسم جو ڪامريڊ آھي؟ اسين ته (بين الاقواميت پسند) (Internationalist)آھيون، ھن پنھنجي نالي پٺيان تخلص سنڌي ڇو لڳايو آھي؟ پوءِ خبر پئي ته اديب به آھي. سو ظاھر آھي، ته ڪجھه تصوريت (Idealism)جو به شڪار ھوندو مون کي اھا به سُڌ ھئي ته ھو . . . مارڪسوادين سان گڏ ڪم ڪندڙ اڪثر اديب ڪنھن موڙ تي اچي ڪنھن مسئلي تي ڪميونسٽن سان جهيڙو ڪري ويھندا آھن، پر پوءِ به مان منجهي پيس ته فيشن طور پاڻ کي سنڌي سڏائڻ مان فائدو! بعد ۾ ھڪ دفعي منھنجي پُڇڻ تي پاڻ ٻڌايائين ته : ”مان پنھنجي نالي پٺيان سنڌي نه لکندو آھيان، پر ھڪ پبلشر دوست پنھنجي طرفان سنڌي لکي ڇڏيو ھو.” اھا به حقيقت آھي ته ان وقت دؤر به اھڙو ھئو جو حڪومت جي پاليسي تحت، سنڌي اخبارون به سنڌ کي ”سابق سنڌ“ ڪري لکنديون ھيون، تنھن ڪري ڪافي اديب شاعر ان دؤر ۾ ردعمل ۾ اچي پنھنجي نالي پٺيان سنڌي لکندا ھئا.
    ڄام جي ٻڌائڻ کان پوءِ مونکي ھڪ قسم جو انتظار ۽ شوق ٿي پيو ته، منير حيدرآباد اچي ته ڪچھري ڪيون. سو نيٺ ھڪ ڏينھن منير سان گرونگر ھاسٽل ۾ ملاقات ٿي وئي. ان ھاسٽل ۾ اڪثريت انھن استادن جي ھئي جيڪي B.Ed ۽ M.Edلاءِ آيل ھئا. تن ڏينھن ۾ يوسف لغاري (ھاڻي سنڌ ڊيموڪريٽڪ گروپ جو اڳواڻ) به اتي ئي رھندو ھو. منير ۽ يوسف ھڪ ٻئي کي ”ماما“ ڪري سڏيندا ھئا، يوسف لغاري پيار مان سڀ ڪنھن کي ماما ڪري سڏيندو ھو. ھاسٽل ۾ منير ھڪ ھال نما ڪمري ۾ ٻين ماسترن سان گڏ رھندو ھُئو، جتي ھو B.Ed جي تيارين لاءِ آيل ھو. مون کي چڱي طرح ياد آھي ته پھرين ملاقات ۾ ھو مونکي عام ڪامريڊن وانگر نه لڳو، کيس تمام صاف سٿرا ۽ ڍنگ جا ڪپڙا پھريل ھئا، نه رڳو ايترو پر ھو ھڪ نرم مزاج ۽ خوبصورت نوجوان ھئو – چھري تي تمام گهڻي معصوميت ھجڻ سان گڏوگڏ ڳالھائڻ ۾ ڏاڍو مٺو انسان ھُئو، ان وقت ٿيل ملاقات ۾ اسان شاگرد تحريڪ ۽ پارٽي جي صورتحال تي ٿورو ڳالھايوسين، ھُن ڳالھه کي مختصر ۽ چٽي (Specific) انداز ۾ پئي رکيو ڇاڪاڻ ته ھو اجائي پٽاڙ جي خلاف ھوندو ھئو.
    بحث ۾ اھو واضع ٿيو ته منير قومي مسئلي تي پارٽي سان اختلاف پئي رکيا، ھو ٻين ڪامريڊن وانگر انتھاپسند نه ھُئو ۽ نه ئي وڏيون ڳالھيون ڪندو ھئو، نه رڳو ايترو پر ”انقلاب اسان ئي آڻينداسين“ واري ڳالھه تي به ڀروسو گهٽ ھئس. ھن ۾ ھڪ خوبي ھئي ته پارٽي جو ڪم جيترو به کڻندو ھئو، ان تي عمل ضرور ڪندو ھئو، ۽ جيڪو ڪم نه ڪري سگهندو ھئو ته ميٽنگ ۾ ئي انڪار ڪندو ھئو ته مان ھي ڪم ڪونه ڪري سگهندس. منير پارٽين جي اندر آمراڻي رويي ۽ سوچ جي سخت مخالف ھُئو، ايتريقدر جو سي پي (Communist Party) جو ميمبر ھوندي به مخالفن ڏانھن رويو ٿڌو ھوندو ھيس، بحث دوران مخالف جي ڪابه ڳالھه وزندار ھوندي ھئي اھا قبول ڪندو ھئو، بھرحال منير مونکي پھرين ويھڪ ۾ ئي ڏاڍو وڻيو، جيتوڻيڪ منير ۽ منھنجي طبيعت ۾ گهڻو فرق ھئو. مان بنيادي طرح چست ۽ زندگيءَ ڏانھن منھنجو رويو غير سنجيده ھُئو، پر مُنير سست ۽ زندگي وڃائڻ جو قائل نه ھئو ڏاڍي ڪوشش ڪندو ھُئو ته زندگي جيئن ته ھڪ قيمتي موڙي آھي ان کي اجايو نه وڃائجي. منير مھم جوئيAdventure ڪڏھن به نه ڪندو ھُئو! ڇاڪاڻ جو کيس پتو ھئو ته متان جيڪو ڪجھه آھي اھو وڃائجي نه وڃي، جي ائين ٿيو ته پوءِ ڇا ڪبو؟ اندر ۾ ته تمام گهڻو گوڙ پر ٻاھران بلڪل ٺيڪ ٺاڪ غصو بلڪل به نه ايندو ھئس پر جي آيس ته پوءِ الله پناھ ڏئي. ڳالھائڻ ۽ برتاءَ ۾ سلڇلڻو ( اندر ۾ مھذب ھُئو) . . . منھنجي عادت ھئي ۽ آھي ته جنھن سان گهاٽي سنگت رکبي ته ان سان گارين جو رستو رکبو، پوءِ مجبور ٿي منير به مونکي گاريون ڏيندو ھئو (پر ٻين دوستن کي ڪڏھن به گاريون نه ڏيندو ھئو) دوستيءَ جو تمام سٺو پر دوست لاءِ ڊپ جي ڪري خطرو (Risk) نه کڻبو . . . خير ايئن ئي آھستي آھستي اسان جي دوستي گهاٽي ٿيندي ويئي.
    مارچ 1967ع کان پوءِ قومي تحريڪ جو منير تي گھرو اثر پيو. پارٽي ۾ ھوندي به ھڪ ڪھاڻي، ”نانگ“ جي نالي سان لکيائين، جنھن ۾ ھڪ ڳوٺاڻو سنڌي شھر ۾ اچي ٿو ۽ ٻاھران آيل ماڻھو پنھنجي ڌرتي ڳوٺاڻي جي بي عزتي ٿا ڪن. ان جي جواب ۾ پارٽي جي دوست قاسم پٿر ڪھاڻي ”پڳ جي لڄ“ لکي ته، ڪيئن ھڪ سنڌي ھاري بي وسيءَ ۾ سنڌي وڏيري سنڌي صوبيدار کان موچڙا جهلي ٿو. منير نه رڳو ڪھاڻي نانگ جي حوالي سان پر اڪثر ڪري پارٽي جي ڪجھه دوستن طرفان ٿيندڙ تنقيد جي باوجود، ادب جي ميدان ۾ قومي سجاڳي جي تحريڪ ۾ حصو وٺندو رھيو. ون يونٽ جي خلاف ادبي مواد ڇپڻ – ٻوليءَ جي حقن ۾ اديبن طرفان آواز اٿارڻ جيئن ”روح رھاڻ ۾“ ”سنڌي شام” پروگرامن ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ان وقت سنڌي ادبي سنگت جي تحريڪن ۾ ڀرڀور حصو وٺندو ھئو ۽ ان جو عھديدار به ھو.
    منير اخلاقيات (Morality) ۾ يقين رکندڙ شخص ھو ۽ سنڌ جي نئين فڪر رکندڙ ٻين ماڻھن وانگر جديد قدرن (modern values) کي اختيار ڪندي، سنڌ جي جاگيردار اخلاقيات جي آڏو بي وس ھئو. اڳتي ھلي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جڏھن شاگرد تحريڪ تيز ٿي، ۽ شاگردن ۾ قومي سجاڳي آئي، ته ھن ھڪڙو ڊرامو ”سنڌڙيءَ جا سپوت” لکيو، جيڪو ننڍڙي چوپڙيءَ جي صورت ۾ ڇپرائي شاگردن ۾ ورھايو ويو. ڊرامي ۾ قومي جاڳرتا کان سواءِ سيڪيولرازم به موجود ھئي. ياد رھي ته ان وقت ۾ سيڪيولر خيال رکڻ وڏو عيب ھئو. مون کي چڱي طرح ياد آھي ته جڏھن ٽنڊو ڄام زرعي ڪاليج (اڃان يونيورسٽي نه ٺھي ھئي) آمريڪا مخالف ڪارڊ ورھائڻ ويو ھئم، ته ڪاليج جي پرنسپال مونکي گرفتار ڪرايو ھئو، جنھن تي شاگرد سخت ناراض ٿيا، انھي سلسلي ۾ پرنسپال شاگردن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ جنرل باڊي ڪوٺرائي ۽ منير جي ڊرامي ”سنڌڙي جي سپوت” مان ھي جملو پڙھي ٻڌايائين جنھن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو ھڪ شاگرد ٻئي شاگرد کي ڪلاس ۾ بائيڪاٽ ڪرائيندي چوي ٿو ته: ”اسلاميات جي پيرڊ ۾ ڇا پڙھي ڪندين، مذھب ۾ ڇا رکيو آھي؟” مٿيون جملو پڙھي شاگردن کي چيائين ته: ”ڏسو ھي ھي ريت ڦھلائڻ آيو آھي.” ان دؤر ۾ منير ڪميونسٽن ۽ قومپرست جي جهيڙي ۾ فيصلو نه ڪري سگهندو ھئو ته ڪير صحيح آھي، پر ھڪ اڀرندڙ سنڌي اديب جي ناتي سان مون ھن کي ڪڏھن به قومي جذبي کان خالي نه ڏٺو. سچ پچ ته مارڪسزم کي قبول ڪندي منير عقيدي پرست بلڪل به نه ھئو. انڪري قومپرست اديب پڻ منير کان نفرت نه ڪندا ھئا. پر تڏھن به ڪڏھن ڪڏھن قومپرست اديبن سان بحث ڪندي گھماگھمي ٿي ويندي ھئي. ھڪ واقعو مون کي چڱي طرح ياد آھي ته منير ۽ مان سنڌي اديبن ۾ پارٽي سيل ٺاھڻ لاءِ شوڪت شوري ۽ ارباب کھاوڙ (ارباب ان وقت ڪٽر قومپرست ھئو) اسان گڏجي ھڪ اسٽڊي سرڪل ٺاھيوسين ان پروگرام تحت منير جي جاءِ تي (منير ان وقت ٽنڊو آغا ۾ رھندو ھئو ) پڙھڻ لاءِ ميٽنگ ڪوٺائي سين.
    انھي سلسلي ۾ جڏھن لينن جو قومي مسئلي تي لکيل ڪتابThe Critical Remarks on National Question پڙھڻ جي دوران ڪتاب جي انھي حصي تي پھتاسين جنھن ۾ لينن مظلوم قومن جي تنگ نظر قومپرستي کي ننديو ويو آھي ته، شوڪت شورو ۽ ارباب کھاوڙ سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويا، ۽ چيائون ته لينن ڇاڪاڻ ته پاڻ ظالم روسي قوم مان ھئو، تنھن ڪري ھن ننڍين قومن جي قومپرستي کي ننديو آھي. انھيءَ موقعي تي آئون ۽ منير لينن جو دفاع ڪرڻ لڳاسين ته لينن صحيح معنى ۾ “Internationalist”ھئو، پر مٿيان ٻيئي دوست ايترو ته ڪاوڙجي پيا جو چيائون ته ”ھتان جا ڪميونسٽ غدار آھن، ۽ انھن کي اسان مارينداسين، ۽ توھان لينن ازم کي ڦھلائيندي قوم سان غداري ڪريو ٿا، توھان کي به مارينداسين.“ جنھن تي مونکي غصو اچي ويو، ۽ مون چيو ته: ”توھان کي به اسان ڪونه ڇڏينداسين.“ ائين ئي Study Circleاڌ ۾ رھجي ويو – منير خاموش ٿي ويو ۽ مون ڏٺو ته سندس چھري تي افسوس ۽ مايوسي ھئي. بھرحال ھن اتي ڪجهه به ڪڇيو ڪونه.. منير ان دور ۾ حيدرآباد ۾ استاد ھئو، مون کي ان ڳالھه تي چڙ وٺندي ھئي ته، منير بحث ۾ دوستن جي آڏو واضع مؤقف ڇو نه رکندو ھئو؟ ھڪ ڏينھن مون پڇيومانس: ”منير تون ائين ڇو ٿو ڪرين؟” منير وراڻيو: ”ان ڪري جو قومي مسئلي تي مان خود به صاف نه آھيان“. مون چيومانس: ”ٻين مسئلن تي به مون به ڏٺو آھي ته تون واضع ۽ مستند(Authentic) مؤقف نه رکندو آھين” تنھن تي بوريت مان وراڻيائين: ”ڪھڙو بيھي جِھڳ جِھڳ ڪجي . . . ٻيو ته وري ماڻھو چڙي ٿا وڃن.“ پوئين ڳالھه ته اھڙي معصوميت سان ڪيائين جو مونکي کل اچي ويئي. مون چيومانس : ”ڪميونسٽ ته ھر ڳالھه کي سڀ ڪنھن جي سامھون چئي ڏيندا آھن.“ تنھن تي منير چيو: ”ضروري آھي ته مان به ايئن ڪيان جيئن ٻيا ڪميونسٽ ڪن!“ ستت ئي آھستي آھستي منير ڪميونسٽ پارٽي کان الڳ ٿي ويو. جيئن منھنجا ڀائر پڻ ھڪ پمفليٽ ڪيس ۾ منھنجي ڪري ٻَڌجي ويا ھئا، تنھنڪري ھنن حيدرآباد جي جڳھه ڇڏي ڏني ۽ پوءِ ڳوٺ رھڻ لڳا. نتيجي ۾ مونکي جڳھه جو ڏاڍو مسئلو ٿيو. منير مونکي دوستي ۾ آڇ ڪئي مون وٽ اچي رھ، پوءِ مان منير سان گڏ رھن لڳس توڙي جو ان وقت منير پارٽي ۾ نه ھئو، ۽ مان اڃان پارٽي ۾ ڪم ڪري رھيو ھئس پر منير مونکي ڪڏھن به ڪنھن ڪم ۾ جهليندو ڪونه ھئو، نه ئي مخالفت ۾ بحث ڪندو ھئو. جيئن ته ڪجھه ڳالھين تي جنھن ۾ قومي مسئلو به اچي وڃي ٿو، مان ڊڄي ڊڄي پارٽي سان اختلاف رکندو ھئس، ته پارٽي وارا چوندا ھئا ته توتي منير جو اثر پيو آھي. ھڪ ڀيري ته سيل ۾ ڄام ساقي ۽ ٻين چيو ته اسان منير ۽ تنھنجي دوستي جي خلاف نه آھيون، پر پارٽي مفادن ۾ اھو آھي ته تون ان سان گڏ نه رھ،، مون کي سندن ان رويي تي سخت کل آئي ۽ مان پارٽي ڊسيپلن ۾ رھندي به سندن اھو فيصلو نه مڃيو.
    ڪڏھن ڪڏھن مان منير سان زوري بحث ڪندو ھئس ھڪ ڀيري مون پڇيومانس: ”توکي رڳو ھتان جا ڪميونسٽ نٿا وڻن يا مارڪس ازم جي به خلاف آھين؟” چيائين : ”جيئن ته ھتان جي ڪامريڊن جي ليڊرشپ ۾ ڌرتيءَ ڄاوا (Sons of soil)ڪونھن، تنھنڪري ھتان جي پارٽيءَ ۾ ڌرتيءَ جي خوشبوءَ نٿي اچي (ان وقت مان ۽ ڄام پارٽي جي ھيٺين ڪميٽين ۾ ھوندا ھئاسين) ان کان سواءِ آئون مارڪس ازم کي به درست نه ٿو سمجهان. ان وقت منير ڪافي غير ملڪي ادب پڙھي ويو ھئو، جنھن ۾ ڪافڪا، دوستو وسڪي، چيخوف، آندري جيد، سارتر، البرٽ ڪاميو، ورجينا وولف، ھيمنگوي، البرٽو موروويا، آرٿر ڪوئسلر، مايا ڪو وسڪي وغيره وغيره شامل ھئا، ۽ انھن مان ھو وجوديت جي فلسفي کان ڪافي متاثر ٿي چڪو ھئو.
    ھُن زندگيءَ کي مقصد سان واڳيل (Committed) ماڻھن وانگر ڪا معنى ڏيڻ ڇڏي ڏني ھئي، ۽ سارتر جي بي مقصديت Meaning lessens ۽ Nothingness۽ زندگيءَ (life)جي فضول (Absurd) ھجڻ جو تصور سندس ذھن تي ڪافي حاوي ھو. ۽ اديبن ۾ پاڻ کي nonconformist چوندو ھئو. انھيءَ تسلسل ۾ ادب جي پھرين دؤر کان پوءِ قومي ۽ طبقاتي ادب کان پوءِ پنھنجي ڪھاڻين ۾ مجرد (Abstract) ڪردار به کڻڻ شروع ڪيائين.
    اديبن ۾ ڪافڪا، دوستووسڪي، البرٽ ڪاميو، سارتر، ھيمنگوي منير جا پسنديده اديب ھئا. سندن ڪردارن ۾ توھانکي ڪافڪا جي ناول جي ڪردار جو خوف به ملندو ته دوستووسڪي وانگر ڪردار جي نفسياتي چيرڦاڙ(Post Mortaum) به ملندي، ۽ توھان کي سندن ڪردارن ۾ Meaninglessness ۽ ڪاميو واري سرڪشي (Rebel) به ملندي، نه رڳو ايترو پر منير ڪاميو جي”Myth of Sisyphus” کان متاثر ٿي ”پاتال ۾ بغاوت“ نالي ناوليٽ به لکيو.
    جيئن ته منير منھنجي آڏو ڪنھن به اظھار کان نه ڪيٻائيندو ھئو، ۽ تمام ويجھو ۽ ھجائتو (Frank) ھئڻ جي ڪري ھڪ نئون پھلو منھنجي سامھون آيو ھئو – منير جو تمام گهڻي خوف جو شڪار ھجڻ – منير کي معاشري جي بدي قوتن (Evil forces) کان ڏاڍو خوف ٿيندو ھو – پيار ڪرڻ تي دل سٽ کائيندي ھيس پر ڪڏھن به پيار ڪري نه سگهيو – شاديءَ کان اڳ جڏھن ھڪڙي نوجوان ڇوڪريءَ کيس زوري پاڙي ۾ ڪلھو ھنيو ته مونکي ڊپ ۾ چيائين : يار مون کي اڄ ھڪ ڇوڪريءَ ڪلھو ھنيو آھي، سو اتان ھاڻي نه لنگهنداسين. سندس ان ڳالھه تي آئون ڏاڍو کليو ھئس ۽ چيو ھيم مانس: ڪلھو توکي ڇوڪريءَ پاڻ ھنيو آھي ۽ وري ڊڄين به وري تون ٿو. پر اھا حقيقت آھي ته ھو ڊپ جي ڪري پنھنجي تمام گهڻين خواھشن کي دٻائيندو ھيو.
    ايتريقدر جو جنسي بُک (Sexual Frustration) ھوندي به اخلاقيات ۽ ڊپ جي ڪري، ڪنھن سان به جنسي تعلقات نه رکي سگهيو. انڪري توھان کي سندس ڪيترن ئي ڪردارن ۾ جنسي خواھش اخلاقيات ۽ ڊپ جي ڪيفيتن جو ٽڪراءُ ملندو. پر ٻئي طرف ھو تمام گهڻي خوف ھوندي به لکڻ ۾ تمام گهڻو بي ڊپو ھوندو ھئو. جڏھن ڪھاڻي ”حويلي جا راز“ لکيائين ته ھن کي ڪھاڻيءَ سان لاڳاپيل ماڻھن طرفان ڏاڍيون ڌمڪيون مليون پر ڪڏھن به آڻ نه مڃيائين. منير رياستي جبر به ڏاڍو محسوس ڪندو ھئو. بنگلاديش ۾ فوجي آپريشن واري دؤر جي ڪھاڻي ”بگهڙن جي راڄ ۾” لکيائين ته پنھنجو نالو تبديل ڪري ”ماڻڪ” رکيائين، ان دؤر ۾ ماڻڪ ۽ ٻيا نئين ٽھيءَ جا اديب حيدرآباد ۾ شام جو ”ڪيفي جارج” ۾ ڪٺا ٿيندا ھئا. جن ۾ شوڪت شورو (ان وقت ادبي بورڊ ۾ ڪلارڪ ھئو) مشتاق شورو (اڳ به ساڳيوئي طرح بيروزگار ھُئو) مرحوم عبدالحق عالماڻي، علي بابا (اڳ به ساڳيوئي ھو پر اڄ ذھني پيڙا ۽ درد ڪجھه سرس اٿس) مدد علي سنڌي (جنھن تازو تازو ادبي کيتر ۾ قدم رکيو ھئو ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ ھوندو ھئو) ۽ عبدالقادر جوڻيجو (ٿر ۾ ماستر ھئو) جيڪو جڏھن به حيدرآباد ايندو ھئو ته ھنن دوستن سان ضرور ملندو ھئو. پوءِ 1969ع ۾ جڏھن ون يونٽ ٽٽي چڪو، 71ع ۾ بنگالين وڙھي پنھنجي جان ڇڏائي ۽ ڀٽو صاحب اقتدار ۾ اچي ويو ته جديد حرفتي طريقن(Tactics) جي ذريعي ڪجھه اديبن کي نوڪريون ۽ ھلڪا فائدا ڏيئي پنھنجي پاسي ڪري ويو، ڪن کي ڊيڄاريو ويو ته ڪي مايوس ٿي ڪُنڊ پاسي وڃي ويھي رھيا.
    اديبن جي مٿين گروه ۾ ادب ۾ نعريبازي جي خلاف حقيقت پسندي (Realism) جو اثر پيدا ٿيو، ته اديب معاشري جو اولڙو پيش ڪري ٿو، ان ۾ ضروري آھي ته رڳو زندگيءَ جو روشن پھلو ئي پيش ڪيو وڃي، پر زندگيءَ جو ٻيو پاسو جيڪو ڀيانڪ ۽ اونداھو آھي، ان کي به حقيقت پسندي سان پيش ڪيو وڃي.
    ھتي ياد رکڻ کپي ته مٿي ذڪر ڪيل اديبن مغربي يورپ ۽ ھندوستاني ادب کان متاثر ٿي نئين ڏانءُ (ٽيڪنڪ) کي اختيار ڪيو – اھو ھئو شعور جو وھڪرو (Stream of consciousness)کي مجرد طريقي (Abstract Style) ۾ لکيو ويو ڇاڪاڻ ته ماڻھو جو ذھن جيئن پيچيده بي ترتيب ۽ اڌ اکري لفظن ۾ سوچي ٿو تنھنڪري انھن سوچن کي ساڳين لفظن ۽ اشارن ۾ پيش ڪيو وڃي. ادب ۾ اھا ٽيڪنڪ روايتي انداز کان وڌيڪ ڏکي آھي، پر ان کي نڀائڻ لاءِ وڏي محنت کپي. ان ٽيڪنڪ کي اسان جا ھي دوست ڪيترو نڀائي سگهيا؟ ان تي ته ڪو سٺو نقاد ئي ٽيڪا ٽپڻي ڪري سگهي ٿو ٽين ڳالھه اھا آئي ته ھنن پاڻ تان ترقي پسندي جو ٺپو ھٽائي ڇڏيو، ۽ ادب ۾ ڪميونسٽن لائين جي خلاف ھوندا ھئا ۽ روس ۾ اديبن تي پابندي ۽ سماجداري حقيقت پسندي (Socialist realism) ئي سخت خلاف ھئا. ھن مٿين اديبن جي خلاف به وري ڪجھه ناليوارا اديب ئي ھوندا ھئا، جن ۾ رسول بخش پليجو رسالي ”تحريڪ” ذريعي، مرحوم طارق اشرف سھڻي جي ذريعي، ۽ محمد ابراھيم جويو ھو تنھن وقت ترقي پسند اديب، انور پيرزادو ۽ ٻيا ھئا ھنن جي تنقيد ھئي ته : جديد اديب ٻوليءَ ۽ گرامر جو خيال نٿا ڪن، ٻولي جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي اٿائون، مايوسي ٿا ڦھلائين ۽ انقلاب جا مخالف آھن يا ادب ۾ فحاشي آندي اٿائون وغيره وغيره. ايتري قدر جو مرحوم طارق اشرف وارا ته کين اديب به تسليم نه ڪندا ھئا.
    ماڻڪ ان دؤر ۾ ادب(Fiction) کان علاوه تنقيد ۽ مارڪسي فلسفي کان علاوه مغربي فلسفي کي پڙھڻ لڳو. جنھن کان پوءِ ماڻڪ جي ذھن ۾ ڪجھه سوال گردش ڪرڻ لڳا. مثال طور – زندگيءَ ڇا آھي؟ زندگيءَ جي ڪا معنى به آھي ڇا؟ ان کان سواءِ ھو ”زمان ۽ مڪان (Time and Space) ۽ ”اضافت جي نظريئي”(Theory of Relatively) جھڙن ڳنڀير موضوعن تي سوچڻ لڳو.
    انھيءَ تسلسل ۾ مون ھڪ ڏينھن کانئس پڇيو؛ ”منير تون جيڪڏھن زندگي ۾ ناڪام ٿيئن ته؟” ھڪدم وراڻيائين: ”پاڻ کي ماري ڇڏيندس“. اھو جواب ايترو ته سنجيدگيءَ سان ڏنائين جو مان حيرت ۽ ڏک ۾ خاموش ٿي ويس. مون کي ياد آھي ته ان دؤر ۾ جن دوستن سان ھو ويھندو ھئو تن وٽان ڪڏھن ڪڏھن پريشان ٿي موٽندو ھئو ۽ چوندو ھيو: ”دوست ٽوڪون ٿا ڪن“ – پوءِ آھستي آھستي وٽن وڃڻ گهٽائي ڇڏيائين. انھي وچ ۾ مان سياست ۽ حيدرآباد ڇڏي ڳوٺ ھليو ويس پر پوءِ به ھڪ ٻئي ڏي خط پٽ لکندا ھئاسين، خط اسان ٻنھي جا مايوسيءَ ڀريا (Depression) ھوندا ھئا، مونکي جيڪڏھن اھا سُڌ ھجي ھا ته ماڻڪ مونکان اڳ ۾ ھليو ويندو، ته سندس خط ضرور سانڍي رکان ھا. مونکي ياد آھي ته ھڪڙي خط ۾ زندگيءَ کان بيزار ٿي شوپن ھار جو قول لکيو ھئائين ته: ”زنده رھڻ جي خواھش انسان جي ڪيڏي نه کل جوڳي مجبوري آھي؟” اڳتي ھلي السر جي ڪري مان جڏھن جناح اسپتال ۾ داخل ھئس، ته ماڻڪ جو خط آيو –خط ۾ مونکان پڇيائين ته: ”جيڪڏھن آئون لڙھندڙ نسل“ تنھنجي نالي ڪريان ته توکي اعتراض نه ٿيندو؟” مون جواب ۾ لکيو ته: نه مونکي خوشي ٿيندي.
    پوءِ جڏھن ”لڙھندڙ نسل” ماڻھن تائين پھتو ته ھڪڙي قسم جو ھُل مچي ويو سواءِ سندس دوست اديبن جي، مٿس ڇتي تنقيد ڪئي ويئي ته: فحش آھي ٻولي کي بگاڙي ڇڏيو اٿائين خود ليکڪ اھڙي ذھنيت جو آھي. ڪن وري چيو ته جنھن نالي سان منسوب ڪيو اٿائين اُھو اھڙو آھي، جنھن ڪري مونکي به ڪيترن ھنڌن تي جواب ڏيڻا پوندا ھُئا. مون پڙھيو ھُئو ته جڏھن ڪاميو جو ناول ”زوال” (The Fall) فرانس ۾ ڇپيو ويو ته ان وقت به ماڻھن چيو ته: اھو ڪامئو خود آھي، تنھنجو جواب اھو ڏنو ويو ھُئو ته : ان ۾ ڪامئو به آھي، تون به آھين، مان به آھيان ۽ ھو به آھي –ھن ناوليٽ ۾ ماڻڪ بنگال ۾ فوجي آپريشن کان ڀُٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ، ھڪ سال واري عرصي وچ ۾ سنڌين جي تحريڪ جي مختلف پھلوئن تي روشني وجهي ويو آھي. جنھن ۾ نعريبازي، تحريڪ جي کوکلائپ، مايوسي، بدحالي به شامل آھي جنھن ۾ ھڪ طرف رياستي جبر ۽ ٻئي پاسي وڏيرڪي وھنوار ۾ وڪوڙيل سنڌي ماڻھو، ان ۾ ھيٺين وچولي طبقي جا نوجوان، مارڪسوادي ويچار رکندڙ، قومپرستي ۽ Populism جي لاڙن جي ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ سگهه کان محروم ۽ ٽنھي ڌارائن جي ليڊر شپ کان مايوس ۽ سماج ۾ ڪا حيثيت نه ھئڻ ڪري بيزاري (Frustration) جو شڪار ٿي وڃي ٿو پر پوءِ به ان جو پنھنجي ڌرتيءَ سان پيار ختم نٿو ٿئي.
    ماڻڪ سک درسيت (Optimism)کان پري ھوندي ۽ ھيروازم جي خلاف ھوندي به تواريخ جي وھڪري ۾ پاڻ کي بي وس محسوس ڪندي ۽ زندگي ۾ موٽ کائڻ (Withdrawal) ۽ فراريت جي سوچ رکڻ جي باوجود پنھنجي ڪردارن کي ڌار ٿو رکي، ھن جو ڪردار ڪجھه نه ڪجھه ڪرڻ لاءِ ضرور سوچي ٿو.
    ”لڙھندڙ نسل“ جي صفحي 158 ۾ لکي ٿو: ”ھر حياتي جي پڄاڻي موت ئي ته آھي، پر ھن تحريڪ ۾ پناھ وٺڻ سان عام زندگيءَ ۾ چيڀاٽجڻ ۽ چيچلڻ جي اذيت ۽ ڀوڳنا جي احساس کان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو مطلب ته ڪو خاص پيمانو ڪونھي البته ان کي فني نقطه نگاھ کان ضرور پرک ڪجي ته ڪٿي غير ضروري ته ذڪر نه ڪيو ويو آھي.“
    مونکي ھن مھُاڏي اٽڪائڻ (Resistance Movement) ۾ حصو ضرور وٺڻ گهرجي ۽ ڀرڀور انداز ۾ ماڻڪ ماڻھون جي اندر سطحي جوابن کي وائکو (expose)ڪري ”ھستي جو احساس” (Self Realization) جي ڪينواس کي پڙھندڙ جي سامھون آڻي ساڳئي صفحي ۾ چوي ٿو ته ”پنھنجو پاڻ کي ٺڳڻ نه گهرجي، ڇا مان تحريڪ ۾ حصو قوم تي احسان ڪرڻ لاءِ وٺان ٿو؟ يا ڪنھن ھيروازم جي خبط (Complex) ھيٺ يا تاريخي فرض جي ڪوڙي احساس ھيٺ.” ھتي ماڻڪ دوستو وسڪي جي ڪردار وانگر پنھنجو پوسٽ مارٽم پاڻ ڪري ٿو.
    ماڻڪ تي گهڻي تنقيد سندس ڪردارن طرفان جنس(Sex) جي اظھار ۽ (Sexual Frustration) تي ٿيل آھي. ادب ۾ Sex جو ذڪر ڪيترو ھئڻ گهرجي، ان جي لاءِ ڪا ليڪ يا حد بندي ٺاھيل نه آھي، منھنجي نظر ۾ جيڪڏھن Sex ڪھاڻي يا ناول ۾ صرف مزي وٺڻ خاطر بار بار پيش ڪئي وڃي ۽ پڙھندڙن کي لذت وٺرائجي ۽ جنس کان سواءِ ان ۾ ٻيو ڪجھه به نه ھجي، ته اھو اگهاڙي ادب (Porno literature) ۾ ايندو، پر جيڪڏھن Sex ڪنھن معاشرتي مسئلي جي حيثيت طور پيش ڪيو وڃي ٿو يا دٻائڻ (Suppression)جي نتيجي ۾ انسان جي ذھن تي ناڪاري (Negative) اثر پون ٿا ته ان کي پيش ڪيو وڃي، يا ڪنھن ڪردار جو ھر پھلو کان نفسياتي جائزو ورتو وڃي، ته ھن جو جنسي پھلو غائب ڪيو وڃي ته اھا لکڻي اڻپوري نه لڳندي، مثلن ڪنھن”AIDS” جي مرض کي ڪو ليکڪ پنھنجي ڪھاڻي ۾ کڻي ٿو جڏھن ته ان کي اھو موذي مرض جنسي عمل جي نتيجي ۾ ٻئي کان لڳو آھي، ۽ ان جا ماڻھو جي ذھن تي مرض جي ڪري ڪھڙا اثرات پون ٿا. ڇا اھو جنسي عمل جيڪو اديب بيان ڪيو ھوندو سو مريض جي ذھن جي اسڪرين تي بار بار نه ايندو؟ ھتي وري به موھن ڪلپنا جي ان راءِ سان سھمتي ڪري سگهجي ٿي ته: ”ماڻڪ ڪٿي ڪٿي ضرورت کان وڌيڪ باتفصيل ۽ اُن ڪري اگهاڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اھا چيز سمجھه ۾ سڀاويڪ نه، مگر روايتي ۽ ترقي پسند ادب جي وديه وھ ۾ آئي آھي.”پر سارتر جي ٽن ناولن (Trilogy)يا “Intimacy” نالي سندس ناول ۾، جو کليل اظھار ملندو اُن جو جواب ڪھڙو ٿيندو؟
    ان ئي عرصي ۾ ماڻڪ شادي جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ پنھنجي پسند جي ڇوڪري جي ڳولا ڪرڻ لڳو. عشق ڪرڻ جي کيس ھمٿ ڪانه ھئي، جو کڻي Love Marriage ڪري، سو ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو پر ڪا ڏانءُ جي نه مليس. ھڪ ڏينھن مونکي چيائين ته منھنجو مامو مونکي چوي ٿو ته: ”منير عورت مڙئي عورت اٿئي، سڀئي ھڪ جھڙيون آھن، اجائي ٿو ڳولا ڪرين!” نيٺ منير سادگي سان شادي ڪري ڇڏي، شايد دوستن مان ڪنھن کي به سڏ ڪونه ڏنو ھئائين. شادي کان پوءِ ڪجھه ڏينھن ته خوش رھيو پر وري ساڳي ماٺ، ڊپ(Depression) ۾ موٽي آيو. ماستري ڇڏي ڪجھه عرصي لاءِ دادو ۾ سوشل ويلفيئر آفيسر به ٿيو، ان دؤران اسان جي ڳوٺ پڻ اڪثر ايندو ھئو. ايئن اسان وٽ ايندي، منھنجي ٻن ڀائرن مرحوم مختيار ۽ شھزاد جو دوست ٿي ويو ھئو – دادو ۾ احمد خان ملڪاڻي، فاروق سولنگي ۽ شوڪت سنڌي سان ڪچھريون ڪندو ھُئو، پر اڪثر دوستن کي اھا شڪايت ھوندي ھئي ته: مُنير کُلي ڇو نه ٿو ڳالھائي؟
    ڪجھه عرصي کان پوءِ ماڻڪ ڪراچيءَ ۾ روسي انفارميشن اداري ۾ به ڪم ڪندو ھُئو، کيس اُتي ڪڏھن ڪوبه آفيس ۾ ملندو ھئو ته ڏاڍو تاڻيل(Tense) ھوندو ھُئو. ايئن محسوس ٿيندو ھئو، ڄڻ ڪنھن ڳري بار ھيٺ آھي. ٻئي طرف روسين جو پاڻ ۾ خودغرضيءَ جو ورتاءُ ۽ زيردست ملازمن کي پنھنجي باس کان تمام گهڻو ڊڄندي پڻ ڏسندو ھُئو. اھو سمورو وھنوار ڏسي ڪري منير سوشلٽ معاشري جي وڌيڪ خلاف ٿي ويو. انھيءَ دؤر ۾ منير جڏھن روسي اديب سولزيستن جي خلاف ”ھلال پاڪستان” ۾ ڪالم لکيو ته منير کان مون پڇيو ته: تو سولزيستن جي خلاف ڇو لکيو آھي؟ وراڻيائين ته: مجبوري آھي نوڪري ڪرڻي آھي، سو روسين جو زور ھئو ته اولھه جي پروپئگنڊا جو جواب ھر حالت ۾ ڇپجڻ گهرجي. سو منير ڊپ جو شڪار ٿي پنھنجي آدرشن(Ideas) جي خلاف پڻ لکيو. ان مان توھان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته بحيثيت اديب جي ماڻڪ ڪيترو نه ذھني دٻاءَ ۾ ھوندو. ڪراچي ۾ منير گهڻو ڪنھن سان ڪونه ملندو ھُئو. پنھنجي گهر ۾ به بي حسيءَ وارو ورتاءَ ھوندو ھئس پر پنھنجي پٽ علي سان ڏاڍو پيار ھوندو ھئس. ماڻڪ کي ڪراچي پسند نه ھئي، ايئن محسوس ٿيندو ھُئو ته دوستووسڪي وانگر پيٽرزبرگ بدران ڪراچي کيس مست ھاٿي جيان لتاڙي رھي آھي. “Man is crushed under the gain feet of great cities –Dostoevsky” ھاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر ماڻڪ کي ڇا وڻندو ھُئو؟
    ڪجھه به نه، ھن مختصر زندگي ۽ محدود حالتن ۾ ڇا پئي چاھيو؟ بغير ڊپ جي زندگي گذارڻ ۽ لکڻ پڙھڻ – بھرحال جڏھن 1980ع ۾ حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون، ۽ مون تي وارنٽ نڪتا ته مون گرفتاري نه ڏني. ڇھه مھينا رکي منير وٽ ويس. جيئن ئي آءُ سندس گهر ويٺس ته ڊپ ۽ نفرت ۾ ڪچيون گاريون ڏنائين ته؛ روپوشي جي حالت ۾ مون وٽ ڇو آيو آھين؟ مون پنھنجي جوابي ڪروڌ کي ته لڪائي ڇڏيو، پر طئه ڪيو ته آئيندي منير وٽ بلڪل نه ايندس. مون کي ياد ٿو پوي ته اھڙي قسم جي ڪاوڙ منير ھڪ دفعو اڳ به ڪئي ھئي، جڏھن منير حيدرآباد ۾ اسان جي گهر ويٺو ھئو ۽ منھنجي والده سان ڳالھيون ڪري رھيو ھئو، ته امان چيس ته ”منير، ھي کٽ ته ڇڪي ڏي، جهولي ٿي وئي آھي.“ حالانڪه اسان ٽئي پٽ موجود ھئاسين پر امڙ اسان کي نه چيو. سو، منير ان وقت غصي ۾ انڪار ڪيو ۽ يڪدم مونسان نڪري ٻاھر ھليو ويو. مونکي ڏاڍي شرمندگي ٿي مون چيو ته: امان سادي آھي توکي پنھنجو پٽ سمجهي چيائين.” منير چيو ته نه تنھنجي ماءُ جي وڏيرڪي ذھنيت آھي – سندس غصو ڏسي مان چپ ٿي ويس توڙي جو دل ۾ افسوس به ٿي رھيو ھو ته امان ھن کي ايئن ڇو چيو؟
    جيتري قدر فڪري اظھار جو سوال آھي ته ماڻڪ پنھنجي سوچ ۽ فڪر جو اظھار گهڻي قدر پنھنجي ڪتاب ”پاتال ۾ بغاوت” ۾ڪيو آھي. جنھن ۾ ھو ڪامئو جي يوناني ديومالائي ھيرو سسيفس کان متاثر به آھي، جڏھن ته البر ڪامئو جو سيفيس، ذيوس ديوتا کان ڏنل ڊگهي نه ختم ٿيندڙ ۽ بي معنى سزا چپ چاپ ڀوڳيندو رھي ٿو. پر منير پنھنجي ناولٽ ۾ سيفيس کان Noچورائي ٿو ته: اھا بي معنى ۽ فضول سزا مان نه ڀوڳيندس. ھي ناڪار ۽ بغاوت مارڪس جي پرولتاري خدا کان مختلف آھي، مارڪس جي تصور ۾ پرولتاريه پنھنجي غلامي ختم ڪري خود مالڪ يا آقا بڻجي ٿو، جڏھن ته ماڻڪ جو ھيرو مستقل بغاوت ڪري ٿو، ھر نا انصافي خلاف لڙي ٿو.
    جيئن ”پاتال ۾ بغاوت” جي صفحي 57 تي لکي ٿو ته :”بااختيار بڻجڻ سندس آدرش ڪونه آھي” ھو ڪنھن مقرر ڪيل /ڪرايل مراد سان جڙيل ڪونه آھي پر نان ڪميٽڊ ھوندي به ڪميٽڊ آھي. صفحي 58 تي لکي ٿو ته: ”سندس ناڪار، نئين خدا خلقڻ يا پاڻ خدا ٿيڻ لاءِ نه آھي، سندس ھيرو ھيڻو ھجڻ جي ڪري طاقت جي آڏو مجبور به آھي، جو ھو سزا ڀوڳي ٿو – ساڳئي صفحي ۾ سيفيس کي اڄ جي ماڻڪ سان(intellectual) مشابھت ڏيندي چوي ٿو ته: جيڪا ڪيفيت اڄ جي مانسڪ فنڪار ۽ ليکڪ جي ٿي سگهي ٿي جيڪو ليکڪ سارتر چواڻي – معاشري کي احساس جرم بخشي ٿو. سو منير به سڄاڻ ھجڻ جي سزا ڀوڳيندو رھيو جنھن جو اظھار ھن پنھنجي ڪتاب ”ساھ مٺ ۾” ۾ ڪيو آھي ھو چوي ٿو ته: ”منھنجي ٽريجڊي اھا آھي ته مان سڄاڻ آھيان، اھو سڀ ڪجھه ٿيڻ کان سواءِ سڄاڻ ھجڻ ۽ ان جي سرت رکان ٿو ۽ محسوس ڪيان ٿو.” صفحو نمبر 136
    ٻئي طرف ماڻڪ پنھنجي لکڻين ۾ اسان کي احساس جرم به ڏياريندو رھيو آھي. صفحو 96 : ”ساھ مٺ ۾” تي لکي ٿو ته: ”مونکي ھي چوڻ ۾ بلڪل ھٻڪ ڪانھي ته سنڌ جا قومي ٺپي ھيٺ سڏجندڙ اڳواڻ ۽ قومپرست، پنھنجو پاڻ لاءِ آھن، قوم لاءِ نه – قومي مسئلن تي سوچيندي ۽ ويچاريندي ۽ عمل ڪندي، سندن ذات ئي محور ھوندي آھي نڪي قوم سنڌ – سندن پنھنجي ئي ذات، ھا!”
    ساڳي ئي ناول ۾ 119 صفحي تي لکي ٿو ته : ”سنڌ جا وڏيرا، پير، (۽ ڪامورا به ) انھيءَ فيئر ڪمپليڪس ،،، يا احساس جرم کڻي چئج، کي لڪائڻ لاءِ، اھڙي قسم جو نماءُ ڪندا آھن، ته ھو، پھرين سنڌي ڪونه، پر ھنن جھڙا آھن. ھنن سان وفادار، نڪي سنڌي عام خلق سان، ۽ اھڙي قسم جو نماءُ (يا اصليت به) تڏھن ئي اثر وارو ٿيندو.“
    سوويت پريس انفارميشن جي نوڪري ختم ٿيڻ کان پوءِ ماڻڪ وڌيڪ پريشان رھڻ لڳو، نوڪري ڪرڻ يا نوڪري ڇڏائجي وڃڻ، ٻنھي حالتن ۾ ڪيفيتن جو اظھار ماڻڪ ”مئل زندگي“ ۾ ھيئن ڪيو آھي ته: ”ھن ذلالت (نوڪري) جو بار کڻڻ جي ڀرڀور خواھش رکان ٿو، ڇاڪاڻ ته زنده رھڻو اٿم. سدائين ھن کٽڪي ۽ ڊپ جي ذھني عذاب ۾ ڀوڳيندو آھيان ته ڪٿي ھي ذلالت جو بار ڇڏائجي نه وڃي، ۽ پوءِ ڇا ٿيندو جو ڀيانڪ سوال . . . “ خط نامڪمل.
    ماڻڪ وڪالت به نه ڪري سگهيو، نوڪري نه ڪري سگهيو پر آخر ۾ ڪوشش ڪيائين ته نوڪري ملي وڃي، منھنجي خيال ۾ کيس نوڪري جي ڳولا ڪرڻ به نه پئي آئي، نيٺ پنھنجي طبيعت تي جبر ڪري ميڊيڪل اسٽور کوليائين، پنھنجي موت کان ويھارو ڏينھن اڳ مون ڏانھن نياپو موڪليائين ته ساڻس ضرور ملان، حالانڪه مون تي وارنٽ اڃا تائين ھيا، ٿي سگهي ٿو ته زندگي جي اھڙي موڙ تي اچي بيٺو ھجي، جو ڪنھن به شيءَ کان کيس ڊپ نه لڳندو ھجي – ويندي موت کان به.
    مان منير سان لائين پار، نواب شاھ ۾ ميڊيڪل اسٽور تي ملڻ ويس ھي ساڻس آخري ملاقات ھئي جنھن جي اسان ٻنھي کي خبر ڪانه ھئي، منير ھميشه وانگر خاموش ۽ ڳنڀير ھيو، جيئن ته ان ملاقات کي تمام گهڻو عرصو گذري چڪو آھي تنھن ڪري ڳالھه ٻولھه چڱي طرح ياد نه آھي. بھرحال جيڪو ڪجھه ياد آھي اھو آئون پڙھندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو. مون پڇيو ته: ”خوش آھين؟ “ چيائين ”ھا، بس مڙيئي.“ ڀلا ميڊيڪل اسٽور ھلائڻ اچئي ٿو؟ ”نه، 9000 نقصان پھتو آھي.“ ايئن ڪندي ھڪڙو گراھڪ ٻه دوائون وٺي ويس، ان جو ليکو ڪرڻ نه پئي آيس، حالانڪه اھو ليکو ايڏو ڏکيو به نه ھُئو، مون کان پڇيائين ته: ”ڪيترا پيسا ٿيا؟“ مون چيو ته: ”ڪي ماڻھو اھڙا به ايندا ھوندئي جيڪي چوندا ھوندا : ته ابا ھاڻي پيسا ڪونھن ۽ پوءِ پيسا نه ڏيندا ھوندا.“ چيائين،،ھا ڇا ڪجي، مونکي انڪار ڪرڻ نٿو اچي اھو ڄاڻندي به دوا ڏيئي ڇڏيندو آھيان ته ھي پئسا نه ڏيندو.” وري چيائين ”ھتي ويھندي ڏاڍي تڪليف ٿي ٿئي، تازو اسٽيشن تي بم بلاسٽ ٿيو آھي، ڀرسان ٿاڻو آھي، اٻوجھه ڳوٺاڻن ماڻھن کي زوري وٺي ويندا آھن.” مو ن چيو ”ھا“ حالتون ڏاڍيون خراب آھن، توھان مھانگائي خلاف ھڪڙو بيان ڏيو پر ھُجي اديبن پاران، جنھن ۾منھنجو نالو ڏيئي ڇڏيو.” مونکي عجب لڳو ۽ خوشي به ٿي ته ڪنھن تحريڪ ۾ کڻي معمولي ئي سھي، پر اچڻ لاءِ ھُو تيار ته ٿي ويو آھي، رکي رکي مون کان پڇيائين پئي : ”تنھنجا ڪھڙا حال آھن؟” مون پڇيومانس ”لکندو آھين؟” چيائين: ”گهٽ“ وري بي دلي انداز ۾ چيائين: ”نواب شاھ وري جڏھين اچين ته مون وٽ اچج.” مون چيو ته: ”ڪو خاص ڪم آھي؟” چيائين ته: ”نه، بس ائين ئي.” ان وقت مون کي احساس نه ٿيو، پر ھاڻي سوچيان ٿو، ان ڪلاڪ کن جي ملاقات ۾ ھڪ دفعو به سندس چھري تي مرڪ نه آئي ۽ نه ئي وري ڪنھن ڳالھه ۾ اتساھ ڏيکاريائين ڪنھن موضوع تي بحث ڪرڻ به نه پئي چاھيائين، بلڪه ائين ڪا ڳالھه ٻولھه به نه پئي ڪري سگهيو. ھو زنده ته ھُئو پر زنده رھڻ جي خواھش ختم ٿي چڪي ھُئس. ڪجھه ئي ڏينھن کان پوءِ اخبار ۾ اھا دل ٽوڙيندڙ خبر پڙھيم ته: ماڻڪ مري ويو. مون سان گڏ ان وقت ھڪ سياسي ورڪر گڏ ھُئو، منھنجي دل چيو ته ھن دوست سان ماڻڪ جي باري ۾ کوڙ ساريون ڳالھيون ڪريان، پر ھو ماڻڪ کي سڃاڻندو نه ھُئو – ماڻڪ ڪيئن مئو، مائٽ چون ٿا ته قدرتي موت مئو آھي.

    (ماھوار سارس، آگسٽ 1993ع تان ورتل)


    ماڻڪ ڇرڪائيندڙ ليکڪ : تھمينه سڪندر

    ماڻڪ ڇرڪائيندڙ ليکڪ : تھمينه سڪندر

    ماڻڪ، منير احمد جي نالي سان به لکيو آھي، سندس ناولٽ ۽ ڪھاڻيون ڇرڪائيندڙ انداز ۾ آھن. ھن جلد ئي ”ماڻڪ“ جي نالي سان لکڻ شروع ڪيو. سندس جوان موت به ادبي حلقن کي گهڻو سوچڻ تي مجبور ڪيو. ”پاتال ۾ بغاوت” ”لڙھندڙ نسل“ ناولٽ / ناول کان سواءِ ھن ڪھاڻين ۾ به پنھنجي رنگ کي قائم رکيو.
    سماج جي اڻ برابرين تي کُلي لکيائين، عورت جي بيوسي ۽ حق تلفي جو ذڪر ھن ظاھر ظھور ڪيو. سماج ۾ ھن جي ظاھر ظھور ڳالھه کي واسطيدار حلقن ننديو به، گاريون به کاڌائين ٻه مجموعا ”حويلي جا راز” (1982ع ) ۾ ۽ ”ڇھه انام ڪھاڻيون” (1981ع). ماڻڪ جي فن جي ته ساک ڀرين ٿا، پر اھا به خبر پوي ٿي ته ھن جي پنھنجي سماج جي بي حسيءَ جي ڪري بي آرامي به نمايان آھي. ڪھاڻي ”حويلي جا راز” تي ماڻڪ ھڪڙن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چڀڻ لڳو ۽ جاگيردارانه نظام جي ڏنگيل بيوس خلق ۽ ادبي حلقن کيس داد ڏنو. ھن ڪھاڻيءَ جو موضوع فرسوده رسم ھئي جنھن جي نتيجي ۾ ڌيءَ کي بخشائبو ھو. ھوءَ سڄي عمر چڙي چڙي مرندي ھئي. ٻي صورت ۾ پنھنجو رستو ڳولي ڪڍندي ھئي. ھن افساني ۾ اھا ٻي صورت حال پيدا ٿئي ٿي. ليکڪ ھمت سان ۽ صاف لفظن ۾ اھو داستان بيان ڪيو ان ڪري مفاد پرست طبقن کيس ننديو.
    انام ڪھاڻين مان به ڪي عنوان سان ”حويلي جا راز” ۾ وري آيل آھن، انھن ۾ ”ٻاھر ٻاڦ نه نڪري” وڌيڪ مقبول ٿي. ھن ۾ ھڪ نوجوان رن جي ڏکن واري زندگي جو بيان آھي. ھوءَ ٻار جي ماءُ به آھي. پنھنجي اڪيلائيءَ واري زندگي ڪري ماءُ کي به ڄڻڪه دشمن ٿي ڄاڻي. ماءُ پيءُ کي خوش زندگي گذاريندي ڏسي رشڪ ٿي ڪري. ليکڪ ھن ڪھاڻي ۾ جنسياتيءَ پھلو جو اپٽار تمام نمايان انداز ۾ اختيار ڪيو آھي. ڪير ڪيترو به ناراض ٿئي ۽ ليکڪ کي دستوري اخلاقي دائري ۾ ٻاھر ٻاڦ نه نڪري جي ابتڙ پلاند ڪھاڻي آھي. جنھن ۾ ليکڪ ماءُ جي ان اطمينان کي ظاھر ڪري ٿو، جيڪو ھن کي پٽ جي شادي تي حاصل ٿئي ٿو. ڪھاڻي جي سٽاءَ مناسب نه آھي. اھو ھيئن ته ھر ڳالھه چوڻ جي نه ھوندي آھي. ماڻڪ تي مجموعي طور الزام به اھوئي آھي ته ھو نه ڪرڻ جھڙيون ڳالھيون به ڪري ٿو.
    ماڻڪ جي تحرير ۾ جنسيات جو پھلو وڌيڪ نمايان آھي. ھن جا ڪردار انھي دائري ۾ چرپر ڪن ٿا. ادبي تبصرن ۾ ھن کي ان جو داد به ڏنو ويو آھي. جي مجموعي طور ڏسجي ته ان داد ۽ يڪطرفو فيصلو نظر ايندو. جنسيات تي لکڻ وارن ۾ غلام نبي مغل، مشتاق شورو ۽ ماڻڪ وڌيڪ نمايان آھن. اھو به سچ آھي ته جنس انساني زندگيءَ جو بنيادي حصو ۽ گهرج آھي. سماج ۾ اٿل پٿل جو ھڪ سبب جنس به آھي. ماڻڪ جي اڪثر ڪردارن ۾ جنس کي اھميت نه ڏيڻ جو سبب دولت به آھي ۽ ڪوڙي ناموس به. ”حويلي جا راز” ان جو ھڪ نمونو آھي.
    ماڻڪ سنڌي سماج جي انھيءَ پھلو تي کُلي لکيو. ان جو اعتراف به ٿيو. ھن ٿوري عمر ماڻي. پر سنڌي افساني ۾ سندس نالو ڳڻجي ٿو.



    (ڪونج، لاڙڪاڻو، نومبر ڊسمبر 1994ع)


    بيٺل دل جي خبر : مظھر ميمڻ

    بيٺل دل جي خبر : مظھر ميمڻ

    ماڻڪ سان منھنجو گهڻ منھون لاڳاپو ھو. ھڪ ته دوست فرد وارو لاڳاپو، جيڪو مونکي زندگيءَ جو لاڳيتو ۽ ھوند جو احساس ڏياريندو ھو. اھو ضروري ناھي ته ماڻڪ کي اھا ڄاڻ ھجي، ڇو جو اسان سڀ ڄاڻي ٻجهيءَ يا اڻڄاڻائيءَ ۾ ھڪ ٻئي جي زندگين کي ڪو نئون دڳ، ڪو نئون احساس ڏئي ويندا آھيون. اھو نئون دڳ کيسي گرم ڪرڻ جي ڪا واٽ به ٿي سگهي ٿي، ته ساڳي وقت اھڙو ھاڪاري ورتاءُ به، اھڙو ورتاءُ جو فرد کي جيئڻ ويل ۽ مرڻ کان پوءِ به حالتن جي ڦلھيار کان مٿانھون ڪيو بيھاري. مان اڃان تائين پاڻ تي ماڻڪ جي موت ۽ ان کان اڳ واري وقت جي ڇڏيل اثر جو پورو تجزيو نه ڪري سگهيو آھيان. ھا ھڪ مھل آ مھل ڪنھن ڏنگ جو احساس ضرور ٿئي ٿو، ”پر شايد اھو اسان جي بائلاجيڪل سسٽم جو پاڻ مرادو ۽ اڻ روڪ رد عمل آھي.”
    ماڻڪ سان منھنجو سماجي ڳانڍاپو پڻ ھو. جيتوڻيڪ اسان ۾ ادب، زندگيءَ جي معنى، سياست ۽ اھڙن ٻين موضوعن جي سلسلي ۾ وڏا اختلاف ھئا، پر اڄ جي ادبي وڏيرا شاھيءَ وارين روايتن جي خلاف اسان ھڪٻئي کي ٻڌو ۽ ٻڌايو، ملندا رھياسين ۽ پرپٺ کاٽ ڪونه ھنياسين.
    سندس ڪھاڻين جي مجموعي تي تبصرو ڪندي مون لکيو ھو ته ”حقيقت (وھندڙ زندگيءَ جي پس ۽ پيش منظر ۾) جي مختلف رنگن کي الڳ الڳ تخليق ڪرڻ سان، ڇا اسان ڪڏھن به سمپيورڻ حقيقت جو اڀياس ڪري سگهنداسين.”
    جيتوڻيڪ مونکي ان جو جواب نه مليو آھي پر ھڪ جواب ضرور مليو آھي ته: اھو ته اسان کوھ جا ڏيڏر آھيون، سماجي ۽ ادبي لاڙن، نظريي ۽ مجموعي طور انساني زندگيءَ جي کيتر ۾ شعوري يا غير شعوري طرح اڃا اسان اھو سمجهيون پيا ھلون ته فرد يا گروپ جي صورت ۾ اسان جتي بيٺا آھيون، سچائيءَ جون سڀ ڌارائون اتان نڪرن ٿيون، اسان مان جيڪي اھو ورتاءُ به ڪنھن سياسي مصلحت جي ڪري نٿا رکن اھي يقينن مشاھدي جي اڻھوند جا ڏنگيل آھن.
    ماڻڪ ھڪ مڪمل لاڙو رکندڙ انسان ھو ۽ ادب ذريعي ان جو کليل ۽ ڀرڀور اظھار ڪيائين. اڄ جڏھن ته ٽولي بازي جي ڪري لکڻ ۽ ڇپجڻ سولو ٿي ويو آھي (ادبي معيار کي پري رکندي) شايد اسان اھو احساس نه ڪري سگهون، ته ماڻڪ بنا ڪنھن گروه / ٽولي جي اڪيلي سر لکڻ ۽ جيئڻ لاءِ ڇا ڇا نه سَٺو ھوندو، جيتوڻيڪ اھا سڄي خبر سندس بيٺل دل ٻڌائي ٿي.


    (ڪونج، لاڙڪاڻو، نومبر ڊسمبر 1994ع)


    ماڻڪ مان ۽ گئس چيمبر : اخلاق انصاري

    ماڻڪ مان ۽ گئس چيمبر : اخلاق انصاري

    ”واريءَ تي اڏيل ڀتيون، ڀتين تي اڪريل مقدس مذھبي لفظ، ڀتين تي، ڀتين مٿان، ڀتين جي چؤڦير ۽ ڀتين جي اندر مقدس مذھبي نعرا، بنھه پوري ريت، چوڪسيءَ، چالاڪيءَ ۽ ھوشياريءَ سان ٽن ڀتين اندر بڻايل گئس چيمبر ۽ مقدس مذھبي نعرن سان والاريل، ڦاسايل، ٻوساٽجندڙ خلق . . .” (ماڻڪ جي ڪھاڻي جي شروعات)
    ۽ چوڏس، چپ چپات – ھٿ نه ڏسي ھٿ کي،
    ايتري اونده
    اونده ۾ چيم ماڻڪ.
    ”جي”
    ڏسين ٿو،
    ”نه”
    پوءِ؟
    ”رڳو ٻڌي سگهان ٿو.”
    ڳالھائي!
    ”ڳالھائي به سگهان ٿو.“
    پوءِ ڳالھائي
    ”ھا . . . ٻڌ توسان ياد ٿي پھريون ڪٿ مليو ھوم؟“
    ”ھا اتي آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي ادبي گڏجاڻي ۾، سال ٻڌائي ڇڏيان، 1969ع ۾. ۽ مان ڪائونسل بلڊنگ جي پلر کي ٽيڪ ڏني تو کي آٽوگراف ڏنو. بلڪل ان جي ڀرسان جت تاج بلوچ لکيو ھو ”دکي ۽ يتيم انسانيت جي خدمت ئي سڀ کان وڏي ۾ وڏي عبادت ۽ عظيم نظريو آھي.”
    ۽ نيري پيج تي لکيم.
    ”زندگيءَ ۽ موت تي نه سوچ . . . جت موت نه آھي اتي زندگي موت کان زھريلي آھي.”
    ”خدمت جو تصور بذات خود ھڪ وڏو دوکو آھي.”
    ”ٻڌين پيو نه؟”
    ھا ٻڌان پيو .. . ڏسان ته پيو.
    ”ھا اوندھ آھي، منھنجو ته ساھ ٿو منجهي، وري اسان گئس چيمبر جي ان ڪنڊ ۾ آھيون جت ته اوندھ آھي، گهري اونده . . . پر . . . پر . . . آواز گهٽ آھن . . . لاڙڪاڻي ۾ مليو ھئين؟ ھا مليو ھئم.
    ”پوءِ ان ڪچھري ۾ ڇا ڳالھائيوسين؟ ياد اٿئي؟
    . . . . . .
    ”ٻڌاءِ نه چپ ڇو آن؟”
    سوچيان ٿو.
    ”ڇا؟”
    يار . . . اوندھ ۾ زندھ رھڻ جو مقصد؟
    ”زندگي ۽ موت تي نه سوچ . . . جت موت نه آھي اتي زندگي موت کان زھريلي آھي . . .سسيفس جي ٽريجڊي ڏس مسلسل عذاب، کيس موت ڪونھي، ۽ موت کي منھن ڏي، موت اوس، اچڻو آھي.”
    پر زندگي جو حل؟ چيم
    ”ان ڳالھه تي مان چيو ھو، ته اھو سڀ ڪجھه ان وقت ملي جنھن وقت اختيار جو انڪار ڪجي ! . . . ھا ٻڌ تون ان تي مون سان لاڙڪاڻي ۾ اختلاف ڪيو ھيو . . . سانجھا کان پوءِ ڪمري ۾ ھلڪي ڳاڙھي روشني ڦھليل ھئي، تو چيو ھو ”پاتال ۾ بغاوت” ھن دور ۾ لکي جاگيرداري سماج کي ھٿي ڏني اٿئي. جواب ۾ چيو ھئم ”نه” منھنجو اھو مقصد نه آھي، انڪار ڪيو، ھر اسٽبليشمنٽ کان.”
    ۽ موٽ ۾
    تو چيو ھو، ماڻھو پوءِ فطرت جو به انڪار ڪري. مان چيو ھو ”اڄ ڏينھن تائين فطرت سان وڙھندا ته اچون پيا.”۽ تو چيو: پوءِ ڊايوجينس وانگر نڪ تي ھٿ ڏئي ساھ بند ڪري مري وڃون.
    مان موٽ ۾ توکي ڪيئن سمجھايان بس توکي ياد ھوندو مان اھو چئي بس ڪري ڇڏيو ته ھر اسٽيبلشمنٽ آڏو انڪار ڪرڻو آھي.
    . . .
    . . . .
    ”منھنجا ڪھڙا ڪتاب پڙھيا اٿئي؟”
    ”مئل زندگي، لڙھندڙ نسل، پاتال ۾بغاوت.”
    ”ھا ٽئي . . . ڏس ھت ته لکي به نٿو سگهجي . . . گئس چيمبر آھي . . . اوندھ آھي – ڏس ڳالھايون به ڪيڏو آھستي ٿا . . . اوندھ آھي . . . ڊگهي رات صبح جو رڳو تصور آھي . . . ڀلا اوندھ ۾ ٽانڊاڻي جو تصور اچي ٿو؟“
    ”ھا”
    ”ھا ڏس ٽانڊاڻو زندگي جي علامت آھي. . . ۽ تون زندگيءَ کي ڪيئن Defineڪندين؟”
    يار . . . ماڻڪ واقعي ڏکي ڳالھه آھي. تو ته ”مئل زندگي“ ڪھاڻي لکي زندگيءَ جي Definition ٻڌائي ڇڏي . . . وري به ٽانڊاڻي جي حوالي سان ته ”ٽانڊاڻو جڏھن جوان ٿيندو آھي ته پوءِ ان کي حياتي صرف ست ڏينھن ملي. اھي ست ڏينھن ھو پنھنجي ماديءَ کي ڳولھيندو آھي جنھن کي پَرَ نه ھوندا آھن. ان سان ملڻ کان پوءِ مري وڃي. “
    ”ڏس اھائي زندگي جي مڪمل وصف آھي، ست ڏينھن ۽ اھا زندگي مختصر Struggle ۾ گذارجي . . . نه ته ”مئل زندگي”، ٻڌين پيو نه .”
    ھا ٻڌان پيو ڏسان ته پيو.
    ھا . . . يار ايتري اوندھ ۾ ڪير ڏسندو . . . مونکي الائي ڇا ٿو ٿيئي . . . اوچتو منھنجو ساھ ٿو منجهي . . . ڏس واريءَ تي اڏيل ڀتين تي وري نوان مذھبي نعرا اڪيريا ويا آھن . . . ڏس ڪيڏي چوڪي – ڪيڏا نعرا . . . ڪيڏي چالاڪيءَ سان. منھنجو ته گئس چيمبر ۾ ساھ ٿو ٻوساٽجي، تون ڳالھاءِ، آواز زندگيءَ جي علامت آھي . . . منھنجو ته . . . ته . . . ساھ . . .
    ماڻڪ!
    . . . . . . . . .
    ماڻڪ!!
    . . . . .
    ماڻڪ چپ ڇو آن ماڻڪ!؟
    ماڻڪ! . . . ماڻڪ



    (ڪونج، لاڙڪاڻو: نومبر ڊسمبر 1994ع)


    ماڻڪ ۽ حقيقت پسندي : ممتاز ابڙو

    ماڻڪ ۽ حقيقت پسندي : ممتاز ابڙو

    انسان ذات سان وقت ۽ حالتن ۾ جيڪي وھي واپري ٿو، حال ماضي مستقبل ۾ يا ان جي اردگرد سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي جيڪا اٿل پٿل ٿئي ٿي يا خود انسان جي اندروني ذات سان لاڳاپيل ويڙھاند آھي، ھن جي زندگي ۾ ڏک، درد، جهيڙا، جهٽا، واقعا حادثا اچن ٿا ۽ ھو جنھن ڪيفيت ۾ آھي. ڏک درد ڀوڳي ٿو يا فطرت جي سونھن وڻ، وڻڪار، گل، گلزار، سمنڊ، درياءَ، ڍنڍون، چشما، جبل، سرسبز ڌرتي تي خوشيون، پيار، محبت ۽ سندر سندر سپنا پسي ٿو انھي طرح سماج اندر ريتون رسمون ننڍ وڏائي، طبقا ۽ طبقاتي رسا ڪشي، مذھب ۽ مذھبي رويا ۽ سماجي انساني مسئلا جن کان متاثر ٿيل گهڙيون ڪھاڻين جو روپ اختيار ڪن ٿيون. اھڙا سلسلا جڏھن حساس فرد مٿان گذرن ٿا يا اھو خود پسي ٿو ته ھن جي اندر جيڪو فن آھي اھو مانڌاڻ مچائي ڇڏي ٿو. اھڙي طرح فنڪار جي اندر ۾ جيڪو حساس پڻو آھي اھو گھرائي مان جنھن جذبي سان اظھار جو وسيلو بڻجي منظر ٿي اچي اھو ئي تخليقڪار جي صورت ۾ ڪنھن نه ڪنھن صنف جي واٽ وٺي اچي ٿو.
    اھڙي طرح ڪھاڻي جي اندر مان به ڪھاڻيون سرجي ھن سماج وٽ اچن ٿيون. ماڻڪ به ان ئي سماج جو فرد آھي جنھن جو ماضي به آھي، حال به آھي ۽ مسقبل به، ماڻڪ اھڙي معاشري جو فرد آھي جنھن وٽ سياسي سماجي مسئلا آھن ۽ ريتون رسمون به آھن ۽ نفسياتي مسئلا به آھن. ماڻڪ جي اندر ۾ جيڪي فنڪارانه جذبا آھن اھي ھن کي ماٺ ۾ ويھڻ نٿا ڏين. اھي اظھار جو وسيلو بڻجي ڪھاڻي، ناول ۽ ناٽڪ جي صورت اختيار ڪن ٿا. ھن جنھن جذبي، شوق ۽ لگن سان جيڪا راھ اختيار ڪئي اھو ھن کي منفرد انداز ۾ آڻي بيھاري ٿو.
    ماڻڪ ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ جو ستر واري ڏھاڪي جو ليکڪ آھي. ۽ ھن دور کي سنڌي ڪھاڻي جي شاندار ڪھاڻين جو دور ليکيو وڃي ٿو. ان دور ۾ سليم ڪورائي، رزاق مھر، ڪيھر شوڪت، طارق عالم، عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا، مدد علي سنڌي، بيدل مسرور، شوڪت حسين شورو، رسول ميمڻ، خيرالنساءَ جعفري، نورالھدى شاھ، مشتاق شورو ۽ ماڻڪ (مونسان گڏ ٻيا به ڪھاڻي جا ليکڪ آھن جن جوذڪر ڪنھن ٻئي ڀيري ڪندس) انھن باقاعدي سنجيدگي سان ڪھاڻيون تخليق ڪيون ھن کان اڳ ورھاڱي کان پوءِ شيخ اياز، جمال ابڙو، اياز قادري، محمد عثمان ڏيپلائي، امر جليل، آغا سليم، غلام نبي مغل، قمر شھباز، عبدالخالق عالماڻي، ثميرا زرين، ماھتاب محبوب ڪامياب ڪھاڻيڪار ليکيا وڃن ٿا. جن ستر واري دور ۾ به پاڻ موکيو آھي.
    اھڙي طرح ماڻڪ سنڌ اندر جديد ڪھاڻي جي حوالي سان پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي ڇڏي آھي. ماڻڪ ڪھاڻين ۾ ان غليظ مڪروه سماجي روايتن کي سڃاڻي اوگهاڙيو آھي. جيڪي سماج اندر معزز، معتبر ۽ احترام لائق عزت وارا آھن. انھن جي ڪوٽن مان جنھن نموني سان سندن ريتن رسمن جو ماڻڪ جهاتي پائي مشاھدو ماڻيو آھي. ان جو بيان ھن ريت ڪري ٿو.
    ”بيبي جنان ۾ جن اچي واسو ڪندو ھو ته ھوءَ سڄي ڳاڙھي ٿي ويندي ھئي. ڄنڊا کولي ڪنڌ ڌوڻيندي ھئي، سندس سڄو جسم گرم ٿي ڦڙڪڻ لڳندو ۽ جيڪو به سندس ڀر ۾ ويھندو ھو ان کي ڀاڪر پائي چڪ ھڻندي ھئي، رانڀوٽا پائيندي ھئي. ان جي چمڙي چوسي رت ڪڍي ڇڏيندي ھئي، بيبي جنان جي اھڙي ڪيفيت قرآن شريف سان شادي ڪرڻ کان پوءِ ٿي. حويلي اندر چيو ويندو ھو ته سيد خاندان جو ڪو نيڪ روح اچي واسو ٿو ڪري. پر ڳوٺ جي مسجد جو مولوي چوي ٿو ته روح ڪڏھن به گنھگار دنيا ۾ نٿو اچي سگهي. باقي بيبي کي جن ٿو اچي جيڪو سيدن جي گهر جو مھمان آھي. ھن مولوي جي ڀرم رکڻ واري معاملي کي ۽ سيد جي عاقبت کي اھڙي طرح ڦولھيو آھي جو اصل ساري مام پروڙجي ٿي وڃي. بيبي جنان جنھن جي سونھن ماڻڪ ھن ريت بيان ٿو ڪري ”جا بھار ۾ جوڀن تي رسندڙ ٽڙيل گل جنھن جون نفيس نازڪ نرم ۽ لسيون پنکڙيون مقناطيسي ڇڪ رکنديون آھن. جن جي سڳنڌ موسم بھار جي صبح صادق ۽ ٽڙيل گلن وانگر پري کان محسوس ٿيندي آھي ۽ پاڻ ڏانھن بي ساختگي ڪشش ڪندي آھي.” اھا بيبي جنان جڏھن جوڀن جي روءُ مان گذري ٿي ته سندس جذبا کيس نفيساتي مريض ٿا بڻائي ڇڏين، جو ھو چرين جيان پاڻ وار کولي ٿي ڇڏي جيڪو ڀر ۾ اچي ٿو ان کي رانڀوٽا، چڪ ھڻي رتورت ٿي ڪري ڇڏي. جيڪو ماڻھو يا شيءَ ڀاڪر پئجي وڃيس ٿو ان کي زور سان پڪڙي لوڏيندي رھي ٿي جڏھن ساڻي ۽ بي حالي ٿي وڃي ٿي تڏھن مائي ساران ھن جي اھڙي حالت ڏسي اچرج ۾ اچي وڃي ٿي.“
    جنسي مرض واري ڪيفيت مان نڪرڻ لاءِ بيبي جنان پنھنجو علاج ڳولھي رھي ٿي. گهر مان وٺندڙ ڏڌ واري ڇوڪري کي پنھنجا جذبا ارپي ٿي. ماڻڪ اھڙي سگهارن ماڻھن جي ريتن رسمن کي فنڪارانه انداز سان خوار ڪيو آھي جو کيس حال حيات ھوندي گارين ڌمڪين جي صورت ۾ موٽ پئي مليس. ماڻڪ جي اھا ڪھاڻي ”حويليءَ جا راز“ ماڻڪ جي سڀني ڪھاڻين کان سٺي ليکي وڃي ٿي. اھڙي طرح ھڪ ٻي ڪھاڻي ”حقيقت رکو” ساڳي روايتن جي پاسدار ڪندڙ رئيس جي ملڪيت جي ورڇ واري، سلسلي جي ڪڙي آھي. رئيس پنھنجي نياڻيءَ جي شادي ڪرڻ نٿو گهري، ۽ ھوءَ بيمار آھي. ان جي علاج لاءِ پنھنجي ننڍپڻ جي دوست ۽ خانداني ڊاڪٽر سان رابطي ۾ اچي ٿو. اھو تشخيص Diagnosis ڪري ٻڌائي ٿو ته Hystereo Manna Conditions جو علاج صرف شادي (Sexual urge)جنسي گهرج جي تسڪين لاءِ فطري گهرج آھي. رئيس جي ڳالھه نه مڃڻ تي ڊاڪٽر طبي علاج کي عارضي سڪون سمجهندي، پاڻ فطري طور گهرج پوري ڪري ٿو. معاملو وڌي وڃي ٿو، ٻار جو پيٽ ۾ پروش وٺڻ تائين پھچي ٿو. جڏھن رئيس عمرو ڪري واپس اچي ٿو، ساري خبر ملڻ کان پوءِ بجاءِ ڌيءَ کي قتل ڪرڻ واري روايت قائم ڪرڻ جي ھو ڊاڪٽر آڏو مسئلو رکي ٿو ۽ کيس شادي ڪرڻ جي پڻ آڇ ڪري ٿو. پر ڊاڪٽر اخلاق جا ھڙ ئي قدر ٽوڙي چڪو آھي. پنھنجي اھڙي ڪڌي عمل کي قانوني ڏوھ نٿو سمجهي. ھو اھڙي عمل کي فطري ضرورت سمجهي پوري ڪري ٿو. جڏھن ته ھو ساڳي وقت شھر جو مشھور ۽ سٺن فزيشنن مان ھڪ آھي. پيشي سان لڳاءُ رکندڙ انسان دوستي کان مشھور شھر جي معزز شخصيتن ۾ ڳڻيو ٿو وڃي، ۽ زال، نوجوان پٽ ۽ ٻن ڌيئرن جو پيءُ آھي. پيشي جي ڪتابن کان علاوه ادب، فلسفي، نفسيات ۽ سائنس جي مختلف ڪتابن جو مطالعو ٿيل ھئس. اھو ڊاڪٽر رئيس جي نياڻي شھزادي لاءِ ويچار رکي ٿو. خوبصورت سادي سودي سٻاجهي ڪنواري آھي تنھن معصوم جي زندگي کي گهاءُ رسائي ٿو ڇڏي. ھو نه رڳو دوست سان دوکو ٿو ڪري پر ان معصوم ڇوڪريءَ سان ويساھ گهاتي پڻ ڪري ٿو. اھڙي ڊاڪٽر جي اھڙي مقدس پيشي جي منھن تي جيڪا ڪارنھن ملي ٿو ته اھو ڊاڪٽر جي نالي تان ويساھ کڻائي ڇڏي ٿي. ھو اھڙو رھزن ثابت ٿئي ٿو جو پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي ختم ڪرڻ گهري ٿو. ماڻڪ جي ڪھاڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن سان گڏ جنسي مسئلن جو شڪار ٿي ويل ڪردار به ملن ٿا. ماڻڪ جي ڪھاڻي ۾ جيڪا ترقي پسندي نظر اچي ٿي ان ۾ حقيقت پسندي جي عڪاسي ٿيل آھي. ماڻڪ وٽ نه رڳو ڏانو آھي پر ڏات به آھي. ھن جنھن جديد انداز سان ڪھاڻي لکي آھي ان ۾ ھن ڀرڀور طريقي سان پاڻ موکيو آھي.


    (ڪونج، لاڙڪاڻو: نومبر ڊسمبر 1994ع)


    رھجي ويون من ۾ آسون : صابر ھيسباڻي 


    رھجي ويون من ۾ آسون : صابر ھيسباڻي

    ڀونءِ ڀلاريءَ جي ڀاڳن کي جيترن اديبن، شاعرن ۽ ڪھاڻيڪارن قلم جي سگهه سان ڏات ۽ ڏانءُ جي ذريعي اڳتي وڌايو آھي، ايترا ڪي ٻيا ماڻھو ھمت ۽ بلنديءَ جا جوھر جرڪائي ناھن سگهيا.
    پنھنجي پياري ڌرتيءَ جي پياري خوشبونءَ سان واسيل ھڪ نانءُ منھنجي ذھن ۾ محبوب جي تصور جيان ھري ٿو اچي. جيڪو ڏکڻ جي ھير جي ھڳاءَ جھڙو بھار ۾ پوندڙ بوندن جھڙو، سٻاجهو نانءُ سنڌي ڪھاڻيءَ جي خوبصورت ڪھاڻيڪار ماڻڪ جو آھي، جنھن اسان کان ڪاوڙجي ماءُ مٽيءَ سان ناتو ازل تائين جوڙي ڇڏيو.
    سالن پڄاڻان ھو اسان وٽ ته نه رھيو آھي پر کوڙ ساريون سُندر تخليقون اسان وٽ رھائي ويو آھي، جيڪي ماڻڪ جي زندھ ھجڻ جو ثبوت ڏيئي رھيون آھن. ماڻڪ جون ڪھاڻيون مونکي محبوب جي چنريءَ جي ڦلن کان به وڌيڪ خوبصورت لڳنديون آھن. ماڻڪ جي ڪھاڻين جو اسٽائيل نرالو آھي. ھن جي ڪھاڻين ۾ سچائيءَ جو سرور ۽ حقيقتن جي پرچار سان ڀرڀور عڪاسي ڪندڙ پلاٽ جن تي ويھي ھو سندر سندر تخيلقن کي جنم ڏيندو ھو. ماڻڪ جن پلاٽن تي ڪھاڻيون لکيون آھن سي انسان جي زندگيءَ ۾ ٿيندڙ حرڪتن تي مبني آھن. دوست چوندا آھن ته ماڻڪ مري ويو آھي پر آئون ائين چوندو آھيان ته ھو زندھ آھي زندھ رھندو جيسين سنڌ، سنڌوءَ جون ويرون سلامت ھونديون تيسين ماڻڪ به امر رھندو. جيون جي نٽھڻ اُس ۾ جڏھن به ماڻڪ جون ڪھاڻيون پڙھندو آھيان ته مونکي پپر جي ٿڌڙي ڇانوءَ جھڙو سايو ڏيندڙ ڀاسنديون آھن. زندگيءَ جي سفر ۾ ماڻڪ اھڙيون ڪھاڻيون ڏيئي ويو آھي جو اڄ به پڙھڻ سان نيون لڳن ٿيون.

    رھجي ويون من ۾ او ماڻڪ!
    ھا آسون توسان ملڻ جون (صابر)


    جڏھن سڄڻ سفر ھليا : نصير مرزا

    جڏھن سڄڻ سفر ھليا : نصير مرزا

    26 جنوري، اڱاري جي ڏينھن، ٻي وڳي منجهند برک ڪھاڻيڪار ”ماڻڪ“ جي اوچتي دکدائڪ وفات واري خبر 27 جنوري تي شام سوائين ڇھين وڳي تصديق ۾ تبديل ٿي چڪي ھئي. کوڙ سارن دوستن جو پنڊ پھڻ دائرو ۽ وچ ۾ سائين نثار حسينيءَ تصديق لاءِ الاءِ ڪھڙي اخبار کي فون ڪيو.
    سائين فون تي ڳالھائڻ جي ابتدا ڪئي. ته دل ڌڙڪڻ لڳي ته اھا خبر . . . . . شايد . . . نه نه ! پر اوچتو ڳالھائيندي، سائين اکين ئي اکين ۾ چئي ڏنو ”ماڻڪ ختم ٿي ويو.“ جهلڪ پلڪ لاءِ سڀ فريز ٿي وياسين، پر برف کي آخر ته ڳرڻو ئي ھيو ۽ ان کان اڳ جو اکين ۾ برف رجڻ لڳي، ٻيڙيءَ جي سوراخن مان پاڻي اندر ڌوڪي چڪو ھو ۽ نيشنل سينٽر جون ڏاڪڻيون ڏاڪو ڏاڪو ڪري ھيٺ لھي رھيا ھئاسين، ته ڏاڪڻ تان لھندي ٿڪل ٿڪل وکون کڻندي ائين لڳو، ڄڻ ڏاڪڻ جي ڏاڪن تي تيز اڇا بليڊ رکيا ھئا. ۽ پوءِ ھيٺ شھر جا رستا، فليٽ، ڪارون، بسون، آسپاس کوڙيل اشتھاري بورڊ. ھر شيءِ ھڪ ۾ خالي پڻو جو احساس. سائين نثار اوچتو ھلندي چيو: ”يار سعيد! ماڻڪ جي ڊيٿ نروس ڪري ڇڏيو آھي ۽ مان سوچڻ لڳس ته، موت اھڙي وٿ/ سگهه آھي جيڪا ماضي، حال، مستقبل ۾ سڄي دنيا جي ماڻھن، ساھ وارين شين تي حاوي رھي آھي. قلم ته برابر ليکڪ جي ھٿ وس ھوندو آھي پر ھو اُن سان پنھنجي تقدير ۽ ڄمار ته نٿو لکي سگهي، ۽ ماڻڪ به مري ويو، اڳتي ھلي اسان مان به ھر ھڪ کي ڌرتيءَ تي ھلي پنھنجو پنڌ کٽائڻو آھي، اھو طريقو ازل کان ھلندو اچي. ”پر ڇا اھا ماڻڪ جي وڃڻ جي مھل ھئي؟”
    ”مون کي چاڙھي چيئنءَ ويو وڻجارو اوھري” مٿان اھا به عجب جھڙي دکدائڪ ھڪجھڙائي آھي، ته بنھه انھي ساڳي (ماڻڪ واري) خوبصورت ايج ۾ . جو ماڻڪ بنھه پيارو دوست ۽ برک ڪھاڻيڪار عبدالحق عالماڻي به ويچاري ڀاڀي ۽ ھڪ پٽ کي اڪيلو ڇڏي ھليو ويو. ماڻڪ جي ڏات، ذات، فن ۽ فڪر تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ لاءِ مان نھايت ننڍڙو آھيان. ”نه“ برابر آھيان. ڪھاڻي کان، ناول کان، ناٽڪ کان تنقيد تائين، سنڌي ٻولي جي ھن ذھين ليکڪ جي ھڪ ڊگهي ادبي ياترا آھي. ماڻڪ ھر صنف ۾ زندگيءَ جي تلاش جو سفر ڪيو آھي. زندگيءَ جي اڀياس جا طريقا ھر احساس ۽ آدرشي ليکڪ وٽ پنھنجا ھوندا آھن ۽ ماڻڪ وٽ به ھئا. ماڻڪ بيشڪ ته – نه فقط سنڌيءَ ٻوليءَ جو ذھين ۽ گهڻ پڙھيو ليکڪ ھو، پر ھن جيڪو ڪجھه به پڙھيو ھو، اُن بابت ھن سوچيو به ھو. ماڻڪ وٽ ھر متضاد سياسي ۽ قومي مسئلي جي لاءِ ھڪ راھ ھوندي ھئي. ماڻڪ پنھنجي آخري لکڻي توڻي پنھنجي آدرشن سان وفادار نظر اچي ٿو ۽ اھا ڳالھه به پڌري پٽ ڪرڻ چاھيان ٿو ته، ماڻڪ روايتي آدرشوادين ۽ سياستدانن وانگر پنھنجا آدرش ماڻھن تي ناھن مڙھيا. ماڻڪ پنھنجي ڏمريل ٽھيءَ جو اڪيلو ۽ منفرد نمائندو ھو ۽ آھي! ماڻڪ جيڪو ڪجھه لکيو آھي ان جي ٽيڪنڪ ٻولي جو واھپو – جملن جي جوڙجڪ – مواد جو ورتاءُ، مطلب ته منفرد نثر جيڪو ماڻڪ لکيو ان جي ابتدا به کانئس ئي شروع ٿئي ٿي. ماڻڪ وٽ مايوسي ۽ اسپوڊٽي فيشن طور نه ھئي. اھو ماڻڪ جي مشاھدي جو ڪمال ھو. ھو پنھنجي ڪھاڻين ۾ آئوٽ ھائيڊر قطعي ڪونه ھو. ماڻڪ – سنڌي ڪھاڻيءَ لاءِ جنھن (Theme) سان نڀايو، اُھو ٻي ڪنھن جي وس جي ڳالھه نه ھئي. ھڪ مڪمل آئيڊيالاجي کڻي ان سان نڀائڻ! بس ماڻڪ جھڙي گهڻ پڙھيئي ۽ آدرشي ليکڪ جي ئي وس جي ڳالھه ھئي. ماڻڪ ڪنھن وڏي ذھني ڪشمڪش ۾ مبتلا ھوندي به ٻاھران بظاھر ڏيک ويک ۾ ڄڻ پُرسڪون زندگيءَ جو استعارو لڳندو ھو.
    (تنھنجا منھنجا نيڻ ائين ڄڻ، رڻ ۾ رات ٺري)
    ڪنھن رشي منيءَ جھڙي سانت سڀاءُ رکندڙ ھي ڪھاڻيڪار سنڌي ادب جي اتھاس ۽ مکيه حيثيت ۾ زندھ رھندو ۽ 26 جنوري جي سانجھه، ھٿ ۾ ڪارا جهنڊا کڻي رستن تي لھي آئي ھئي، تڏھن نوابشاھ جي موھني بازار جي نور مسجد جي ايوان ۾، عظيم ڪھاڻيڪار جي قبر کوٽجي رھي ھئي. ٻئي ڏينھن، 27 جنوري تي جڏھن سورج ڌيري ڌيري آسمان تي چڙھي رھيو ھو. ماڻڪ ڌرتيءَ جي پاتال ۾ دفن ٿي چڪو ھو. تڏھن رات جو مون بئڊلڪ ڊائريءَ ۾ لکيو:
    ”گگهه قبر روشن ٿي ويئي!
    ڄڻ اسان ھڪ ڏيئي کي دفنايو آھي.“



    (”ماڻڪ مٽ سندوم“ تان ورتل)


    ڏات ۽ ڏانءُ جو نانءُ: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

    ڏات ۽ ڏانءُ جو نانءُ: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

    زندگيءَ جي ڏکن ۽ سکن جي عڪاسي ڪرڻ اديب جو ڪم آھي. اديب اِتي ھڪڙو سٺو فوٽوگراف آھي. جڏھن ھو خود اُن ڏکن جي گهاڻي ۾ پيڙجي يا سندس ڇاتي پيڙجي ته به ھن جا ٺاھيل لفظن جا فوٽو متاثر ڪندڙ ھوندا آھن. ڪيتريون ڳالھيون آھن، جيڪي اڪثر اديب صاف صاف چوندا آھن. ڪنھن ڏند ڪٿا، ڪنھن اشاري ڪنايي ۾ نه چوندا آھن. انھن ۾ اسان وٽ نجم عباسيءَ جو ھڪڙو مثال ڪافي آھي. جيڪي وري ڏند ڪٿائن، اشارن ڪناين سان ڳالھه چوڻ گهرن ٿا، تن ۾ ماڻڪ ھڪ نشانبر ليکڪ آھي. ھن ابتدا ۾ اشارو ڪنايو گهٽ ڪم آندو. پاتال ۾ بغاوت تائين ايندي ھو اشاريت ۽ علامت نگاريءَ جي ھڪ علامت بڻجي ويو. جنوري 1982ع ۾ ھو روبوٽ وانگر پٺ ورائي ھليو ويو. پنھنجو خيال آھي ته سندس ڪھاڻي روبوٽ اُن ڳالھه جو اشارو آھي. روبوٽ کي واپس ورڻو ھو. ھن کي جيڪو ڪم ڪرڻو ھو، سو مڪمل ڪري لال لانگ ورائي ڪرھو ڪاھي ھليو ويو. سنڌي ادب کي ماڻڪ جيڪي ڏيئي ويو، سو ايترو ۽ ايتري معيار وارو آھي جو کيس بيڪس سان ڀيٽجي.
    بيڪس ننڍي عمر ۾ گذاري ويو، پر سندس ڪلام جو معيار اوچو آھي. ماڻڪ سنڌي ڪھاڻي ۾ منفرد طرز جو ليکڪ آھي. سندس تحريرن جو وڏو حصو اُن پيڙا جو پڙلاءُ آھي، جنھن خود کيس پيڙھين ھن سماج ۾ جيڪو ظلم ڏٺو، ان خلاف لکيائين. ”سمجھه جي مار“ وارن کيس ئي چؤکنڀو ٻڌو – ھي ”بداخلاقي ٿو پکيڙي – جنسياتي مرضن ۾ ورتل آھي.“ ماڻڪ جي ڊگهي ڪھاڻي / ناولٽ ”رڃ ۽ پڙاڏا” ۾ شبوءَ جي پيڙا ھر اُن نوجوان جي پيڙا آھي، جيڪو نابرابري ۽ ظلم جو شڪار آھي. جذبن وھيڻو آھي پر بيوسيءَ جي اھڙي ڄار ۾ ڦاٿل آھي، جنھن مان ھڪڙو مڪمل نسل پاڻ کي ڇڏائي نٿو سگهي. عاشي به اُن ڄار ۾ ڦاٿل ۽ ڦٿڪندڙ ھڪ جيو آھي ۽ ڏاڍ جي سھپ جي علامت آھي.
    عاشيءَ کي زندگيءَ جو طوفان اُڏائي کڻي ٿو وڃي. اُن جو وجود ھڪ ڀرڀور زندگيءَ جي علامت مثل آھي ۽ غيرموجودگي زندگيءَ جي کوکلائپ ظاھر ڪري ٿي.
    ماڻڪ زندگي کي گلن جي سيج جي صورت ۾ نه ڏٺو. ھن لاءِ زندگيءَ جو احساس پيڙا ڀريو ۽ اذيت ناڪ ھو.
    پيڙا کي ماڻڪ جنسيات جي حوالي سان به ڏٺو. سندس مجموعي ”ڇھه انام ڪھاڻيون“ جي پھرين ڪھاڻي کي ڏسبو ته زندگيءَ جي سوچن جو ھڪ پھلو اسان جي اڳيان ايندو، جتي محبت ۽ نفرت ھڪ ٻئي سان ڳتيل ملنديون. خواھشون جي پوريون نٿيون ٿين، ته اُن لاءِ ڏوھاري ٻين کي ٺھرايو وڃي ٿو. ماءُ به ڌيءُ کي نٿي وڻي. ماءُ جي پرسڪون زندگيءَ کي ڌيءَ نفرت ۽ ڪڏھن ريس جي نظر سان ڏسي ٿي. منھنجي خيال۾ حقيقت نگاريءَ جو سھڻو مثال پھرين ڪھاڻي جي ھن پئرا ۾ آھي:
    ”جسم ۾ آيل ابتي ڪتڪائي ڪرنٽ بڻجي، انگ انگ ۾ ڦھلجي ويس. واڻ واري منجيءَ تي ويٺي، ٻئي اڀا ڪيل گوڏا سولا ڪيائين. انھن تي ٻانھن جون ٺونٺيون رکي. ھٿن جي ترين سان منھن جهلي سوچڻ لڳي: پيار جو لڳ به ڪيڏو عجيب آھي. ھر شيءِ پياري ۽ وڻندڙ. اھائي امان آھي، ھونئن صبح جو اُٿندي آھي ته نماز کان وٺي نيرن پوري ٿيڻ تائين ٻارن کي چھڙون ڏيندي آھي. ھاڻ ڪيئن نه سڀني تي ٻلھار ويندڙ نھار ڪري وڃي مسلي تي بيٺي آھي . مئي رن . . . ”
    انساني زندگيءَ جا ڪيترائي رنگ آھن. ھن جي ھمت ۾ اُتساھ ڀريل عمل جو به ھڪ دائرو ھوندو آھي، ھن جي سوچ ئي کيس اُتم ڪري ٿي، دولت ۽ دٻدو کيس اُتم ڪونه ٿو ڪري. ڪٿي کيس اُن جي پرچار جو موقعو گهٽ ئي ڇو نه ملي، ته به سندس اُدم جيئرو رھي ٿو.
    ماڻڪ وٽ سسيفس جي ڏند ڪٿا جي اوٽ بي معنى نه آھي، ”پاتال ۾ بغاوت” ماڻڪ جي اُن جذبي جو پڙاڏو آھي، جنھن کي ھن پنھنجي زندگيءَ جو حصو ڄاتو ۽ ھڪڙي مؤثر ۽ علامتي انداز سان ظاھر ڪيو، سسيفس لاءِ، ديوتا جي حڪم موجب ڳري پٿر کي مٿي نيڻ کان انڪار ڪرڻ موت کي سڏڻ جي برابر ھو. ھو ھٺيلائي ڏيکاري ٿو ۽ ڄاڻي ٿو ته انڪار ڪرڻ زيوس ديوتا کي بي مانو ڪرڻ جي برابر ڄاتو ويندو:
    ”سسيفس پنھنجي ھيڻي ھستيءَ کي، جيڪا جڳن کان ٿڪل ھئي، تاڻي تڙو کڙو ڪيو. آواز ۾ پنھنجي وير جو وڍيندڙ احساس اوتي چيو: پسر زيوس! منھنجو انڪار، انھيءَ روايتي انڪار کان نرالو آھي. ھيءَ منھنجي بغاوت، پنھنجن وڏڙن کان نه، پر اختياري سگهه جي خلاف آھي. مرڻي جي اَمرڻي خلاف. ڌرتيءَ سان دل رکندڙ جي، آڪاس خلاف. ھيڻي جي سريشت خلاف.”
    سسيفس کي سندس انڪار جي سزا طور پاتال ڏانھن نيو ويو. ھو جڪڙيل ھوندي به سوڀارو ٿيو. پاتال ۾ سناٽو ھو. ظلم جا پاڇا ھئا، پر عزم جهڪو نه ھو. اِھوئي مقصد آھي ”پاتال ۾ بغاوت” جو.
    روزگار جي تنگيءَ جو ذاتي احساس ماڻڪ کي رھيو. ھن جي ڪھاڻين ”وقتائتو موت” ۽ ”ڪلارڪ جي پھرين تاريخ” اُن تنگيءَ جا خاص طور نشان موجود آھن، انھن ۾ گهر جو ھر ڀاتي ھر ضرورت ۽ دوا درمل لاءِ حيران ھجي.
    شوڪت شوري جي چوڻ موجب ماڻڪ ”اگهاڙو سچ چوي ٿو“. اھو ھن ”لڙھندڙ نسل“ ۾ به چيو آھي ۽ ھر ڪھاڻي ۾ پنھنجي انوکي انداز سان چوي ٿو. اگهاڙو سچ عورت جي فطرت ۽ سوچن بابت ڇو نه ھجي.
    ماڻڪ رک رکاءُ نه ڪيو آھي. اَنام ڪھاڻين ۾ ٽين ڪھاڻي ان جو ثبوت آھي، بيمار زال جا وھم وسوسا ۽ مڙس تي ٻلھار ويندي به شڪ پوڻ. اھو سڀ انساني نفسيات ۾ شامل آھي.
    ماڻڪ جي طرز پنھنجي آھي. ھو پنھنجي ڍنگ سان ھر ڳالھه چوي ٿو. سندس لھجو ڪٿي ظاھر ۾منجهيل آھي پر بي معنى نه آھي. اِھو سبب آھي جو اڪثر ”ڪويسرن“ کي چيل ڳالھه سمجھه ۾ نه ايندي آھي ۽ ھڪ ھڪ لفظ ڌار ڪري ان جي گندگي ڏي پيا ڌيان ڇڪائيندا آھن.
    ماڻڪ جون دوائون ڪئوڙيون آھن، پر اجايون ۽ غلط نه آھن. سماجي بيماري بابت ٻڌايل نشانيون ھر ڪنھن کي سمجھه ۾ اچڻ واريون نه آھن.
    ”حويلي جا راز“ جيتري آساني سان سمجھه ۾ اچڻ جھڙا آھن، ”پاتال ۾ بغاوت” کي سمجھڻ ايترو سولو ڪونھي. ان لاءِ ڪجھه مٿاڪُٽ جي ضرورت پوي ٿي. اھوئي ھڪ ليکڪ جو معيار ۽ مزاج آھي، جو اُن جي گفتي کي پروڙڻ لاءِ ڪجھه سوچجي.


    سنڌيت جي اندروني ايڪسري : موھن ڪلپنا

    سنڌيت جي اندروني ايڪسري : موھن ڪلپنا

    ڄام ساقي 1977ع ۾ چيو: مان ٽيھن سالن کان پاڪستاني آھيان. مان چوڏھن سؤ سالن کان مسلمان آھيان، مگر مان پنجن ھزار سالن کان سنڌي آھيان.
    منير احمد ماڻڪ لکي ٿو: سنڌي رسالا بند ٿي ويا. ھڪڙن کي عھدا مليا، ٻين کي جيل. طارق اشرف ابراھيم منشي آرٽسٽ فتاح . . . ۽ ان کان اڳ لکي ٿو. . . نالي وارو سنڌي شاعر کيس وھم ٿي ويو ته کيس ماريو ويندو ( ان ڪري ھن عھدو ورتو)
    وائيس چانسلر جو عھدو وٺڻ بعد پھرين تقرير ۾ شيخ اياز چيو: مان جنم کان مسلمان، شعور کان پاڪستاني۽ زبان کان سنڌي آھيان!
    ماڻڪ جو ھي ناول پاڪستاني آمريت، پرماريت ۽ غدار وڏيرا شاھيءَ جي پس منظر ۾ سنڌ جي سنڌين جي تباھي جو مختصر مھاڀارت آھي. ”ساھ مٺ ۾“ سنڌي زبان جو پھريون جديد ناول آھي. اُن ۾ وجوديت ۽ بعيدالعقلي فٽ ڪيل نه آھي. اھا پاڻ خود مرادو ماحول مان اُڀري ٿي. مکيه ڪردار جي مجبوري بڻجڻ شخصي نه آھي: مگر ان نظام مان ڦٽيل آھي، جنھن موجب ھر شخص کي فقط ٻن ڪاساين ۾ چونڊ ڪرڻي آھي ته ڪھڙو کيس ”گهٽ سڀيه“ طريقي سان ماريندو. ھن لاءِ اليڪشن فراڊ آھي، اھو فراڊ سنڌ دشمن۽ وڏيرن ڪيو آھي.
    ماڻڪ پاڪستان ۾ ٻن قسمن جا ماڻھو ڏسي ٿو، ھڪڙا جن کي پنھنجي زمين ۾ الڳ سڃاڻپ آھي. اھي ماڻھو ۽ سندن سڃاڻپ ختم ڪئي ٿي وڃي. ٻيا اتي آيل ماڻھو آھن، جن کي زمين ڪونھي. ھو اڳلن کي ھٽائي ان زمين جا والي ٿيڻ چاھين ٿا، ڇو ته ھنن وڏيون قربانيون ڪري، جان جوکي ۾ وجهي پاڪستان ھٿ ڪيو آھي. جيئن ماڻڪ لکي ٿو، جيئن ڌاڙيل، جان جوکي ۾ وجهي ٻين جو مال لُٽيندا آھن.
    جڏھن الف محترمه ب سان شادي ڪيل آھي، ھو ريسرچ جي ڪم ۾ لڳل آھي، کوجنا جو موضوع آھي: سنڌين جي نسل ڪشي (قومي آپگهات) ھو ڪنھن به سياسي پارٽي جو ميمبر ڪونھي. نه ميڙن ۽ جلوسن ۾ وڃي ٿو، مگر ٿي سگهي ٿو ته ھن جي کوجنا ماڻھن کي ٻڌائي ته:
    (1) سنڌي ڪافر آھن (ھندو خواھ مسلمان). سنڌي ڏاھر جو اولاد آھن. سندن وفاداري سنڌ ڌرتي ۽ ماڻھن مان آھي.
    (2) (برٽش) ھندستان (۽ ان ڪري پاڪستان به) جي مسلمانن جون بنيادي وفاداريون ڌرتيءَ کان وڌيڪ فاتح ملڪن سان آھن. افغان، مغل، ايراني، عرب.
    (3) سنڌين کي مسلمان بڻائڻ جي سازش آھي ۽ ھر اھو سنڌي مسلمان آھي، جو پھريون پاڪستاني پوءِ سنڌي آھي! سنڌي وڏيرن اھو اصول مڃي ڇڏيو آھي. ذوالفقار ڀٽو به، پر پس پيش جو سنڌي آھي ڦاسي کائي ٿو – ھڪ رٿائتي ڪوشش ته سنڌين کي غيرسنڌي بڻايو وڃي. ( ڊي – سنڌيائيزد)
    (4) ۽ ڪوشش اھا ته ھندستان جا سنڌي اتي جذب ٿين ۽ ھتي جا سنڌي پنھنجا مفاد گهڻائيءَ جي مفادن ۾ درج ڪن.
    جناب الف پٺيان ڪڏھن به ختم نه ٿيندڙ پيڇي جو مسلسل احساس نه ھو، پنھنجي رياست مان غداري جي ڏوھ ۾ جهلبو ۽ ماريو ويندو ۽ سندس اھو عقيدو ته ڌرتيءَ سان وفاداري، اھا ”غداري” سندس حق آھي، جو ھو ڇڏي نٿو سگهي. سندس ھر چرپر تي اک آھي. جا بنياد پرستن اھڙن الفن کي جاچڻ لاءِ جتي ڪٿي لڳائي آھي. چؤطرف جاسوس. ھو ڪيڏانھن وڃي؟ ڊڪي؟ ڊڪي ڪيڏانھن وڃي؟ يا کيس وھم آھي؟ ۽ کيس ٽرئنڪولائيزرس وٺڻ گهرجن جو اسين نيو راسر ايج جا رھواسي آھيون؟ مگر ڪٿان جاڳيو؟ ڇو؟
    حراس، خوف، گھٻراھٽ! زال جا ڪپڙا لاھڻ کان پوءِ ٿڌو ٿيو وڃي ۽ ننڊ جون گوريون وٺي.
    محترمه ”ب“ جو خيال آھي ته شھر ڇڏي ڳوٺ ھلون. يا شھر ۾ رھي سنڌي ڳالھائڻ ڇڏيون. اجرڪ نه پايون.
    ٻوليوار فساد. سنڌين جون لئبرريون جلائڻ، کين مارڻ – ٻَڌڻ گم ڪرڻ. ون يونٽ ۾ سنڌ گم. ۽ ان تاريخي ماحول ۾ ڪي ويچار:
    الف: گوئرنگ جي چوڻي: جڏھن به ڪو شخص مون سان دانشمنديءَ جي ڳالھه ڪندو آھي، مان ھڪدم کيسي مان پستول ڪڍندو آھيان.
    ب: ملاوٽ؟ بابي ٿي چيو: ھندن جي وقت ائين ڪونه ھو!
    ب: بصر؟ ڪيئن نه مھانگا ٿيندا. پاڪستان، بصر ۽ عورتون عرب ملڪن ڏانھن روانا ڪري ٿو.
    پ: رياست پنھنجي دھشت انگيزي اسانکي نپوسنڪ ٿي بڻائي(اسٽيٽ ٽيررزم)
    ت: اسان وٽ ڪوٽا سسٽم آھي. ان ڪري شاھ لطيف پاڪستان جو علائقائي شاعر آھي.
    ٺ: جي ھندو ھجن ھا ته ائين ٿئي ھا؟ شھرن جا ھندو ڳوٺن جي سنڌين تي تيزاب ڦٽو ڪن ھا؟ کين ڇرا ھڻن ھا – سندن گهرن کي باھيون ڏين ھا؟ . . . ٺيڪ آھي. اسان کي ماري ڇڏين ھا مگر سنڌ کي نه مارين ھا!
    ٽ: سامھون واري گهر ۾ پوليس آئي. ڪاليجي ڇوڪرو نه ملين، صوبيدار گاريون ڏيندي چيو ته جي ڇوڪرو ٿاڻي تي پيش نه ڪيو ته سڀ رنون ٿاڻي تي گھلي وينداسين.
    ث: (اسان جي سنڌ جي حالت ته ڇا ٿو ٿئي؟ ڏسو) عورتن جي شرم گاھن ۾ اوٻاريل بيضا ۽ ميڻ بتيون! . . .
    ٿ: اسان سنڌين جي ڪمزوري آھي پٺتي ھٽندي خاموشي اختيار ڪرڻ، ھڪ قومي خصلت؛ درويشائي.
    چوطرف ھزارين ڪوئا پليگ آڻيندڙ. ھڪ ھڪ ماڻھو جو وجود ٽڪيندڙ مڪڙ. خاتمي جو سلسلو جاري. سڀ ھڪ ڇپ جي بار ھيٺان دٻيل.
    اڄ مون ھي ڪتاب پڙھيو . . . ليٽي شروعات ڪيم، پوءِ ڀت تي ٽيڪ ڏنم ۽ گهڻو وقت ڪرسيءَ تي ٿي ويٺس. مونکي لڳو، مونکي رت جي اُلٽي ايندي. مونکي لڳو، ماڻڪ نه مُئو آھي، ماڻڪ سان گڏ، اڄ، منھنجي اندر جو به، ھڪ حصو مري ويو آھي. مونکي لڳو ته ماڻڪ جيڪڏھن ھي ناول نه لکي ھا ته ماڻڪ ايترو جلد نه مري ھا. مونکي لڳو ته ھيءُ ڪتاب شاھد آھي ته ماڻڪ جي جواني ۾ موت جو ڪارڻ ھن ڪتاب جي رچنا آھي. مگر ھيءُ ڪتاب ماڻڪ جي جيئري ڇپجي ھا ته اھو سندس موت جي اڳڪٿي جو اعلان بڻجي ھا.
    ماڻڪ، سوشالاجي ۾ ايم.اي ڪئي ۽ ايم.ايڊ جي ڊگري به ورتائين. ڳپل عرصو بيروزگار رھيو. وڪالت ڪيائين ته ڪنھن ميڊيڪل اسٽور ۾ به ڪم ڪيائين ۽ ھڪ دوست کي لکيائين : ٻنھي ڌنڌن ۾ ٺڳي، جيڪا مونکي نٿي اچي.
    اھو اعتراف درج لائق آھي.
    فنڪار بنيادي طور ھڪ سريشٽ انسان ٿئي ٿو. سندس اھا سريشٽا جڏھن رسم رواج، سياست ۽ واپارين جي دوان پيچن، وڏيرا ۽ ڪامورا شاھي، فوجي راڄ ۽ ھر طرح جي نابرائي سامھون ھڪ سختگير نظام مان ٽڪر کائي ٿو ته ان ٽڪر جي انڀومان سوچ، لوچ ۽ عڪس اندازي پيدا ٿئي ٿي؛ جنھن مان کيس تخليق جو ججهو مواد ملي ٿو.
    سنڌ ون يونٽ ۾ آندي ويئي ته سنڌ ۾ ان جو سخت ردعمل پيدا ٿيو. ماڻڪ اُن دور جي پيدائش آھي. مگر ھو ان دور جي اڳواڻن خواه مارڪسواد، جنھن ۾ ويسھه رکڻ شروع ڪيو، ان مان بدذن ٿيو. اڳواڻن وٽ ڪو خاطر خواه نظريو ۽ تنظيم ٻئي نه ھئا ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي يوپيءَ جي مھاجرن جو قبضو ھو، جي پھرين مھاجر ۽ پوءِ ڪميونسٽ ھئا.
    ماڻڪ لاءِ قومپرستي خود ۾ ھڪ محدود چيز ھئي، مگر سندس جديت کيس ھر چيز اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لاء ِمجبور ڪيو ۽ ھن ڏٺو ته سندس پير پنھنجي زمين ۽ وقت ۾ پختا ھئا، ان ڪري ھو ھستيواد جي نظرئي کي انڀؤ جي جائز زبان بخشي سگهيو آھي.
    ڏھ سال اڳ مونکي مشتاق احمد شورو يا مدد علي سنڌي سندس ناول ”لڙھندڙ نسل” موڪليو ته مون سندس جائز انڀؤ جي شعاع ڏٺو، البت لڳم ته. ماڻڪ ڪٿي ڪٿي ضرورت کان وڌيڪ باتفصيل ۽ ان ڪري اگهاڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ھا چيز سجھه سڀاويڪ نه، مگر روايتي ۽ ترقي پسند ادب جي ودروه ۾ آئي آھي. اھو ودروه ”ساھ مٺ ۾” موجود آھي. ان ۾ اڳيئن ضرورت کان وڌيڪ ڪنھن چيز جي اُپٽار نه آھي. ان ۾ ڪوئن ڍڪ، ماڪڙن جي ڦھل ۽ مان مري ويندس، تي خوف مان ڀريل ڪوتائون آھن.
    ”ساھ مٺ ۾” ھڪ شخص جي پنھنجي سڃاڻپ بچائڻ جي ڪوشش آھي، جنھن ۾ ھو باقي ٻين جيان اڪيلو، بيوس ۽ مجبور آھي، مگر انھن کان مختلف ڪونھي.
    جان پال سارتر ”بينگ اينڊ نٿنگنيس“ بعد ”د مٽيريلزم ائنڊ ويو وليوٿنس“ ڪتابچو لکيو؛ جنھن ۾ به ھڪ منسٽر ئي قدرن جي بچاءُ لاءِ زندگي ۽ سماج، تاريخ ۽ روايات سان منھان منھن ٿئي ٿو. ماڻڪ ڇا ڪري جڏھن ته سنڌ جي حالتن ۾ ڪوبه صفائي ۽ جدلياتي ڦيرو نه آيو آھي؟ ھو چوي ٿو ائڪشن (ڪرم) . ان جو مطلب ته ناول اينڊ ليس آھي ۽ اھا ان جي سونھن ۽ سگهه آھي. ھي ناول ھڪ بارود آھي، جنھن جي سنڌ کي ضرورت آھي.
    مان پاڻ سان به ايماندار نه ٿيندس اگر مان ماڻڪ سان ھڪ اختلاف ظاھر نه ڪندس. سنڌ ۾ ذھين ماڻھو به آھن ۽ بھادر ماڻھو به آھن. اتي فقط تنظيم نه آھي، ان ڪري زور ائڪشن بدران تنظيم تي اچڻ گهرجي. پر پوءِ به ماڻڪ ماڻڪ آھي. ھو چاھي ٿو: سنڌي ڪرم ڪن.


    (”ماڻڪ مٽ سندوم“ تان ورتل)


    ماڻڪ مِٽ سندوم : احمد شاڪر

    ماڻڪ مِٽ سندوم : احمد شاڪر


    ماڻڪ بدران جي علي- مري وڃي، ها ته ڪيڏو نه سُٺو ٿئي ها- (علي بابا)
    *
    ڪي ڪي ماڻهو وسيع ڪائنات پاڻ منجهه سمائي گهمندا آهن ۽ اُهي جڏهن هتان هليا ويندا آهن ته، اها ڪائنات به پاڻ سان گڏ کنيون ويندا آهن. جيئن اسان وٽ عام ماڻهو چوندا آهن ته، مري ويو پر، پاڻ سان گڏ پنهنجو ڀاڳ به کڻي ويو- ۽ ائين ئي ماڻڪ- ته ويو پر، پنهنجي لکڻي جو ڊڪشن به پاڻ سان گڏ کڻي ويو. اها منهنجي راءِ آهي. ممڪن آهي ته، منهنجي راءِ غلط به ٿي سگهي ٿي ته، ماڻڪ- جي معيار واري ڪهاڻي سنڌ ۾ هن وقت ڪو به نه ٿو لکي!
    *

    سنڌي ڪهاڻي جي سفر ۾ ٿورا، اهڙا نالا آهن، جيڪي پنهنجي هُوئڻ جو احساس اڄ به ڏيارائين ٿا ۽ انهن نالن مان ڪجهه هيءُ نالا نمايان آهن. جهڙوڪ جمال ابڙو، علي بابا، نسيم کرل، امر جليل ۽ ماڻڪ ۽ وري ائين ئي انهن ڪهاڻيڪارن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سنڌ جي شعور جي سيني ۾ سمايل آهن.
    *

    جمال ابڙي جو ذڪر نڪري ته سندس ڪهاڻي ”پيراڻي“ سامهون سينگارجي اچي وڃي ٿي ۽ ائين ئي وري علي بابا جو ذڪر نڪري ته ”ڪارونجهر جو قيدي“ نسيم کرل جي ذڪر سان ”چوٽيھون در“ امر جليل جي ذڪر سان ”اروڙ جو مست” ۽ ماڻڪ جي ذڪر تي ”حويليءَ جا راز” ڪهاڻي ڪَر موڙي اکين آڏو اڀري ايندي.
    *

    ماڻڪ- بابت نصير مرزا- جا مختصر رايا. جن جو مون چونڊو. ماڻڪ- جي مختلف ڪتابن مان چونڊيو آهي. هي رايا توڙي مختصر آهن پر، پاڻ طرف ڇڪي / گهلي وڃن ٿا ۽ اهي مختصر رايا هيءُ آهن:
    ”ماڻڪ- جو اوچتو موت ائين محسوس ٿيو، ڄڻ بنهه منجهند جو اوچتو سج ٻُڏي ويو.”
    -
    ”ماڻڪ- جي ڏات، ذات، فن ۽ فڪر تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ لاءِ مان نهايت ننڍڙو آهيان- نه برابر آهيان.”
    -
    ”ماڻڪ- پنهنجي ڏمريل ٽهيءَ جو اڪيلو ۽ مُنفرد نمائيندو هو ۽ آهي.”
    -
    ”ماڻڪ- ڪنهن وڏي ذهني ڪشمڪش ۾ مُبتلا هوندي به، ٻاهران بظاهر ڏيک، ويک ۽ ڄڻ پُرسڪون زندگي جو استعارو لڳندو هو.”
    *

    ڏاها ماڻهو هر ڏيهه ۾ ڏک ڏسندا آهن ۽ انهن جو ڏوهه صرف ۽ صرف اهو هوندو آهي جو، هُو ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندا آهن!
    *

    سنڌي ڪهاڻيءَ جو ماضي، حال ۽ مستقبل ڪهڙي خاني ۾ آهي-؟ ان سوال جو سُلجهاءُ / جواب ڪهڙو آهي. ان تي جڏهن غور ڪبو ته، اسان کي سنڌي ڪهاڻي ماضيءَ ۾ شاهوڪار ۽ شاندار نظر ايندي ۽ آن جو حال، ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ٻه رَتيون گهٽ نظر ايندو. رهي ڳالهه سنڌي ڪهاڻي مستقبل بابت ته ان کي ايندڙ وقت تي ئي ڇڏي ڏجي ته، بهتر آهي.
    *

    ماڻڪ- جي حصي ۾ ادب جون ڪيتريون ئي شاخون ڇوڙ ڪنديون هيون. هو نه صرف ڪهاڻيڪار هو پر، ناٽڪ نويس، ڊرامانگار به هو ۽ هن جي جيئن ڪهاڻي ڪماليت جون حدون ٿي اورانگهي – بلڪل ايئن ئي ماڻڪ- جا ناوليٽ ۽ ڊراما به حيرت جا جهان پڙهندڙ تي کولن ٿا.
    *

    هُن- جڏهن ادب جي آڳر تي پهرين وک کنئي هئي، تڏهن منير احمد هو ۽ جڏهن هُو ادب ۾ ٿورو اڳتي هليو ته، مير سنڌي جي نالي سان لکندو هو ۽ پوءِ هُن پنهنجو قلمي نالو ماڻڪ- چونڊي. ادب ۾ چوطرف چانڊوڪي ڦهلائيندو رهيو.
    *

    هُو- ذات جو ميمڻ هو. سندس فرزند بقول منور سراج- جي ته غير معمولي آرٽسٽ آهي. علي احمد ميمڻ- سندس فرزند جو نظم ڪتاب “ماڻڪ- جي بريف ڪيس مان”- ۾ منور سراج ڏنو آهي.
    *

    ماڻڪ- ڪيڏو وڏو ليکڪ / ماڻهو هو- جو موهن ڪلپنا- کي ايئن چوڻو پيو ته،
    “اسان کي ماري ڇڏين هان مگر سنڌ کي نه مارين هان!”
    *

    جيتري قدر مون ڏٺو / محسوس ڪيو آهي ته، سنڌي ڪهاڻي کي نقاد ڪانه مليو آهي ۽ ائين ئي وري سنڌي شاعريءَ کي به نقاد نه مليو آهي پر، بنسبت ڪهاڻيءَ جي شاعريءَ تي ڪجهه نه ڪجهه لکيو ضرور ويو آهي ۽ بلڪل ائين ئي جيئن ڀٽائي- کي نقاد نه مليو آهي ۽ ائين ئي ماڻڪ- کي به نقاد نه مليو آهي. هيڏو وڏو ڪهاڻيڪار جنهن جون ڪهاڻيون جهڙوڪ ته، جُوالا مُکي آهن. ان تي توهان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مضمون به لکيل نه ملندا- ڳولڻ جي باوجود. حيرت ته ان ڳالهه جي ٿي رهي آهي ته، مارڪيٽ ۾ ماڻڪ- جا ڪتابَ به نٿا ملن. جنهن ليکڪ کي پبلشر ئي نٿو ملي ته، ان کي نقاد ڪٿان ملندو.-؟
    *


    ”ساهه مُٺ ۾”-
    ماڻڪ- جو هي ناوليٽ 1986ع- ڌاري ڀارت ۾ موهن ڪلپنا- وارن ڇپرايو هو ۽ هن ناوليٽ جو ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ روشني پبليڪيشن- وارن 1993ع- ۾ آندو هو. هن ناوليٽ بابت موهن ڪلپنا- جا هي ٻه مختصر رايا ڪيڏي نه وڏي هام ڀري رهيا آهن.
    ”ساهه مُٺ ۾- سنڌي زبان جو پهريون جديد نالو آهي.”
    -
    ”هيءُ ناول هڪ بارود آهي، جنهن جي سنڌ کي ضرورت آهي.”
    *

    ماڻڪ- جي جيون جو خاڪو:
    5 مارچ 1943ع- ۾ نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتائين.
    هُن- سوشلاجي ۾ ايم اي ڪئي هئي ۽ ايم ايڊ جي ڊگري ورتائين.
    علم تدريس جي شعبي سان به وابسطا رهيو.
    صحافت به ڪيائين.
    وڪالت به ڪيائين.
    ميڊيڪل اسٽور به کوليائين.
    *

    حويليءَ جا راز- هيءَ ڪهاڻي ”سهڻي” مئگزين ۾ 1967ع- ڌاري ڇپي هئي ۽ ماڻڪ- جو حويليءَ جا راز- نالي سان ڪهاڻين جو مجموعو 1991ع- ڌاري ڇپيو. ان ڪتاب ۾ شوڪت شوري- جي ماڻڪ بابت هيءَ راءِ ڏنل آهي.
    ”ماڻڪ- بي رحم، ظالم ۽ قاتل ليکڪ”
    -
    ”پڙهندڙ هن کي شوق سان پڙهڻ کان پوءِ گاريون ڏيندا آهن.”
    -
    ۽ ماڻڪ- جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي ئي اهو ته، هُو اگهاڙو سچ ٿو پيش ڪري.”
    *

    توهان ماڻڪ- جي ڪهڙي به ڪهاڻي پڙهو، توهان کي ان ۾ حقيقت پسنديءَ جا اولڙا اکين آڏو اچي ويندا. ۽ ائين ئي وري هُن جو ڪوبه ناوليٽ خاص طور “ساهه مُٺ ۾”- پڙهو، جهڙوڪ موجوده حالتن تي حقيقت جا پڙدا کوليندي اوهان کي نظر ايندو. ۽ اهڙا گهٽ ليکڪ هوندا آهن، جيڪي سماج کي اهڙو ته، پنهنجي تحريرن ۾ چٽي ڇڏيندا آهن، جو انهن جي تحريرن جو استعارو ئي سماجي ٿي ويندو آهي. ۽ ماڻڪ- سماج کي اهڙو ته ڇٽيو آهي، جو هن جي هر ڪهاڻي، ناوليٽ ۾ سماجي رشتو ڳنڍيل اوهان کي نظر ايندو.
    *

    ماڻڪ- جو نالويٽ ”رُڃ ۽ پڙاڏا”- پهرين ”ميسوڻي“- نالي سان 1961ع / 1967ع- لکيو ويو ۽ وري ٻيهر 1973ع / 1975ع- جي وچ ۾ “رُڃ ۽ پڙاڏا” جي نالي سان شايع ٿيو ۽ هيءُ ناوليٽ 1992ع- ڌاري “ٽي ناوليٽ” نالي سان روشني پبليڪيشن- آندو ۽ انهن ٽنهي ناوليٽن ۾ “رُڃ ۽ پڙاڏا”، “پاتال ۾ بغاوت” ۽ “لُڙهندڙ نسل” شامل هئا.
    *

    ماڻڪ- اسان / اوهان کان وسري ويو هو ۽ پوءِ وري اسان کي مُنور سراج- ياد ڏياري.


    ماڻڪ جي خودڪشي، ھڪ نفسياتي جائزو : مصور حسين

    ماڻڪ جي خودڪشي، ھڪ نفسياتي جائزو : مصور حسين

    سنڌي ادب ۾ ماڻڪ جي خودڪشي ايترو ئي حساس ۽ اھم معاملو آھي جيترو انگريزي ادب ۾ ارنيسٽ ھيمنگوي جي آپگهات، ڄاڻايل ٻنھي ليکڪن جي زندگي ۽ حالتن ۾ گهڻو فرق آھي پر ٻنھي جي موت جو ھڪ پاسو ملندر جُلندڙ آھي، جو ھيمنگوي به خودڪشي کان اڳ بلڪل ٺيڪ ھيو ۽ تفريح ۽ شوق خاطر شڪار ڪرڻ به ويو، پوءِ اُتان جيئن ئي موٽيو ته بندوق جو فائر ڪري پنھنجو انت آڻي ڇڏيو.
    اھڙي ريت ماڻڪ سان ھڪ عرصو گڏ گذاريندڙ دوستن جي چواڻي ھن جي اندر ۾ به ھر وقت آنڌ مانڌ جاري ھوندي ھئي، پر ھو ان ڳالھه جو اظھار ڪنھن سان به ڪونه ڪندو ھئو ۽ دوستن سان تمام گهٽ ئي ڳالھائيندو ھيو. ھيمنگوي جيان ھُو به پنھنجي زندگي جو ڏيئو اُجهائڻ کان اڳ زندگي سان ڀرڀور ھو. صبح جي پھر ۾ پنھنجي پُٽ عليءَ سان راند کيڏيو، ريڊيو ٻُڌائين، گهر واريءَ سان ڳالھه ٻولھه ڪيائين ۽ پوءِ دوائن جي اسٽور تي ھليو ويو، جنھن کان پوءِ ھو تقريبن 12 وڳي ڌاران گهر موٽي آيو ۽ زھريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيائين. سوال اھو آھي ته صبح تائين ھو بلڪل به نارمل ۽ ٺيڪ ھيو، منجهند تائين آخر ڪھڙو واقعو پيش آيو جو ھُن ان قسم جو انتھائي قدم کڻڻ ۾ ئي بھتري سمجهي؟ ان جي جواب ۾ محققن جو خيال آھي ته آپگهات جو خيال ماڻھوءَ جي من اندر ۾ ڪو اوچتو پيدا ناھي ٿيندو، پر اھو ھوريان ھوريان سان تڪميل ۾ايندو آھي . ”آپگهات فرد جي اندر ۾ ھلندڙ ھڪ ڊگهي ڇڪتاڻ جو نالو آھي، جنھن جو فيصلو ته ھڪ پل ۾ ٿي ويندو آھي، پر ان مواد کي گڏ ٿيڻ ۾ ڊگهو وقت لڳندو آھي.“
    ھتي دلچسپي سان ڀريل ھڪ ڳالھه اھا به آھي ته ماڻڪ جنھن عمر ۾ خودڪشي وارو اھو قدم کنيو، اھا عمر جذبات سان ڀرڀور ھوندي آھي، ان ئي عمر ۾ ڪي ماڻھو ٿوري ٿوري ڳالھه تي ٻين جو نقصان به ڪري وجهندا آھن، ته پنھنجو زيان ڪرڻ ۾ پڻ دير ناھن ڪندا. عام ماڻھن وانگر اديبن جي لاءِ عمر جو اھو ڏھاڪو پڻ ڏاڍو منجهائيندڙ ھوندو آھي، ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته ورجينا وولف، ايڊگر ايلن پو، ماياڪووسڪي ۽ ايلس واڪر سوڌو دنيا جي وڏن وڏن اديبن زندگيءَ کان بيزار ٿي ان ئي عمر ۾ خودڪشيءَ وارو قدم کڻي پنھنجي زندگيءَ جو انت آندو.
    ماڻڪ به ان ئي عمر ۾ خودڪشي ڪئي. يقينن عمر جي ان حد ۾ ماڻھو گهڻو ڪري جذباتي ۽ آدرشي ھوندو آھي، ھو پنھنجي خوابن کي چڪنا چور ٿيندي نه ڏسي سگهندو آھي، تنھن ڪري وڏي کان وڏو نقصان ڪرڻ کان به ڪيٻائيندو ناھي. بلڪه جذبات ۾ اچي پاڻ مارڻ جھڙو اُٻھرو قدم به کڻي وٺندو آھي.
    ماڻڪ خودڪشي ڇا لاءِ ڪئي؟ سنڌي ادب ۾ اھو سوال 80ع واري ڏھاڪي کان جواب طلب رھيو آھي، پر اڃان تائين ان سوال کي مڪمل طور تي حل ناھي ڪيو ويو. سنڌ جون ادبي تاريخون ڪھاڻي ۽ ناول جي صنف ۾ ماڻڪ جي ادبي عظمت جو اقرار ڪندي ته نظر اچن ٿيون، پر ھن جي خودڪشي واري معاملي تي فقط چند سٽون ئي لکيون ويون آھن. سنڌي ادب ۾ ھن کان اڳ ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي وفات پڻ ڳجهارت بڻيل آھي، قاضي صاحب سنڌ جو تمام وڏو اديب ۽ مفڪر ھُيو، پر ان جي وفات بابت تمام ٿورڙو لکيو ويو آھي ۽ اڃان تائين اھا ڳالھه واضع نه ٿي سگهي آھي ته ھن جي وفات خودڪشي جو نتيجو ھُئي يا وري محض اتفاقي حادثو!
    ھتي ان حقيقت کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪجھه ماڻھو پنھنجي زندگيءَ جو انت اھڙي نموني آڻيندا آھن جو ان واقعي کي يا وري ڪڏھن ان حادثي جي ڪارڻ کي سمجهڻ ھڪ وڏي سُٽ سُلجهائڻ جي برابر ھوندو آھي. پر ماڻڪ جي باري ۾ اھو ھر گز نٿو چئي سگهجي ته سندس موت پراسرار نموني ٿيو يا اھو ھڪ ڳجهارت مثال آھي ڇو ته سندس والد کان وٺي گهرواري ۽ پُٽ تائين سڀ ان ڳالھه تي متفق آھن ته اھا بلڪل به خودڪشي ھئي، جنھن جو اظھار ھُو مير ٿيٻي سان اڳ ئي ڪري چڪو ھيو. ھا ان ڏس ۾ ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته ھن وقت تائين اُھي محرڪ سامھون نه اچي سگهيا آھن، جن جي ڪري ھُو اھڙو عمل ڪرڻ تي مجبور ٿيو. ماڻڪ جي خودڪشي يقينن سنڌي ادبي لڏي لاءِ ھڪ وڏو حادثو ھُئي ۽ وڏا وڏا اديب ۽ ڪھاڻيڪار سندس دوستي ۽ ڄاڻ سڃاڻ جي حلقي ۾ شامل ھُئا، جيڪي ھُن جي آتم ھتيا ۽ ان جي ڪارڻن بابت گهڻو ڪجھه لکي پئي سگهيا، پر سندس ڪنھن به ھمعصر ليکڪ ان معاملي ۾ اڳڀرائي ناھي ڪئي. ان حوالي سان انور پيرزادو به ساڳيو ئي الميو ظاھر ڪندي لکي ٿو:
    ”ماڻڪ پنھنجو انت ڇو آندو؟ چئي نه ٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته ان موضوع تي سنڌ ۾ تحقيق نه ٿي آھي. علامه آءِ آءِ قاضي جي زندگيءَ جي پُڄاڻي به ايئن ٿي، ڇو ٿي؟ ان تي ڪا ريسرچ نه ٿي آھي. جيڪڏھن انھن موضوعن تي ڪم ڪرايو وڃي ته انوکيون حقيقتون سامھون اچي سگهن ٿيون.”
    منير احمد عرف ماڻڪ سنڌي جي خودڪشي جا ڪيترائي محرڪ ٿي سگهن ٿا . ھن ڏس ۾ اھو چوڻ بلڪل درست ۽ حتمي نه ٿيندو ته ھُن بيروزگاري سبب آپگهات ڪيو. جيتوڻيڪ اھا ڳالھه پنھنجي جاءِ تي ھڪ حقيقت آھي ته زندگيءَ جي آخري ڏھاڙن ۾ ھو نوڪري لاءِ پريشان ضرور ھُيو، پر ان باوجود اھو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سندس آپگهات جو ڪارڻ فقط بيروزگاري نه ھئي، بلڪه ڪجھه ٻيا معاملا اھڙا به ھيا جن گڏجي ڪري اھڙو ماحول ٺاھيو جو ھُن اڏول ۽ آدرشي ليکڪ کي خودڪشي واري واٽ وٺڻي پئي. ان حوالي سان سندس لکڻين ۽ ڏنل انٽرويوز جو نفسياتي جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ماڻڪ جي گهري خاموشي ۽ آپگهات واري عمل جو ھڪ ممڪنه سبب ھن جي دل ۾ ويٺل بدي وارين قوتن Evil forces جو خوف به ٿي سگهي ٿو، جنھن جي ڪري ھُو دوستن سان به پنھنجي حالتن ۽ ڪيفيتن جو کُليل اظھار نه ڪري سگهندو ھو. ھو ون يونٽ ۽ ان کان پوءِ ضياءُ الحق جي دور ۾ بنا ڊپ ڊاءَ جي دل کولي لکندو رھيو. اھڙي سنگين صورتحال ۾ به ماڻڪ سنڌين ۽ بنگالين جي حقن بابت وڏي بھادريءَ سان لکندو رھيو، تنھن ڪري اھو ممڪن آھي ته اھڙيون لکڻيون لکڻ کان پوءِ ھُن تمام گهڻو ڀوڳيو ھجي ۽ ان ڀوڳنا سندس من اندر ۾ خوف ڀري ڇڏيو ھجي. اھو بلڪل ايئن آھي ئي آھي جيئن ڪھاڻي ”حويلي جا راز“ لکڻ کان پوءِ کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ گارين سان ڀريل خط لکيا ويا. ان ڪري منير جي زندگيءَ سان لاڳاپيل انھن حالتن کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ان حوالي سان سندس ناول ”ساھ مُٺ ۾“ ۾ پڙھڻ کان پوءِ اھو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس آس پاس ڪيئن نه عدم تحفظ واريون حالتون پيدا ڪيون ويون ھيون. جن ھُن لاءِ آتم ھتيا واري ماحول کي ھٿي ڏني، ماڻڪ جي اندر ۾ ويٺل خوف ۽ چوڌاري بي يقيني واري صورتحال ھُن جي آپگهات لاءِ راھ ھموار ڪئي. ساڳئي طرح ان دور جون حالتون به اھڙيون اڻ وڻندڙ ھيون جو ھڪ حساس ليکڪ جو جيئڻ جنجال ٿي ويو. ماڻڪ کي جوانيءَ ۾ قدم رکندي ئي انتھائي ڏکين حالتن جو مقابلو ڪرڻو پئجي ويو. ون يونٽ جو ڏاڍ ڏھڪاءُ، بنگال وارو سانحو، ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاھي ۽ ان کان پوءِ جو آمريتي دؤر، جنھن ۾عام ماڻھن جي لاءِ ڦاھين ۽ ڦٽڪن جا تحفا، انھن حالتن ھُن کي ڊيڄاري ڇڏيو. بحيثيت ھڪ سُڄاڻ اديب ھُو انھن حالتن کان مُنھن موڙي نه پئي سگهيو. سنڌي اديبن جي ڊگهي قطار ۾ ھُو واحد ۽ اڪيلو ليکڪ ھيو جيڪو قول ۽ فعل جو پڪو ھيو، بلڪه پاڻ ذاتي طور تي انھن ماڻھن کان سخت نفرت ڪندو ھيو جيڪي قول ۽ فعل ۾ تضاد رکندا ھئا. ان کان علاوه ماڻڪ جي ھڪ وڏي خوبي اھا به ھئي ته ھو ان وقت جو سڀ کان وڌيڪ عالمي ادب پڙھي ويٺل سنڌي ليکڪ ھو، جنھن ڪافڪا، ڪاميو ۽ شوپنھار سوڌو عالمي ادب جي تقريبن سڀني وڏن ليکڪن جي لکڻين جو مطالعو ڪيو ھو. ان مطالعي جي جهلڪ سندس لکڻين ۾ پڌري آھي، ساڳئي طرح ھُو عالمي ادب جي تحريڪن ۽ لاڙن کان نه ڀلي ڀت واقف ھيو. کيس اھو پڻ اعزاز حاصل ھيو ته ھو انھن ليکڪن منجهان ھڪ ھيو جن سنڌي ادب ۾ وجوديت ۽ شعوري وھڪري وارن لاڙن کي متعارف ڪرايو. ان ڏس ۾ ماڻڪ سنڌي ادب ۾ وجودي فڪر جو ترجمان ليکڪ پڻ ھيو ۽ سندس لکڻين ۾ وجودي فڪر جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي. خاص طور تي سندس ناوليٽ ”پاتال ۾ بغاوت“ ۾ سسيفس ۽ زيوس ديوتا جي ڳالھه ڪاميو کان متاثر ٿيل نظر اچي ٿي، ان حوالي سان ھو ڪاميو CAMUS جي ABSURDISM واري فڪر کان پڻ متاثر ٿيو، جنھن جو اثر ھن جي تخليقن سان گڏ سندس ذاتي زندگيءَ تي به پيو. ڪاميو موجب دنيا ۽ ماڻھو وچ ۾ بنيادي مسئلو اھو آھي ته اسان ھن ڪائنات کان ڇا ٿا گهرون ۽ ھن ڪائنات ۾ اسان کي ڇاٿو ملي؟
    ماڻڪ جي خودڪشي پويان ھڪ سبب absurdity of life جو به نظر اچي ٿو، جيڪو ھُن جي موت جو مُکيه ڪارڻ سمجھه ۾ اچي ٿو، ڇو ته ان وقت تائين مختلف واقعن ۽ حادثن ھُن جي زندگيءَ ۾ زھر ڀري ڇڏيو ھو. بنيادي مسئلو اھو ئي ھيو ته ھن دنيا کي ڪھڙي نموني ڏسڻ پئي چاھيو ۽ اھا ڪھڙي نه ڀوائتي روپ ۾ سندس سامھون اچي بيٺي ھُئي. ماڻڪ جي زندگيءَ جي آخري ڏينھن بابت مليل مواد ۽ ڄاڻ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ھو پنھنجي زندگيءَ جي مقصد کي وڃائي ويٺو ھيو ۽ وٽس جيئڻ جي باقي اميد نه رھي ھئي، تنھنڪري ھن آپگهات جھڙو انتھائي قدم کنيو، جنھن جي لاءِ ھُن ڪيترو وقت اڳ ئي سوچي ڇڏيو ھو. مير ٿيٻي موجب:
    ”انھي تسلسل ۾ مون ھڪ ڏينھن کانئس پڇيو ؛ منير! جيڪڏھن تون زندگيءَ ۾ ناڪام ٿئين ته؟ ھڪدم وراڻيائين، پاڻ کي ماري ڇڏيندس، اھو جواب ايترو ته سنجيدگي سان ڏنائين جو مان حيرت ۽ ڏک ۾ خاموش ٿي ويس.“
    ھتي اھا ڳالھه غور طلب آھي ته ھن پنھنجي ويجھي دوست مير ٿيٻي کي زندگيءَ ۾ ناڪامي جي صورت ۾ جيترو جلدي سان جواب ڏنو ھو، ايتري ئي جلدي ۾ ھن خودڪشي ڪري به ڇڏي جڏھن کيس پڪ ٿي ته ھو زندگيءَ جي مقصد ۾ ناڪام ويو آھي. پر اھو سڀ ڪجھه جذباتپڻو چئي سگهجي ٿو، جو ھو پاڻ کي ناڪام سمجهي رھيو ھيو، پر ھن جيڪو ڪجھه لکڻين جي روپ ۾ سنڌي ادب کي ڏنو ھيو، تنھن جي بنياد تي کيس ڪامياب ترين ليکڪ سڏي سگهجي ٿو ۽ ائين ھرگز به نه ٿو چئي سگهجي ته ھن جي زندگي اجائي ۽ بيڪار گذري.
    ”اسان جا ڪيترا ليکڪ اھڙا آھن، جيڪي طبعي طور جيئرا آھن، وڏي ڄمار اٿن، پر ھو ادب ۾ گهڻو اڳ مري چڪا آھن. ماڻڪ انھن ليکڪن مان ڪو نه ھو. ھو آخري دم تائين جيئرو جاڳندو ليکڪ رھيو.“
    ھن سڄي بحث مان اھو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ماڻڪ ھڪ حساس ۽ باشعور ليکڪ ھو، ھن وٽ زندگيءَ جي ھڪ معنى ھئي، ڪنھن مقصد کان سواءِ زندگي ھن لاءِ بيڪار ۽ فضول شيءِ ھئي، کيس اھا پروڙ ھئي ته جانورن ۽ انسانن کي مليل زندگيءَ ۾ وڏو فرق ھيو، کيس ان ڳالھه جو ڀرڀور احساس ھيو ته جانور پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪو ڦيرو، ڪا تبديلي آڻي نه ٿا سگهن، پر انسان چاھي ته جدوجھد ۽ ايڪو اتحاد ڪري وڏي تبديلي آڻي سگهي ٿو. ان ڪري ھن زندگي پنھنجي آدرشن جي نالي ڪري ڇڏي ھئي. ھتي ان ڳالھه جو ذڪر ڪندو ھلجي ته ماڻڪ حد درجي جو آدرشي انسان ھو، وٽس ٽڪي جي به منافقت ۽ مفاھمت ڪانه ھُئي، ھُو پنھنجي مقصد سان ايترو سچو ھيو جو وٽس فقط ٻه واٽون ھيون، پنھنجي مقصد ۾ ڪاميابي – ٻي صورت ۾ ايذائيندڙ موت.


    (ماھوار ڪينجهر: جنوري 2019ع)


    سرحد پار سنڌ ۾ وجود جي ڀوائتن تجربن جي تصوير : ھيرو شيوڪاڻي


    سرحد پار سنڌ ۾ وجود جي ڀوائتن تجربن جي تصوير : ھيرو شيوڪاڻي
    (ماڻڪ جو ناول ”ساھ مُٺ ۾“ 1986ع)


    سرحد جي ٻنھي طرف، ڀارت توڙي سنڌ ۾، ادب جي سنجيده اڀياسن ۽ نقادن کي انھيءَ حقيقت جو چٽو احساس ٿيندو پيو وڃي ته عالمي چاھي برصغير ھند پاڪ جي فني معيارن تي اسان جو سنڌي ادب نسبتي طور چڱو ھيڻو آھي، البت تنقيدي سطح تي ان احساس جو ردعمل شايد ڌار ڌرا نظامن ۾ عجب کائڻ جي حد تائين مختلف آھي. ھت ڀارت ۾ سنجيده سنڌي تنقيد، عالمي ماپن ۽ ماڻھن تي پنھنجي ساھتيه کي ضرورت کان گهٽ ۽ ھيڻو ٿي سمجهي، ته سنڌ ۾ تنقيد يا ته آھي ئي ڪانه يا جيڪڏھن آھي ته تخليقي ڪاوشن کي ھڪدم عظيم، شاھڪار وغيره جا لقب ڏيڻ جي حد تائين مروت پسند آھي. پر منھنجي راءِ انھن ٻنھي مختلف تنقيدي رخن جو بنيادي سبب ساڳيو آھي: سنڌ ۾ موجوده پاڪستان جي سياسي ۽ سماجي نظام ۾، سنڌ ۽ سنڌي ادب جا گهڻگهرا ساھت کي ھمٿائڻ لاءِ ضرورت کان وڌيڪ فراخدل آھن يا بنھه ماٺ آھن، ته ڀارت ۾ کليل لوڪشاھي نظام ۽ سماج جو ٻُھو ڀاشي (گهڻ ٻوليائي) ادبي سرگرمين ۾، چٽاڀيٽيءَ جي حرص تحت ضرورت کان شايد وڌيڪ ڪرٽيڪل ۽ سخت آھن. مان پڪ سان چئي ته نه ٿو سگهان يا شايد اھڙن مامرن ۾ پڪ سان ڪجھه چئي سگهبو به ڪونھي، پر ائين لڳو آھي ته ٻنھي طرف تنقيدي اڀياس جا اھي رخ شايد تخليقي ادب جي چاھيل اوسر ۾ رڪاوٽون وجهي رھيا آھن يا مبادا اھا سموري تنقيد به يڪي سر، سنڌي ادب جي نسبتي ھيڻائيءَ جو حصو ھجي، آخر تنقيد به ته ادب جو جزو آھي.
    مون انھيءَ پسمنظر ۾ ماڻڪ (منير احمد) جو ناول”ساھ مُٺ ۾“ جائزي لاءِ چونڊيو آھي.
    ماڻڪ جو پھريون ناول (ناوليٽ) اڄ کان 10 15 سال اڳ، جڏھن ڪنھن اديب دوست مون ڏانھن موڪليو ھو، تڏھن اُھو ناوليٽ ”لڙھندڙ نسل“ پڙھي، مون پروڙي ورتو ته سنڌ جو ھي بيحد حساس نوجوان اديب، پاڪستان ۾ واڙيل سنڌ ۽ سنڌ جي ڪُھني ورثي ۽ موجوده نسل جي شناخت کي ادب ذريعي ڳولڻ طرف آماده ٿيو آھي ۽ مونکي خوشي ٿي ھئي. پوءِ لڳاتار ھن جون ڪھاڻيون، جيئن ته ”حويلي جا راز”، ۽ ”اَنام ڪھاڻيون” ۽ ”پاتال ۾ بغاوت” (ناوليٽ) پڙھيم ته ماڻڪ، مون کي ڪر موريندڙ سنڌ جو عيوضي ليکڪ لڳو، پر پوءِ ھڪڙي ناول جو دستخط پورو ڪري ٻه سال اڳ ماڻڪ اوچتو مري ويو، ھڪ ڀرجي نه سگهندڙ خال پيدا ڪري . . .
    اُھو دستخط سنڌ مان لڪ چوريءَ ھت ھند ۾ آيو. سنڌي ٽائيمس پبليڪشن اُلھاسنگر ھي ناول تازو ئي شايع ڪرايو آھي، جولاءِ 1986ع ۾. ماڻڪ جو ھي ناول ”ساھ مُٺ ۾“ پڙھي يڪ بارگي منھنجو ذھن ڄڻ ته سُن ۾ اچي ويو آھي. سوچيان پيو اختصار ۾ ھن ناول جو تجزيو ڪٿان شروع ڪريان. ھستيءَ جي ڀوائتن تجربن مان گذرندڙ، چيچلائيندڙ گهڙين جي اظھار جو بارود ھن ناول جي ھر صفحي ۾ ڀريل آھي. مذھب – ڌرم جي نالي ۾ جڏھن کان ھن ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ٿيو آھي. سرحد جي ٻنھي طرف سنڌي، ھڪ ذھني ۽ نفسياتي ولولي مان گذري رھيا آھن پنھنجي جداگانه، ڪُھني قومي شناخت کي برقرار رکڻ جي جدوجھد ۾! خاص طور پاڪستان جي ھڪ زرخيز، مگر ننڍي صوبي سنڌ کي، وري موھن جي دڙي (جي کنڊرن) ۾ بدلائڻ جون اذيت ناڪ تياريون گذريل 39 سالن کان جاري آھن. ناول جو مکيه ڪردار، سنڌي زبان ۽ ادب جو ليڪچرار، ھڪ ھنڌ چوي ٿو : ”ھي سموريون جايون، گهر ڊھي پوندا۽ ھتي ھڪ دڙو ٿي ويندو، نابود، ڊٺل جاين جو دڙو . . . پوءِ اڳتي ھلي سڀيتا جا ماھر لکندا . . . ھتي جا رھواسي ڏاڍا قربائتا، امن پسند ھئا؛ سادا، مھمان نواز، ھنن ڪڏھن به اڳرائي ڪري ايندڙ – مارو ڪندڙن سان سينو نه ساھيو، ھٿائين ھنن جي ماري جو بيچينيءَ سان اوسيئڙو ڪندا رھيا ته ڪڏھن ٿا ڪڙڪن. ھو اُلر ڪندڙن جي آجيان ڪندا ھئا. ديڳيون چاڙھي، پنھنجي سائي چھچ ڌرتي سندن حوالي ڪري.“
    طنزيه انداز ۾ ھڪ اديب، انساني مھلن، قدرن ۽ باوقار ھستيءَ خلاف ٿيندڙ ھھڙي ڀوائتي جبريت سامھون، اِن کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو احتجاج ٿو ظاھر ڪري سگهي؟
    ٻن سؤ صفحن جي ھن ناول جي سرورق تي لکيل آھي ”سنڌ ۾ ملٽري حڪومت جي پس منظر ۾ لکيل“ ناول جو واقعاتي آڌار نھايت ڇڊو پاڊو آھي. سنڌي زبان جو ھڪ ليڪچرار، ائين محسوس ڪرڻ لڳو ته ڪا لڪل طاقت سندس پيڇو ڪري رھي آھي، ڪو سندس ڪڍ آھي. پنھنجي ئي ڌرتي تي غير سلامتيءَ جو احساس، نوڪري کسجڻ جو ڊپ، مسلمان ھوندي به سنڌي ھجڻ جو اُڊڪو، ھن کي پيڙي رھيو آھي. ناول جي اِن ڇڊي پاڊي واقعاتي اُڻت ۾ ليکڪ سنڌ جي موجوده صورتحال کي، آمريت، جبريت ۽ پنھنجن جي ئي وڏيرا شاھيءَ ۾ ساھ مُٺ ۾ کڻي ھلندڙ سنڌ کي ڪن علامتن سان مڪمل وضاحت ۽ بيباڪيءَ سان چٽيو آھي. فوجي تاناشاھي نيري خاڪي ورديءَ ۾ پليگ جي بيشمار ٿلھن، مُڇن وارن ڪوئن جيان سنڌ جي جسم کي ٽُڪي رھي آھي يا ٻاھران آيل ماڪڙ جي ڪاھ سنڌ جي پيٽ کائڻ کان پوءِ اُن جي زبان کائيندا، پوءِ وات، ڄڀ، اندران ئي اندران ميڄالي تي پھچندا. پرماريت تي ٻڌل وڏيرا شاھي ۽ فوجي تاناشاھيءَ ۾، سنڌ ۾ سنڌي پڻي سنڌي ھجڻ جو احساس ھڪ ڏوھ آھي. اُن مڙھيل ڏوھ جي شدت کان اڄ جو سجاڳ، حساس سنڌي نسل ڀيانڪ غير محفوظيءَ ۾ جيئي رھيو آھي. ان صورتحال کي ھي ناول ڪافي دھشت انگيز روپ ۾ اظھارڻ ڪامياب ويو آھي. عبرت ناڪ حالت اِھا آھي جو رب جي نالي ۾، ”نظامِ مصطفى“ جي اوٽ ۾، پنھنجي ئي ڌرتيءَ جي ماڻھن جا سؤکا ۽ ڪونئرا اُمنگ مروٽي سروٽي ختم ڪيا پيا وڃن.
    اھڙي اذيت ناڪ حالت ۾ ھڪ دفعي ناول جي انھيءَ مکيه ڪردار جي گهر واري کانئس ھڪڙو سوال ٿي پڇي:
    ”نيٺ اسان جو ڇا ٿيندو؟ اسان سنڌين جو؟“
    ٽھڪ ڏيندي ھو چوي ٿو:
    ”چري آھين بابا، اسين مسلمان ٿينداسين.“
    ”ته ھينئر اسين مسلمان ڪونه آھيون.“
    ”سنڌي آھيون نه ۽ سنڌي ھجڻ ھڪ غير اسلامي فعل آھي. اسان پڪا مسلمان تڏھن ٿي سگهون ٿا، جڏھن پاڻ کي ڊي سنڌيلائيز (De-sindhilize) اڻ سنڌي ڪري ڇڏيون.“
    بي ساختگي سان، فنائتي نموني اھڙا ڪيئي چُپندڙ منظر، ھن ناول ۾ پاڪستان جي موجوده سياسي حالات تي چٽيل آھن ۽ ليکڪ ڪافي ضبط ۽ شعور سان، غير جذباتي پيرايي ۾ اُنھن جي دھشت کي اُڀاريو آھي.
    ھن ناول جو ليکڪ ماڻڪ، منير احمد يا مُنير سنڌي، سنڌ جي نئين ٽھيءَ جو ھڪ ڏمريل نمائندو ۽ اھم اديب ھو، ھو ڪجھه سال اڳ اوچتو گذاري ويو. ھن کان اڳ به جيڪي ناول (ناوليٽ) ڪھاڻيون ۽ ناٽڪ ھن لکيا، سي ھن جي بيقرار، ڏکندڙ ذھن جي پنھنجي تجربي ۽ ڀوڳنا جي اُپج آھن. مون کي خبر ناھي ته ھن ناول ”ساھ مٺ ۾“ جو دستخط، ماڻڪ پنھنجي موت کان ڪيترو اڳ لکي پورو ڪيو ھو. مونکي لڳي ٿو ته سوشالاجيءَ ۾ ايم اي ۽ ايم ايڊ جون اوچ ڊگريون حاصل ڪيل ھن حساس ليکڪ کي اھي شايد پروڻ پئجي چڪا ھئا ته حيات ھن کي تمام ٿورو وقت ڏنو آھي، انڪري ادبي ڏات ڌڻيءَ ماڻڪ، گهربل لھر ۽ فني ڪساؤ جو خيال نه ڪندي به، ھن ناول ۾ شايد دھشت سان گڏ اُميد ۽ اُمنگ جو وشواس، ”سنڌ“ جي نئين نسل، نئين رت تي رکيو؛ جيڪو ٻُٽ محرومي ۽ مايوسيءَ ۾ مجموعي عمل سان پنھنجي سڃاڻپ قائم رکڻ لاءِ پنھنجي واٽ گهڙيندو، اوس گهڙيندو.



    (ھيرو شيوڪاڻي جي ڪتاب ”ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب“ تان ورتل)


    ماڻڪ جو خالي ڇڏيل ادبي مورچو : انور پيرزادو

    ماڻڪ جو خالي ڇڏيل ادبي مورچو : انور پيرزادو

    ماڻڪ ڳالھائيندو گهٽ ھو. شايد سوچيندو وڌيڪ ھو. ڏاڍو ماٺيڻو، بردبار، سولائي سان تيش ۾ ايندڙ ماڻھن جي ابتڙ، پر پنھنجي خيال وارو – پنھنجي تي اچي ته بس – ھن سان بحث ڪرڻ سولو نه ھوندو ھو، ڇاڪاڻ ته ھن جا دليل پختا ھوندا ھئا. ھو اجايو نه ڳالھائيندو ھو ۽ ھر مسئلي تي پنھنجو ذاتي، تخليقي ردعمل ظاھر ڪندو ھو. بيحد حساس ماڻھو جنھن جون شاھد ھن جون ضيائي مارشل لا ۾ لکيل ڪھاڻيون آھن. ڌڏندڙ بالڪنيءَ مان اُلر ڪندڙ جو اوسيئڙو.
    ھُو جيڪو ھو، سو پنھنجي ڪھاڻين ۾ ھو. ذاتي زندگيءَ ۾ ھو تمام گهڻي رواداري کان ڪم وٺندو ھو، ڪنھن سان اجايو سجايو بحث به نه ڪندو، ڪو جُلھه ڪري ويندو ته ان جو ھروڀرو جواب نه ڏيندو، ٻڌ ڌرم واري غير اھنسائي ۽ شاھ ڪريم بلڙي جھڙي سھپ.
    پر جڏھن قلم کڻي ويھندو ته ڪوڙھي سماج جا آنڊا گونڊا ڪڍي ٻاھر رکندو. حويليون حرڪت ۾ اچي وينديون ۽ وڏيرڪي سنڌي ڪلچر جو اسلام خطري ۾ پئجي ويندو. ڏسو سندس ڪتاب (لڙھندڙ نسل). بھادر ايڏو جو ضيائي ظلم خلاف ايم آر ڊي تحريڪ کان به اڳ ادب جي محاذ تي جيترو ماڻڪ وڙھيو ٻيو نه ٿو سُجھي.
    پاڪستان جي تاريخ ۾ ڏھڪاءُ جي لحاظ کان ھڪ ايوب واري مارشل لا مشھور آھي ۽ ٻي جنرل ضياءَ واري. ايوبي مارشل لا ۾ ڳوٺن اندر ماڻھن بورچيخاني جي استعمال جون ڇريون ۽ ڪاتيون زمين ۾ پوري ڇڏيون ھيون. پر ضيائي مارشل لا لڪ لنگهي وئي – سياسي مخالفت ۾ ڦاسي ۽ گولي کان وٺي ڦٽڪن ۽ منھن ڪارو ڪرڻ جھڙين غير انساني سزائن ۾ ھن مارشل لا جوڪو مقابلو ڪونھي.
    اھڙي دھشت واري ماحول ۾ انتھائي فنڪاري سان رياستي دھشتگرديءَ خلاف اڪيلي سر جنگ ڪرڻ ماڻڪ جو ئي حوصلو ھو. ڀٽي کي ڦاسي اچي چڪي ھئي، ڳڙھي خدابخش وارو علائقو ڇھه مھينا گهيري ۾ ھو ۽ سنڌ ۾ ڪِول به نه چُري سگهندي ھئي ۽ خاص ڪري جنرل ضياءَ جي ”اسلامي سزائن“ خلاف ڪو به لکي نه سگهندو ھو ۽ نه ڪا اخبار ڇاپي سگهندي ھئي. ان وقت ماڻڪ ھٿن ڪپڻ واري موضوع تي ھڪ امر ڪھاڻي لکي.
    ماڻڪ سان منھنجي پھريون ڀيرو ملاقات روسي سفارتخاني جي صحافتي نوڪري دوران ٿي. ان وقت ماڻڪ ڪميونسٽ پارٽي ۾ ڪم ڪري ھاڻي آزاد خيال رھڻ لڳو ھو ان ڪري سختگير ڪميونسٽ ھن کي انارڪسٽ چئي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا جنھن جي ھن کي ذرو به پرواھ نه ھوندي ھئي. پنھنجي ڪھاڻين ۾ ھو جيڪو لکندو ھو. ان سان فڪري اختلاف ھن جا دشمن به نه ڪري سگهندا ھئا. البت ھن جي ڊڪشن کي ھضم نه ڪري سگهندا ھئا ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪڙي حقيقت پسندي ھوندي ھئي، سيڪس، ڪرائيم، نشو، ٻھروپائي، رت جي رشتن جو مادي اثرن ھيٺ بي معنى ٿيڻ ۽ مذھب جي صاف اڇي غلاف ھيٺان مومنن جي اندر ۾ ويٺل ابليسن کي جڏھن ماڻڪ ڪڍي ٻاھر ڪندو ھو تڏھن مذھبي ڍونگ ۽ ٺڳي تي پلجندڙ سماجي ڪيئان ڦٿڪڻ لڳندا ھئا.
    ۽ اھو ماڻڪ جيڪو پنھنجي ڪھاڻين ۾ سچ ۽ حق جارحاڻي انداز ۾ چوڻ ڪري انارڪسٽ سڏبو ھو، سو سنڌي ادبي سنگت جي محفل ۾ جڏھن سنڌي ڪھاڻي واري موضوع تي ڳالھائيندو ھو تڏھن ايئن لڳندو ھو ڄڻ ھو ڪنھن يورپي يا آمريڪي يونيورسٽي ۾ سنڌي ادب جو پروفيسر آھي. ھڪ بيحد سنجيدي فيلسوف وانگي انساني سماج جي انساني پھلوءَ جو جڏھن ھو ڇيد ڪري ويھندو ھو ته پوءِ ويٺلن جي حالت اھا ھوندي ھئي جو چوندا ھئا ته ان موضوع تي ماڻڪ ڀرڀور ڳالھائي ويو آھي، ھاڻي ڪو نئون موضوع ڳوليو.
    ماڻڪ پنھنجو انت پاڻ آندو ڇو آندو؟ چئي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان موضوع تي سنڌ ۾ تحقيق نه ٿي آھي. علامه آءِ آءِ قاضي جي زندگيءَ جي پڄاڻي به ائين ٿي – ڇو ٿي؟ ان تي به ڪا ريسرچ نه ٿي آھي. جيڪڏھن انھن موضوعن تي ڪم ڪرايو وڃي ته انوکيون حقيقتون سامھون اچي سگهن ٿيون پر اسان جي سنڌي سماج ۾ جيڏا وڏي قد جا ماڻھو پيدا ٿين ٿا انھن تي ريسرچ ايتري ئي ننڍي ۽ مختصر ٿئي ٿي.
    تو سڱ ساھ کڻڻ سين، جيئڻ گوشي جا
    مرڻ مون سين آءُ ته پٺيءَ تو پنڌ ڪريان
    (ڀٽائي)


    (انور پيرزادي جي ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ تان ورتل)


    اگهاڙو سچ : شوڪت حسين شورو

    اگهاڙو سچ : شوڪت حسين شورو


    ماڻڪ: بيرحم، ظالم ۽ قاتل ليکڪ. سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان ھٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنھن کي سنڌي ادب جا تارا ٺيڪيدار ليکڪ مڃڻ لاءِ تيار نه آھن ۽ پڙھندڙ ھن کي شوق سان پڙھڻ کان پوءِ گاريون ڏيندا آھن.
    ڏسڻ ۾ بنھه سادو، اٻوجهه، پر اصل ۾ ميسوڻو. اڳ ۾ گرم بحث ڪندڙ، ھاڻي گهڻو ڪري خاموش رھندڙ، من ۾ خطرناڪ ڳالھيون سوچيندڙ ۽ رڳو سوچيندڙ نه. جيڪڏھن ھو اُھي خطرناڪ ڳالھيون من ئي من ۾ سوچيندو رھي ته اسين سڀ ڍڪ ۾ رھون ھا. اسين سڀ الائجي ڇا ڇا سوچيندا آھيون، الائجي ڇا ڇا ڏھاڙي ڏسندا آھيون – گنديون، ڪنيون، واھيات ڳالھيون. پر پاڻ ئي انھن تي لڄي ٿيندا آھيون، پنھنجو پاڻ کي ڇنڀيندا آھيون ۽ مڃڻ کان انڪار ڪندا آھيون ته اسان جي چؤطرف اھو گند به آھي.
    اسان وٽ ڪلاسيڪي چوڻي آھي ته گند کي ڦلھوريو ته ڌپ ڪندو. ھن نئين دور ۾ اسين سچ کي لڪائڻ جي خلاف آھيون، اسين سڀ حقيقت پسند آھيون، پر ان سان گڏ مھذب پڻ آھيون، اسين سچ کي، حقيقت کي ڪپڙا پھرائي پيش ڪندا آھيون.
    ۽ ماڻڪ جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ آھي ئي اھو ته ھو اگهاڙو سچ پيش ڪري – ھن حقيقت تان ڪپڙا لاھي ڇڏيا آھن. آئون ڄاڻان ٿو ته اسان مان گهڻا ان ڳالھه کي قبول نه ڪندا. ھا، جي چاھين ته ماڻڪ کي دل کولي گاريون ڏئي سگهن ٿا، پر اھو خيال رکن ته وڏي وات گاريون ڏيندي گڦون وھائيندي، رڙيون ڪندي، ڪٿي چريا نه ٿي پون ۽ ڪپڙا لاھي رستن تي ڊوڙڻ نه لڳن. نه، اسين مھذب ماڻھو آھيون. اسين رڳو بڇڙو ڪنداسين ۽ ماڻڪ کي آھستي آھستي فضيلت سان ٻه ٽي ڪچيون گاريون ڏئي ڇڏينداسين. تھذيب ۾ رک رکاءُ، مصلحت پسندي ۽ ٿوري منافقت اڻ ٽر آھن.
    ۽ انھن ئي ڳالھين کي نون ڪھاڻيڪارن ڦٽي ڪري ڇڏيو آھي، ٿُڏي ڇڏيو آھي. روايتن جو ليڪو لنگهي ويندڙ، اگهاڙو سچ پيش ڪندڙ – لڙھندڙ نسل جا ليکڪ جن ڪڏھن پيغمبر ھئڻ جي، سونھين ھجڻ جي دعوى نه ڪئي آھي. ھو پنھنجي ذھن جو، پنھنجي وجود جو بار لکڻ وسيلي لاھڻ چاھين ٿا. ۽ اھو رڳو ھنن جو بار ڪونھي، سڄيءَ نئين ٽھيءَ جو بار آھي، نين حالتن جو بار آھي. ماڻڪ ان بار لاھڻ جي، اسان سڀني کي آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.


    (”ماڻڪ مٽ سندوم“ تان ورتل) 


    ديوانگيءَ جو سفر : منور سراج

    ديوانگيءَ جو سفر : منور سراج

    نومبر 2013ع جو صبح آهي،
    نومبر جا ههڙا ڪيترائي صبح ماڻڪ منير جي اڱڻ ۾ لٿا هوندا. ڪيئن گذاريا هوندا ماڻڪ اهي صبح، شامون، راتيون؟ انهن صبح، شامن ۽ راتين ۾ ڪير به جهاتي پائي نه ٿو سگهي. ماڻڪ ”ساهه مٺ ۾“ جو پهريون صفحو ڪهڙيءَ موسم جي ڪهڙي پل لکڻ شروع ڪيو هوندو!
    ۽ ”لڙهندڙ نسل“ جي ڪلائمڪس تي ڪهڙي پل پهتو هوندو.
    ڪاش! آئون ماڻڪ سان مليو هجان هان! ڪاش آئون ماڻڪ سان ملي سگهان!
    هاڻي ته مان چاهيندي به ماڻڪ سان ملي نه ٿو سگهان.
    ماڻڪ ته تڏهن خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، جڏهن مون کي اڃان ادب جي الف ب جو به پتو نه هو.
    ماڻڪ سان نه ملي سگهڻ جو ڏک منهنجو اضافي ڏک نه آهي. حقيقي ڏک آهي!
    مون جيترو گهڻو ماڻڪ کي پڙهيو ايترو گهڻو سندس ويجهو ٿي ويس.
    هن جون سڀ لکڻيون سدائين پنهنجون پنهنجون ڀاسيم. مون ماڻڪ کي جڏهن به ۽ جتي به پڙهيو تڏهن ۽ اتي پاڻ کي هن جو حصو محسوس ڪيم. افسوس! نواب شاهه ۾ يعني ساڳئي شهر جي آس پاس هوندي به مان ماڻڪ کي ڏسي نه سگهيس.
    ۽ اڪثر انهن دوستن کان جن جي ماڻڪ سان ملاقات هئي، پڇندو رهيو آهيان ”يار سارنگ سهتا، ماڻڪ ڏسڻ ۾ ڪيئن لڳندو هو؟ ڳالهائڻ ۽ ملڻ جو انداز ڪيئن هئس؟“
    ”سائين مير محمد پيرزادا، اوهان ٻڌايو اوهان سان ڪچهرين ۾ ماڻڪ ڪهڙيون ڳالهيون ڪندو هو؟“
    ۽ سائين مير محمد ٿڌو ساهه کڻي ٻڌائڻ لڳندو، ”يار هو ڪچهرين ۾ گهڻو ڪري خاموش رهندو هو، گھٽ ڳالهائيندو هو... تمام گهڻو مطالعو ۽ شعوري سگهه سان مالامال هو...... گهڻو ٻڌندڙ ۽ گھٽ ڳالهائيندڙ هو.“
    مان ڪنهن ننڍڙي ٻار جيئان تجسس، خوشي ۽ پيار سان ماڻڪ بابت ڳالهيون ٻڌڻ لڳندس!
    پر هي ڇا؟ مان ماڻڪ بابت ٻڌندي، سوچيندي ۽ ڳالهائيندي آخر ٻار ڇو بڻجي پوندو آهيان؟
    دوستن واتان اڪثر ٻڌڻ ۾ پيو ايندو هو ته ماڻڪ جو هڪڙو پٽ به آهي. علي احمد نالو اٿس. وڏي ڏاڙهي وارو باغي پٽ، جنهن کي ماڻڪ کان چڙ آهي. جنهن کي پيءُ تي ڪاوڙ آهي. جيڪو پيءَ جي ادبي حيثيت تي ناراض آهي..... وغيره وغيره....... ڪجھه دوستن ته ايترو به چيو پئي ته ماڻڪ جي مولوي پٽ پنهنجي پيءُ جا فوٽا به ساڙي ڇڏيا آهن...... هو فوٽا گهر ۾ رکڻ کي بدعت ٿو ڀائين.... وغيره وغيره.....! پر پوءِ به الاءِ ڇو مون ساڻس ملڻ ٿي چاهيو!
    مون پنهنجي محبوب ليکڪ جي پٽ کي ڏسڻ ٿي چاهيو.
    ڄڻ ماڻڪ کي نه ڏسي سگهڻ جي ڪمي پوري ڪرڻ ٿي چاهيم. پر ماڻڪ جي پٽ سان ملڻ به شايد سولو نه هو.
    هن جي صحبت الڳ هئي!
    هن جو اٿڻ ويهڻ جدا هو.
    هن جو سنڌي ادب ۽ اديبن سان ڪوئي تعلق نه هو.
    ادبي پروگرامن (اردو توڻي سنڌي) ۾ هن جو اچڻ امڪان کان ٻاهر هو.
    مان به شايد هن سان ملڻ جو آسرو ذري گهٽ لاهي ويٺس. شايد اها ڪنهن سياري جي شام هئي! آئون شهر مان موٽي ڪالوني ڏي ايندي رستي ۾ پنهنجي پياري دوست نديم ڀٽيءَ جي گھر وٽان پئي گذريس ته نديم کي نم جي ڀرسان ڪنهن باريش نوجوان سان بيٺل ڏٺم. ٻنهين سان مليس... دعا سلام ٿي. اوچتو نديم جي اکين ۾ چمڪ ۽ چپن تي دلربا مرڪ ڦهلجندي وئي....”منور! هن دوست کي سڃاڻين ٿو؟“ نديم جي مرڪندڙ چپن چيو.
    ”نه يار“
    ”هي پاڻ واري منير ماڻڪ جو پٽ علي احمد آهي.“
    نديم جو جملو ٻڌندي ئي منهنجي چپن مان بي اختيار هڪ جملو اڀريو، اڙي..... يار!.... توهان..... ماءِ گاڊ!، ۽ مون ٻيو ڀيرو ان دوست کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.... ۽ دير تائين کيس ڀاڪر جي گهيري ۾ گهيري رکيو..... ڄڻ ماڻڪ منير کي ڀاڪر پاتو هجيم..... ماڻڪ جو جسم..... ماڻڪ جو وجود...... ماڻڪ جي خوشبو..... ماڻڪ جي اداسي..... ماڻڪ جو ڏک.... ماڻڪ جو حادثو....الا!..... ماڻڪ جا نيڻ.... ماڻڪ جا هٿ! ماڻڪ جي ڇاتي!! ان ڀاڪر جو گهيرو وسيع ٿي ويو..... سياري جي اداس شام کان نومبر جي هن صبح تائين سڀ موسمون انهيءَ ڀاڪر جي گهيري ۾ آهن.
    ان شام کان وٺي اسان جو ملاقاتون ۽ مختصر توڻي طويل ڪچهريون شروع ٿيون ۽ اڃان جاري آهن.
    مون محسوس ڪيو ته علي احمد جنهن کي مان پيار مان علي ڀائي سڏيندو آهيان ڏاڍو حساس، انتهائي ذهين ۽ شاندار ماڻهو آهي. برابر هو پيءُ وانگر ناولسٽ ڪونهي، ڪهاڻيڪار ڪونهي پر هو پيءُ وانگر حساس آهي! بي حد حساس! هن جي اکين ۾ ماڻڪ جي خودڪشي وارو حادثو هر وقت اٽڪيل آهي. هن جو اندر زخمي زخمي آهي، پيءُ جي پيار، شفقت ۽ موجودگيءَ کان محروميءَ جو ڏک هن جي ذات جو وڏي ۾ وڏو ڏک آهي. ان ڏک، ان حادثي ۽ اڪيلائي سندس شخصيت کي Disturb ڪري ڇڏيو آهي! هن کي جيڪا پنهنجي پيءُ تي ڪاوڙ آهي اُها ڪاوڙ سنڌ جي مشهور ليکڪ ماڻڪ منير تي نه آهي پر پنهنجي پيءُ تي آهي.... پنهنجي بابا تي آهي. اها ڪاوڙ دراصل ڏک آهي. ڏوراپو آهي، لڙڪ آهي، سڏڪو آهي. پنجن سالن جي بنهه ننڍڙي ڄمار ۾ پيءُ جي ڇانءَ کان محرومي ٿي وڃڻ جو ڏک تمام وڏو ڏک آهي. هن جي دل ۾ ماڻڪ منير نالي مشهور ليکڪ کان وڌيڪ پنهنجي پيءُ جي اهميت آهي. هجي به ڇونه! هن جي ڪاوڙ هن جي شڪايت هن جو ردعمل Justified آهي! ۽ بهرحال ڪاوڙ جڳ هوندي هن جي دل جي ڪنڊ ۾ پيءُ ماءُ لاءِ بي پناهه پيار آهي. اهو پيار مون کوڙ دفعا سندس اداس اکين مان ليئا پائيندي ڏٺو آهي.
    هي علي ڀائي جو نظم آهي.

    یہ سانجھ کا سمہ
    یہ سمندر کی شور مچاتی لہریں
    یہ سرخ انگارے سا ڈوبتا سورج
    یہ مجھے اپنے طرف بلاتے ہیں
    سرگوشی کرتے ہیں میرے کان میں
    لوگوں نے تمہیں تنہا کر دیا تو کیا ہوا!
    آؤ ہم تمہیں اپنی بانہوں میں تھام لیں،
    شاید کہ سورج کی تپش سے تمہارے داغ دھل جائیں،
    تمہارے پیشانی بے داغ ہوجائے،
    یہ سمندر کا نمکین پانی تمہیں پوتر کردے،
    کہ شاید ہم اچھے دوست بن جائیں،
    اور تمہارا کرب اپنے اندر سمولیں،
    سکھ کے رشتے سے دکھ کے رشتے مضبوط ہوتے ہیں
    ہم ملکر دونوں رشتے نبھائینگے،
    اور جہاں ہم سب الزامات اور تہمتوں سے
    ہمیشہ کے لئے آزاد ہوجائینگے۔

    ۽ رڳو هيءُ هڪڙو نظم ئي نه هن کوڙ نظم لکيا آهن ۽ هن جو هر نظم ڄڻ باهه جو ٻرندڙ شعلو آهي.
    هن جي اندر ۾ مسلسل هڪ شعلو ٻري رهيو آهي. دنيا جي خوبصورت ناولسٽ پائلو ڪوهئلو پنهنجي ذاتي تجربن تي مشتمل ڪتاب Like she flowing river ۾ هڪ جاءِ تي لکيو آهي:

    “Every human being should keep alive within them the sacred flame of madness, but should behave as a normal person.”

    يعني: هر انسان کي پنهنجي اندر ۾ پاڳلپڻي/ ديوانگي جو هڪ مقدس شعلو زنده رکڻ گهرجي. البت سندس رويو متناسب هجڻ گهرجي.
    سو ماڻڪ کان جيڪو ديوانگيءَ جي آڳ جو شعلو سندس پٽ علي ڀائي جي سيني تائين پهتو آهي اهو واقعي به ڏاڍو مقدس آهي.... پڪ سان ان شعلي جي هوندي به ماڻڪ جو ماڻهن سان رويو اهڙوئي نارمل هوندو، جهڙو علي ڀائي جو آهي.... ها پر Abnormality ۽ Normality جي وچ ۾ توازن قائم رکندي رکندي اڪثر ماڻهو پاڻ مقدس باهه جي شعلي ۾ سڙي رک به ٿي ويندا آهن. جيئن ماڻڪ ٿي ويو.... جنهن دنيا جا ٻيا ڪيئي ديوانا روح ٿيندا آهن. ماڻڪ جي خودڪشي بلڪه هر آرٽسٽ جي خودڪشي بلڪه هر ماڻهوءَ جي خودڪشي دراصل خودڪشي نه آهي پر قتل آهي، بي حس سماج طرفان قتل.... بي پرواهه رياست طرفان قتل.
    ڪوئي آهي جيڪو ڪنهن ڪورٽ ۾ ڪڏهن انهن قاتلن تي ڪوئي ڪيس داخل ڪري؟
    هڪ ڏينهن پنهنجي اندر ۾ آڳ جو شعلو ۽ اکين ۾ هڪ اڻ وسرندڙ حادثي جو ڏک کڻي جيئندڙ منهنجو دوست علي ڀائي مون وٽ آيو. ان ڏينهن سندس هٿ ۾ هڪڙو پراڻو بريف ڪيس هو، بريف ڪيس منهنجي سامهون رکندي چيائين، ”منور هي توهان جي ماڻڪ منير جو بريف ڪيس آهي، جنهن ۾ سندس ڪجھه ڪتاب، ڪاغذ، خط ۽ مضمون وغيره آهن. هي بريف ڪيس ماڻڪ جي خودڪشيءَ کان وٺي امان سنڀاليو آهي. اڄ هي بريف ڪيس مان تو وٽ کڻي آيو آهيان.... جو امان ۽ مان سمجھون ٿا ته ماڻڪ جي هن بريف ڪيس جو حقيقي وارث منور سراج آهي.“
    ۽ مان حيرت ۽ خوشيءَ جي احساس ۾ ڀرجي ويس.
    خودڪشيءَ جھڙي معصوم احتجاج سان هن بيمار سماج کان منهن موڙي ويل ڪنهن پوپٽ جھڙو روح رکندڙ آرٽسٽ جي بريف ڪيس جو وارث ٿيڻ کان وڏو ڀلا ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي ٿو سگهي؟ ها. ماڻهوءَ کي خوابن تان دستبردار نه ٿيڻ گهرجي. مڪمل جنون ۽ سچائيءَ سان ڏٺل خواب ڪڏهن ڪڏهن ضرور ساڀيان جي دهليز تي پهچندا آهن.
    بريف ڪيس ۾ ماڻڪ جي هٿن جي خوشبوءَ هئي. اُها خوشبو جنهنجي مون ڳولا هئي. ۽ اهو ڇهاءُ جنهنجو منهنجي اکين ۾ خواب هو، سو ڇهاءُ بريف ڪيس جي هر خاني ۾ موجود هو.
    ”علي تنهنجي مهرباني جو هن سڄي شهر ۾ توهان مون کي ئي ماڻڪ جي خوابن جو وارث چونڊيو.“ مون اهو جملو ان شخص کي چيو جيڪو پنجن سالن جي عمر کان اداسي جي علامت بڻيل هو، جنهن کي چاچن مامن وٽان ڪنهن به پيءُ واري آسيس نه ملي هئي، جنهنجي ماءُ کيس پيءُ بڻجي پيار ڏيڻ جي باوجود به پيءُ جي ڪمي پوري نه ڪري سگهي هئي.
    مون گھر اچي بريف ڪيس کوليو،
    بريف ڪيس ۾ عجيب خوشبو هئي.
    خوابن جي خوشبو.
    محبت جي خوشبو.
    سڪل گلابن جي خوشبو.
    اکين ۾ رهجي ويل ڪنهن شام جي خوشبو.
    خودڪشيءَ جو خوشبو.
    جدائي جي خوشبو ۽ زندگيءَ سان پاڙجي نه سگهيل هڪ واعدي جي خوشبو.

    (هڪ ڏينهن منهنجي هٿ ۾ قرت العين حيدر جو ناول ”آگ کا دريا“ ڏسي عليءَ ٻڌايو هو ته ”منور“ امان ٻڌائيندي آهي ته شادي جي پهرين رات تنهنجي پيءُ مون کان پهريون دفعو جنهن ناول بابت پڇيو هو اُهو، آگ کا دريا هو. ۽ ان رات امان دير تائين ”آگ کا دريا“ تي ڪچهري ڪئي هئي.)

    بريف ڪيس ۾ ٻين انيڪ ناولن جي خوشبوءَ سان گڏ ”آگ کا دريا“ جي خوشبو به هئي! شايد ماڻڪ جي شاديءَ جي پهرين رات ئي آگ کا دريا جي خوشبو به سهاڳ جي خوشبوءَ سان گڏ بريف ڪيس ۾ بند ٿي وئي هئي!
    مان هڪ هڪ ڪري بريف ڪيس جي قديم غار مان گلن جي خوشبوءَ ۾ ڳنڍيل شيون ڪڍڻ لڳس.
    ساهه مٺ ۾ ۽ لڙهندڙ نسل جو مسودو (ماڻڪ جي اکرن جي خوشبو اڃان تازي آهي.)
    هڪ عدد هڪ رپئي جو نوٽ، جيڪو هاڻي (Date expire) ٿي چڪو آهي.
    سيد شاهه محمد شاهه ڏي ڄامشورو موڪليل ڪنهن خط جي ٽپال کاتي واري رسيد، رسيد نمبر 171. تاريخ 21 جنوري، سال چٽو نظر نه ٿو اچي.
    آگم پبليڪيشن کان نثار صاحب جو هڪڙو خط. ادا، ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ ته في الحال اهڙي خالي جاءِ منهنجي نظر ۾ آهي ئي ڪانه. ها باقي شاهه محمد شاهه چاهيندو ته ڪري سگهندو.... وغيره وغيره. تاريخ 24.05.1981.
    ڪراچيءَ مان عزيز سنڌي جو خط.
    مير جو خط
    رياض ڀائي ڏي منير جو خط
    ڊاڪٽر محمد سليمان جو خط
    نصير مرزا جو خط
    عزيز سنڌيءَ جو خط
    ڪنهن مئگزين ۾ ڇپيل ماڻڪ جي ڪهاڻي ”سونهان اڻ سونهان“.
    ماڻڪ جو وزيٽنگ ڪارڊ.
    ماڻڪ جو اڻ ڇپيل ناوليٽ ”پڇتاءُ“
    ماڻڪ جي هڪ بي نامي ڪهاڻي.
    هڪ عدد ڪارو پراڻو پلاسٽڪ جو ٻٽون ۽ بس...!!
    ۽ ها سچي هڪ عدد هڪ اخباري ڪٽنگ. (منير ماڻڪ سنڌي ادب ۾ نون تجربن جو خالق آهي.
    هو انتهائي حساس فرد هو، سندس لکڻيون اجتماعي احساس جو اولڙو آهن)
    (ساس نوابشاهه طرفان ڪرايل ورڪشاپ ۾ مير ٿيٻي، نثار حسيني ۽ ٻين جا ويچار)
    ۽ بريف ڪيس ۾ بند رهجي ويل نومبر جي شام جھڙي هڪ خاموش، اڪيلي ۽ اداس شام
    ماڻڪ جي بريف ڪيس جي وارثيءَ منهنجي خوشي ۽ اداسي ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي.
    نومبر جي ئي ڪنهن ڏينهن پياري ممتاز بخاريءَ فون ڪري ماڻڪ جو ناوليٽ ”پڇتاءُ“ ڇپائڻ جو ذڪر ڪيو. منهنجي اداسيءَ جا گهاٽا ڪارا ڪڪر چانديءَ جي مختصر ترين بوندن ۾ بدلجڻ لڳا. ۽ پڪ سان ماڻڪ جو ناوليٽ توهانجي هٿن تائين پهچندو ته منهنجي دل جي آسمان تي ست رنگي انڊلٺ اڀري چڪي هوندي.
    مان اوهان وانگر ماڻڪ جي پڙهندڙ طور هي ناوليٽ ڇپجندي ڏسي تمام گهڻو خوش آهيان....
    مون کي به اوهان وانگر ماڻڪ کي پڙهندي شدت سان محسوس ٿيندو آهي ته هر بندرو ماڻهو پاڻ کان وڌيڪ بندرو ماڻهو ڏسي پاڻ کي قدآور ماڻهو سمجهي خوش ٿيندو آهي ۽ هر ڊگهو ماڻهو پاڻ کان ڊگهو ماڻهو ڏسي پاڻ کي بندرو سمجهي پريشان ٿيندو آهي.... پر سچ بهرحال هر حال ۾ سچ ئي هوندو آهي.


    منور سراج
    نومبر جي شام
    2013ع
    نواب شاهه
    (ماڻڪ جو نه هوندي به ماڻڪ جو شهر)


    ماڻڪ جي ناول ”ساهه مٺ ۾“ جو اڀياس : نصير سارنگ

    ماڻڪ جي ناول ”ساهه مٺ ۾“ جو اڀياس : نصير سارنگ

    هيگل هڪ ڀيري چيو هو ته ”ادب هڪ تاريخ آهي، جنهن مان ڪنهن به قوم جي وقت بوقت بدلجندڙ شين جون تصويرون ڏسي سگهجن ٿيون. ادب قومن جي عروج ۽ زوال جو آئينو آهي.“
    منير ماڻڪ جو لکيل ناول ”ساهه مٺ ۾“ به هڪ دور جي تاريخ آهي. هي ناول ون يونٽ جي آئيني تسلسل، ڀٽو حڪومت جي دور ۽ ان ۾ پيدا ٿيل حالتن جي پس منظر ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ هڪ غلام قوم جي ساڃاهه وند فرد جي خوف، عدم تحفظ جي احساس، پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اوپرائپ ڀري ماحول مان پيدا ٿيل انديشن جي مڪمل عڪاسي ڪئي وئي آهي.
    سڄي ناول ۾ ڪردار ٻه زال ۽ مڙس جا آهن، جيڪي بنا نالي جي ”ضمير متڪلم ۽ حاضر“ طور استعمال ٿيل آهن. ناول جو وڏو حصو ڪيفيتن ۽ احساسن جي عڪاسيءَ ۾ لکيو ويو آهي. ڪردارن جي وچ ۾ ڊائيلاگ نسبتاً گهٽ آهن. جيتوڻيڪ ڪجهه جملا احساس جي اظھار لاءِ استعمال ڪيل آهن. جيڪي ڪٿي ڪٿي ڊائيلاگ واري انداز ۾ به آهن.
    البت ناول ۾ خوبصورت ڊائيلاگن بدران ڪهاڻي تي وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي ۽ واقعن ۽ حالتن جو تسلسل پوري روانيءَ سان موجود آهي ۽ ڪٿي به ڪو غير معمولي جهول محسوس نه ٿو ٿئي.
    ناول جو پهريون ڀاڱو ”امن امان“ جي سري هيٺ آهي، جنهن ۾ ون يونٽ واري دور کان سنڌ اندر سياست جي آڙ ۾ باشعور ماڻهن تي نازل ٿيل عتاب ۽ ڀٽو دور ۾ ان جي اونداهي تسلسل کي ڪافي حد تائين جاندار انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. واقعن، انديشن ۽ سوچن جي اظهار ۾ ايتري ته غير معمولي جرئت آهي. جو هي ناول ملڪ ۾ ڇپجي نه سگهيو ۽ هندستان ۾ پهريون ڀيرو ڇاپيو ويو. ناول جي پهرين حصي ۾ ڀٽو حڪومت دوران سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ناانصافين، سنڌي اديبن تي ٿيل ڏاڍ، ڏمر، پھرن ۽ وٺ پڪڙ کان وٺي رياست، سماج ۽ نظرئي جھڙن موضوعن تي پڻ ڪٿي ڪٿي نھايت وزنائتو بحث ٿيل آهي.
    ناول جو مرڪزي ڪردار ڪاليج ۾ هڪ ليڪچرار آهي، ۽ ساڳي وقت ليکڪ پڻ آهي، ناول جي ڪهاڻي ان دور جي حالتن تي ڦري ٿي جڏهن ون يونٽ ٽٽي چڪو هو ۽ ٻوليءَ وارا هنگاما به ٿي چڪا هئا. هڪ طرف ون يونٽ جي دور ۾ سنڌيت لاءِ پيدا ٿيل اوپرائپ وارا اثر اڃان سماج ۾ موجود هئا ته ٻوليءَ وارن خوني هنگامن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پاس ٿيل بل جي رد ٿيڻ سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي پابندين، سنڌي اديبن خلاف وٺ پڪڙ جي نتيجي ۾ پڙهيل ڳڙهيل طبقن ۾ سخت هراس ۽ احساس محرومي پکڙيل هئي.
    ڀٽو حڪومت جيڪا هڪ طرف وچين طبقي جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کي اڳيان آڻڻ جي دعويدار هئي ته ٻئي طرف ان ۾ وچين طبقي جا باشعور ماڻهو چوويهه ئي ڪلاڪ ايجنسين جي اک ۾ به هوندا هئا. ٻوليءَ وارن هنگامن ۾ ليڪچرار عبدالرزاق سومري جو شهيد ٿيڻ ۽ سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ هڪ تنظيم جي چرچ تي ليڪچرار اشوڪ ڪمار جو رياستي تشدد ۾ شهيد ٿيڻ جھڙن واقعن جي پسمنظر ۾ ناول جو مک ڪردار جيڪو پڻ ليڪچرار آهي. ڏاڍو ڊنل ۽ هيسيل محسوس ٿئي ٿو. ان سڄي صورتحال ۾ ڪردار ذهني طور جنهن پيڙا، خوف ۽ دهشت جو شڪار آهي، ان جي احساس جي لفظن جي مدد سان عڪاسي ڪرڻ ۾ مان وڏي حد تائين ڪامياب ويو آهيان. مثال طور ناول جي شروعات ۾ ڪردار کي سي آءِ ڊي جي ڪارندي جو تعاقب محسوس ٿئي ٿو. رستي کان گهر پهچڻ تائين ڪردار جي ڪيفيت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ماڻڪ ناول جا ڇهه صفحا صرف ڪيا آهن. جن جي هڪ هڪ جملي ۾ ڪردار جي ذهني دٻاءُ ۽ نفسياتي طور هيسيل هجڻ جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي. گهر پهچڻ کانپوءِ هو پنهنجي گهرواريءَ سان جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو، ان ۾ پڻ ساڳي ڪيفيت جو ڀرپور اظهار ٿئي ٿو. با ر بار گهر واريءَ کان ڪنهن جي اچڻ نه اچڻ جو پڇڻ ۽ پوءِ پنهنجي گهر کي ڏينهن ڏٺي جو اندران ڪڙي ۽ ڪرف لڳائڻ لاءِ چوڻ، بار بار چوڻ ته ”ڀتين کي به ڪن آهن“ بک نه لڳڻ، گهر واريءَ سان اوچتو تکو ڳالهائڻ، نڙي خشڪ ٿي وڃڻ، ان ڪيفيت جون ڀرپور علامتون آهن. ان ڪيفيت ۾ هو خواب ۾ جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو سو خود ماڻڪ جي شعور ۽ دورانديشيءَ جو ثبوت آهي، خواب ۾ هن فوجي جنتا کي ڪوٽن ۽ انهن جي راڄ سان پيدا ٿيندڙ حالتن کي پليگ سان ڀيٽيو آهي. اڳتي هلي وقت ثابت ڪيو ته ماڻڪ شعور جي اک سان مستقبل جي پردي کي چيري جيڪو ڪجهه به ڏٺو هو، سو سؤ سيڪڙو صحيح نڪتو. اهڙي نام نهاد جمهوري دور ۾ جنهن ۾ دعوائون ٿي رهيون هجن ته هاڻي ملڪ ۾ مارشلا جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. آئين کي ٽوڙيندڙ کي موت جي سزا ڏني ويندي، اتي ماڻڪ جو ڳرن بوٽن جو آواز ٻڌڻ، خاڪي ورديءَ واران ڪوٽن کي ڏسڻ ۽ پليگ ڦهلجڻ جو خطرو محسوس ڪرڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته ماڻڪ هڪ اهڙو حساس ۽ ذهين ليکڪ هئو، جنهن جي نظر سڄي سماج ۽ سياسي ڦير گهير تي هئي، جنهن وٽ ادب کي سماج ۽ سياست کان ڪٽي ڏسڻ وارو فرسوده نظريو نه هو. هن جي تکي نظر سنڌ جي آئيندي کي مصيبت ۾ گهيرجندي ڏسي ورتو هو. ماڻڪ بار بار جيڪا رت جي بوءِ سنگهي پئي، سا سندس وفات کان رڳو هڪ سال پوءِ سچي ثابت ٿي وئي. هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ماڻڪ جي حساسيت، تهذيبي ۽ انساني قدرن سان سندس محبت ۽ فوجي راڄ هيٺ انهن جي چيڀاٽجڻ جي ارمان جو هن جملي مان ڪيڏو نه ڀرپور اظهار ٿئي ٿو، ”ڪٿان انساني وستين ۾ پليگ آڻي تباهيون ڦهلائيندا آهن، وسندڙ تهذيبن کي ناس ڪندا آهن يا چڪلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن.“ يقينن اهو احساس پنهنجي چوڌاري موجود حالتن مان پيدا ٿيل ان خوف مان ڦٽي نڪري ٿو. جيڪو سچي سماج کي گهيري وٺي ٿو. ان سڄي صورتحال جي ذميواري ماڻڪ جي خيال ۾ انهن قوتن تي عائد ٿئي ٿي، جن جو جياپو ان ڳالهه تي آهي ته سندن محڪوم چاڪيءَ جي ڏاند جھڙي زندگي گذاريندا رهن ۽ سماج جي ارتقا ۽ فطرت جي نيمن سان ٽڪراءَ جھڙن لقائن جي کين ڄاڻ نه هجي، هو تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ جھڙين وڻن کان به بنهه اڻ ڄاڻ هجن. مثال طور ماڻڪ جي ڪردار جا هيٺيان جملا اوهان پنهنجي سوچ جو اظهار ڪيو ٿا، کوجنائي لکڻين ذريعي، جيڪي ايندڙ امڪانن جون واٽون صاف ڪن ٿيون. بانس واري بيٺل تلاءُ ۾ جنهن ۾ اسين ٻڏل آهيون ۽ غوطا کائي رهيا آهيون، کوجنا جا پٿر ٻڌايو ته تلاءُ جي ڌڻين کي وڻندا؟
    ماڻڪ جي خيال ۾ حاڪم قوتن لاءِ سنڌي ان ڪري ناقابل قبول ۽ اڻ وڻندڙ آهن، جو اهي پنهنجي اهڃاڻ جي برقراريءَ لاءِ هٿ پير هڻن ٿا. مثبت توڙي منفي نظام توڙي قوتون پنهنجن جبلتن موجب پنهنجي بقاءَ لاءِ ضرور هٿ پير هڻن ٿيون. اصل م تاريخ جي سيوري ارتقا انهن مخالفن قوتن جي باهمي ٽڪراء جي ڪهاڻي آهي. قوتن جي بقا جي ان ويڙهه م حاڪم قوتون پنهنجي بقا لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪن ٿيون، جن ۾ سڀ کان اثرائتو طريقو نظرين ۽ فلسفن جو اهو نشو آهي. جيڪو محڪوم قومن جي رڳن ۾ ڪڏهن مذهب، ڪڏهن سياست ته ڪڏهن شاونسٽ قومي نظريئي جي نالي ۾ انجيڪٽ ڪيو ويندو آهي. ماڻڪ چواڻي ته ”ائبنارمل سماج لاءِ ته ٽرنڪولائيزرس نظرياتي نشي جيئن ڏنو وڃي ٿو.“
    اهڙن معاشرن جا واڳ ڌڻي پنهنجن مفادن جي پورائيءَ لاءِ هر ممڪن طريقو استعمال ڪن ٿا. شايد تڏهن ئي ماڻڪ لکيو آهي، ته هن ملڪ ۾ ڪابه ڳالهه ناممڪن ناهي.
    ڪافي وقت اڳ هڪ سياستدان جو انٽرويو ڇپيو هئو، جنهن ۾ هن هڪ ٻئي سياستدان سان ٿيل ذاتي ڪچهريءَ جي حوالي سان ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٻڌائي هئي ته هن جڏهن ٻئي سياستدان کان پڇيو ته ”آخر سنڌين جو بنيادي مسئلو ڪهڙو آهي؟“ ته هن وراڻيو ته ”بس ٽن وقتن جي ماني“ جنهن تي ان سياستدان کيس چيو ته ٽن وقتن جي ماني ته ڪُتي کي به ملي وڃي ٿي، پاڻ انسان آهيون، اسان کي ٻيو به ڪجهه گهرجي.
    وچولي طبقي جي ان خود غرضيءَ ۾ پاڻ پوڄا واريءَ نفسيات جو ماڻڪ هن ناول ۾ ڏاڍو بهتر ڇيد ڪندي ڪتي ۽ پائولوف جو مثال ڏنو آهي ۽ ان کي علامتي طور کڻندي رياست کي پائولوف ۽ رعيت کي ڪتي سان وزنائتي ڀيٽ ڏني آهي ۽ اتي وچين طبقي جي نفسيات لاءِ بنهه صاف لفظن ۾ چوي ٿو. ”هڏين ۽ ڇيڇڙن جي بخشش کان سواءِ، جيڪو اسان پڙهيل ڳڙهيل مڊل ڪلاس جو سڀ کان وڏو مطالبو آهي.“
    دنيا جي تاريخ گواهه آهي ته هر دور ۾ ڦورو ۽ استحصالي قوتن پنهنجي ڦرلٽ ۽ استحصال کي مختلف نظرين، فلسفن ۽ سانچن ۾ ٺهيل جملن جي بنياد تي جائز قرار پئي ڏنو آهي. اها ڦوروءَ جي نفسيات آهي، جيڪا سندس مفادن جي تحفظ جي بنيادي گهرج آهي. سنڌ جي سالن کان مال غنيمت جيان ڀيل ڪندڙ پناهگير ٽولي جي ان دعويٰ ته ”اسان قربانيون ڏئي ملڪ حاصل ڪيو هو“ جي جواب ۾ ماڻڪ جا جملا ڦورو قوتن توڙي سندن هٿ گهڙئي نظرئي جو بهترين جواب آهن. پنهنجي غرض خاطر جان جوکي ۾ وجهي ۽ ٻين جي ڦٻائڻ لاءِ ڪجهه وڃائي، پوءِ عيوض ۾ گھڻو ڪجهه حاصل ڪري، ڦٻائي سوڀارو ٿي اڀري ۽ ڦٻايل هنڌ تي پير کپائي اوچو ٿي بيهي ۽ لتاڙ شروع ڪري پوءِ چوي ته مون هيءُ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.
    ماڻڪ وٽ سنڌ ۽ سنڌين جي ان حالت جا ذميوار ٻه مک فيڪٽر نظر اچن ٿا. هڪ سنڌ جو جاگيرداراڻو سماج ۽ وڏيري جي روايتي ذهنيت ۽ ٻيو لساني بنيادن تي سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهندڙ پناهگير فيڪٽر. ماڻڪ جي خيال ۾ جاگيرداريت سنڌي قوم جو اهو داخلي ناسور آهي، جنهن اسان کي چؤکنڀو ٻڌي بيوس بڻائي ڌارين جي پيرن ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. ماڻڪ جي ان سوچ جو اظهار سندس هيٺين جملن مان ٿئي ٿو.
    ”منهنجون ٽنگون پهرين ديسي مڪڙن کاڌيون جن جا آنا هن ڌرتيءَ ۾ ڦُٽا جيئن مان هلي نه سگهان! سڀ مڪڙ هڪ جھڙا آهن. آبادين کي ناس ڪندڙ وسنديون ناس ڪندڙ، انهن کي ڳڙڪائيندڙ، حياتيءَ جي ست کي چوسي چوسي ناس ڪندڙ.
    ماڻڪ جي ذاتي زندگيءَ جي حوالي سان ممڪن آهي ته مٿين جملن ۾ سندس اشارو پنهنجن انهن دشمنن يا دوستن ڏانهن هجي، جن کيس هيسائي بيوس بڻائي زندگيءَ جي شاهراه تان موت جي اونهيءَ کاهيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيو. جڏهن ته مجموعي حوالي سان اُهي جملا سنڌ جي مفاد پرست ۽ قومي غيرت کان وانجھيل مٿين طبقي لاءِ موزون نظر اچن ٿا.
    هن ناول ۾ ماڻڪ تي ٻوليءَ وارن هنگامن کان پوءِ پيدا ٿيل حالتن جو اثر ڪافي گهرو محسوس ٿئي ٿو. اهوئي ڪارڻ آهي جو ماڻڪ جي ناول ۾ سنڌ مٿان رياستي ڏاڍ کان به وڌيڪ نسل پرست پناهگيرن جي ڏاڍاين جو ذڪر ڪيل آهي. ماڻڪ جاگيرداريت ۽ جاگيردار پرستن کان پوءِ سنڌين جي برباديءَ جو ٻيو مک ذميوار فيڪٽر ان کي ئي سمجهي ٿو. ناول ۾ سنڌين جي ”ڪلچرل جينو سائيڊ“ جو خوف ڪيترن هنڌن تي صاف محسوس ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ ماڻڪ کي ان سڄي صورتحال جي پس منظر ۾ رياستي هٿ کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ گهربو هو ۽ ان سان گڏ کيس سنڌين جي اڪناميڪل جينو سائيڊ (Genocide) ۽ ان جي ذميوار عنصرن تي به لکڻ گهربو هئو. بهرحال هڪ ڳالهه ناول مان صاف محسوس ٿئي ٿي، اها آهي سنڌين جي قومي وجود جو خطري ۾ هجڻ ۽ پنهنجي ڌار سڃاڻپ وڃائي ڊي سنڌيلائيزڊ ٿي وڃڻ جو خوف، اصل ۾ ون يونٽ جي ڊگھي عرصي دوران سنڌين جي ڌار وجود جي خاتمي، ٻوليءَ وارن هنگامن ۽ ڀٽي دور ۾ سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي پابندين وارن واقعن جي نتيجي ۾ سنڌي ثقافت کي ٽين درجي واري حيثيت ملڻ سبب اهو احساس پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن ۾ نهايت پختو ٿي چڪو هئو. اهوئي سبب آهي جو ان عرصي دوران تخليق ٿيل سنڌي ادب ۾ هڪ طرف جاگيرداريت کان ڌڪار نظر اچي ٿي ته ٻئي طرف ڪلچرل جينو سائيڊ (Cultural Genocide) جو ڀؤ ۽ ان جي خلاف مزاحمت جو عنصر ملي ٿو. اهو ساڳيو ئي اثر 1980ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ لساني هنگامن يعني گذريل ڪجهه سالن جي تخليقي ادب ۾ به ڪنهن حد تائين موجود رهيو آهي. ان وچ ۾ رياستي جبر خلاف ادبي مزاحمت جو وڏو حصو 1983ع جي تحريڪ کان پوءِ مڙهيل ملي ٿو. جڏهن ته هينئر تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال جي نتيجي ۾ اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي محاذن جي ڪمزور هجڻ جو احساس هوريان هوريان لکڻين ۾ وڌيڪ ٿيڻ لڳو آهي.
    هن ناول جي هڪ خوبي اها به آهي ته ماڻڪ رڳو هڪ مسئلي کي کڻي ان تي جملي بازي نه ڪئي آهي ۽ ڪهاڻيءَ کي رڳو هڪ مخصوص دائري ۾ ويهي نه ڦيرايو آهي پر سماج اندر موجود مختلف تضادن ، مسئلن ۽ مونجهارن تي پڻ ڏاڍو ڪارائتو بحث ڪيو اٿس. مثال طور ذهني دٻاءُ ۽ فرسٽريشن سبب پنهنجيءَ گهر واريءَ جي جنسي گهرج پوري نه ڪرڻ ۽ امپوٽنٽ (Impotent) ٿي وڃڻ واري احساس کان پوءِ هو سوچي ٿو. هڪ اهم سوال فرض ڪر ته مان لائق نٿو رهان ته پوءِ سندس لاءِ؟ يار؟ جيڪڏهن ڪنهن به سبب هوءَ منهنجي لائق نه هجي ته- مان چڪلي يا پرائيويٽ ڪري سگهان ٿو پر هن لاءِ چڪلو ڇو نه آهي؟ مرداڻو چڪلو. کيس چوندس ته بلو ڪري، يعني يار؛ هڪ اخلاقي سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. ماڻڪ پنهنجي ذات جي محرومين کي حوالي طور کڻي سڄي سماج جي جوڙيل انهن اخلاقي قدرن کي چئلينج ڪيو آهي. جيڪي جاگيرداريت جي پاڇي ۾ پلجن ٿا. ۽ جن جو بنياد ان ڳالهه تي هجي ٿو ته مرد پنهنجي فطري تسڪين جي پورائيءَ لاءِ هر جائز ناجائز طريقو استعمال ڪري ٿو. باقي عورت جي مٿي تان جيڪڏهن پوتي به سِرڪي ته مذهب خطري ۾ اچي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ماڻڪ جي انهيءَ سوچ کي ان بنياد تي قبول نٿو ڪري سگهجي ته سماج اندر هڪ برائيءَ کي جائز قرار ڏئي ان کي اخلاقي تحفظ ڏجي. اها خود سوچ جي انتها پسندي آهي. البته ماڻڪ جي اها ڳالهه سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي ته هڪ اخلاقي سوال پنهنجيءَ جاءِ تي موجود آهي. هونءَ به ماڻڪ جي سڄي ناول ۾ جنسي حوالي سان لکيل ڳالھيون ذھني عياشيءَ جي حوالي سان نه پر سماج اندر موجود فرسٽريشن ۽ انارڪيءَ کي وائکي ڪرڻ لاءِ لکيل آھن. جيڪي ناول ۾ اجائيو ٽنبيل يا Misfit محسوس نه ٿيون ٿين، بلڪ ماڻڪ انهن حوالن سان پنهنجي سوچ کي وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ پڙهندڙن تائين Communicate ڪري ٿو. مثال طور ناول ۾ ڪردار جو گهر واريءَ جي جنسي اڃ به اجهائي سگهڻ واري حالت ان جي ذهني فرسٽريشن ۽ خوف کي غير معمولي انداز ۾ ظاهر ڪري ٿي. جنهن ۾ حقيقت نگاريءَ جو عنصر موجود آهي ۽ ڪردار جي ڪيفيت کي اهو هڪ واقعو ڀرپور انداز ۾ سامهون آڻي ٿو ته جيڪي ماڻهو ماڻڪ جي ذاتي زندگيءَ کان واقف هوندا انهن کي هي ناول پڙهي اهو احساس ٿيندو ته ماڻڪ پنهنجي اندر جي سموري خوف، مرض، مايوسين، ذهني ۽ جنسي مونجهارن کي ان ۾ سمايو آهي. ماڻڪ جي حساسيت جي حد اها آهي ته هن کي ان امن کان به ڀؤ ٿئي ٿو. جيڪو ڏهڪاءُ جي ڪُک مان جنم وٺي ٿو. جنگ کان نفرت ڪندي امن چاهيون ٿا ۽ امن کان به نفرت. ان امن کان جيڪو ڏهڪاءُ جي ڪل ! اتي سوال نه رڳو ماڻڪ جي ذهني ڪيفيت جو آهي پر اها ڳالهه هونئن به سوچڻ لائَق آهي ته زندگيءَ جي ڪنهن به حاصلات جو ملهه ڇا آهي ۽ جيستائين امن جون سوال آهي ته اهو دشمن اڳيان هٿيار ڦٽا (Surrender) ڪرڻ سان به ملي سگهندو آهي. ٻيو امن اهڙو به ٿيندو آهي، جيئن اڄڪلهه سڄيءَ سنڌ کي وڪڻي حڪمرانن شهرن ۾ عارضي امن قائم ڪرايو آهي. ساڳيءَ طرح ماڻڪ جي ناول ۾ ٻيا به ڪيترائي جملا فڪري پهلوءَ کان ڏاڍا ڳوڙها ۽ با معنيٰ آهن، جيڪي ناول جي ڪهاڻيءَ سان ڪو سڌوسنئون تعلق نه رکڻ جي باوجود اهميت وارا آهن. خاص ڪري جنگ ۽ بنيادي انساني حقن وغيره بابت سندس رايا ناول جي ڪردار کي ٿورن ئي لفظن ۾ ڀٽائيءَ جي هن سِٽ ۾ بيان ڪري سگهجن ٿا ته ”الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.“ سيرت ۽ ساڃاهه رکڻ سبب هو پنهنجي بي وسيءَ کي وڌيڪ شدت سان محسوس ڪري ٿو. مثال طور ڪردار جا هي جملا ڪنهن حساس فرد جي بيوسيءَ جو ڪيڏو نه اثرائتو علامتي اظهار آهن، ”مان پنهنجي اکين سان ڏسان ويٺو ته مان کاڄي رهيو آهيان، منهنجو پيٽ منهنجي اڳيان مڪڙ کائن پيا. ان احساس مان گذران پيو ٿو، ته مڪڙ مونکي ٽُڪي رهيا آهن.“ ان قسم جي بي وسيءَ ۽ هيڻائيءَ جا احساس جڏهن پنهنجيءَ مخصوص انتها تي پهچن ٿا ته پوءِ مستقل مزاج جدوجهد وارو عنصر ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو، جيڪو مقابلي واري سگهه کي به نستو ڪري ڇڏي ٿو. ماڻڪ اهڙيءَ بي وسيءَ واري عالم ۾ پاڻ آجو ڪرائڻ جو ڪو چٽو گس ڏيکاري نه ٿو سگهي بلڪه شديد مونجهاري واري ڪيفيت جو شڪار بنجي وڃي ٿو. مثال طور سندس هيٺيان جملا ان رويي جو اظهار آهن. ”آءُ مڪڙن هٿان ائين بي وسيءَ سان مرڻ بدران هڪ ڀيرو ئي پاڻ کي پر اهو ناممڪن آهي، ائين پاڻ کي ماري نٿو سگهجي.“
    جيڪڏهن جانور به........ پوءِ جبلي ڪمزوريءَ هيٺ ئي سهي پڄاڻيءَ واريءَ مهل تائين به پاڻ بچائڻ لاءِ، جيئري رهڻ لاءِ هٿ پير هڻي ٿو، مان ته انسان آهيان. ساڳيءَ انهيءَ پاڻ بچائڻ واري جبلي ڪمزوريءَ سان نوازيل پر اهي ڪهڙا مڪڙ آهن. جن جي واٽ لڳڻ سان منهنجي رهيل کھيل جسم ۾، اهڙو زهر اوتجي ويو آهي جيڪو جيئري رهڻ جي سڀاويڪ آس کي به ختم ڪندو پيو وڃي. لڳي پيو زنده رهڻ جي جوت جھڪي ٿيندي پئي وڃي. مان سمجهان ٿو ته هي جملا ماڻڪ جا اهي سچا پچا احساس آهن، جن ۾ ماڻڪ جو بيوس وجود صاف ليئا پائيندو نظر اچي ٿو. مٿين جملن مان اهو احساس ٿئي ٿو ته ماڻڪ وٽ زنده رهڻ جو اتساه شعوري نه پر جبلي وڃي رهيو آهي. شعوري طور زنده رهڻ جي آس ته ڪجهه وقت زنده رکي سگهي ٿي، پر نج جبلي بنيادن تي زنده رهڻ وارو مدو بنهه مختصر ته ٿي سگهي ٿو.
    شڪ ناهي ته ماڻڪ جي آپگھات جي پٺيان به اهو ئي الميو هجي، ننڍي پئماني تي دوستن جي روين ۽ وڏي پئماني تي رياستي ڏهڪاءُ جي نتيجي ۾ ماڻڪ وٽ اهڙي ڪيفيت ممڪن آهي ته جنم ورتو هجي. باوجود ان جي اهو ڪردار ناول جي آخر ۾ ڪنهن حد تائين جرئتمند نظر اچي ٿو. جيڪو حالتن ڏانهن شعوري ردعمل ڏيکاري ٿو، حالتن جي منهن مقابلي ٿيندي مسئلن جي حل لاءِ مختلف واٽون به ڏسي ٿو. اها صورتحال ته رڳو ناول جي پلاٽ جي گهرج به آهي، پر ساڳئي وقت ماڻڪ جي ذات جو اهو رخ به آهي، جنهن وٽ جيئڻ جي ڀرپور تمنا هئي، جيتوڻيڪ حوالي طور مٿي ڏنل جملا ردعمل جي لحاظ کان وڌيڪ فطري محسوس ٿين ٿا. جو اهي ڪھاڻيءَ ۾ واقعاتي حوالي سان نه پر ڪردار جي ڪيفيتي حوالي سان ڏنل آهن.
    ڪردار جي ذات بلڪل ”ڪڏهن من ماڪوڙي ڪڏهن ڪيهر شينهن“ جيان لڳي ٿي.
    ناول جو ٻيون باب ”ٻائيتال“ سري هيٺ 1977ع وارين چونڊن جي دور تي لکيل آهي، جنهن ۾ ماڻڪ پاڪستان اندر جمھوريت جي سياسي مفھوم کي اخلاقي بنيادن تي چئلينج ڪندي، ان کي ”ٻڪريءَ کان ڪاسائيءَ جي چونڊ ڪرڻ واري حق ڏيڻ“ سان ڀيٽيو آهي. ورهاڱي کان پوءِ سياسي شعور سنڀاليندڙ نسل لاءِ ڀٽو حڪومت پھريون جمھوري تجربو هئي، جيڪا قومي جبر، بنيادي قومي ۽ انساني حقن جي پائماليءَ ۽ رياستي ادارن جي طفيلي هجڻ سبب ماڻڪ وٽ قابلِ قبول ناهي. ماڻڪ ان عوامي سوچ جو ترجمان آهي ته هن سياسي ڍانچي ۾ جمهوريت مارشل لا جي سول روپ کان سواءِ ڪجهه به ناهي. اتي اها ڳالهه واضع ٿيڻ کپي ته ماڻڪ جمهوريت کي بحيثيت سياسي نظام جي رد نه ٿو ڪري پر ملڪي سياسي پس منظر ۾ ان کي اڻ لاڀائتو سمجهي ٿو. هونءَ به سياسي نظامن کي رڳو وصف جي بنياد تي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. اصل مسئلو انهن جي عملي نقاد واري طريقيڪار جو آهي، سوشلسٽ ملڪن جي تباهيءَ جو ڪارڻ به اهوئي هئو! هتي جمهوريت اصل ۾ مارشل لا جي بڇڙي ڏائڻ جي مٿان ڪنهن خوبصورت پريءَ جي چاڙهيل ماسڪ جيان رهي آهي. ماڻڪ جي ان رويي کي سندس موت کان پوءِ ملڪ ۾ ٿيل جوڻيجو، بينظير توڙي هاڻوڪي نواز شريف وارين جمهوريتن سچو ثابت ڪيو آهي. ناول جي هن باب ۾ پهرئين باب جي ابتڙ ماڻڪ جا جملا زندگيءَ جي احساس سان ڪيئن نه ڇلڪندا محسوس ٿين ٿا. ”سنڌ ۽ سنڌي هن مھل به جيئرو جاڳندو رت جو لوٿڙو آهن، هو جيئرا آهن ۽ حياتيءَ سان پيار ڪن ٿا.“ زندگيءَ سان محبت ۽ مايوسين ۽ نامرادين سان مزاحمت جو اهڙوئي اظھار ڪردار جي گهر واريءَ سان شهر ڇڏي ڳوٺ هلڻ واري بحث مان به ٿئي ٿو. ماڻڪ ايترين سارين داخلي ڪمزورين، سنڌي سياستدانن جي منافقانه روين، وڏيرن جي ويساهه گهاتين کان ڪٿي ڪٿي نفرت ڀريءَ چڙ ۽ مايوسيءَ جو اظهار به ڪري ٿو، پر اهڙي گهڻ پاسائين خوف ۽ عدم تحفظ واري احساس هيٺ ذري گهٽ نفسياتي مريض بنجي ويل ڪردار جي اها جبرئت ذهن ۽ دل جي وچ ۾ هلندڙ ويڙهه جي علامت آهي. جنهن ۾ سندس هيسيل دل ڪٿي ڪٿي سندس ذهن کي به هيڻو ڪري ڇڏي ٿي. پر ڌرتيءَ ڌڻي هجڻ وارو احساس سندس ذهن کي مزاحمت تي اڀاري ٿو.
    ماڻڪ وٽ نه رڳو بچائڻ جو احساس نظر اچي ٿو، پر ساڳئي وقت هو ان کان هو وک اڳتي وڌندي چوي ٿو؛ ”هو به اسان جي اکين ۾ آهن، ٿيڻ گهرجن. هلندڙ تاريخ جون ضرورتون ئي اهڙيون آهن. هو به اسان جي اکين ۾ ٿيڻ گهرجن.“ سندس اهي جملا جرمن شاعر بريخت جي ان شعر جي ياد ڏيارين ٿا ته ”هيءُ نظام پينگهه جيان آهي. ان ۾ مٿيان ان ڪري مٿي آهن، جو هيٺيان هيٺ آهن.“ مطلب ته توازن ۾ هڪ قوت جي ڪمزوري، ٻيءَ قوت کي مضبوط ٿيڻ ڏئي ٿي. ماڻڪ اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ”جيڪڏهن اسان کي ڳڙڪائيندڙ قوتون اسان جي اک ۾ ناهن ته پوءِ پڪ سان ايندڙ وقت ۾ اسان انهن جي چنبن ۾ هونداسين.“ هڪ ڳالهه ٿوري محسوس ٿئي ٿي ته ڪردار جي گهر واريءَ جو ڪردار ذهني ائپروچ ۽ ڪيفيتي حوالي سان ڏاڍو اڻ چٽو محسوس ٿئي ٿو. هن باب ۾ وڳوڙن شروع ٿيڻ کان اڳ هوءَ ايتري ته هيسيل ۽ ڊنل محسوس ٿئي ٿي، جو هوءَ مڙس کي دروازو کڙڪائڻ تي در تائين وڃڻ کان روڪي ٿي، جڏهن ته مذهبي جنونين جي شروع ڪيل وڳوڙن کان پوءِ هوءَ کيس ڪرفيو جي وٿيءَ ۾ کاڌي پيتي جو سامان وٺي اچڻ لاءِ چوندي بنهه نارمل ۽ بي خوف محسوس ٿئي ٿي. ساڳي طرح ان ڏهڪاءُ واري حالت ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي ڳوٺ سڙڻ ۽ هڪ ڪٽنب جي قتل ٿيڻ تي به سندس ردعمل سندس نفسياتي اعتبار کان جاندار نه ٿو لڳي. سڄي ناول دوران سندس ذهني سطح جو ڪوبه چٽو اندازو نه لڳائي سگهڻ جو ڪارڻ سندس ذهني ڪيفيتن ۽ ائپروچ جي باري ۾ ڏنل متضاد حوالا آهن. ڪٿي ڪٿي هوءَ انتهائي جرئتمند ۽ پڙهيل ڳڙهيل وچولي طبقي جي عورت محسوس ٿئي ٿي ته ڪٿي وري جملن ۽ روين مان بنهه عام ڳوٺاڻي سادي سودي عورت لڳي ٿي. جنهن جي ڪل ڪائنات سندس مڙس ۽ گهر آهي.
    ساڳيءَ طرح انهن هنگامن جي حوالي سان ماڻڪ وٽ ورهاڱي کان نفرت جو احساس به ملي ٿو. کيس اهو احساس شدت سان ٿئي ٿو ته تهذيبي ۽ ثقافتي پس منظر ۾ سنڌي هندو توڙي مسلمان مذهبي ويڇن کان ڏاڍا مٿانهان هجڻ سبب انسانيت جي ان مالها ۾ پوئيل هئا. جتي سمورن تضادن جي باوجود گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۽ سنڌين جو قومي وجود خطري ۾ نه هئو. امن جي هن ڌرتيءَ تي وحشت ۽ دهشت جي اهڙي راڄ جو انديشو نه هئو.
    ناول جو آخري باب ۽ ”امن امان“ جي سري هيٺ لکيل آهي، جنهن ۾ 1977ع وارين چونڊن جي ٻيهر ٿيڻ واري اعلان کان وٺي ڀُٽي جي ڦاسيءَ تائين واري دور کي ٻيھر موضوع بنايو ويو آهي. ڪردار جي خوف، هراس ۽ فرسٽريشن کي نه رڳو برقرار رکيو ويو آهي. پر ان کي اڃا به وڌيڪ شدت ڀرئي لھجي ۾ بيان ڪيو ويو آهي. بيوسيءَ جا لڳ ڀڳ ساڳيا احساس صرف سچوئيشن جي تبديليءَ سان ڏيکاريل آهن. ناول جي پڄاڻيءَ ۾ ماڻڪ جيڪي سوال پڙهندڙن اڳيان اٿاريا آهن، يا ان دور ۾ مستقبل جي حوالي سان جن انديشن ۽ وسوسن جو اظهار ڪيو آهي سي هينئر پوري شدت سان اڀري آيا آهن. مثال طور ماڻڪ جو سنڌ ڏانهن ميريءَ اک سان نهاريندڙ قوتن جي نيت بابت اها اڳ ڪٿي ڪئي ته:
    “A LAND WITHOUT PEOPLE FOR THE PEOPLE WITHOUT LAND.”
    سنڌ جي قومي سياست ۽ اجتماعي قومي نفسيات جي حوالي سان ماڻڪ جا هي جملا ڏاڍا اهميت وارا آهن. ”سوچ جو هيءَ نقطو آهي ته نيت سنڌي احساس جي ڀوڳيندڙ سطح کان اڀري تنظيم جي روپ ۾ ڇو ڪونه نمايان ٿي بيٺا آهن.“
    سنڌ اندر ڪنهن به اداري يا جدوجهد جي منظم نه هجڻ کي ڪي ماڻهو سنڌي قوم جي ان گڏيل قومي نفسيات جو حصو سمجهن ٿا، جيڪا تاريخ جي حوالي سان اڄوڪي نسل کي ورثي طور ملي آهي، ۽ ڪن جو خيال آهي ته اها غير منظم حالت مجموعي طور غلام سماجن جي نفسيات ۽ مزاح جو حصو رهندي آئي آهي. غلام سماجن اندر ويساه گهاتين، موقعي پرستيءَ وارن لاڙن جو ڦهلاءُ موتمار وبا جيان ٿيندو آهي، جيڪا انهن جي اندروني جينياتي قوت کي نستو ڪري ڇڏي ٿي. مختلف گروهي مفادن جي ٽڪراءَ سبب اهڙن سماجن ۾ ڇڙواڳيءَ جو عنصر وڌي وڃڻ سڀاويڪ عمل آهي ۽ اهو ساڳيو اصول سنڌي سماج سان پڻ لاڳو ٿئي ٿو. ساڳيءَ طرح سنڌ جون اڪثر جدوجھدون تاريخي پسمنظر ۾ غير منظم ۽ منتشر نظر اچن ٿيون. شايد سنڌ جي شڪست مان ڀريل تاريخ جو ڪارڻ به اهوئي هجي. هڪ ٻئي ڳالهه جيڪا محسوس ٿئي ٿي، اها آهي ماڻڪ جي راءِ ته ڏاڍاين کي منهن ڏيڻ جي اڪيلي واٽ جوابي طاقت آهي. ماڻڪ تنظيم کان وڌيڪ ايڪشن تي زور ڏيندي نظر اچي ٿو. ماڻڪ جي خيال ۾ حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ طاقت جي توازن جي اڻ هوند محڪوم جي محڪوميءَ جو بنيادي ڪارڻ آهي. پر هڪ اٽل حقيقت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته دنيا جي تاريخ ۾ ڪڏهن به غلام قومون حاڪم قومن کان وڌيڪ منظم ۽ مظبوط ناهن رهيون، ان ڪري غلامن جون اڪثر سوڀون طاقت جي توازن جي حق ۾ نه هجڻ کان پوءِ ڏاهپ جو توازن پنهنجي حق ۾ ڪرڻ سان ٿيون آهن. ٿورن لفظن ۾ ائين ڪري چئجي ته حالتن جي مقابلي لاءِ طاقت ۽ ڏاهپ جو گڏيل توازن حق ۾ ڪرڻ ضروري آهي، ٻنھي مان ڪنهن به هڪ کي مسئلي جو حل سمجهڻ درست ناهي، (شايد شديد بيوسيءَ واري ردعمل ۾ اها سوچ پيدا ٿي هجي)
    بهرحال مجموعي طور تي هي ناول پنهنجي دور جي سچاين جو بيباڪ عڪاس آهي ۽ وچولي طبقي جي هڪ فرد ۽ ليکڪ جي خيالن ۽ احساسن جو مجموعو آهي، جنهن وٽ وقت ۽ حالتن مان پيدا ٿيل هراس ۽ مايوسيءَ سان گڏ ڪجهه ڪرڻ وارو اتساهه به آهي. هي ناول نه رڳو ماڻڪ جي ذاتي احساسن ۽ جذبن جو عڪاس آهي پر ساڳي وقت سنڌ جي تاريخ جي هڪ دور جو داستان پڻ آهي.


    (ماهوار ساڃاهه، شمارو 41، 1992ع تان کنيل)


    ٻه اکر : امداد حسيني

    ٻه اکر : امداد حسيني

    ماڻڪ اُن ٽھيءَ مان ھو، جيڪا پاڻ کان سينئر ۽ جونيئر جي ٻن پُڙن ۾ پيسجي رھي ھئي / آھي. سينئر پنھنجي لکڻين ۾ وڏيرن کي لوئي پاڻ ادبي وڏيرا بڻجي ويا ۽ جونيئر شارٽ ڪٽس جي ڳولا ۾ رھيا، ائين ادبي محاذ تي قومي ايڪي واري اعلى مقصد کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ون يونٽ کان پوءِ واري ماٺار ۾، جن ليکڪن بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اُڇلي، تجربي جو ساھس ڪيو ۽ ادبي ٺيڪيدارين جي مخالفت ڪئي، انھن کي ڪچيون گاريون ڏئي، جُڙتو حالتن جي ڪنڊ تار لوڙھي ۾ واڙيو ويو! نصاب مان کين ٻاھر رکيو ويو؛ ادارن جا دروازا ته مٿن اڳ ئي بند ھئا؛ پر نجي سطح تي به ھو ”ادبي واڳن“ جي ور چڙھي ويا! ان اُگري صورتحال جو ماڻڪ وڌيڪ شڪار رھيو: شايد ان ڪري ئي ماڻڪ پاڻ ارپي، ڪلا سان سچو رھي ٻولي/ ساھت / جاتيءَ ۽ پوري انسانذات لاءِ شاندار اُتساھيندڙ ڪردار ادا ڪندو رھيو. اسان کي پڙھندڙ ۾ اٽل ويساھ آھي، ته ”ٽکڙ پبليڪشن“ جي ڀرڀور آجيان ڪندو ۽ سنڌي ٻولي / ساھت ۽ قوم کي درپيش خطرن کي ٽارڻ لاءِ مڪمل سھڪار ڪندو.


    ماڻڪ : شرجيل 

    اڄوڪي ھلال اخبار
    27 جنوري 1982ع جي
    منھنجي ھٿن ۾.
    پھرئين صفحي جون
    وڏيون ۽ ننڍيون خبرون پڙھندي،
    اوچتو نظر پئي،
    ”ماڻڪ وفات ڪري ويو“ !!! ؟؟
    سخت سيءَ ھوندي
    سڄي جسم ۾ سناٽو ڇانئجي ويو ..
    ڄڻ اوچتو ئي اوچتو
    ڪنھن شھر جون،
    سڀ بتيون، وسامي ويون ھجن،
    ھٿوراڙيون ڏيندي
    خبر کي ڦولھيم
    ھڪ ننڍڙو آس جو ڏيئو
    ھٿ لڳي ويو ...
    ماڻڪ جي موت جي تصديق نه ٿيڻ جو.
    ڪاش،
    تصديق نه ٿي سگهي
    ماڻڪ جي موت جي، !؟


    مئي پڄاڻان : آغا قيوم

    مئي پڄاڻان : آغا قيوم

    • ماڻڪ بدران جي علي مري وڃي ھا ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ھا ..... (علي بابا)
    • ماڻڪ اھو ليکڪ ھو، جيڪو پنھنجي مقصد سان سچو ھو .... (حميد سنڌي)
    • ورھاڱي کان پوءِ سنڌي ادب پيدا ڪرڻ ۾ ماڻڪ پھريون ليکڪ ھو .... (مراد علي)
    • ماڻڪ ذھين، حساس ۽ سگهارو ليکڪ ھو .... (شوڪت شورو)
    • اديب ۽ فنڪار قومي امانت آھن، ماڻڪ ھميشه امر رھندو .... (اسرار شام)
    • ماڻڪ سنڌ جي سرواڻ اديبن مان خودسر تخليقڪار ھو .... (رسول بخش درس)
    • ماڻڪ جي وڇوڙي بعد لڳي ٿو وڏيون ڀتيون مست ھاٿيءَ وانگي مون ڏانھن ڌوڪڻ اچي رھيون آھن .... (شرجيل)
    • ماڻڪ اڃا ڳپل وقت زندھ رھي ھا جي ھو منافق ھجي ھا ته .... (نثار حسيني)
    • ايندڙ دور ۾ ماڻڪ جا پڙھندڙ وڌيڪ پيدا ٿيندا .... (امداد)
    • جيسين بي روزگاري ۽ اڻ سجاڳي آھي تيسين ماڻڪ اسان وٽ موجود رھندو ... (قاسم پٿر)
    • ماڻڪ نون تجربن جو ماڻڪ ھو .... (عزيز مھراڻوي)
    • ماڻڪ جو اوچتو موت ايئن محسوس ٿيو ڄڻ بنھه منجهند جو اوچتو سج ٻڏي ويو (نصير مرزا)
    • حقيقت پسند ليکڪ ماڻڪ جھڙي گنڀير ۽ حساس شخصيت ورلي ڪا ملندي .... (ظفر حسن)
    • ماڻڪ انتھائي ذھين ۽ جديد ادب جو سرواڻ ليکڪ ھو .... (مدد علي سنڌي)
    • ماڻڪ پنھنجي لکڻين جي شڪل ۾ اڄ به اسان وٽ موجود آھي .... (پروانو ڀٽي)
    • ماڻڪ حقيقت پسند ۽ ھڏ ڏوکي انسان ھو .... (حافظ عبدالرحيم)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 870
    ڪتابن جو مشاهدو: 2450932
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 627209
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ