ڪتاب جو نالو: عالم سڀ آباد ڪرين
مصنف: پروين موسيٰ ميمڻ
ڇپائيندڙ: محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 20 مئي 2020 ع
پڙهيو ويو: 257 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 92 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو ”عالم سڀ آباد ڪرين“ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو. سپڪ، سهڻي، مڻيادار اندر جي اُڇل ۽ جذبن جي سچائيءَ سان گڏ تحقيق جو پھلو پڻ اُجاگر ٿيل آهي. شاه جي شاعريءَ جي ڪافي پهلوئن کي اجاگر ڪيو اٿس. چاهي ٻولي هجي يا سماجي پھلو هجن. تصوف جي اشارن ۽ علامتي اصطلاحن ذريعي شاه سائينءَ جيڪا انساني اندر کي روشني ۽ رهنمائي ڏني آهي ان کي بيان ڪيو اٿس. سماج جي هر طبقي جي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا، ڪڙمي، ڪاسبي، پورهيت هجن يا وري نازڪ جنس عورت جي عظمت جو سوال هجي، سانئڻ پروين وڏي محنت ۽ محبت سان بيان ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا سڀئي ۽ حق ۽ واسطا ليکڪا وٽ محفوظ آهن
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ماهـراڻه راءِ
  • مهاڳ: اُن جي عبداللطيف چئي، مِٽيءَ لڌو مانُ
  • پُڇن سي پسن
  • ميريائي مانُ لَهان
  • عالم سڀ آباد ڪرين بابت ٻه اکر
  • پنهنجي پاران
  • ٻئي ڇاپي لاءِ چند لفظ
  • مضمون

  • ڪَري پاڻ ڪَريم جوڙوُن جوڙ جهانَ جِي
  • جنهن هادِي ميڙِيَم هَهِڙو
  • سُورهيه مرين سوڀَ کي
  • سَڀِيئي سُبحانَ جي ڪَرِ حوالي ڪَمَ
  • هُوندا سي حَياتِ
  • شاهه جي شاعريءَ ۾ سندس زندگيءَ جو عڪس
  • جي ڀانِييِنن جوڳِي ٿِيان
  • نائي نيڻ نِهار، تو ۾ ديرو دوستَ جو
  • قاضي ويٺو آهي قلب ۾
  • مِٽيءَ لَڌو مَانُ : (شاهه جي رسالي جي مقبوليت جا سبب)
  • الا! جُنگِ جِيئَن
  • پيهي جان پاڻَ ۾ ڪِيَمِ رُوحَ رهاڻِ
  • سَڙِيا مَٿي سَچَ
  • نِيرُ منهنجي نينهن اُجاري اڇو ڪيو
  • رَوندِيُون ڏٺيون مُون اِنَ دَرَ مٿي دادِليوُن
  • سُلطاني سُهاڳ نِنڊوُن ڪَندي نَه مِلي
  • شاهه لطيف جو پيغام
  • شاهه جي شاعريءَ ۾ سجاڳيءَ جو سڏ
  • شاهه ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ عورت جي عظمت
  • لطيفيات تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ٿيل ڪم جو جائزو
  • شاهه جي رسالي جي مقصديت
  • شاهه جي شاعريءَ ۾ اخلاقي ۽ روحاني درس
  • شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جا معاشي ۽ ثقافتي قدر
  • عالم سڀ آباد ڪرين (شاهه جي دُعائيه شاعري)
  • ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” تي هڪ نظر: زاهده تاج ابڙو
  • عالم سڀ آباد ڪرين : علي نواز آريسر
  • ليکڪا جي ڇپيل ڪتابن جو تعارف: ادارو
  • ليکڪا جو تعارف
  • ڊاڪٽر پروين موسيٰ جي فَنَ تي عالمن ۽ اديبن جا رايا
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • ڪتاب جا سڀئي ۽ حق ۽ واسطا ليکڪا وٽ محفوظ آهن

    • ڪتاب جو نالو: عالم سڀ آباد ڪرين
    • موضوع: لطيف شناسي (مضمونن جو مجموعو)
    • ليکڪا: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
    • ڇاپو: پهريون، نومبر 2016ع
    • ڪمپوزنگ: غلام علي ڀٽي ۽ حاڪم لغاري
    • ٽائيٽل: عدنان چشتي
    • ڇپائيندڙ: محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد
    • ڇپيندڙ: سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد
    • قيمت: 300/= روپيا
    • ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر
    books.sindhsalamat.com



    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ) ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    ارپنا

    لطيفي مضمونن جي هن گلدستي کي
    ارپيان ٿي،
    پنهنجي استادن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ پڙهندڙ عوام کي،
    جن مان مليل مثبت موٽ منهنجي هن قلمي سفر ۾ هميشه معاون رهي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عالم سڀ آباد ڪرين“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب پروين موسيٰ ميمڻ جو لطيف شناسي بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آھي. وينا شرنگي لکي ٿي:
    ”پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو ”عالم سڀ آباد ڪرين“ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو. سپڪ، سهڻي، مڻيادار اندر جي اُڇل ۽ جذبن جي سچائيءَ سان گڏ تحقيق جو پھلو پڻ اُجاگر ٿيل آهي. شاه جي شاعريءَ جي ڪافي پهلوئن کي اجاگر ڪيو اٿس. چاهي ٻولي هجي يا سماجي پھلو هجن. تصوف جي اشارن ۽ علامتي اصطلاحن ذريعي شاه سائينءَ جيڪا انساني اندر کي روشني ۽ رهنمائي ڏني آهي ان کي بيان ڪيو اٿس. سماج جي هر طبقي جي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا، ڪڙمي، ڪاسبي، پورهيت هجن يا وري نازڪ جنس عورت جي عظمت جو سوال هجي، سانئڻ پروين وڏي محنت ۽ محبت سان بيان ڪيو آهي.“
    هي ڪتاب محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پروين موسيٰ ميمڻ صاحبہ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com 


    ماهـراڻه راءِ

    اسان جي مانائتي ڀيڻ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو قلم ۽ ڪتاب سان گهرو تعلق رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن سنڌي زبان ۾ سهڻا ڪتاب تخليق ڪيا آهن. کين شاهه لطيف جي شاعريءَ سان تمام گهڻي دلچسپي آهي. سندن اها آرزو هئي ته شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪري پر افسوس جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي استادن کين مايوس ڪيو. ان ڳالهه مون کي به سخت صدمو پهچايو. بهرحال هن محنت ڪري 2012ع ۾ “سنڌي نثر ۾ عورتن جو حصو” موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي. ڀيڻ پروين موسيٰ ميمڻ پنهنجي ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” جي پيش لفظ ۾ افسوس جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته “اسان وٽ اهڙا اهڙا نادر ماڻهو موجود آهن، جيڪي عورت ذات جي ترقيءَ جا دُشمن ۽ سندن اڳيان وڌڻ ۾ رُڪاوٽ آهن. انهيءَ وقت لطيف سرڪار جي فن تي ڪم نه ڪرڻ منهنجي دل کي جيڪو صدمو رسايو اهو آئون ٻُڌائي نه ٿي سگهان، پر وري به همت نه هاريم، سندن فن کي مڃتا ڏيندي هڪ تحقيقي ڪتاب مرتب ڪيم “آديسين ادب آهي اکڙين ۾”.
    ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته هن شاهه جي ڪلام جو گهرو مطالعو ڪيو آهي. هن نه صرف پڙهيو آهي پر پروڙيو به آهي. ڊاڪٽر پروين لطيف کي ايترو ته پڙهيو آهي جو سندس هن ڪتاب ۾ اڪثر هنڌن تي شاهه واري ٻولي نظر اچي ٿي.
    ڊاڪٽر پروين پنهنجي ڪتاب جي هر مضمون جو عنوان شاهه جي بيت جي مڪمل مصرع يا اڌ مصرع تان کنيو آهي. سندس ڪتاب جي پهرين مضمون جو عنوان آهي “ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جي”، هن مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحبه الله جي وحدانيت شاهه جي شعرن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪئي آهي. هُن سُر ڪلياڻ مان اهي بيت ڏنا آهن، جن ۾ وحدت جي وائي آهي.
    ٻئي مضمون جو تعلق رسالت سان آهي، جنهن جو عنوان آهي “جنهن هادي ميڙيم ههڙو” ان مضمون ۾ شاهه جي شعرن جي روشنيءَ ۾ رسول ڪريم صلي الله عليه وآلهِ وسلم جي صفت ۽ ساراهه بيان ڪئي وئي آهي. شروع ۾ سُر بلاول جو هي بيت ڏنو ويو آهي؛
    جکري جهڙو جوان، ڏسان ڪونه ڏيهَه ۾،
    مُهڙ مڙني مُرسلين، سرسُ سندس شانُ،
    ايءَ آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙو.

    ان بيت ۾ نبي سڳوري جي ساراهه بيان ڪئي وئي آهي.
    ٽئين مضمون جو عنوان آهي “سُورهيه مرين سوڀَ کي” هن مضمون ۾ سُر ڪيڏارو جي روشنيءَ ۾ امام عالي مقام حُسين عليه السلام ۽ سندن ساٿين جي سُورهيائي ۽ قرباني شاهه جي بيتن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪئي وئي آهي.
    چوٿين مضمون جو عنوان آهي “سڀيئي سُبحان جي ڪر حوالي ڪم”. ڊاڪٽر پروين هن مضمون ۾ لکيو آهي ته؛ “شاهه صاحب وٽ ويسلو ٿي وهڻ عيب هو. انهيءَ ڪري هن محنت، جدوجهد ۽ ڪوشش کي همٿايو آهي، پر انهيءَ سان گڏوگڏ مايوسي ۽ نا اُميديءَ کان بچاءَ لاءِ توڪل کي ترهو ڄاڻايو آهي”.
    پنجين مضمون جو عنوان آهي “هوندا سي حيات”، هن مضمون ۾ ڊاڪٽر پروين لکيو آهي ته “حقيقت ۾ حياتي اها زنده جاويد آهي، جيڪا ٻين لاءِ آفتاب ۽ روشنيءَ مثل پيغام هجي. جنهن جي مهانتا مڃي وڃي، جنهن ۾ اسين روئندا اچون ۽ کلندا وڃون، جنهن ۾ اسين اهڙا ڪم ڪريون جو بقول غالب “صبحاڻي اسان جي مٽيءَ مان گلاب جا گل ڦُٽي نڪرن” ۽ اهو صرف تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن زندگيون سگهارن مقصدن تحت گهاريون وڃن.”
    ڇهين مضمون جو عنوان آهي “چڱا ڪن چڱايون” انهيءَ عنوان هيٺ هي بيت ڏنو ويو آهي.
    چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون مَٺن،
    جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.

    انهيءَ مضمون ۾ لکيو اٿن ته، “حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مٿيون بيت انساني ڪردارنگاريءَ کي ٻن سِٽن ۾ تمام اونهائيءَ سان بيان ڪري ٿو. شاهه سائين جو سڄو ڪلام انساني زندگيءَ جو مڪمل اڀياس آهي. سندن مطابق چڱا گُڻ/ سُٺا اخلاق هڪ وڻندڙ عمل ۽ اهڙو واپار آهي، جيڪو نه پئي پراڻو ٿئي ۽ نه ئي کپائڻ سان کٽي ٿو. چڱايون خاص ڪنهن جي ميراث نه آهن، پر انهن کي جيڪو پنهنجو ڪندو، سو پنهنجي حيثيت وِت ۽ ماحول آهر نه فقط پاڻ مستفيض ٿيندو، پر ٻيا به پيا هن سُرهاڻ سان واسبا.”
    ان کان پوءِ واري مضمون جو عنوان آهي “جي ڀانيين جوڳي ٿيان”، هن مضمون ۾ ڊاڪٽر پروين ٻڌايو آهي ته شاهه صاحب هن بيت ۾ مثالي انسان جو ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحبه لکيو آهي ته “شاهه لطيف اهڙي آدرشي انسان کي پسند ڪندڙ آهي، جو ڪڙي ۽ قاتل جو هيراڪ آهي، جو جَرَ تي ڦوٽي جيان اُڀري ختم ٿيندڙ نه، پر حيات جاودان ماڻيندڙ ۽ حياتيءَ جي اسرار کي سمجهندڙ آهي. هُو اجتماعي مقصدن کي اهميت ڏيندڙ سماج جي ڀليءَ اوسر لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان ذات جي ترقيءَ ۽ ڪاميابيءَ جي خوشخبري ڏيندڙ، حق جي ڳولها ڪندڙ آهي. اهڙا سنياسي خوديءَ کان خالي، منافقت کان پاڪ، لاهوتي لعل ۽ محبتي مڻيادار ملڻ هر دور ۾ ملڻ محال رهيا آهن، پر رب پاڪ پنهنجن پيارن ٻانهن مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيو آهي. هُن وقت به وقت اهڙا اڻ املهه موتي هن ڌرتيءَ تي موڪليا آهن، جن کي موتَ مات نه ڏني آهي. ساڳئي مضمون جي آخر ۾ لکيو اٿن ته؛ شاهه صاحب جي شاعري سنڌي سماج جي هر دور جي اهم ترين ضرورت آهي. انهيءَ کي پڙهڻ، پروڙڻ، وڌائڻ ۽ ويجهائڻ سان ئي اسان مثالي انسانن جو معاشرو ٺاهي سگهنداسين.
    ان کان پوءِ “نائي نيڻ نِهار” واري مضمون ۾ تصوف جي اُپٽار ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر پروين لکي ٿي ته، “شاهه لطيف جو نالو سنڌ جي هڪ اهم صوفي شاعر جي حيثيت سان هنڌين ماڳين مشهور آهي، سندس دور ۾ نفس جي پاڪائيءَ لاءِ هلندڙ صوفي سلسلن ۾ سهروردي، قادري، نقش بندي ۽ چشتي مشهور سلسلا هئا. پاڻ قادري طريقي جي بزرگن مان هو، جن وٽ اندر جي پاڪائي ۽ روحاني پاڪيزگيءَ جو ذريعو سماع هيو. هن وحدت الوجود جي نظريي کي پسند ڪندي مذهبي ڪٽرپڻي کي سخت ننديو. وٽس هندو ۽ مسلمان ۾ ڪوبه ويڇو ڪونه هو. سندس درس انسانيت لاءِ ۽ ڪُل خلق لاءِ هو. پاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ نيڪ خواهشن ۽ خاص خوبين جي پرچار ڪئي اٿن”.
    هڪ مضمون جو عنوان آهي “الا جُنگ جيين” ڊاڪٽر پروين مُنڍَ ۾ اهو مڪمل بيت ڏنو آهي، جو هن ريت آهي.
    الا جُنگ جيين، جنين اجهي گهاريان،
    شال مَ سُڪي ويئڙي، جئان پي پين،
    مرڪڻ اکڙين، تو ڏٺي مون سُک ٿئي.

    ڀيڻ پروين صاحبه هن بيت جي تمام سهڻي شرح ڪئي آهي. هن شاهه لطيف جا ڪُجهه ٻيا بيت ۽ هڪ تاريخي واقعو بيان ڪري پنهنجي مضمون کي مدلل بڻايو آهي.
    ادي پروين پنهنجي هڪ ٻئي مضمون “سڙيا مٿي سچ”، ۾ سُر يمن ڪلياڻ جي هڪ بيت جي تشريح ڪندي شاهه جي ڪلام جون خاص خوبيون بيان ڪندي لکيو آهي ته، “هُن (شاهه) سنڌي سماج جي اڳيان، سندن ئي ٻوليءَ ۾، عوامي لهجي ۾، لوڪ داستانن جي تمثيلن ۾، ثقافت ۽ تهذيب جي بيان ۾ سماج جي پيڙهيل ڪمزور ۽ هيڻن ڪردارن جي زبان ۾ سچ ۽ سندرتا جا سبق ڏنا آهن”.
    ڊاڪٽر پروين صاحبه جي ڪتاب ۾ ٻيا به مضمون آهن، هتي رُڳو نموني طور ڪن مضمونن تي روشني وڌي وئي آهي. اهي مضمون شاهه لطيف جي ڪنهن نه ڪنهن بيت جي شرح آهن. ڀيڻ پروين هر بيت جي سهڻي شرح ڪئي آهي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته کين شاهه جي ڪلام جي سُٺي ڄاڻ آهي. هن شاهه کي گهڻو پڙهيو آهي ۽ وڏي غور ۽ خوض سان پرهيو آهي جنهن جي شاهدي هي ڪتاب آهي.

    ڊاڪٽر نواز علي شوق
    ڪراچي، 20 ڊسمبر 2016ع


    مهاڳ: اُن جي عبداللطيف چئي، مِٽيءَ لڌو مانُ

    “سڄي رسالي جو پيغام ڪنهن خاص طبقي ۽ مذهب لاءِ نه پر پوري انسانذات لاءِ آهي. جنهن کي جيترو به پڙهبو ۽ پروڙبو، ايترو من شانت ٿيندو دل مان نراسائي نڪرندي ۽ ماڻهو ماڻهپي ڏانهن موٽندو.” (عالم سڀ آباد ڪرين، ص-23)
    اِهي سِٽون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ڪتاب “عالمَ سڀ آباد ڪرين” جي هڪ مضمون ”نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو” جون آخري سِٽون آهن، اِهي سٽون ڄڻ هن ڪتاب ۾ آيل مختلف عنوانن سان مضمونن جو ست سار آهن. يا اهي مضمون انهن سِٽن جو وستار آهن. انهن سِٽن ۾ ڊاڪٽرميمڻ، جهڙوڪر ڪوزي ۾ درياهه بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن اهو بلڪل صحيح چيو آهي ته رسالي جو پيغام آفاقي آهي. نه ڪي ڪنهن خاص طبقي ۽ مذهب لاءِ بلڪه پوري انسان ذات لاءِ آهي. ان ڪري ئي ڊاڪٽر ميمڻ “شاهه جو رسالو” جي آفاقي پيغام کي “پڙهڻ ۽ پروڙڻ” جي ڳالهه ٿي ڪري، پڙهڻ کان پوءِ نه پر اُن سان گڏوگڏ ڪڙهڻ به آهي.
    پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
    پاڻان ڏوهه چڙهن، جئن ورق ورائين وترا.

    (يمن ڪلياڻ 3)
    اسان وٽ حالت اها آهي ته بنا پڙهڻ جي شاهه سائين لاءِ ڏُکيو هجڻ ۽ نه سمجهڻ ۾ اچڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي. اها صورتحال وڌيڪ ڳنڀير تڏهن ٿي وڃي ٿي جڏهن اهڙي ڳالهه اديب ۽ خاص طور تي شاعر ڪن ٿا! سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيل يا رسالن جا ايڊيٽر ڪن ٿا! “مون چيومانس”، “کيس کي”، “سندس جو”، “کانئس کان”، جهڙيون غلطيون ته ڏسڻا وائسڻا ليکڪ ڪن ٿا. جڏهن ته چيومانس؛ جي معنيٰ آهي چيو مون هن کي، کيس معنيٰ آهي هن کي ۽ کانئس جي معنيٰ آهي هن کان. سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين جو مکيه پڌ آهي ۽ لاکيڻي لطيف جي ڪلام جو ان ڏس ۾ اڀياس ڏاڍو دلچسپ آهي.
    (1) آيل! امڻ تي جيان، لا! جي سارينم سپرين (سهڻي 7، الف ب وار ڏسڻي ص 347) (سارينم مون کي سارين)
    (2) ڪنديس! هاڻي، ماروءَ پاس ملير ۾. (مارئي 3، ساڳيو، ص 178) (ڪنديس. آءُ ڪندي)
    (3) لڳم! ٻاڻ ٻروچ جو، امڙ! پل مَ مون (حُسيني 6، ساڳيو ص 168 (لڳم- مون کي لڳو)
    پاڙي ويڄَ هُئام تان مون مُور نه پڇئا
    تيلاهين پئام موريسر اکين ۾ (شاهواڻي، سُر يمن ڪلياڻ ص 99)
    هئام - مون کي هئا
    پئام - مِون کي پئا
    سنڌي ٻوليءَ جا اهي ڳُڻ سُڳڻ، سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ لازوال دستاويز ۾ درج آهن، جنهن کي “شاهه جو رسالو” جي نالي سان ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. ان ڪارڻ ئي علامه آءِ آءِ قاضيءَ اهو چيو ته “سنڌي ٻوليءَ کي ان ڪري به بچائڻ ضروري آهي ته شاهه لطيف جو ڪلام سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي”. ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ کي ان ڪري به ٿو بچائڻ گهري جو ان پنهنجو ست سيل هيل تائين بچائي رکيو آهي ۽ اهي نشانيون يا اهي اهڃاڻ جيڪي ٻين ٻولين مان الوپ ٿي چُڪا آهن. سنڌي ٻوليءَ پاڻ وٽ محفوظ رکيا آهن. ساڳئي وقت سنڌي ٻولي، مختلف ٻولين جي وچ ۾، ڳانڍاپي جو واحد وسيلو آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي اهم تصنيف “سنڌي ٻوليءَ جو گرامر” ۾ جڏهن به ڪنهن لفظ جي معنيٰ يا واهپي جي سند ٿو ڏي ته شاهه سائينءَ جي ڪلام مان ٿو ڏئي. ان مان ثابت آهي ته شاهه سائين پاڻ به لفظ جي اُچار، معنيٰ ۽ واهپي جي وڏي ۾ وڏي سَندَ آهي؛
    ڪُهه ٿو ڪاڳر ڪوريين ويٺو وڃيائين مَسُ،
    ڏُور تِئان ئي ڏس، اَکَر جِئائين جُڙيا!

    اکر، جيڪي لفظ ٺاهين ٿا، لفظ جيڪي ٻولي جوڙين ٿا، انهن اکرن جي ماهيت ڇا آهي؟ شاهه سائينءَ اکر جو، اُچار جو، لفظ جو، ان جي واهپي ۽ معنيٰ جو وڏو پارکو آهي اهو ان ڪري به آهي ته ٻولي سندس خمير ۾ آهي. جيڪڏهن ٻولي ڪنهن شاعر جي ضمير ۾ ناهي ته پوءِ هو مون کي ڏينم ڇڏي جهڙيون لفظي ترڪيبون گهڙي ٿو. جڏهن ته ڏينم ڇڏي جي معنيٰ ئي آهي “مون کي ڇڏي ڏي” ته پوءِ “مون کي ڏينم ڇڏي” ڇو؟ اچرج اهو آهي ته شاعر کي ان غلطيءَ بابت ڪڏهن به نه چيو ويو. جتي ايف بي سهنج پيدا ڪيا آهن اُتي اهنج به پيدا ڪيا آهن. عجلت کي اجلت واري شعر تي به واهه واهه، سهڻو، شاندار ۽ الاءِ ڇا ڇا لکيو ٿو وڃي. ڪنهن کي به .... جڏهن چئجي ٿو ته اصل اصطلاح ۽ اصل لفظ هي آهي ته اهو سچ به مچ ٿي لڳي ٿو ۽ ٿورائتي ٿيڻ بدران ماڻهو ذاتيات تي لهي ٿا اچن، اهڙن لاءِ ئي شاهه سائين هيءَ سِٽ چئي آهي.
    پاند ۾ پائي ويو، ڪين وارو ڪينڪي!
    پر ساڳئي وقت ڪجهه دوست ايف بي تي شاهه سائين جا بيت معنيٰ سميت شيئر به ڪن ٿا ۽ اهو عمل هن انڌ اونداهي دور ۾ روشن ڪرڻي وانگر آهي. ويجهڙائيءَ ۾ ياسر قاضي (جيڪو پاڻ به شاعر آهي ۽ قاضي مقصود گل جو پُٽ آهي) ان “حاميءَ” جي هڪ مطلع ڏني؛
    سِر يار جي قدمن تان فدا ٿيو ته بجا ٿيو،
    هي قرض محبت جو ادا ٿيو ته بجا ٿيو.

    ان تي مون لکيو ته؛ “ياسر اصل ۾ اها فارسي مطلع آهي، جيڪا شاهه عنايت شهيد سان منسوب آهي. شاهه سائين ان جي مصرع اوليٰ تضمين ڪئي آهي؛ سِر دم قدمِ يار فدا شد چه بجاشد، وصل اهوئي ونگ”
    فارسي مطلع هيئن آهي؛
    سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،
    اين بار گران بُود ادا شد چه بجا شد.”

    چون ٿا ته اها مطلع شاهه عنايت پنهنجي شهادت مهل چئي هُئي، شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ فارسي لفظ ڪتب آندا آهن، پر اها واحد عروضي مصرع آهي، جيڪا شاهه سائينءَ تضمين ڪئي آهي، حاميءَ جي مطلع سڌو سنئون فارسي مطلع جو ترجمو آهي ۽ هُن کي اهڙو حوالو ڏيڻ کپندو هو.!
    “امسا” ۾ هر مهيني “لطيفي لات” پروگرام ٿيندو هو. (هاڻي الائي ٿئي ٿو يا نه!) جنهن ۾ شاگردن/ شاگردياڻين کان شاهه سائينءَ جا بيت پڙهايا ويندا هئا. بيتن جي تلفظ ۽ ادائگيءَ تي پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر ڏنو ويندو هو ۽ ان ۾ “شاهه جو رسالو” انهن کي ڏنو ويندو هو. اچرج ۽ خوشي ان تي به ٿيندي هُئي ته انعام حاصل ڪندڙن ۾ گهڻائي اردو ڳالهائيندڙن جي هوندي هُئي. SZABIST جي “سنڌ شناسي” فنڪشن ۾ هڪ شاگردياڻي ڪمپئرنگ ڪندي شاهه سائينءَ جا بيت پڙهيا هئا، جيڪي مجموعي طور هن صحيح پڙهيا هئا. وحيده مهيسر به هڪ فنڪشن ۾ شاهه سائينءَ جا بيت صحيح پڙهيا هئا ۽ مون سندس ساراهه به ڪئي هُئي ۽ کانئس آٽوگراف به ورتو هو. جنهن ۾ هن شاهه سائينءَ جو هي بيت لکيو هو؛
    الله جنءَ نالوءِ، تنءَ مون وڏو آسرو،
    خالق تنهنجي کاند جو، پروپاند نه ڪوءِ،
    نالو رب سندوءِ، رهيو آهم روح ۾.

    هُن بيت لکيو به صحيح هو، ان مان لڳو ته هُن شاهه سائين کي پڙهيو به هو ته ڪڙهيو به هو! ٻئي پاسي وري اهڙا به سائينءَ سنواريا آهن، جيڪي ڪمپيئرنگ ڪندي پنهنجا ۽ پنهنجي دوستن يارن جا ڊگها ڊگها ساڳيا ساڳيا نظم اسان جي مٿي ۾ هڻندا آهن.!
    ون يونٽ کان پهرين ۽ ڪجهه عرصو پوءِ شاهه سائينءَ جي ميلي کان پوءِ سڄي سنڌ جي ڪاليجن ۾ “لطيف ڏهاڙو” ملهايو ويندو هو. پر پوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو ۽ جڏهن سرڪار سڳوريءَ درگاهن تي قبضا ڪيا، تڏهن سڄي آڳ واڳ ڪامورن جي هٿ ۾ اچي وئي. نتيجو اهو نِڪتو ته لطيف جي پِڙَ ۾؛ “ايڏو نه ٿي جذباتي، ڦاٽي نه پَوَئي ڇاتي” جهڙا ڪلام به ڳايا ويا. سو، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ان ڏس ۾ اها ڳڻتي گهڻي ڀاڱي صحيح آهي ته؛ “سنڌ ۾ ڪجهه ڏهاڪا اڳ سڀ کان گهڻو پڙهجندڙ ڪتاب “شاهه جو رسالو” شمار ٿيندو هو، پر هلندڙ وقت ۾ جڏهن اسان نظر ڊوڙايون ٿا ته لطيفي فن جو فروغ نوجوان نسل ۾ گهٽ ڏسڻ اچي ٿو”. (پنهنجي پاران ص 2)
    ان صورتحال جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ ڊاڪٽر ميمڻ ان ڏس ۾ لکي ٿي؛ “انهيءَ جو سبب نوجوانن جي هن فن سان شناسائي گهٽ هئڻ آهي ته انهيءَ گهٽ شناسائيءَ جا ڪارڻ ججها آهن جن مان هر هڪ تي الڳ الڳ بحث ٿيڻ گهرجي ۽ ان مسئلي جو اُپاءَ به ڪجي. (ساڳيو ص)
    سڀ کان وڏو ڪارڻ ته اسان جو تعليمي سرشتو آهي. سنڌ جي تعليمي سرشتي کي ورهاڱي کان پوءِ ۽ خاص ڪري ون يونٽ کان پوءِ هاسيڪاري تباهه ڪيو ويو! سنڌي ٻوليءَ جو اهو Status به بحال نه ٿي سگهيو آهي. جيڪو ورهاڱي کان اڳي ان کي حاصل هو! حالت اتي وڃي بيٺي آهي ته سنڌ جو وڏو وزير سچل سرمست جي عرس تي به سنڌيءَ ۾ تقرير نٿو ڪري؟ سلام آهي ٻوڏ جي ڏُتڙيل ان سنڌي مائيءَ کي جيڪا دنيا جي چينلز اڳيان به پنهنجو ڏُک سنڌيءَ ۾ روئي ٿي؛
    پِٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳَلَ سندن.
    مون کي ياد آهي ته ريڊيو حيدرآباد تي غلام حُسين شيخ، عابده پروين جي آواز ۾ شاهه سائينءَ جي وائي؛
    “جيئري زيارت، جي مان هوءِ پرين سين”
    رڪارڊ ڪئي هئي. جنهن ۾ پهريون ڀيرو گٽار ڪتب آندو ويو هو. ڊاڪٽر الياس عشقيءَ آغا سليم ۽ مون کي غلام حُسين شيخ اسٽوڊيو ۾ ان جي رڪارڊنگ ٻڌرائڻ لاءِ وٺي ويو. رڪارڊنگ ٻُڌي اسين آغا سليم جي آفيس ۾ اچي ويٺاسين. اها وائي، ان کان اڳ به حُميرا چنا جي ماءُ لڪي ناز جي آواز ۾ غلام حُسين شيخ ئي رڪارڊ ڪري چُڪو هو، پر گِٽار جو تجربو پهريون ڀيرو ڪيو ويو هو. آغا سليم ۽ مون ان تجربي کي ساراهيو، جڏهن ته ڊاڪٽر الياس عشقيءَ ان تي سخت اعتراض واريو، سندس بنيادي نڪتو اهو هو ته ان سان “شاهه سائينءَ جو تقدس مجروح ٿو ٿئي” مون ان تي ساڻس بحث به ڪيو هو ته دنبوري کان، شاهه سائينءَ جو ڪلام يڪتاري، چپڙين ۽ گهڙي تي، پوءِ هارمونيم ۽ بينجو تي به ڳايو ويو ۽ پوءِ گٽار، پيانو وغيره تي ڇو نه ڳائجي؟ پر ڊاڪٽر الياس عشقيءَ پنهنجي ڳالهه تان تِر به نه چُريو. عشقيءَ جي ڳالهه مون کي تڏهن سمجهه ۾ آئي جڏهن علڻ فقير کي ويهاري شاهه سائينءَ جي تصوير ڪڍي وئي. يا مٿي اُگهاڙو مجسمو ٺاهيو ويو جيڪي هاڻي عام رواج ۾ آهن. يا جڏهن لطيف جي پِڙ ۾ “ايڏو نه ٿي جذباتي، ڦاٽي نه پوئي ڇاتي” جهڙا ڪلام ڳايا ويا.!
    ان ريت ٽر / “ٽ” ۽ “ڊر” / “ڊ” وارو مسئلو آهي. جڏهن ته شاهه سائينءَ جو بنيادي لهجو لاڙي آهي. هڪ بيت، جنهن ۾ “ٻيو/ٽيو/پيو، قافيا آهن. ان ۾ به “ٽيو” کي “ٽِريو” ڪيو ويو آهي. ڪجهه بيت به خارج ڪيا ويا آهن. جن لاءِ جواز انتهائي بي جواز ڏنو ويو آهي. جَس هُجي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گُربخشاڻيءَ کي، جنهن سخت مخالفت جي باوجود “سُر ڪيڏارو” قائم رکيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو، گُربخشاڻيءَ جو سهيڙيل “شاهه جو رسالو” جو چوٿون جلد سندس لاڏاڻي کان پوءِ گم ڪيو ويو! جنهن لاءِ ڊاڪٽر گُربخشاڻيءَ پاڻ لکيو آهي ته؛ “اميد ته باقي رهيل چوٿون جلد به ستت ئي ڇپائي پڌرو ڪيو ويندو.” (شاهه جو رسالو مُنڍ (جلد ٽيون) ص 14)
    جَس هُجي ڊاڪٽر سورلي کي جنهن “Shah of Bhit” جهڙو اهم ڪتاب لکيو، نه ته ڪِن ڌُرين کي “شاهه” کي “شاهه” سڏڻ کان به ٻرو ٿو چڙهي. اهو ته طيءِ ته شاهه سائينءَ جي ڪلام جي پرک اسين پنهنجي سطح تي ڪريون ٿا. ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هي ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” لطيف شناسي مضمونن جو مجموعو، به هن جي پيار جو پورهيو آهي. ان ۾ هُن جيڪي عنوان رکيا آهن اهي انتهائي وسيع آهن جن کي ڊاڪٽر ميمڻ نڀائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي. مون کي اُميد آهي ته هاڻوڪي صورتحال ۾ هي پيار جو پورهيو ضرور اگهامندو.
    پروين ڳالهيون ته گهڻيون آهن، پر وقت ٿورو آهي. تُنهنجي محنت صاب پئي، اهائي منهنجي دعا به آهي، اها لطيفي لغار تنهنجي اندر ۾ وڄندي رهي. مونکي اهڙي اُميد آهي.
    “محبت پائي مَنَ ۾، رنڍا روڙيا جِنِ،
    تَنِ جو صَرافن، اڻتوريو اَگهائيو.”

    شاهه جو رسالو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌيڪا، ص 137)


    امداد حُسيني


    پُڇن سي پسن

    ڀيڻ، ڊاڪٽر پروين موسيٰ جي فون آئي چيائين ته “ادا الطاف منهنجي ڪتابن ۾ ڪيتن وڏن ليکڪن جا مُهاڳ لکيل آهن پر توهان جي لکيل ٻن اکرن جي وڏي ڪمي پئي محسوس ڪيان. مون کي هن ڪتاب تي لکي ڏيو، چيو مانس ته “ادي ڪو سفر نامو وغيره آهي ڇا؟ ورندي ڏنائين ته “ادا سفر نامو ته ڪونهي پر جيڪڏهن لکان ته الائي توهان جهڙو سفرنامو لکي سگهنديس يا نه. “مون چيومانس، “نه ادي توهان بلڪل لکي ويندؤ” هيترا سارا ڪتاب لکيا اٿوَ ته سفرنامو به سُٺو لکي ويندا. مون کي خوشي ٿيندي توهان سفرنامو ضرور لکنديون. مون همٿايو مانس.
    پروين سان منهنجي پهرين ملاقات سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿي. ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊين فئڪلٽي آف آرٽس، سنڌ يونيورسٽيءَ م شاگردن کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ مون کي گهرايو هو. پروين انهيءَ وقت ڊاڪٽر نور جي گائيڊينس ۾ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهي هُئي. هن مون کي پنهنجا ڇپيل ڪتاب گفٽ ڪيا ۽ مون کي خاص چيائين ته، “ادا الطاف! انهيءَ ۾ مون توهان جي ڪتابن تي تبصرا لکيا آهن، ضرور پڙهجو. ڏٺم ته پورو هڪ مڪمل باب ڏنل هو. جنهن ۾ “بندر بازاريون”، “سمونڊ جي سيوين”، “وايون وڻجارن جون”، “جِت جر وهي ٿو جال“، “دنگيءَ منجهه دريا”، “ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين” ۽ ٻين منهنجي ڪتابن تي هن واقعي اونهو analysis ڏنو هو. يونيورسٽيءَ واريءَ انهيءَ ملاقات ۾ سڀن سان سُٺي علمي ۽ ادبي ڪچهري ٿي. گڏ فوٽوز به نڪتا. پروين مون کي گهر اچڻ جي لاءِ به صلاح ڪئي. سندس گهر وارو انور خان انجنيئر آهي، هو به ڪيڊٽ ڪاليچ پيٽارو مان پڙهيو آهي. سندس موجب ته “هو توهان سان ملاقات ڪري خوش ٿيندو” پر اتفاق ته آئون وڃي ڪونه سگهيس. بهرحال فون تي هنن سان ڳالهائڻ ٿيندو رهي ٿو. تازو سندس ڀاءُ اقبال احمد نيول ڪموڊور جي وفات آڪٽوبر 2015ع ۾ ٿي مون پنهنجي ڪتاب جو انتساب اقبال احمد جي نالي ڪيو آهي. هو ڏاڍو لائق ۽ محبتي ماڻهو هو.
    آفتاب احمد سندس وڏو ڀاءُ آهي ساڻس منهنجي ملاقات رهي آهي. آفتاب پيٽارين پڻ آهي ته سي ايس ايس ڪري ڊسٽرڪٽ مئنجمينٽ ۾ ويو ۽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. سندس سڃاڻپ بيورو ڪريسيءَ کان سواءِ هڪ اديب ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ به آهي هُن جا گذريل چند سالن ۾ چار ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون ڳچ عرصي کان لکندو اچي.
    هن ادب شناس ڪٽنب ۾ پروين مستقل پنجويهن سالن کان سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي لکندي پئي اچي. سندس ڪتاب دير سان ڇپجڻ شروع ٿيا. 2004ع ۾ پهريون ڪتاب “سنڌي ادب جو جائزو” شايع ٿيو. جو چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ۾ ڪميشن لاءِ پڙهندڙن کي ڏاڍو لاڀائتو ٿيو. هيستائين ٻارنهن کن ڪتاب ڇپجي چُڪا اٿس جن جا موضوع تحقيق، تنقيد، سوانح، مضمون نويسي ۽ لطيف شناسي آهن ته ٻاراڻي ادب لاءِ پڻ ڪتاب ۽ مضمون لکيا اٿس. ڪيترن ڪتابن تي کيس انعام مِلي چُڪا آهن.
    زيرِ موضوع ڪتاب لطيف شناسيءَ متعلق آهي. هن کان اڳ به هوءَ لطيفيات ۾ “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” ڪتاب پيش ڪري چُڪي آهي جنهن ۾ پروين انهن ڪتابن کي فوڪس ڪيو آهي جن جا عنوان شاهه جي رسالي مان ورتل آهن. هن منهنجي سفرنامن جو به ذڪر ڪيو آهي جيئن “جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا”، “سمنڊ جن ساڻيهه”، “بندر ديسان ديس” ۽ ٻيا. واقعي اهو هڪ تمام محنت طلب ڪم هو. جو سنڌي ادب جي ٽِن سَوَن ڪتابن جا پهرين عنوان جمع ڪجن ۽ پوءِ شاهه جي رسالي مان اُهي بيت، سُر ۽ داستان سميت چونڊي پيش ڪجن. گڏ هن سئو ڪتابن جا نوان عنوان پڻ ڏنا آهن. جنهن مان ايندڙ ليکڪ پنهنجي ڪتابن جا عنوان شاهه جي شاعريءَ مان ڏين. سندس لطيف شناسيءَ جي اها عقيدت ڏسي کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. “عالم سڀ آباد ڪرين” پڻ هڪ مختلف ڪاوش آهي جو هن ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي جي بيتن مان عنوان چونڊي انهيءَ تي مضمون لکيا اٿس. ڪافي وقت کان لطيف شناسيءَ ۾ مقالا ته بي حساب لکجن پيا پر مضمونن جي اڻاٺ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. انهيءَ لحاظ کان هيءَ محنت به لطيفيات جي واڌاري لاءِ واکاڻ جوڳي آهي.
    مون کي هنن مضمونن ۾ جيڪا خاص ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي اُها اِها ته هن اهو ڪم وڏي محنت، محبت، عقيدت ۽ دلجمئيءَ سان ڪيو آهي. جنهن لاءِ کيس جَس هُجي. هوءَ درس و تدريس جي پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل آهي. قلم ۽ علم سان سندس ناتو ۽ ادب سان اهو محبت جو سفر جاري ۽ ساري آهي. اُميد آهي ته پروين پنهنجو ادبي پورهيو جاري رکندي. رب پاڪ کيس وڏي حياتي ۽ تندرستي صحت ڏئي ۽ سندس لاءِ شاهه لطيف جي بيت مطابق اهو چوندس ته؛
    پُڇن سي پَسَنِ، جڏهن تڏهن پِرين کي،
    ڏورينديون ڏِسن، اڱڻ عجيبَن جا.

    (7-1 حُسيني)

    الطاف شيخ
    ڪراچي، 27 مئي 2016ع 


    ميريائي مانُ لَهان

    پنهنجو پاڻ تي اعتماد هئڻ، ڀروسو رکڻ نه صرف اڄ جي دور جي تقاضا آهي، بلڪه اهو سلسلو اڳتي به جاري رهندو. اسان کي ڄاڻ آهي ته انسان جي سوچ، سندس ٻاهرين دنيا جون تبديليون، سندس مسئلن ۽ مامرن جي شروعات اُتان ٿي جِتان هن حياتيءَ جي سفر جو پهريون ڏينهن شروع ڪيو. ڪيترن جُڳن کان پيغمبر، اوليا ۽ فيلسوف ايندا رهيا آهن تن جي تعليم جو بنيادي مقصد اهو رهيو آهي ته، انسان جي ڏُک ۽ پيڙائن کي گهٽائجي، مَن کي شانتي ملي. مذهب اسان جي انهيءَ سوچ تي اسريا آهن. ڏاهن ان کي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. صوفي بزرگن، پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي. مذهبي ڪٽرپڻي جي مخالفت ڪندي شاهه صاحب چوي ٿو ته؛
    صُوفين صافِ ڪَيو، ڌوئي ورق وِجُود جو،
    تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پَسڻ پرينءَ جو.

    (شاهه)
    ساڳيءَ طرح سچل سائين فرمايو آهي ته؛
    مذهبن ملڪ ۾، ماڻهو مُنجهايا،
    شيخيءَ پيريءَ، مُريديءَ بيحد ڀُلايا،
    ڪي نوڙي، نمازون پڙهن، ته ڪن مندر وسايا،
    اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.

    (سچل)
    سڀئي صوفي شاعر همٿ ۽ حوصلي سان، مُڙس ٿي، ڏک ۽ سُک سان، منهن ڏيڻ جي ڳالهه ڪن ٿا.
    سانئڻ، پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو “عالم سڀ آباد ڪرين” لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو. سپڪ، سهڻي، مڻيادار اندر جي اُڇل ۽ جذبن جي سچائيءَ سان گڏ تحقيق جو پهلو پڻ اُجاگر ٿيل آهي. شاهه جي شاعريءَ جي ڪافي پهلوئن کي اجاگر ڪيو اٿس. چاهي ٻولي هجي يا سماجي پهلو هجن. تصوف جي اشارن ۽ علامتي اصطلاحن ذريعي شاهه سائينءَ جيڪا انساني اندر کي روشني ۽ رهنمائي ڏني آهي ان کي بيان ڪيو اٿس. سماج جي هر طبقي جي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا، ڪڙمي، ڪاسبي، پورهيت هجن يا وري نازڪ جنس عورت جي عظمت جو سوال هجي، سانئڻ پروين وڏي محنت ۽ محبت سان بيان ڪيو آهي ۽ هن اهو پورهيو پنهنجي پيارن پڙهندڙن کي ارپيو آهي. هنن، مضمونن جا عنوان شاهه لطيف جي بيتن مان ورتل آهن. جهڙوڪ، “سورهيه مرين سوڀ کي”، “سڀئي سُبحان جي ڪر حوالي ڪم، “جي ڀانئين جوڳي ٿيان”، “الا! جُنگ جيئن” ۽ ٻين مان سندس ڳوڙهي مطالعي ۽ مشاهدي جي ڄاڻ پوي ٿي. ڪتاب سندس بهترين ساٿي رهيا آهن. سندس ڪافي ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن ته وڏي انگ ۾ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ شايع ٿين پيا. لڳي پيو هوءَ هر وقت علمي ۽ ادبي ڪم ۾ مصروف آهي. سندس ئي چواڻيءَ ته؛ “جنهن ڏينهن ڪجهه لکان ۽ پڙهان نٿي اهو ڏينهن مون کي مڪل ضايع ٿيل لڳندو آهي. ڪتاب منهنجي زندگي ٿي ويا آهن” مون کي سورنهن آنا سچ لڳي رهيو آهي. پروين مون کي پنهنجا ڪافي ڪتاب، دهلي پوسٽ ذريعي موڪليا آهن، جيڪي پڙهي مون کي اندازو ٿئي ٿو ته جڏهن هُن ايترا سَوين صفحن جا ڪتاب لکيا آهن ته هن هزارين صفحا ضرور پڙهيا پڻ هوندا. مطلب ته سندس مطالعو پڻ واکاڻ جوڳو آهي. وٽس وڏو ڪتب خانو به هوندو. هوءَ علم ۽ ادب پرور پنهنجو سفر جاري رکندي. ورهاڱي کي 60 سال ٿيڻ باوجود، سنڌي ٻوليءَ جي قومي ٻولي نه هئڻ ڪري کيس تعليم پرائڻ ۾ ڪيتريون دشواريون درپيش آيون پر پروين موسيٰ شاهه جي سورمين جيان جُستجو ڪندي رهي ٿي. جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته، سنڌ جي عورت باشعور ۽ تعليم جي اهميت کي اڄ محسوس ڪري رهي آهي نه صرف پاڻ پر ايندڙ پيڙهيءَ جون راهون به روشن ڪري رهي آهي.
    Those who have to show the path to others they have to find their path themselves.
    انگريزيءَ جي ان چوڻيءَ موجب، جيڪي ٻين کي رستو ڏيکارين ٿا، انهن لاءِ پنهنجا رستا آسان ٿي وڃن ٿا. ان قول کي هن خود عمل ڪندي پنهنجون راهون گهڙيون آهن. حياتي اها زنده جاويد آهي جيڪا ٻين لاءِ آفتاب ۽ ٻين لاءِ روشني مثل پيغام هجي، پروين موسيٰ ان سان پاڻ نڀايو آهي. سانئڻ ڊاڪٽر پروين کي مُبارڪون، جنهن نور نچوئي هيءَ سهڻي سوغات ڏني آهي. سندس لفظن ۾ “سنڌ ڌرتي تهذيبي ورثي جي لحاظ کان سون ورني ڌرتي رهي آهي. جتي ڏات جا ڏيئا، سهڻي روشن لاٽ سان هر روپ ۾ جرڪيا آهن. انهيءَ جرڪندڙ لاٽ جو مهندار حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. جنهن جي قرب ڀرين ڪلامن ۽ پيار جي پيغامن ۾ انڊلٺ جهڙا رنگ، آبشارن واري رواني، سمنڊ جهڙي گهرائي، آسمان جهڙي وسعت ۽ گلاب جي گُلن جهڙي مڌُر مهڪَ موجود آهي. سندس شاعريءَ ۾ لاتعداد خوبيون آهن، جن جو ڪاٿو لڳائڻ هر هڪ جي وَس جي ڳالهه نه آهي پر ته به هر پڙهيل يا اڻ پڙهيل جڏهن سيراب ٿيندو آهي تڏهن بي ڌڙڪ اهوئي چوندو ته، بيشڪ، لطيف سائين دنيا جي شاعرن جو مهندار، مڻيادار ۽ تاجدار شاعر آهي”. سو پروين سانئڻ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جو جرڪندڙ لاٽ جي مهندار حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي جيڪا مڃتا هن ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” وسيلي ڏني آهي، سا تحقيق مڃڻ جوڳي آهي. کيس جَس هُجي ۽ اڃان به هوءَ انهن راهن کي روشن رکندي.
    ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا،
    مينهن ته مُندائتا وسڻا، سدا وسين تون،
    جي گهر اچين مون، ته ميريائي مانُ لهان.

    (شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح)


    وينا شرنگي
    21 سيپٽمبر 2016ع، نئين دهلي


    عالم سڀ آباد ڪرين بابت ٻه اکر

    محترمه ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جن جو نالو سنڌي تخليقي ۽ تحقيقي ادب ۾ هاڻي ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي رهيو. سندس هن مهل تائين مختلف موضوعن تي لکيل ٻارنهن ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. جنهن بابت ٻه اکر لکندي مون کي خود به فخر محسوس ٿي رهيو آهي ۽ آئون کين مبارڪباد به ڏيان ٿي. هن ڪتاب جو نالو پاڻ، لطيف سائين جي هڪ دعائيه بيت مان کنيو اٿن. “عالم سڀ آباد ڪرين” مانواري محققه ۽ مصنفه ڊاڪٽر پروين جي اڳ لکيل ڪتابن جيان سندن هيءَ تصنيف جيڪا يقينن سندن محنت جو ثمر ۽ شاهه لطيف سان سندن بي پناهه عقيدت ۽ محبت جو شاهڪار آهي. سا علم ۽ ادب جي قدردانن ۽ شاهه سائين جي پارکن ۾ مڃتا ۽ مقبوليت ماڻيندي.
    “عالم سڀ آباد ڪرين” ۾ ڊاڪٽر صاحبه شاهه سائينءَ جي لازوال شاعريءَ مان مختلف موضوعن تي قلم آزمائي ڪئي آهي ۽ هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن جا عنوان به شاهه سائينءَ جي بيتن مان کنيا ويا آهن ۽ جيئن ته منهنجو پنهنجو تحقيقي ۽ تصنيفي موضوع به هميشه شاهه لطيفرح جو اَملهه شعر ۽ شاعري ئي رهيو آهي، سو مون کي هي لکندي تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي ته ڊاڪٽر صاحبه هڪ هڪ موضوع کي اهرو ته ڪمال خوبيءَ ۽ محنت سان نڀايو آهي جنهن کي لفظن ۾ قيد ڪرڻ مشڪل آهي، ان جو فيصلو پڙهندڙ پاڻ ئي ڪري سگهي ٿو. تمام سولي ٻولي استعمال ڪيل آهي جيئن هر عام و خاص هن مان پنهنجي مطلب جا موتي چونڊي سگهي. شاهه سائينءَ سان سندن محبت ۽ عقيدت جو اهو عالم آهي جو سندس ڇپيل ڪتابن مان اڪثر جا ۽ اڻ ڇپيل ڇهن ئي ڪتابن جا نالا لطيف سائينءَ جي بيتن مان چونڊيل آهن. دلي دعا آهي ته رب پاڪ ڊاڪٽر پروين صاحبه جي قلم ۾ اڃان به وڌيڪ سگهه پيدا ڪري ۽ سنڌي ادب جي وڌ کان وڌ خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري. (آمين)

    پروفيسر ڊاڪٽر اُمِّ ڪلثوم شاهه
    نوابشاهه


    پنهنجي پاران

    هن ڪتاب کان اڳ منهنجا ڏهه ڪتاب سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي ڇپجي چڪا آهن. سنڌي ادب سان منهنجو ناتو پراڻو آهي. 1988ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪيم ۽ 1991ع کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي سنڌيءَ ۾ ليڪچرر ٿيس ۽ اڄ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿي ستاويهن سالن کان سنڌي ادب پڙهائيندي اچان. باقي لکڻ جي حوالي سان ٿورو ٿڪو ته پهرين لکندي هيس. باقاعدي ڪتاب ڇپجڻ جي شروعات “سنڌي ادب جو جائزو” ڪتاب سان ٿي جو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو وارن شايع ڪيو هو ۽ ايئن پوءِ آئون مستقل لکندي رهيس ۽ الحمدلله انهيءَ شوق ۾ واڌارو ئي ايندو رهيو آهي ۽ هاڻي اهو محسوس پئي ڪريان ته جنهن ڏينهن ڪجهه لکان ۽ پڙهان نٿي ته اهو ڏينهن مون کي مڪمل ضايع ٿيل لڳندو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي اڌورو سمجهندي آهيان. وري ٻئي ڏينهن اها ليٽ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. ڪتاب منهنجي زندگي ٿي ويا آهن. ڪتاب هر وقت هر هنڌ مون سان گڏ آهن. انهيءَ ڪري منهنجي ڊرائينگ روم ۾ ڪتاب، بيڊروم ۾ ڪتاب، گاڏيءَ ۾ ڪتاب، ڪاليج ۾ ڪتاب، بلڪه ڪاليج ۾ ته آئون اسٽاف روم جي بدران لائبريريءَ ۾ ويهڻ پسند ڪندي آهيان ۽ جتي لائبريرين ڪٻٽ منهنجي حوالي ڪري ڇڏينديون آهن ۽ مون کان جيترو پڄندو آهي، انهن ڪتابن مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان ۽ سڀني ڪاليجن جي لائبريرين ۾ سنڌي ادب جا ڪتاب موجود آهن، انهيءَ کان سواءِ مون پاڻ وٽ به چڱو ڳاڻيٽو ڪتابن جو آهي، پر اڪثر مون کي لڳندو آهي ته مون وٽ وقت گهٽ آهي ۽ ڪم گهڻو ڪرڻ چاهيان ٿي. پنهنجي ڪتابن جي ڇپائڻ جي حوالي سان منهنجي دل چاهيندي آهي ته منهنجا ڪتاب وڏا ادارا ڇپائين، پر انهن جي پاليسي منهنجي وَسَ ۾ ڪونهي، بلڪه خود انهن جي به وَسَ ۾ ڇا آهي؟ اها خبر انهن کي آهي. بهرحال آئون پنهنجي طور سنڌ ۽ سنڌ واسين سان محبت جو قرض ادا ڪري رهي آهيان. انشاءَ الله منهنجو اهو پورهيو ضرور صاب پوندو. هيءُ ڪتاب لطيف سرڪار جي دَر عقيدت جو نذرانو آهي.
    سنڌ ڌرتي تهذيبي ورثي جي لحاظ کان سون ورني ڌرتي رهي آهي، جتي ڏات جا ڏيئا سهڻي روشن لاٽ سان هر روپ ۾ جرڪيا آهن. انهيءَ جرڪندڙ لاٽ جو مهندار حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي، جنهن جي قرب ڀرين ڪلامن ۽ پيار جي پيغامن ۾ انڊلٺ جهڙا رنگ، آبشارن واري رواني، سمنڊ جهڙي گهرائي، آسمان جهڙي وسعت ۽ گلاب جي گلن جهڙي مڌر مهڪ موجود آهي. سندس شاعريءَ ۾ لاتعداد خوبيون آهن، جن جو ڪاٿو لڳائڻ هر هڪ جي وَسَ جي ڳالهه نه آهي. پر ته به هر پڙهيل يا اڻ پڙهيل جڏهن سيراب ٿيندو آهي تڏهن بي ڌڙڪ اهو ئي چوندو ته بيشڪ لطيف سائِين دنيا جي شاعرن جو مهندار، مڻيادار ۽ تاجدار شاعر آهي، پاڻ هڪ مثالي انسان هو جنهن پنهنجي پيغام سان پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي مثالي سبق ڏنو آهي. سندس ڪلام سنڌ ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ جي بقا جو پروانو آهي سنڌ ۾ ڪجهه ڏهاڪا اڳ سڀ کان گهڻو پڙهجندڙ ڪتاب “شاهه جو رسالو” شمار ٿيندو هو، پر هلندڙ وقت ۾ جڏهن اسين نظر ڊوڙايون ٿا ته لطيفي فن جو فروغ نوجوان نسل ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ جو سبب نوجوانن جي هن فن سان شناسائي گهٽ هئڻ آهي. ۽ انهيءَ گهٽ شناسائيءَ جا ڪارڻ جهجها آهن. جن مان هر هڪ تي الڳ الڳ بحث ٿيڻ گهرجي ۽ ان مسئلي جو اُپاءُ به ڪجي، پر ٿورن لفظن ۾ ايئن چونديس ته اڄ نوجوان طبقي وٽ لطيف فقط فنڪشنن، لطيف ڏهاڙن ۽ موسيقيءَ جي محفلن ۾ موجود آهي. ڪوبه “شاهه جو رسالو” وٺڻ ۽ صحيح اُچار سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي زحمت نٿو ڪري، سواءِ چند جي، ها باقي ڪي جوان آهن، جي يونيورسٽي جي ليول تائين ايم فل يا ڊاڪٽريٽ ڪن پيا يا ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ وڃي ڪجهه پرائين ٿا، پر اهڙن نوجوانن جو ڳاڻيٽو به اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. اهو انهيءَ ڪري به آهي ته سنڌي ٻولي نصابي طور مڪمل رائج نه آهي. قومي ٻولي نه هئڻ ڪري به ههڙا هاڃا ٿين پيا، جيڪڏهن لطيف شناسيءَ کي هڪ مڪمل مضمون طور سنڌ جي تعليمي نصاب جو حصو بڻائجي ته پڻ وڏو واڌارو ٿيندو ۽ ائين ئي لطيف شناسيءَ کي ميڊيا معرفت وڌائجي ۽ ويجهائجي ته پڻ ڪي ترقيءَ جون راهون روشن ٿي سگهن ٿيون.
    آئون هتي پنهنجي ڳالهه ڪيان ٿي ته جڏهن 1995ع ۾ ليڪچرار طور ميرپورخاص ۾ پڙهائيندي هيس، تڏهن مون کي “شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ اخلاقي قدر”، جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو خيال ٿيو ۽ انهيءَ سوچ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ميرپورخاص مان ٻه ٽي دفعا سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ ڪاليج مان موڪل وٺي آيس، پر هر دفعي مون کي نااميد ڪري واپس ڪيو ويندو هو ته شاهه لطيف تي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪيو، هتي ڪانه ٿي سگهندي، اهو ايترو ته ابتو جواب هو جنهن منهنجي ان وقت پي ايڇ ڊي ڪرڻ تان ئي دل لاهي ڇڏي. هڪ شادي شده عورت ٻن ٻارن سان ميرپورخاص مان بدلي ڪراچيءَ ڪرائي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان لطيف سائينءَ جي شاعريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪري ڇو جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪوبه انهيءَ ۾ دلچسپي نه پيو وٺي يا اُتي ئي “لطيف چيئر” آهي يا واالله اعلم ڪهڙو سبب هو؟ بهرحال، پوءِ آئون دلشڪسته ٿي ويهي رهيس ۽ آخر 2004ع ۾ ايم فل ۾ داخلا ورتم ۽ 2012ع ۾ خير جو “سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو” موضوع تي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪيم، جنهن جو فائدو آئون يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي نه ڏيئي سگهيس. جو عمر وڌيڪ ٿي وڃڻ ڪري هاڻي ريٽائرمينٽ ويجهي آهي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪريءَ لاءِ هاڻي شفٽ ٿيڻ ڏکيو آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب ته اسان وٽ اهڙا اهڙا نادر ماڻهو موجود آهن، جيڪي عورت ذات جي ترقيءَ جا دشمن ۽ سندن اڳيان وڌڻ ۾ رُڪاوٽ آهن. انهيءَ وقت لطيف سرڪار جي فن تي ڪم نه ڪرڻ منهنجي دِل کي جيڪو صدمو رسايو اهو آئون ٻڌائي نٿي سگهان، پر وري به همٿ ڪونه هاريم. سندن فن کي مڃتا ڏيندي هڪ تحقيقي ڪتاب مرتب ڪيم، “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” هن ڪتاب ۾ انهن بيتن جو چونڊو ڏنم جن لطيفي بيتن مان سنڌي ادب جي ڪتابن جا عنوان سِرجيل آهن. جيئن “پڙاڏو سوئي سڏ”، “وايون وڻجارن جون” ۽ ٻيا ڪتاب آهن. انهيءَ موضوع تي تفصيلي مقدمو پڻ ڏنو اٿم ۽ اهڙن ٽي سئو لطيفي بيتن جي انهيءَ ڪتاب ۾ نشاندهي ڪئي اٿم جن مان سنڌي ادب جي ڪتابن جا عنوان سِرِجيل آهن. “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” کي ڊاڪٽر فهميده حسين انوکي ۽ منفرد تحقيق قرار ڏنو ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب انهيءَ ڪتاب جي خيال کي عملي جامو پهرائڻ هڪ اڇوتو ۽ مختلف آئيڊيا سڏيو. انهيءَ ڪتاب کي گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ هيستائين ان ڪتاب جا 2 ڇاپا ختم ٿي چڪا آهن. هاڻي ارادو آهي ته انهيءَ ڪتاب ۾ وڌيڪ سئو بيتن جو واڌارو ڪري ٽيون ڇاپو شايع ڪجي. انهيءَ ڪتاب جي تياريءَ دوران هر وقت “شاهه جو رسالو” مون سان گڏ هوندو هو جو مون کي اهي بيت ڳولهڻا هوندا هئا، جن جا عنوان شاهه جي بيتن مان ورتل آهن. جن مان ڪي نه ملندا هئا ته وري مختلف نسخا ڏسندي هيس ۽ گهڻي ڀاڱي ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمد شاهواڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جا رسالا ڏسندي هيس. ان دور ۾ وري سوچيم ته هيءُ ڪتاب ختم ڪري پوءِ لطيف شناسيءَ تي تخليقي مضمونن جو مجموعو لکنديس پر پي ايڇ ڊي جي ڪم وچان اهو وقت ڪڍي ڪونه سگهيس. انهيءَ هوندي به ڏهه کن مضمون لکيم پر مڪمل ڪتاب تيار ٿي نه سگهيو. شاهه عبداللطيف ڪانفرنس 2015ع جو تفصيل اخبار ۾ پڙهيم، جنهن ۾ مقالا پڙهندڙن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڄيٺو لالواڻي، هيروٺڪر، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ڪي ايس ناگپال، صدف مرزا، جاويد علي چانڊيو ۽ ٻيا هئا، منظور قناصرو، رکيل مورائي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، جڳديش لڇاڻي ۽ ٻين جي ڪل نون ڪتابن جا هن موقعي تي مهورت پڻ ٿيا. خاص ڳالهه ته هن دفعي مقررن چيو ته “ڪيتري عرصي کان لطيفي فن تي تحقيقي ڪم ٿي رهيو آهي پر تخليقي ڪم جي موجوده وقت کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. انهيءَ ڪري اهو به ضروري آهي ته لطيف شناسيءَ جي تخليقي ڪم تي توجهه ڏني وڃي.” اهو تفصيل پڙهڻ کان پوءِ دل ۾ وري ساڳي خواهش ڪَرَ کنيو ته ڇو نه آئون تخليقي ڪم شروع ڪيان ۽ ايندڙ سال تائين منهنجو لطيف شناسيءَ تي هڪ نئون مضمونن جو مجموعو ميدان ۾ اچي. سو محنت ۾ جُنبي ويس ۽ جيڪا منهنجي فطرت جو حصو پڻ آهي نه ڏينهن ڏٺم نه رات ٻن ٽن مهينن ۾ ڪتاب لکي تيار ڪيم ۽ اڄ هيءُ ڪتاب مون 20 فيبروري 2016ع تي لکي مڪمل ڪيو آهي، آئون سمجهان ٿي ته ضرور مهينو ٻه مهينا ڪمپوزنگ ۾ به لڳندا. باقي شايع ڪڏهن ٿيندو؟ انهيءَ جي باري ۾ في الوقت ڪجهه چئي نٿو سگهجي. انشاءَ الله ضرور شايع ٿيندو ۽ اڳواٽ ئي پڙهندڙن کي عرض آهي ته جيڪڏهن کين ڪتاب پسند اچي ته مون کي هن ايڊريس تي ضرور ڄاڻ ڪن. مهرباني.


    ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
    A-03 ڏيپلائي ڪالوني
    نزد راجپوتانه اسپتال حيدرآباد
    0333-2766564


    ٻئي ڇاپي لاءِ چند لفظ

    مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي جڏهن هي ڪتاب مقبول ٿيو ۽ هڪدم انهيءَ جو پهريون ڇاپو کپي ويو، دراصل انهيءَ ڪتاب جا لطيفي مضمون ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان اڳ روزاني عبرت اخبار ۾ شايع ٿيندا رهيا، درگاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي گادي نشين جناب وقار حسين شاهه ۽ ٻين مريدن انهن مضمونن کي گهڻو پسند ڪيو ۽ عبرت وارن کي ٽيليفون ڪري منهنجو نمبر کڻي مون سان رابطو ڪيائون ۽ مون کي شاهه لطيف جي جنم ڏينهن تي لطيفي ايوارڊ ڏيڻ جو انائونس ڪيائون پر انهيءَ تقريب ۾ اهو ايوارڊ کڻڻ لاءِ بخار سبب آئون وڃي ڪانه سگهيس، اهو وٽن امانت آهي، ٻئي ڪنهن موقعي تي وڃي وصول ڪبو، ٻين ڪيترن ئي عبرت پڙهندڙن جا تعريفي خط ۽ ميسيج آيا. جن سان مون جو شوق ۽ ڪم ڪرڻ جو جذبو وڌيو آهي.
    آئون پنهنجي سڀني پڙهندڙن ۽ پسند ڪندڙن جي دل سان ٿورائتي آهيان، هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ چند ٻين مضمونن جو واڌارو ڪيو اٿم، اميد ته پسند ايندو.
    توهان کي هن ڪتاب پڙهڻ سان انشاءَ الله راحت ايندي ۽ لطيفي فلسفي جي روشنيءَ سان دل ۾ مثبت خيال ايندا. آئون سمجهنديس مون شاهه جو رسالو پڙهي، پروڙي ۽ اهو پيغام توهان تائين پهچائي انهيءَ جو ڪجهه حق ضرور ادا ڪيو آهي، وري به ورجائينديس ته ڪتاب جي پسنديدگيءَ جي ڄاڻ مون کي خط ذريعي گهرجي ائڊريس يا موبائيل تي ضرور ڏين. مهرباني


    مضمون

    ڪَري پاڻ ڪَريم جوڙوُن جوڙ جهانَ جِي

    اَوَل، اللهُ، عَليِم، اعليٰ، عالمَ جو ڌڻي،
    قادِرُ پنهنجي قُدرتَ سين، قائم آهِه قَديم،
    والي، واحد، وَحدهُ، رازِقُ رَب، رحِيمُ،
    سو ساراهِه سچو ڌڻِي، چئِي حَمدُ حَڪِيمُ.
    ڪري پاڻُ ڪرِيمُ، جوڙوُن جوڙَ جهانَ جِي.

    (ڪلياڻ، 1-1)

    سُر ڪلياڻ جي مٿئين بيت مطابق حق هيڪڙو آهي ۽ ڪائنات حق جو ظهور آهي ۽ هر هڪ شيءِ ۾ ذاتِ الاهيءَ جو جلوو ضرور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. شاهه لطيف جو ڪلام وحدانيت جي فلسفي جي اپٽار آهي. الله تعاليٰ جي ذات عظيم تر آهي، جنهن جي ڪبريائيءَ جو بيان ڪرڻ انسان جي وَس جي ڳالهه نه آهي. جيڪڏهن فقط انسان پنهنجي پيدائش تي ئي غور ڪري ته سندس لاءِ وڏي حيرت جو مقام آهي. قرآن پاڪ ۾ اندازاً ٽيهن کان به وڌيڪ دفعا انسان جي پيدائش جو ذڪر ۽ ان تي تدبر ڪرڻ جو چيو ويو آهي ته “توهين پنهنجي پيدائش تي غور ڪيو ۽ ڪيئن ٿا چئو ته رب پاڪ توهان کي ٻيهر زنده نه ڪندؤ؟” جيڪي به انسان دنيا ۾ ڌڻيءَ سڳوري جي هيڪڙائيءَ تي مڪمل يقين رکن ٿا، سي چڱيءَ پر ڄاڻن ٿا ته الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪوبه مالڪ ڪونهي. اهو ئي اعليٰ عالم جو مالڪ ۽ خالق آهي. هو ئي هن زمين، آسمان ۽ مڪمل ڪائنات کي هلائڻ وارو آهي ۽ محمد مصطفيٰ صه الله تعاليٰ جو آخري نبي آهي. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

    وَحدَهُ لاشريڪَ لَهُ، جَن اُتوسين ايمانَ،
    تن مَڃِيو مُحمَد ڪَارِڻي، قلبَ ساڻُ لِسان،
    اوءِ فائقَ ۾ فَرمانَ، اَو تَڙِ ڪنهن نه اوِليا.

    (ڪلياڻ، 1-7)

    الله جل جلاله هڪ آهي ۽ هو لاشريڪ آهي. اهي جيڪي ايمان آڻين ٿا ۽ حضور قلب سان اقرار ڪري محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن کي نجات جو وسيلو ۽ ڪارڻي ڄاڻن ٿا، انهن جي لاءِ قرآن پاڪ ۾ حڪم آهي ته، “ڪڏهن به گمراهه نه ٿيا ۽ نه ئي ڪڏهن اُبتي رستي ڏانهن مڙيا.” ڏٺو وڃي ته هڪ ئي هستي آهي جا ڪائنات جي عظيم ڪارخاني کي هلائي رهي آهي. بغير ڪنهن رڪاوٽ جي اهو ئي جيئري کي مئل ۽ مئلن کي زنده ڪرڻ وارو، بيمارن کي صحت ڏيڻ وارو حاڪمن جو حاڪم آهي. سندس ڪبريائي بيان ڪرڻ انساني طاقت کان مٿي آهي. فرمان آهي ته سڄيءَ دنيا جا وڻ قلم ٿي وڃن ۽ سمنڊ مس ۾ تبديل ٿي وڃن ته به الاهي ذڪر جي وڏائي بيان ٿي نه سگهندي. اهو ئي ڪريم ڪارساز آهي جو جهان جون جوڙون جوڙي ٿو. رب پاڪ سان ٻانهن جو رشتو ته روحن جي وچن “قالو بليٰ” کان شروع ٿيئي ٿو ۽ اهو مالڪ ۽ ٻانهي جو ازل کان ناتو آهي. هُن آدم کي پنهنجي صورت مطابق خلقيو آهي. “خلق آدم عليٰ صورتہٖ” ۽ کيس خلقي ڪل ڪائنات کي وٽس جهڪايائين فقط شيطان انڪاري ٿيو ۽ اهو ئي انسان جو وڏي ۾ وڏو دشمن ٿيو. حيلن بهانن سان کيس هر دم حياتيءَ ۾ هر کائيندو ۽ گمراهه ڪندو اچي پر انهن کي، جيڪي سندس چوڻ تي اچن ٿا.
    سر ڪلياڻ ۾ وحدانيت جي اُپٽار سان گڏ عشق جي انتها جو بيان آهي، جنهن جو پهريون درجو نفس جي پاڪائيءَ سان گڏ سچ ئي سچ آهي ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته:
    آگي ڪِيا آڳَهيِن، نِسورو ئي نُورُ،
    “لاخَوفَ عَلَيَهُم وَلاهُم يَحزنوُن” سَچَنِ ڪونهي سُور،
    موليٰ ڪيو مَعمُور، انگ ازل ۾ اُنَ جو.

    (ڪلياڻ، 1-9)

    قرآن پاڪ جي سورة البقره ۾ پنج ڇهه دفعا اها آيت آيل آهي ته “لاخوف عليهُم ولا هُم يحزنون” “نه انهن کي خوف هوندو ۽ نه ئي هو ڪو ڏک ڏسندا.” ۽ انهن جون خاصيتون اهي ئي ڄاڻايل آهن، جيڪي شاهه لطيف ٿو اسان کي ٻڌائي جيڪي پنهنجي رب جي رستي ۾ سچا آهن، مال ميڙيندڙ نه پر ڌڻيءَ جي رستي ۾ خرچ ڪندڙ آهن ۽ نيڪوڪار آهن، هدايت وٺندڙ سڌي ۽ سچي رستي وارا آهن. اهي ئي آهن جيڪي الا الله سين اورين ٿا ۽ ٻيائيءَ کي ٻک نٿا وجهن، شاهه لطيف بار بار شرڪ کي پليو آهي هن صوفي شاعر سالڪ کي شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جون منزلون درجي به درجي سهڻائيءَ سان سمجهايون آهن.
    وَحدَهُ جي وَڍِيا، الآ اللهَ سين اوِريِن،
    هنيوُن حِقيقَت گڏِيو، طريقَت توريِن،
    معرِفَتَ جي ماٺِ سِين، ڏيساندُر ڏورِين،
    سُکِ نَه سُتا ڪڏهِين، ويِهي نه ووِڙين،
    ڪُلهنِئُون ڪوِريِن، عاشق عبداللطيف چي.

    (ڪلياڻ، 1-10)
    سالڪ کي جڏهن اندروني مشڪلاتن تي ڪُلي ضابطو ٿو حاصل ٿي وڃي، تڏهن ئي سندس ڪاميابيءَ جي شروعات ٿي ٿئي. دنيا ۽ دنيا جون رعنائيون، رنگينيون، مڪر، فريب، سالڪ جي لاءِ رستي جون رڪاوٽون آهن. ان جي باوجود به جڏهن هو سڀني طرفن کان مضبوط ٿي پنهنجي نفس جي وسوسن ۽ گمراهيءَ تي حاوي ٿو ٿي وڃي، تڏهن ئي سچي طالب جيان عشق جي منزل تي ٿو پهچي، اها منزل سوريءَ سيڄ آهي ۽ مرڻ مشاهدو آهي، قريب جي ڪاتي ڀل ته سندس هڏ چم چيري، پر اهو چيرجڻ ۽ وڍجڻ عاشق جي لاءِ عين راحت آهي. هو پنهنجي انگ الله ڪارڻ ٿو وڍي، دل جي خوشيءَ سان ۽ روح جي راحت لاءِ خود ئي ڪلهِنئون ڪوري ٿو ڏي، بلڪه انهيءَ کان به هڪ درجو وڌي وڃي ٿو، کيس انهيءَ ڪُسجڻ ۾ جيڪا راحت ملي ٿي، سا تڏهن ملي ٿي، جڏهن محبوب جا هٿ سندس ڪنڌ تي موجود هجن، هو مڏيءَ ڪاتيءَ سان ڪُسجڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪري، جنهن جي بهاني سان ڪا ويرم وڌيڪ لڳي ۽ پرينءَ جا هٿ مُڏيءَ ڪاتيءَ سان ڪُهڻ وقت ڪجهه دير وڌيڪ سندس ويجهو هجن شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
    ڪاتي تِکي مَ ٿيئي، مَرُ مُنيائي هوءِ،
    مانَ وِرمَن توءِ، مُون پِريان جا هَٿَڙا.

    (ڪلياڻ، 2-12)

    شاهه موجب ته: سپرين جا ڏنل ڏيهاڻي ڏنڀ، ڪُهڻ، سوريءَ چاڙهڻ، وَڍَ وجهڻ، سڀ عين عبادت آهن. اُهي ئي آهن جيڪي ٻُڪي ٻاجهه جي به ڏين ٿا. ڏکندو ڏور ڪن ٿا ۽ طبيب ٿي درد جو دارون ٿين ٿا. شل کين ٻاجهه پئي. شاهه لطيف جو سڄو ڪلام صوفياڻو ۽ روحانيت سان پُر آهي ۽ انهيءَ ۾ اخلاقي ۽ عاشقاڻو موضوع موجود آهي. هن آدرشي عاشق جو عشق اعليٰ درجي جو آهي. جيڏانهن به نهاري ٿو ته سڄڻ سامهون آهي، سندس موجب محبوب جي مهر سان ئي حياتي آهي. اها ئي ابتدا آهي ۽ اها ئي انتها:
    حبيبَن هيڪارَ، مَنجهان مِهرَ سڏ ڪِيو،
    سو مون سَڀِ ڄمارَ، اورڻُ اهو ئِي ٿِيو.

    (ڪلياڻ، 3-14)


    جنهن هادِي ميڙِيَم هَهِڙو

    جکري جِهو جوانُ، ڏسان ڪو نه ڏيهه ۾،
    مُهڙ مِڙني، مُرسلين، سَرسُ سندسُ شانُ،
    فَڪانَ قابَ قوسين او اَدنيٰ، ايءُ مُيسَرُ مَڪانُ،
    ايءُ آگي جو احسانُ، جنهن هادي ميِڙِيَم هَهِڙو.

    (بلاول. 2-10)

    جڏهن پوريءَ دنيا تي جهالت، مايوسي ۽ ڪفر جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا ۽ انسان حرص، هٻڇ، لالچ، دشمني ۽ بي حسيءَ جي ڪُن ۾ ڪريل هو تڏهن ڌڻيءَ سڳوري کي مٿس گهڻي ڪهل آئي ۽ هن پنهنجي پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن کي شمس الضحيٰ، بدرالدّجيٰ، صدرالعليٰ ۽ نورالهديٰ، جهڙين ۽ ٻين انيڪ خوبين سان معمور ڪري موڪليو. غير مهذب ۽ ڪريل اخلاقي قوتن جي خاتمي لاءِ رحمت اللعالمين جن اخلاق جا علمبردار ٿي آيا. ڪائنات تخليق ڪرڻ کان اڳ ڪائنات جي خالق نور جي خزاني کي تخليق ڪيو ته جيئن هر شيءِ ۾ خالق جو مظهر نظر اچي. عاشقاڻي رسول جي عقيدي مطابق اهو نور جو سوجهرو ٻيو ڪجهه به ڪونهي فقط خدا جو نور “نور من نورالله” نبي نورِ مجسم محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن آهن. جن جو سوجهرو تارن ڪتين کي تائب ٿو ڪري ته سج ۽ چنڊ سندن جلوي اڳيان جهڪا آهن. جانب جو جمال سڀني کان سرس آهي. پاڻ روشن دليل يعني قرآن پاڪ کڻي آيا ۽ عرب جي اڻ سڌريل ۽ ضدي قوم کي پنهنجي اعليٰ اخلاقي وصفن سان پنهنجو ڪري ڇڏيائون. اهو احسان ڌڻيءَ سڳوري جو مڃيندي ڀٽ ڌڻي شڪر گذار آهي. سندن موجب ته، ڌڻيءَ جا وڏا ڪرم آهن جنهن ههڙو هادي مهربان هن دنيا جي تاريڪين کي ختم ڪرڻ لاءِ عطا ڪيو.
    شاهه جي رسالي ۾ ڪيترين جڳهين تي قرآني آيتن ۽ حديثن جي مثالن سان اهڙا اشارا موجود آهن. جن مان خبر پوي ٿي ته هُن فرضن، سنتن ۽ واجبن ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ته توبهه جي تسبيح پڙهڻ ۽ نفس کي مارڻ سان گڏ صوفين جون منزلون ڄاڻايون آهن. ايمان جي قُوت، شريعت ۾ ڪامل ٿيڻ، توبهه کي رسڻ، طريقت ۾ ڪامل ٿيڻ، زهد سان حقيقت حاصل ڪرڻ ۽ عبادتن سان معرفت جي مقام تي پهچڻ. اهي سڀ درجا تڏهن حاصل ٿيندا، جڏهن محمد مصطفيٰ صه جي سنتن جي تابعداري الله پاڪ جي حڪمن سان گڏ ڪبي. ڇو جو پاڻ جيڪي فرمايائون اهو ته خود ڌڻيءَ سڳوري فرمايو.
    ترجمو: “۽ نڪي پنهنجي نفس جي سڌ (مرضيءَ) مان هو ڳالهائيندو آهي. اها ته فقط هڪ وحي آهي جا مٿس نازل ڪئي ويئي آهي.” (سورت النجم 27، رڪوع 1، آيت 3)
    هو ته پنهنجي رب کي ايترو ته ويجهو هو جو سندن وچ ۾ ٻن ڪمانين جيترو فاصلو بچيو “فڪان قاب قوسين” اهڙي هاديءَ جي هدايت ئي ڇوٽڪارو آهي. ڀٽ ڌڻيءَ جي نظر ۾ آخرت ان جي آجي آهي، جنهن مٺي محمد صه جن کي ڪارڻي ۽ وسيلو ڄاڻي سندن ڏنل تعليم تي عمل ڪيو.
    وحدَهُ لاشَريڪَ لَهُ، جان ٿو چَئين اِيئن،
    تان مَڃُ مُحمدَ ڪارڻي، نر تُون منجهان نينهن،
    تان تون وڃيو ڪيئن، نايين سِرُ ٻين کي.

    (سر ڪلياڻ، 1-5)

    جن محمد مصطفيٰ صه کي دل جي گهراين سان مڃيو انهن سچن لاءِ ڪو سور ڪونهي، ڪو صدمو ڪونهي “لاخوف عليهم ولاهُم يحزنون” (سورة البقره) ترجمو: “نه آهي انهن کي ڪو خوف ۽ نه ئي انهن کي ڪو ڏک رسندو”، دنيا ۾ هر ماڻهو اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هن دنيا جي حياتي وقتي آهي ۽ هڪ ڏينهن مقرر آهي، جنهن تي هر ڪنهن کي موت جو ذائقو ضرور چکڻو آهي ۽ هن حياتيءَ جو حساب ڪتاب پڻ هڪ مقرر ڏينهن “يوم الحساب” تي هر هڪ کي ڏيڻو آهي ۽ اتي شفيع المذنبين ۽ رحمت اللعالمين پنهنجي امت کي بخشائيندو مؤمنين تي الله جو اهو وڏو احسان ۽ ڪرم آهي جو کين ههڙي هاديءَ جي حمايت حاصل ٿيندي. ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته،
    آسَرو آهي، مون کي هوتَ حبيبَ جو،
    جان جان اوڏا ڪَرَها، پَهچان تان ڪاهي.
    مون کي هوت حبيب جو.
    شفاعَتَ جا شفيعَ جِي، تنهن ۾ ڦيرُ هَڏهِين ناهي،
    مون کي هوتَ حبيبَ جو.

    (سر بلاول، وائي 2)

    اهو به فرمايو اٿن ته “ڪاري سا قيام سنئين، هوت جنهن جو حامي”، سو تحقيق انهن جي لاءِ ڪاري قيامت به سهنجي آهي جن جا ساٿي رسول اڪرم جن آهن.
    ڍَڪَ ڍَڪيندو، مُون نَه ڇڏيندو، شفيع شافعُ سُپرين،
    انڌا اونڌا، اَکُڙيا، سَڀَ نِباهِي نيندو،
    شفيعُ، شافِعُ سُپرين.
    اُتي عَبدالُلطيفُ جو، هادِي هَٿُ جَهلِيندو،
    شفيع شافِعُ سُپرين.

    (بلاول، وائي 4)


    سُورهيه مرين سوڀَ کي

    سُورهيه مرين سوڀَ کي، ته دل جا وَهَم وِسارِ،
    هَڻُ ڀالا، وڙهُه ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
    مٿان تيغَ تَرارِ، مارِ تَه مَتارو ٿِين.

    (سر ڪيڏارو، 5-5)

    دنيا جي قومن جي تاريخن کي جيڪڏهن ڌيان سان پڙهبو ته خبر پوندي، ته زوال پذير قومن تي جيڪڏهن ڌڻيءَ سڳوري جي مهر ٿيڻي هوندي آهي ته انهيءَ قوم جو ضمير ضرور سجاڳ ٿيندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ پوئتي پيل ۽ مظلوم سماج ۾ حق ۽ باطل سامهون ٿيندا آهن. ظلم جي حد ٿيڻ تي مظلوم سر کي ڪفن سان ٻڌي حق جي ڳولها ۾ سرگرم ٿيندا آهن ۽ اهڙيءَ حالت ۾ سندن اها ڳولها، اهو پنڌ، اها بيقراري وڃي شهادت تي دنگ ڪندي آهي. شهيدن جي رت سان رنڱيل حق ۽ سچ جي تاريخ امر هجي ٿي ۽ قومن جا اڳواڻ ۽ مهندار پنهنجي عظيم فڪر سان، پنهنجيءَ قوم ۾ نئون روح ڦوڪڻ لاءِ ۽ کين سجاڳ ڪرڻ لاءِ اهڙين عظيم قربانين، خير ۽ شر جي واقعن ۽ رُڪ وهندين راندين کي پنهنجين تحريرن، تقريرن ۽ شاعرين ۾ ورجائيندا رهندا آهن.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي، هڪ باشعور ۽ حساس شاعر هو. سندس شاعري جنهن دور ۾ اُسري اهو دور سنڌ جي حوالي سان هڪ مظلوم دور هو. ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ ڦرلٽ جي گهاڻي ۾ سنڌ جو محڪوم طبقو پيڙهجي رهيو هو. انهيءَ هيڻي حال کي ڏسندي ڀٽ ڌڻيءَ اذيت ۽ پيڙا مان گذرندي، پنهنجي سڄي ڪلام ۾ قوم کي همٿ ۽ اڳيان وڌڻ جا سبق ڏنا. هُن کين وهمن ۽ وسوسن مان نڪرڻ ۽ جنگ جوٽي محڪوميءَ مان ٻاهر اچڻ لاءِ اُتساهيو. هُو تاريخ جو ڄاڻو هو. سندس دور ۾ مذهبي طور وحدت الوجود، وحدت الشهود ۽ ڀڳتي تحريڪون هلندڙ هيون پاڻ وحدت الوجود جي نظريي جو حامي، شاهه عنايت شهيد ۽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي فڪر ۽ فلسفي جو قائل هو. شاهه عنايت جي شهادت مٿس گهڻو اثر ڪيو پاڻ انهيءَ وقت جوان هو. سنڌ جي مشڪل حالتن ۽ ڏکين گهڙين ۾ هن انقلابي شاعر تاريخي واقعن جي ورجاءَ سان جيڪو به شعر پنهنجي قوم کي آڇيو اهو هُن يقيناً وڏي جذبي، ولولي ۽ سوچ سان پيش ڪيو آهي.
    سندس ڪلام ۾ سُر ڪيڏاري جو بيان مزاحمتي ۽ انقلابي شاعريءَ جو اول ۽ آخر آهي. هن سُر جي هر هِڪِ سِٽَ لونءَ ڪانڊاريندڙ ۽ احساس مٽائيندڙ آهي. شاهه صاحب فقط شاعر نه هو. هو هڪ ئي وقت عظيم فلاسافر ۽ انسان دوست انقلابي اڳواڻ هو. هن سچي مؤمن کي چڱيءَ پر ڄاڻ هئي ته حياتيءَ جو حسن دنيا جو جاهه و جلال نه پر حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ تي آهي. سوَين سور ۽ سختيون سهي، سچ ۽ حق جي راهه ۾ سر ڪٽائڻ جي حسين عليه السلام جي قربانيءَ هن حساس شاعر کي گهڻو متاثر ڪيو، پاڻ ڪربلا معليٰ جي زيارت لاءِ پڻ سنڀري نڪتو، پر مريدن جي چوڻ تي ڀٽ نه ڇڏيائين واپس اچي ڪارو ويس ڪري امامن جي شهادت کي ياد ڪندي سر ڪيڏارو چيائين ۽ امام عالي مقام جي بارگاهه ۾ پنهنجي شاعريءَ جو نذرانو پيش ڪيائين. شاهه سائينءَ جيڪي به تاريخي واقعا ۽ داستان پيش ڪيا آهن اهي مڪمل شروع کان آخر تائين نه آهن، پر هيءُ واحد تاريخي واقعو آهي، جو پاڻ شروع کان آخر تائين بيان ڪيو اٿائون. سر ڪيڏارو جي شروعات هن بيت کان ٿئي ٿي:
    ڏِٺو مُحَرمُ ماهَه، سَنڪو شَهِزاَدن ٿِيو،
    ڄاڻي هيڪُ اللهُ، وَڻَندِيُون جو ڪَري.

    (ڪيڏارو. 1-1)

    محرم جو مهينو جنهن ۾ جهيڙو جهٽو حرام آهي. سو شهزادن لاءِ ڳڻتيءَ ۽ شهادت جو پروانو ٿي الاهي امر سان آيو. امام حسين عليه الالسلام جي مديني مان اُسهڻ کان وٺي ڪربلا جي ميدان ۾ پڙاءُ ڪرڻ، پنهنجي عزيزن ۽ ساٿين سان گڏ شهيد ٿيڻ جي هن دلسوز داستان کي ڪيترن نثر نويسن، واقعه نويسن ۽ شاعرن هيستائين بيان ڪيو آهي پر شاهه عبداللطيف جي بيان جو سوز ئي ٻيو آهي. هو پاڻ حيران آهي ته نبيءَ جي پياري، بيبيءَ فاطمه جي دُلاري، علي المرتضيٰ جي دلبر شهزادي کي رب سائينءَ هيءَ تڪليف ڪيئن سهائي، تڏهن بي اختيار ٿي چوي ٿو ته:
    سَختي شهادتَ جِي، نسورو ئي نازُ،
    رِندَ پَروُڙينِ رازُ، قَضِيي ڪرِبَلا جو.

    (1-11)
    هيءُ ته عشق اِلاهيءَ جو اسرار هو. جڏهن امام عالي مقام جو سر مبارڪ ڌڙ کان ڌار ٿيو ۽ سندن پاڪ رت سان اها واريءَ واري سر زمين رنڱجي ويئي، تڏهن ئي اسلام هميشه لاءِ قائم ۽ دائم ٿي ويو. ڪربلا جي انهيءَ واقعي سچائي جو بنياد مضبوط ڪيو ۽ حق تي ابدي فتح حاصل ٿي. مديني کان مڪي پهچڻ ۽ اُتي ظالم يزيد جو جهيڙو لائڻ ۽ فتنا پيدا ڪرڻ ۽ اُتان ڪوفين جي خطن تي سفر لاءِ نڪرڻ ۽ مسلم بن عقيل (سندن سڳو سوٽ جنهن کي نمائندو بنائي ڪوفي موڪليو هئائون) جي شهادت جي خبر ٻڌڻ ۽ ڪوفي کان ڪنارو ڪري سٺ ستر ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڪربلا ۾ قيام ڪرڻ ۽ پوري قافلي جون سختيون سهڻ ۽ امام موليٰ جي عزيزن ۽ ساٿين جو هڪ هڪ ٿي شهيد ٿيڻ، فرات نديءَ جو پاڻي يزيدين پاران بند ٿيڻ ۽ امام سائينءَ جي قلم ڪيل سر جي دلسوز بيان سميت هر هڪ لمحي کي شاهه صاحب هڪ ماهر فوٽوگرافر ۽ منظرنگار جيان اثرائتو پيش ڪيو آهي. شاهه جو سُر ڪيڏارو پڙهندي/ٻڌندي ماڻهوءَ تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اکين مان بوندون بس نٿيون ڪن. امامن جي سفر جون صعوبتون، بي سرو ساماني هوندي به اڏول عزم ۽ استقلال، همٿون ۽ حوصلا، جانثارن جا ترين تي رکيل سرن جا نذرانا، هڪ عظيم آدرش لاءِ رت ۾ رڱيل جوانن جا جسم، ساٿين جو سر فدا ڪرڻ کي عين عبادت ۽ هڪ وڏو اعزاز ۽ شرف سمجهڻ هڪ اهڙو مثال آهي، جو تاريخ جي پنن ۾ اڄ تائين ٻيو ڪوبه نٿو ملي. هن دردناڪ تاريخي واقعي جي بيان ۾ شاهه لطيف انتهائي اعليٰ احساس وارن جذبن سان معمور ٿو ڏسجي. سندن همٿ کي داد ڏيندي چوي ٿو ته:
    ڪَربَلاَ جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙيائوُن،
    جهيڙو يزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙيائوُن،
    مُنهن نه موڙِيائوُن، پَسِي تاءُ تَرارَ جو.

    (ڪيڏارو. 2-4)

    عشق جي انتها کي مڃتا ڏيندي فرمائي ٿو ته:
    ڪامِل ڪَرَبلاَ ۾، اهِل بيتَ آيا،
    ماري مِصرين سين، تَنِ ڪافَر ڪَنبايا،
    سچ ڪِه بيبي ڄايا، هِهڙا سُورهيه سُپِرين.

    (ڪيڏارو، 2-5)
    امام حسين سورهيه سردار کي شاهه لطيف جابجا مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته عظيم آهي اها ماءُ جنهن ههڙي شير کي جنميو، فرمائي ٿو ته:
    ڏاڙهي رَتَ رَتياس، ڏَندَ ته ڏاڙهونءَ گُلِ جِئن،
    چوڏهينءَ ماهَه چَنڊَ جيئن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
    ميڙي ۾ مُحمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
    تنهن سُورِهيه کي شاباس، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.

    (ڪيڏارو، 5-9)
    ڪوفين وچ الله وجهي کين خط لکي گهرايو ته اسين تابع تنهنجا ۽ تون اسان جو شاهه پر سندن ڦري وڃڻ قهر هو. هو يزيد جا حمايتي ٿي آل عليءَ جو پاڻي به بند ٿا ڪن. شاهه سندن حال تي حيف ٿو چئي:
    جَنَين جهيڙيو ڪالَ، علَيءَ جي اولاد سِين،
    هَئي تنَين جي حال، جي جَماتي يزيدَ جا.

    (ڪيڏارو، 4-3)
    لطيف سائين اُن ڳجهه کي پلي ٿو جا رت جي ريڳاڙن ۾ لت پت ٿيل راجائن جي جَسدَنِ کي ويجهو ٿي اچي:
    اَکيوُن ڪَڍُ مَ ڳجَهڙي، تارا تان مَ کاءُ،
    ٻيو نه پَسين پَٽَ ۾، ريڳَڙِيارو راءُ،
    جِيري جنهن جُوانَ جي، لڳا نَوَ سئو گهاءَ،
    راتِ جنهن جي ماءُ، روئي، پَرنِيو رَبَ کي.

    (ڪيڏارو، 6-7)
    ڳِجِهڙيَن جو راتو ڏينهان رِڻَ ۾ روئڻ، دُلدُلن جو امامن جي عشق ۾ رَتن پيرن سان ڪڪوريءَ ڪربلا ۾ سَٽون ڏيڻ، پکين جو پاڻ پڇاڙڻ، اُڀن ۾ مَلڪَن جا ڏک ڪرڻ، گهرن ۾ ماڻهن جا ماتام ڪرڻ، جهنگن ۾ مروئين جو روڄ راڙو ڪرڻ، مطلب ته زمين ۽ آسمان ۾ ماتم ئي ماتم آهي ۽ انهيءَ ماتم جو جن کي احساس نه آهي. شاهه لطيف اهڙن بي حِسَن لاءِ ڪابه گنجائش نٿو رکي هو چئي ٿو ته جن کي حسن، حسين سان محبت نه آهي آلِ عليءَ لاءِ دل ۾ درد ۽ سوز نه آهي انهن کي شل ڌڻي پاڪ بخش ئي نه ڪري، فرمائي ٿو ته:
    حَسَنَ ميرَ حُسينَ جو، جَنِ نه هِينئڙي جارُ،
    خالِقِ رَبُ جَبارُ، ڪِينَ مَرهِيندو تِن کي.

    (ڪيڏارو 6-15)
    بي شڪ امام حسين عليه السلام جن موت کي شهادت سان شڪست ڏيئي، زندگيءَ کي زندگي بخشي ۽ پنهنجي ناني مبارڪ ۽ پيءُ ۽ ماءُ جو نالو روشن ڪيو. شاهه سائينءَ چواڻيءَ ته “پيءُ ڏاڏاڻا پاڻ، سيد سڀ ملهايا”. شاهه لطيف سُر ڪيڏاري معرفت حضرت امام حسين عليه السلام کي محبت سان مڃتا ڏني آهي ۽ گڏوگڏ سنڌي قوم ۽ پنهنجي ديس واسين کي هميشه لاءِ حال توڙي مستقبل لاءِ ماضيءَ جي هن عظيم تاريخي قربانيءَ مان سبق سکڻ جو ڏس ڏنو آهي. هن ڄاڻايو آهي ته گهوٽن ۽ گهوڙن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا آهن. اهي گهوٽ اڻموٽ آهن جن جون ونيون کين جنگ جي ميدان ۾ معرڪو ماري اچڻ لاءِ موڪلين ٿيون ۽ لڄي ٿيون ٿين جي کين پٺ ۾ گهاءُ آهن. اهي بهادر جن جي ريت ئي هڻڻ، هڪلڻ ۽ ٻيلي سارڻ آهي سي ئي رُڪ وهنديءَ راند ۾ ڪامياب آهن. اهڙن ملڪ ۽ قوم جي ننگَ تان ساهه صدقو ڪرڻ وارن جي ونين لاءِ چوي ٿو ته:
    مُنهن مَٿانهان جَن جا، سي پِٽيو ڪَڍنِ پارَ،
    جيڏيون! هِن جونجهارَ، اُجاري اڇا ڪِيا.

    (ڪيڏارو، 3-14)
    شاهه لطيف پنهنجي سماج ۾ ڏاهپ، همت، جرئت ۽ بهادريءَ جهڙن نيڪ گڻن کي ڏسڻ چاهيو کيس خبر هئي ته هاڪاري خوبين سان سينگاريل قوم ۾ اعتبار ۽ اعتماد جي طاقت وڌندي آهي ۽ هو پاڻ ڀرا ٿيندا آهن. اهڙيءَ ريت سڄي قوم پنهنجي قوت جي ٻَلَ تي وڌندي رهندي. هن عوام جي اندر ۾ جهاتي پاتي ۽ سندن دِلي جذبن کي پر وڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، سندن وسوسن، وهمن، خوفن، خدشن ۽ ڏکن ڏهنجن جي کين پوري ڄاڻ هئي. انهيءَ ڪري هن عام لهجي ۾ عظيم بيان جي اظهار سان نج سنڌي ٻوليءَ ۾ اعليٰ فني اسلوب ۽ شعور سان شاعريءَ جو سمنڊ پلٽيو جنهن جا مقصد خاص طور سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج جي وڌڻ ۽ ويجهڻ جا گَسَ هئا.


    سَڀِيئي سُبحانَ جي ڪَرِ حوالي ڪَمَ

    سَڀِيئي سُبحانَ جي ڪَر حوالي ڪَمَ،
    ٿِي تَحقيق تَسليم ۾، لاهي غَم وَهمَ،
    قادِرُ ساڻِ ڪَرمَ، حاصِل ڪَري حاجَ تو.

    (سريراگ، 4-2)
    شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي توڪل ۽ يقين کي گهڻي اهميت ڏني آهي. هو ڪٿي ڪٿي تقدير پرست ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر ايئن به آهي ته شاهه تقدير سان گڏ تدبير جو پڻ خواهان آهي. اهو هڪ ڊگهو بحث آهي ته شاهه صاحب تقدير جو قائل هو يا تدبير جو؟ ڏٺو وڃي ته شاهه سائينءَ وٽ ويسلو ٿي ويهڻ عيب هو، انهيءَ ڪري هُن محنت، جدوجهد ۽ ڪوشش کي همٿايو آهي، پر انهيءَ سان گڏ مايوسيءَ ۽ نااميديءَ کان بچاءُ لاءِ هن توڪل کي تُرهو ڄاڻايو آهي. ڇو جو انسان تحقيق اُتاولو ۽ جلد باز آهي، سندس خمير اهڙيءَ مٽيءَ مان جڙيل آهي، جنهن ۾ صبر ۽ شڪر جو مادو گهٽ آهي، هو هر وقت پاڻ پچارڻ ۾ پورو آهي. هو رب جي رضا جي بجاءِ پنهنجي راضپي کي وڏي اهميت ڏيندڙ ۽ ڊگهيون ڊگهيون دعائون گهرندڙ آهي. شاهه صاحب کيس مڪمل اعتبار، يقين ۽ توڪل جو سبق ڏنو آهي.
    سر سريراڳ جي چوٿين داستان جو هيءَ ٻيو نمبر بيت ڄاڻائي ٿو ته وهم ۽ وِسوِسا، اجايا ويچار ۽ انديشا ڪنهن به ڪم جي شروعات کي خراب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. جڏهن سڀ رب پاڪ جي هٿ ۾ آهي ۽ ان ئي پنهنجي ٻانهن کي پوري قوت ڏني آهي ته هو سمنڊ سيوين عميقن مان سپون سوجهين، تڏهن هو پنهنجي محبوب مالڪ تي مڪمل ڀروسو رکن. يقين جي قوت هڪ ايڏي وڏي شڪتي آهي، جنهن سان جبلن کي جهوري سگهجي ٿو، آسمانن جي وسعتن تي پهچي سگهجي ٿو. فقط شرط آهي ته پنهنجو پاڻ جي قوت سان گڏ شل انهيءَ ڪريم جي ڪرمن جي پالوٽ مٿانس هجي. سچا ٻانها اهي غواص آهن جي پاتارن ۾ پيهي ماڻڪ ٿا ميڙين. شاهه لطيف سمجهائي ٿو ته، تدبيرون تڏهن ناڪام ٿينديون آهن، جڏهن تقدير جو حڪم نه هوندو آهي. اسين ڪيترو به خود کي ڏوهه ڏيون يا نصيب تي روڄ راڙو ڪريون، پر اهو جو ڪجهه اسين چاهيون ٿا جيڪڏهن نصيب ۾ لکيل نه هوندو ته بلڪل نه ٿيندو، فرمائي ٿو ته:
    لِکِيو جو نِراڙ، سو انگُ ڪِياڙيءَ نه ٿِئي،
    پاڙيو ويٺي پار، جيڪين لالنَ لِکيو لوحَ ۾.

    (معذوري، 5-8)
    انسان عالم الغيب نه آهي ۽ نه ئي سندس سمجهه ڪامل آهي کيس اها خبر نه آهي ته سندس لاءِ ڇا برو آهي ۽ ڇا چڱو؟ قرآن پاڪ ۾ سورة البقره سيپاري سيقول ۾ آهي ته، ترجمو: “۽ عجب ڪونهي هڪ شيءِ توهان کي بري لڳي ۽ اها توهان جي حق ۾ ڀلي هجي ۽ عجب ڪونهي ته هڪ شيءِ توهان کي ڀلي لڳي ۽ اها نقصانڪار هجي توهان لاءِ، انهن ڳالهين کي الله بهتر ڄاڻي ٿو”.
    ڪوششن ۽ محنتن جي باوجود به جيڪڏهن اسان جي مرضيءَ مطابق ڪو ڪم نٿو ٿئي ته اسين عام طور تي ته اهو ئي چوندا آهيون ته “اسان جي ته دعا ئي نٿي لڳي” يا “الله تعاليٰ اسان تي نظر ئي نٿو رکي” پر حقيقت ۾ ان ريت نه آهي؟ انهيءَ ڪم جي نتيجي جي خبر نه هئڻ ڪري اسين انهيءَ لاءِ ڪوشان هوندا آهيون. ممڪن آهي اهو ڪم اسان لاءِ بهتر نه به هجي انساني، طاقتون، تدبيرون ۽ سمجهه انهيءَ رب العالمين جي اڳيان ڪجهه ڪونهي، ڪل ڪائنات جي خالق ۽ پنهنجي ٻانهي کي ستر مائرن جي محبت کان به وڌيڪ ڀائيندڙ ۽ سڀ قدرت رکندڙ کي اسان جي بهتريءَ جي وڌيڪ خبر آهي. انهيءَ ڪري ڀروسو ۽ توڪل لازمي آهي.
    صاحِبَ تُنهنجي صاحبي، عَجَبِ ڏٺي سُون،
    پَن ٻوڙيِن پاتال ۾، پَهڻَ تارِين تُون،
    جيڪَر اَچين مُون، تَه ميريائي مانُ لَهان.

    (ڏهر، 2-19)
    شاهه لطيف جي شاعري ايڏي ته عظيم حيثيت رکندڙ شاعري آهي جو سندس هِڪِ هِڪِ لفظ ۽ هِڪِ هِڪِ بيت کي جڏهن وَرَ ور ڏيئي پڙهبو، ٻڌبو، جهونگاربو ته نيون نيون معنائون پيون نڪرنديون سندس شاعريءَ ۾ اهڙي روحاني قوت آهي ڄڻ هر هڪ ماڻهو جي اندرجو آواز آهي. خاص طور مٿي ڄاڻايل سر سريراڳ جي بيت جي حوالي سان جيڪڏهن وڌيڪ تفصيل ۾ وڃبو ته معلوم ٿيندو ته هيءَ دنيا هڪ سامونڊي سفر آهي، جنهن ۾ چؤطرف خطرائي خطرا آهن، ملاح، ناکئا، معلم/سالڪ، روحاني رهبر هر دؤر جي ضرورت آهن. سونهي کان سواءِ هيءُ سمنڊ اُڪرڻ محال آهي. حضرت علي ڪرم الله وجه جو قول آهي ته “توڪل حڪمت جو قلعو آهي، اِلاهي توفيق ۽ سڀ کان عمدي نعمت آهي ۽ خدا تي توڪل تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن پورو پورو يقين هجي.” خود خدا جي رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن توڪل کي اسلام جو بنياد قرار ڏنو آهي. مطلب ته يقين جي قوت انسان جي وڏي ۾ وڏي طاقت آهي ۽ کيس پنهنجي پاڻ تي ۽ پنهنجي رب تي مڪمل ڀروسو هئڻ گهرجي ته کيس ڪابه تڪليف، الاهي امر کان سواءِ نٿي پهچي ۽ سندس لاءِ پنهنجي نفس جو محاسبو ڪرڻ لازمي آهي، ڇو جو ذري ذري جو رب پاڪ وٽ حساب آهي، جيڪي اسين پوکيندا آهيون، اهو ئي لڻيندا آهيون. انسان جي طبع ۾ لالچ، خودغرضي، بي همٿي، ڪوڙ ۽ ٻيون انيڪ خرابيون فقط انهيءَ ڪري پيدا ٿينديون آهن جو وٽس يقين جي قوت جي ڪمي هوندي آهي. انهيءَ ڪري هو ڀروسو نه ڪندو آهي جيئن چوندا آهن ته “هر شيءِ جي قيمت هوندي آهي، تيئن انسان جي قيمت ان جون خوبيون ۽ چڱا اخلاق آهن” سو انساني خوبين جي هن اعليٰ وصف کي پنهنجو ڪرڻ سان اسان ڪيترين بيمارين ۽ مصيبتن کان بچي سگهون ٿا. ڪوڙ ۽ ڪائي ڪچ کان پري رهي سچ ۽ سونهن جو وکر وهايون ۽ اهو اسان تڏهن ڪري سگهون ٿا جڏهن وڌ ۾ وڏ نيڪيون ڪريون نه نيڪي ڪندڙ ماڻهوءَ جي دل ويران جاءِ جيان آهي فقط اهو نه آهي ته نيڪين جي آڌار تي آخرت ۾ مرتبو ملندو آخرت ته الاهي پري آهي، نيڪيون ته هتي ئي پڌري پٽ پيون آهن، پوکبا گل ته گل ئي ملندا، ڪنڊا پوکي گلن جي آس ڪرڻ اٻوجهائي آهي ۽ جڏهن اسين الله تعاليٰ ۾ رحمت ۽ بخشش جي آس رکون ٿا ته پوءِ اسان کي يقيناً انهن کي مايوس نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي اسان ۾ اميد رکن. پاڻ کان ننڍن ۽ ضرورتمندن جي ضرورت جو خيال رکڻ ۽ ٻين جي ڏکن کي سمجهڻ ئي احساس هوندو آهي ۽ نيڪيءَ جو صلو بلڪل يقيناً نيڪيءَ سان ئي ملندو آهي ۽ اها تڏهن ٿيندي جڏهن دل ۾ رحم ۽ پنهنجي پالڻهار لاءِ پيار ۽ يقين هوندو ته هو اسان کي ڏسي رهيو آهي ۽ ان وٽ انصاف آهي. باقي جيڪڏهن اسان جي اخلاقي قدرن جي عمارت جو بنياد ڪمزور آهي اها مضبوط ٿيڻ مشڪل آهي ته پوءِ وڏين ڪوششن جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سچيءَ دل سان اسين انساني عظمت کي ڇهڻ چاهيون ٿا ته، مولانا جلال الدين روميءَ جي چوڻ جيان ته، “انسانيت لاءِ نفرت جي بجاءِ دلين ۾ محبتون آباد ڪريو” تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ شاهه لطيف به ساڳي وائي وات آندي آهي، فرمائي ٿو ته:
    محبت جن جي من، تن تشنگي تار،
    پي پيالو اڃ جو، اڃ سين اڃ اٿيار،
    پنهون پاڻ پيار، ته اڃ سين اڃ اجهائيان.

    انسان اهو آهي جنهن جي ذات مان ٻين کي فائدو ٿئي مظلوم جي تڪليف ته ڪي پل هجي ٿي، پر ظالم هميشه مصيبت ۾ هوندو آهي. ماڻهو اُتاولو ٿي پنهنجي حصي کان وڌيڪ کڻڻ لاءِ سرگردان ڇو ٿو هجي؟ ڇو جو هن جو مَنُ پنهنجي رب تي اعتبار، توڪل ۽ ڀروسي کان پري هوندو آهي. هُن کي فقط حال ۽ مستقبل جي پرواهه هجي ٿي. پنهنجي پالڻهار تي توڪل رکي جيڪڏهن سچيءَ دل ۽ صفائيءَ سان دين ۽ دنيا جي وهنوار ۾ هلي ته هو جيڪي چاهيندو رب کيس نيڪ نيتيءَ سبب نوازيندو. مشهور ڏاهو خليل جبران چوي ٿو ته “چڱائيءَ جو ڏس ڏيڻ ۽ برائيءَ کان نه روڪڻ انساني، قومي ۽ خدائي ڏوهه آهي. “هر ڪو پاڻ ڄاڻي” چئي پاڻ کي ضمير، قوم ۽ خدا جو ڏوهاري ٿيڻ کان بچايو.” سو اسان تي فرض آهي ته پنهنجي ڏاهي مفڪر شاهه لطيف جي سڏ کي دل جي ڪنن سان ٻڌون جنهن اسان کي چڱائيءَ جا ڏس ڏنا آهن ۽ برائيءَ کان روڪيو آهي ۽ سندس ڪلام کي فقط زباني، ڪلامي استعمال نه ڪيون، پر هينين سان هنڊائي عام ڪريون ۽ عمل ڪريون. هُن اسان کي کُلي نموني سمجهايو آهي ته وهم وسوسا، خوف ۽ خطرا، مصلحتون ۽ مونجهارا فقط ۽ فقط ماڻهو کي ڀنڀلائڻ، ڊيڄارڻ ۽ مقصد تان هٽائڻ لاءِ هوندا آهن. انهيءَ ڪري گهتون گوهيون ڇڏي. لڪ ۽ لنگهه لنگهبا. پنهنجي پالڻهار تي مڪمل ڀروسو ڪري اعليٰ مقصد جي تانگهه طلب ۾ آڻڻ سان ئي زندگيءَ جو اجهاڳ سفر شان سان جهاڳي سگهجي ٿو.


    هُوندا سي حَياتِ

    مَرَڻان اڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿين نه مات،
    هُوندا سي حَياتِ، جِيئَڻان اڳي جي جِيا.

    (4-7، سر معذوري)
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هن بيت جا گهڻا ئي مقصد ۽ مطلب آهن پر هتي خاص اهم مقصد يعني زندگيءَ ۽ موت جي فلسفي تي روشني وجهجي ٿي. ڀٽ ڌڻيءَ موجب اهي انسان لافاني آهن، جن پنهنجو پاڻ کي نيڪ مقصد ۾ فنا ڪري ڇڏيو. تن کي موت ڇا فنا ڪندو؟ جي موت کي مات ڪندڙ آهن، انسان ذات جي ڀلائي ۽ ڇوٽڪاري توڙي علم ۽ ذهن جي واڌاري لاءِ سچ جي اڻانگي رستي تي سفر ڪندڙ، پنهنجون حياتيون قربان ڪن ٿا، اصل ۾ اُهي مرندا ڪونهن، بلڪه انهن کي ته “حياتِ جاودان” ملي ويندي آهي. سندن جيون ته “جهڙا عاشق منجهه عيد، تهڙا منجهه مقام” جي مصداق هوندو آهي. موت وٽن بي معنيٰ ۽ هو دنيا جي طمع جي بجاءِ سوريءَ سيج چڙهڻ جي مشاهدي کي ماڻڻ پسند ڪندا آهن. اهڙي امر سڌ رکندڙن جو حياتيءَ سان سٻنڌ نالي ماتر هوندو آهي. هن ڀنڀور (دنيا) ۾ رهندي به هو موت جو سوچڻ ۽ ان جي آجيان ڪرڻ لاءِ آتا هوندا آهن. ڊڄڻ ۽ خوفزده رهڻ جي بجاءِ سر تريءَ تي رکي هلڻ وارا، هي جهونجهار جوڌا جوان، اصولي جيون جيئندا آهن. ڏٺو وڃي ته واقعي هيءَ حياتي واريءَ سندو ڪوٽ آهي، جنهن کي آخر اڏي اڏبو ڪيترو؟ هتي گهڻا ٽڪساٽ ڪرڻ جي بجاءِ سڦل ۽ ڪارگرجيون گهارڻ کي ئي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
    مَري، جيءُ ته ماڻيين، جانِبَ جو جَمالُ،
    ٿنيين هوند حلالُ، جي پَندِ اهائي پاريين.

    (4-1، سر معذوري)
    مقصدِ حيات جي نظريي تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته، بيشڪ هيءَ ڪائنات رب پاڪ پنهنجي پسند سان، ڪنهن خاص مقصد هيٺ ٺاهي آهي. سندس ئي فرمان موجب ته:
    ترجمو: “۽ نه خلقيو آهي مون جنن ۽ انسانن کي مگر انهيءَ لاءِ ته منهنجي بندگي ڪن.”
    جڏهن ڌڻيءَ سڳوري پنهنجي ربوبيت جي اقرار ۽ تسليم و رضا لاءِ، ڪائنات کي وجود ۾ آڻي ۽ انسان کي اُتم درجو عطا ڪري، هيٺ موڪليو ته پوءِ ڇا اهو انسان پنهنجي جيون جي مقصديت تي غور و فڪر ڪري ٿو؟ شاهه سائينءَ انهيءَ ئي فلسفي کي سمجهائڻ لاءِ پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترائي بيت سمجهاڻيءَ طور ڏنا آهن. هن فقط تصوف جي پرچار نه ڪئي آهي ۽ نه ئي هڪ هنڌ ويهي صوفي ازم جا مول متا سمجهايا آهن بلڪه هن حياتيءَ جي هر رُخ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي. هن نيڪ ولي الله انسان، سنڌ جي ماحول ۽ مزاج مطابق، ماڻهن کي حياتي گهارڻ جا مول ۽ متا سنڌ واسين جي ئي ٻوليءَ ۾، سندن ئي مزاج مطابق، لازوال لوڪ ڪردارن جي اوٽ ۾ سمجهايا، گڏوگڏ ناصحاڻي نموني سان سڌو سنئون به کين نصيحتون ڏنيون اٿن. “سسئي” شاهه جي شاعريءَ جو مقبول ڪردار آهي، جنهن جي ذڪر کي شاهه ڀٽائيءَ پنهنجي ڪلام ۾ پنجن سرن ۾ ڏنو آهي. سسئيءَ جي ثابت قدمي، همت ۽ حوصلي کي ڀٽ ڌڻيءَ تمام گهڻو ساراهيو آهي. بلڪه ايئن لڳي ٿو ته شاهه صاحب پنهنجي سڀني ڪردارن ۾ سسئيءَ کان گهڻو متاثر آهي ۽ سسئيءَ جي ڪردار ۾ پيهي پاڻ پنهنجو عڪس چٽيو اٿن. سسئيءَ کي همت جون هدايتون مقصدي موت ماڻڻ جا سبق، ننڊن ۽ غفلتن کان بچاءُ جا حڪم ڏيڻ سان گڏ، سسئيءَ جي موت کي گهڻي مڃتا ڏني اٿن. شاهه جي نظر ۾ سسئي جيڪي ڏونگر ٿي ڏوري، تن کي ڏسي مرون به مامري ٿا پون، بي جان شيون به حيران ۽ پريشان آهن. فرمائين ٿا ته:
    وَڍِيءَ سي واڍوڙِيا، رت نه ڏٺو جَنِ،
    موتُ قَبُوليو تِن، ڏِٺو جَنِ ڏُکيءَ کي.

    (16-6، معذوري)
    سسئيءَ جي سفرن جا سور ۽ سختيون، وڇوڙي جو ويراڳ وٽن هڪ اتم حيثيت رکي ٿو. سندن موجب ته اهو سسئيءَ جو سچو ۽ اٽل جذبو هو، جنهن موت کي ماري محبت جو مان مٿانهون ڪيو. هڪ بي وس عورت جي ثابت قدمي ۽ ڪشالا جڏهن مردن کي مات ٿا ڪن، تڏهن شاهه صاحب هيئن ٿو چوي.
    سسئي لنگهيو سو، مَردَ جنهن مات ڪيا.
    (5-4، سرديسي)
    موت زندگيءَ کي معنيٰ بخشيندڙ هڪ لافاني حقيقت آهي جنهن ۾ بظاهر ڏک ۽ وڇوڙو، پر حقيقتاً وصال آهي. موت جيون جي پڄاڻي نه، بلڪه فقط هڪ موڙ آهي. پوءِ اهو ڇو نه ڪارائتو هجي؟ موت ئي زندگيءَ جي هڪ ابدي ۽ ازلي سچائي آهي. ٿڌي هير جهڙي جيون جي مقصد کي ڪڏهن به زوال حاصل نه آهي. دنيا ۾ ڪيترن ملڪن ۽ مذهبن جا ماڻهو آهن پر لافاني اهي آهن جن جو نالو قائم آهي. اهي ئي جيئرا ۽ اهي ئي حيات آهن، جي دنيا ۾ انسانيت جي خدمت ڪري ويا. ڪنهن املهه مقصد لاءِ حياتيون بي مول ڏئي، هميشه لاءِ انهن کي انمول ڪري ويا. تڙپندڙ انسانيت کي، اسپتالون، آسائشون ۽ ڄاڻ جا خزانا، علمي ادارا ۽ ڪتب خانا، بغير ڪنهن ڏيکاءَ جي ڏيئي ويا. نيڪ نيتيءَ سان ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ جانيون ۽ مال خرچ ڪرڻ ئي انسانيت جي اهم ترين خدمت ۽ خدا کي خوش ڪرڻ جو رستو آهي ۽ سندس ڏسيل نيڪيءَ جي واٽ ئي سچائي جي ابدي واٽ آهي، جنهن جو سفر صدين کان جاري ۽ ساري آهي. شيخ اياز فرمائي ٿو ته:
    خدا جي راهه ۾ ڪيڏي خوشي سمايل آ،
    قدم قدم تي لڳي ٿو، گلن جو ڍير آ،
    لڳي ٿو هي ڪا خوشبو ڀري ڊگهي ول آ.
    خدا جي راهه ۾ ايئن روشني وڇايل آ.

    روحاني عبادتون انسان جي باطن جي صفائي ۽ اندر اجارڻ لاءِ ڪارگر آهن. پر هن محدود ۽ مقرر وقت جي حياتيءَ ۾ جيڪڏهن انسان بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ڪنهن جي ڪم اچي ٿو ته اهو ئي چونڊيل ۽ حقيقي رستو آهي. خدا پاڪ جي ٻانهن جا هڪٻئي تي حق آهن ۽ هيءَ دنيا هڪٻئي جي آڌار تي هلي رهي آهي. چوندا آهن ته “ڌڻي ڏئي مٿان پر ڪنهن جي هٿان،” سو بيشڪ جيڪي انسان رب جي خوشنوديءَ خاطر نفعي نقصان کان بي غرض ٿي خدا جي خلق جي خدمت ڪن ٿا، سي تحقيق سڦل جيون گهارين ٿا. حقيقت ۾ مقصدن جي حاصلات لاءِ صحيح رهنمائيءَ جي به سخت ضرورت هجي ٿي. اسان وٽ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جن وٽ جذبو آهي پر رهنمائي ۽ رهبريءَ جي کوٽ آهي. (ڪٿي ڪٿي رهنما رهزنن جي روپ ۾ به نروار ٿين ٿا). انهيءَ ڪري ضروري آهي ته نيڪي ۽ اخلاص جي پنهنجي سماج ۾ سجاڳي ڏني وڃي. پنهنجي گهرن ۾ انهن عملن کي همتائجي. انگريزي ٻوليءَ ۾ هيءَ مشهور چوڻي آهي ته:
    “Those who have to show the path to others, they have to find their paths themselves.”
    جيڪي به ٻين کي رستو ڏيکارين ٿا. انهن جي لاءِ پنهنجا رستا به آسان ٿين ٿا. هڪ ڏاهي موجب ته “اسان کي اونچن آدرشي عملن سان حياتي گهارڻ گهرجي. انهيءَ سان ئي اسين پنهنجي موت کانپوءِ “Legend” يعني “ڏند ڪٿا” ٿي سگهون ٿا.” حقيقت ۾ حياتي اها زنده جاويد آهي جيڪا ٻين لاءِ آفتاب ۽ روشنيءَ مثل پيغام هجي، جنهن جي مهانتا مڃي وڃي. جنهن ۾ اسين روئندا اچون ۽ کلندا وڃون جنهن ۾ اسين اهڙا ڪم ڪريون جو بقول غالب، “صبحاڻي اسان جي مٽيءَ مان به گلاب جا گل ڦٽي نڪرن” ۽ اهو صرف تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن زندگيون سگهارن مقصدن تحت گهاريون وڃن.
    هن دنيا ۾ ڪابه شيءِ بغير مقصد جي وجود ۾ آيل نه آهي. هوا کان چمڪندڙ چنڊ، سج ۽ تارن تائين هر شيءِ جي تخليق جو هڪ مطلب آهي. انساني زندگيءَ جي تخليق هڪ اعليٰ مقصد هيٺ ٿيل آهي ڇا اهو خود انسان تي مدار نٿو رکي ته هو پنهنجي شرف کي سڃاڻي پنهنجي حياتيءَ جا ماپا مقرر ڪري ۽ سوچي ته هو ڪهڙي ريت ٿو جيون گهاري؟ آدرشي زندگين جي ابديت ماڻڻ لاءِ بيشڪ سفر ڪٺن هوندا آهن، پر هر سفر آسان ٿي، مشڪلون ڪٽجي، منزل مقصود ملي سگهي ٿو، جيڪڏهن ارادا نيڪ ۽ همتون سالم هجن. موت ته اڻ ٽر ۽ هر بشر کي اچڻو آهي پر ڪارائتي موت ڏانهن هلڻ واري زندگيءَ جو مقصد اونچو آهي. جيئن:
    “هونئن ئي جونَدَ مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا”
    (5-9، سهڻي)
    ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيڻ ئي ابديت آهي. اهڙن قدرن کي اسان جي وڏن سمجهيو، انهن جو نظريو هو ته ڪجهه ڪري نالو ڪمائي وڃجي. هنن ايندڙن لاءِ قربانيون ڏيئي، پنهنجون فاني حياتيون لافاني ڪيون. اهڙن اَمُلهه ماڻڪن کي شاعرن هن ريت ڳاتو آهي.
    مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏِٺا، مون ساڻا ساڻا سَنڌ ڏٺا،
    مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏِٺا، جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا،
    جي جيءَ جيارا ماڻهو هُئا، سي سڀ کان پيار ا ماڻهو هئا،
    جن ساهُه ڏيئي ويساهه ڏِنو، سي دل ۾ دَردُ دُکائي ويا.

    نيڪ انسانن اسان کي خير ۽ شر کان واقف ڪيو، جنهن سبب دنيا ۾ بدين سان گڏ نيڪين جو وجود به قائم آهي. پر وري به هيءَ دنيا شيطاني قوتن جي اثر هيٺ آهي. مذهبن جي عصبيتن، فرقيواريتن ۽ زندگيءَ جي لاهن ۽ چاڙهڻ سبب ڪيتريون تنزليون ۽ بدحاليون انسانيت جو نصيب ٿين ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن چڱا چڱا ماڻهو به پنهنجن مقصدن کان هٽي ويندا آهن ۽ انهن جا سبب به انساني پيدا ڪيل مونجهارا، ڀلون ۽ نفساني خواهشن جا ڄار آهن. سچل سائين فرمائي ٿو ته:
    مذهبن ملڪن ۾ ماڻهو مُنجهايا،
    شيخي، پيريءَ، بزرگيءَ، بيحد ڀُلايا،
    ڪي نِوِڙي نمازون پڙهن، ڪن مندر وسايا،
    اوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.

    حاصل مطلب ته مقصدي حياتي ئي مقصدي موت آهي. جنهن کانسواءِ معرفت ماڻڻ محال آهي. ڪوتاهيون ۽ غفلتون نيڪ انسانن جي لاءِ وڌيڪ هاڃيڪار آهن. سندن لاءِ ڪشالا ئي سکن جو ڪارڻ آهي. اهڙن مُلهائتن ماڻهن جي محنتن کي مڃتا ڏيندي، شاهه سائين ڌڻيءَ در سندن لاءِ دعاڳو آهي:
    وڏا وَڻَ وَڻڪارَ جا، جِتِ نانگ سُڄَن نيلا،
    اُتي عبداللطيف چي، ڪيا هيڪَلِين حِيلا،
    جِت ڪڙمَ نه قَبِيلا، اُتِ رسج رَهبَرَ! راهَه ۾.

    (2-9، سسئي آبري)
    شاهه سائينءَ موجب اهي اڙانگيون واٽون، پر خطر رستا، بيان ڪرڻ کان مٿي آهن، هتي، “جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿيئي”، وانگر ڏونگر ڏوري ڪشالا ڪڍي پنهنجو پاڻ کي تج ڪرڻو آهي، اهو حال سلڻ کان مٿي آهي:
    حقيقت هن حال جي، ظاهِرُ ڪَرِيان ذري،
    لڳي ماٺ مِرُوئن کي، ڏونگرَ پُوَن ڏَرِي،
    وڃن وَڻَ ٻَرِي، اوڀڙ اڀڙي ڪيِنَ ڪيو.

    (5-5، ڪوهياري)
    لطيف سائين فقط تصوف ۽ مجاز نه پر ٻيا پڻ ڪيترائي موضوع ملن ٿا جي سهڻي جيون گهارڻ جا سبق ڏين ٿا.


    شاهه جي شاعريءَ ۾ سندس زندگيءَ جو عڪس

    چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون مَٺَنِ،
    جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سي ئِي ڪَن.

    (4-4، سريراڳ)
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو مٿيون بيت انساني ڪردار نگاريءَ کي ٻن سٽن ۾ تمام اونهائيءَ سان بيان ڪري ٿو. شاهه سائينءَ جو سڄو ڪلام انساني زندگيءَ جو مڪمل اڀياس هئڻ سان گڏ سندن پنهنجي حياتيءَ جو مڪمل عڪس آهي. هو پنهنجو پاڻ نيڪ نيت ۽ نيڪ اخلاقن سان سينگاريل هو. سندن مطابق چڱا گُڻ/سٺا اخلاق هڪ وڻندڙ عمل ۽ اهڙو واپار آهي جيڪو نه پئي پراڻو ٿئي ۽ نه ئي کپائڻ سان کٽي ٿو. چڱايون خاص ڪنهن جي ميراث نه آهن، پر انهن کي جيڪو پنهنجو ڪندو سو پنهنجي حيثيت، وت ۽ ماحول آهر نه فقط پاڻ فيض حاصل ڪندو، پر ٻيا به پيا هن سرهاڻ سان واسبا.
    نيڪ گڻن جو دائرو تمام وسيع آهي، نيڪين ۽ چڱن عملن جو مجموعو، “حسن اخلاق”، سڏجي ٿو. ڪجهه خاص خوبيون جيئن صبر، سهپ، احسان، شفقت، رحم دلي، قناعت، سادگي، نهٺائي، پاڪيزگي، بردباري، شرم حيا، پيار ۽ ٻيون خاصيتون گڏجي نيڪين جي گلدستي جو واس ٿيون وٺائين. انهيءَ جي برعڪس بريون عادتون ۽ بدعمل بداخلاقين جي زمري ۾ اچن ٿا. جن سان نه صرف ايمان ڪمزور ٿو ٿئي پر خراب گڻن جا حامل ماڻهو بدڪردار ۽ بي عمل شمار ٿيندا آهن. چڱن اخلاقن جي برعڪس بداخلاقيون انهيءَ اونداهي گهر مثل آهن، جنهن ۾ ڪابه روشني نه آهي. نيڪ اخلاق، انسان جي قوت ٿي يقين ۽ وشواس جيان کيس مضبوط بنائين ٿا، جنهن جا ٿنڀا ايمانداري، سچائي، پاڪائي، پريم ۽ ڀلائي آهن. شاهه ڀٽائيءَ انساني زندگي ۾ سٺن عملن ۽ سُٺين سوچن کي گهڻي فوقيت ڏني آهي. سندن موجب هر چڱي گُڻَ کي پنهنجو ڪرڻ ئي انساني، عظمت آهي جنهن سان ماڻهوءَ جي سيرت ٿي گهڙجي. ماٺ ۽ صبر کي هڪ وڏي وٿ قرار ڏيندي درگذر ڪرڻ ۽ ماٺ رهڻ کي ايمان جي سلامتي ٻڌايو اٿن. فرمائين ٿا ته،
    مِٺايان مٺو گهڻو، ڪَڙو ناهِه ڪلام،
    سُڪُوت ئي سلام، پِريان سَندي پارَ جو.

    معاف ڪرڻ وارن کي هن طرح داد ڏنل آهي:
    ڀلائي آهين پرين، ڀلائيءَ پانهنجي،
    سامُهان سر چڙهيو، ڏوراپو نه ڏين،
    مان ڏي مَدايون ٿِين، سڄڻ سڄاين ۾.

    (1-1، کنڀات)
    شاهه صاحب جن ادب ۽ اخلاق واري واٽ وٺڻ، حسد ۽ ڪيني کان بچاءُ سان گڏ، توڪل جي ترهي تي ترڻ جون صلاحون هن ريت ٿا ڏين.
    تن ۾ تراز توهه جي، گهڻو لهه گهوري،
    ادب ۽ اخلاص جا، سڙهه ٻَڌِج سوري،
    وَکرَ وينتين جو، تنهن ۾ پاءِ توري،
    ته عادنئون اوري، تنهنجو توائي نه ٿئي.

    (6-12، سريراڳ)
    شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ چڱن گڻن جي تعليم ڪٿي ڪردارن جي اوٽ ۾، تمثيل طور ته ڪٿي سڌو سنئون ناصحانه نموني سمجهاڻيءَ طور بيان ٿيل آهي. ڪنهن ڪنهن هنڌ فهمائش ۽ تنبيهه به ڪئي اٿن پر مجموعي طور پاڻ انساني زندگيءَ کي اخلاقن جي دائري سان مشروط ڄاڻائي، نيڪ لڇڻن جي وکر کي ڇوٽڪاري جي ضمانت قرار ڏنو اٿن. فرمائين ٿا ته:
    وَکَرُ سو وهاءِ، جو پَئِي پُراڻو نه ٿِيي،
    ويچيندي ولات ۾، ذور ٿئي نه ضاءِ،
    سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، اڳهه جنهن جي اُبهين.

    (3-2، سريراڳ)
    عام طور چوندا آهن ته مَنُ هڪ ناياب موتي آهي، جيڪو هڪ دفعو ڀڳو ته سڄو نه ٿيندو ۽ جي ٿيو ته به سنڌو رهجي ويندو آهي. ان ڪري نيڪ نيتي ۽ سچ تي ئي هن حياتيءَ جو مدار رکڻ گهرجي. شاهه لطيف هڪ سچو، باعمل صوفي انسان هو. پاڻ زندگيءَ ۾ سچ جي عمل کي انساني اخلاقن جو اعليٰ اهڃاڻ ۽ ڪردار جو بنيادي رويو ڄاڻايو اٿن. سچ وٽن انساني ڪردار جو بنيادي نقطو آهي ۽ گڏوگڏ ڪوڙ کي هر خرابيءَ جو سبب قرار ڏين ٿا. سچ جي بي قدري شاهه سائينءَ کي سخت ناپسند آهي. ڪائي ڪچ جي اگهجڻ تي دل سان ڏک ٿا محسوس ڪن.
    اگهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَن موٽ ٿي،
    پَلئه پايو سچ، آڇيندي لَڄَ مَران.

    (4-14، سريراڳ)
    سچ جي عمل کي اڻملهه ڄاڻائيندي ان جي پرک رکڻ وارن وٽ ويهڻ ۽ وڃڻ جي صلاح ڏيندي چون ٿا ته:
    جي نه سڃاڻڻ سَچَ کي، ويهُه مَ تَنِين وَٽِ،
    املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،
    وڃي مهر تنين وٽ مٽ، جي پارکُو پارَس جا.

    (5-12، سر سريراڳ)
    ڪوڙن ڪانيرن ۽ ٻگهن کان بچاءُ جي هدايت هن ريت ڏني اٿن:
    هنجن سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهاريين،
    ٻگهن سين ٻيهارَ، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين.

    (1-12، ڪارايل)
    دنيا جي سڀني مذهبن ۾ عبادتن ۽ رياضتن سان گڏ انساني سيرت جي سهڻائيءَ جا سبق ڏنل آهن، جن موجب ايمان جون تلقينون، عبادتون ۽ رياضتون ته ذاتي ڇوٽڪاري جو باعث آهن، پر انسانيت جي ڪم اچڻ ئي ڪارائتو عمل آهي. نيڪ عمل ايمان جو جزو هئڻ سان گڏ نجات جو وسيلو آهن. ڪيتريون ئي انساني تهذيبون، تاريخ جي تختيءَ تان ميسارجي ويون، سي صرف سندن وحشيانه عملن ۽ بداخلاقين سبب. الله تعاليٰ جي موڪليل رهبرن ۽ رهنمائن هميشه کان چڱائيءَ جو پرچار ڪيو آهي. خدا پاڪ فرمائي ٿو ته:
    “نيڪي اها نه آهي ته توهان پنهنجا منهن مشرق ۽ مغرب ڏي موڙيو، پر نيڪي آهي ته جيڪي ايمان آڻين الله تي، آخرت جي ڏينهن تي، ملائڪن تي، ڪتابن تي ۽ نبين تي، ۽ ڏين مال الله جي راهه ۽ محبت ۾ ويجهن قريبن کي، يتيمن کي، محتاجن کي ۽ راهه جي مسافرن کي، گهرڻ وارن سائلن کي ۽ غلام کي آزاد ڪرائڻ ۾ ۽ قائم ڪن نماز ۽ زڪوات ۽ پورو ڪن جڏهن قول ڪن ۽ صبر ڪن سختيءَ ۽ تڪليف ۾ لڙائيءَ جي وقت ۾ اهي ئي سچا آهن. اهي ئي متقي آهن.
    رسول پاڪ ﷺ جو ارشاد آهي ته “خَير مَن خيرًا اهلہ”
    ترجمو: توهان ۾ چڱو اهو آهي جيڪو پنهنجي گهر وارن سان چڱي هلت هلي. معنيٰ ته چڱائيءَ جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪرڻ جو حڪم آهي، پنهنجي اهل عيال، اوڙي پاڙي، مٽي مائٽي، راڄ ۽ قوم سان سُٺي هلت اسان جي اخلاق ۽ نيڪين جي ضامن آهي. انفرادي حياتين جو سڌرڻ ئي قومن جو سڌرڻ آهي. عربيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته “کَما تُدِيۡنُ تُدَانُ” يعني جهڙو توهان ٻين سان ورتاءُ ڪندا، توهان سان به اهڙو ئي ورتاءُ ڪيو ويندو.
    پياري پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ذات مبارڪ جي اخلاق جي اعليٰ درجي کي ڪيربه پهچي نه سگهيو آهي ۽ نه ئي ممڪن آهي، قرآن پاڪ ۾ حڪم آهي ته:
    ترجمو: بيشڪ اي محمد ﷺ توهين اخلاق جي اعليٰ درجي تي آهيو.
    اهو سڳوري رسول ﷺ جي اعليٰ اخلاق جو ڪرشمو هو. جو سڄيءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏي جنگجو ۽ جهيڙاڪ قوم اسلام قبول ڪيو. پاڻ ڪريم ﷺ جن براين جو خاتمو ئي نيڪين ۽ چڱاين سان آندو. قرآن پاڪ جي آيتن ۽ حديثن سڳورين جي روشنيءَ ۾ آيل سبق کي، لاکيڻي لطيف بيتن جي صورت ۾، سولي سنڌيءَ ۾ سنڌ واسين کي سمجهايو آهي. حضرت شاهه عبداللطيف جن رسول پاڪ جن جي نيڪ وڙن کي هن ريت بيان ڪيو آهي.
    چَڱن ساڻ چڱائيون، ايئن سڀڪو هوءِ،
    تو جِئن ڪري نه ڪوءِ، بڇن سان ڀَلائيون.

    (4-3، سر سريراڳ)
    چڱاين جو جواب ته ماڻهو چڱاين سان ٿا ڏين، پر برن سان ڀلايون ڪرڻ ڪردار جي وڏي ۾ وڏي خوبي آهي. پندرهن صديون اڳ اسلام جي نور سان هن دنيا کي منور ڪري پاڻ ڪريم جن اهو ئي حڪم ڏنو ته پاڻ ۾ تفرقا نه ڪريو. هڪٻئي جا حق غصب نه ڪريو. ڄاڻايائون ته هڪ مسلمان تي ٻئي مسلمان ڀاءُ جو خون، مال ۽ عزت حرام آهن ۽ اڄ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اخلاص ۽ محبتون ته ختم آهن، بلڪه هر ڪو هڪٻئي جو ماس پٽڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. شاهه سائين انهيءَ نفسانفسيءَ جي ماحول جي منظر ڪشي انتهائي ڏک سان ڪئي آهي،
    آدمين اِخلاص، مٽائي ماٺو ڪِيو،
    هاڻي کائي سَڀڪو، ماڙهوءَ سندو ماسُ،
    دلبَرَ! هن دنيا ۾ وڃي رَهندو واسُ،
    ٻيو سڀ لوڪ لِباسُ، ڪو هِڪَدل هوندو هيڪڙو.

    (3-4 بروو سنڌي)
    هن دنيا جي تڪليفن ۽ پريشانين ۾ عام طور تي ماڻهو اُتاولو ٿي ڪاوڙ ۾ اچي وڌيڪ نقصان پرائيندو آهي. شاهه صاحب ڏمر کي ڏولائو سڏيندي چو يٿو ته:
    نمي کمي نهار تون، ڏمر ڏولائو،
    ٿيئي ساڃائو، جي اڀيين انهين پير تي،

    (8-13، سر يمن ڪلياڻ
    يا
    نمي کمي نهار تون، ڏمر وڏو ڏک،
    منجهان صبُر سک، جي سنواريا سمجهين.

    (8-12، يمن ڪلياڻ)
    شاهه سائين صبر، ماٺ، سهپ ۽ سچ کي امر ڄاڻائيندي، جر تي ڦوٽي جيئن جيون ۾ صبر، شڪر ۽ رب جي رضا تي راضي رهڻ کي خاص اهميت ڏني آهي. فرمائين ٿا ته:
    کم کمندن کٽيو، هارايو هوڙن،
    چکيو نه چُوندن، هو جو ساءُ صبر جو.

    (8-5، يمن ڪلياڻ)
    زندگيءَ جي امتحان ۾ تڪليفون ۽ پريشانيون اڻ ٽر آهن، صبر، شڪر، تحمل، بردباري، بهادري، سچ ۽ سٺائيءَ جو ساٿ ۽ ٻيون انيڪ وصفون هئڻ انهن پريشانين جو حل آهن.
    گهڻا ماڻهو پاڻ کي اجاين خسارن ۾ منجهائي خود کي خودي ۽ انا جي ڄار ۾ ڦاسائي فرعونيت سان هلندا آهن. سمجهو ماڻهو دنيا جي تخليق تي غور ۽ فڪر ڪري، ان کي فاني سمجهي، نيڪ عملن سان حياتي گهارڻ کي اوليت ڏين ٿا. انهيءَ ڪري هو هر عمل ۾ ثابت قدم ٿيندا آهن. هيءَ دنيا فاني آهي، پر چڱن جون چڱايون لافاني آهن ۽ چڱائيءَ جو معيار ذات پات تي به نه آهي. هتي ته جيڪو وهي سولهي. بندگي، تقويٰ، سچايون ۽ اخلاص خود ئي ماڻهوءَ جو مان مٿانهون ڪن ٿا. دنيا دريا آهي، جنهن ۾ ڪي ڪي تارو خسارن کان مٿڀرا ڪُڌن ۽ فرعوني ڪمن جي بجاءِ نيڪين کي وڌائيندڙ آهن. نيڪي ذات پات، شڪل و صورت ۽ ٻاهرين ٺاهه ٺوهه ۾ لڪيل نه آهي. سهڻي صورت ۽ ٽوهه جهڙو اندر شاهه صاحب هن ريت ٿو پيش ڪري.
    صورَتَ گَهڻو سُهڻا، ٽاڻا سندن ٽوهه،
    ريلو ڏيئي روح، جو کائي سو کامي مري.

    چڱن وٽ زندگيءَ جي سونهن جو مقصد ۽ معيار، سچ، سٺائي ۽ نيڪي رهيو آهي. هڪ چواڻيءَ موجب:
    The purpose of life is to rise to the state of goodness.
    حسن انساني چهري ۾ نه پر دل جي نور ۾ آهي. انساني اندر جو آئينو جيڪڏهن نيڪ نيتيءَ تي ٻڌل آهي ته انهيءَ جو آب و تاب نه فقط اڪيلي ماڻهوءَ لاءِ پر پوري سماج جي لاءِ سونهن ۽ سوڀيا جو سبب بنجي ٿو. ڪنهن به ڪم ۾ ڏيکاءُ ۽ رياڪاري وارو عمل نه هجي ته پوءِ چڱاين جون واٽون خود ئي سونهون بنجي سامهون اينديون. جيڪڏهن اسين خدا تعاليٰ جي حڪم ۽ نبيءَ سڳوري جي سنت تي دل سان عمل ڪنداسين ته حسن خلق جا خزانا اسان جو ورثو ٿي ويندا. سماج ۾ چڱاين جي ترغيب ۽ پرچار سان پاڻ ۾ محبتون پيدا ٿينديون. اهي ئي قومن جي ترقيءَ جا اهڃاڻ آهن. انهن سان ئي اسان ڌرتيءَ جا ڏک پري ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائي سگهون ٿا.
    اچو! ته لاکيڻي لطيف جي ڏنل تعليم ۽ سندن حياتيءَ جي چڱن رُخن تي غور ڪري ۽ عمل ڪري. روزن نمازن کان وڌيڪ اهو فهم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون جنهن سان پرين پسڻ سهل ٿي وڃي. هن حسين دنيا ۾ انساني حقن کي پائمال ٿيڻ کان بچائي، انسانيت جي گلدستي جي پنکڙين کي پٽجڻ کان بچايون. حياتيءَ جي چمن کي نيڪ عادتن ۽ طور طريقن سان ميويدار وڻ بڻائي بي وڙائتا ٿيڻ کان بچون.
    نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جَهان ۾،
    ٻَرِي جن ٻارِي، آئون نه جيئندي ان رِي.

    (1-1، رامڪلي) 


    جي ڀانِييِنن جوڳِي ٿِيان

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي زرخيز سرزمين جو هڪ اهڙو مثالي انسان هو، جنهن انساني حياتيءَ جي اسرارن کي نه فقط ڳولهيو ۽ ڦولهيو پر انهن کي پروڙي، پنهنجي بيتن جي اڻ ملهه خزاني معرفت عام تائين آندو. هن پنهنجي شاعريءَ معرفت مثالي انسان جو جيڪو روپ چٽيو آهي، اهو هڪ اعليٰ انسان جو روپ آهي، اهڙو انسان جنهن جو الله تعاليٰ جي ذات تي مڪمل ڀروسو ۽ ايمان جبل جيان مضبوط ۽ پختو هجي. انسان دوستي، رواداري، رحمدلي، حب الوطني ۽ انيڪ خوبين سان معمور هجي، شاهه صاحب جو مثالي انسان، انسان ذات کي امن، ڀائيچارو ۽ محبت ڏيندڙ آهي، هو دل کي ڌوئي دوست جو ديرو دل ۾ وسائڻ وارو آهي جي کانئس غلطي ٿي ٿيئي ته ڀٽ ڌڻي کيس فهمائش ڪندي فرمائي ٿو ته:
    جي ڀانِييِن جوڳي ٿيان، ته رلي کڻي مَ رُل،
    ويڙهي ويهه وجود کي، ٻُڌ هيڪڙائيءَ جو هُل،
    آهين پاڻ اَمُلهه، پِنين ڇو پينارن کان.

    اسان کي شاهه عبداللطيف پنهنجي ڪلام ۾ جنهن مثالي (Ideal) انسان جو تصور ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ هُن پهريان هڪ ماپو مقرر ڪيو آهي. ڏٺو وڃي ته اُنهيءَ ماپي تي پورو پوڻ لاءِ هن جي پنهنجي حياتي، مثال طور اهم آهي، شاهه عبداللطيف پاڻ درد مند دِل رکندڙ، سماجي خدمت گذار هو. هُو ڪنهن به انعام ۽ ايوارڊ جو طالبُو نه هو. هٺ، تڪبر، فخر، آڪڙ ۽ وڏائيءَ کان ڪوهون پري هن نيڪ نيت انسان جي حياتي جدوجهد ۽ ڪشالن ڪڍڻ جي هئي، هن پنهنجي تن ۽ مَنَ کي تُسا ڏنا. لهواري لوڪ ۾ هُو “اوچو وهه اوڀار” جي سوچ رکندڙ ۽ عمل ڪندڙ هو. ڏک ۽ سور ته حياتيءَ جو حصو آهن. پر اوجاڳا، سفر، بکون انهن انسانن جو مَرَڪ آهن، جيڪي پنهنجي پاڻ سان ڪجهه به نٿا کڻن. جهڙا اچن ٿا تهڙائي وڃڻ چاهين ٿا. اهڙن جو ساٿ سهڻي لطيف کي پسند آهي ۽ انهن جو ئي ساٿي رهيو،
    نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ،
    اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ريءَ.

    شاهه لطيف اهڙي آدرشي انسان کي پسند ڪندڙ آهي، جوڪڙي ۽ قاتل جو هيراڪ آهي، جو جَرَ تي ڦوٽي جيان اُڀري ختم ٿيندڙ نه پر حيات جاودان ماڻيندڙ ۽ حياتيءَ جي اسرار کي سمجهندڙ آهي. هُو اجتماعي مقصدن کي اهميت ڏيندڙ سماج جي ڀليءَ اوسر لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، انسان ذات جي ترقيءَ ۽ ڪاميابيءَ جي خوشخبري ڏيندڙ، حق جي ڳولها ڪندڙ آهي. اهڙا سنياسي، خوديءَ کان خالي، منافقت کان پاڪ، لاهوتي لعل ۽ محبتي مڻيادار ملڻ هر دور ۾ محال رهيا آهن. پر رب پاڪ پنهنجي پيارن ٻانهن مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيو آهي، هُن وقت به وقت اهِڙا اڻ ملهه موتي هن ڌرتيءَ تي موڪليا اهن، جن کي موت مات نه ڏني آهي.
    نابُودي نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو،
    مُورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي.
    ڪبي ات ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.

    شاهه عبداللطيف هڪ اعليٰ انسان ۽ منفرد شاعر هو. سندس ڪلام ۾ هن تمثيل طور جيڪي به ڪردار پيش ڪيا آهن، انهن جون خوبيون مثالي خوبيون آهن. هن عظيم مفڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ شروع کان آخر تائين هنڌ هنڌ پنهنجي ڪردارن جي وصفن کي ڳائي انهن کي امر ڪيو آهي.
    جيئن مثال طور ڪمزور ۽ مسڪين مارئيءَ کي شاهه صاحب وقت جي بادشاهه اڳيان جهڪائڻ جي بجاءِ کيس ايترو ته بهادر، با همٿ ۽ با ڪردار ڪري پيش ڪيو آهي. جو لطيف سائينءَ کان اڳ جو سنڌ جو هيءَ رائج لوڪ داستان سندس بيتن وسيلي امر حيثيت ماڻي ويو آهي. مارئي واتان هن وَرَ وَرَ ڏيئي پنهنجي غريب ماروئڙن لاءِ محبت ۽ پيار جا آفاقي جذبا چٽيا آهن، لوئيءَ جي لڄ کي قائم رکڻ، شاهي شان، ويسن وڳن ۽ ست رڇين خوراڪن بجاءِ پنهنجي ڏٿ ڏؤنرن ۽ جهانگين جي جهوپن لاءِ سڪڻ، فقط ۽ فقط مارئيءَ جي اعليٰ ڪردار جي ضمانت ٿو ڄاڻائي. سندس ڪردار کي شاهه صاحب تمام مٿانهون ۽ پختو بيان ڪيو آهي جو نه ڊڄي ٿو نه ئي لالچ ۾ ٿو اچي، جنهن جي لاءِ وطن جي کِهه کٿوري آهي ۽ هوءَ پکن جي پريت ماڙين سان مٽائڻ نٿي چاهي، سنڌ ۾ وطن جي حب جو عظيم جذبو شاهه لطيف جي مارئيءَ جي بيتن کان پوءِ ئي پروان چڙهيو آهي.
    نه فقط مارئي پر شاهه جي رسالي جو هر ڪردار اخلاقي وصفن سان سينگاريل آهي، سر ڪاموڏ جي نوري جنهن جي سيرت جي سلڇڻائيءَ سمين ۽ سومرين تي فوقيت ماڻي، درياهه کي دليريءَ سان پار ڪندڙ سهڻي جا نه دريا جي ڪڙڪن کان ڪنبي ۽ نه مينهن ۽ سيءَ سندس رستو روڪيو. ساڳيءَ ريت سسئي شاهه صاحب جو هڪ اهڙو ڪامل ڪردار آهي، جنهن جي حياتي ئي “ڏورڻ” ۽ “لهڻ” ۽ “جهد” جي چوگرد ڦري ٿي. کيس سڄن سارن پنجن سُرن سسئي، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ آبريءَ ۾ مڃتا ڏني اٿس، ان کان سواءِ مومل، سورٺ ۽ ٻين ڪردارن وسيلي هن مثالي انسان جا نقش چٽيا آهن، سخي راءِ ڏياچ هُجي يا جادم جکرو، بُري تي بڇ ڪرڻ وارو جڏو مورڙو هجي يا گودڙين ۾ گهاريندڙ کاهوڙي هجي شاهه صاحب پنهنجي هر هڪ ڪردار کي امرتا بخشي آهي، سندس نظر وسيع ۽ فڪر بلند هو، انهيءَ ڪري هُن مثبت خيالن ۽ هاڪاري روين کي پنهنجي شاعريءَ وسيلي عام ڪيو جن سان هر انسان لاءِ ٻنهي جهانن جي ڀلائي ٿئي.
    شاهه جا مثالي انسان جڳ جي خوشَحالي ۽ بخت آهن هو عام مان آهن ۽ عام جا آهن، جهڙا جيئن اچن ٿا، تيئن ئي هن جهان مان واپس وڃن ٿا. هو روشن دماغ، باضمير، حساس ۽ همدرد آهن، سندن انفراديت اها آهي ته هُو جدت پسند، مهذب ۽ ترقي پسند ته آهن ئي، پر اصول پسند ۽ سماج جي حسين آدرشي اڏاوت جو تصور رکندڙ آهن اهڙن کي مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته:
    جکرا! جِيين شالَ! تنهنجو ڪَنين مَدو مَ سُڻان،
    جِيئن تو اچي ڪالَ، نالائِقَ نَوازِيا.

    (بلاول 2-2)
    شاهه لطيف جو مثالي انسان نيڪ نيت ۽ بي لوث آهي، جنهن جي اندر جون وصفون هن ڌرتيءَ جي ذري ذري کي گل و گلزار ڪن ٿيون، اهڙن صوفين، کاهوڙين، آديسين، جوڳين، لاهوتين، سامين ۽ ڪن ڪٽ ڪاپڙين کي هُن ڪيترن ئي هنڌن تي مڃتا ڏني آهي.
    جهڙا ڪَڙِڇَ ڪَڪِرا، تِهڙا جائِن ڦُلَ،
    تَن سامين جي سَڌَ مَران، جَنِ جي گودڙِينِ ۾ گُلَ،
    اَندرِ مُلههَ اَمُلَ، ٻَهِر ڪوجها ڪاپڙي.

    (رامڪلي، 6-11)
    شاهه صاحب جي شاعري سنڌي سماج جي هر دور جي اهم ترين ضرورت آهي، انهيءَ کي پڙهڻ، پروڙڻ، وڌائڻ ۽ ويجهائڻ سان ئي اسان مثالي انسانن جو معاشرو ٺاهي سگهنداسين.


    نائي نيڻ نِهار، تو ۾ ديرو دوستَ جو

    وَڃِين ڇو وَڻڪار، هِتِ نه ڳولِين هوتَ کي،
    لِڪو ڪِينَ، لطيفُ چي، ٻاروچو ٻئي پار،
    ٿيءُ ستي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
    نائي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوست جو.

    (سسئي آبري، 3-11)
    شاهه لطيف جو نالو سنڌ جي هڪ اهم صوفي شاعر جي حيثيت سان هنڌين ماڳين مشهور آهي. سندس دؤر ۾ نفس جي پاڪائيءَ لاءِ هلندڙ صوفي سلسلن ۾ سهروردي، قادري، نقش بندي ۽ چشتي مشهور سلسلا هئا. پاڻ قادري طريقي جي بزرگن مان هو جن وٽ اندر جي پاڪائيءَ ۽ روحاني پاڪيزگيءَ جو ذريعو سماع هيو. هن وحدت الوجود جي نظريي کي پسند ڪندي مذهبي ڪٽرپڻي کي سخت ننديو. وٽس هندو ۽ مسلمان ۾ ڪوبه ويڇو ڪونه هو. سندس درس انسانيت لاءِ ۽ ڪل خلق لاءِ هو. پاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ نيڪ خواهشن ۽ خاص خوبين جي پرچار ڪئي اٿن، سندس صوفياڻي شاعري منزل تي پهچڻ جو سڏ آهي.
    جيڪڏهن لطيفي بيتن تي غور ڪبو، ته معلوم ٿيندو ته ڀٽ ڌڻي سڀ کان پهرين اندر اجارڻ تي زور ٿو ڏئي ۽ گڏوگڏ اهائي ٿو هدايت ڪري ته محبوب توکان پري نه آهي، فقط پنهنجي پاڻ کي سندس راهه تي ثابت قدم رک ته هو توکي وصل جو پيالو پياري. سندن موجب ته جيڪي هڪ ئي واحد ڌڻيءَ لاءِ رات ڏينهن هڪ ٿا ڪن هِت هُت پرين کي نٿا ڳولهين. بلڪه اهو ٿا ڄاڻن ته پوريءَ ڪائنات جو وجود ۽ سندن پنهنجو وجود ڌڻيءَ سڳوري جو مظهر آهي هُو ٻاروچو ٻي پار ڪٿي لڪل نه آهي، بلڪه دوست جو ديرو ته سندن اندر موجود آهي، اهو غور ڪندا، تڏهن ئي کين راهه سُجهندي، قران پاڪ ۾ آهي ته “ونحن اقرب اليه من حبل الوريد” (ترجمو) ۽ پوءِ “اسان توکي ساهه جي رڳن کان به ويجها آهيون”. شاهه لطيف پڻ اها ئي وائي وات آندي آهي. هو دنيا جي عظيم مفڪرن مان هو، هن حياتيءَ جي نظام تي، ڪائنات تي، زمين ۽ آسمان تي وڏو غور ڪيو ۽ پوريءَ دنيا کي انهيءَ جي اصل رنگ سان پرکيو. اهو تفڪر ۽ تدبر سان سمجهيائين ۽ اسان کي سمجهايائين ته، زندگي ڇا آهي؟ موت ڇا آهي؟ انسان جي حقيقت ڇا آهي؟ سندس هن دنيا ۾ ڪهڙو مقام آهي؟ کيس ڪيئن حياتي گهارڻ گهرجي؟ انهن ۽ ٻين ڪيترن اهڙن سوالن تي هن سنڌ جي ڏاهي غور ۽ فڪر ڪيو، انهيءَ کان پوءِ اسان کي ٻڌايو ته محبوب پري ناهي فقط ۽ فقط انسان کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي کيس لهڻو آهي. جڏهن هو ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي ته پوءِ پري ڇا لاءِ وڃجي؟
    تصوف شاهه لطيف جي شاعريءَ جو خزانو آهي. جنهن موجب هن عمل تي زور ڀريو آهي ۽ اندر اُجارڻ تي آماده ڪيو آهي. سندس نظر ۾ محبوب جو جلوو پسڻ ئي وحدت جو اعليٰ مقام آهي.
    “جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون”
    تصوف جو موضوع تمام وسيع موضوع آهي، پر مختصراً اهو چونداسين ته تصوف معنيٰ قلب ۾ هڪ نئين قسم جي روحاني تڙپ، صوفين وٽ ڪائنات “عالم اڪبر” آهي ۽ انسان “عالم اصغر” ۽ ڪائنات ۾ جيڪي ڪجهه موجود آهي، تنهن جو اختصار خود انسان ۾ موجود آهي. انسان پنهنجي الاهي اصل کي سڃاڻي حق ۾ حل ٿي سگهي ٿو ۽ جڏهن هو انهيءَ منزل تي پهچي ٿو، تڏهن کيس هر صورت مان حق ئي حق پسبو آهي. ٻين لفظن ۾ هڪ مشهور حديث موجب ته “جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو”. شاهه لطيف انهيءَ کي هن ريت ٿو بيان ڪري:
    پُنهوُن ٿِيس پاڻيهي، وِيو سَسئيءَ جو سِينگارُ،
    مَنُ عَرَفَ نَفسَهَ فَـقَد عَرَفَ رَبهُ، اِهو ئي اُچار،
    جو وِندرَ ۾ واپارُ، سو سودو سَرِيس هِتهَيِن.

    (سسئي آبري، 5-5)
    “سچو صوفي اهو آهي جو ڪدر (ميراڻ) کي ڇڏي ڏئي” صفا جي معنيٰ ئي آهي روشن ۽ ظاهر. مٿي اڳ ۾ ئي ڄاڻايو اٿم ته تصوف هڪ وسيع مطلب وارو موضوع آهي “حقيقي تصوف مذهب جو روح، اخلاق جي جان ۽ ايمان جو ڪمال آهي ۽ جنهن جو بنياد شريعت آهي” صوفياڻو تصور هر مذهب جو حصو رهيو آهي. اسلامي تصوف جي شروعات رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي زندگيءَ جو نمونو شمار ٿئي ٿي. سندن حياتي تزڪيه تفس ۽ تصفيه قلب جو اعليٰ مثال رهي. ان کان پوءِ چار ئي خليفا جنهن ۾ خاص طور حضرت علي رضه ته تصوف جا سرچشما هئا. هو نفس سان جهاد ڪندڙ هئا. کانئن پوءِ “عشره مبشره” ۽ پوءِ “اصحاب صفه” (اصحاب صفه چبوتري، صفه جي ويجهو ويهڻ وارا اصحاب جيڪي تمام گهڻا عبادت گذار هئا) مٿيون دور تصوف جو پهريون دور آهي ۽ ٻيو دور تابعين جو يعني 34 هجريءَ کان شمار ٿئي ٿو. جنهن ۾ ٻه اهم هستيون حضرت اويس قرني ۽ حضرت حسن بصري رحه اچن ٿا ۽ ٽيون دؤر تبع تابعين 151هه کان 350هه تائين صوفي ابو هاشم بي بي رابعه بصري، حضرت ذالنون مصري، بايزيد، بسطامي، جنيد بغدادي، داتا گنج بخش، حسين بن منصور حلاج، حضرت ابوبڪر شبلي اچي وڃن ٿا. متاخرين جي دور ۾ شيخ علي بن عثمان حلاجي، حضرت امام غزالي، شيخ محي الدين ابن اڪبر، حضرت مولانا جلال الدين رومي، امام ابوالقاسم القيثري (رسالي قثيريه جو مالڪ) حضرت ابوالعباس محمد شفائي ۽ ٻيا آهن. (داتا گنج بخش جو ڪتاب “ڪشف المحجوب” اهلِ طريقت وارن وٽ تصوف جو ماخذ قرار ڏنل آهي. مٿين ترتيب سندن انهيءَ ڪتاب مان ورتل آهي)
    مطلب ته ننڍي کنڊ ۾ اسلام جي انهن عالمن جو وڏو چرچو هو. شاهه لطيف مولانا روميءَ کان گهڻو متاثر هو ۽ پاڻ سان گڏ روميءَ جي مثنوي رکندو هو. پاڻ ساڳئي رنگ ۾ رنڱيل وحدت الوجودي سلسلي جو شاعر شمار ٿئي ٿو. پاڻ تصوف جي ترقيءَ جي چئني منزلن کي پنهنجي ڪلام ۾ اشارن طور توڙي واضح نموني ڄاڻايو اٿن.
    ساري سک سبق، شريعَتَ سَندو سُهڻي،
    طريقَتان تِکو وَهي، حَقيِقتَ جو حَق،
    معرفَتَ مَرَڪ، اصل عاشِقَنِ جو.

    (سهڻي، 3-10)
    شريعت بنا اڳتي وڌڻ شاهه صاحب موجب محال آهي. انهيءَ پهرين منزل کي وضاحت ڏيندي چون ٿا ته،
    وحَدهُ لا شَرِيڪَ لَہُ، چَئِي چَوَندو آءُ،
    فَرضَ، واجبَ سُنتون، تنيوءِ تَرڪُ مَ پاءِ،
    توبهه سَندِي تَسبِيح، پَڙهَڻ ساڻِ پُڄاءِ،
    نانگا پنهنجِي نفسَ کي، ڪا سنئين راههَ سُونهاءِ،
    ته سَندِي دوزخ، باهِه، تو اوِڏيائي نه اَچي.

    (ڪلياڻ، 1-4)
    شاهه صاحب موجب، طريقت جو طريقو نفس کي ماري ان مان لالچ لوڀ ڪڍي گمراهيءَ کان بچڻ آهي. جنهن لاءِ طالب کي پنهنجي طلب کي مخفي رکي مطلوب ٿي منزل تي رسڻو آهي. مولا کي ملڻ لاءِ ڪروڙين رستا آهن. جيترا روح ايترا رستا. پر جيستائين پنهنجو پاڻ کي فنا نه ڪبو، تيستائين عشق الاهي جو مچ ازخود نه ٻرندو. ان ڪري اهڙي ديدار جي تڙپ پيدا ٿئي جو هر شيءِ ۾ حق جو جلوو نظر اچي.
    تَن تَسبيح مَنِ مڻيوُ، دِل دنبورو جَنِ،
    سي ستائي سُونهن، نِنڊَ عِبادتَ جَنِ جي.

    سالڪ جڏهن حقيقت جي منزل لاءِ پير ٿو ڌري، تڏهن هو پنهنجي پاڻ کي ٿو سڃاڻي سندس اڳيان سڀ حقيقتون ظاهر ٿي پون ٿيون. محبوب ۽ سندس وچ جو ويڇو گهٽجي ٿو. شاهه لطيف مطابق ته سچا سالڪ پنهنجي وجود جو ورق ورائي، سِسِي نيزي پاند اڇلي، سوريءَ سورانگهڻ لاءِ هڪيا تڪيا ويٺا آهن. کين دلدار جو ديدار گهرجي هو بنا ڪنهن وسيلي جي نينهن جو نالو وٺي پرينءَ جي پار پهچن ٿا.
    پُڇن جي ميهارَ کي، پُڇي سي ميهار،
    تُر هَو تَنِين بارُ، عِشقُ جَنين کي آڪَرو.

    (سر سهڻي، 1-31)
    معرفت جو سرمو جنهن جي اثر سان اکيون حقيقي حسن بنا ڪجهه به نٿيون ڏسن، سالڪ جي آخري ۽ اهم منزل آهي. هتي الاهي اسرارن ۽ علمن جي بارش آهي، شروع ۾ جا ڪثرت هئي سا وحدت ۾ تبديل ٿي ويئي اصل شيءِ اها هڪ آهي، باقي سڀ انهيءَ هڪ سان ئي جڙيل آهي. فرمائي ٿو.
    پَڙاڏو سوئي سڏُ، وَرَ وائيءَ جو جي لَهين،
    هُئا اَڳهَين گَڏ، ٻڌڻ ۾ ٻَه ٿيا.

    (ڪلياڻ، 1-22)
    شاهه لطيف جي سڄي ڪلام ۾ تصوف جي سڀني مسئلن کي سهڻائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. تصوف جا سڀ سلسلا ڌڻيءَ در جي رستي جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ پنهنجي رب جي وحدانيت جي گواهي ڏين ٿا. شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت جي جدا جدا منزلن، قضا ۽ قدر، رضا ۽ تسليم، تجلي ۽ بيخوديءَ جا ڪيترائي اشارا شاهه جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا.
    تصوف جي منزلن، طلب، عشق، معرفت، استغنا، توحيد، حيرت ۽ فنا جي حوالي سان سالڪ کي پاڻ کي فنا ڪري بقا ۾ سمائڻ جي تلقين ڪيل آهي. سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ خاص طور قرآني آيتن ۽ حديثن سان سينگاريل آهن يا ٻين لفظن ۾ سندن اهي بيت قرآني آيتن جيان دنيا ۽ آخرت جي رازن کي کولي بيان ڪن ٿا. شروع جي پنجن سُرن ۾ تصوف جي اصولن، حڪمن ۽ رڪنن جو مڪمل اڀياس آهي ۽ سر ڪيڏارو تائين اهي سالڪ ذڪر ڪيل آهن. جيڪي تصوف جي تعليم تي عمل ڪن ٿا ۽ آخر ۾ سر آسا سندن سڄيءَ تعليم جو نچوڙ آهي. سندس سڄي رسالي جو پيغام ڪنهن خاص طبقي ۽ مذهب لاءِ نه، پر پوريءَ انسانذات لاءِ آهي، جنهن کي جيترو به پڙهبو ۽ پروڙبو ايترو مَنِ شانت ٿيندو، دِل مان نراسائي نڪرندي ۽ ماڻهو ماڻهپي ڏي موٽندو.


    قاضي ويٺو آهي قلب ۾

    اَڻ چوندن مَ چَؤُ، چُوندِن چَيو وِسارِ،
    اٺ ئي پَهَرَ ادب سين، پَرِ اِهائي پارِ،
    پايو منهن مُونَنِ ۾، غَربتَ ساڻُ گُذارِ،
    مُفتِي منجهه وِهارِ، ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿِيِين.

    (8-23، يمن ڪلياڻ)
    شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو هڪ هڪ لفظ ڄڻ املهه موتي ۽ هڪ هڪ سٽ لاجواب آهي، جنهن ۾ عميق معنيٰ سمايل آهي. سچ پچ ته من ئي انسان جو سونهون ۽ من ئي قاضي آهي. من جي قاضيءَ يعني “بيدار ضمير”. کان وڌيڪ ڪو به منصف ۽ مفتي نه آهي. چوندا آهن ته، “قاضي ويٺو آهي قلب ۾، ٻين کان ڇا پڇجي” ضمير جو آواز، انساني اندر ۽ ايمان جو آواز آهي. اهو هڪ اهڙو عظيم گيان ۽ ڌيان آهي. جنهن سان پاپ ۽ اگيان کي شڪست ڏيئي سگهجي ٿي، پر فقط هڪڙو شرط آهي ته نيڪ نيتي ۽ اندر جي سچائيءَ سان من جي سجاڳيءَ ۽ آواز تي ڌيان ڌري لبيڪ چئي. بيداريءَ سان حق ۽ باطل جي پروڙ ڪجي، باضمير انسان جو هر قول، فعل ۽ فيصلو انصاف جي ڪسوٽيءَ تي ٻڌل هوندو آهي. وٽس ڪا به شرمساري ڪَرِ نه کڻندي آهي. تحقيق اها ضمير جي پڪار آهي، جنهن جي اثر هيٺ ڪيل فيصلا ماڻهن جي دلين کي اندر جو اطمينان عطا ڪندا آهن. حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ موجب ته، “وويڪ جي واڻي شمشير جوهر کان به تيز آهي.”
    جيئن ته انسان جي طبيعت ٻن قوتن ملڪوتي ۽ بهيمي يعني حيوانيءَ جي اثر هيٺ آهي ۽ مٿس جيڪڏهن پهرين قوت غالب آهي ته هو “فوق البشر” يعني “ڪامل انسان” آهي ۽ اهو فوق البشر، جنهن پنهنجي نفس کي ماري مات ڪري پنهنجي وجود جو ورق ورائي پاڻ کي ڪامل انسان بنايو آهي. تنهن کي بشري عارضن جي فنا ٿيڻ کانپوءِ جيڪو ڪماليت جو درجو عطا ٿئي ٿو، ان جو سبب ئي اندر جي بيداري آهي، جيڪا کيس ڪاڻيارو ٿيڻ کان بچائي، هڪ خاص مقام تي پهچائي ٿي. حضرت داتا گنج بخش علي هجويريءَ موجب ته:
    “الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن ٻانهي تي ڀلائيءَ جو ارادو فرمائي ٿو، تڏهن کيس پنهنجي نفس جا عيب ڏيکاري ٿو.”
    اهڙيءَ طرح منصفانه مزاج رکندڙ شخص جو يقين آهي ته “وڃائي وجود تهان پوءِ تڪبير چوڻ” سان ئي هو اصلي عدالت ۾ اگهبو، من جي موتيءَ کي سچائيءَ سان جرڪائڻ جو عمل ڏکيو ۽ اڙانگو ضرور آهي. اها شعوري ڪوشش هر ڪنهن جي وس جي ناهي. پر ته به هن دنيا ۾ ڪيترائي ارادن جا اٽل، عزم ۽ همت جا پيڪر پيا آهن جن لاءِ “ڇپر ڇاڙڪي آهي”، هو سچ جي واٽ جي ڳولها ڪندي سک سان نٿا سمهن. هو مقصدي واٽ کي ترجيح ڏيندي لبيڪ چئي اڙانگن رستن تي ٿا هلن.
    سکن واري سڌ، متان ڪا مُون سين ڪري،
    اندر جنين اڌ، ڏُونگر سي ڏورينديون.

    قلب ۾ جهاتي پائي پنهنجو محاسبو ڪرڻ وارن اهڙن ڪاپڙين جي هن ڪلجڳ ۾ ڪمي ڪانهي، پر ڪئين بي ضمير سندن رستن ۾ رڪاوٽون وجهي، پٿر ۽ ڪنڊا وڇائي کين طرح طرح جون مشڪلاتون ٿا ڏين. اهي حيوان سچ ۽ انصاف جي واٽ جا ويري آهن، پر سچ هميشه کان امر رهيو آهي ۽ رهندو. ضمير جي اَمُلهه ۽ اثرائتي آواز جي بدولت سقراط زهر جو پيالو پيتو، حضرت حسين عليه السلام سر ڏيئي سرهو ٿيو ۽ اهڙا گهڻائي گهوٽ اڻ موٽ هن دنيا ۾ ٿي گذريا، جن مقصدي واٽ تي هلڻ لاءِ تَنَ، مَنَ ۽ ڌَنَ قربان ڪيا. اها روشني کين مَنَ جي سچائيءَ، سجاڳيءَ، غور ۽ فڪر جي سبب نصيب ٿي. واقعي “جڏهن اسين پنهنجي اندر جي ديوتا جي ڳالهه مڃيون ٿا، تڏهن اسان جي خيال، وچن ۽ ڪرم Thought, word, Dead ۾ پويترتا اچي ٿي. تڏهن ئي اسان کي روشني ملي ٿي.”
    دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ انسان کي جيڪا مهان ۽ عظيم شڪتي محسوس ٿي. هن انهيءَ کي ئي پنهنجو خدا تسليم ڪيو، پر اڳيان هلي سندس رهنمائيءَ لاءِ گهڻائي رهبر، رهنما، ڏاها، عالم، پيغمبر ۽ پيامبر آيا، جن کين الاهي روشني عطا ڪئي. ڪيترائي مذهب وجود ۾ آيا. جيئن: اسلام، هندو ڌرم، عيسائيت، يهوديت، جيني ڌرم، سک ڌرم، ٻڌ ڌرم وغيره.
    سڀني مذهبن جي تعليم ۽ تحقيق کانپوءِ انسان انهيءَ نتيجي تي پهتو، ته بيشڪ ڪا ڪائناتي قوت آهي، جيڪا هر هنڌ حاضر ۽ ناظر آهي. جنهن کي ڀل “خدا”، “ايشور” يا “گاڊ” جو نالو ڏيون، پر حقيقت ۾ اها قوت انسان کان مٿي ۽ سڄيءَ دنيا جو سرشتو هلائيندڙ آهي. ۽ تحقيق اها قوت انسان جي اندر پڻ موجود آهي. صرف ڌيان، گيان، سوچ ۽ نيڪ نيتيءَ جي ڳولها سان کيس لهي سگهجي ٿو. مَنَ جي عدالت جو حساب ڪتاب ڪري پاڻ کي پرکي کيس پائڻو آهي. اسلام موجب ته الله تعاليٰ ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي. هو دلين جا حال ڄاڻندو آهي ۽ اندر جي صفائي ۽ پليتائي پرکيندڙ آهي. انساني نفس شيطاني قوتن سان گَڏَ اعليٰ بشري خاصيتن سان نوازيل آهي. هندو مذهب موجب، ايشور “نرگڻ” به آهي ته “سگڻ” به آهي، ايشور کي ڏسي نٿا سگهون پر چاهيون ته ڏسي سگهون ٿا. يعني “جيڪڏهن، دل کوٽي آهي ته عذر گهڻا” جي مصداق اهو سڄو دل جو حساب ڪتاب آهي.
    هتي ته دوست جو ديرو دل ۾ آهي، رڳو، نائي نيڻ نهارڻ جي قوت پيدا ڪرڻي آهي. ايشور جي وڏي ۾ وڏي رچنا/تخليق انسان آهي ۽ انسان جي وڏي ۾ وڏي رچنا پرارٿنا يعني عبادت آهي. دنيا ۾ ڪيترائي مذهبي ڪتاب آهن، جن جو مول متو عبادت ۽ ڀلائيءَ ڏي راغب ڪري ٿو. خاص طور قران پاڪ، بائيبل، ويد، پراڻ، اپشند، رامائڻ، مها ڀارت، گيتا، ڌمپڊ، ڪلپ سوتر، ٽين ڪمانڊمينٽس، گروگرنٿ، تاڻو تيه چنگ، زند اويستا، بوڪ آف اسپرنگ ۽ آٽم وغيره. سڀني جي فلاسافي سچ، سونهن، اندر جي صفائي، دان ۽ ديا تي ٻَڌل آهي، جنهن مطابق سماج ۾ رهي ان کي روحانيت بخشڻي آهي ۽ سڀ عبادتون پالڻهار جي گڻن ڳائڻ سان گڏ اهو ٿيون ڄاڻائين ته هُو هر هنڌ حاضر ناظر هئڻ سان گڏ انساني اندر ۾ شامل آهي. اندر جو آواز ڪن ڏيئي سوجهڻ سان سندس جلوو انساني اندر ۾ شامل آهي. اندر جو آواز ڪن ڏيئي سوجهڻ سان سندس جلوو سامهون ايندو. شاهه ڀٽائي انهيءَ نقطي کي هن ريت ٿو واضح ڪري،
    هوتُ تُنهنجي هَنج ۾، پُڇين ڪوهُه پَهِي،
    “وَفِيۡ اَنفُسِکُم اَفَلَا تُبصِرُونَ”، سُوجهي ڪَرِ سَهِي،
    ڪڏهن ڪا نَه وَهِي، هوتُ ڳولهڻ هَٽَ تي.

    (5-12، سسئي آبري)
    پنهنجي اندر ۾ ڳولها ڪري محبوب کي لهڻ لاءِ غور و فڪر ئي وڏو مقام آهي. “افلا تبصرون” يعني ڇا توهان نٿا ڏسو؟ مطلب ته اها بصارت کپي جيڪا عام جي ڏسڻ جي نه آهي هتي ته سوجهڻو آهي. ڪائنات جي مطالعي ۽ مشاهدي کان اڳ ۾ پنهنجو مطالعو ۽ مشاهدو ڪرڻو آهي. پاڻ کي فتح ڪري. آتما کي سڃاڻڻ يا انساني اندر جو اڀياس، مطلوب کي طالب جي ويجهو آڻي، اندر جا ڪٽ ڌوئي کيس پاڪ صاف ڪري ٿو.
    دُودُ دل تان دُور ڪري، ڪَرِ ساڄَنَ صفائي،
    “مَنۡ لَا شَيۡحَ لَہُ فَشَيۡخُہُ الشَيطانُ” ان رِيءَ اونداهي.

    (2-4-ديسي)
    اندر جو آواز صرف روحاني سجاڳيءَ نه، پر حياتيءَ جي هر مسئلي ۽ هر پريشانيءَ جو نبيرو ڪندڙ آهي، جنهن ۾ اسين ٻين سان اها هلت ڪنداسين جيڪا اسين پاڻ لاءِ بهتر سمجهنداسين، پوءِ ئي اسان جو ضمير سجاڳ ضمير شمار ٿيندو. قلب جي آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏسڻ سان ئي روح مطمئن ٿيندو. هڪ ڏاهي موجب ته “سڪون سان سمهڻ لاءِ نرم وهاڻو نه پر سجاڳ ضمير گهرجي” سو سچ جي حمايت، غلط ۽ صحيح جي پرک ۽ ضمير جي ندا کي لبيڪ چئي سهڻ جي جرئت، هئڻ ئي انسانيت جي عظمت آهي.


    مِٽيءَ لَڌو مَانُ : (شاهه جي رسالي جي مقبوليت جا سبب)

    ساري راتِ سُبحان، جاڳي جَن يادِ ڪَيو،
    اُن جي عبداللطيف چي، مِٽيءَ لَڌو مانِ،
    ڪوڙيين ڪَن سلامُ، آڳهه اچيو اُنِ جي.

    (سريراڳ، 2-2)
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي شاعرن جو سرتاج شاعر آهي. پوريءَ دنيا ۾ سندس نالو هنڌين ماڳين مشهور آهي. بلڪه سنڌ جي سڃاڻپ ئي شاهه سان آهي. سندس ڪلام نه فقط سنڌ واسين ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پر پوريءَ دنيا لاءِ هڪ عظيم سرمايو آهي. هيءَ شاعري هڪ اهڙو اڻ کٽ خزانو آهي. جنهن جي مقبوليت ۽ معروفيت ۾ اڄ صديون گذرڻ کان پوءِ به تِر جيتري به ڪمي نه ٿي آهي. شاهه سائينءَ زندگيءَ جي بي انت سمنڊ جي پاتار ۾ پيهي فاني شين مان لافاني ۽ وقتي ڳالهين مان آفاقي ۽ ازلي حقيقتون سامهون آنديون آهن ۽ انهيءَ جي ڪري ئي اڄ سندس شعر جي تجليءَ سان سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻولي چلڪي ۽ چمڪي رهي آهي. هتي اهو نڪتو غور طلب آهي ته سنڌ خطو ته ڪيترن نالي وارن شاعرن سان سينگاريل آهي. پوءِ آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جو شاهه لطيف جي شاعريءَ جو تراڙو سڀني شاعرن کان ڳرو آهي؟ پوريءَ دنيا جي ڪيترن عالمن ۽ محققن پڻ لطيف شناسيءَ تي ڪم ڪيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ سڀ کان وڌيڪ جيڪو لکيو ويو آهي اهو شاهه لطيف جي بابت ئي آهي، آخر سندس ايڏي مقبوليت جا ڪهڙا سبب آهن؟ ڏٺو وڃي ته اهو هڪ تمام تفصيل طلب موضوع آهي، جيڪو هڪ مختصر مقالي/ مضمون ۾ آڻڻ مشڪل آهي پر ته به هن مضمون معرفت آئون پڙهندڙن جي خدمت ۾ ڪي نڪتا پيش ڪيان ٿي، جن سان کين اها خبر پوندي ته لطيفي فن جي مقبوليت جا ڪهڙا اهم سبب آهن.

    شاهه لطيف جي شاعريءَ جي مقبوليت جا سبب
    1. شاهه عبداللطيف جي شاعري عوامي شاعري آهي، جنهن ۾ لوڪ جي جيوت جا عڪس چٽا موجود آهن.
    2. لطيف جو پيغام محبت جو پيغام آهي.
    3. مجازي عشق سان سلهاڙيل حقيقي عشق ۾ فنا ٿيڻ جي آفاقي شاعري آهي.
    4. شاهه لطيف جو ڪلام سنڌي ٻوليءَ جي لغت جو خزانو آهي.
    5. شاهه جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن جو ذڪر تمام سهڻائيءَ سان موجود آهي.
    6. شاهه سنڌ جي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ سماجي قدرن جي اپٽار ڪئي آهي.
    7. لطيف جي شاعريءَ ۾ موسيقيت آهي.
    8. لطيف انسان دوست شاعر آهي.
    9. شاعراڻيون خوبيون بي مثال آهن.
    10. لطيف نيڪ نيت بزرگ هو تڏهن ئي سندس مٽيءَ مانُ لڌو ۽ اڄ ڪيترائي عالم، فاضل، پڙهيل، اڻ پڙهيل، غريب ۽ امير سندس در تي سلامي آهن.

    1. شاهه جي شاعري عوامي آهي ۽ پوري عوام جي اندر جو آواز آهي.
    شاهه لطيف پنهنجي دور جي مُروج شاعري جنهن ۾ قصيده گوئي ۽ عيب جوئي به شامل هئي کان پرهيز ڪئي، هن صوفي بزرگ ڪائنات جي هر شيءِ ۾ بهتريءَ جو عڪس ڳولهيو هن جي آئيڊيالاجي ڪائناتي آهي. هن هر عام کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو هر معمولي کان معمولي شيءِ کي به نظرانداز نه ڪيو. سئيءَ جهڙي معمولي شيءِ جنهن ڏي ڪنهن به شاعر جو خيال جيڪر نه وڃي ان کي به شاهه لطيف اوچو مقام ڏنو. سُئي جا پاڻ اُگهاڙي آهي، پر ڪروڙين، اربين انسانن جي شرافت، پاڪدامني ۽ پردي جي امين ٿي اُگهاڙن جي اوگهڙ ٿي ڍڪي، تنهن جي حيثيت شاهه صاحب وٽ بادشاهيءَ کان به وڌيڪ آهي ۽ ابر (سئيءَ) جي وصفن کي سمجهڻ لاءِ سندن موجب هڪ زندگي ڪافي نه آهي فرمائي ٿو ته:
    پاڇاهي نَه پاڙِيان، سرتيوُن سُئيءَ ساڻُ،
    ڍَڪي اُگهاڙن کي، ڪِين ڍَڪيائِين پاڻ
    ٻِيهر ڄاپِي ڄاَڻِ، ابِرَ جي اوصافَ کي.

    (مارئي، 7-14)
    عوامي ٻولي ،عوام جا رسم ۽ رواج سندن خواهشون، ڪرتون، محبتون، نفرتون، مطلب ته هُن هر جذبو، ڄاڻايو آهي. سندس شاعري سنڌي قوم جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت جيان تحليل ٿيل آهي، هو پنهنجي موقعن مهلن، مرڻن، پرڻن هر هنڌ تي شاهه جي شاعريءَ کي جهونگارين ٿا. شاهه جا بيت پڙهي دُعائون گهرن ٿا، شاهه جي شاعري ميڙن ۽ محفلن ۽ ٻين هنڌن تي ڳائين ٿا. مطلب ته سنڌي قوم شاهه لطيف کان تمام گهڻي متاثر آهي. خاص طور سنڌ جي وڏي آبادي يعني عام ماڻهن وٽ شاهه جي بيتن جو واهپو وڌيڪ آهي. ته پڙهيلن وٽ وري پنهنجي حساب سان شاهه جي شاعريءَ جي هڪ خاص حيثيت قائم آهي.

    2. لطيف جو پيغام محبت آهي. ڀٽ ڌڻي هڪ امن پسند انسان هو. سندس ڪلام ڄڻ ته قرآن پاڪ جو تفسير آهي. سندس ئي لفظن ۾ ته، “جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهين” هو محبت جي جذبي سان هر هنڌ سرشار نظر اچي ٿو، عشق جي اُمنگن جو ترجمان ٿو ڏسڻ ۾ اچي. سندس ڪلام جي ڪماليت جو وهڪرو وڏو آهي. مارئيءَ جي ملير لاءِ محبت پنهنجي قوم ۽ ملڪ سان محبت تي اُتساهي ٿي. وٽس محبت جو تصور آفاقي آهي. انسانيت سان محبت لطيف جي هر بيت، هر سِٽَ مان پسجي پيئي. استنبول، چين، سمر قند، بيڪانير ۽ ڍٽ جهڙن هنڌن سان گڏ سڄيءَ سنڌ لاءِ، ۽ پوري عالم لاءِ خوشحاليءَ جون دعائون ٿو گهري. انسانذات کي پيار، محبت ۽ ماڻهپي جا سبق سيکاريندي کين پکين جي پريت جا مثال ٿو سمجهائي.
    وَڳرَ ڪيو وَتنِ پِرتِ نَه ڇِنَنِ پاڻَ ۾،
    پَسو پِکيئڙَن ماڻهنِئان ميٺ گهڻو .

    (ڏهر، 4-5)

    3. مجازي عشق/ حقيقي عشق ۾ فنا ٿيل آفاقي شاعري، شاهه صاحب کي جوانيءَ ۾ ئي مجازي عشق جي چپيٽ لڳي ۽ هو عشق جي منزلن تي رچي ريٽو ٿيو. سندس شاعريءَ ۾ اهي جلوا چڱيءَ طرح نمايان آهن، عشق مٿس اهڙو غلبو ڪيو جو هو محو ٿي ويندو هو ۽ بِرهه جي باهه ۾ پچڻ بعد حقيقي عشق جو سفر شروع ٿيس. ايئن مجازي عشق مان لنگهي حقيقي عشق تائين پهچڻ ۾ هن اهڙي ته شاعريءَ جي پلٽ پلٽان ڪئي جو سڄي سنڌ سيراب ٿي ويئي. هن جو عشق آدرشي آهي. اهو عشق فقط پنهنجي پالڻهار سان نه آهي، پر سندس ٺاهيل سڄيءَ ڪائنات سان آهي، ڪائنات جي ذري ذري سان آهي. ان عشق ۾ جڳ جي خوشي ۽ خوشحاليءَ جي طلب آهي، هي اهڙو عشق آهي، جنهن ۾ پنهنجي هستيءَ کي نابود ڪرڻو آهي، هتي پنهنجي زندگيءَ جي تِرَ جيتري به حيثيت ناهي هتي ته نياز، نئڙت ۽ نماڻائي هٿيار آهي. هٺ، تڪبر، وڏائي ۽ دنيا جي لوڀ وارو عشق وڪائو عشق آهي. شاهه وارو عشق ان جي ابتڙ آهي. ان آڪري عشق ۾ ڪو ترهو ڪونهي هي اهو عشق آهي، جنهن ۾ عاشق پنهنجو پاڻَ کي پاڻَ سان نه کڻن.
    نَه ڪِي کڻَن پاڻ سِين، نه ڪو ساڻُن پاڻُ،
    اهڙا جَنِ اَهڃاڻَ، آئُون نه جِيئَندي اُنِ ري.

    (رامڪلي، 1-31)
    پرينءَ کي پسڻ جي اُڪيرَ اها آهي، جنهن ۾ دنيا قيد خانو لڳي. عشق ۾ سُوري چڙهڻ سر قربان ڪرڻ ئي حقيقي عشق جي منزل آهي، چوي ٿو ته:
    عِشق نَه آهي راندِ، ته ڪِي ڪَنِس ڳَڀرُو،
    جِيءَ جَسي ۽ جان جي، ڀَڃي جو هيڪاند،
    سِسِي نيزي پانِد، اُڇِل ته اَڌَ ٿِيئي.

    (يمن ڪلياڻ، 6-19)
    شاهه صاحب جو سارو رسالو عشق ئي عشق آهي. سندس ڪلام جو فڪري بنياد ئي عشق ٿو ڏسجي ۽ سندس عبادت به عشق آهي. اهلِ تصوف جي منزلن موجب حقيقي طالب به اهو آهي. جو عشق جي آرزوءَ ۾ فنا ٿي پنهنجي آخري منزل تي پهچي ٿو، تڏهن هن وٽ سڀن طرف محبوب ئي محبوب آهي هو هُن جو عاشق پڻ آهي ته معشوق پڻ. شاهه سائين هر دم پنهنجي پرينءَ ڏي متوجه رهڻ کي ترجيح ڏيندي چوي ٿو:
    هَٿنَ سِين هاجَ ڪَر، نيڻَنِ سين نِهارِ،
    اُڀا اڱڻان پارِ، پَسُ پنهنجا سُپرين.

    (سُر آسا، 4-6)

    4. شاهه جو ڪلام سنڌي ٻوليءَ جي لغت جو خزانو آهي. شاهه صاحب جي شاعريءَ جي مقبوليت جو هڪ سبب اهو به آهي، ته سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي گهڻن علائقن جا ڪردار آهن، هُن انهن ڪردارن جو اونهو اڀياس ڪيو آهي. سندن واتان چوايل شاعريءَ ۾ شاهه صاحب انهيءَ هنڌ ۽ مڪان جي ٻوليءَ، ماحول ۽ سماج جي مجموعي نفسيات کي نظر ۾ رکيو آهي. انهن جي زندگي ۽ واقعن کي بيان ڪرڻ مهل هو پاڻ انهن ۾ پيهي ويو آهي، جڏهن لطيف مارئي بڻجي عمر کي ايلاز ٿو ڪري، جڏهن پنهنجي ٿر واسين جي ياد ۾ ڳچ ٿو ڳاري، تڏهن ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ لطيف ٿر جو اڻ ٽُٽِ حصو آهي. ٿر جي ٻولي سندس هر بيت جو حصو ٿيل نظر اچي ٿي. ساڳيءَ ريت هُن ٻين ڪردارن جي علائقن جي ٻوليءَ جو استعمال اهڙو ئي سهڻو ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، ان کي عالمن لاڙي ٻولي ڪوٺيو آهي، پر ڏٺو وڃي ته رسالي جي ٻوليءَ ۾ وڏي وسعت آهي. ان ۾ ايترو عظيم سنڌي لغت جو خزانو موجود آهي، جو اها ڪنهن هڪ طبعي ڀاڱي ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي نه، پر سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن جو ميلاپ آهي. شاهه صاحب سڄي سنڌ گهميو ۽ سنڌ کان ٻاهر ويو سندس حافظو ۽ مشاهدو مضبوط هو. هن هر لهجي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ موقعي جي مناسبت سان آندو، ڊاڪٽر الانا صاحب لکي ٿو ته:
    “هن سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار لهجن، جهڙوڪ: اترادي، وچولي، لاڙي، ٿري، ڍاٽڪي، پارڪري، ماڃري، کارائي، منڇري، دريائي، ڪوهستاني جي ڪاڇي واري لهجي کان سواءِ لاسي، جدگالي ۽ فراقي لهجن کان سواءِ، ميواڙي، مارواڙي، جيسلميري ۽ ڪڇي ٻولين جي لغوي خزاني کي به پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو. شاهه صاحب ان ساري ٻوليءَ جي خزاني کي سنواريو، سڌاريو، ان ۾ نواڻ آندي ۽ سنڌي زبان کي هر لحاظ کان وسيع، مائيدار ۽ شاهوڪار بڻايو.”
    مطلب ته شاهه لطيف جي ٻوليءَ ۾ وسعت آهي، تنهن ڪري سندس ڪلام لغت جي اڻ کٽ کاڻ آهي. سڄي شاعري عميق، مائيدار خيالن ۽ معنيٰ دار لفظن جو خزانو آهي ۽ گڏوگڏ شاعراڻين خوبين وزن، قافيو، محاڪات، مصوري، تخيل ۽ حسن سان ڀرپور آهي. کين عربي، فارسي ۽ علم عروض جي ته مڪمل ڄاڻ هئي پر گڏ جدت، جوش، فصاحت، بلاغت، سلاست، تشبيهون، استعارا ۽ لطافت سندس شاعريءَ جو مَرَڪ آهن.

    5. تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن جو ذڪر: سنڌ جا لوڪ رومانوي داستان شاهه جي رسالي جو شان آهن. سهڻيءَ جي سچي سڪ، سسئيءَ جا سور ۽ سوز، ليلا جي لوچ پوڇ، مومل جو ماندو ٿيڻ، مارئيءَ جي محبت، نوريءَ جي نئڙت ۽ سورٺ جي قربانيءَ کي شاهه لطيف مانائتو ڪيو آهي. اهي رائج قصا ۽ داستان کانئن اڳ به سنڌ جي سگهڙن ۽ شاعرن ڳائي وڄائي پيش ڪيا هئا پر شاهه لطيف انهن کي اهڙي ته سوز ۽ سهڻائيءَ سان بيان ڪيو آهي، جو اهي مڪمل طور لافاني حيثيت اختيار ڪري ويا آهن. ان کانسواءِ مورڙي جي بهادري، ڏاهپ، سمن ۽ سومرن جي دور جي سخي سردارن کي مڃتا ڏيڻ، ڪربلا جي واقعي کي بيان ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم واقعن کي شاهه صاحب امر ڪري ڇڏيو آهي.

    6. سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي اپٽار: جي حوالي سان جيڪڏهن شاهه جي رسالي کي ڏسبو ته صدين جي سنڌ جو ثقافتي چِٽ چِٽيل نظر ايندو. سندس شاعري سنڌي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ سنڌ واسين جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي عين بين تصوير چٽيل آهي. انساني زندگيءَ جون ضروري اهم شيون جيڪي تهذيب تمدن ۽ ثقافت جي دائري ۾ اچن ٿيون، جيئن کاڌ خوراڪ، لباس، رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون ۽ رواج، روحاني ترقي، نسلن جي ارتقائي تاريخ، ٻوليون، مذهب، جاگرافيائي حالتون، معاشي حالتون، تاريخي ورثا، مذهبي قدر ۽ ڀروسا ان سان گڏ ملڪن ۽ قومن جون سماجي، معاشي ۽ علمي حالتون ۽ فن لطيف ئي قومن جي ثقافت ۽ تهذيب جي اپٽار ڪن ٿيون.
    شاهه لطيف جي شاعري انهن سمورين حالتن جو هڪ اونهو اڀياس آهي. جيڪڏهن فقط اهو چئجي ته شاهه جو رسالو سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو دستاويز آهي ته بلڪل بجا ٿيندو. هن سنڌ ڌرتيءَ جي هر طبقي، هر ڳوٺ، وستيءَ واهڻ، مُندن موسمن، دريائن، سمنڊن، ساهوارن، ماڻهن جي روين، حالتن ۽ ڪمن ڪارين جو مڪمل جائزو ڏنو آهي. جيئن:

    1. سرها ڏٺم سي، جن ساڃاهه سراڻ سين،
    2. اڄ آڳڙيا آئيا، رُڪ ڪريندا پڌرو،
    3. هلو ته هلون ڪورئين، نازڪ جن جو نينهن،
    4. سر سانداڻ ڪري، پُڇج گهر لوهار جو،
    5. سڙهه سنوان، لاڄو نوان، مهاڻا سندن مير،
    6. سر ۾ سڃڻ ناهه ڪي، موٽ مَ مڱڻهار
    7. جَتا! شالَ! جيو، جيو! تا جاڙون ڪيو.

    مٿي ڄاڻايل حوالن مان اهو اندازو ڪرڻ مشڪل ڪونهي ته شاهه صاحب وٽ لوهار، ڪوري، مهاڻا، مڱڻهار، جَتَ مطلب ڪو به عام ڪرت وارو شخص عام ڪونهي بلڪه مهاڻي کي مير ڪوٺيندي هو فخر ٿو محسوس ڪري ته ڪوري وٽس محبت ۽ عظمت جو اهڃاڻ آهي. اهڙيءَ ريت هن پنهنجي ماڻهن کي پنهنجي لهجي سان ئي پنهنجو ڪيو آهي. کين احساس ڪمتريءَ مان ڪڍيو آهي. ساڳيءَ ريت هن سر زمين جي ريتن رسمن سان به کيس وڏي محبت آهي.

    1. سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون.
    2. مون ماروءَ سين، لڌيون لوئيءَ ۾ لانئون.
    3. پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا،
    4. ڪيچين آئون نه ڪَڙي، ڪنهن ڏکيءَ ڏانوڻ ڏانيو،
    5. ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نير وٽي،

    شاديءَ جي رسمن ۾ سڳڙا ٻانهن ۾ ٻڌَڻ، لانئون ڏيڻ، ڍڪڻ مٿي پير ڏيڻ، جنگي جوڌن جي شهادت تي عورتن جا ڪارا ماتمي ڪپڙا رنڱائڻ، اهي سڀ هتان جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ رسمن جا ذڪر آهن. ساڳيءَ ريت لباس جا ذڪر پڻ هر هنڌ نظر اچن ٿا. لاک رتيون لوئيون، کنهبيون کٿيون، چندنن وارا چوٽا، گلابي گلن جهڙا اميزادين جا ويس، سونا ڪُرَڪَننِ ۾، ڳِچيَن ۾ ڳاڙها هار ۽ ٻيون ريتون رسمون ذڪر ڪيل آهن. ٿر جي کاڌ خوراڪ کي مارئيءَ جي واتان هن ريت ٿو بيان ڪري.
    کاڄ کٿيرن سفرو، سڱر ۽ سائون،
    سا ڪيئن کائي کارڪون،
    جهه کي ڏوُنرا ڏيج ڏنائون.

    ان کان سواءِ مينهون، اٺ، گهوڙا، ٻڪريون، گابا، ڇيلڙا ۽ ٻئي مال کي بيان ڪندي سنڌ کي سکيو ستابو بيان ڪيو اٿائين، ڪيترن هٿن جي هنر جي اوزارن ۽ انهن ڪرتن کي پسند ڪندي سنڌي سماج کي مانائتو شانائتو ڪري اڳيان آندو اٿن، جيئن “پچائي پهاڻ، جن رساڻيو رُڪ کي”، “ويٺو تُن تنيس مک ڏيهاڻي مَڪُڙي”، “سر سنداڻ ڪري، پڇج گهر لوهار جو”، “چوري چنگ ٻنگ لهي، حبيبن هنيون”، “ڪچو ڏيج ڪلال کي، مہ تي موٽائي”، “وڃن مَ وينجهار، پاڻيٺ جي پَرَ کڻا”، ۽ اهڙا انيڪ بيت آهن جيڪي اها شاهدي ٿا ڏين، ته شاهه صاحب سنڌ جي چپي چپي جو ته واقف هو پر هتان جي تهذيب ۽ ثقافت جي حوالي سان هن ملڪ جي ڪنهن به حصي کي نه وساريو آهي، رسالو پڙهندڙ کي نه فقط سنڌ جي ماضي ۽ حال سان واقفيت ٿئي ٿي، پر کيس گهڻو سرور ۽ لذت ٿي حاصل ٿئي ۽ پنهنجي ثقافتي ورثي تي خوشي ۽ اطمينان ٿو محسوس ٿئي انهيءَ ۾ فقط هڪڙو شرط آهي ته شاهه کي ان ريت پڙهجي جنهن ريت پڙهڻ اسان تي حق آهي.

    6. لطيف جي شاعريءَ جي موسيقيت: شاهه صاحب جي شاعريءَ جي ٻين خوبين سان گڏ هڪ اهم خوبي موسيقيءَ جي آهي. سندس شاعريءَ جي لفظن ۾ هڪ اهڙو ترنم ۽ جادو آهي، جيڪو ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ هيءَ شاعري موسيقيءَ جي لئي تي مرتب ٿي آهي. هِڪ هِڪ بيت، هڪ هڪ وائي اهڙي آهي، جنهن کي ڳائي ۽ جهونگاري سگهجي ٿو. شاهه صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ موسيقيءَ جي مختلف راڳن ۽ سازن جي مڪمل پروڙ رکندڙ هو. راڳ سندس جيءَ جو جياپو هو. ان ڪري هُن هڪ راڳ جي اداري جو قيام عمل ۾ آندو. موسيقيءَ جي هند ۽ سنڌ جي جملي اڳين سلسلن کي سهيڙي هُن هڪ نئين راڳ جي روايت کي قائم ڪيو جو هڪ ٽولي جي صورت ۾ ۽ عوامي آلاپن جي اثرائتي انداز ۾ اڀريو ۽ جمع رات تي اڄ تائين ڀٽ تي راڳ جي محفل فقير ڪندا اچن. ان کان سواءِ هن “دنبورو” ساز ايجاد ڪيو. جيڪا سندس منفرد ايجاد شمار ٿئي ٿي. اهو نئون خيال ۽ نئين ايجاد سنڌي فن جي عظمت ٿي نمايان ٿيو. نه فقط راڳ ۽ ساز جي حوالي سان پر لفظن جي ترنم جي لحاظ کان سندس شاعريءَ جي هِڪ هِڪ لفظ ۾ سنگيت جو تال ۽ ترنم آهي.

    8. لطيف جي انسان دوستي: شاهه عبداللطيف انسان دوست شاعر شمار ٿئي ٿو. سندس ڪلام ڏيهه توڻي پرڏيهه پڙهندڙن وٽ اهو ثابت ڪيو آهي، ته هن شاعر جي شاعريءَ ۾ انسانن لاءِ محبت ۽ پيار جا سبق آهن هو پرت ڇنڻ کان پلي ٿو. شاهه جي رسالي ۾ انسان ذات جي ڀلائي ۽ انسان ذات جي زندگيءَ سان لاڳاپيل هر ڳالهه تمام خوبصورت ۽ آسان نموني تمثيلن سان موجود آهي. خاص طور هو سنڌي قوم لاءِ هڪ وڏو نفسيات دان هو. تنهن ڪري کين پنهنجي ماحول مطابق وڙ سان هلڻ جو تاڪيد ڪيو اٿن، عورت جي عزت کي اهميت ڏيندي کيس پاڻ ڀرو ڏيکاريو اٿن. انسان شناسيءَ لاءِ انسان دوستيءَ واري اک ڌارڻ تي زور ڏيندي فرمائي ٿو ته:
    سُرمون سُفيدِيءَ جو، جَڏهن پاتو جن،
    تڏهن ڏِٺي تِنِ اڇائي عالم جي.

    شاهه جو رسالو انسان دوستيءَ جو سڏ آهي. انسان جون داخلي ۽ خارجي ڪيفيتون. فطرت جا اسرار، پاڻ کي سڃاڻڻ، ٻين جي لاءِ ڀلائي ڪرڻ، نفس اماره کي ضابطي ۾ آڻڻ ۽ ٻيا ڪيترائي نُڪتا آهن، جي سندس ڪلام ۾ واضح طور پسي سگهجن ٿا.

    9. شاعراڻيون خوبيون: شاهه جي شاعريءَ جون شاعراڻيون خوبيون بي شمار آهن. جيڪي مٿي تفصيل طور ڄاڻايون ويون آهن، پر خاص طور شاعراڻي شعور جي حوالي سان ڪي خاصيتون اهڙيون آهن، جن جي سبب ڪري لطيف سڀني کان مٿانهون شاعر ٿي اڀريو، سندس شاعري معنوي، ادبي ۽ لساني خوبين جو هڪ اونهو ساگر آهي. هن جو فن ۽ فڪر نه فقط سندس دور جون پر موجوده دور جون به سڀئي گهرجون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سندس شعر سنجيدو، سوادي ۽ سڪ ڀريو آهي. سندس منفرد شاعري اندروني مطلب جي لحاظ کان ڳوڙهين معنائن سان معمور آهي. جنهن ۾ آزادي، انسان دوستي ۽ وطن دوستيءَ جا اونچا تصور موجود آهن ۽ اهو سڀ هن سادگيءَ، سچائيءَ ۽ وڏي جذبي ۽ جوش سان بيان ڪيو آهي. ڪيتريون ئي تشبيهون، استعارا، تجنيسون، محاڪات، فصاحت، بلاغت، نزاڪت، اونهائي، رنگينيون ۽ رعنائيون سندن شاعريءَ ۾ ملن ٿيون. ڪو اهڙو مضمون ۽ موضوع ڪونهي، جو سندس شاعريءَ ۾ نه آيو هجي. سندس فڪر جو پرواز اعليٰ درجي جو آهي. هن وٽ هر خيال جديد ۽ نئون آهي. جدت جي انهيءَ انفراديت سندس ڪلام کي ٻين شاعرن کان ممتاز رکيو آهي. ان کان سواءِ موسيقيت ۽ غنائيت جي اثر انگيزي لاجواب ۽ ٻوليءَ جو استعمال وسعت وارو آهي. هڪ لحاظ کان شاهه جو رسالو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ضخيم انسائيڪلوپيڊيا آهي. جنهن جي دلڪشي ۽ سهڻائي اڄ صدين کانپوءِ به قائم آهي.

    10. نيڪ نيتي ۽ بزرگيءَ جا ڪمال: لطيف سائين هڪ نيڪ نيت بزرگ شخص هو، جنهن جي قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙائي هئي سندس سڄي حياتي هڪ کليو ڪتاب آهي. جيڪو به احوال ميسر ٿي سگهيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه لطيف جهڙو هو پاڻ عظمت وارو اهڙي ئي سندس شاعري آهي ۽ ائين ئي سندس پيغام عظيم، آفاقي ۽ ڪائناتي آهي، هو پاڻ سڄيءَ دنيا لاءِ دعاڳو آهي ته اڄ سندس دَرَ تي ڪيترائي سوالي دعائون گهري کيس ياد ڪري رهيا آهن ۽ الله در ٻاڏائي رهيا آهن ته، “يا رب! هن نيڪ بزرگ جي نيڪين صدقي اسان جون مشڪلون معاف ڪر” ۽ سندن عرض اگهجن پيا. شاهه جي رسالي جي مقبول ٿيڻ ۽ قائم دائم رهڻ جو اهو به هڪ سبب آهي ته هيءَ شاعري دل سان ۽ نيڪ نيتيءَ سان سرجيل آهي ۽ چڱائي هميشه قائم رهندي آهي، نيڪين کي وڏو درجو حاصل آهي ۽ اهي دلين جا درجا آهن جيڪي وڌندڙ ۽ قائم دائم رهندڙ آهن. هيءَ مٽي مانائتي ۽ شانائتي آهي ۽ شاهه جي نگري شاد ۽ آباد رهندي. محققن ۽ پارکن وٽ شاهه جي شاعريءَ جا نوان نوان گوشا روز نمودار ٿيندا ۽ لطيف شناسي وڌندي ۽ ويجهندي رهندي. (انشاءَ الله تعاليٰ)


    الا! جُنگِ جِيئَن

    الا! جُنگ جِيئَن، جَنِين اَجهي گهارِيان،
    شالَ مَ سُڪِي وِيرِي، جئان پِي پِيَنِ،
    مرَڪَڻُ اَکڙِيَنِ، تو ڏِٺي مون سُکُ ٿئي.

    (بلاول-3-2)
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي انساني اعليٰ قدرن جي ترجماني ڪندي زندگيءَ جي هر ان رويي کي همٿايو آهي، جنهن سان انسان ذات کي فائدو پهچي. هو انهن سخي جوانن جي حياتيءَ جو طالبو آهي. جن جي آسري حياتي گهارجي. شل اهي وِيئريون يعني ننڍيون کُهيون به آباد هجن جن مان ايندڙ ويندڙ پاڻي پي اُڃ اجهائين. اهي مَرَڪڻا مرد فخر لائق آهن جن کي ڏٺي اکيون ٺرن، هو سچن سخين کي مڃتا ٿو ڏئي. کيس چڱيءَ پر ڄاڻ هئي ته سخاوت جو جذبو ايمان جي نشاني آهي ۽ سخين کي ڌڻيءَ سڳوري بي حد پسند ڪيو آهي. فرمايل آهي ته، “اِنَ الله جَوادُ يُحِبُ الجَواد” ترجمو “بيشڪ خدا پاڪ سخي آهي ۽ سخين کي پسند ڪندڙ آهي.” سخاوت اعليٰ انساني خوبي ۽ خدائي صفت آهي. هيءُ اُتم جذبو پيغمبرن، نبين ۽ ولين کانسواءِ ڪجهه سچن ۽ نيڪ انسانن جو ورثو آهي. ڏاتار ته ڏيندڙ آهي. اُن ۽ گهرندڙ جي وچ ۾ وسيلو فقط اها “گهرج” آهي. جيڪا گهرندڙ گهري ٿو. ڏاتار ته چاهي ٿو ته کانئس گهريو وڃي، پر جڏهن بندو کيس ڇڏي سکڻن درن جو سوالي ٿو ٿئي، تڏهن هو پاڻان ڏک ٿو ڪري، شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
    ڏاتارَ ڏُک ڪَيا، پاڻان مٿي مَڱڻين،
    “مُون دَر ڇڏيو، مَڱڻا! مَڱيِن، ڪوهُه ٻيا،
    تَڏهِن تو پِئا، وِچان وِلها ڏِينهڙا”.

    (سر پرڀاتي، 1-13)
    خالي ڏينهن انهن کي ئي نصيب ٿيندا جي ڏاتار کي ڇڏي دَرِ دَرِ پنندا. سخاوت ۾ انسانيت جي سونهن سمايل آهي. جاني يا مالي طور ڪنهن به انسان جي لاءِ بغير غرض جي ڪم اچڻ ۽ بي ريا خدمت ڪرڻ به سخاوت آهي. بنا ڪنهن اجوري جي ٻين کي علم عطا ڪرڻ به سخاوت آهي، کوهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ، خدا پاڪ جي ڏنل رزق مان ٻين کي کارائڻ، مدد ڪرڻ، مطلب خلق خدائيءَ جي هر طرح هڙئون ۽ وڙئون ڪم اچڻ سخاوت جا درجا آهن. انهيءَ ڪري شاهه صاحب اِن اڻ ملهه جذبي کي پنهنجي شاعريءَ وسيلي مڃتا ڏيندي بُخل کي ناپسند ڪيو آهي.
    “الا جنگ جِيئَن” مان شاهه سائينءَ جي مراد تمام وڏي ڄمار آهي، ڪيترائي سال، سوين سال يعني شل سندن ڄمار کُٽي ئي نه ۽ سندن نه کٽندڙ حياتي ئي هن ڌرتيءَ جي مخلوق جي خوشي، سڪون ۽ آسائش آهي. اهڙا سخي اُن کوهه جيان آهن جو سخت گرميءَ ۾ اڃايلن جي اُڃ پنهنجي ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ سان ٿو اُجهائي اهڙي کوهي جيڪا واٽهڙن لاءِ خدائي نعمت ۽ رحمت آهي، سا شل ڪڏهن به نه سُڪي ائين ئي سخي مرد پنهنجي ڪٽنب لاءِ، قبيلي لاءِ ۽ سڄيءَ قوم لاءِ ڪارائتا آهن ۽ شل ڌڻي پاڪ منجهن برڪت وجهي ۽ سندس اها ئي دُعا آهي ته اهڙن جُنگ جوانن جي سخاوتن سان سنڌ جي سرزمين سُکي ۽ ستابي هجي. ڀٽ ڌڻيءَ ڪيترن هنڌن تي سنڌ جي سخي ڏاتارن کي مانُ ڏنو آهي. جادم جکرو ته سندس نظر ۾ سخاوت جو صاحب هو. ڄڻ سنڌ جو حاتم هو. سمن جي هن سرتاج کي ته هو مخاطب ئي ٿيئي ٿو نه، “سماتو سر ڇٽ، نات پاڳارا پُرس ٻيا”، شاهه لطيف جي نظر ۾ سرداريءَ جي قابل ۽ پڳ جي قابل فقط سمو سخي سردار آهي کيس ئي پڳ سونهي، سمي جهڙو ڪو ٻيو ڪونهي فرمائي ٿو ته:
    جَکرو جَس کَرو، ٻيا سڀ اَنِيرا،
    جئائين جُڙيو جَکرو، تِئائين نَه ٻِيا،
    مِٽي تنهن ماڳا، اَصلُ هُئي ايتَرِي.

    (سر بلاول، 2-4)
    لس ٻيلي جي حاڪم سپڙ سخيءَ کي شاهه سائين ڌڻيءَ سڳوري سان تمثيل ٿو ڏئي. ڌڻي اهڙو سخي آهي جو وٽس ڪوبه حساب ڪتاب ڪونهي ته ڪير ڪيترو ٿو لهي؟ سپڙ سخيءَ مڱڻهار کي سئو گهوڙا انعام ۾ ڏيئي ڇڏيا، سندس هاڪ ماڳين مشهور هئي. ڀٽ ڌڻي کيس شاندار نموني مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته:
    ڏات نه آهي ذات تي، جو وَهي سو لهي،
    آريُون اَٻوجهن جُون، سپڙ ڄامُ سَهي،
    جو راءُ وَٽِ راتِ رهي، تنهن جُکي تان نَه ٿيئي.

    (پرڀاتي. 1-10)
    ابڙو سردار سخاوت جو سائين ۽ واعدي جو سچو هو ۽ سخين جي اها هڪ اضافي خوبي آهي ته هو واعدو وفا ڪندا آهن. سو هُن به واعدي مطابق هندوستاني لشڪر سان منهن مقابل ٿي سومرين جي حفاظت ۾ سر قربان ڪيو. عزتن جي حفاظت، سنڌ جي حفاظت ۽ واعدي وفائيءَ تي سر ڏيڻ وارا اهي تاريخي مثال آهن. جن کي شاهه صاحب امر ڪري بيان ڪيو آهي.
    سَرڻِيَنَ جي سُکَ لئه، سامَ کَنئي سَردارَ،
    جي آيون ابڙي جي آڌارَ، سي سُونگ نه ڏيِنديوُن سُومريون.

    (سر بلاول، 1-14)
    راجا راءِ ڏياچ ڪاٺياواڙ جي چوڙا سما خاندان جي ڇهين بادشاهه 1103ع کانپوءِ گرنار تي حڪومت ڪئي. هن سخي سردار وڏي اُتساهه سان سر ڪلهن تان ڪوري ٻيجل کي ڏيندي اهو چيو ته، “تون انيراءِ سان منهنجي سِرَ جو وچن ڪري آيو آهين. متان ٻيجل پنهنجي واعدي ۾ ڪوجهو ٿئين، هي هڪ سر ته ڇا پر جي ڪروڙين سِرَ هجن ته به تنهنجيءَ تند تنوار ۽ واعدي اڳيان ڪجهه ناهن”.
    مَٿي اُتي مُنهنجي، جي ڪوڙين هُون ڪَپارَ،
    ته واريو واريو وڍيان، سِسِيءَ کي سَوَ وارَ،
    ته پُڻ تَندُ تنوارَ، مُونهان مٿانهون مَڱڻا.

    (سر سورٺ، 3-14)
    راءِ ڏياچ جهڙي سخيءَ کي ٻيجل آزمايو، سخين لاءِ سوال موٽائڻ مهڻو آهي، هُو سِر ڏيندڙ سوال تي به پريشان نٿو ٿيئي، پر وريو وريو کيس چوي ٿو ته “جي ڪم اچيئي ڪپار ته ويهه ڀيرا وڍي ڏيئين” ۽ کيس اهو به ڏک آهي ته جيڪڏهن ٻيجل کانئس ڪا اهڙي شيءِ گهري ها، جا وٽس نه هجي ها ۽ هو نه ڏيئي سگهي ها، ته ڏاتارن تي هميشه لاءِ ٽِڪو اچي وڃي ها. شاهه صاحب سندس زباني اهو هن ريت ٿو سُڻائي،
    سوجيءَ مڱڻهَارَ مَ هوءِ، جنهن تو مَٿِي سِرَ سَٺو ڪِيو،
    جو مُون مُل مُور نه سَپَجي، تان جي سو گِهُريوءِ،
    ته جُڳان جُڳ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي

    (سورٺ، 3-8)
    راءِ ڏياچ انهيءَ تي خوش آهي ته ٻيجل کانئس سِر گهريو ۽ هِن خسيس ڪنڌ کي ته ڪرٽ ۾ هڻي مان هميشه لاءِ سخين ۽ ڏاتارن جي قطار ۾ مانائتو ٿيندس، پر جيڪڏهن ان کان به وڌ ڪا شيءِ اهڙي گهري ها، جا مون راجا جي به وَس ۾ نه هجي ها ۽ آئون ناڪار ڪيان ها ته هميشه لاءِ سخين کي ٽڪو اچي وڃي ها. ڪيڏي نه سهڻي فلاسافي آهي؟ سخاوت جي آزمائش ۾ پورو لهڻ ۽ واعدو وفا ڪري اطمينان محسوس ڪرڻ ۽ شاهه صاحب جو ان کي اهڙي شان سان بيان ڪرڻ.
    سمن جي دور جي وڪيئي ڏاتار جي ڳالهه ڪندا آهن ته سندس در تان ڪڏهن به سوالي خالي نه موٽيو. کيس آزمائڻ لاءِ لاکي جي چوڻ تي سُمنگ چارڻ کانئس بي مُندائتا پيرون گهريا. هو ڍڪرجي ويو جو پيرون جي مُند ڪونه هئي ۽ چارڻ کي موٽائڻ سندس لاءِ مهڻو هو، پر سندس مينهن ماڻڪي الائي ڪٿان پيرون جو ڇُڳو کڻي آئي جو وڪيي سمنگ کي ڏنو پر کيس سندس ڪُمندائتي سوال تي ڏک ضرور ٿيو ۽ پاراتو ڏيندي چيائين ته:
    ڪُمند ۾ اهڙا گهرين، تون ڏاتارن کان ڏان،
    وٺ چارڻ ڪوڙهيا، وڪيئي ڏنئي ڏان.

    مٿين ڳالهه مشهور آهي ۽ اهو به چون ٿا ته سخي وڪيئي جي ايئن چوڻ سان چارڻ کي ڪوڙهه جي بيماري ٿي پيئي جيڪو پوءِ وڪيئي جي دعا سان ٺيڪ ٿيو پر سندس نرڙ تي ٽڪو قائم رهيو. سخين کي آزمائڻ نه کپي. هو وڏيءَ دل وارا هوندا آهن. پاڻ کي تڪليف ڏيئي ٻئي جي ڪم اچڻ ئي سندن ريت ۽ روايت آهي. اهڙا ئي سچار، بي خوف هجن ٿا، جن جي لاءِ قرآن پاڪ ۾ آهي، “لا خوف عليهم ولا هم يحزنون” (سورة البقره) رسول پاڪ جن سخاوت کي گهڻو پسند ڪندا هئا ۽ پاڻ ڪڏهن به ڪنهن سائل کي خالي هٿ ڪونه موٽايائون. هڪ دفعي جنگ ۾ وٽن بني طئي قبيلي جا ماڻهو جنگي قيدي ٿي آيا انهن ۾ حاتم طائيءَ جي ڌيءَ هئي. جڏهن اُها سامهون پيش ٿي ته چيائين، “يا رسول الله! منهنجو والد غريبن ۽ مسڪينن جي پر گهور لهندو هو ۽ کين کاڌو کارائيندو هو”، پاڻ فرمايائون ته، “بيشڪ اهي مؤمنن جون خوبيون آهن تون سخيءَ جي ڌيءَ آهين ۽ هاڻي آزاد آهين.” ۽ سندس ڀاءُ کي به پاڻ سڳورن آزاد ڪيو. جنهن تي سڄو بني طئي جو قبيلو مسلمان ٿي ويو.
    مطلب ته سخاوت هڪ اعليٰ اخلاقي قدر آهي. جنهن کان اڄ جي دور ۾ اسين بلڪل وانجهيل آهيون. اسين اڄ اعليٰ تعليم حاصل ڪريون ٿا ۽ اعليٰ عهدا حاصل ڪرڻ، اعليٰ اسٽيٽس واري حياتي گذارڻ جا جتن ڪرڻ ۾ پورا آهيون.پر اهو نٿا سوچيون ته زندگي ٺڪر جي ٿانوَ مثل آهي. اسان اڄ آهيون صبح نه هونداسين، ڇو نه اهڙا ڪم ڪري وڃون، جنهن سان ڪنهن کي ڪو فائدو رسي. ڪو اهڙو قائم رهندڙ چڱو ڪم ڪري وڃون جنهن سان انسانيت کي ڪا اُٻيل اچي. سخاوت اخلاقن کي سونهن ڏئي ٿي. محبت کي ڇڪي ٿي، بخل ۽ بغض کان بچائي ٿي. هڪ اهڙي عمدي اخلاقي خصلت آهي جا ماڻهوءَ جي شرافت، بزرگيءَ ۽ بلنديءَ جو باعث بڻبي آهي. جنهن سان ماڻهو ماڻهن ۾ محبوب ۽ محمود آهي. ڪن سٺن ۽ سچن جي صدقي ئي هن سنسار ۾ سونهن ۽ سٺائي پيدا ٿيندي رهندي آهي.
    شاهه صاحب هڪ آدرشي انسان هو هن ڪامل بزرگ جي حياتيءَ جو بيان پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته سندس طبع نيڪ نيت ۽ چڱين خاصيتن واري هئي انهيءَ ڪري هن پنهنجي ڪلام وسيلي نيڪين جي پرچار ڪئي آهي ۽ نيڪين کي ساراهيو آهي فرمائي ٿو ته:
    جَکِرا جيين شالَ، تُنهنجو ڪَنين مَدومَ سُڻان،
    جِيئن تو اَچي، ڪالَ، نالائِقَ نَوازِيا.

    (سر بلاول، 2-2)


    پيهي جان پاڻَ ۾ ڪِيَمِ رُوحَ رهاڻِ

    پيهي جان پاڻَ ۾، ڪِيَم رُوحَ رهاڻِ،
    ته نَڪو ڏُونگرُ ڏيههَ ۾، نَڪا ڪيچِين ڪاڻ،
    پُنهون ٿِيَس پاڻ، سَسُئي تان سُور هئا.

    (5-2، سسئي آبري)
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه موجب طريقت جي راهه تي هلندڙ سالڪ جي مشڪل تڏهن آسان ٿي پوي ٿي. جڏهن کيس معلوم ٿي ٿو وڃي ته رب تعاليٰ جو جلوو سندس پنهنجي اندر ۾ ئي موجود آهي. مٿئين بيت موجب ته، جڏهن مون پنهنجي اندر ۾ جهاتي پاتي ۽ پنهنجو پاڻ سان روح رهاڻ ڪئي، تان ئي خبر پيم ته نڪو ڪو جبل آهي ۽ نه ئي مون کي ڪا ڪيچين جي غرض آهي، جيسين سسئي هيس (پاڻ کي الڳ ٿي ڀانيم) تيسين ته وڇوڙي مون کي نهوڙي ڇڏيو هو، پر جڏهن پنهنجو وجود وڃايم، تڏهن پاڻ ئي پنهون ٿي پيس. حقيقت ۾ شاهه صاحب قرآن پاڪ جي حوالي موجب ئي اها وضاحت ڪري ٿو ته “ڌڻي سڳورو ته انسان کي ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي”. ۽ هن آدم کي پنهنجي صورت موجب خلقيو آهي. کيس دل سان خالق تسليم ڪرڻ ۽ دل ۾ آيل ٻيائيءَ کي شڪست ڏيڻ لاءِ بندي جي سڄي ڳولها ۽ جستجو تڏهن صاب پوندي جڏهن کيس هر شيءِ ۾ ڌڻي ڏسڻ ۾ ايندو جيئن “مَا رَاَيۡتُ شَيۡئًا اِلاّ وَ رَاَيۡتُ اللهَ” يعني ڪا اهڙي شيءِ نه ڏٺم جنهن ۾ مالڪ جو جلوو ۽ جمال نه ڏٺم. شاهه صاحب وٽ يقين جي قوت جي اهميت ۽ ٻيائيءَ کان بچاءُ جو حڪم هن ريت پڻ آهي. سر آسا ۾ فرمائين ٿا ته:
    “آئون” سين اُنَ پار، ڪَڏهن تان ڪو نَه ٿيو،
    “اِنَّ الله وِترُ يحُبُ الِوتر”، نيئِي ٻيائِيءَ ٻارِ،
    هيڪڙائي وٽ هارِ، هنجون جي، “هُئڻ” جون.

    (1-2، آسا)
    سسئي کي به اهي ئي نصيحتون ۽ هدايتون ڏيندي سمجهائين ٿا ته “سوئي کڻيو ساڻ، سوئي ڏورئينءِ سسئي”، “وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولهين هوت کي” يا “پنڌ مَ ڪر پهاڙ ڏي، وجود ئي وڻڪار” مطلب ته هيڪڙائيءَ کي دل سان تسليم ڪرڻ کانپوءِ، سڀ ڀرم ۽ وسوسا جڏهن انساني دل ۽ دماغ مان نڪري ٿا وڃن ۽ هڪوار، خوديءَ کي ترڪ ڪري، هو محبوب کي ويجهو ٿو ٿئي، تڏهن ئي کيس سچو سک سري ٿو، پوءِ وٽس دنيا جي هر شيءِ هيچ آهي. سچل سائين به ساڳي ئي صدا ٿو هڻي:
    پُنهون پُنهون ٿي ڪريان، آئون پڻ پُنهون پاڻ،
    اديون ٿِيَس اُڄاڻ، جو ڪِينَ پروڙيم پاڻ کي.

    (سچل سرمست)
    صوفي بزرگن، نيڪن ۽ ولين هميشه کان اندر کي اجارڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ تي زور ڀريو آهي. وٽن زندگيءَ جو رستو طريقت مان ئي روحانيت جي اعليٰ منزلن ڏانهن وڃي ٿو. پر سڄي سفر ۾ يقين جي قوت، ٻيائيءَ جي ٻک کان بچائي ٿي. اها ئي اصل طاقت آهي، هن عظيم طاقت سان ماڻهو پاڻپي مان نڪري، خدا شناسيءَ ڏي مڙي. پوءِ ئي اعليٰ اسرار پروڙي ٿو. “اپنشد” ۾ آهي ته:
    “Self knowing is God knowing”
    خود شناسي ئي انساني زندگيءَ جو حاصل ۽ معراج آهي، جنهن سان هو اندر سان اوري، پنهنجي محاسبي سان نيڪيءَ ڏي مڙي ٿو. هن رستي ۾ اسان جو من ئي اسان جو سڄڻ آهي ته اهو ئي اسان جو دشمن آهي. من جيڪڏهن مثبت آهي ته سنئين رستي تي مڙي ٿو ته پوءِ نيڪ ارادا ۽ عزم سفر کي آسان ڪن ٿا. پر جيڪڏهن انساني من يا اندر تي خوف خطرا يا ڀئو ۽ گمان غالب ٿي ٿا پون، ته پوءِ هو چنتائن جي وس ٿي مقصدن کان هٽي ٿو وڃي. انهيءَ ڪري پنهنجو پاڻ ۾ پيهي، پاڻ کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جتن ڪرڻ کپن. مَنَ کي ڳولهي ڦولهي، ماري مڃائي، پنهنجي وس ڪرڻ لاءِ مايا ۽ ڪايا جي موهه مان نڪري، اندر جي اکين سان پسي خوديءَ کي رستي مان هٽائڻ جي قوت پيدا ڪرڻي آهي.
    من جي طاقت ماڻهوءَ جو مڪمل وشواس ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت آهي، جيڪا عبادتن، رياضتن ۽ همتن سان پيدا ٿئي ٿي، جنهن سان پهاڙن کي سوري سگهجي ٿو ته پٿرن کي تاري سگهجي ٿو. سچي ۽ نيڪ نيتيءَ جي بندگيءَ کي جڏهن ڪماليت جو دامن نصيب ٿئي ٿو، ته نه فقط اها بندگي ڪيترين پريشانين مان ڪڍي کيس صحيح دڳ تي لائي ٿي پر تڏهن محبوب ۽ محب جي وچ وارو پردو هٽي، طلبيندڙ جو اندر آئينو ٿي ٿو وڃي ۽ کيس يقين ٿو اچي وڃي ته “دوست جو ديرو ته دل ۾ آهي”، اهو ئي رستو طالب ۽ مطلوب جي وچ ۾ اڻ ٽٽندڙ ڳنڍ آهي.
    هوتُ تُنهنجي هنجَ ۾، پُڇين ڪوهه پرياڻ؟
    “وَنَحۡنُ اقرَبُ اِليۡہِ مِنۡ حَبۡلِ الۡوَرِيۡدِ”، تنهنجو تو نهِين ساڻ،
    پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عجيب کي.

    (5-13، سسئي آبري)
    شاهه صاحب طالب ۽ مطلوب جي وچ جي پردي ۽ اٽڪ جي سببن کي هن ريت کولي بيان ڪيو آهي.
    پاڻُ مَ کَڻِجُ پاڻَ سين، وَسيلا وِسارِ،
    لُڙُ لنگهائي، سُوهَڻي! پِرتِ وِجَهندَيِئي پارِ،
    سي تُرتُ لنگهنديُون تارِ، اُڪنڊَ اَڳهُه جَنِ سِين.

    (1-26، سهڻي)
    هتي “پاڻ“ مان مراد خود کي “عقل ڪل” ۽ ڏاهو سمجهڻ ۽ پنهنجن وسيلن، سمجهه ۽ عقل تي ڀروسو رکڻ جي آهي. شاهه سائين اهڙيءَ ڏاهپ کي ننديو آهي. فرمائين ٿا ته:
    الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُکَ ڏِسَنِ،
    مون سين مُون پِريَن، ڀورائيءَ ۾ ڀالَ ڪِيا.

    (2-6، ليليٰ چنيسر)
    ڏاهپ ئي ته غلطين جو گهر آهي جنهن ۾ وسيلن جو اعتبار ۽ سمجهه جو هٺ شامل آهي. شيخ اياز، شاهه سائينءَ جي فڪري نظريي جي پرچار ڪندي، ڏاهپ جي فلاسافيءَ لاءِ چوي ٿو ته:
    ڀورائيءَ ۾ ڀالَ ڪِيا تو، ڏاهپَ سارا ڏَنڀَ،
    اندرِ ٻاهرِ تون ئي آهين، کوهيان ٿو مان کَنڀَ.

    (شيخ اياز)
    عقل ۽ ڏاهپ سان جيڪو شيطاني هٺ ٿو نصيب ٿئي، اهو ئي محبوب کان دوري آهي جو وصال جي واٽ به وڃائي ٿو. اها انا ۽ خودي وسيلن جي وچ ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، سالڪ کي گهرجي ته اهڙن وسلين کي وٿ نه سمجهي بلڪه وسيلي لاءِ ڌڻيءَ در طالبو رهي.
    شاهه صاحب مومل جي واتان اها مام هن ريت سمجهائي آهي:
    مُون گهر اچِي جي ٿئي، مَينڌَرو مِهماڻُ،
    آڻي جهوڪِيان آڳ ۾، ڄيري وجهان ڄاڻُ،
    تاڻي تَنُورنِ ۾، ڀيري هڻان ڀاڻ.
    پيڪن، سوڌو پاڻ، گهر تَڙُ گهوريان پِرَ تان.

    (6-13، سر مومل راڻو)
    جيئن ته هيءَ دنيا نفساني خواهشن جو ڪن آهي، جنهن ۾ ڦاسڻ ۽ ڦٿڪڻ کانپوءِ پاڻ بچائڻ نهايت مشڪل آهي. هتي ته “پيو جو پاتار سو ڪيئن پسڻ کان پالهو رهي” وانگر آهي، پر وري به اهو “پرو” يا رستو پالڻهار سيکاريندو اهو ئي اسان جي ارادن جي قوتن کي مضبوطي ڏيئي اڪاري پار ڪندو هو راهه ۾ رَسي، وسيلو ٿي ۽ پاڻ ئي ڀليلن جو رهبر ٿيندو صرف اسان جي سچي سڪ مشروط آهي.
    هيڪَرَ هُئڻُ ڇَڏِ، تَه اوڏِي ٿِيين عَجِيبَ کي.
    (5-11، سسئي آبري)
    جڏهن سڀ وهم ۽ گمان تڙي ڪڍي ٿا ڇڏجن ۽ انهن جي هٽڻ کانپوءِ سچي سالڪ لاءِ ڪثرت وحدت ٿي وڃي ٿي، تڏهن عقل ۽ عرفان ڪا حيثيت نٿا رکن ۽ ڪل جهان ۾ فقط پرينءَ جو جلوو پسڻ ۾ اچي ٿو.
    مُنهن مِحرابُ پرينءَ جو، جامِعُ سَڀ جِهَانُ،
    اُڏامي اُتِ ويو، عقل ۽ عِرفانُ،
    سَڀوئي سُبحانُ، ڪاڏي وڃي نيتيان.

    (5-5، رامڪلي)


    سَڙِيا مَٿي سَچَ

    پُرِي پتنگ آئيا، مِڙيا مٿي مَچَ،
    اوڏا ٿيا آڳِ کي، سَڙِيا مٿي سَچَ،
    سندا ڳچِيُن ڳَچَ، ويچارن وِڃائيا.

    (سر يمن ڪلياڻ، 3-13)
    عالمي ۽ آفاقي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام قدسي نصيحت نامو ۽ انسانيت لاءِ هدايت نامو ته آهي ئي آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ جيڪي سچائيءَ ۽ شعوري سجاڳيءَ جا سڏ آهن، تن جو نعم البدل ڪٿي به ڳولهيو نه ملندو. هو روشن ضميريءَ واري واٽ ڏي راغب ڪري ٿو. هو هڪ باضمير مرد مجاهد هو، جنهن هن ڌرتيءَ واسين لاءِ سچ جي سُواٽ کي نه فقط پسند ڪيو پر پنهنجي شاعريءَ ۾ انهيءَ کي وڏي وسيع معنيٰ ۽ مفهوم ۾ استعمال ڪيو، ته جيئن ڪائنات شناسي، خوشناسي ۽ روحاني ترقيءَ جا رستا کلن. هُن پنهنجو مؤقف عام تائين اثرائتو پهچائڻ لاءِ علامتي انداز اختيار ڪيو. لطيف سائين سچائيءَ کي ئي سماج جي بقا ۽ بچاءُ جو ذريعو ٿو ڄاڻائي سندس موجب ته، ڪوڙ ڪپت، ٺڳي، جهالت ۽ اونداهي آهي، سچ سوجهرو ۽ پاڪ ضمير جو سڏ آهي. شاهه لطيف جي ساهه سان سانڍڻ جهڙن سچن بيتن سان من ۾ سجاڳيءَ جون لهرون ٿيون اٿن هو سچ مٿي ساهه ڏيڻ وارن کي اَملُهه ٿو ڄاڻي. مَچَ مٿي مڙڻ جو سڏ ٿو ڏئي. منصور جو اناالحق جو نعرو ۽ سوريءَ سيج چڙهڻ، سقراط جو زهر جو پيالو پي سچ کي امر ڪرڻ، امام حسين عليه السلام جو سچ ۽ حق تي ساهه ڏيڻ ۽ ٻيا ڪيترا ئي واقعا آهن، جن تاريخ ۾ ثابت ڪيو ته حق تي ساهه صدقو ڪرڻ وارا قومن ۽ ملڪن جي تقدير تبديل ڪن ٿا. جُڳن کان سچائي انساني سماج جي هڪ مانائتي خاصيت رهي آهي. اها مڃيل حقيقت آهي ته حق جو رستو مونجهاري، فساد ۽ برائيءَ کان ته هميشه پري هجي ٿو، پر سماج ۾ ڪوڙ ڪپت ۽ باطل سبب وڌندڙ براين کي ٻنجو ڏيئي هڪ صحتمند، ترقي يافته، آزاد ۽ بااختيار سماج کي قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
    پتنگ چانيِيِن پاڻَ کي، ته اَچي آڳ اُجهاءِ،
    پَچڻَ گهڻا پَچايا، تُون پَچڻَ کي پَچاءِ،
    واقفُ ٿِي وِساءِ، آڳ نه ڏِجي عامَ کي.

    (يمن ڪلياڻ، 3-10)
    سچائيءَ جي رستي تي ڀلي تنهنجي جان وڃي ۽ جيڪڏهن تون حق جو علمبردار ڪوٺائين ٿو ته اڃا به هڪ درجو اڳتي وڌ، پنهنجي عمل ۾ اخلاص ۽ نيڪ نيتيءَ سان گڏ همت ۽ قربانيءَ جو جذبو وڌائي ۽ ايترو اڳتي اچ جو سچو عاشق ٿي ساهه وڃائڻ کان گريز نه ڪر. سچ کي نه سڃاڻن وارن منافقن کان پري ٿي ڪوڙن قدرن خلاف بغاوت ڪر. سچ ۽ ڪوڙ هڪ ئي تصوير جا ٻه رخ آهن. سچ سهڻو آهي ته ڪوڙ ڪوجهو، سچ عزت آهي ته ڪوڙ بي عزتي ۽ ذلت، ڪوڙ ڪمزوريءَ ۽ ڪانئريءَ سان گڏ هڪ اهڙو مٺو زهر آهي، جنهن سان انيڪ اخلاقي خرابيون جنم وٺن ٿيون. هن سنسار جي سڄي سونهن فقط ۽ فقط سچ کي قائم ڪرڻ ۾ لڪيل آهي. ڀٽ ڌڻي ته انهن کان به پاسو ڪرڻ لاءِ ٿو چوي، جيڪي هن اَڻَ مُلهه وِٿ کي نٿا سڃاڻن ۽ بي قدرا آهن.
    جي نه سڃاڻن سچ کي، ويهه مَ تنين وٽِ،
    امُلهه کي اَڌَ ڪَري، پاڻان هَڻَندا پَٽِ،
    وڃي مهَر تِنِي وَٽِ مَٽِ، جي پاَرکُو پارِسَ جا.

    (سريراڳ، 3-12)
    سچائي دنيا جي قيمتي ترين شيءِ آهي. جنهن به هن دنيا ۾ سچ ۽ چڱائيءَ کي نه سڃاتو، تنهن ڄڻ ڪجهه نه پاتو. سچائي حقيقت ۾ ضمير جو آواز ۽ من ۾ مفتي ويهاري اندر جو حساب ڪتاب ڪرڻ آهي، سچائي حقيقت شناسي، سونهن ۽ انصاف ته آهي پر سچائي وڏي ايماني قوت ۽ قلبي قرار سان گڏ اخلاقي گڻن جو سرتاج ۽ انسانيت جو اهم ترين سرمايو آهي، هڪ اهڙو سوجهرو آهي، جنهن جو قدر فقط انهن جوهرين وٽ آهي جي انهيءَ پارس جا پارکو آهن. ڪوڙ کي فنا پر سچ کي دائمي بقا آهي سچ لاءِ سوري سيج ۽ سُڃ وسندي آهي. بس قدردان ئي قدر ڪن.
    اَمُلهه آڇِ مَ اُن کي، جي نه پَر وِڙن مَٺِ،
    جِتِ گڏ جيئي جوهري، ماڻڪ تَتَهِين هَٺِ،
    جَنين سُون سين سَٽ، تن هڻي ريءَ رَدِ ڪيو.

    (سريراڳ، 3-7)
    مٿئين بيت پڙهڻ سان لڳي ٿو ڄڻ لاکيڻي لطيف دريا کي ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي. فرمائي ٿو ته، جنين کي ڪا خبر ئي ڪونهي، ڪا پروڙ ڪونهي، ڪو قدر ئي ڪونهي انهن کي اَمُلهه آڇڻ وڏي غلطي آهي، متان اها خطا ڪرين، سچا جوهري ملنيئي پوءِ ئي ماڻڪ آڇج، باقي جن جي ڪسوٽي ئي صحيح ڪانهي جن جو اهو واپار ئي ڪونهي اهي تنهنجي ماڻڪن کي موٽائيندا. ڀٽ ڌڻي ڄاڻائي ٿو ته هن نفسانفسيءَ واري دور ۾ اشرافن، سچن ۽ حقيقت شناسن جو قدر ئي ڪونهي. کين زماني جي ناقدري ڏک ٿي ڏئي. هو تنبيهون ٿا ڪن ته پارکو ۽ وينجهار ويا هاڻي ته حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو ڪِٽ پيو ڪُٽجي. فرمائي ٿو ته:
    ويا سي وينجهار، هيرو لعلُ وَنڌين جي،
    تنين سندا پوئيان، سِيهي لَهنِ نه سارَ،
    ڪُٽين ڪٽ لوهار، هاڻي اُنين ڀِيڻِيين.

    شاهه لطيف هڪ باعمل ۽ سڄاڻ انسان هو هُن وٽ سجاڳيءَ ۽ ضمير جي سچائيءَ جو وڏو درجو هو ۽ سندس نظر ۾ جيستائين حق ۽ سچ لاءِ سر جي سٽ نه ڏبي، جدوجهدون نه ڪبيون، اڳتي نه وڌبو تيستائين سماج ۾ تبديلي ناممڪن آهي. سچ جا هميشه رستا روڪيا ويندا آهن. حسين بن منصور حلاج جي شهادت لاءِ چيائين ته “همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهين”. مخدوم بلاول جو گهاڻي ۾ پيڙهجڻ، شاهه عنايت جي شهادت ۽ ٻين تاريخي واقعن جي کين مڪمل ڄاڻ هئي انهيءَ ڪري اهڙن عاشقن جن لاءِ سوري سيڄ ۽ مرڻ مشاهدو هو، تن جي وڃڻ جا کين ارمان هئا هي سڄاڻ مفڪر واقف هو ته سماج ۾ سک، شانتي، امن ۽ انصاف تڏهن قائم ٿيندا جڏهن سڀني کي برابريءَ وارا حق ملندا. هن سنڌي سماج جي اڳيان سندن ئي ٻوليءَ ۾، عوامي لهجي ۾، لوڪ داستانن جي تمثيلن ۾، ثقافت ۽ تهذيب جي بيان ۾، سماج جي پيڙهيل، ڪمزور ۽ هيڻن ڪردارن جي زبان ۾، سچ ۽ سندرتا جا سبق ڏنا آهن. سندس ڪلام سنڌي سماج جي سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتن جو آئينو آهي. جنهن ۾ هن سخا، سورهيائي، سچائي، شعوري سجاڳي، جدوجهد ۽ آزاديءَ جي اپٽار ڪئي آهي. منافقي، غلامي، ڪوڙ، ڪوجهائي، ڪپت، نااميدي، مذهبي تفرقي بازي، بيوسائي، بي حسي، محتاجي ۽ غاصبيت کان پليو آهي. اجتماعيت سان قومي ٻڌيءَ واري جيون جيئڻ جو گس ڏنو آهي. جنهن ۾ نيڪ اُمنگون، آسائشون، ٻڌيون، محبتون ۽ ميٺ هجن. فرمائي ٿو ته:
    وَڳَر ڪيو وتن پِرتِ نه ڇِنَنِ پاڻَ ۾،
    پَسو پَکِيئڙَن ماڻهنِئان ميٺ گُهڻو.

    (ڏهر، 4-5)


    نِيرُ منهنجي نينهن اُجاري اڇو ڪيو

    سَکر سي ئي ڏيِنهن، جي مُون گهاريا بَندَ ۾،
    وَسايَم وَڏڦڙا، مَٿي ماڙِين مينهن،
    واجهاڻيس وِصال کي، ٿِيس تِهوارُون تيئن،
    نِيرُ منهنجي نِينهن، اُجاري اَڇو ڪِيو.

    (سر مارئي، 11-8)
    شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ غم جو فلسفو، ٻين شاعرن کان منفرد ۽ مختلف آهي. هو سورن ۽ سوز جي ڳالهه وڏي دانائيءَ سان ٿو ڪري. وٽس درد ۽ سور جي فلسفي جي منزلن جو معيار ئي نرالو آهي. سندس ڪيترائي سُر انهيءَ درد جي منزل تي آڌاريل آهن. سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ، سسئيءَ جا پنجئي سُر، سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ خاص طور حسيني. سُر ڪيڏارو، کاهوڙي ۽ مارئيءَ جا انيڪ بيت اها شاهدي ٿا ڏين ته ڏکن سان انساني سيرت ٿي گهڙجي ۽ ڏک ئي آهن جيڪي کيس ابدي خوشي عطا ڪن ٿا. ڏٺو وڃي ته ڏک ۽ سک زندگيءَ جا ٻه اهم رخ آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي ابتڙ هوندي به حياتيءَ ۾ هر ڪنهن سان گڏ گڏ آهن. ڏکن ۽ ڏولاون، صبر ۽ تڪليف کان پوءِ مليل خوشيءَ بعد سک بي معنيٰ ٿي ويندو آهي ۽ لڳندو آهي ته ڄڻ اهي ڏک نعمت هئا جن سان محبوب مهربان ٿيو ۽ هُن قرب سان ڪوٺي پنهنجو ڪيو آهي.
    مارئيءَ جي واتان شاهه لطيف چورائي ٿو ته “اهي ڏينهن سٺا هئا جيڪي مون بَندَ ۾ ڪٽيا. منهنجي اکين مان وڏڦڙي مينهن جيئن لڙڪ لڙيا پئي ۽ جيئن جيئن وصال لاءِ واجهايم پئي تيئن تيئن پرزا پرزا ٿيندي ويس منهنجي انهيءَ محبت قيد جي زنجيرن کي به ڌوئي پوئي اڇو ڪري ڇڏيو”.
    ڏک انساني روح کي مادي زنجيرن مان آجو ٿو ڪري ۽ جڏهن سندس اندر محبوب جو نوراني جلوو ٿو پسي ۽ سندس دل نور سان منور ٿي ٿيئي تڏهن ئي کيس سچو سک ٿو سري. ڏکن جي اندروني لذت جو احساس سندس اندر کي اجاري ٿو ڇڏي ۽ محبوب جي پنهنجي ڪرڻ سان سندس رياضتن، محنتن ۽ جداين جا سڀ سور ختم ٿي ٿا وڃن.ڌڻيءَ جي وصال لاءِ روئندڙ اکيون انهن نفساني خواهشن جي زنجيرن کي ڀورا ڀورا ڪري ٿيون ڇڏين ۽ اهي ڏکن جا ڏينهن امر ٿي ٿا وڃن. سندس نظر ۾ ته،
    اَگهي اَگهائِي، رَنجُ پريان کي رَسيو،
    چَکَيم چڱائِي، سورانگهي سُوريءَ تان.

    (ڪلياڻ-2-1)
    شاهه لطيف هڪ دردمند دل رکندڙ دانشور هو. سندس احساس واري دل درد ۽ غم جي عظيم عڪاس آهي. هن سماج ۾ ٿيندڙ ظلمن جي پيڙاءُ کي پنهنجي اندر ۾ اوتي عام تائين آندو. پاڻ پنهنجي ماڻهن کي سندن ئي سورن معرفت سڌو رستو سمجهايائين. هو سورن مان آجپي جا ڏَسَ ڏيڻ بجاءِ انهن کي جهوليءَ پائي جهلڻ جي تلقين پيو ڪري فرمائي ٿو ته:
    اَچو تَه سُورن واريوُن ڪَيوُن سُور پَچارَ،
    ڪَنِين گهڻا ڪَنِين ٿورا، ڪانهي ڏُکن ڌار،
    ڏِنا جي ڏاتارَ، سي مُون جهوليءَ پائي جَهليا.

    شاهه صاحب پاڻ دنيا جي آزمائشن مان لنگهيو ۽ انهي جي حقيقتن ۽ نتيجن تي غور ڪيائين ۽ کيس دين جي به وڏي ڄاڻ هئي، کيس اها مڪمل خبر هئي ته ڏک ئي آهن، جيڪي ابدي سک جو نشان آهن ۽ اهي ڏک ڏولاوا نبين ۽ اوليائن تي پڻ آيا. پر انهن تي همٿ ۽ صبر سان پورو لهڻ ئي انساني حياتيءَ جي معراج آهي. پاڻ پنهنجي مشاهدي جي ڏات سان ٻڌايو اٿن ته:
    سُکن کان شاباس، ڏَهه ڏَهه ڀيرا ڏُکن کي،
    مُنجهي هوندَ مُياس، پر سورن کڻي سونهون ڪيو.

    سورن کي سونهون بنائيندي هو چئي ٿو ته، سکن کان به وڌيڪ ڏک اَڻَ مُلهه آهن جيڪي پرين در اگهجن ٿا. ڏٺو وڃي ته سکن تي ته سڄڻ پڻ ساڙ کائيندا آهن ۽ ڏکن تي دشمن پڻ دل ۾ درد ۽ احساس رکن ٿا، ان ڪري سکن ۾ ڪڏهن به اُتاولو نه ٿجي. جان ۽ جسم ۾ استقامت جو مادو صرف ڏکن سهڻ بعد ئي حاصل ٿيندو آهي. شاهه جي نظر ۾ عشق درد آهي ۽ درد ۾ روح جي لذت آهي ۽ اها ئي تن ۽ من جي دوا ۽ دارون آهي ۽ اها ئي سچي راحت آهي جا اندر جي خوشيءَ تي دارومدار رکي ٿي.
    سؤ سُکن ڏيئي وَرهه وِهايمَ هيڪڙو،
    مون کي تنهن نِيئي، پير ڏيکاريو پِرين جو.

    مطلب ته ڀٽ ڌڻيءَ وٽ پرين تائين پهچڻ جو رستو ڏکن جي پيچري کي پار ڪري پوءِ ئي اچي ٿو. شاهه لطيف پنهنجي ڪردار سسئي کي سچي عشق جي تمثيل ڪري پيش ڪيو آهي. سکن کي تج ڪري هڪ عورت ذات ڏکن ۽ ڏولاون کي ترجيح ٿي ڏئي ۽ اهڙا ڏک، سور ۽ سوز جو ڪنهن مرد جي مجال نه آهي ته هٿ وجهي، جبلن جي لاهين چاڙهين ۽ مسلسل ڪشالن جي هن تاريخي داستان ۾ ڏک ئي ڏک آهن، مقصد پويان فنا جي مقام تي پهچڻ ۾ آفرين آهي هڪ عورت جي حوصلي ۽ همت کي، جا سرتين کي به پلي ٿي ته هن اڙانگي سفر تي مون سان گڏ نه اچو، متان ڪَڪَ ٿي منهنجي پنهونءَ کي ڪو پاراتو ڏيئي وجهو ۽ اهو به چوي ٿي ته:
    سُکن واري سَڌَ، مَتان ڪا مُون سان ڪَري،
    اَندرَ جَنِين اَڌَ، ڏوُنگر سي ڏورينديوُن.

    (سسئي آبري)
    سسئيءَ جا سڀيئي سر سچيءَ سڪ ۽ محبوب جي جدائيءَ جي ورلاپن جو بيان آهن.ڏونگرن کي ڏورڻ جي شڪتي انهن دِلين کي ئي نصيب ٿيندي، جيڪي اندر سڪ ۽ سوز ۾ وڍيل هوندا، جن کي پرينءَ جي پچار ۾ فرقت جو فيض ملندو سندن سورن ۽ سڪ جو سڳو سدائين تمنا ۽ تلاش ۾ رهي ٿو. سسئيءَ جبلن جي پنڌن پيچرن کان واقف ڪونه هئي ۽ سندس سچيءَ سڪ ئي کيس اهو رستو ڏيکاريو هوءَ سِڪَ ۽ سوز ۾ پچي جڏهن راس ٿي، تڏهن فنا ٿي بقا ماڻيائين، سندس سورن کي مڃيندي شاهه صاحب چوي ٿو ته:
    ويٺي وَرَ نه پُون، سُتي نَه مِلنَ سُپرين،
    جي مٿي رندن روُن، ساڄن مِلي تَنِ کي.

    الاهي قرب جو به حقدار اهو ٿيندو جو سندس واٽ تي پاڻ کي ولوڙيندو. شاهه صاحب وٽ سور، سوز ۽ درد جي ڳالهه وڏي ولولي سان آهي. درد جو فلسفو تصوف جي حوالي سان هڪ تمام تفصيلي موضوع آهي. سنڌ جي صوفي شاعرن وٽ درد ۽ سوز جو ذڪر وڏي پئماني تي ملي ٿو ۽ شاهه صاحب انهي ۾ سوايو ڪردار ادا ڪيو آهي. هو سنئون سڌو سوز سان ئي چوي ٿو. جيئن هيٺيون بيت ڏسو ته ڪيئن نه ٻن سٽن ۾ سسئيءَ جي سڄيءَ حياتيءَ جو درد آميز نقشو ٿو چٽي.
    سِر جِي تان سُورَ، سامائِي تان سُکَ ويا،
    اهي ٻيئي پُور، مُون نماڻيءَ نَصيب ٿيا.

    (حسيني 10-17)
    ۽ اهو به چوي ٿو ته:
    سُورَن سانڍِياس، پُورَن پَالي آهيان،
    سُکن جي سَيد چَئي، پُکي نه پياس،
    جيڪس آئون هُياس، گري گوندر ول جي.

    (حسيني 10-16)
    شاهه صاحب جي غم جي فلسفي لاءِ جيئن آئون مٿي ڄاڻائي آئي آهيان ته اهو غم جو فلسفو هُن وٽ بلڪل منفرد ۽ نرالو آهي، هو ڏکن کان پوءِ سکن کي به ترجيح نٿو ڏئي پر اندر پچي، ڌوپجي راس ٿيڻ کي مانائتو ٿو سمجهي، اهو ئي محب سان ميل آهي ۽ ان جو اعليٰ درجو اهو آهي ته، “پنهون ٿيس پاڻ، سسئيءَ تان سورهئا”، يا “وجود ئي وڻڪار”، “آريءَ جي آ هُکُ مون رهنما راهه ٿيو” يا “ڪنهن پر روئان پرينءَ کي اندر ناهي اُساٽ”، سندس اندر ۾ ڏک پيهي وڃڻ بعد هوءَ پنهنجي جان، جسم ۽ روح سميت ڏک جو هڪ اڻ ٽٽندڙ حصو آهي. سندس وجود جو سور سهڻ جو سفر ايترو ته عام کان مختلف آهي جو کيس فراق کان پوءِ وصال جي به تمنا نه آهي. جڏهن ته ڏکن جي شروعات ۾ هوءَ پاڻ کي پلي ٿي ته کانئس ڪهڙيون غلطيون ٿيون، کيس نڀاڳي ننڊ ڇو آئي؟ ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن کيس ڇو ايڏا ڏک ڏنا؟ قسمت ساڻس ائين ڇو ڪيو؟ هوءَ آيل ڏکن تي ڏونگرن کي ڏوراپا ٿي ڏي، پير پٿون ٿا ٿينس، تڏهن کانئن دِلاسا ٿي گهري پر جڏهن انهن سورن ۽ سختين کيس سوز، فراق ۽ عشق جي اُساٽ ۾ رچائي ريٽو ڪيو تڏهن اهي سختيون ۽ سور ساڻس گڏ هوندي به بي حيثيت ٿي ويا. هوءَ پاڻ پنهون ٿي ويئي سندس طلب شانت ٿي ويئي اهو ئي غم جو فلسفو شاهه صاحب وٽ آهي. ڀٽ ڌڻيءَ وٽ ڏک سکن جي سونهن آهن جن جي سبب ئي محبوب ڪوٺي پنهنجو ٿو ڪري ۽ پنهنجي پياري محب جي ڏنل ڏکن کي ظاهر به ڪونهي ڪرڻو اهي سور سيني سان لڳائبا، تڏهن ئي پرين پسبو فرمائي ٿو،
    جَن کي دَورُ دَردَ جو، سبق سور پڙهن،
    فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن،
    پَنو سو پَڙهَن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي.

    (يمن ڪلياڻ، 5-17)
    جيڪي وري وري ورجائي سورن جو سبق پڙهن ٿا. اهي ئي پرين پسن ٿا. شاهه سائين توحيد جي عقيدي کي بنياد ڄاڻائيندي شرڪ کان بچڻ جي تنبيهه ڪئي آهي. سندس موجب غم ئي اتان شروع ٿيندو جتان ٻيائي شروع ٿيندي. صوفين جي چوڻ مطابق پنهنجي وجود کي حقيقي نه سمجهڻ گهرجي. حضرت جنيد بغداديءَ موجب ته، “صوفي پنهنجي ذات کان فاني ٿي الله تعاليٰ جي ذات ۾ گم ٿي بقا حاصل ڪندو آهي”. ساڳيءَ ريت شاهه صاحب پڻ اهو ئي فنا جو فلسفو ڏنو آهي. سندن موجب ته، “پاڻ کي فنا ڪري حق جي ذات جو قرب حاصل ڪر ۽ وجود وسارڻ ئي محبوب حقيقيءَ جو وصال آهي” حقيقي عشق جي رستي جون تڪليفون، سختيون ۽ سورئي راحت جو موجب آهن. سپريان جي سور جو ذڪر ڪرڻ به نه جڳائي شاهه فرمائي ٿو ته،
    جي تو سِڪڻ سِکيو ته ڪاتيءَ پئي مَ ڪَنجههُ،
    سُپريان جي سُورَ جو، ماڙهُن ڏِجي نه منجهه،
    اندر ايءُ اَهنجُ، سانڍِج سُکائون ڪري.

    (ڪلياڻ، 2-14)
    نه فقط ذڪر ڪرڻ جڳائي پر اهو سور اندر ۾ سانڍڻو آهي ۽ ان اهنج ۾ پچي راس ٿيڻو آهي. نڪو ڪاتيءَ پئي ڪُنجهڻو ۽ ڪُرِ آهي ۽ نڪو ماڻهن کي منجهه ڏيڻو آهي، مطلب ته نِهائينءَ جيئن نِينهن کي پچائڻو آهي سارو ڏينهن سڙي به ٻاهر ٻاڦ ناهي ڪڍڻي، هن ڌڻيءَ در جڏهن اهو صبر جو درجو اگهجي ٿو، تڏهن ئي سڪوت سلام ٿئي ٿو. لطيف سائين فرمائي ٿو ته،
    پَرَ ۾ پڇيائُون، عِشقَ جي اسبابَ کي،
    دارونُ هن درد جو ڏاڍو ڏَسيائُون،
    آخِرُ وَالعصَر، جو ايهين اُتائُون،
    تِنهان پوءِ آئُون، سِڪان ٿي سَلامَ کي.

    (ڪلياڻ، 3-8)
    سورة “والعصر” قران پاڪ جي 30 سيپاري جي 3 آيتن جي سورة آهي ۽ قرآن پاڪ جي ترتيب مطابق 103 نمبر سورة آهي، جنهن جو ترجمو آهي ته، “زماني جو قسم ته انسان نقصان ۾ آهي. پر اهي، جن الله تي ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ حق جي تلقين ۽ صبر جو تاڪيد ڪندا رهيا”. يعني صابرين نقصان کان بچيل آهي ۽ سچ ڳالهائيندڙ ۽ حق ۽ سچ جي مدد ڪندڙ ئي ڪامياب آهي.
    شاهه لطيف سوره والعصر جي آخر يعني “وتواصوبالصبر” جي تاڪيد کي دل سان ۽ سچي جذبي سان تسليم ڪرڻ جو حڪم ٿو ڏئي. عام طور تڪليفن ۾ ماڻهوءَ جي واويلا وڌي ويندي آهي. پر هيءُ غم جو فلسفو ڄاڻائي ٿو ته غم جو هٿيار ئي صبر آهي، غم کي غم سان مارڻو آهي، غم جي اندر لهي وڃڻو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جي حوالي ڪرڻو آهي، جنهن ڏنو آهي ۽ لاهيندو به اهو ئي ڏاتار، ڀلي ڪپي ڪوري پر اصل عاشق اَجَل سامهان هوندا. هو پوئتي نه هٽندا.
    پَاٻوهيو پُڇن، ڪِٿي هَٿِ حَبيبَ جو،
    نيزي هِيٺان نِينهَن جي، پاسي پاڻُ نه ڪَن،
    عاشِق اَجل سامهان، اوُنچي ڳاٽ اَچن،
    ڪُسڻ قرب جَن، مرَڻ تن مشاهدو!

    (سر ڪلياڻ، 3-16)


    رَوندِيُون ڏٺيون مُون اِنَ دَرَ مٿي دادِليوُن

    چئي چنيسر ڄامَ سين، ليلا! لکاءِ مَ توُن،
    ايءُ ڪانڌ ڪنهن جو نه ٿئي، نه ڪاموُن نه توُن،
    رُوندِيوُن ڏِٺيوُن مُون، اِن دَرَ مٿي دادليون.

    (ليلا چنيسر، 2-18)
    مٿيون بيت شاهه صاحب جي سُر ليلا چنيسر جي داستان ٻئي ۾ ارڙهون نمبر بيت (رسالو شاهواڻي) آهي. سر ليلا چنيسر ۾ پڻ سُر ڪاموڏ جيان نياز ۽ نئڙت ڌارڻ جو سبق ڏنل آهي پر هن سُر ۾ خاص طور خطا ٿيڻ ۽ پوءِ جي شدت واري پڇتاءُ بعد مالڪ طرفان مهر جي نظر ٿيڻ جي موضوع کي بيان ڪيو ويو آهي. ليلا چنيسر جو تاريخي واقعو سنڌ جي ڪيترن سگهڙن ۽ شاعرن بيان ڪيو آهي پر لطيفي بيان جي ڳالهه ئي نرالي آهي. شاهه صاحب جو سڄو ڪلام سڪ ۽ سوز، وندر ۽ ورونهن، سچائي ۽ سخاوت، تصوف ۽ وحدانيت، امن ۽ انسانيت جي اپٽار آهي. سندس شاعري سونهن ۽ سچ جي نشانبر آهي سو هن واقعي کي به امر حيثيت ڏئي ڇڏي اٿس. انساني محبت ۽ نفسيات جي ڪيفيتن کي هن پنهنجي اعليٰ شاعراڻي شعور سان هڪ ماهر مصور جيان چٽيو آهي. ليلا جا ايلاز ۽ منٿون، چنيسر جو ڏيهان ڏيهه ڏهڪار، عشق ۽ محبت، درد ۽ فراق، رسڻ ۽ پرچڻ، کلڻ ۽ روئڻ جا سڀ منظر پڙهندڙن جي اکين اڳيان واضح ٿي اچي بيهن ٿا. چنيسر جو ليلا سان ايڏو اٿاهه پيار ۽ ايتري چري چاهت جو کيس ڪا خبر ئي نه پئي ته ڇا پيو وهي واپري ۽ جڏهن ريساڻو راجا سجاڳ ٿو ٿئي تڏهن ليلا کي ڏهاڳ جو ڏنءُ ڏيندي دير ئي نٿو ڪري.
    در حقيقت دنيا جي سمورن فسادن جي جڙ لالچ آهي. اها لالچ ئي آهي جا حضرت آدم ۽ بي بي حوا کي ان وڻ جي ويجهو وٺي ويئي جنهن جو کين اهو حڪم هو ته “لاتقربا هذه الشجرة”، “هن وڻ جي ويجها نه وڃجو” پر دائمي حياتيءَ جي خواهش کانئن اهو ڪم ڪرايو جو کين هميشه لاءِ پنهنجي رب وٽ اهو نافرمانيءَ جو داغ کڻڻو پيو. اهڙيون خواهشون جن ۾ لالچ سمايل هجي هميشه هيٺانهين درجي تي پهچائينديون آهن، جڏهن ڪا خواهش شدت اختيار ڪري جنون جي حد تائين پهچي وڃي، تڏهن ان جو انجام هميشه ناڪاري ئي ٿيندو آهي. ليلا هارَ تي هرکجي، چنيسر جي چاهت ۾ ايترو ته چري ٿي وئي، جو کيس اها خبر ئي ڪانه پيئي ته سندس اها انڌي لالچ ۽ انڌي محبت کانئس ڪانڌ قربان ڪرائيندي ۽ هيڏي وڏي هاڃي کيس پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. هوءَ فقط ليلائيندي رهي. ڏٺو وڃي ته لالچ هميشه خواهش مان جنم وٺندي آهي ۽ خواهش کي قابو رکڻ ۾ وڏو ڪم انسان جو نفس ئي ادا ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن هو نفس جي گهوڙي کي قابو رکي ۽ ضرورت ۽ خواهش ۾ فرق کي ڄاڻي ته ڪڏهن به ساڻس اهي هاڃا نه ٿين جن کان پوءِ پڇتاءُ سندس مقدر بڻجي. حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته “زندگيءَ کي ضرورت تائين محدود رکو ۽ ضرورت فقيرن جي به پوري ٿيندي آهي ۽ خواهشون بادشاهن جون به رهجي وينديون آهن” ۽ اهو به فرمايو اٿن ته “ڪوشش ڪريو ته توهان دنيا ۾ رهو ۽ دنيا توهان ۾ نه رهي، ڇو ته ٻيڙي جڏهن پاڻيءَ تي رهندي آهي، ته اها ترندي رهندي آهي ۽ جڏهن پاڻي ٻيڙيءَ ۾ اچي ويندو آهي ته اها ٻڏي ويندي آهي”.
    خواهشون رکڻ عيب ڪونهي پر بي جا ۽ غلط خواهشون حياتيءَ جو سڪون وڃائينديون آهن ۽ پوءِ انسان کي بري ۽ ڀلي ۾ تميز نٿي رهي ۽ شين جي محبت جڏهن دل ۾ وسي ويندي آهي، تڏهن انهيءَ دل جو مالڪ اتان لڏي ويندو آهي، پوءِ فقط اميدن ۽ لاحاصل خواهشن کي ممڪنات ۾ بدلائڻ جا ڀَوَ هوندا آهن، سو ليلا پڻ لالچ ۽ نفساني خواهش سبب نافرمانيءَ جي مرتڪب ٿي. سچيءَ محبت جو جذبو پاڪ ۽ شفاف آهي جيئن ڌڻي سڳوري کي پنهنجي محبت ۾ شراڪت جو جذبو پسند ڪونهي هو سڀ ڪجهه معاف ڪري ٿو، پر شرڪ کي معاف نٿو ڪري، تيئن دنياوي طور پڻ محبت ۾ ٻيائي محبتين وٽ معافيءَ جوڳو عمل نه آهي، سو شاهه صاحب پڻ شرڪ ۽ ٻيائيءَ کان روڪي ٿو. کيس چڱيءَ پر خبر آهي ته ڪانڌ کي وڏائي ۽ ڪبريائي پسند ڪونهي فرمائي ٿو ته،
    چنيسر سين چاءُ، متان ڪا مُنڌ ڪري،
    ڪانڌ ڪنهن جو نه وڻي گيرَب ۽ گاءُ،
    جي ٿِڙي ٿورڙياءِ ته دوسِ دَسائي داسِڙو.

    (ليلا چنيسر 3-2)
    سچي محبت بي عيب آهي جا ليلا کي نصيب هئي پر هُن انهيءَ ۾ ٻيائي ڪئي سو سندس سٽاڻي سردار کي پسند نه پيئي ڀانيائين ته حيلو ٿي ڪريان هار پائي پاڻ کي وڌيڪ وڻائينديس پر ان هار ئي کيس هلڪو ڪيو. شاهه لطيف ليلا جي واتان سندس اهو ڏک هن ريت بيان ڪيو آهي فرمائي ٿو ته،
    وڏيري هُياس، چنيسر جي رَاڄَ ۾،
    دُهليِن دَمامِين، نقُرين ٿي پلپل پُڇياسِ،
    هُيس دادِلي دوسنِ جي، کَڻِي هارَ هَلڪِي ڪَياس،
    تِهان پوءِ ٿِياسِ، ڪانِيارِي ڪَانڌَ جِي.

    (ليلا چنيسر، 2-5)
    ليلا جي واتان عيبن جا اعتراف آهن ۽ پڇتاءُ جي پيڙا آهي ڏٺو وڃي ته آزي نيزاري ۽ التجا ٻانهي جو هٿيار هئڻ گهرجي، پاڻ پڏائڻ ۽ سينو ساهڻ شيطاني رستو آهي جنهن سان ڪئي ڪمائي ڪُٽ ٿي ٿي وڃي. ليلا ڪيڏي نه مانائتي هئي؟ هاڻي کيس مڪمل احساس آهي ته اها وڏيرائپ نه سندس ڏات هئي ۽ نه سندس ڏانءُ هو. اها ته فقط دوس داسڙي جي مهرباني هئي. سندس واتان ڀٽ ڌڻي ماضيءَ جا ڏک ٿو سارائي،
    الا اڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيُون ڏُک ڏسن،
    مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

    (ليلا چنيسر، 2-6)
    هتي ليلا، ڪريم جي ڪيل ڪرمن کي ياد ڪندي اهو مڃي ٿي ته مون خود کي “عقلِ ڪل” سمجهيو. عام طور ڏاهپ مان مراد عقل ۽ سمجهه جي ورتي ويندي آهي ۽ ڀورائي اهڃاڻ آهي بي عقليءَ جو، پر هن بيت ۾ اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته “ڏاهي مَ ٿيان” يعني “شل مون کي عقل ئي نه هجي” اهڙو گفتو شاهه صاحب پنهنجي هن سُورميءَ کان ڪيئن چورايو آهي؟ جڏهن ته عقل ۽ سمجهه ته خدائي نعمت ۽ هڪ وڏو عطيو آهي ۽ اهو اعليٰ عطيو ته پيغمبرن ۽ نيڪن جو ورثو آهي پوءِ ان کي ڇو نِنديو ويو آهي؟ غور ڪرڻ سان واضح ٿئي ٿو ته هيءُ اهو عقل ۽ ڏاهپ ڪانهي جا پيغمبري سمجهه ۽ ڏاهپ آهي، بلڪه هيءَ ڏاهپ اها آهي جنهن کانپوءِ انسان پاڻ کي “عقلِ ڪل” ۽ خودمختيار سمجهندو آهي ۽ اتان ئي نفس جي گمراهي شروع ٿي وڃي ٿي ۽ جنهن ليلا کي به چنيسر راجا جي دل تان لاٿو. هتي “ڀورائيءَ” مان مراد ها سادگي ۽ نهٺائي آهي، جنهن ۾ بندي جو عاجزيءَ سان محبوب کي مانائتو ڪرڻ ۽ پنهنجي “خودي” ۽ “پاڻ پڻي” کي ختم ڪرڻ آهي. مطلب ته ڀورائي بي عقلي هوندي به عقل آهي ۽ بي سمجهائي هوندي به سمجهه ۽ ڏاهپ آهي، جنهن ۾ ڪريم جا ڪروڙين ڪرم ٿين ٿا ۽ انهيءَ جي ابتڙ ڏاهپ ئي اهو شيطاني فخر آهي، جيڪو هميشه لاءِ هيٺانهين تي لعنتي ڪرائي پهچائي ٿو ۽ انهيءَ کان پوءِ فقط ۽ فقط پڇتاءُ ۽ آزيون ۽ نيزاريون ٿيون بچن، سي به شل قبول پون. آزين ۽ نيزارين کان پوءِ ليلائڻ ۽ منٿن کان پوءِ به نڌر کي نوازڻ هُن غفار الذنوب جو ڪم آهي، جتي فقط ڪيرت ڪرڻي آهي ۽ رحمت مان مايوس به نه ٿيڻو آهي “لاتقنطو من رحمت الله” يعني الله تعاليٰ جي رحمت مان مايوس نه ٿيو. هُن مالڪ کي، دل جي صفائي گهرجي ۽ هو داسڙو ته دليون ٿو پرکي ان ڪري شاهه صاحب چوي ٿو ته:
    جي ليِلائي نَه لهِين ته پُڻ ليلائج،
    آسَرمَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.

    (ليلا چنيسر، 2-21)
    شاهه صاحب جي هن سڄي سُر ۾ اها هدايت آهي ته لالچ کان بچو، هٺ، فخر ۽ غرور کان پاسو ڪيو. پنهنجي پاڻ کان ٿيل غلطين کي دل سان مڃي، پاند غريبيءَ گڏي، معافيءَ جا طالبو ٿيو ۽ سچيءَ دل جي اها معافي جنهن ۾ خوديءَ جو ڪوڙو ڀرم نه هجي ضرور قبول ٿيندي، سچيءَ محبت جو قدر ڪيو محبتن جا قدردارن ڪڏهن به ڏکيا ڪونه ٿيندا آهن. ليلا تي چنيسر جا وڏا وڙ، وڏا قرب ۽ وڏيون عنايتون ۽ عطائون هيون. پر هڪ معمولي هيري تي هرکجي هيڏي بي بها دل واري ناياب هيري کي هٿان وڃايائين سو پيار ئي دنيا جي اصل حقيقت آهي، سچي پيار جو قدر ڪرڻ ۽ ان جي پرک ڪرڻ لاءِ صاف ضمير ۽ خالص دل ئي ڪسوٽي آهي. اخلاص، نياز ۽ ٻانهپ جي ٻولي هر هڪ ماڻهوءَ جي دل جيتڻ جو هٿيار آهي ۽ ان سان ئي هن زمين تي محبتون ۽ دلين ۾ وسعتون پيدا ٿينديون رهنديون.


    سُلطاني سُهاڳ نِنڊوُن ڪَندي نَه مِلي

    سُتا اُٿِي جاڳُ، نِنڊ نه ڪجَي ايتَري،
    سُلطاني سُهاڳِ، ننڊِوُنِ ڪَندِي نه مَلي.

    (سر ڏهر، 3-8)
    شاهه لطيف هڪ سڄاڻ ۽ سجاڳ انسان هو سندس شاعري انهيءَ جي مڪمل گواهي پيئي ڏئي. هن پنهنجي سڄي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج کي غفلت مان ڪڍڻ جا ڏس ڏنا آهن. هو ڪم همتيءَ کي، بي صبريءَ کي، بي شڪريءَ کي، لاپرواهيءَ کي، بي سمجهائيءَ کي ديني ۽ دنياوي غلفتن کي ننڊ سڏي ٿو. سندس هڪڙو ئي مقصد آهي ته منهنجي قوم، منهنجا پنهنجا ماڻهو سکيا ستابا ۽ بي اونا هجن ۽ انهيءَ لاءِ هو حياتي گهارڻ جي مقرر مَتَن تي عمل ڪن. وقتي سک ۽ آرام ترڪ ڪري هميشه لاءِ جا سک حاصل ڪن. “سلطاني سهاڳ” وٽس “مقصد جي حاصلات” آهي ۽ “ننڊ” انهيءَ مقصد کان غفلت آهي. ائين به نٿو چوي ته بلڪل بي آرام هجو. “ننڊ ته ڪجي ايتري” مان مراد آهي غافل ٿي سمهڻ اهو به چوي ٿو ته:
    ڪِي سُمهه، ڪِي جاڳ، نِنڊَ نه ڪجِي ايتَرِي،
    ايءُ مانجهانديءَ جو ماڳُ، جو تو ساڻِيهه ڀانئيو.

    (ڏهر، 3-9)
    مطلب ته لطيف سائين غفلت مان نڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مثالن ذريعي انسان کي همٿ، بهادري ۽ سجاڳيءَ جا رستا ڏيکاريا آهن. هن جي شاعريءَ جو مڪمل واسطو سندس ڌرتيءَ ۽ ان ڌرتيءَ تي ڳالهائيندڙ ٻولي ۽ ڌرتيءَ واسين سان هو. سندس دور ۾ جيڪي سماجي حالتون هيون سي سياسي ابتريءَ واريون ۽ سماجي طور غير منظم هيون. طبقاتي فرق، جاگيرداري نظام ۽ پيري مريديءَ کانسواءِ عام ماڻهوءَ جي زندگي ڏکي ۽ بکي هئي ۽ سڻڀيءَ سنڌ تي ڌارين جون شورشون دنگل، فساد هوندائي هوندا هئا. ذات پات جا فرق ڏسي هُن هيڻن کي همٿايو. معاشي بدحاليون ڏسي سندس اندر ڏريو. هُن کين سون ورنن هٿن سان پورهئي لاءِ همٿايو پنهنجا حق جاگيردارن، زميندارن ۽ وڏيرن کان وٺڻ لاءِ کين “اوچو وهه اوڀار” جون صلاحون ڏيئي هڪ نئين سنڌي سماج جي تشڪيل ڪرڻ چاهي. اهڙو سماج جنهن ۾ ننڊ ڪندڙ نڀاڳن کي اوڀالا ملن. پاڻ جتي جيڪي “گهڙن سي چڙهن” ۽ “ويٺلن تان واري وري” جا سبق ڏنائين اتي هن هارين نارين، مهاڻن، ٻيڙياتن، ڪنڀارن، ناکئن ۽ ويڙهيچن سان حال اوري پنهنجن کي مايوسيءَ جي ڪُن مان ڪڍڻ لاءِ کين انسانيت جا، پيار ۽ محبت جا، سنئين رستي تي هلڻ جا، امن پسنديءَ جا ۽ حوصلي ۽ بهادريءَ جا سڏ ڏنا، سندس ڪلام اڻٿڪ محنت، جدوجهد ۽ ڪشالن ڪڍڻ جهڙين هدايتن جو خزانو آهي، سر رامڪلي، سامونڊي، سسئي، سهڻي مطلب ته هر پاسي هن عظيم مقصدن خاطر جدوجهد جي جوت جرڪائي آهي. عورت ذات کي ڪمزور نه پر سورهيائيءَ جو سمبل ڪري پيش ڪيائين. سهڻيءَ جي لاءِ مهراڻ جون موجون، ڪُنن جا ڪڙڪا، درياءَ جي دهشت، سخت سياري جي رات ۾ ڪو به خوف نه آهي. کيس پنهنجي سر جو سانگو لاهي مئي متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏيڻو آهي ۽ موجن جي مستيءَ ۾ ڪاهي پوڻو آهي. سهڻيءَ جو گهڙو ڀڳو ته گهوريو شاهه موجب وسيلا وسارڻا آهن. ڀلي دنيا جا وسيلا تنگ ٿي وڃن، پر رب جي رحمت کان نه مايوس ٿيڻو آهي ۽ نه ئي غفلت ڪري پري هٽڻو آهي. همٿ ۽ جستجو انهيءَ غفلت کي ختم ڪرڻ سان ئي پيدا ٿينديون، پهرين پنهنجي نفس جي نفس ڪشي ڪري، ان گمراهيءَ جي ڪُن مان نڪري پوءِ ئي اڳيان وڌبو، جنهن جو اهم حل غفلت کان بچاءُ آهي. مطلب هر وقت چوڪس ۽ سجاڳ رهڻو آهي. ان ڪري فرمائي ٿو ته:
    جَڏهِن سُتيون جي پَٿرَ پيرَ ڊِگها ڪَري،
    تڏهن تَنِين کي، ساٿَ سُتيئي ڇڏيو.

    (ڪوهياري، 1-8)
    لطيف جي هر بيت ۾ سجاڳيءَ جا سڏ ۽ همت جا هوڪا آهن، هو ويل کي هٿان نه وڃائڻ جو طالبو آهي، سندس سڄي شاعري ۽ سمورا ئي بيت اهو ئي بيان آهن ته سچائيءَ سان جدوجهد ڪريو. جستجو ڪريو باقي سستي، ڪاهلي، آرام پسندي، غفلت ۽ سنجهي سمهي رهڻ ناڪاميءَ جا دليل آهن. ڏاڍ خلاف جدوجهد، آزاديءَ جي امنگ، سامراجي قوتن خلاف جهاد، جهالت ۽ بي انصافيءَ خلاف واڪا، انتهاپسنديءَ کي نندڻ ۽ ظلم سان مهاڏو اٽڪائڻ لطيفي فڪر جا اهم متا آهن. هو وطن دوست شاعر پنهنجي هم وطنن کي، مظلوم ڌرتيءَ واسين کي سجاڳ ڪندي چوي ٿو ته ننڊ توهان کي نهوڙي ويندي. سندس رسالي جو اهم ڪردار سسئي فقط ۽ فقط همٿ ۽ سجاڳيءَ جي تمثيل آهي، جا ويهڻ کي عيب ٿي ڄاڻي. هن جو حوصلو، بردباري، بهادري، جرئت جو جذبو، جستجو جاري رکڻ جا جتن کيس اڳيان ۽ وڌيڪ اڳيان وڌڻ لاءِ هر کائين ٿا. سسئيءَ کي پنهنجي ننڊ ۽ غفلت تي پڇتاءُ پڻ آهي شاهه صاحب چوي ٿو ته:
    سَنجهي مُون نَه سنڀاليو، مارِيسَ سورَ صبوح،
    نيڻَ هيرايئهِ ننڊَ سِين، جَتنَ لنگهي جوءِ،
    هاڃو ڪري هُوءِ، آڌيءَ راتِ اُٿي ويا.

    (ديسي، 4-10)
    سسئيءَ کي جيڪي تڪليفون پيش اچن ٿيون. انهن تي سندس دل ڪڙهي ٿي پر هوءَ سڀني مسئلن جو سبب پنهنجي غفلت ٿي ڄاڻي ننڊ کانئس وقت وڃائي ڇڏيو هاڻي هوءَ آهي ۽ سندس سڄو سفر سورن جو ته به عزم ۽ ارادي جي پختگيءَ سان چوي ٿي ته،
    ڪَنڊا مُون پيرَنِ ۾، توڻي لَکَ لڳن،
    آڱِر، آڱُوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ،
    وِيندي ڏانهن پِرين، جُتي جاتِ نه پائيان.

    (معذوري، 3-10)
    سسئي سج کي، چنڊ کي، ڪتين کي، جبلن کي، هوائن کي، مروئن کي، اٺن کي، ڏيرن کي، پنهون کي، ڏوهه ڏيندي به سڀ کان گهڻو پاڻ کي ڏوهاري ٿي سمجهي ته کيس غفلت ڇو ٿي؟ ڀٽ ڌڻي کيس هنڌ هنڌ اهي فهمائشون ڪيون آهن. فرمائي ٿو ته:
    اِي ڪَمُ ڪمِيڻِيَن، جِيئَن سمهن پير ڊگها ڪري،
    لوچِين ڇو نَه، لطيف چي، هاريٰ لئي هوتن،
    ننڊان نِڀاڳِن کي، اوڀالا اَچَن،
    سي پُنهون ڪُوهَه پُڇن، جي سَنجهي رَهن سُمِهي.

    (ڪوهياري، 1-10)
    ٻين به ڪيترن ئي هنڌن تي سندس غلفت کي پليو اٿن ۽ گڏوگڏ سندس همٿ حوصلي کي وڏي مڃتا به ڏني اٿن. انسان ته غفلت جو گهر آهي ان کان غلطيون ضرور ٿيون ٿين. پر اصل ڳالهه آهي ان مان سبق سکڻ جي، شاهه لطيف اسان کي اهي سبق سمجهايا آهن. هُن ڄاڻايو آهي ته، انساني عظمت هماليه جيڏين همتن ۽ آدرشن کي پنهنجو ڪرڻ ۾ آهي. اسان کي گهرجي ته لطيف سائينءَ کي پنهنجو روحاني، اخلاقي، ايماني ۽ ذهني رهبر ڄاڻون، سندس هِڪ هِڪ سُر مان هِڪ هِڪ داستان مان ۽ هر داستان جي هر بيت جي هِڪ هِڪ سٽ مان ڄاڻ پرايون علم ۽ عمل جي هن درياهه مان سُرڪيون ڀري لطيف جي هاڪاري سوچ Positivity کي پنهنجو ڪريون. اڄ جيڪڏهن سنڌي سماج جي هر گهر جو هر هڪ فرد پنهنجو پاڻ ۾ تِرَ جيتري به منفي سوچ نه رکي ۽ هاڪاري جذبن ۽ عملن کي پکيڙي ته اسين هڪ بهتر سماج کي اڏڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. شرط فقط اهو آهي ته لطيفي فڪر کي عام ڪريون ۽ ان آدرش جي پيروي ڪريون. اها ئي سنڌي قوم جي ترقيءَ جي روشن راهه آهي.


    شاهه لطيف جو پيغام

    سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيا کي وڌائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي جيارڻ ۾ سنڌ جي صوفين ۽ شاعرن جو وڏو هٿ آهي. انهي سڀني صوفين ۽ باڪمال بزرگن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪردار سوايو آهي، شاهه لطيف هڪ آدرشي انسان هو ۽ هُن پنهنجي شاعريءَ معرفت انسان ذات کي آدرشي جيون جيئڻ جا گس ڏسيا آهن، سندس شاعري هڪ مڪمل رسالي جي صورت ۾ اڄ اسان وٽ محفوظ آهي، جنهن کي “شاهه جو رسالو” سڏيو وڃي ٿو، “رسالو” لفظ، “رسل” مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، “پيغام” شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ وسيلي اسان کي ڪهڙو پيغام ڏنو آهي؟ ڇا اسان سندس ڏنل پيغام کي پروڙي ان تي عمل ڪيو آهي؟ ۽ اهو ئي هِن دور ۾ غور جو مقام آهي.
    شاهه لطيف فقط شاعر نه هو، بلڪه هُو سنڌ جو هڪ عظيم مفڪر ۽ دانشور هو، جنهن جي دل ۾ هن ڌرتيءَ جو درد سمايل هو. کيس سنڌ جي ذري ذري سان محبت هئي، انهيءَ ئي ڪري هُن ڌرتيءَ واسين کي محبت ۽ ڀائيچاري جا سبق ڏنا. سندس شاعري سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ نه، پر پوريءَ دنيا لاءِ جدوجهد، امن ۽ سجاڳيءَ جو سڏ آهي. فرمائي ٿو ته:
    سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
    دوس! مٺا دِلدارَ عَالم سَڀِ آبادِ ڪرين.

    (سارنگ. 4-12)
    پوري عالم لاءِ دعاڳو هن عظيم انسان جو پيغام محبت آهي، هن ڄاڻايو آهي ته دوست جو ديرو دِل ۾ آهي ۽ هر ماڻهوءَ کي پنهنجي مَنَ مان ڪِٽِ ڪڍي ان کي ڌوئي صاف ۽ پاڪ ڪري پوءِ اڳيان وڌڻو آهي، محبت جي آفاقي جذبي سان ٽمٽار دل ئي انسانيت آهي، دل جي صفائيءَ لاءِ شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترائي نصيحت ڀريا نڪتا ڏسيا آهن. پنهنجي پاڻ جي حساب ڪتاب تي زور ڏنو آهي، انساني اصلاح لاءِ سندس هي سٽون ئي ڪافي آهن.
    جان پيهي ڏٺم پاڻ ۾، ڪري رُوحَ رهاڻ،
    ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
    پنهون ٿيس پاڻ سَسُئي تان سور هُئا.

    (سسئي آبري 3-7)
    انسان اشرف المخلوقات جي لازوال رتبي جو روادار تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن سندس خيال ۽ عمل ٻين انسانن لاءِ به فائديمند هجن. لطيف سائين فرمائي ٿو ته:
    هو چونيئي تون ۾َ چئو، واتان ورائي.
    شاهه لطيف صبر، سخاوت، سچ ۽ ماٺ کي پسند ڪندي، همٿ ۽ بهادريءَ جا سبق ڏنا آهن. اخوت ۽ پيار جا پيغام پيش ڪيا آهن.
    هُو ابوبن آدهم جيان الله جي بندن کي پيار ڪرڻ جو قائل آهي، پوريءَ انسانيت جو ڀلو چاهيندڙ آهي، کين ٻڌيءَ ۽ محبت جو سبق ڏيندي چوي ٿو ته:
    وَڳر ڪيو وَتَنِ پِرتِ، نه ڇِنَنِ پاڻ ۾،
    پَسو پَکيئڙن ماڻهِنئان مِيٺ گهڻُو.

    (ڏهر 4-5)
    لطيف جي شاعري روايتي شاعري نه آهي، سندس سڃاڻپ ئي اها آهي ته هُو مختلف ۽ انفرادي سوچ جو شاعر آهي، هُن جو ڪائناتي مطالعو، مشاهدو، وسيع النظري، ڪشاده دِلي، اوچي سوچ، شاعريءَ جي گهرائي، ڪماليت جي وسعتن تي آهي. تنگ نظري، مفاد پرستي ۽ منافقت تي ڇوهه ڇَنڊيندي هو فقط ۽ فقط پيار جا پيغام ٿوسڻائي. انهيءَ پريت جي پرچار سبب ئي ته هو انسانيت جو علمبردار پيامبر سڏيو ويو آهي، لطيف جو فن ۽ فڪر “محبت پائي من ۾ رنڊن روڙڻ جو” آهي. “چائت پائي چتَ ۾، سنهي ڪتڻ” کي پسند نٿو ڪري، وٽس دل جو درجو اُتم آهي، کيس اها چڱيءَ پر پروڙ هئي ته سنڌ ڌرتيءَ کي امن، محبت ۽ رواداريءَ جي ضرورت آهي، جڏهن انتهاپسنديون ۽ دهشتگرديون ديرو ٿيون ڄمائين، تڏهن “سنڌ مٿي سُڪار” لاءِ سندس پُڪار سنڌ واسين کي سڏي ٿي. پر اهو علم هوندي به اسين عمل کان وانجهيل آهيون ۽ اڄ جيڪي غير يقيني حالتون اسان جي آس پاس موجود آهن، انهيءَ جو سبب اهو ئي آهي ته اڃا اسان لطيف جي پيغام کي صحيح پروڙيو نه آهي ۽ جي ٿورو گهڻو سمجهيو آهي ته عمل نه هئڻ برابر آهي ۽ بي عمل ۽ بي تحرڪ زندگي ته ظاهر آهي بيڪار ئي آهي. جڏهن اسان وٽ زندگي گذارڻ جو سولو ۽ آسان دستاويز شاهه جي رسالي جي صورت ۾ موجود آهي ته پوءِ ڇو نٿا ڌيان ڌريون؟ ۽ سندس ڏنل پيغام کي اندر ۾ اوتي عمل ڪيون؟ اهو وڏي فڪر جو مقام آهي شاهه جي فن ۽ فڪر جو اونهو اڀياس ئي آهي جو سنڌ واسين جي حياتيءَ کي سنئين دڳ تي لائي سگهي ٿو.
    شاهه جو رسالو پڙهڻ، پروڙڻ ۽ ان کي عام ڪرڻ جي شروعات پنهنجي پنهنجي گهرن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، مڪتبن، مدرسن، محفلن، سيمينارن، شادين غمين ۽ ٻين هر موقعن ۽ هنڌن تي ڪريون. هر محفل جي شروعات شاهه صاحب جي بيت ۽ سمجهاڻيءَ سان ڪريون، ميڊيا معرفت شاهه جو پيغام عام ڪريون. سندس مثبت سوچ کي جڏهن سنڌي سماج چڱيءَ پر سمجهي ويندو، تڏهن ئي سنڌي قوم ۾ هڪ وڏي تبديلي ايندي لطيف جو پيغام انسانيت آهي. سندس رسالو حقيقي رهبر ۽ سونهون آهي. ۽ ان جي سمجهڻ سان نئين نسل ۾ انسانيت جو واسو پيدا ٿيندو ته لطيف شناسي منجهن پيار ۽ محبت جا اڻ ملهه جذبا وکيريندي. هو هر دور جو ڪيميا گر شاعر آهي. سندس پيغام هر دور لاءِ محبت ۽ فقط محبت آهي.


    شاهه جي شاعريءَ ۾ سجاڳيءَ جو سڏ

    گذريل ٽِن چئن صدين دوران سنڌ جيڪڏهن ڪو وڏو ماڻهو پيدا ڪيو آهي ته اهو فقط ۽ فقط “شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح” آهي. جنهن جي پنهنجي حياتيءَ جو احوال ۽ سندس شاعريءَ جو رسالو مڪمل طور اهو ڄاڻائي ٿو ته شاهه لطيف خود هڪ سمجهو، سجاڳ ۽ سُڄاڻ شخص هو ۽ هن پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ واسين کي پڻ اهو ئي سُجاڳيءَ جو سڏ ڏنو آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪوبه بيت ڪابه وائي اهڙِي نه ملندي جنهن ۾ مايوسي، بي همتي ۽ حياتيءَ کان بيزاري ملي.
    اڄ جي دؤر ۾ ماڻهن جا وسيلا وڌيڪ هوندي به انهن جا حال هيڻا ۽ سور ٻيڻا آهن. جسماني ۽ ذهني بيماريون کين نهوڙي وڌيڪ مسئلن جي اونهي غار ڏي ڌِڪي رهيون آهن. انهيءَ ڪري هر دور جيان هن دور ۾ پڻ فقط شاهه جو رسالو ئي آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ سان مَن ۾ مثبت خيال ۽ سوچون اينديون آهن. دل خدا ڏي راغب ٿيندي ۽ حياتيءَ کي صحيح گهارڻ لاءِ همٿ ۽ قوت ايندي آهي. شاهه صاحب واحد شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ انساني حياتيءَ جي اڻ مُلهه قدرن کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. سندس ڪلام انساني حياتيءَ جو مڪمل اڀياس آهي. هو پنهنجي پيارن کي بار بار سمجهائي ٿو ته “غافل غفلت ڇوڙ”، “سلطاني سهاڳ ننڊون ڪنَدي نه ملي”، “جن وڃايو حال، حيف تنين جي حال تي”، يا “ننڊ نه ڪجي ناکئا” هو ڄاڻائي ٿو ته زندگي چرپر ۽ سُجاڳيءَ جو نالو آهي. هلڻ ۾ سوڀ آهي ته ويهڻ ۾ هار آهي. ماڻڪ موتي انهن کي ملندا جيڪي سمنڊ سيويندا.
    سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،
    چلڙ جي چُوئين، تن سانئوٽا ۽ سپون.

    شاهه جو رسالو سُجاڳي ۽ سچائيءَ جي عالمي پڌرنامو آهي. جنهن ۾ جهالت ۽ ڪوڙ جي خلاف ڪيترائي روشن سج چمڪندي ۽ چلڪندي نظر پيا اچن. شاهه لطيف انسان جي منزل مقصود ڏانهن وڌڻ جو پهريون ڏاڪو سُجاڳي ٻڌايو آهي ۽ اهو پڻ ٻڌايو آهي جڏهن جاڳ ٿيندي ته اهڙو وَکر حاصل ٿيندو جيڪو هميشه ڪم ايندو ۽ ڪڏهن به ضايع نه ٿيندو.
    فرمائي ٿو ته:
    وَکر سووِ وِهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿيئي.
    شاهه لطيف ان ڪهڙي وَکر ڏانهن اشارو ڪيو آهي؟ جيڪو پئي پراڻو نه ٿيندو ته اهو وَکر آهي، وطن دوستي، انسان دوستي، عوام دوستي اهو وَکر آهي غلاميءَ کان نفرت، آزاديءَ سان پيار، ڏاڍ آڏو نه جُهڪڻ، اصولن تي اَٽل ٿي بيهڻ، مقصد لاءِ لڳاتار پاڻ پتوڙڻ، سچ جو ساٿاري بڻجڻ، اهو وَکر آهي نيڪيءَ جي ڳولها، بديءَ کان بُڇان، اهو وَکر آهي جهالت جي پاڙ پٽڻ ۽ علم کي عام ڪرڻ. انهيءَ جي لاءِ هن پنهنجي سڄي شاعريءَ ۾ محبت ۽ پيار جو لازوال سبق ڏيندي ماڻهوءَ جي مَنَ کي محنت لاءِ اُتساهيو آهي. سندس اهو ئي چوڻ آهي ته ننڊ نڀاڳ آهي ۽ سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملندو. پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن هنڌن تي هُن ديني توڙِي دنياوي طور غفلتن کان پليو آهي، ڇو ته آرام ۽ عيش جي ترجيح نفس کي گمراهيءَ ڏي موڙِي ٿي. نفس کي مارڻ ئي “جهادِ اڪبر” آهي. هو مقصدي حياتيءَ کي اهميت ڏيندي ماڻهوءَ کي اڻ ورچائيءَ ڏي موڙي ٿو. سندس نظر ۾ وقت جو قدر ئي انساني معراج آهي. چوي ٿو ته:
    جڏهن ستيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري،
    تڏهن تنين کي، ساٿ سُتي ئي ڇڏيو.

    رب کي ريجهائڻ جو ذريعو به ڪشالن، محنتن ۽ تڪليفن سان ڀرپور هجي ٿو، جڏهن قبول پوي، راتين جا رڪوع، قيام ۽ ذڪر هر ڪنهن جي وَسَ جي ڳالهه نه آهي قرآن پاڪ ۾ ڄاڻايل آهي ته:
    “انَّ الۡقُرآنَ لِفَجۡرِ مشهوداً”
    ترجمو: بيشڪ فجر جو پڙهيل قرآن پاڪ حاضر ۽ پسند ڪيو ويو آهي. بنيادي طور نه فقط اسلام پر هر مذهب ۾ عبادتن ۽ رياضتن لاءِ نفس ڪُشي محنت، جدوجهد ۽ اوجاڳن کي اهميت آهي. هڪ سُٺي انسان ٿيڻ لاءِ اهم وصف قرباني ۽ مقصد لاءِ پنهنجو پاڻ کي تج ڪرڻ آهي. جنهن جي لاءِ هر وقت چوڪس ۽ سُجاڳ رهڻو آهي، متان اوندهه ٿي وڃي ۽ پرينءَ جو پير لهي نه سگهجي، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪرڻي آهي. اها ڪاهه هر ڪنهن کي ڪرڻي آهي، چاهي اهو شاگرد هجي يا استاد، ڪڙمي ڪاسبي هجي يا مزدور، ڪامورو هجي يا سياستدان، طالب هجي يا مطلوب، محبوب هجي يا معشوق مطلب ته حياتيءَ کي مثبت نموني گهارڻ لاءِ ماڻهوءَ کي محبت مَن ۾ پائي محنت ۽ مستقبل مزاجيءَ سان منزل مقصود ڏانهن وڌڻو آهي، مقصد ۽ محبوب انهيءَ کي ملندا، جيڪي رندن روئندا، لامحدود عشق جي ڪماليت ۾ بي خود ٿيڻ سان ئي رستو آسان ٿو ٿئي.
    مٿي اڳ ۾ ڄاڻايو اٿم ته شاهه صاحب جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به ڪنهن به هنڌ ڪابه مايوسي، بي همتي ۽ بيزاري نٿي ملي. جڏهن انسان ۾ اهڙا ناڪاري جذبا پروان چڙهندا آهن، تڏهن هو آهستي آهستي وِساڻيل اُجهاميل ۽ نيستو ٿيندو ويندو آهي. هو آزاديءَ کان غلاميءَ ڏي، اصولن کان بي اصوليءَ ڏي، سچ کان ڪوڙ ڏي مڙڻ لڳندو آهي. جتان ئي سندس زوال جو پهريون ڏاڪو شروع ٿيئي ٿو. غلاميءَ کي ننديندي سنڌ جو ڏاهو حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي مضمون “ڪمال ۽ زوال” ۾ لکي ٿو ته، “اهڙيون قومون جن ۾ همٿ ۽ محنت ناهي، انهن جا مرد عورتن جهڙا ۽ عورتون جنازن جهڙيون هونديون آهن ۽ آخرڪار اهي قومون غلام ٿين ٿيون”. آزاديون پڌري پٽ مشڪلاتن سان مهاڏا اٽڪائي ملن ٿيون. هن جهان جو جنسار ۽ سنسار جو سينگار ۽ انساني عظمت جو معراج محنت ئي آهي ۽ ڀٽ ڌڻي پڻ اسان کي اها ئي تلقين ٿو ڪري.
    ٿڪيا ئي ٿرٿيلهه، چڙهه چڪيائي چوٽئين،
    هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀو مڙيئي ڀيل،
    اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.

    شاهه لطيف پنهنجي وقت ۾ سنڌ کي ڏکين حالتن مان لنگهندي ڏٺو هو. کيس قنڌارين جي ڪرتوتن، ارغونن ۽ ترغانن جي هانءُ ۾ هٿ وجهڻ وارن قهري ظلمن جي ڀليءَ ڀت خبر هئي. ان ڪري هُن غيرن جي غلاميءَ کي پليندي آزاديءَ جا، سنڌ تان سر ساهه صدقو ڪرڻ جا سبق ڏنا. سور ۽ سختيون سهي سچ ۽ ساڻيهه لاءِ سُجاڳ رهڻ جو حڪم ڏنو. مارئيءَ جي ملير لاءِ محبت معرفت سنڌ واسين کي سنڌ سان سچي رهڻ لاءِ سُجاڳ ڪيائين. جُنگ جوانن ابڙن کي ۽ دودن دليرن کي ڳائي همٿ ۽ بهادريءَ جو مانُ مٿانهون ڪيائين.
    ارڻ ٻڌي ابڙي، رِڻ ۾ رُڪ رئي،
    تيغن تاءُ تِکو گهڻو، سگهي ڪونه سهي،
    رَبّ هب لي اُمتي، چڙهئو ڄام چئي،
    سمي سام کنئي، سرڻين جو سک ٿيو.

    سورهيائي سجاڳيءَ جو اهڃاڻ آهي، صدين کان اها وصف سنڌ واسين وٽ هڪ لازوال خوبي سڏي وڃي ٿي. سورهيه سرويچ ملڪن جو مان ۽ شان هوندا آهن. مٿن صديون فخر ۽ ناز ٿيندو رهندو آهي، شاهه لطيف سنڌي مردن ۽ عورتن کي سورهيائيءَ جا سبق ڏيندي ڄاڻائي ٿو ته، “اهي گهوٽ اڻ موٽ آهن، جن کي سندن ونيون جنگ جي ميدانن ۾ پڻ پارت ڪري ٿيون موڪلين ته کين پٺيءَ تي گهاءُ نه لڳل هجن، هُو بزدلي بي همتي ۽ بي غيرتيءَ جو باعث نه بڻجن. سندن واتان ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته،
    ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُونهان،
    ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.

    شاهه سائينءَ موجب حياتيءَ کي غفلت ۾ نه گهاريو، “مقصد نه ماڻڻ معنيٰ زندگي ضايع ڪرڻ” زندگي ربّ پاڪ جي امانت آهي، جيڪا فقط هڪ دفعو ئي عطا ٿئي ٿي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ پيو وڙهي، ڪائنات جو ذرو ذرو رب پاڪ جي قائم ڪيل هن ڪائنات ۾ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهي. ماکيءَ جي معمولي مک پڻ گهڻيءَ محنت کانپوءِ ماکيءَ جهڙي شفاياب خوراڪ تيار ڪري ٿي، جنهن ۾ انسان ذات لاءِ شفا آهي. مک جي اورچائي، ڪوشش ۽ جفاڪشيءَ جي صلي ۾ تيار ٿيل ماکيءَ جو ڌڻي سڳوري قرآن پاڪ جي چوڏهين سيپاري رُبما جي سورة “نحل” ۾ ذڪر ڪيو آهي حڪمِ خدا ونديءَ سان ڪيل سندس محنت کي ڌڻيءَ سڳوري پسند ڪيو آهي.
    جڏهن سڄيءَ دنيا ۾ جن، ملائڪ، پکي پکڻ، جيت جانور پنهنجي پنهنجي ڪمن ۾ رُڌل آهن، تڏهن انسان ته سڀني کان مٿانهين مخلوق آهي، هُن کي ته بلڪل اهو ويچار ڪرڻ گهرجي، ته سندس حياتيءَ جو ڪارڻ ڇا آهي؟ فقط مقرر ڪي سال حياتي جنهن جي مسئلن لاءِ هُو هر دم فڪرمند آهي، سا اصل نه آهي، اصل آهي، حياتيءَ جو مقصد، جو سمجهه، سجاڳيءَ، ڪامل يقين جي قوت، نيڪ نيتي، اورچائي ۽ محنت جي اٿاهه قوت سان ئي ماڻڻ ممڪن آهي.
    “سي پنهون ڪوهه پڇن جي سنجهي رهن سُمهي”، “ستي نه سرندياءِ ڪر پچار پرينءَ جي”، “ستي سڄڻ نه مِلن آهي ايءَ کري”، “ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو.”، “ڪاهي وڃئو ناکئا ڪريو بري تي بڇ”، “جاڳڻ منجهان جس آهي جن کي”، “ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري، جاڳو جاڙيجا سما سک مَ سمهو”، “ايڏو سور سهي ننڊ نه ڪجي ناکئا”، “جاڳڻ جشن جن کي”، سک نه ساري رات، “جاڳيان سي واڳيا، طالب پهتا توڙ”، “ويٺين نه آهي وراڪو، ستين نه آهي سنڱ”، “راتيون جاڳن جي سي آئون ڪندي سيڻ”، مطلب ته شاهه جي رسالي ۾ انيڪ بيت اهڙا ملندا جن کي باريڪ نظر سان جانچبو ته اهي فقط ۽ فقط غفلت کان بچاءُ ۽ سجاڳيءَ جا سبق آهن. لطيف سائينءَ جي فڪر جو محور ترقيءَ جي راهه آهي، هن جي رسالي جو اکر اکر حقيقي ڪاميابي ماڻڻ جا گس پنڌ ڏيندڙ آهي، حياتيءَ لاءِ اُتساهيندڙ ۽ همٿ ڏيرائيندڙ آهي، جنهن تي غور ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ سان هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ حياتيءَ جي هر هڪ پل تي آسانيون پيدا ٿي سگهن ٿيون، شرط اهو آهي ته اهو عملي انسان هجي. شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جو محور ئي اهو آهي ته:
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
    متان ٿيئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.


    شاهه ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ عورت جي عظمت

    سنڌ جي سرزمين کي اهو فخر حاصل آهي ته ان مان لطيف سائينءَ جهڙي عظيم ڏاهي مفڪر جنم ورتو. هو هڪ اهڙو باڪمال شاعر هو جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ جي چپي چپي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيو آهي. هتان جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ تمدن جي اُپٽار ڪئي آهي. پنهنجي شاعريءَ کي عام ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب عورت ذات کي مرڪزي ڪردار طور چونڊيو. پاڻ عورت جي عظمت جو قائل هو. سندس نظر ۾ عورت انسان جي پهرين عظيم درسگاهه آهي. ان ڪري جيڪڏهن کيس آدرش بڻائبو ته قوم ۾ آدرش پرچاري جو عمل قيامت تائين هلندو رهندو، انهيءَ ڪري کيس نازڪ ۽ ڪمزور سمجهي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.
    ڏٺو وڃي ته عورت صدين کان اڻ برابري ۽ ناانصافيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ رهي آهي. عورت کي تمثيل بڻائي شاهه لطيف سماج ۾ انقلاب آڻڻ چاهيو. هن ڄاڻو شخص کي چڱيءَ پر خبر هئي ته هن معاشري ۾ جيڪڏهن تبديلي آڻڻي آهي ته عورت کي مٿانهون درجو عطا ڪرڻو پوندو.
    انسانيت جي علمبردار شاهه لطيف، عورت کي بحيثيت انسانذات عشق ۽ وندر جو ذريعو نه پر همت، بهادري، جدوجهد، جستجو ۽ ۽ انساني جذبن ۽ احساسن جو ترجمان ڄاڻايو آهي. شاهه صاحب عورت جي نفسيات جو ماهر هو. هن پنهنجي شاعريءَ جي زنانن ڪردارن ذريعي انڪشاف ڪيو آهي ته زندگي طلب جو نالو آهي. زندگي جدوجهد ۽ جستجو جو عُنوان آهي. زندگي جبر ۽ ڏاڍ کان آزادي حاصل ڪرڻ جو پيغام آهي ۽ ان عشق جو نالو آهي، جنهن سان حياتيءَ جا سمورا هاڪاري رخ ظاهر ٿين ٿا. لطيف مارئي بڻجي وطن پرستيءَ جو جذبو ٿي جاڳائي. مومل بڻجي مصلحتن جي مام ٿو پروڙي، سهڻيءَ جي سچي عشق کي مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته،
    عشق جنين کي آڪرو، ترهو مٿي تِن
    جي ساهڙ کي سِڪن، تنين جَرِ جنڊَ ٿئي

    سسئيءَ جا ڏک ڏاکڙا سهڻ ۽ منزل مقصود پويان ڪاهي پوڻ جي جدوجهد کي شاهه لطيف امر بڻائي ڇڏيو. شاهه جي رسالي ۾ سسئيءَ جي باري ۾ سڄا سارا پنج سُر آهن. پُنهون لاءِ سندس لوڇ پوڇ ۽ ڪشالن ڪڍڻ کي همٿائيندي وري به اڳيان وڌڻ جي تلقين ڪندي چوي ٿو ته،
    ويٺي وَر نه پُون، سُتي نه ملن سُپرين،
    جي مٿي رَندن رون، ساڄن ملي تِنِ کي.

    مارئيءَ جي حب الوطني ۽ ساڻيهه جي سڪ کي شاهه لطيف وطن پرستيءَ جو اهڃاڻ ڪري پيش ڪيو آهي تڏهن ته چوي ٿو ته “حيف تنين هوءِ وطن جن وساريو” هُو ليلا جي لالچ کي نندي ٿو ۽ نوريءَ جي نِهٺائيءَ کي واکاڻي ٿو ته سهڻي من موهڻي سورٺ جو پنهنجي وَرَ جي واعدي پاڙڻ ۾ ساهه صدقو ڪرڻ کي ساراهي ٿو. مطلب ته شاهه صاحب عورت جي جذبن جو قدردان آهي، نه فقط ستن سورمين جي معرفت، پر هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻين پڻ عورتن جو ذڪر ڪيو آهي. سُر سارنگ جون سُڪار لاءِ آسائتيون عورتون، سُر سامونڊيءَ جون وڻجاريون، سُر ڪاپائتيءَ جون ڪتڻ واريون، سُر ڪيڏارو جون عظيم بهادرعورتون مطلب ته شاهه لطيف عورت ذات جي احساسن کي اعليٰ درجي تي بيان ڪيو آهي. هُن پنهنجي سُورمين جا سور، درد ۽ سوز اهڙي ته انساني فلسفي سان پيش ڪيا آهن جو ڄڻ ته ڪائنات جو محورئي عورت ٿي پيئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ پيش ڪيل عورتون سادگي، سونهن، سچائي، عشق، جدوجهد ۽ جستجو سان گڏ سنڌي سماج جي شانائتي، اوسر جون امين آهن. اهي طالب نه پر مطلوب آهن جن جو مقصد عظيم منزل مقصود تي پهچڻ آهي.
    هئه ٿو وڃي هوت، آئون ڪي اڳڀري ٿيان،
    متان چوي بلوچ، ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو.


    لطيفيات تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ٿيل ڪم جو جائزو

    علم ادب جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون آهن، جن حضرت شاهه ڀٽائيءَ جي سوانح، ڪلام ۽ موسيقيءَ جي مختلف رخن تي پنهنجي خيالن جو اظهار مختلف تحريرن ۽ تقريرن ذريعي ڪيو آهي. جنهن ۾ گهڻائي مضمون/ مقالا مختلف مخزنن، تحقيقي جرنلن ۽ اخبارن جي سونهن بنيا آهن ته ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن ته ڪجهه مضمونن ۽ مقالن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي ۽ ڪجهه ڪم ترجمي جي عمل مان گذري ٻين ٻولين ۾ پڻ منتقل ٿيو آهي.
    جن علمي شخصيتن هن اهم ادبي ۽ نيڪ ڪاريه ۾ هٿ ونڊايو آهي انهن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن (هن ۾ قلمي نسخن جي ڪتابن جا نالا شامل نه آهن.)
    مير علي شير قانع ٺٽوي، خانزئي غلام محمد، مخدوم محمد معين ٺٽوي، مخدوم محمد عاقل، مخدوم الله بخش، مير عبدالحسين خان سانگي، سيد رفيق علي حسيني، هدايت الله هالائي، نظر علي بلوچ، نياز همايوني، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، سر رچرڊ برٽن، سر آرنولڊ ٿامس، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، مئڊم اينيمري شمل، عثمان انصاري، محمد بخش واصف، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، مرزا اجمل بيگ، لطف الله بدوي، ميران محمد شاهه (اول) ليلا رام وتڻمل، ايم ايم گدواڻي ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، لعل چند امر ڏنو مل، تاراچند شوقيرام، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام، رام پنجواڻي، پرسو گدواڻي، نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي، ٽي ايل واسواڻي، تيرٿ داس هوتچند آڏواڻي، هرومل سدار نگاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ايلسا قاضي، علامه عمر بن محمد دائود پوٽو، خانم خديجه دائودپوٽو، آغا محمد يعقوب، آغا بيگم طاهره، محمد اڪرم انصاري، ايس ايم جهانگياڻي، موتي لعل جوتواڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر سنتنداس جهانگياڻي، ڊاڪٽر منوهر داس مٽلاڻي، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، خوبچند آڏواڻي، دين محمد وفائي، محمد صديق مسافر، فتح چند واسواڻي، شيخ اياز، ڊاڪٽر حميده کهڙو، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، محمد عمر چنڊ، جي الانا، جي ايم سيد، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، پروفيسر محبوب علي چنا، غلام محمد گرامي، پير سعيد حسن، لعل بخش جهرڪائي، ڊاڪٽر قاضي نبي بخش، ڪريم بخش خالد، آخوند عبدالحميد، ظفر ڪاظمي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، شيخ محمد ابراهيم خليل، شيخ محمد سومار، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، حميد سنڌي، سراج الحق ميمڻ، مظهر الحق صديقي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، علي نواز حاجن جتوئي، محمد حسين ڪاشف، رسول بخش پليجو، فقير امداد علي سرائي، معمور يوسفاڻي، غلام محمد گرامي، عطا محمد حامي، رحيمداد مولائي شيدائي، الله بخش نظاماڻي، سيد نجف علي، مخدوم امير احمد، تاج صحرائي، اسحاق حسن ميمڻ، ضياءُ الدين بلبل، ممتاز مرزا، آغا سليم، حافظ محمد احسن، الحاج رسول بخش ڏيرو، آغا تاج محمد، غلام محمد شاهواڻي، پروفيسر غلام عباس سريوال، شمشير الحيدري، ڪي ايم لاڙڪ، ممتاز عقيلي، اي ڪي بروهي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، پرفيسر شفيع ميمڻ، پروفيسر اعجاز احمد قريشي، ڊاڪٽر دُر شهوار سيد، مقبول صديقي، اعجاز الحق قدوسي، ڊاڪٽر جميل جالبي، سيد صفدر علي شاهه، ايس ايم ناز انصاري، اختر اڪبر آبادي، پروفيسر آفاق صديقي، پريشان خٽڪ، مظهر يوسف، رياض صديقي، سيد وقار حسين رضوي، پروفيسر محمد احمد شيخ، احمد محمد قاضي، ڪريم بخش چنا، الله بخش سرشار عقيلي، ناصر مورائي، محمد بچل تنيو، ايس ايم فاروقي، عبدالغفار سومرو، شيخ عبدالرحيم، شيخ عبدالرزاق راز، نثار حسيني، قمر شهباز، مدد علي سنڌي، منظور نقوي، غلام حسين مشتاق سچاروي، رشيد احمد لاشاري، مدد علي قادري، محمد اسماعيل شيخ، ڪي ايم پنهور، اسد الله ڀٽو، تقوي نعيم، علي احمد بروهي، محمد بخش انصاري، مير محمد ڀيو، محمد علي قاضي، غلام رسول بلوچ، سيد احسان علي شاهه، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ايم اي عالماڻي، ناز سنائي، آفتاب ابڙو، الحاج قمر لاکو، عابد لغاري، نجم عباسي، علي نواز وفائي، حبيب الله ڀٽو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، غلام رباني آگرو، عبدالواحد آريسر، بدر ابڙو، انب گوپانگ، سيد اظهر گيلاني، تاج جويو، محمد سليم ڀٽو، انور هالائي، عبدالعلي قلباڻي، ابن سالڪ، عبدالغفار گوهر، محمد عالم سومرو، ٻانهون خان شيخ، غلام مصطفيٰ مشتاق، ج،ع منگهاڻي، پريتم پياسي، خادم عباسي، پروفيسر الهڏنو سومرو، نصرت حسين ابڙو، حافظ عبدالرحيم جمالي، قطب علي شاهه حسيني، حافظ ارشد انڍڙ، فقير محمد لاشاري، احسان احمد بدوي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو، شيخ عبدالحليم جوش، سلطان احمد خواجه فدائي، ابن الياس سومرو، محمد عرس سمون، غلام محمد ولي محمد طاهر زادو، الياس عشقي، حامد علي خانائي قريشي، پروفيسر عنايت الله زنگيجو، منصور قادر جوڻيجو، احمد خان آصف مصراڻي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽرنور افروز خواجه، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر خورشيد عباسي، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر اُمِّ ڪلثوم، پروفيسر سليم ميمڻ، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر نديم ملڪ، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترائي نالا هن ڏس ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا.
    شاهه ڀٽائيءَ جي باري ۾ لکڻ لاءِ اسان وٽ “ماخذ” طور شاهه جو رسالو ئي آهي، شاهه صاحب جي پنهنجي شاعريءَ لاءِ وٽس ڪهڙا ماخذ هئا، جنهن تحت هيءَ اعليٰ شاعري وجود ۾ آئي؟ انهيءَ لاءِ علامه قاضي صاحب جي نظر ۾ قرآن پاڪ ئي سندن شاعريءَ جو ماخذ آهي. ڊاڪٽر سوڍر موجب قرآن پاڪ، تصوف، موسيقي ۽ راڳ، عوامي جيوت، سنڌي زبان ۽ ان جي صلاحيت سندن شاعريءَ جا ماخذ آهن، جڏهن ته ڪاشف صاحب وٽ سندن شاعريءَ جا ماخذ، تاريخ جو اهو دؤر جنهن ۾ سندن جنم ٿيو، خانداني ماحول، پرورش ۽ والدين جي تربيت جو اثر، سير ۽ سفر ۽ زندگيءَ جي مختلف روين ۽ عام حالتن جو اڀياس، وقت جي درويشن ۽ عالمن سان ملاقاتون، قرآن، تصوف ۽ راڳ کي روح جي غذا سمجهڻ آهن. منهنجي نظر ۾ ته شاهه صاحب جو ڪلام جن حالتن ۾ اُسريو انهيءَ ۾ سندن ذاتي طبع ۽ مزاج شريف، ديني دنياوي تعليم، فطرت جو مشاهدو ۽ مطالعو، سنڌ واسين جي محبت پڻ مٿين نڪتن سان گڏ اهم آهن. شاهه ڀٽائيءَ پنهنجو سڄو ڪلام ڪو هڪ هنڌ يا هڪ جڳهه يا هڪ خيال ۽ ماحول ۾ ڪونه چيو آهي. بلڪه سندن شاعري مختلف وقتن، موقعن، مهلن ۽ ماحولن ۾ سرجي آهي، جنهن تي زمان ۽ مڪان جو اثر عائد ڪري سگهجي ٿو. ماضي حال ۽ مستقبل جي ترجماني ڪندڙ هن شاعريءَ ۾ شاعر جي طبع جي روانيءَ جي زير و زبرسان گڏ انهيءَ وقت جي هلندڙ حالتن ۽ پيش ايندڙ ننڍن وڏن واقعن جو وڏو اثر آهي. هن پنهنجي شاعراڻي شعور سان اهڙو علمي مها ساگر وجود ۾ آندو، جنهن ۾ هن ڌرتيءَ جي جياپي لاءِ آدرشي اصول ڏسيل ته آهن، پر “فوق البشر” ۽ “ڪامل انسان” ٿيڻ لاءِ مڪمل رهنمائي ڏنل آهي، انساني زندگيءَ کي آدرشي ۽ آفاقي درجو ڏيڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي هن شاعر جو پيغام فقط سنڌ واسين لاءِ نه، پر پوريءَ دنيا جي انسانن لاءِ آهي، جنهن کي دنيا ۾ عام ڪرڻ لاءِ ترجمي جو عمل ئي افاديت وارو ۽ ڪارگر آهي. شاهه لطيف جي سوانح ۽ فن جي باري ۾ هيستائين ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪم سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي ۽ ڪيترو ٻين ٻولين ۾ ٿيو آهي؟ ڪهڙن ڪتابن جا ترجما ٿيا آهن، انهيءَ لاءِ هيٺ مختصر جائزو ڏجي ٿو.

    لطيفيات ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيل ڪم:
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فن ۽ پيغام تي هيستائين جيڪو ڪم ٿيو آهي، انهي مطابق تقريباً سندن ڪلام جا 42 قلمي نسخا ۽ 25 ڇاپي رسالا ۽ لطيفيات جي موضوع تي لکيل ڪتابن جو تعداد اٽڪل 149 لغت ۽ گرامر تي لکيل ڪتابن جو تعداد 10، رسالي جي جدا جدا منتخب ڇپيل سُرن جو تعداد 105 آهي، انهيءَ کان علاوه اردو، عربي، فارسي، انگريزي ۽ جرمن ڪتابن جو تفصيل الڳ آهي. مقالن ۽ مضمونن جو تعداد تقريباً اٺ سئو کان به مٿي آهي، (اهو احوال ڊاڪٽر عبدالجبار صاحب جي ڇپيل ببليو گرافي 2000ع جي حوالي سان ڏنو ويو آهي) هاڻي 2000ع کانپوءِ ٻيا به ڪافي ڪتاب هن ڏس ۾ آيا آهن. ان ڪري اهو بلڪل چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه صاحب جي باري ۾ ڇپيل ڪتابن جو تعداد هند ۽ سنڌ ۾ 500 کان مٿي هوندو. شاهه سائينءَ جي باري ۾ لکيل مڪمل ڪتابن مان چند ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:
    “منهاج العاشقين”، خانزئي غلام محمد، “لطائف لطيفي” مير عبدالحسين خان سانگي، “احوال شاهه لطيف”، “لغات لطيفي”، “شاهه جي رسالي جي ڪنجي”، “لطيفي لات”، شمس العلما مرزا قليچ بيگ، “شاهه لطيف ۽ صورت بهار جا چرتر” (بيت ۽ ڀڄن) تاراچند شوقيرام، “شاهه جو رسالو” (هڪ اڀياس) ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، “سنڌ جون ست آکاڻيون” رام پنجواڻي، “شاهه جو شعر” پرسو گدواڻي، “سرتاج شاعر” (Musa Pervaganos)، “ڀٽ جو گهوٽ” (Shah Abdul Latif of Bhit) ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، “سنڌي ساهت جو خزانو”، “شاهه ڀٽائيءَ جي حياتي”، “شاهه جون آکاڻيون”، ڄيٺمل پرسرام، “شاهه جو رسالو”، “روح رهاڻ”، “مقدمهءِ لطيفي” ڊاڪٽر گربخشاڻي، “سر سورٺ”، “ڀٽائي گهوٽ”، “غريب اللغات”، “لطيفي سير”، “گربخشاڻي وارو رسالو منهنجي نظر ۾”، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، “شاهه جون سورميون”، نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي، ”شاهاڻو شاهه” لالچند امرڏنو مل، “سنڌوءَ جون لهرون” مرليڌر جيٽلي، “تن سپون سوجهي ڪڍيون پاتاران پيهي”، “شاهه سنڌ جي تهذيب جو روح”، پوپٽي هيراننداڻي، “شاهه سچل ۽ سامي” اي جي اتم، “ڪنول پاڙون پاتال ۾” هرومل سدا رنگاڻي، “ٽي عظيم شاعر” دادا هولارام هنس، “هنج چڳن موتي” آسا نند مامتورا، “لطيف ٻاري” ارجن ڪي جهوڙيملاڻي، “مضمون ۽ مقالا” ڊاڪٽر عمربن محمد دائودپوٽو، “شاهه عبداللطيف دنيا جو بي مثال شاعر” علامه آءِ آءِ قاضي (مترجم) عبدالغفار سومرو، “شرح لطيفي” محمد بخش واصف، “لطف اللطيف”، “شاهه جي رسالي جو مطالعو” مولانا دين محمد وفائي، “نقش لطيف” امام بخش نياز، “لطيف” اڪرم انصاري، “شاهه جو پيغام” حافظ محمد احسن، “لطيفي لنئون” پروفيسر محبوب علي چنا، “شاهه جي رسالي جو رهبر” ۽ “شاهه جو رسالو” محمد عثمان ڏيپلائي، “شاهه ۽ نوجوان” (ترتيب) پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، “لاکيڻو لطيف” قطب علي شاهه، “پيغام لطيف” جي ايم سيد، “شاهه-سچل-سامي” محمد ابراهيم جويو، “شاهه جي رسالي جا سرچشما”، “شاهه جي رسالي جي ترتيب” “شاهه عبداللطيف”، “سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ” ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، “شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ اسلامي اخلاقي قدر”، “شاهه عبداللطيف سنڌي ٻوليءَ جو معمار” ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، “سنڌين جو فرض” امير خدا بخش، “شاهه عبداللطيف ان جو ڪلام ۽ فڪر” عبدالغفار بلوچ، “راڳ نامو” صوفي صادق، “لطيفي لات” پنهور خان محمد، “شاهه”، “ڪامل جو ڪلام” ۽ شاهه جو رسالو” (مرتب) ڪلياڻ آڏواڻي، “شاهه جو انڀوءَ” ايف ڪي ساڌواڻي، “واجهائي وطن کي” (سر مارئي) ناصر مورائي، “سي آيتون آهن”، “شاهه جو رسالو سنڌ جي تاريخ جو ماخذ”، ڪريم بخش خالد، “وساريان نه وسرن”، “لطيفي لات”، ممتاز مرزا، “نئين شرح لطيف”، رسول بخش ڏيرو، “فڪر لطيف”، اسد الله ڀٽو، “شاهه قرآن جي روشنيءَ ۾” غلام عباس سريوال، “شاعرن جو سرتاج” خانم خديجه دائودپوٽو، “لطيفي باغ جو سير”، “سر ڪلياڻ عرف تصوف جو آئينو”، “شاهه جي سوانح” رشيد احمد لاشاري، “شاهه جو پيغام، “ڏونگر سي ڏورينديون” حافظ محمد احسن چنا، “لطيفي لهرون” علي نواز حاجن جتوئي، “حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي” ميمڻ عبدالغفور سنڌي، “شاهه جا گم ٿيل بيت” محمد سومار شيخ، “لطيف قومي شاعر” ناز سنائي، “لطيفي لات” ڪي ايم پنهور، “سي آيتون آهن” تقوي نعيم، “عڪس لطيف”، آغا تاج محمد، “شاهه عبداللطيف جو ميلو ۽ سنڌ جا ملاکڙا” آغا شهاب الدين، “ڪارڻي” سرور علي سيف، “لطيفي گل” عبدالواحد سيلاني، “قدم ڪاپڙين جا” فقير امداد علي سرائي، “ڪارڻي” سرور علي سمون، “شاهه لطيف جي موسيقي”، “شاهه لطيف تي تحقيق”، “شاهه لطيف تي ببليو گرافي”، “تحقيق جو طريقيڪار”، “شاهه لطيف شاعري اور فکر”، “شاهه جو رسالو” (مرتب) ڊاڪٽر درشهوار سيد، “شاهه لطيف جو پيغام” ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، “تحقيقات لطيف” ڊاڪٽر نواز علي شوق، “ڪنزالطيف”، “لطيفيات”، “شاهه جي ڪتابن جي ببليو گرافي”، “ڪشف الابيات”، “شاهه جي رسالي جو مطالعو” ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، “شاهه لطيف جي شاعري” ڊاڪٽر تنوير عباسي، “مون مطالع سپرين” ڊاڪٽر اياز حسين قادري، “شاهه جو عشق ۽ مختصر ٻول” “لطيف چئي”، “ڀيڄ ڀٽائي” “نئون روپ نئون انداز”، “سيد سچل سامي” ايم-اي عالماڻي، “عرفانِ لطيف” غلام محمد گرامي، “موٽي ماڳ نه آيا”، “شاهه جو پيغام”، لعل بخش جهرڪائي، “باهيون بيراڳين جون”، “حسينيءَ جي هاڪ”، ،سر رپ هڪ مطالعو”، “شاهه لطيف هڪ تحرڪ، هڪ تحريڪ” تاج جويو، “لطيفي لات” خان محمد پنهور، “لاکيڻو لطيف” موسيٰ سومرو، “فرائيڊ ۽ شاهه لطيف”، عبدالڪريم لغاري، “تحفهءِ لطيف”، “شاهه لطيف ۽ سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس” منير لغاري، “بادشاهه ڀٽائي” حاجي موسيٰ خان، “پرچن شال پنهوار” انور هالائي، “جي تو بيت ڀانيان” خالد سيف الله ۽ رميش ڪمار، “لطيف ڪوئيز”، عاشق بروهي “لطيف سنڌ آهي” منصور قادر جوڻيجو، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ منظر نگاري” راز شر، “سورائتي سنڌ” قربان علي صوفي، “شاهه جو شعر” عزيز، “ظرافتِ لطيف” خادم، “خزانة العارفين” در محمد خاڪ صديقي، “چراغ حقيقت” سلطان احمد خواجه فدائي، “شاهه لطيف عظيم مفڪر”، “شاهه جي ٻولي”، “دائم آباد شاهه لطيف” آفتاب ابڙو، “عرفانِ لطيف”، “ڀلارو ڀٽ ڌڻي”، “ڀٽ جو گهوٽ” ڊاڪٽر بشير احمد شاد، “شانِ نزول”، “شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ محاورا” انور علي شاهه گيلاني، “اظهر”، “شاهه عبداللطيف” (ٻارن لاءِ) مراد علي مرزا، “فڪرِ لطيف”، “شاهه جي سرن جو سچ”، “لطيف جي شاعريءَ جو جديد فڪر”، “لطيفي لات جا ڏات ڌڻي”، “حقيقت هن حال جي”، “لات جا لطيف جي” سليم ڀٽو، “ماڻڪ موتي” الحاج قمر لاکو، “لطيف جا ٿر تان ڀيرا”، “ست سورهيه ڏهه ڏاتار”، “ڍوليو ڍٽ ڌڻي، “ڪائو ڪمايوم” معمور يوسفاڻي، “ڀلارو ڀٽ ڌڻي” پياسي پير محمد، “شاهه جو رسالو”، “رسالي جي ڪلام تي هڪ نظر”، “ويٺي ويڄن وٽ”، “ڪنڌيءَ ڪونئر ترن” محمد حسين ڪاشف، “ٻاروچي ٻولي” ڪمتر نقوي، “سنڌ جو لال” عبدالرحمان ڀٽو، “اوجاڳي اجاريا” ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، “وريا واهرو”، عبدالواحد آريسر، “انڌا اونڌا ويڄ” رسول بخش پليجو، “شاهه عبداللطيف” ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، “ڳالهيون شاهه لطيف جون” غلام مصطفيٰ مشتاق، “سنڌ جو شاهه” بدر ابڙو، “شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ مطالعو” (مرتب) آزاد قاضي، “ڇپر ڪين ڏي”، “شاهه لطيف جي ٻولي-تحقيقي جائزو” ج ع منگهاڻي، “ڇپر جي ڇولي”، انب گوپانگ، “لطيفي گل” عبدالواحد ڀٽي، “سنڌ جو لال” مولوي عبدالرحمٰن، “بهارِ لطيف” قاضي عبدالحئي هالائي، “ڀٽائي” حافظ ارشد انڍڙ، “لطيفي گل” عبدالواحد سيلاني، “ميخانهءِ لطيف-عرف موکي ۽ متارا” خليل سيوهاڻي، “الله جو سچو عاشق” حڪيم محمد قاسم، “فڪر لطيف” اردو/سنڌي-عبدالعزيز اشرف، “ٻارن جو شاهه” انور هالائي، “جديد دؤر جو سهڻي ميهار” در محمد ڪانڌيلوي، “لطيف قومي شاعر” (ٻارن جا مضمون) (ترتيب) ناز سنائي، “لطيفي مينيفيسٽو” (پاران لطيف ازم تحريڪ)، “شاهه لطيف جو علامتي شعور” ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، “اگهيا سُٽ سندا” (ترتيب) ڊاڪٽر نور افروز خواجه، “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” “عالم سڀ آباد ڪرين” پروين موسيٰ ميمڻ جا ڪتاب آهن. تحقيقي مقالن ۾ “شاهه جي جمالياتي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو” (اڻ ڇپيل پي ايڇ ڊي مقالو) ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي، “شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو” (پي ايڇ ڊي ٿيسز 1999ع) ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو، “شاهه عبداللطيف جي ڇپيل رسالن جو تنقيدي جائزو” (ايم فل مقالو 1994ع اڻ ڇپيل) ڊاڪٽر غلام حيدر چنا، “شاهه جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ سنڌي عورت جو مطالعو” (ايم فل جو اڻ ڇپيل مقالو) حسن بانو سومرو، “سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف” ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، “شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري” ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ” ڊاڪٽر فهميده حسين، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيهه” ڊاڪٽر اُمِّ ڪلثوم لکيون آهن.
    ٻه ڪتاب شاهه سائينءَ جي بيتن جي مصوريءَ تي مشتمل آهن، جن ۾ هڪ مصور گل محمد کتريءَ جو 24 صفحن جو ته ٻيو علي اڪبر سومري جو 78 صفحن جو ڪتاب آهي جنهن ۾ هر صفحي تي بيت سان گڏ تصوير ڪشي ڪيل آهي ۽ انهيءَ کان علاوه ڪيترائي لطيف نمبر ڪڍيا ويا آهن، جن ۾ شاهه صاحب جي باري ۾ گهڻن ليکڪن لکيو آهي، جيئن “يادِ لطيف”، “سوغاتِ لطيف”، “لاکيڻو لطيف”، “گلستانِ لطيف”، “ذڪرِ لطيف”، نذرِ لطيف”، تحفهءِ لطيف”، “بزم لطيف”، “نقش لطيف” وغيره ۽ ٻين مختلف رسالن جيئن “نئين زندگي”، “مهراڻ”، “سهڻي”، “ڪلاچي”، “سنڌي ادب”، “ڪينجهر”، “روح رهاڻ ۽ ٻين جا لطيف نمبرز پڻ آهن، علي احمد بروهي صاحب “لطيف ڊائجيسٽ” ڪافي سال ڪڍيو جنهن ۾ لطيفيات جا مقالا ڇپيا.
    خاص سُرن جي حوالي سان لطيفي ڪانفرنسن جا ڪتاب ڇپيا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لطيف سالگرهه مخزن 1969ع کان 1973ع تائين شايع ڪرايا، انهيءَ کانپوءِ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان مختلف سُرن جي حوالي سان هڪ سُر تي لطيفي ڪانفرنس ۾ مختلف ليکڪن جا پڙهيل مقالا ترتيب ڏيئي ڇپايا ويا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ حميد سنڌيءَ جا ڇپايل ڪتاب هن ريت آهن:
    سر ڪلياڻ جو مطالعو 1970ع، سرجمن جو مطالعو 1971ع، سر کنڀات جو مطالعو 1972ع، سر سريراڳ جو مطالعو 1973ع، سر سامونڊي جو مطالعو 1974ع، سر سسئي آبري جو مطالعو 1976ع، سر معذوري جو مطالعو 1977ع (ترتيب) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
    سرگهاتو 1982ع، سر ليلا چنيسر 1986ع، سر ڪاموڏ 1988ع، سر ڪاپائتي 1991ع، سر بروو سنڌي 1995ع، سر ڪارايل 1996ع، سر کاهوڙي 1996ع (ترتيب) حميد سنڌي.
    انهيءَ کان سواءِ “يادگار لطيف” بيگم زينت عبدالله چنا 1959ع ۽ 60 جا ٻه پرچا، “ياد لطيف”، “تحفهءِ لطيف”، خواجه ايس اسماعيل “نذر لطيف”، “ذڪرِ لطيف”، “گلستانِ لطيف”، “سي آيتون آهن”، “لطيف تحريڪ“ ڪريم بخش خالد، “بزم لطيف” محبوب علي چنا، “يادگار لطيف” اسد الله بيخود حسيني، “شاعرن جو سرتاج” خانم خديجه دائودپوٽو، “رهبر لطيف”، سيد صفدر علي شاهه، “فڪر لطيف” ڊاڪٽر بشير احمد شاد، “نقش لطيف” شيخ عزيز، “نذر لطيف” سيد عارف شاهه گيلاني، “تحفهءِ لطيف” عابد لغاري، “سنڌ صدين کان”، “لطيفي لات”، ممتاز مرزا، “فڪر لطيف”، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، “حسينيءَ جي هاڪ”، “سر رپ جو مطالعو” ۽ ٻيا ڪتاب ترتيب ڏيئي شايع ڪيا ويا آهن. مطلب ته موجوده وقت به لطيف سالگرهه نمبرز ۽ لطيفي ڪانفرنسن جا مقالا پڻ ڇپجي عام تائين پهچي رهيا آهن. (ضرورت آهي ته اهڙن ڪتابن خاص طور لطيفي ڪانفرنس جي مقالن کي ٻيهر ڇپرائي سستي اگهن تي عام ڪيو وڃي ته جيئن پڙهندڙن جو وڏو انگ مستفيض ٿي سگهي.)

    شاهه لطيف تي ٻين ٻولين ۾ ٿيل ڪم جو جائزو:

    شاهه ڀٽائيءَ تي اردو ٻوليءَ ۾ ٿيل ڪم:
    شاهه لطيف کي اردو ادب جي شاعرن، عالمن ۽ اديبن مڃتا ڏني آهي ته ڪيترن سنڌي ليکڪن پڻ اردو ٻوليءَ ۾ شاهه صاحب جي باري ۾ لکيو آهي. اردو ٻوليءَ ۾ لکندڙ ۾ پروفيسر احمد محمد، اعجاز الحق قدوسي، سيد صفدر علي شاهه، ايس ايم ناز، ڊاڪٽر جميل جالبي، پريشان خٽڪ، پروفيسر ياض صديقي، پروفيسر آفاق صديقي، مظهر يوسف، آغا تاج محمد، شيخ اياز، ممتاز مرزا، سيد وقار حسين رضوي، اظهر اشتياق حسين، اختر اڪبر آبادي، اي ڪي بروهي، خواجه اسماعيل، ڪريم بخش خالد، رشيد احمد لاشاري، آغا سليم، اياز حسين قادري ۽ ٻين لکيو آهي. اردو ادب جي ڪجهه ڪتابن ۾ شاهه صاحب جو ذڪر آيل آهي ته ڪجهه ڪتاب خاص مڪمل سندن جي باري ۾ لکيا ويا آهن. ڪجهه سنڌي ادب جا اهم ڪتاب اردو ۾ ترجمو پڻ ٿيا آهن. جيئن ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي جي تحقيقي مقالي جو رياض صديقي صاحب “شاهه عبداللطيف آف ڀٽ” جي ساڳئي عنوان سان اردو ترجمو ڪيو، ڊاڪٽر دُر شهوار جي پي ايڇ ڊي جي انگريزي مقالي کي ڊاڪٽر ابراهيم خليل نقوي “شاهه لطيف کي شاعري اور فکر” جي عنوان سان اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين جو پي ايڇ ڊي جو مقالو سنڌيءَ مان اردوءَ جي قالب ۾ ڊاڪٽر صاحبه پاڻ “شاهه لطيف کي شاعري مين عورت کا روپ” جي عنوان سان آندو آهي، ان کانسواءِ جناب جي ايم سيد جو ڪتاب “پيغام لطيف” پڻ اردو ۾ ترجمو ٿيل آهي. ڊاڪٽر دُر شهوار “لطيفي کهانيان” جي عنوان سان شاهه جي ڪلام ۾ آيل ڪلاسيڪل داستانن کي اردو ۾ پيش ڪيو آهي. رشيد احمد لاشاري جي سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جو اردو منظوم ترجمو آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس شايع ڪيو. اردو ۾ مڪمل رسالو آغا سليم 1993ع ۾ ترجمو ڪيو. ايم اي عالماڻي مختصر رسالو “لطيف کهي” جي عنوان سان منتخب ڇپايو. مبارڪ علي شيخ اياز جو اردو منظوم ترجمو خاص حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر اياز قادري ۽ سيد وقار حسين رضوي، شاهه جي ڪلام جو اردو نثري ترجمو چئن حصن ۾ ڪيو جو اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد وارن 1993ع ۾ شايع ڪيو. ادبي تاريخن جي حوالي سان سيد مظهر جميل جي سنڌي ادب جي باري ۾ لکيل تاريخ “جديد سنڌي ادب”، ۾ چڱو حصو لطيفيات جي باري ۾ آهي. انهيءَ کان علاوه اردو ٻوليءَ ۾ جيڪي شاهه صاحب جي باري ۾ مضمونن ۽ مقالن جا مجموعا لکيا ۽ ڇپيا آهن سي هن ريت آهن.
    عڪس لطيف، نذرِ لطيف، شاهه عبداللطيف حيات اور شاعري، نغماتِ لطيف، گلستان لطيف، لطيف نامه، شاهه عبداللطيف بهڻائي، آوازِ لطيف، سندهه کي تاريخي کهانيان، فکر لطيف، سندهه کي دهرتي سدا جيئي، آفتاب مهران ۽ ٻيا مخزن شامل آهن.

    شاهه صاحب جي باري ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ ٿيل ڪم:
    شاهه صاحب جي رسالي کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندڙيا سندن جي باري ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ لکندڙ هيٺيان ليکڪ مشهور آهن: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، رچرڊ برٽن، آرنولڊ ٿامس، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، ائنميري شمل، شمس العلما مرزا قليچ بيگ، ايم ايم گدواڻي، ليلا رام وتڻمل، علامه آءِ آءِ قاضي، مسز ايلسا قاضي، ميران محمد شاهه (اول)، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، ڄيٺمل پرسرام، تيرٿ داس هوتچند واسواڻي، محمد اڪرم انصاري، ايس ايم جهانگياڻي، جي الانا، جي ايم سيد، آغا محمد يعقوب، آغا بيگم طاهره، ڊاڪٽر حميده کهڙو، عبدالغفار سومرو، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، آخوند عبدالحميد، پروفيسر امينا خميساڻي، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، ظفر ڪاظمي، اسحاق حسين ميمڻ، اعجاز احمد قريشي، محمد بچل تنيو، پروفيسر محبوب علي چنا، ڪلياڻ آڏواڻي، مظهر يوسف، ضياءَ الدين بلبل، ليلاوتي هرچنداڻي، ڊاڪٽر دُر شهوار سيد، ممتاز عقيلي، ڊاڪٽر محمد علي ميمڻ، ڪي ايم لاڙڪ، ڪريم بخش خالد، ايس ايم فاروقي، مظهر الدين صديقي، سليم ڀٽو، شيخ عبدالرحيم، عزيز جعفراڻي، عبدالغفور الستي، عبدالعلي قلباڻي، ابن سالڪ ۽ ٻيا آهن.
    انگريزي ۾ لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:
    ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي جو “Shah Abdul Latif of Bhit”
    ڄيٺمل پرسرام جو “Sindh and its Sufies”
    شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جو “Life of Shah Abdul Latif Bhitai”
    تيرٿ داس هوتچند جو “Shah Abdul Latif: an introducation to his seven singing stories”
    ليلارام وتڻمل جو “The life, Religion and Poetry of Shah Abdul Latif”
    ايم ايم گدواڻيءَ جو “Shah Abdul Latif”
    اڪرم انصاريءَ جو “Symbolism in Latif’s Poetry”
    اڪرم انصاري جو Shah Latif and modern World””
    جي الانا جو “Classical Poets”
    علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضيءَ جو “Selection from Risalo”
    موتي لعل جوتواڻي جو “Shah Abdul Latif, his life and works”
    آغا يعقوب جو “Life of Shah Latif”
    پروفيسر امينا خميساڻيءَ جو “Risalo Shah Latif”
    ظفر ڪاظميءَ جو “Bhitai The Messeger of the Master”
    اسحاق حسين ميمڻ جو “The life and the Poetry of Shah Latif”
    علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو “Shah Abdul Latif Poet of Love and humanity”
    جناب جي ايم سيد جو “Shah Latif and his Message”
    ڊاڪٽر دُر شهوار سيد جو “The Poetry of Shah Abdul Latif”
    اعجاز احمد قريشيءَ جو “Shah Latif A Poet for all times”
    آخوند عبدالحميد جو Shah Abdul Latif his Mystical Poetry
    عبدالغفور الستيءَ جو “Sunrise from Sindh”
    ڪريم بخش خالد جو “The Poet of People”
    سليم ڀٽو جو “Shah Abdul Latif”
    جرمن عالمن ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ڊاڪٽر اينميري شمل جو لطيفيات جو ڪم تمام اهم آهي. ڊاڪٽر اينميري شمل، شاهه جي رسالي جو ڪجهه حصو ترجمو ڪيو. پاڻ لطيفيات تي مضمون ۽ مقالا لکيائين. کين شاهه صاحب سان وڏي عقيدت هئي.
    انهيءَ کان علاوه پنجابيءَ ۾ ڪرتار سنگهه، هنديءَ ۾ مڻي شنڪر دويدي، عربيءَ ۾ ڊاڪٽر فضل رحيم فارسيءَ ۾ نياز همايوني، شاهه جا رسالا ڇپايا. فارسيءَ ۾ جن ٻين ليکڪن شاهه صاحب جي باري ۾ لکيو، انهن ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي، مخدوم محمد حسين ٺٽوي، مخدوم محمد عاقل، مير عبدالحسين خان سانگي، سيد رفيق علي حسيني، مخدوم الله بخش خانزئي، هدايت الله هالائي، نظر علي بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن.
    لطيفي فن ۽ فڪر تي جيڪي ڪجهه هيستائين لکيو ويو آهي، اهو ڪاشف صاحب چواڻيءَ ته “ڪن محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا آهن ته ڪن سنهو ڪَتي سٽ سڦلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پوءِ ڪن جو ڪائو ۽ ڪچ اگهيو آهي، ته ڪن جي ماڻڪن مُلهه ئي نه ڪيو آهي”. بهرحال هن مقالي ۾ شاهه صاحب جي شاعريءَ جي پارکن کي مڃتا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ ڪافي اهم ڪتابن جو ذڪر آندو ويو آهي، پر ممڪن آهي ته ڪجهه رهجي ويا هجن. هي لطيفي سفر جاري ۽ ساري آهي. جيستائين سنڌ ڌرتي قائم ۽ دائم آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو نالو زندهه ۽ قائم رهندو. سندس رسالي مان سنڌ واسين سميت انيڪ انسان سيراب ٿي سمجهه/سياڻپ جون سرڪيون ڀريندا رهندا. (آمين) 


    شاهه جي رسالي جي مقصديت

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي زرخيز ڌرتيءَ جو اهو املهه ماڻڪ آهي، جنهن جي ذات ۽ ڏات تي هيستائين جيڪي ڪجهه چيو ۽ لکيو ويو آهي، انهيءَ جو تَتُ اهو شمار ڪري سگهجي ٿو ته هن اعليٰ پايي جي نيڪ نيت بزرگ جي شاعري هڪ عجب اسرار آهي. اهو هڪ لازوال معجزو آهي، ته سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو پروانو پڻ، انساني زندگيءَ جي مڪمل رخن جو اڀياس آهي ته عوام الناس کي ماڻهپي جا سبق سيکاريندڙ سنڌي صحيفو پڻ.
    شاهه سائينءَ جي سوانح ۽ شاعريءَ جي باري ۾ تفصيلي طور مون هڪ ڪتاب “جي پارکو پارس جا” لکيو آهي، پر هن مختصر مقالي ۾ فقط سندن فن ۽ ان جي مقصديت ۽ پيغام تي مختصر روشني وجهنديس.
    جيئن ته فن ۽ فنڪار جو پاڻ ۾ گهاٽو لاڳاپو آهي، سو شاهه سائينءَ جي شخصيت کي سندن شاعريءَ کان جدا نٿو ڪري سگهجي. هن عظيم فنڪار جو فن سندس ذات جي انيڪ خوبين جيئن نيڪ نيتي، خلوص، مهرباني، بردباري، سمجهه، حوصلو، همت، شجاعت، ذڪاوت، سخاوت، سچائي ۽ رحمدليءَ جو ترجمان آهي. شاهه صاحب جو فن سندس رسالو آهي. “رسالو” عربي ٻوليءَ جي لفظ “رسل” مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ پهچائڻ جي آهي، يعني شاهه جو رسالو اسان وٽ سندن پيغام جي صورت طور پهتو آهي. شاهه جو رسالو پنهنجي شاعراڻي خوبين ۽ فني لوازمات سان گڏ هڪ خاص معنيٰ رکي ٿو، جيڪا آهي “پيغام”. هاڻي اهو پيغام ڪهڙو آهي، جيڪو هُن سنڌ واسين کي ڏنو آهي ۽ ان ۾ سندس ڪهڙو مقصد ڪارفرما آهي؟ ۽ اهو به سوچڻ جو مقام آهي ته ڇا سنڌي قوم پنهنجي هن قومي شاعر جي شاعريءَ مان اهي مقصد جا موتي حاصل ڪيا آهن، جيڪا هن جي مراد هئي؟ انهيءَ لاءِ سڀ کان پهرين شاهه صاحب جي رسالي/فن جي ماهيت ۽ ٻوليءَ تي ڪجهه روشني وجهنداسين، پوءِ ئي مقصديت تي بحث ڪبو.
    شاهه جو رسالو “گنج” جي قلمي نسخن جي صورت ۾ ڀٽ شاهه تي سندن وفات کانپوءِ محفوظ هو، جنهن تان ڪيترائي قلمي نسخا مرتب ٿيا ۽ پوءِ جڏهن انگريز دور ۾ ڇاپخانا قائم ٿيا تڏهن قلمي نسخن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو ڪم عمل ۾ آيو. پهريون شخص ڊاڪٽر ٽرمپ هو، جنهن شاهه جي رسالي جو ڇاپي نسخو جرمنيءَ مان شايع ڪرايو، جنهن ۾ هُن ٻن ڏيهي شخصن جي مدد سان ٻه قلمي نسخا ڀيٽي تيار ڪرايو هو.
    اصل گنج اڄ تائين موجود نه رهيو آهي، جو شاهه صاحب جي حياتيءَ ۾ فقيرن لکيو هو، جنهن جي باري ۾ مشهور آهي ته پاڻ ڪراڙ ڍنڍ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيو هيائون. شاهه صاحب جي مريدن ۽ فقيرن جيئن تمر فقير، رحيم فقير ۽ مائي ملياڻي نيامت کي شاهه جي ڪلام جو وڏو حصو ياد هو، اهڙيءَ ريت جيترن کي سندن ڪلام ياد هو، انهن خود هڪ ٻئي کان پڇي نسخو لکيو، جو پڻ محفوظ رهي نه سگهيو.
    اسان وٽ موجوده وقت جيڪو معتبر گنج موجود آهي، سو ڪاتب فقير عبدالعليم عرف وڏل شاهه ميين اسماعيل جي چوڻ تي لکيو (ميون اسماعيل تمر فقير جو نائب هو) انهيءَ گنج ۾ شاهه صاحب جي ڪلام سان گڏ ٻين فقيرن، ڪلاسيڪل شاعرن ۽ سگهڙن جا بيت به شامل آهن.
    هاڻي جيڪڏهن شاهه صاحب جي اجازت سان لکيل سچو پچو نسخو موجود هجي ها ته اڄ اسان جي محققن جون پوريون حياتيون شاهه جي ڪلام کي ڌارين ڪلام مان آجي ڪرڻ ۾ صرف نه ٿين ها. شاهه صاحب جي ڪلام کي ڪراڙ ڍنڍ ۾ ٻوڙڻ واري واقعي تي جيڪڏهن اعتبار به ڪجي ته پوءِ به جيڪو ڪلام سندن حياتيءَ ۾ وري لکيو ويو، اهو مستند هو، پر اهو نسخو به سنڌ جي سياسي حالتن ۽ ان وقت جي غير موافق ماحول سبب رُلي ويو. (انهيءَ وقت ذاتي ڪتب خانن جو رواج وڌيڪ هو. ممڪن آهي اهڙو ڪو ٻيو به مستند نسخو ميرن يا ٻين عالمن جي ڪتب خانن ۾ وقت سان گڏ تباهه ٿي ويو هجي) بلڙي شاهه ۽ ڀٽ جا نسخا جيڪي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ انگريزن جي دور ۾ ڀيٽا، اهي به هن وقت موجود ڪونهن، انهيءَ تي ڪيترو به ڏک ڪجي، گهٽ آهي. بهرحال موجوده وقت جيڪي نسخا هٿ آيل آهن، انهن جو وچور تقريباً پنجاهه تائين وڃي ٿو. جيڪي گهڻي ڀاڱي نقلن جا نقل آهن، انهن مان محققن وڏيءَ جاکوڙ سان شاهه صاحب جو ڪلام ترتيب ڏنو آهي. آفرين آهي انهن محققن جي محنت کي، جن قلمي نسخا ڀيٽي ۽ مستند ڪلام کي ڇپائڻ جون ڪوششون عمل ۾ آنديون. خاص طور داڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين جي محنت کي مڃتا ڏيڻ ضروري آهي.
    شاهه جو رسالو “گنج” جي صورت ۾ واضح طور شاعراڻي مواد تي مبني آهي. ڇاپي رسالن ۾ سرن جي ترتيب ۽ فصلن جي ورهاست موجود آهي. ڪجهه رسالن ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ شرح پڻ ڏنل آهي ۽ ڪجهه ۾ ڪلاسيڪل داستانن جو تفصيل پڻ موجود آهي، جيڪو عام خواندو پڻ پڙهي مطلب جا موتي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
    شاهه صاحب جي رسالي جي ٻولي سلوڻي، سون ساريڪي، سٻاجهي سنڌي آهي، جيڪا هر سنڌيءَ جي دل کي سيبائيندڙ ۽ ڄڻ ان جي دل جو آواز آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ لساني ذخيري جو وڏو تعداد موقعي مهل مطابق استعمال ڪندي، سنڌي ٻوليءَ کي پختائيءَ ۽ اونچائيءَ جي اعليٰ درجي تي پهچائي ڇڏيو آهي. شاهه جي رسالي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بقا جا مڪمل اسباب موجود آهن. هو نه فقط سنڌي ٻوليءَ جي ماهيت جو مالڪ آهي، پر پنهنجي ڪامل مهارت ۽ قابل دسترس سان ان کي قائم دائم رکندڙ آهي. کيس سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪابه ملاوٽ پسند ڪونهي. تڏهن ئي ته فرمائي ٿو ته:
    جي تون فارسي سکين ته گولو تون غلام

    يا
    پيم پٺاڻن سين ٻولي ٻي نه ٻُجهن،
    آئون سنڌيءَ جو سعيو ڪريان، هو پارسي پُڇن،
    مون پڻ ملان تن، سرتيون سُور پِرايا.

    هن رسالي جي معرفت سنڌي ٻولي هڪ سداحيات ۽ جيئري جاڳندي ٻولي ٿي قائم رهندي اچي. بيتن ۾ ڇا ته تجنيس حرفيءَ جا جنسار آهن! هڪ هڪ لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون آهن! ڪيترا نه هڪ هڪ شيءِ لاءِ لفظ موجود آهن! مثال ڏيڻ ويهجي ته صفحن جا صفحا ڀرجي وڃن. لفظن جون زيب دار تخليقون، تمثيل جون تازگيون، تشبيهون، حڪايتون، مطلب ته انيڪ خوبيون آهن.

    مقصديت ۽ پيغام: شاهه صاحب جو پيغام ڪل ڪائنات جي ڀلائي آهي. سندس شاعريءَ جو محور انسانذات آهي. هن خودشناسيءَ معرفت خداشناسيءَ تائين پهچڻ جا درس ڏنا آهن. هن غير معمولي ذهين (Extra Ordinary Genius) شخص جو شاعراڻو شعور فقط چند هلندڙ صدين تي نه، بلڪه هڪ تمام وڏي عرصي تي محيط آهي. سندس فن سنڌ جي هر دور جي سماجي ۽ سياسي حالتن جي ردو بدل ۽ مذهبي ماحول جي عڪاسيءَ سان گڏ عوامي جيوت جي هڪ هڪ رخ جو اولڙو آهي. هن پنهنجي تجربي، مطالعي، مشاهدي ۽ فڪري ڏات سان جيڪو فڪر سنڌين ڏانهن منتقل ڪيو آهي، اهو نه ڪير اڄ تائين ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي ٿيندڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڊاڪٽر سارلي چواڻيءَ ته “سنڌ شاهه صاحب جهڙو ٻيو شاعر پيدا نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي ڪري سگهندي”. هن فقط بيت نه چيا آهن، پر انهن بيتن جي اونهائيءَ کي ماپڻ لاءِ عام کي خبردار ڪيو اٿس ته، انهن بيتن کي عقيدت، سچ، سونهن، خلوص ۽ محبت جي ماپي ۾ پرکيو ۽ پروڙيو، قرآني آيتن وانگر يقيني قوت سان قلب ۾ اوتيو ته ئي قرار پائيندؤ ۽ تڏهن ئي ابدي حياتي ماڻيندؤ.
    بامقصد انساني قدرن ڏي مائل ڪندي حياتيءَ جي هر رخ جي حقيقت بيان ڪئي اٿس. زندگيءَ جي هر پهلو، ڏک، سک، خوشي، غمي، علم، عبادت، محبت، ڪدورت، عشق جون اونهايون، وڇوڙي جا ورلاپ، وصال جي لذت، مطلب ته ڪوبه انساني جذبو نه آهي، جنهن کي سندس شاعريءَ ڇهيو نه هجي. هو هڪ ماهر نفسيات دان، دانا، عالم، رهبر ۽ رهنما وانگر انساني ڪردار جي اوچائي نيچائي، اماره، لوامه خاصيتون پڌري پٽ ٻڌائي ٿو. سندس شاعراڻي رمز ايتري ته اونهي آهي، جو هن مهاساگر مان هر ماڻهو اعليٰ توڙي ادنيٰ، عالم توڙي بي علم، استاد توڙي شاگرد، مالڪ توڙي مزدور، مطلب ته سڀني کي پنهنجي پنهنجي مطلب مطابق معنيٰ ملي ٿي. هن جي دل ۽ دماغ هڪ مثبت رويي ڏي مائل ٿين ٿا. سندس اندر کي هڪ نئين قسم جي روشني ملي ٿي.
    ڪيترن ئي شارحن شاهه صاحب جي ڪلام جون شرحون لکيون آهن. ڪئين ظاهري ۽ باطني معنائون بيان ڪيون آهن ۽ هر طبقي جي ماڻهن انهيءَ مان فيض حاصل ڪيو آهي ۽ ڪڏهن به ڪنهن کي ڪوبه ناڪاري (Negative) رخ هن ڪلام مان نه مليو آهي. نه شيعن، نه سنين، نه هندوئن، نه مسلمانن، نه مولوين، نه محققن، مطلب ته ڪنهن کي به سندس ڪلام جي ڪنهن به سٽ تي اعتراض نه ٿيو آهي، بلڪه سندس سڄي ڪلام ۾ نيڪ نيتيءَ جو پهلو سڀني پهلوئن کان وڌيڪ نمايان ۽ چٽو آهي، جو هو پاڻ هڪ بي انتها نيڪ نيت ۽ نيڪ عمل انسان هو.
    اها ڳالهه به مُنڊيءَ تي ٽڪ جيان آهي ته هن شاعريءَ کي تصوف جي تارازوءَ ۾ توريو ويو ته به تمام صحيح لڳي. جڏهن محققن سنڌ جي سماجي، علمي، ادبي، سياسي، مذهبي ۽ تاريخي حالتن جي تناظر ۾ پرکيو، ته پڻ مُدلل لڳي. مطلب ته هن نوراني شاعريءَ ۾ وطن دوستي، وسيع النظري، وسيع القلبي ۽ وسيع الوسعتي آهي، جنهن جهڙو هڪ به شعر پيش ڪرڻ ڄڻ ته معجزو آهي. انهيءَ ڪري ئي هن شاعريءَ کي “سداحيات شاعري” جو لقب مليو آهي.
    مقصدي طور مثبت لاڙن، نيڪيءَ جي تربيت، سجاڳي، سورهيائي، سچائي، همت، محنت، معرفت، محبت، بي ڊپائي، مستقل مزاجي ۽ خاص طور ماڻهپي ڏي موڙڻ ئي شاهه لطيف جي شاعريءَ جو مقصد ۽ پيغام آهي.
    وڳر ڪيو وَتن، پِرت نه ڇِنن پاڻ ۾،
    پَسو پَکيئڙن، ماڻُنهئان ميٺ گهڻو.

    (4-5، سر ڏهر)


    شاهه جي شاعريءَ ۾ اخلاقي ۽ روحاني درس

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه جو نالو عظيم شاعر جي طور مڃيل آهي. هو سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ اهڙو مانائتو ۽ شانائتو شاعر هو، جنهن جي شاعريءَ ۾ نه فقط سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ پر پوري عالم لاءِ امن، سک ۽ شانتيءَ جا سڏ آهن. سندس شاعري سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ صحيفو ۽ الهامي معجزو مڃي وڃي ٿي. هن انساني حياتيءَ جي هر رخ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اُجاگر ڪيو آهي. سندس بيت پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان دل ۾ نيڪ جذبا پروان چڙهن ٿا ۽ ماڻهوءَ جي عزم ۽ ارادي ۾ مثبت تبديلي اچي ٿي ۽ ايئن شاهه صاحب جي شاعريءَ جي پڙهڻ، ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ سان اسان جي سماجي اوسر ۾ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي.
    شاهه لطيف جي شاعريءَ جا جهجها رُخ آهن جن ۾ هڪ خاص رُخ اعليٰ انساني قدرن جي اپٽار آهي، هن انسانيت جي علمبردار شاعر کي ڀليءَ ڀت خبر هئي ته انسان ڇا آهي؟ ان جي ڪائنات ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟ هُو هِن دنيا جي احسن ترين مخلوق هوندي به ڇوهيٺانهين ڏي مُڙي ٿو؟ کيس ڪهڙن انساني قدرن جي پورائو ڪرڻ گهرجي، جن وسيلي هُو پنهنجي اشرف المخلوقات جو لقب برقرار رکي سگهي. شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ وسيلي انسان ۽ انسانيت جي لاڳاپي کي سهڻائيءَ سان واضح ڪيو آهي. هن اسان کي اهي قدر ۽ وسيلا ڏسيا آهن، جن معرفت اسين الله تعاليٰ جي پيدا ڪيل ٻيءَ سڀ مخلوق کان اوچو درجو حاصل ڪيون. هن سماج ۾ ڏٺو وڃي ته انسان قدرت جي خوبصورت ترين تخليق آهي ۽ عقل الاهيءَ جي نعمت سبب کيس سڀني مخلوقن تي مٿانهين حيثيت حاصل آهي. هو هر پل سوچيندڙ ۽ انهيءَ سوچ کي عملي جامو پهرائيندڙ آهي. پٿر جي شروعاتي دور کان اڄ تائين جاکوڙيندڙ رهيو آهي. انهيءَ ڪري ئي هو پنهنجي پاڻ ۾ هڪ اهڙي ڪائنات آهي. جنهن ۾ هزارين سالن جون تهذيبون، تمدن، علم ۽ هنر سمايل آهن.
    انسان جڏهن هن دنيا ۾ قدم رکيو انهيءَ وقت کان وٺي هُن پنهنجي وجود کي مڃائڻ جي جنگ جاري رکي آهي. هُن جڏهن پنهنجو پاڻ تي ۽ هن ڪائنات تي غور ڪيو تڏهن مٿس اها حقيقت کُلي، ته سندس بقا تڏهن ئي قائم رهي سگهي ٿي، جڏهن هُو انسانيت جو احترام ڪري ۽ اهو ئي انسان ۽ انسانيت جو رشتو آهي. اهو انسانيت جي احترام جو جذبو ئي آهي، جنهن سان “حيوانيت” ۽ “انسانيت” ۾ امتياز قائم ٿيئي ٿو.
    هن دنيا ۾ ڪيترائي پيغمبر، نبي، ولي ۽ نيڪ انسان وقت به وقت انسانذات جي سڌاري جا پيغام ڏيڻ آيا آهن. جن کين انسانيت جي خدمت ڪرڻ لاءِ اُتساهيو آهي ۽ کيس پنهنجو اعليٰ هئڻ جو شرف سمجهايو آهي. الله تعاليٰ جي اهڙن نيڪ ٻانهن ۾ سنڌ جي سرزمين جو ڪامل ولي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ شامل آهي. جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي صاف ۽ سڌن لفظن ۾، ته تمثيلن ۽ علامتن جي اوٽ ۾ انساني زندگيءَ کي سٺي نموني گهارڻ جا پيغام ڏنا آهن، شاهه جي شاعريءَ جو تت ۽ ست اعليٰ انساني اخلاقي قدرن جي اُپٽار آهي وٽس انساني قدرن ۾ خاص اهميت چڱن اخلاقن جي آهي. چڱا اخلاق تحقيق هڪ روشن گهر جيئن آهن، جي ماڻهوءَ جي مَنَ کي اوجر ڏين ٿا ۽ بد اخلاقيون هڪ اونداهي گهر مثل آهن جنهن ۾ ڪابه باک نٿي ڦٽي. شاهه سائين کي چڱيءَ پر ڄاڻ هئي ته ماڻهو ته مٽيءَ جي مُٺ آهي ۽ سندس ماڻهپوئي کيس ملائڪن کان مٿانهون مقام عطا ڪري ٿو. اهي نيڪ گُڻ جيڪي انسان جي شخصيت جي تعمير ڪن، سي شاهه صاحب بار بار پنهنجي شاعريءَ ۾ ورجايا آهن. جيئن ٻڌي، محبت، وطن دوستي، همت، بهادري، شجاعت، عزم جي پختگي، قرباني، فرض شناسي، پيار، رحمدلي، قناعت، شفقت، عدل و انصاف، همدردي، مهمان نوازي، سچ، سادگي، نهٺائي، پاڪيزگي، بردباري، ايمانداري، شرم و حيا، سخاوت، غيرت، امن پسندي، قرباني، نيڪ نيتي، عبادت، علميت مطلب ته انيڪ اهڙين خوبين جن سان هڪ انسان هن زمين جو هڪ ڪار آمد فرد هجي، تن کي ذڪر ڪيو اٿن ۽ ان جي ابتڙ جيڪي اَوَگُڻ آهن انهن کي نِندِيو اٿن ۽ ايئن شاهه صاحب ماڻهپي جا سبق ڏنا آهن، هُن ان ڏِسَ ۾ فهمائشون ڪيون آهن ته برملا کُليو اظهار پڻ ڪيو آهي. سچ کي سڌو رستو ڄاڻائيندي ڪوڙ ۽ ڪپت کان پاسو ڪندي تنبيهه ڪئي اٿن ته،
    “جي نه سڃاڻن سچ کي، ويهه مَ تني وٽ”
    (سرسريراڳ)
    سندس نظر ۾ بي ايماني، بي انصافي، بي حيائي، بزدلي، بخيلي، بي همتي، بي رحمي، انساني حياتيءَ لاءِ بي انتها هاڃيڪار آهن. هو سُستي ڪاهلي، ناشڪري، بي صبري، تڪبر، فخر، نفرت، مايوسي، ناميدي، لالچ، ٺڳي ۽ ٻين ڪيترين بي اخلاقين کي سماج لاءِ نقصانڪار ٿو ڄاڻائي سندس موجب هر چڱو گُڻ انساني عظمت جو اهڃاڻ آهي ۽ هر برو عمل ۽ بداخلاقي، شيطاني قوتن جو عڪس آهي.
    انسانيت جي هن علمبردار وٽ آجپي، آزادي ۽ انسان دوستيءَ جو وڏو قدر آهي تڏهن ئي ته چوي ٿو ته:
    وڳر ڪيو وتن پِرت نه ڇنن پاڻ ۾،
    پسو پکيئڙن، ماَڻهنِئان ميٺ گهڻُو.

    (ڏهر-4-5)
    شاهه صاحب جو فڪر تمام مٿانهون آهي، هن جي شاعريءَ جو محور انسان ۽ انسان ذات آهي هُو اُن انسان کي اُتم ٿو ڄاڻي، جو وطن دوست ۽ انسان دوست آهي ۽ جيڪو ان ريت نه آهي ۽ انهن خوبين کان محروم آهي، سواڻاسو ۽ بد بخت آهي.
    سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
    حيف تنين هوءِ، جن وطن وساريو.

    انساني ارادي جي قوت جي مضبوطي ۽ همت شاهه صاحب وٽ گهڻي اهميت رکندڙ آهي. سسئي سندس شاعريءَ جو اهم ڪردار آهي، جنهن جي معرفت هن جستجو، همت ۽ سجاڳيءَ جا سڏ ڏنا آهن.
    جڏهن سُتيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري،
    تڏهن تنين کي، ساٿ ستي ئي ڇڏيو.

    ساڳيءَ ريت ٻين ڪيترن سُرن ۾ سندس اهو ئي پيغام آهي ته همٿ ڪيو، بهادريءَ سان اڳيان اچو، سر ڪيڏارو ۾ فرمائي ٿو ته:
    سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم سڀ وسار،
    هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
    مٿان تيغ تَرار، مار ته متارو ٿيئن.

    “تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه”، “گهڙيا سي چڙهيا”، “ويٺن ناههِ وراڪو”، “ستا اٿي جاڳ”، “ڪاهي وڃئو ناکئا”، “سُتي نه سرند ياءِ”، “ڏورج ڏيئو هٿ ڪري”، “ٿڪيائي ٿر ٿيلهه، چڙهه چڪيا ئي چوٽيئن”، “ويٺي وَرَ نه ملن سُتي نه ملن سپرين” ۽ ٻيا سوين بيت اها ثابتي ٿا ڏين، ته شاهه صاحب جي شاعري همت، شجاعت، بهادري، عزم ۽ ارادي جي پختگي، قرباني، غيرت، فرض شناسي ۽ وطن دوستيءَ جو اهڃاڻ آهي ۽ اهي اهڙا اعليٰ انساني قدر آهن، جن سان انسان مانائتو ۽ شانائتو جيون جيئي ٿو. شاهه لطيف ذاتي طور هڪ نرم دل، نهٺو، شفيق ۽ همٿ ڀريو ماڻهو هيو. هن وٽ پيار ۽ محبت جي آفاقي جذبي جو وڏو قدر هو. سندس ڪلام ۾ اهڙا ڪيترائي بيت ملن ٿا، جن ۾ آفاقي، الهامي ۽ مجازي محبت جا سڏ ڏنل آهن.
    ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،
    منهنجو جيءُ جڙي، سپريان سوگهو ڪيو.

    (يمن ڪلياڻ، 2-5)
    عشق جنين کي آڪرو، ترهو مٿي تن،
    جي ساهڙ کي سڪن، تنين جر جنڊ ٿيئي.

    شاهه صاحب ڄاڻائي ٿو ته دوست جو ديرو ته دِل ۾ آهي فقط من جي مفتيءَ معرفت پنهنجو پاڻ اهو اندر ۾ ڳولهڻو آهي، مَنَ مان ڪٽ ڪڍي ان کي ڌوئي پاڪ ۽ صاف ڪري اڳيان وڌڻو آهي. دنياوي ڏاهپ ڪجهه ڪونهي اصل ته دل جي صفائي کپي، ليلا جو پنهنجي لالچ تي پشيمان هئڻ هن ريت ٿو بيان ڪري:
    الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
    مون سين مون پرين ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا

    نوريءَ جي نهٺائي ۽ سادگي وٽس مانائتي آهي، کيس ساراهيندي چوي ٿو ته:
    گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
    انين جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.

    بهادري وٽس غيرت ۽ قومن جو شان ۽ مان آهي. بزدل ۽ ڪانئر کي هو قوم ۽ ملڪ لاءِ برباديءَ جو سبب سمجهي ٿو. سورهيه مردن جي ونين واتان چورايو اٿس ته:
    ڀڳو آئون نه چوان، ماريو ته وسهان،
    ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
    ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.

    (سُر ڪيڏارو)
    گيدي، بزدل، ڊڄڻو انسان ٻين به ڪيترين خامين سان ڀرپور هجي ٿو، شاهه صاحب انهيءَ ڪري سخي ابڙن بهادرن ۽ سورهين کي ساراهي سنڌي قوم کي سورهيائيءَ جا سبق ڏنا آهن، جادم جکرو سمن جو سخي سردار ۽ راءِ ڏياچ چوڙا سما خاندان جو بادشاهه جنهن ٻيجل جي تند تنوار تي وڏي شوق سان سر قربان ڪيو. جنهن کي شاهه صاحب واکاڻيو آهي، اهڙيءَ ريت شاهه صاحب ڪيترن ئي هنڌن تي غيرت، سخاوت، وطن دوستي، سادگي، محبت ۽ مجاز جا مثال ڏيئي، سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ شاهڪار رسالي کي تخليق ڪري پنهنجي قوم کي انساني قدرن سان شناسائي ڪرائي آهي، بد اخلاقين ۽ براين کان بچڻ جا گُر ڏسيا آهن. صبر جهڙي پيغمبري صفت کي ڳايو آهي. بي همٿي ۽ بزدليءَ کان بچاءُ جي ڄاڻ ڏني آهي. لالچ کي ننديو آهي. غيرت ۽ خودداريءَ سان جيون گذارڻ کي اهميت ڏيندي آزاديءَ جو سبق ڏنو آهي، چڱائين جي اپٽار ڪئي آهي. “ڏمر کي ڏولائو” سڏيندي، “نمي کمي نهارڻ جي” تلقين ڪئي آهي. سندس اهو ئي مؤقف آهي ته “هُو چو نيئي تون مَ چئو واتان ورائي”، کم کمندن کٽيو هارايو هوڙن” يا “چپ سين جي چون ادب ڪجي ان جو”.
    انساني اخلاقي قدرن سان گڏ شاهه صاحب سنڌي قوم ۽ سماج جي معاشي ۽ ثقافتي قدرن کي پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت ڏني آهي. سندس نظر ۾ جيڪا قوم پنهنجي ماضيءَ کي وساري ٿي ويهي اها هميشه غيرن جي پوئواري ڪندي ۽ ايئن آهستي آهستي هُن جون جڙون پنهنجي ڌرتيءَ تان ڪٽجي وينديون، انهيءَ ڪري پنهنجي شاندار ماضيءَ جي اوٽ ۾ شاهه صاحب سنڌ واسين کي سماجي حالتن مطابق سندن تهذيبي معاشي، مذهبي، علمي ۽ ثقافتي قدر ڄاڻايا آهن. هن جي ڪلام ۾ انيڪ اهڙا بيت ملن ٿا، جن مان خبر پوي ٿي ته سنڌي قوم هڪ اعليٰ تهذيبي ورثي جي وارث آهي، جنهن جو پري پري ملڪن سان وڻج واپار هلندڙ هو، هتي جون رسمون رواج، اٿيون ويٺيون اهي ثقافتي قدر آهن، جن سان هتان جي ماڻهن جو مان مٿانهون آهي، علمي ۽ مذهبي طور هي امن پسند ماڻهو پڙهيل ۽ محنتي آهن ۽ ايئن شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ وسيلي انساني اخلاقي خوبين کي ڳائي ۽ خامين کي برو ڄاڻائي پنهنجي پڙهندڙ کي پيغام ڏنو آهي ته توهان بهترين انسان ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي اعليٰ انساني صفتن سان معمور ڪيو. ته توهان هڪ خوشحال ۽ آسودي سماج کي ٺاهي سگهندؤ، جتي امن ۽ ڀائيچارو هوندو، جتي معاشي حالتون بهتر هونديون، جتي ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ۽ چور بازاري نه هوندي، جتي ڪير ڪنهن جا حق غصب نه ڪندو ۽ نيڪ عملن ۽ نيڪ نيتن سان رب پاڪ جو ڪرم نصيب ٿيندو، سڄيءَ سنڌ سان گڏ هو پوري عالم لاءِ دعاڳو آهي.
    سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار،
    دوس! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.


    شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جا معاشي ۽ ثقافتي قدر

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي عوام جو اڳواڻ شاعر شمار ٿئي ٿو. سندس شاعراڻي ڪٿ فقط اها نه آهي، ته هو اعليٰ درجي جو شاعر هو، پر در حقيقت هُن وٽ خيالن جي اڏام، لفظن جي سونهن ۽ شاندار شاعريءَ سان گڏ ٻيون جيڪي وصفون آهن، انهي ئي کيس هڪ منفرد ۽ يگاني محبت جي پيامبر، قومي اڳواڻ ۽ سنڌي قوم جي نفسياتدان طور مڃايو آهي. سندس اونهي مشاهدي واري نظر سنڌ ڌرتيءَ جي پاتال ۾ پيهي ويئي. هن هتان جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، ٻولي، تمدن، تهذيب ۽ ثقافت سان گڏ ڌرتيءَ واسين جي جيءَ ۾ جهاتي پائي سندن ڏک، سک، خوشيون، غميون آسون، اميدون، خدشا، خوف، وهم ويچار مطلب ته هر جذبي هر خيال ۽ هر سوچ کي نمايان ڪري پيش ڪيو. هو سنڌي سماج جو صدين کان هڪ اهڙو سُونهون آهي جو ڏٺو وڃي ته هر مشڪل جو حل “شاهه جو رسالو” آهي ۽ اسان کي فقط ايترو ڪرڻو آهي جو اسان کي سندس ڪلام کي اُن ريت سمجهڻ جي قوت پيدا ڪرڻي آهي. شاهه صاحب سنڌي سماج جي مختلف حالتن جو گهرو مطالعو ڪيو. هُنَ هِتان جي معاشي حالتن جي لاهن چاڙهن کي پروڙيو کيس چڱيءَ پر خبر هئي ته سنڌ صدين کان عظيم ثقافت ۽ تهذيبي ورثي جي امين آهي. هيءُ باهمٿ محنتي ماڻهو آهن پر منجهن جي ڪي خاميون آهن ته اهي ضرور هٽڻ گهرجن. شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي کين ساراهيو ته ڪيترن جڳهين تي سمجهايو آهي ۽ فهمائشون ڪيون آهن. پر هر حالت ۾ هو پنهنجي قوم واسين کي خودمختيار ۽ بااختيار ڏسڻ جو خواهشمند هو.
    جيئن ته علم ادب ۽ سماج جو ساٿ هميشه پاڻ ۾ ڳنڍيل رهيو آهي. آس پاس ۾ جيڪي وهي واپري ٿو اهو ليکڪ ۽ شاعر جنهن شدت سان محسوس ڪندو آهي، ايترو ٻيو ڪو عام ماڻهو محسوس نه ڪري سگهندو آهي ۽ جيڪڏهن هو محسوس ڪري به ٿو، ته به وٽس اها سگهه نٿي هجي، جو هو اهو اهڙي ريت ڄاڻائي سگهي جهڙيءَ ريت عالم، اديب ۽ شاعر بيان ڪري سگهن ٿا. سو شاهه صاحب ته وڏيءَ نظر وارو حساس شاعر هو. سندس دور ۾ سنڌ هڪ وڏي آزمائش واري دور مان گذري رهي هئي، مغلن جي غلاميءَ کان پوءِ ظلم جا نشان ٿي نادر نمودار ٿيا. انهن کان ڇوٽڪارو مَسَ حاصل ٿيو ته قنڌارين اچي ڪڙڪو ڪيو ۽ سنڌ واسين جو ساهه سُڪايو. اهڙين غير يقيني حالتن ۾ سختيون سهائي سورهيائيءَ سان منهن مقابل ٿي سنڌ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ همٿائڻ ۽ غيرت پيدا ڪرڻ جا سبق ڏيڻ هر شاعر جي قوت نه هئي، اهو شاهه لطيف هو، جنهن ڄاڻايو ته، مانجهي مڙس اهي آهن، جي رُڪ وهندي راند ۾ هڻڻ ۽ هڪلڻ کي ترجيح ڏيندي اڳيان ٿا اچن ۽ قومن جو شان مٿانهون ٿا ڪن.
    صوفين، سنياسين ۽ عاشقن جو مرڪز هيءَ سنڌ جي سرزمين هميشه واپار وسيلي مختلف تهذيبن سان ڳانڍاپي ۾ رهي آهي. هتان جي تجارت ملڪان ملڪ مشهور هئي. ديبل جو بندر سامونڊي تجارت جو وڏو مرڪز هو. هتان جي واپار جا سلسلا بخارا، سمرقند، چين ۽ جپان تائين جاري ۽ ساري هئا، پر ڪيترين قومن هن ڌرتيءَ تي داخل ٿيڻ کان پوءِ هتي پنهنجي حاڪميت مڙهيندي اصل رهاڪن کي تڙڻ جون ڪوششون ڪيون آهن، جن جي ڪري هن زمين تي ڪيترائي مالي بحران آيا آهن. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي، ته ڪا به قوم تيستائين ترقي نٿي ڪري سگهي، جيستائين اها مالي طور مضبوط نه آهي ۽ شاهه لطيف انهيءَ نڪتي کي سمجهندي پنهنجي قوم کي وَرَ وَرَ ڏيئي محنت ۽ همٿ جي لاءِ اُتساهيو ۽ سڄيءَ سنڌ لاءِ سُڪار جو تمنائي ٿيو ۽ اهو سُڪار فقط ۽ فقط سون ورنن هٿن جي پورهئي سان ممڪن هو. هن روشن خيال شاعر سنڌي سماج جي هران شخص کي عزت ۽ احترام جوڳو ڄاڻايو، جو هن سماج کي سونهن بخشي، شاهه صاحب ڪاپائتيءَ جي ڪردار کي امرتا بخشيندي هڪ پورو سُر سندس نالي ڪيو آهي. ائٽ جي اوٽ ۾ هُن سنڌين کي سبق ڏنو آهي ته ڌڻيءَ سڳوري توهان کي ٻه سون جهڙا هٿ ڏنا آهن. اٿو ۽ پنهنجي رزق کي ڳولهيو. فرمائي ٿو ته:
    سونَ سارِيڪا هَٿڙَا، ڪُوهه نه ڪَتِين رَڏ،
    ويهي ڪُنڊ ڪاپو ڪر، گهُتيون گوهُيون ڇڏ،
    ته صرافاڻي سڏ، مرڪيو هوند مٽائِيِيِن.

    (سر ڪاپائتي، 1-12)
    حياتيءَ جي هر رخ کي ظاهر ڪندي هر طبقي، هر مذهب کان بالاتر ٿي هر عام جيئن هاري ناري، رنگريز، ملاح، لوهار، ڌوٻي، ڪوري، واڍي کي شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ وسيلي عزت جوڳو مقام ڏنو آهي. هو سکڻ کي ترجيح ڏيندڙ آهي. وقت جي اهميت وٽس جهجهي آهي. مالي طور مضبوط ٿيڻ لاءِ هن اقتصادي نظريا سمجهايا آهن. چوي ٿو ته:
    تُنبائي تاڪيد سين، جَنين پڃايو پاءُ،
    لَسِي تندُ لَطِيف چئي، هلي تِن هٿاءُ،
    مَلمَل منجهان ماءُ! جي سِکيوُن تِن سونِ ڪيو.

    (ڪاپائتي، 1-20)
    جنهن سماج ۾ پورهئي ۽ هنر کان بيزاري هوندي اهو سماج ڪڏهن به ترقي ڪري نٿو سگهي ۽ پوءِ اهڙي ناڪاره سماج ۾ ئي سماجي نابرابري، افرادي استحصال، طبقاتي ويڙهه، مذهبي ويڇا وڌندا ۽ ويجهندا آهن. محنت ۾ امن آهي، ڏاهپ آهي، طاقت آهي، اختيار آهي ته سُک ۽ سُڪار آهي. احترام لائق ۽ عزت لائق آهن، اهي قوم واسي جيڪي ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. ماڻهو جڏهن مانيءَ ڳڀي لاءِ پريشان هوندو، تڏهن لازمي آهي ته هو حياتيءَ جي بنيادي ضرورتن کي صحيح پهچي نه سگهندو ۽ نه پهچي سگهڻ سان ئي بي چيني ۽ انتشاري ڪيفيتون ڪَرَ ڪڍنديون آهن. معاشري جي خوشحالي معاشي حالتن جي ترقيءَ تي آڌاريل آهي ۽ قومي احساس جاڳائڻ تي آهي. شاهه صاحب موجب ته، ڪنهن به حالت ۾ سُست نه ٿيو ۽ ڪم ڪريو ۽ ٻين کي ڪم اچو، زندگي چرپر جو نالو ۽ درياهه جي رواني آهي جا بنا محنت جي هڪ مصيبت آهي، ويهي وقت وڃائڻ کان روڪيندي شاهه صاحب چوي ٿو ته،
    سي تو ويهي وِڃائيا، جي ڪَتَڻ سَندا ڏِينهِن،
    اَرِٽَ اوڏِي نه ٿِينيِن، ڀوري! ڀوري سينءَ،
    ڪنڌِ کَڻندِينءِ ڪِيئَن، اَڱَڻَ عَجِيبَن جي.

    (ڪاپائتي، 1-10)
    هن سنڌي سماج کي آسودو ڏسڻ ٿي چاهيو، هتان جا جيڪي وڻجارا قرڦل ڦوٽا ۽ قيمتي ڪپڙا کڻي لنڪا، عدن ۽ ٻين پري جي ملڪن ۾ وڻج واپار لاءِ ويندا هئا ۽ واپسيءَ ۾ ماڻڪ موتي ۽ سون آڻيندا هئا انهن جو پاڻ دعاڳو آهي، فرمائي ٿو ته،
    قَرڦُل، ڦوٽا، پارچا، پاڻيٺَ، پاتائوُن،
    ڪوٺِيون قيمتَ سَنديوُن، تَرَ ۾ تاڪيائوُن،
    لاڄُن مَنجِهه، لطِيف چي، ٻيڙا ٻَڌائوُن،
    نذَرُ نبيءَ ڄامَ جو، چَڙَهندَي چيائوُن،
    جي ڇُهي ڇوڙيائوُن، سي ٻيڙيون رَکين ٻاجَهه سين!

    (سريراڳ، 5-11)
    جنهن قوم يا ملڪ ۾ معاشي بي حالي هوندي انهيءَ قوم يا ملڪ ۾ نه علم وڌندو ويجهندو ۽ نه ئي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت کي ترقي ملندي انهيءَ قوم جي ترقي رڪجي ويندي آهي. شاهه لطيف سنڌي سماج کي ترقيءَ جا گس ڄاڻائيندي کين بهترين تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جو امين ٿو قرار ڏئي، هر قوم جو ثقافتي ورثو انهيءَ قوم جون ريتون، رسمون، رواج، سوڻ ساٺ ۽ اٿيون ويٺيون آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته سنڌ واسي صدين کان پنهنجي ريتن ۽ رسمن سان نڀائڻ وارا ۽ ريتن روايتن جا امين آهن. ليلا چنيسر وٽ وڏو درجو رکندڙ هئي. سندس لاءِ وڏيري هئڻ ۾ فخر جو احساس آهي پر پنهنجي ڪانڌ وٽ ڪانياري ٿيڻ سان هوءَ غلطين تي پڇتاءُ ڪندي چوي ٿي ته،
    وڏيري هُياسِ، چنيسر جي راڄَ ۾،
    دائين ٻائين، دربانن ۾ پَرَ ۾، ٿي پُڇياس.
    ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾

    (ليلا چنيسر، 2-8)
    ڪانڌ جو ڏهاڳ ڏيڻ سنڌي سماج ۾ عيب جي نشاني آهي کيس شاهه صاحب تنبيهه ٿو ڪري ته “پائي پاند ڳچيءَ ۾ پاڻ غريبيءَ گڏ” چنيسر جي دادليءَ ليلان کي خبر ئي ڪانه پيئي ته ڪو کانئس محبوب ان ريت رُسي ويندو “هُيس هندورن ۾، پيم ڪا نه پروڙ، سامهان ٿيم سور، ويو ولٽي ولهو”، سو ليلا آسودي ۽ بادشاهي گهر جي هئي، ان جي هندورن ۾ لڏڻ کي بيان ڪندي شاهه صاحب هندوري کي سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ ڪري پيش ڪيو آهي. شاعريءَ جي زنانن ڪردارن ۾ جتي شاهه صاحب سسئيءَ جي وفا ۽ قربانيءَ کي، نوريءَ جي نيازمنديءَ کي ساراهيو آهي اُتي ليلا جي هَٺَ کي ناپسند ڪيو آهي، سندس نظر ۾ سنڌ جي عورت وفادار ۽ پنهنجي وَرَ لاءِ محبت ۽ عقيدت جا جذبا رکندڙ آهي، سر سامونڊيءَ جي وڻجاريءَ جي جذبن کي پسند ڪيو اٿس جا پنهنجي محبوب جي ميلاپ لاءِ جَلَ کي اکا هڻي وڻن ٽڻن کي جهنڊيون ٿي ٻڌي شاهه جي نظر ۾ محبوب جي جدائيءَ ۾ وڻجاريءَ جي محبت جا اهي اٽل جذبا آهن جي انهن سامونڊين کي وطن ورڻ تي مجبور ٿا ڪن، انهن کي واکاڻيندي ۽ همٿائيندي چوي ٿو ته،
    جا جَرجاٽون نه ڏئي، ڏِيا نَه موهي،
    سَڌون ڪوهه ڪَري، سا پَنهِنجي ڪانڌَ جُون؟

    (سامونڊي، 2-23)
    جا زال سمنڊ نٿي پوڄي ۽ ڏيئا نٿي ٻاري، سا پنهنجي محبوب سان ملڻ جي سڌ ڇو ٿي ڪري؟ جل پوڄڻ، اَکا هڻڻ ۽ ان سان سلهاڙيل سوڻ ساٺ هندو سماج جون ريتون رهيون آهن . شاهه صاحب هر طبقي ۽ مذهب جي فرق بِنا سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، لباس، سوچون محبتون، عشق، ڏک ۽ سک مطلب ته احساسن ۽ عملن جو هڪ وڏو سمنڊ رسالي ۾ پلٽيو آهي. مارئيءَ جي لوئيءَ، چوڙن، سڳڙن ۽ پنهوارن جي پکن کان وٺي ٿر جي هر معمولي کان معمولي شيءِ کي به ذڪر ڪيو اٿن. پيرون، پپون، ڪونڍير، گولاڙا ۽ گاهه ڪا به شيءِ نه آهي جا هُن مارئيءَ جي ذڪر سان گڏ وساري هجي، “سهسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام” (مارئي، 2-5) “ڪنجري” لفظ مونث آهي اهڙو چولو جنهن جي سيني واري حصي تي ڀرت ڀريل هوندو آهي. “سبي، سيبا ڏئي، ڀوري نينهن نه ڪڄوئي” اها ڦاٽل ڪنجري جا عمرڪوٽ ۾ عمر بادشاهه جي قيد ۾ معصوم مارئي سيبا، پيئي ڏئي، پر پنهنجو نينهن مارن سان نٿي گهٽائي، جهڙي ريت “ڪنجري” لفظ مونث آهي تهڙيءَ ريت “ڪنجرو” مذڪر لفظ آهي ڪنجرو، هڪ ڊگهو ڀرت وارو شيشن ڀريل گهگهو آهي، جيڪو خاص وهانءُ لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي ۽ شادي شده عورت ئي ان کي پائيندي آهي. سسئي مٿي اگهاڙي آهي، ڪنجرو ڦاٽل اٿس، پر پنهنجي وَرَ لاءِ پنڌ ڪاهيندي ٿي وڃي، سسئيءَ جي واتان ڀٽ ڌڻي چوائي ٿو ته.
    ڪُلهي ڦاٽو ڪَنجرو، مَٿو اُگهاڙو،
    ڀينر ڪُڄاڙو، مُنهنجو هِنَ ڀنڀورَ ۾.

    سپرين جي سار لهڻ کي پسند ڪندي هڪ هنڌ سسئيءَ جي واتان اهو چورايو اٿس ته، “ڪَچو لايان ڪُرَ جي ڪيچان اوري وران.” مطلب ته ڪيچ مڪران کان جي اورتي موٽي اچان ته ڄڻ پنهنجي ڪُرَ/خاندان، کي ٽڪو لاتم. اسان وٽ ڪيترائي هٿرادو ۽ هٿ ٺوڪيا قدر خانداني عزتن سان منسوب ڪيا ويندا آهن پر هيءُ ڪيترو نه انوکو قدر آهي جو هڪ ڪمزور عورت ذات پنهنجي حق کي، پنهنجي وَرَ کي، واپس نه وٺي اچڻ ۽ پنهنجي پاڻ سان ان جو گڏ نه هئڻ، پنهنجي سڄي ڪٽنب لاءِ بي عزتيءَ جو سبب ٿي سمجهي، سلام آهي، سسئيءَ جي سمجهه، همٿ ۽ بهادريءَ کي. اهي مانَ مرتبا ۽ عزتون آهن، جن کي شاهه صاحب امر بنايو آهي. پرڻيل عورت لاءِ هار سينگار ننڍي کنڊ ۾ مَرَڪ سمجهيو وڃي ٿو، پر شاهه صاحب موجب اهي سوين سينگار به محبوب جي دل کٽڻ لاءِ گهٽ آهن، جيڪڏهن عورت ۾ “پاڻ پڻو” آهي. هو هيٺانهين ڍار کي پسند ڪندي چوي ٿو ته،
    سڀئي سُهاڳَڻيوُن، سَڀني ڳِچيءَ هارَ،
    پَسڻ ڪارڻ پِرينءَ جي، سهسين ڪَنِ سينگار،
    ڍول تنين جي ڍار، هيٺاهِيوُن هَلنَ جي.

    (ليلا چنيسر، 3-3)
    اهڙيءَ ريت رسالي ۾ ڪيترين جڳهين تي مختلف نمونن سان سنڌ جي ثقافت تي روشني وڌل آهي. سر مومل راڻو پڻ انهيءَ جو هڪ اعليٰ مثال آهي. سوڍين راڻين جي ويس وڳن جو ذڪر، عطرن، عنبيرن ۽ شالن جي سونهن، لاثاني زيور، جي مومل ۽ سرتين جي سونهن کي ٻهڪائين پيا، چانديءَ جي روپين سان سوڍين جون رانديون ڪرڻ، اوطاقن ۾ چندنن جي خوشبوئن جو هئڻ. ڪاڪ محل ۾ بهترين باغن جو هئڻ، کٿورين سان ولات واسجڻ، مطلب ته هر پاسي سنڌي سماج جي آسودي ۽ شانائتي خوشحال طبقي جي اٿي ويٺيءَ جي اپٽار آهي. جتي هن سنڌ جي راڻين، ليلا، مومل ۽ سورٺ جي خوشحاليءَ کي بيان ڪيو آهي، اُتي هن مارئيءَ جي غريبيءَ ۽ نوريءَ جي سادگيءَ کي به آندو آهي. نوريءَ جي غربت ۽ افلاس جو منظر چٽيو اٿس ته گڏ هڪ بادشاهه ۽ غريب مهاڻيءَ جي ميلاپ کي سهڻائيءَ سان بيان ڪيو اٿس، هو طبقاتي فرق جي خلاف آهي، ان ڪري سسئيءَ جي ڏيرن جو کيس ڇڏي وڃڻ ۽ سسئيءَ جو پنهونءَ جي لاءِ پنهنجي مقصد پويان ڪاهي وڃڻ کي پسند ڪندي، سندس پٺ ڀرائي ڪئي اٿس.
    پنهنجي دلير، مستقل مزاج ۽ بي ڊپين سورمين معرفت سنڌي سماج مان غلط رسمون ۽ ريتون ختم ڪرڻ ٿي چاهيائين. سهڻيءَ کي بچاءُ ڏيندي سندس ساراهه ٿو ڪري،
    سهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُهي،
    هُونهين هُوند مُئي، پر ٻڏيءَ جا ٻِيڻا ٿيا.

    (سُر سهڻي-5-5)
    لطيف سائينءَ سنڌ جي چپي چپي کي مشاهداتي اک سان پروڙيو، هن هڪ عظيم فنڪار وانگر پنهنجي سماج جي جنهن به ڪردار کي بيان ڪيو، ته انهيءَ ڪردار جي سوچ، ڪرت، نفسيات، ٻولي، حيثيت، هڪ اهڙي ته اونهي مطالعي سان پيش ڪئي آهي جو ان جهڙو مثال ملڻ مشڪل آهي. سندس انهيءَ پيشڪش ۾ هتان جا سماجي، معاشي ۽ ثقافتي قدر بلڪل چڱيءَ طرح چٽا ٿي سامهون آيا آهن.


    عالم سڀ آباد ڪرين (شاهه جي دُعائيه شاعري)

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه سنڌ جو صوفي، آدرشي ۽ آفاقي شاعر آهي. هن جي شاعري هن قوم جي لاءِ نه پر پوريءَ دنيا لاءِ انساني اعليٰ قدرن جي اپٽار آهي. هُو ڪائناتي شاعر دنيا جي سردار شاعرن مان آهي، تڏهن ته پوري دنيا لاءِ دُعاڳو ٿي چوي ٿو ته
    سائينم! سدائين، ڪرين مٿي سِنڌ سُڪار،
    دوسَ! مٺا دلدار! عَالمُ سَڀُ آبادُ ڪِرين.

    (سارنگ، 4-12)
    پوري عالم لاءِ، دعاڳو هن عظيم شاعر پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڄاڻايو آهي ته “گهر تنهن کان مڱڻا جو ڏيهاڙي ٿو ڏئي”، هُو دُعا کي دل جو آواز ۽ عبادت جو مغز ٿو ڄاڻائي، شرڪ کان پلي ٿو.
    وحده لاشريڪ له، جان ٿو چئين ايئن،
    تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن،
    سوتون وڃئو ڪيئن، نائين سرٻين کي،

    شاهه صاحب جو ڪلام واحد جي وحدانيت جي اُپٽار ۽ ٻانهي جي عاجزيءَ جي اقرار ۽ دل سان گهريل دُعائن سان سينگاريل آهي، مٺي محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن کي هادي، رهبر ۽ ڪارڻي ڄاڻائيندي کين ئي نجات جو وسيلو سڏيو اٿن.
    مَدِيني جا شاهَه، سُڻ مُنهنجا سڏِڙا،
    ڪَارڻ لڳ الله، سِگهو رَسجِ سُپِرين.

    (ڏهر-4، 2)
    مديِني جا مِيرَ، سُڻ منهنجا سَڏِڙا،
    سَرَڻ تنهنجي سِيرَ، تُون پار لنگهاينين پيئڙا.

    (ڏهر، 2-1)
    “دُعا” لفظ جي معنيٰ آهي، “گهرڻ”، “التجا ڪرڻ” ۽ دُعائي آهي جا مومن جو هٿيار ۽ عبادت وسيلي تقدير کي موڙڻ جي تدبير آهي. انسان ته عاجز بندو آهي ۽ عاجزي ئي دعا جي اولين شرط آهي، الله تعاليٰ وٽ زمينن ۽ آسمانن جي بادشاهي آهي هن وٽ سڀ ڪجهه آهي ۽ هُو پاڪ پروردگار هر شيءِ تي قادر آهي، پر هن وٽ ٽي شيون نه آهن، جيڪي سندس پياري ٻانهي وٽ آهن، عاجزي، انڪساري ۽ لڙڪ، الله تعاليٰ جي خوف ۽ اميد ۾ ڪريل ٻانهي جا لڙڪ ۽ عاجزي ۽ انڪساريءَ سان ڪيل دُعائون کيس گهڻيون پسند آهن جي قبوليت جو شرف ٿيون حاصل ڪن، بندي جو حقير ٿيڻ ۽ باربار رحم جي گذارش ڪرڻ، ٻاجهه جي خيرات پنڻ، ٻئي در نه واجهائڻ ۽ کانئس ئي سڀ ڪجهه ملڻ جو پڪو يقين هئڻ کيس عبديت جي اوچي مقام تي پهچائي ٿو، شاهه صاحب شرڪ ۽ ٻيائيءَ کي پليندي رڳو ڌڻيءَ سڳوري در واجهائڻ کي هِن ريت بيان ڪيو آهي.
    جي ڀاينين جوڳي ٿيان، ته رَلي کڻي مَ رُل،
    ويڙهي ويهه وجود کي، ٻُڌ هيڪڙائيءَ جو هُل،
    آهِين پاڻ اَمُلهه، پِنين ڇو پينارن کان.

    لطيفي سوچ ۽ نظر جو محور ان ئي هڪ نقطي تي زور ڀري ٿو ته، تن تنهنجو تسبيح ۽ مَن مڻيو آهي پوءِ تنهنجي هن انساني وجود کي هيڪڙائيءَ جي هُلَ کي ٻڌڻو آهي ۽ ان کان ئي گهرڻو آهي، جو ڏڏن کي نوازي، نالائقن ڏي نهاري، اهو ئي حبيب آهي اهو ئي طبيب آهي، اهو ئي ڏک ڏيندڙ ۽ اهو ئي لاهيندڙ آهي، ٻيو ڪو در ڪونهي جو همراهي ڪري، هُو مهربان موليٰ، مددگار ۽ مشڪل ڪشا آهي، ان ڪري کانئس ئي هر پل، هر دم مدد، محبت ۽ معرفت پنڻي آهي.
    مِٺو جئن نالوءِ، تيئن موُن وڏو آسَرو،
    ڪو درناهي جهوءِ، مُون ٻيا دَرَ گهڻا نِهاريا.

    (ڏهر، 2-22)
    حضرت شاهه ڀٽائي هڪ باعمل انسان هيو، جنهن جو عقيدو هو ته دنيا ۾ نيڪ عملن بدولت ئي رب جو ڪرم نصيب ٿيندو ۽ ڌڻيءَ سڳوري جي رحمت مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، واضح طور چوي ٿو ته،
    جي ليلائي نَه لَهِين، تان پڻ لِيلائج،
    آسرَمَ لاهيج، سَڄَڻ ٻاجِهيندڙ گَهڻو.

    (ليلا چنيسر، 2-21)
    دُعا جو فلسفو شاهه صاحب اهڙو اختيار ڪيو آهي، جنهن ۾ عاجزي ۽ انڪساري آهي ته اُميد ۽ يقين پڻ، گڏوگڏ توڪل جي قوت اُتم آهي ته وجود جي ڪامليت جو احساس پڻ، “نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو” جي حوالي سان پرين جو پاڻ ۾ هئڻ، اعتبار جي قوت قائم ٿيڻ جو اعليٰ مثال آهي، جيڪڏهن عبادت ۽ دعا جي فلسفي تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته دُعا ۽ عبادت لازم ملزم آهن، جيڪو ٻانهو دعا نٿو گهري ان کان رب پري ٿو ٿيئي، ۽ دُعا دنيا جي هر مذهب ۾ گهري وئي آهي، ڪيترن بزرگن، نيڪن، پيغمبرن ۽ ولين جون دُعائون اڄ به مذهبي ڪتابن ۾ موجود آهن، سڀ کان پهرين حضرت آدم عليه السلام جي دُعا کي ڏسنداسين، جيڪا هُن پنهنجي غلطيءَ جي اعتراف ۾ گهري ۽ قرآن پاڪ ۾ اٺين سيپاري “وَلوانَّنَّا” ۾، آيل آهي، “ربَّنا ظَلَمِنا اَنُفُسَنَا........
    ترجمو: اي اسان جا رب! اسان پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو، جيڪڏهن تون نه بخش ڪندين ۽ رحم ڪندين، ته پوءِ اسين خساري وارن مان ٿينداسين”
    اهڙيءَ ريت انيڪ دُعائون آهن، جن ۾ غلطين تي ندامتون پيشيمانيون ۽ آئينده جي لاءِ معافيون گهريل ڏسڻ ۾ اينديون. تحقيق انسان خطا جو گهر آهي، ۽ نفس اماره جڏهن کيس نهوڙي ٿو، تڏهن هو سڌي رستي تان هٽي ٿو وڃي، ۽ سڌو رستو فقط ۽ فقط ڌڻيءَ سڳوري جي ذات ڏَسي ٿي ۽ اهو ئي هدايت ڏيندڙ هادي ۽ رهنما آهي ۽ اها هدايت تڏهن ملندي، جڏهن گهرندڙ، صبر، شڪر، انسڪاري ۽ عاجزيءَ سان گهرندو، انا، غرور ۽ آڪڙ ٻانهي ۽ الله جي وچ ۾ تعلق کي ڪمزور ترين ڪري، ان ٻانهي کي هيٺانهين ڏي ڌڪي خوار ۽ خراب ڪري ٿي. دعا اميد ۽ ڀروسي سان تعلق رکي ٿي، ۽ اميد اهو جذبو آهي، جنهن ۾ مڪمل يقين جي قوت ضروري آهي. اڌوري آس نراسائي ۾ تبديل ٿي ويندي، هتي يقين جي قوت مشروط آهي، ٽٽل دلين جو جڏهن سهارو ئي دعا آهي ته پوءِ انهيءَ هٿيار کي پياري رسول مؤمن جو هٿيار سڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هٿيار کي مُڏي ٿين کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته دل کي ڌوئي ساڄن لاءِ صاف ڪجي ۽ نفس جي پاڪائيءَ کان پوءِ رب کي وسيلو بڻائجي ڀٽ ڌڻي هن ڏس ۾ فرمائي ٿو ته:
    مَڱُ تِنهين کان مَڱَڻا! جو ڏيهاڙي ٿو ڏي،
    ڪوڙا دَرَ دُنيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي،
    سڀان تُنهيِن کي، موٽي ڏيندا مُنهن ۾.

    (پرڀاتي، 1-19)
    شاهه صاحب جي دُعائيه شاعري شخصي توڙي اجتماعي طور، دعائن لاءِ کنيل هٿن سان گڏ هر لطيف شناس جي چپن تي ازخود تري ايندي آهي، هن اسان کي نه فقط دعا جو سليقو سيکاريو آهي پر دعا جي قبوليت جو يقين پڻ ڏنو آهي.

    ڏاتارُ تَه تُون ٻِيا مِڙيئي مڱِڻا،
    مِينهنَ ته مُدائِتا وَسِڻا، سَدا وَسِين تُون،
    جي گهر اَچِين مُون، تَه ميِريائِي مان لَهان.

    (پرڀاتي، 1-26)
    رب پاڪ جا ڪروڙين ڪرم ۽ ڀال ڀلايون انسان ذات تي آهن، سندس ٻاجهه ۽ مهر جي پکيڙ ڪائنات جي پکيڙ کان مٿي آهي، جيترو سندس نالو وڏو آهي ۽ اوتري ئي سندس ٻاجهه وڏي آهي، شاهه صاحب کي پنهنجي ڪامل ربَ جي ذات ۾ مڪمل يقين آهي، هُن پنهنجي دُعائن کي محدود ۽ مخصوص نه رکيو، بلڪه ڪل عالم جي لاءِ دعاگو ٿيو، سندس دعائيه شاعريءَ جو دائرو وسيع ۽ آفاقي آهي، تڏهن ته چوي ٿو ته:
    دوست! مٺا دلدارعالم سڀ آباد ڪرين.


    ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” تي هڪ نظر: زاهده تاج ابڙو

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو ڪلام هڪ اهڙو مڪمل ۽ کليل پيغامائي دستاويز آهي جو سچائي، سِڪ، سخاوت، وحدانيت ۽ انسانيت جو چِٽو ڏس ڏئي ٿو، سندن شاعريءَ جو هر جذبو ۽ احساس صاف، پاڪ ۽ شفاف آهي پر سندن جو ڪلام ايترو ته اونهي معنيٰ رکندڙ آهي جو هر لفظ کي سمجهڻ لاءِ هڪ وڏي پَروڙ گهرجي. هن ڪلام جي لفظن کي اچارڻ ۽ سمجهڻ هر پڙهندڙ لاءِ آسان نه آهي، شاهه سائينءَ جي شاعريءَ تي ڪيترائي تحقيقي، فني ۽ تخليقي ڪتاب لکجي چُڪا آهن. هن وقت تازو ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو تخليقي ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” ڇپيو آهي.هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي، جڏهن ته امداد حُسيني، الطاف شيخ، وينا شرنگي، ڊاڪٽر اُمِّ ڪلثوم شاهه به پنهنجي خوبصورت پر اثر ويچارن سان ڊاڪٽر پروين موسيٰ جي ڪم کي ساراهيو آهي.
    “عالم سڀ آباد ڪرين” ڪتاب جي خوبصورت ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ نهايت محبت سان بيحد لاڀائتو ڪم ڪري آسان زبان ۾ اثر رکندڙ لهجي ۽ نهايت فلسفياڻي انداز ۾ شاهه سائينءَ جي شاعريءَ کي کولي سمجهايو آهي. سنڌي ادب ۾ عورتن جو ڪم تمام گهٽ اٽي ۾ لوڻَ برابر ٿي رهي رهيو آهي، اهڙي وقت ڊاڪٽر پروين وقت به وقت پنهنجا تخليقي ۽ تحقيقي ڪتاب آڻي گهڻي حد تائين ان ڪميءَ کي پورو ڪري ڇڏيو آهي، هي داد طلب ڪتاب ڏسي سندن صلاحيتن کان انڪار ڪري ئي نٿو سگهي. ڊاڪٽر پروين پنهنجي سڀاءَ جي جيتري نرم کِل مُک آهن ڪتاب به اهڙو ئي لطيف آندو اٿن، ڇا ته خوب ڪتاب آهي لفظن ۾ جيڏي گهرائي آهي اوتري سادگي آهي، مطلب کي ڪلام کي معنيٰ ڏئي وزندار به رکيو اٿن ۽ آسان به. سچ پچ ته هي ڪتاب شاهه سائينءَ جي شاعريءَ کي آسانيءَ سان سمجهائي ٿو. ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي سمجهاڻي ۾ رعنائيون ۽ رنگينيون به آهن ۽ ساڳئي وقت وري فلسفي ۾ ويڙهيل انتهائي وسيع معنيٰ رکندڙ لفظ ڪنهن خوبصورت مالها ۾ پويل موتين جيان رکيا اٿن، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي هن ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” پڙهڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته کين شاهه جي شاعريءَ سان ڪيڏو چاهه ۽ پيار آهي، سندن لکڻ جو انداز ٻُڌائي ٿو ته شاهه جي شاعريءَ جو پاڻ ڪيڏو اونهون اڀياس ڪيو اٿن، هي بلاشبه هڪ شاهڪار تخليقي ڪتاب آهي، اسان جي دعا آهي ته سندن ڏات کي اڃان وڌيڪ سگهه ملي.

    (سوڀ سنڊي مئگزين، 5 فيبروري 2017ع)


    عالم سڀ آباد ڪرين : علي نواز آريسر

    شاهه لطيف، جنهن کي ايڇ.ٽي سورلي ’سرتاج شاعر‘ ڪوٺيو آهي. يوسف شاهين ’سنڌ جي آزاديءَ جو پهريون عظيم شاعر‘ سڏيو آهي، جيڪو پوري عالمِ انسانيت جو شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ نه فقط سنڌ کي امرتا بخشي آهي، پر شاهه سائين پوري ڪائنات جو فلسفو پنهنجي شاعريءَ ۾ سمائي ڇڏيو آهي. ڪائنات جو اُهو ڪهڙو ڳُجهه آهي، جيڪو شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ نروار ٿيل نه هُجي، اُهو ڪهڙو اسرار آهي، جنهن کي شاهه سائين ڳُجهو رکيو هُجي. اهڙي آفاقي شاعر تي لکڻ، اُن تي تحقيق ڪرڻ، ان جي فڪر کي ڦهلائڻ جو ڪم اُهو ئي ڪري سگهي ٿو، جنهن جي اندر ۾ عشق جي سِگري دُکندڙ هُجي ۽ اسان جي مانائتي ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ علم سان سسئي جهڙو عشق ڪيو آهي، سندس عشق جو نه پنڌ ٿو کُٽي ۽ نه هُوءَ ويساهين کائي ويهي ٿي، مسلسل پنڌ ۾ آهي، لکڻ هن جي عبادت آهي. ڊاڪٽر صاحبه جيتوڻيڪ ڪيترن ئي موضوعن تي لکيو آهي، سندس ڪيترا ڪتاب پڻ ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آهن. سندس هيءُ ڪتاب ’عالم سڀ آباد ڪرين‘ هن جو اهڙو تخليقي پورهيو آهي، جنهن تي سنڌ جو نئون نسل يقيناً فخر ڪندو. هن ڪتاب ۾ ڪُل 20 مضمون ڏنا ويا آهن، جن ۾ ”سُورهيه مَرين سوڀ کي، جي ڀانئين جوڳي ٿيان، مِٽيءَ لڌو مان، شاهه جي شاعريءَ ۾ سُجاڳيءَ جو سڏ، شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جي عظمت، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جا معاشي ۽ ثقافتي قدر، شاهه لطيف جي سوانح ۽ فن تي ٿيل ڪم جو جائزو، شاهه لطيف جو پيغام ۽ “عالم سڀ آباد ڪرين” شاهڪار مضمون آهن. هنن مضمونن ۾ هن ڪوشش ڪري شاهه سائين جي شاعريءَ مان مقصديت وارا نُڪتا ڳولي ڪڍيا آهن، جيڪي سنڌي سماج جا ترجمان آهن، ان حوالي سان هُوءَ لکي ٿي ته:
    ”شاهه لطيف جو سڄو ڪلام صوفياڻو ۽ رُوحانيت سان پُر آهي ۽ اُنهي ۾ اخلاقي ۽ عاشقاڻو موضوع موجود آهي.“ (ص:29)
    هن مضمون ۾ شاهه سائينءَ جي آفاقيت کي نروار ڪيو ويو آهي ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ موجود اخلاقي قدرن ۽ سندس عشق کي سامهون آندو ويو آهي. ساڳيءَ طرح وري هن ٻئي مضمون ۾ شاهه سائينءَ جي وطن پرستي کي ڏيکاريو ويو آهي ۽ پنهنجي مادرِ وطن جي آزاديءَ لاءِ شاهه سائين سنڌ جي جوڌن کي ڪيئن اُتساهي ٿو، سُورهين کي ڪيئن همٿائي ٿو، اُن بابت تفصيلي ويچاريو ويو آهي. مثال طور:
    ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي، هڪ باشعور ۽ حساس شاعر هو. سندس شاعري جنهن دَور ۾ اُسري، اُهو دور سنڌ جي حوالي سان هڪ مظلوم دَور هو. ظلم، ڏاڍ، جبر، ڦُرلٽ جي گهاڻي ۾ سنڌ جو محڪوم طبقو پيڙجي رهيو هو. انهي هيڻي حال کي ڏسي ڀٽ ڌڻيءَ اذيت ۽ پيڙا مان گذرندي پنهنجي سڄي ڪلام ۾ قوم کي همٿ ۽ اڳيان وڌڻ جا سبق ڏنا. هُن کين وهمن ۽ وسوسن مان نڪرڻ ۽ جنگ جوٽي محڪوميءَ مان نڪرڻ لاءِ اُتساهيو.“ (صفحو: 33)
    آءٌ ڊاڪٽر صاحبه جي مٿين راءِ سان اتفاق ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ جو شاهه سائينءَ جو سڄو ڪلام سنڌي قوم ۾ شعوري بيداريءَ تي ٻڌل آهي، شاهه لطيف بنيادي طور باغي شاعر هو، هن جي پهرين بغاوت اِها هُئي جو هن فارسي جهڙي سرڪاري زبان کي ٿُڏي، پنهنجي سنڌي زبان کي ترجيح ڏني ۽ سنڌي زبان ۾ شاعري ڪري سنڌ جي گهٽين ۾ رولاڪيون ڪندو، وطن بچائڻ جا هوڪا ڏيندو رهيو. شاهه لطيف سنڌي سماج جو سُونهون هو، جنهن هر پيش ايندڙ خطرن کان قوم کي آگاهه پئي ڪيو ۽ هُن ڀرئي سمنڊ مان اُهي ڪوڏ ۽ سِپيون سنڀالي کنيون، جيڪي وطن لاءِ مثالي آهن، جيڪي آدرشي ڪردار آهن، جن ڪنهن نه ڪنهن رُوپ ۾ سنڌي سماج لاءِ پنهنجو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. اهڙي شاهدي ڊاڪٽر صاحبه جي هن ڪتاب مان به ملي ٿي ته: “شاهه لطيف اهڙي آدرشي انسان کي پسند ڪندڙ آهي، جو ڪَڙي ۽ قاتل جو هيراڪ آهي، جو جَرَ تي ڦوٽي جيان اُڀري ختم ٿيندڙ نه پر حيات جاودان ماڻيندڙ ۽ حياتيءَ جي اسرار کي سمجهندڙ آهي.” (ص:43)
    شاهه سائين سنڌي سماج ۾ اُهي روايتون وِجهڻ کي ترجيح ڏني، جيڪي سچائيءَ تي ٻڌل هُيون ۽ سچ جي راهه تي هلندي جي موت کي قبول ڪرڻو پوي ته ڪنڌ نه ڪڍائجي، هُن چاهيو ٿئي ته سنڌي قوم سچائيءَ جو پاند پڪڙي اڳتي وڌي، جو صبح جو ڪا به انڌاري رات هُن جي وجود کي ميساري نه سگهي، هُن جي تشخص کي ڪير به ميرو نه ڪري سگهي، هُن جي غيرت کي ڪير به مياري نه ڪري سگهي ۽ هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا اهڙي راهه تي هلڻ جي تلقين ڪئي آهي، وڌيڪ ڊاڪٽر صاحبه جي راءِ جي روشنيءَ ۾ ان جي پرک ڪري سگهجي ٿي ته: “شاهه لطيف هڪ باعمل ۽ سُڄاڻ انسان هو. هُن وٽ سجاڳيءَ ۽ ضمير جي سچائيءَ جو وڏو درجو هو ۽ سندس نظر ۾ جيستائين حق ۽ سچ لاءِ سِر جي سٽ نه ڏبي، جدوجهدون نه ڪبيون، اڳتي نه وڌبو، تيستائين سماج ۾ تبديلي ناممڪن آهي.“ (ص:68)
    ڊاڪٽر پروين موسيٰ هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جي سڀني پهلوئن تي ننڍا مضمون لکيا آهن، جن ۾ اختصار سان ئي سهي، پر جامع معلومات ڏني وئي آهي، ۽ نهايت ئي اهم ڳالهيون سمجهايون ويون آهن. مثال طور: هن شاهه سائين جي لغت نويسي، لوڪ داستان، سنڌ جي جيوت، ماڻهن سان ميٺ، شعوري سُجاڳي، شعوري اَوسر، سماجي اَوسر، قومي جاڳرتا وغيره جهڙن اهم نُڪتن جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي. شاهه جي شاعريءَ ۾ سُجاڳيءَ جو سڏ جي حوالي سان هوءَ لکي ٿي ته: “شاهه لطيف پنهنجي وقت ۾ سنڌ کي ڏُکين حالتن مان لنگهندي ڏٺو هو. کيس قنڌارين جي ڪرتوتن ۽ ارغونن ۽ ترخانن جي هانءُ ۾ هٿ وجهڻ وارن قهري ظلمن جي ڀليءَ ڀت خبر هُئي، اُن ڪري هن غيرن جي غلاميءَ پليندي آزاديءَ جا، سنڌ تان سر ساهه صدقو ڪرڻ جا سبق ڏنا. سُور ۽ سختيون سهي سچ ۽ ساڻيهه لاءِ سُجاڳ رهڻ جو حڪم ڏنو.“ (ص:90)
    ڏٺو وڃي ته شاهه سائين پنهنجي سُورمين سان وڌيڪ محبت ڪندڙ آهي ۽ هُن پنهنجي سُورمين جي عظمت ۽ وڏائيءَ جا گُڻ ڳايا آهن، اُن حوالي سان ڊاڪٽر صاحبه لکيو آهي ته: “شاهه صاحب انسانيت جو علمبردار هو، هن عورت کي بحيثيت انسان ذات، عشق ۽ وندر جو ذريعو نه پر همت، بهادري، جدوجهد، جستجو، انساني جذبن ۽ احساسن جو ترجمان ڄاڻايو آهي.“ (ص:92)
    شاهه جي رسالي جي مقصديت بابت ڊاڪٽر صاحبه لکيو آهي ته: ”شاهه صاحب جو پيغام ڪُل ڪائنات جي ڀلائي آهي. سندس شاعريءَ جو محور انسانذات آهي. هن خود شناسيءَ معرفت خداشناسيءَ تائين پهچڻ جا درس ڏنا آهن. هن غير معمولي ذهين
    (Extra ordinary Genius) شخص جو شاعراڻو شعور فقط چند هلندڙ صدين تي نه، بلڪه هڪ تمام وڏي عرصي تي محيط آهي. سندس فن سنڌ جي هر دَور جي سماجي ۽ سياسي حالتن جي ردوبدل ۽ مذهبي ماحول جي عڪاسيءَ سان گڏ عوامي جيوت جي هڪ هڪ رُخ جو اولڙو آهي. هن پنهنجي تجربي، مطالعي، مشاهدي ۽ فڪري ڏات سان جيڪو فڪر سنڌين ڏانهن منتقل ڪيو آهي، اهو نه ڪير اڄ تائين ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي ٿيندڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.“ (ص:111)
    ڊاڪٽر صاحبه نه رُڳو شاهه سائين جي شاعريءَ تي بحث ڪيو آهي، پر شاهه لطيف جي سوانح ۽ فن تي ٿيل ڪم جو جائزو ورتو آهي ۽ شاهه سائينءَ تي اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ٿيل تحقيق جو نچوڙ پڻ ڏنو آهي، جيئن شاهه سائين تي تحقيق ڪندڙ اسڪالر ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن. لطيف شناسيءَ جي هن شاهڪار ڪتاب جو مهاڳ امداد حسيني لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب بابت وينا شرنگي، الطاف شيخ، ۽ ڊاڪٽر اُمِ ڪلثوم شاهه جا تاثر شامل آهن. ڪتاب بابت وينا شرنگي لکي ٿي ته:
    ”سانئڻ، پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مضمونن جو مجموعو ’عالم سڀ آباد ڪرين‘ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فلاسافي، فن ۽ فڪر جي الڳ الڳ پهلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ تي آڌاريل آهي. هيءُ شاندار تجزيو سندس محنت ۽ دل سان ڪيل پورهيي کي عيان ڪري ٿو.“
    شاهه سائين کي رُڳو هڪ شاعر قرار ڏيڻ به شاهه لطيف جي فڪر سان ناانصافي چئبي، ڇاڪاڻ جو هُو سائنسي انداز ۾ سوچيندڙ سائنٽسٽ هو، هُو آرٽ جي رنگينين کي نروار ڪندڙ فطرت شُناس هو، هُو پنهنجي فڪر ۽ فلسفي ۾ هڪڙو مڪمل صوفي هو، سندس شخصي زندگيءَ کي ڏٺو وڃي ته هُو هڪ سيلاني هو، جنهن سنڌ جي واهڻن وستين کي پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙيو هو، سنڌ کي هُن هڪ رهبر جي اک سان ڏٺو هو، جنهن ڪري سنڌ جي سرحدن، سنڌ جي سماجي ۽ لساني جاگرافيءَ تي هُن جي گهري نظر هُئي. ڊاڪٽر پروين پنهنجي هن ڪتاب ۾ مٿين سڀني ڳالهين جو اڀياس ڏنو آهي، جنهن ڪري هيءُ ڪتاب شاهه سائينءَ جي چاهيندڙن لاءِ گهڻي رهنمائي ڪندو. 144 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 رپيا رکيل آهي.

    (ٽه ماهي تخيل، ڊسمبر 2016ع)


    ليکڪا جي ڇپيل ڪتابن جو تعارف: ادارو

    ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ضلعي ٿرپاڪر جي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ 1958ع ۾ جنم ورتو، سندس والد سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي نوڪريءَ سانگي رهيو، ان ڪري سندس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڏيپلي، مٺي، ٺٽي، ماتلي، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ ٿي. 1973ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ 1975ع ۾ انٽر ميڊيئٽ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ استاد طور سرڪاري اسڪولن ۾ مقرر رهي پرجلد ئي نوڪريءَ کي خير باد چئي انگريزي ادب ۾ 1983ع ۾ ايم اي ڪيائين ۽ 1988ع ۾ ايم اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪري 1991ع کان ليڪچر طور ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. ابن رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص-ايم بي اينڊ جي ايف گرلز ڪاليج حيدرآباد، کان پوءِ موجوده وقت نذرٿ گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور درس و تدريس جا فرض سر انجام ڏيئي رهي آهي. 2012ع ۾ “ليکڪائن جو حصو: تحقيقي اڀياس، 1985ع تائين”، آهي جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جي ليکڪائن جي نثري ڪم کي فوڪس ڪيو ويو آهي، ادبي زندگيءَ ۾ سندن پهريون افسانو “چري” جي عنوان سان ۽ ٻيو “ماءُ جو دلاسو” (خليل جبران جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو)1980ع ۾ شايع ٿيا ۽ پوءِ مضمون پڻ لکيائين اهي چند مضمون ۽ ڪهاڻيون لکڻ کان پوءِ ترت ئي سندس لاڙو تحقيق جي ميدان ڏي مُڙي ويو. سندن لکيل ادب باقائدي ڇپجڻ شروع ٿيو. 2004ع کان سندس مڪمل ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا آهن جن ۾، (1) “سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات”، روشني پبليڪيشن، 2004ع (2) “سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس”، هائرايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، 2008ع. ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن 2015ع (3) “اُٿي رائو ريل”، 2008ع. (4) “آديسين ادب آهي اکڙين ۾”، (لطيفيات)، 2007ع ۽ ٻيو ڇاپو 2009ع). (5) “سون ورنيون سوڍيون” (ڪهاڻيون)، ترتيب ۽ تحقيق، 2009ع. (6) “اخلاقي قدر” (ٻاراڻو ادب)، 2010ع. ٻيو ڇاپو 2016ع (7) “وکر سو وهاءِ”، (مضمون نويسي)، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، 2011ع شايع ڪيا آهن. ان کانسواءِ “سنڌي ادب تحققي ۽ تنقيدي مطالعو”، ائڊوانس پبليشر لاهور 2015ع ۽ عالم سڀ آباد ڪرين، (لطيف شناسي) 2016ع، پلئه پايو سچ 2016ع ۾ سندن ايندڙ ڪتابن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون نثري ادب ۾ خدمتون، “جي پارکو پارس جا” (لطيفيات)، “ماڻڪ موتي لعل” (مضمون ۽ مقالا)، “مفتي منجهه ويهار” (آتم ڪهاڻي) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن، ليکڪا جا سوين مضمون ۽ مقالا روزاني اخبارن، ماهوار مخزنن ۽ ريسرچ جرنلس ۾ ڇپيا آهن. جيئن روزاني عبرت، سوڀ، ڪاوش، سنگت سروپا، نئين زندگي، سوجهرو، ادبي تحقيق، سنڌي ٻولي، ٽه ماهي مهراڻ، سرتيون ۽ ٻيا مخزن آهن. سنڌي ادبي سنگت ۽ ناري سنگت طرفان عورتن بابت تحقيقي ڪم ڪرڻ تي کين ايوارڊ ڏنو ويو سندن ڪتابن کي ايڇ اي سي تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ ڪيش ايوارڊ ڏنا آهن ته، “اٿي رائو ريل”، کي سنڌي ادبي سنگت پاران 2008ع جي بهترين تحقيق ۽ تنقيد جي ڪتاب جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي ۽ “اخلاقي قدر” ڪتاب کي نيشنل بڪ فائونڊيشن پاران ٻاراڻي ادب جي ڪتاب طور مئرٽ سرٽيفيڪيٽ مليل آهي. ڊاڪٽر پروين موجوده وقت پڻ پنهنجي تدريسي ۽ گهرو جوابدارين جي باوجود مختلف سيمينارن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ مختلف تحقيقي ۽ تنقيدي ليک لکندڙ آهي، جيڪي وقت به وقت شايع ٿي رهيا آهن سندن ڪتابن جو مختصر احوال هيٺين ريت آهي.

    1- سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات:
    ڪتاب روشني پبليڪيشن 2004ع ۾ شايع ڪيو آهي، ليکڪا جو هيءَ پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي شاگرد طبقي مان گهڻي پذيرائي ملي خاص طور مقابلي جي امتحانن لاءِ تيار ڪيل هيءُ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ ادبي دور جي ارتقائي جائزي سان گڏ مشهور شاعرن جيئن قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي شاعريءَ تي روشني وڌي ويئي آهي، ته ٻئي حصي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي احوال سان گڏ نثر ۽ نظم جي مشهور صنفن تي روشني وڌل آهي. مشهور نثر نويسن جي احوال سان گڏ سنڌي مضمون نويسيءَ ۽ صحافتي ترقيءَ کي بيان ڪيو ويو آهي. ٽيون حصو لطيفي مضمونن ۽ گرامر تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مهاڳ، “اکر منجهه الف” جي عنوان سان سندن وڏي ڀاءُ ۽ نامياري ليکڪ سنڌ حڪومت جي سابق سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفتاب احمد ميمڻ لکيو آهي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي راءِ ڏنل آهي، 272 صفحن جي هن ڪتاب جو انتساب ليکڪا پنهنجي والد مرحوم محمد موسيٰ ميمڻ جي نالي ڪيو آهي ۽ سندن ئي نالي تي هن پبليڪيشن جو ادارو محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي پڻ قائم ڪيو آهي ۽ انهيءَ اداري مان هيستائين سندن چار ڪتاب شايع ٿيا آهن.

    2- سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس:
    ڪتاب جي مسودي کي “هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد”2005ع ۾ مونو گراف ۽ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم طور منظور ڪيو ۽ 2008ع ۾ ايڇ اي سي هي ڪتاب اسلام آباد مان ايڇ اي سي جي پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جون 500 ڪاپيون پهرين ڇاپي ۾ شايع ٿيون جيڪي اداري پاران پاڪستان جي مختلف تعليمي ادارن ۽ لائبريرين کي موڪليون ويون ۽ 100 ڪتاب ليکڪا کي اعزازي ڪاپين طور ڏنا ويا ۽ سهڻي ڪاغذ ۽ ٽائيٽل سان شايع ٿيل هن ڪتاب جو ISBN 969-417-104-0 آهي. ليکڪا هيءُ ڪتاب پنهنجي والده غلام فاطمه کي ارپيو آهي. سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس ۾ مروج طريقي مطابق ببليو گرافي ۽ ضميمو ڏنل آهن.
    سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس ڪتاب نثر جي اهم صنفن جيئن مضمون، مقالا، سفر ناما، ناول، افسانا ۽ ڊرامن جي ڄاڻ ڏنل آهي. 404 صفحن جي هن ڪتاب ۾ نثر جي هر صنف تي تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ دعائيه ڪلمات لکيا آهن جن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته، “سنڌي نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ ليکڪا مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع ڪيو آهي”. مهاڳ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ۽ هن ڪتاب کي سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ قرار ڏنو آهي، جو هائر ڪلاسن جي شاگردن کان سواءِ علم ادب جي عام مطالعي ۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ ان لاءِ گهربل مواد جون گهر جون مهيا ڪري ٿو. ڪتاب جي سائيز 30x20/8 آهي ۽ انٽرنيٽ تي ايڇ اي سي جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هيل تائين اهو فقط ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۽ ٻين اهم لائبريرين ۾ موجود هو جتان شاگرد طبقو مستفيض ٿي رهيو آهي. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو تازو هيڪ جي اجازت سان 2015ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو شايع ڪيو آهي.

    3- آديسين ادب آهي اکڙين ۾:
    ڪتاب لطيف شناسيءَ تي ميمڻ پروين موسيٰ جو ترتيب ۽ تحقيق طور تيار ٿيل آهي. هيءُ ڪتاب 2008ع ۾ پهريون ڇاپو ۽ 2009ع ۾ ٻيو ڇاپو، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي طرفان ڇپيو آهي، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 150 صفحا آهن ۽ 150 رپيا قيمت آهي، بلو رنگ جي ٽائيٽل سان شاهه صاحب جي روضي جو عڪس ڏنل آهي ۽ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪا جي تصوير ۽ سندن تعارف موجود آهي، هن ڪتاب جو عنوان شاهه صاحب جي رسالي مان سُررامڪليءَ جي بيت مان ورتل آهي، پروين موسيٰ جي هن ڪتاب جو موضوع بلڪل منفرد ۽ نئون آهي، ان کان اڳ هن ڏس ۾ ڪوبه ڪم ٿيل نه هو انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب گهڻو ڪامياب ويو. هن ڪتاب ۾ ليکڪا شاهه صاحب جا اهي بيت داستانن ۽ سرن جي حوالي سميت پيش ڪيا آهن جن بيتن مان سنڌي ادب جي ڪتابن جا عنوان چونڊيل آهن جيئن مثال طور پڙاڏوسوئي سڏ (ناول) اندر جنين اڌ (سفر نامو) اهڙيءَ ريت شاهه صاحب جي بيتن مان چونڊيل بيتن تي مشتمل سنڌي ادب جي ڪتابن جي موضوع وار تفصيل ۽ گڏ اهي بيت ڏنل آهن، جن جو وچور ٽي سئو تائين آهي، جيڪي شاعري، ناٽڪن، ناولن، افسانوي مجموعن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ متفرقه موضوعن تي مشتمل آهن. ڪتاب جي باري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ڊاڪٽر نورافروز خواجه طرفان ٻه اکر ۽ مهاڳ لکيل آهن. جن هن ڪتاب جي ڪاوش کي ڪارائتو ۽ علمي افاديت وارو قرار ڏنو آهي ۽ جنهن سان شاهه صاحب جي شاعريءَ جو هڪ نئون رخ ظاهر ٿيو آهي. خاص طور محمد ابراهيم جويو صاحب ڪتاب جي موضوع، مواد، ڪمپوزنگ ۽ بيتن تي لڳل اعرابن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، هن ڪتاب جي ارپنا انهن آديسين جي نالي آهي، جيڪي لطيفي فن ۽ فڪر جو ذوق ۽ شوق رکندڙ ۽ هن ڏِسَ ۾ راهون روشن ڪندڙ آهن. “آديسين ادب آهي اکڙين ۾”، جو ٻيو ڇاپو 2009 جي آخر ۾ گري رنگ ۾ ڇپيو. جنهن ۾ پڻ شاهه صاحب جي روضي جو عڪس ڏنل آهي ۽ موجوده وقت اهو ڇاپو ختم ٿي چڪو آهي.

    4- اٿي رائوريل (تنقيد ۽ تحقيق):
    پروين موسيٰ ميمڻ جو هي ڪتاب محمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي پاران 2008ع ۾ شايع ٿيو پيلي رنگ جي ٽائيٽل سان هن ڪتاب جي پوئين ڪور تي ليکڪا جو تعارف ۽ تصوير موجود آهي. اٿي رائوريل، جو عنوان شاهه لطيف جي شاعريءَ مان سر سسئي آبري جي داستان 8 مان 13 نمبر بيت، “ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙهه چڪيائي چوٽئين”، جي بيت مان ورتل آهي. ڪتاب جا موضوع سنڌي ٻولي، ادب ترجما، تنقيد ۽ ليطيفيات آهن خاص طور سنڌي ادب جي اهم موضوعن جيئن سنڌي ٻولي، نثر جي اهميت، سنڌي نثر جون اهم صنفون ناول، ناٽڪ، افسانا، سفر ناما، سوانح نگاري، لطيفيات ترجما نگاري، ادب ۾ ترجمي جي اهميت، تنقيد جو عمل، نقاد جون جوابداريون، مضمون نويسي / مقالا نگاري ۽ ٻيا اهم موضوع شامل آهن، هيءُ ڪتاب چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو: (ٻولي، ادب، نثر ۽ نظم) ٻيو ڀاڱو (نثر جون اهم صنفون، تحقيقي جائزو) ٽيون ڀاڱو (ترجما، تنقيد ۽ لطيفيات) ڀاڱو چوٿون (سوانحي، علمي ۽ ادبي مضمون) آهن جن ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ شيخ اياز جي خدمتن تي روشني وڌل آهي، هن ڪتاب جي سروق جي اندرين صفحن تي ليکڪا جي ڪتابن تي عالمن ۽ اديبن جا رايا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر الانا، پروفيسر آفاق صديقي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ماهتاب محبوب، مظهر جميل، مظهر الحق صديقي، حميد سنڌي، ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ ٻين جا رايا آهن. هيءُ مختصر ڪتاب مواد ۾ گهاٽو ۽ لاڀائتو آهي، سنڌي ادبي سنگت پاران “اٿي رائو ريل”، کي 2008ع جي بهترين تنقيد ۽ تحقيق جي ڪتاب طور ايوارڊ ڏنو ويو.

    5- سون ورنيون سوڍيون:
    جي ترتيب ۽ تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ آهي. هي ڪتاب محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، الرزاق پرنٽنگ ايجنسيءَ کان 2009ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، 242 صفحن جي هن ڪتاب جو انتساب شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نانءُ خوبصورت تصوير جي هيٺان ليکڪا لکيو آهي ته، “ورسي وطن ڄائيون”، جهونجهارن جوانن جيان، ڌرتيءَ ماءُ کي رت جو ريج ڏيندڙ سنڌ جي عظيم نياڻيءَ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي نانءُ، “سون ورنيون سوڍيون” ڪتاب موضوع جي حوالي سان ڪهاڻين تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ سنڌي ليکڪائن جا (1932ع کان 2008ع) تائين جا افسانا شامل آهن، جيسي ڪڏواڻي، پوپٽي رامچند هيرا اننداڻي، سندري اتم چنداڻي، تارا مير چنداڻي، ايشوري جوتواڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽا شهاڻي، وينا شرنگي، ڪملا گوڪلاڻي، اندراشبنم، بيگم زينت عبدلله چنا، ثميره زرين، خيرالنساء جعفري، تنوير جوڻيجو، ماهتاب محبوب، فهميده حسين، نورالهديٰ شاهه، سحر امداد، تبسم ماهتاب قريشي ۽ ٻين جون ڪهاڻيون آهن، ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ “سنڌي ادب جي هڪ قابل استاد ۽ اديبه” جي عنوان سان لکيو آهي، ڊاڪٽر شمس الدين هن ڪتاب جي ڪهاڻين کي معياري چونڊ قرار ڏنو آهي ۽ ليکڪا موجب ته هنن ڪهاڻين ۾ سنڌي عورت جون سوچون، ويچار، عزم، ارادا، ننڍيون ننڍيون خواهشون، مانائتي جيون جيئڻ جا آدرش شامل آهن ته سنڌي قوم جي مزاج، تاريخ، تهذيب، معاشرت ۽ ماحول جي نمائندگي پڻ آهي، هن ڪتاب ۾ پروين موسيٰ طرفان، “ڪهاڻي ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون”، عنوان سان تحقيقي مقالو پڻ شامل آهي، جيڪو سندن پي ايڇ ڊي جي ڪم جي مطابق آهي، سندن انهيءَ تحقيقي ڪم جي حوالي سان ئي اهو ڪتاب ترتيب جي عمل ۾ آيو. ڪتاب جو ٽائيٽل اجرڪ جي ثقافتي رنگ سان آهي، جنهن ۾ سنڌ جي نقشي اندرانهن ڪهاڻيڪارائن جون تصويرون ۽ هيٺ سندن ڪتابن جا عڪس آهن. ڪتاب جو عنوان شاهه جي رسالي جي، سُر مومل راڻو جي داستان 3 مان ورتل آهي. عورت ڪهاڻيڪارائن جي ڪهاڻين جو سنڌ توڙي هند ۾ هيءُ پهريون مجموعو شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي خطن جي ليکڪائن جي نمائندگي ٿي آهي جو هند ۾ پڻ گهڻو پسند ڪيو ويو آهي.

    6- وَکر سو وهاءِ:
    هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ طبعزاد مضمونن جو مجموعو 2011ع ۾ ڇپيو آهي. 4-149-969-978- ISBN هن ڪتاب جو نمبر آهي، “مونو گراف اينڊ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم مطابق 2006ع جي ائڊور ٽائيز تحت ليکڪا هيءُ مسودو ايڇ اي سي کي موڪليو جتان اهو ماهرن جي راءِ کان پوءِ مختلف مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ منظور ٿيو. پهرين ڇاپي جي اشاعت 500 ڪاپين جي ٿي آهي، ڪتاب جو پنو تمام سهڻو ۽ ٽائيٽل ديده زيب آهي جنهن ۾ لائبريريءَ جو ڏيک ڏنل آهي جيئن عنوان مطابق، وکر سو وهاءِ يعني علم پرائڻ جي تلقين آهي، هن ڪتاب ۾ علم جي افاديت تي سترنهن مضمون آهن ۽ عنوان شاهه صاحب جي سر سريراڳ جي داستان 3 ۽ بيت نمبر 2 “وَکر سو وِهاءِ”، جو پئي پُراڻو نه ٿئي”، مان ورتل آهي، ڪتاب جو انتساب ليکڪا جي گهر ڀاتين ورانور خان پٽن يا سررضا، محمد مجتبيٰ ۽ نياڻيءَ ڊاڪٽر ثمر ۽ ڏوهٽن محمد مير ۽ محمد وليءَ جي نالي آهي”.
    مضمونن جي هن ڪتاب جو مهاڳ مهتاب اڪبر راشديءَ لکيو آهي، حميد سنڌي، مظهرالحق صديقي ۽ ڊاڪٽر ادل سومرو جا ليک ڪتاب جي باري ۾ شامل آهن ۽ شروع ۾ ليکڪا پاران مضمون نويسيءَ جي اهميت ۽ افاديت تي روشني وڌل آهي. وکر سو وهاءِ، ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو (تعليم) آهي جنهن ۾ 17 مضمون ۽ 4 موضوعن تي علمي بحث مباحثا آهن ۽ ٻيو ڀاڱو (ادب) آهي جنهن ۾ لوڪ ادب شاعري، نثر ۾ ليکڪائن جو حصو ۽ ٻيا موضوع آهن ٽيون ڀاڱو (لطيفيات) آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي بيتن جي سٽن تي مشتمل ڏهه مضمون آهن. جيئن، “ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا” يا “جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سي ئي ڪن” وغيره چوٿون ڀاڱون پهاڪن، چوڻين ۽ قولن تي مشتمل مضمونن جو آهي، جيئن “سچ ته بيٺو نچ” “صبر جن جو سير تيرنه گُسي تن جو”، ۽ ٻيا مضمون آهن. پنجون ڀاڱون سوانحي مضمونن جو آهي جنهن ۾ شاهه ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين شخصيتن تي مضمون آهن ۽ ڇهين ڀاڱي ۾ متفرقه موضوعن تي جيئن، “جيون گهارڻ جو فلسفو”، “محبت ۽ نفرت” ۽ ٻيا عنوان آهن مجموعي طور هيءُ مضمونن جو مجموعو 216 صفحن جو آهي، ڪتاب جي سائيز 30x20/8 آهي، ڪتاب جي آخر ۾ مروج طريقي مطابق ببليو گرافي ۽ ضميمو ڏنل آهي، “وکر سو وهاءِ” مضمون نويسيءَ جي موضوع تي موجوده دور ۾ هڪ بلڪل منفرد ۽ وڻندڙ مضمونن جو مجموعو آهي جو سنڌي ادب ۾ مضمونن جي ڪتابن جي اڻاٺ هئڻ سبب هڪ بهترين اضافو شمار ٿي رهيو آهي.

    7- اخلاقي قدر (مضمونن جو گلدستو):
    ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو ٻاراڻي ادب لاءِ مضمونن جو گلدستو آهي، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊميءَ طرفان 2010ع ۾ ڇاپيو ويو، 72 صفحن جي هن ڪتاب جو، ٽائيٽل اجرڪ جي ڦلڙين سان سجيل آهي. جڏهن ته ڪتاب تي ليکڪا جو فوٽو ۽ سندس اڳ ڇپيل ڇهن ڪتابن جا عڪس ڏنل آهن، هيءُ مختصر ڪتاب نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد، طرفان ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ ۽ فروغ لاءِ اخبار ۾ ڏنل هڪ اشتهار جي بنياد تي انعامي مقابلي لاءِ موڪليو ويو، جتان ليکڪا کي ميرٽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو، هن ڪتاب ۾ پيش لفظ ۽ ماهراڻي راءِ، ولي رام ولڀ ۽ يوسف سنڌيءَ طرفان لکيل آهي، جن اخلاقي قدر ڪتاب کي نه فقط شاگردن پر استادن ۽ والدين جي لاءِ به اهم قرار ڏنو آهي، هن ڪتاب ۾ جن موضوعن تي مختصر مضمون آهن جي هڪ طويل مضمون جو حصو آهن. انهن ۾ دوستي، حُسن اخلاق، سادگي، سچ، امن، اميد، علم، ڪتاب، روحانيت ۽ ٻيا موضوع آهن.
    هيءُ ڪتاب ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي کوٽ جي پورائي ۾ مفيد ثابت ٿيو آهي. جنهن جو ٻيو ڇاپو 2016ع ۾ سنڌ راڻي پبليڪيشن شايع ڪيو آهي ۽ مهاڳ سليم چنا لکيو آهي.

    8- سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو: تحقيقي اڀياس (1985ع تائين) پي ايڇ ڊي جو مقالو:
    ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو مٿئين موضوع تي تحقيقي مقالو، 2012ع ۾ سنڌيونيورسٽي ڄامشورو، پي ايڇ ڊي جي لاءِ منظور ڪيو آهي، جيڪو ڊاڪٽر نورافروز خواجه جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيو، هن تحقيق ۾ نو باب ڏنل آهن، آخر ۾ مڪمل تحقيقي نتيجا ببليو گرافي ۽ ضميمو موجود آهن، هيءُ ضخيم مقالو 475 صفحن تي مشتمل آهي، باب پهريون (الف) نثر آهي جنهن ۾ نثر جي وصف، قسم ۽ نثر جي ترقيءَ لاءِ گهربل خاصيتن تي بحث ڪيل آهي، باب پهريون جي (ب) ۾ نثر جي ابتدا ۽ اوسر مختلف تاريخي دورن جي حوالي سان سنڌي نثر جي ٿيل ترقي ۽ اوائلي نثر کان موجوده دور تائين آيل تبديليون ۽ ٿيل ترقيءَ جو جائز و شامل آهي، باب ٻيو سنڌي عورت جي سماجي حيثيت ۽ تعليم جي باري ۾ آهي، جنهن ۾ تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ عورتن جي سماجي حيثيت ۽ تعليمي پس منظر ۽ موجوده علمي صورتحال جو تحقيقي جائزو ڏنل آهي، هن تحقيق جو ٽيون باب 1947ع کان اڳ جي ليکڪائن جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ حصو آهي، جنهن ۾ تعليم يافته عورتن جي ادب ۾ شموليت جي حوالي سان انهيءَ دور جي زناني تعليم جو تفصيلي جائزو ڏنل آهي، انهيءَ کان سواءِ 1947ع کان اڳ جي ليکڪائن جيئن سيتا ديوي، گلي سدار نگاڻي، چندرا آڏواڻي ۽ ٻين جي فن جي تحقيقي جائزي سان گڏ هن دور جي چند اهم ناولن جيئن، “سروجا”، “اتحاد”، “پريم جيون” ۽ ٻين ناولن جو تنقيدي اڀياس شامل آهي، چوٿون باب 1947ع کان پوءِ جي ليکڪائن جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ حصي جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ اهم ناٽڪ، ناول، افسانوي مجموعا جائزي هيٺ آهن جن ۾ سيلاب زندگيءَ جو، پريت پراڻي، ريت نرالي، حياتي هوتن ريءَ، ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ، لهر لهر زندگي، ڪربلا، ۽ ٻيا ڪتاب اڀياس هيٺ آندا ويا آهن، سنڌ ۽ هند جي اهم ليکڪائن جي فن جي هن اڀياس ۾ پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽاشهاڻي، ماهتاب محبوب، نورالهديٰ شاهه، ۽ ٻين ڪيترين ليکڪائن جي ڪم جو تجزيو ڪيو ويو آهي، پنجون باب ٻين نثري صنفن ۾ عورتن جي مڪمل ڪم جي ڄاڻ ڏئي ٿو جنهن ۾ مضمون، مقالا، خط، سوانح عُمريون، آتم ڪهاڻيون، خاڪا، روزنامچا ۽ سفرناما شامل آهن. باب ڇهون نثر جي مٿين ڪم جي موضوعن ۽ مواد جي اڀياس تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سماج ۾ عورتن کي درپيش مسئلن جا موضوع، قومي مقصدن جا موضوع، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو موضوع، سماجي مسئلن جا ٻيا متفرقه موضوع شامل آهن، هن باب ۾ وقت سان آيل نثر ۾ موضوعن جي تبديلي ۽ مواد جي موضوع سان مطابقت تي پڻ بحث خاص طور ڪيو ويو آهي، باب ستون نثر ۾ ڪتب آندل ٻوليءَ جي معيار جو اڀياس آهي، هن باب ۾ نثر جو اسلوب بيان، لفظن جي چونڊ ۽ جملن جي بيهڪ، علامتون، پهاڪا، چوڻيون، گفتارون، نثر ۾ تجنيسِ حرفيءَ جو استعمال، نج سنڌي لفظن جي استعمال جي اهميت ۽ ٻين ٻولين جي غير ضروري لفظن کان بچاءُ، ٻولي بچاءُ هلچل ۽ خاص طور عورتن جي استعمال ڪيل نثر جي فصاحت، بلاغت ۽ سلاست کي پڻ پرکيو ويو آهي، باب اٺون فن ۽ فڪر جي عنوان سان اهم ليکڪائن جي علمي ۽ ادبي حيثيت سان گڏ سندن فن جي فڪري ۽ تنقيدي اڀياس جي ڄاڻ ڏئي ٿو، هن باب جي شروع ۾ فن ۽ فڪر جي باهمي تعلق جي وضاحت ڪيل آهي، باب نائون موضوع تي لاڳاپيل شخصيتن جا رايا رٿون جي عنوان سان آهي جنهن ۾، تعليمي ماهر دادي ليليٰ وتي، حميد سنڌي، ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نورافروز خواجه ۽ نور الهديٰ شاهه جا انٽرويوز آهن جن سان موضوع جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيل آهي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ تحقيقي مقالو پنهنجي موضوع جي حوالي سان منفرد آهي، هن موضوع تي هيل تائين ڪو به ذڪر جوڳو ڪم ٿيل نه هو. محققا ڪيترن سالن کان سنڌي نثر جي موضوع تي ڪم ڪندي محسوس ڪيو ته سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو ڪم وڏي انداز ۾ موجود آهي پر تحقيق عورتن جي ڪم کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ڪوبه اهڙو مڪمل ڪتاب نٿو ملي، جنهن ۾ ليکڪائن جي نثر جي ڪم تي ڪا روشني وڌل هجي، معنيٰ ته ليکڪائن جي نثري ادب ۾ خدمتن کي مؤرخن ۽ نقادن طرفان اهڙي ريت نه آندو ويو هو جهڙيءَ ريت آڻڻ گهربو هو. جڏهن ته سنڌي عورتون سنڌي نثر ۾ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ کان لکي رهيون آهن. انهيءَ ڪري هن تحقيقي مقالي ۾ تمام سهڻائيءَ سان سندن ڪم جو اڀياس ڏنل آهي، جنهن ۾ خاص طور 1985ع تائين جي ڇپيل ڪتابن جو احاطو ڪيو ويو آهي، هي مقالو ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهي.

    9- سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ):
    ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو مٿئين عنوان وارو ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ طور شمار ٿئي ٿو. ڪتاب جو انتساب ليکڪا جي ڀاءُ ڪموڊور اقبال احمد ميمڻ جي نانءُ آهي. 400 صفحن جي هن ڪتاب ۾ سنڌي نثر ۽ نظم جي اهم موضوعن جو احاطو ڪيو ويو آهي. جيئن ٻولي، ٻوليءَ جي قدامت ۽ لهجا، ٻولي بابت عالمن جا نظريا، سنڌي ادب جي ابتدا، لوڪ ادب، لوڪ شاعري جون چند اهم صنفون (سهرو، جمالو، لولي، مورو)، ادبي دؤور (عربن جي دور کان موجوده دور تائين) ڪلاسيڪل شاعر (قاضي قادن کان ساميءَ تائين) قديم سنڌي شاعريءَ جون صنفون (سورٺو، دوهو، بيت، وائي، ڪافي) جديد دور جا سنڌي شاعر (عبدالڪريم گدائي، ملاح، طالب الموليٰ، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ ٻيا) جديد دور جون شاعري جون صنفون (غزل، نظم، آزاد نظم، هائيڪو، گيت)، جديد دور جا نثر نگار (ڀيرومل، مرزا صاحب، دائودپوٽو، نبي بخش، ڏيپلائي ۽ ٻيا) جديد نثري ادب (ناول، افسانو، ناٽڪ، سفر نامو)، (چند اهم افسانوي مجموعن جو جائزو (سفيد وحشي، پشو پاشا، بلو دادا، آبِ حيات، دل جي دنيا، چوٽيهون در ۽ ٻيا مجموعا شامل آهن) ڊرامن جا ڪتاب تنقيدي جائزو (شهزادو بهرام، انڪوائري آفيسر، آخري رات، ڪي جو ٻيجل ٻوليو ۽ ٻيا، سفر ناما تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو) سفر يورپ جي ڊائري، سير ۽ سفر، منهنجو ساگر منهنجو ساحل، ڏوري ڏوري ڏيهه، سرهي سرهي سار) ان کان سواءِ چند اهم تحقيقي ڪتابن جو تنقيدي جائزو به هن ڪتاب ۾ شامل آهي. جيئن پيغام لطيف، مقدمهءِ لطيفي، شاهه لطيف جي شاعري، ڪتاب جي آخر ۾ ليکڪا جو تعارف ۽ سندس ڇپيل ڪتابن جو تفصيل ڏنل آهي. هي ڪتاب سهڻي ثقافتي ٽائيٽل ڪور سان لاهور پنجاب جي هڪ وڏي اشاعتي اداري ائڊاوانسڊ پبليشرز 2015ع جي نومبر ۾ شايع ڪيو آهي، هن ڪتاب تي وفا موليٰ بخش (عبرت) ثمينه ميمڻ (ڪاوش) ۾ پنهنجا ويچار لکيا آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو ۽ ماهين هيسباڻيءَ جا تاثر لکيل آهن، جي ايندڙ ڇاپي ۾ شايع ٿيندا.

    10- عالم سڀ آباد ڪرين:
    ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو ڪتاب لطيف شناسيءَ جي موضوع تي مضمونن تي مشتمل آهي.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر سارنگ جي بيت،
    سائين سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

    مان ورتل عنوان عالم سڀ آباد ڪرين، تي مبني آهي، ڪتاب جي ٽائيٽل تي شاهه لطيف جي روضي جو عڪس آهي، هن ڪتاب ۾ 21 مضمون آهن، جن جا عنوان پڻ شاهه لطيف جي بيتن مان ورتل آهن ۽ انهن عنوانن کي کولي سمجهايو ويو آهي، جيئن “سڙيا مٿي سچ”، “نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو”، “مٽيءَ لڌو مان” ۽ ٻيا آهن، هنن مضمونن جا عنوان نه فقط وسيع معنيٰ رکن ٿا پر منجهن مواد کي ليکڪا ڪمال ڪاريگريءَ سان نڀايو آهي، “عالم سڀ آباد ڪرين”، جو مهاڳ امداد حسيني لکيو آهي ته الطاف شيخ، وينا شرنگي ۽ ڊاڪٽر اُمِ ڪلثوم شاهه ۽ سليم چنا تاثرات لکيا آهن، 144 صفحن جو هيءُ ڪتاب تخليقي مضمونن سان سجايل آهي، جنهن ۾ لطيف شناسيءَ جا گوناگون رنگ موجود آهن، هن ڪتاب تي علي نواز آريسر (عبرت) ۽ زاهده تاج ابڙو (سوڀ) ۾ تبصرا لکيا آهن ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ماهراڻي راءِ “ڪچ ڪوڏيون” ۾ شايع ٿي آهي.

    11- پلئه پايو سچ:
    ليکڪا جو تحقيق ۽ تنقيد جي موضوع تي 240 صفحن جو ڪتاب 2016ع جي ڊسمبر ۾، سنڌ راڻي پبليڪيشن ميرون رنگ جي ٽائيٽل ڪور سان شايع ڪيو آهي، ڪتاب جي ارپنا ليکڪا جي ڀاءُ آفتاب احمد ميمڻ جي نانءُ آهي، ته ڪتاب ۾ انمول ادبي هيرو آفتاب احمد ميمڻ، “سنڌي زبان جو مکيه سرمايو”، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، “ڊاڪٽر پروين کي جس هجي”، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو “ويٺي وڙولي”، ماهين هيسباڻيءَ جا ويچار ليکڪا جي فن جي باري ۾ ڏنل آهن، هن ڪتاب ۾ 28 ريسرچ آرٽيڪل ۽ 10 تخليقي مضمون ڏنل آهن، آخر ۾ مروج طريقي مطابق بلبيو گرافي ۽ ليکڪا جي ڪتابن جو تعارف ۽ سندس سي وي ڏنل آهي، ڪتاب جي ٽائيٽل جي بيڪ ڪور تي مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا ۽ اندرين ليف تي ماهتاب محبوب، حميد سنڌي، ڊاڪٽر نور افروز خواجا ۽ ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جا رايا پڻ ڏنل آهن، هن ڪتاب ۾ آيل موضوعن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون، نثر ۾ اسلوب جي اهميت، سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو حصو، ڪتاب قومن جي طاقت، وقار ۽ وجود جو اهڃاڻ آهن، سنڌ سرزمين محبت آهي ۽ ٻيا موضوع آهن، ڪتاب جو عنوان شاهه لطيف جي سر سريراڳ جي چوٿين داستان جي چوڏهين نمبر بيت مان ورتل آهي.
    اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
    پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.


    12- سنڌي ادب MCQ’s:
    سنڌي ادب MCQ’s معروضي سوالن ۽ حل ڪيل جوابن تي مشتمل ليکڪا جو ڪتاب ايم اي، ايم فل جي انٽري ٽيسٽ، سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي امتحانن کانسواءِ ليڪچرز شپ جي Vivoce جي لاءِ وڏي پئماني تي معلومات مهيا ڪندڙ ڪتاب آهي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ هن ڪتاب کي عام هلندڙ نموني جي بجاءِ مختلف ۽ نئين انداز ۾ پيش ڪيو آهي، ڪتاب کي 15 بابن ۾ ورهايو ويو آهي، موضوع وارا اها ورهاست ڪئي وئي آهي، خاص ڪي باب سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي حوالي سان آهن ته بيتن جي سڃاڻپ، بيت جي سٽ مڪمل ڪرڻ، لطيف شناسي، پهريون ڪير؟، سن، ڄم ۽ وفات، ڪتابن جا عنوان موضوع ۽ ليکڪ، سنڌي صحافت، شاعري ۽ ٻين موضوعن جو احاطو ڪيو ويو آهي ته هڪ باب تفصيلي سوالن ۽ جوابن تي مشتمل پڻ آهي ته آخري باب ۾ پهاڪا ۽ اصطلاح پڻ ڏنا ويا آهن. هن کان اڳ ايم سي ڪيوز تي ڪوبه اهڙو ڪتاب موجود نه آهي 300 کان مٿي صفحا آهن ۽ محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي ۽ ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي جي تعاون سان هيءَ ڪتاب ڇپجي جولاءِ 2017ع ۾ پڌرو ٿيو آهي.

    13- گلدستو (مضمون نويسي):
    علمي، ادبي، اخلاقي، اصلاحي، سماجي ۽ لطيفي مضمون جو ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ ڪتاب ترتيب مطابق سندن تيرهون نمبر ڪتاب آهي، بنيادي طور پاڻ مضمون نگاري ۽ مقالا نگاريءَ ڏي شغف رکندڙ آهي، مضمون نويسيءَ تي هن کان اڳ سندن ٽي ڪتاب اخلاقي قدر، وکر سو وهاءِ ۽ علام سڀ آباد ڪرين مڃت اماڻي چڪا آهن، مضمون نويسيءَ جي صنف تي سندن هي ڪتاب خاص پي سي ايس جي لاءِ تيار ڪيل آهي، پي سي ايس جي امتحان ۾ هڪ پيپر خاص مضمون جي باري ۾ 50 مارڪن جو اچي ٿو ته جنرل سنڌيءَ جي پيپر ۾ پڻ 20 مارڪن جو مضمون هجي ٿو، مطلب ته 70 مارڪن جو فقط مضمون آهي، ڪل پي سي ايس جي سنڌي 150 نمبرز جي آهي، جنهن ۾ 70 مارڪون فقط مضمون نويسيءَ تي آهن ته ايم اي فائينل ۾ 100 مارڪن جو هڪ مڪمل پيپر مضمون تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ خاص طور انهيءَ حوالي سان اهم موضوعن تي مضمون ڏنا ويا آهن، جي لطيف شناسي ۽ ادبي تاريخ سان گڏ ٻين موضوعن جو احاطو ڪن ٿا، هيءُ ڪتاب 60 طويل مضمونن تي مشتمل آهي. جو انشاءَ الله پڙهندڙ شاگردن لاءِ فائديمند ٿيندو.


    ليکڪا جو تعارف

    نالو: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
    جنم تاريخ: 20 نومبر، 1958ع ڏيپلو، ضلع ٿرپارڪر.
    عهدو: ايسوسيئيٽ پروفيسر نذرٿ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، حيدرآباد.
    مستقل ايڊريس: A-03 ڏيپلائي ڪالوني نزد راجپوتانا اسپتال حيدرآباد
    اي ميل: parweenmoosa2018@gmail.com
    فون نمبر:0333-2766564
    علمي لياقتون: ايم اي انگريزي ادب
    ايم اي سنڌي ادب (گولڊ ميڊلسٽ)
    پي ايڇ ڊي. يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو.
    تحقيقي مقالي سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ليکڪائن جو حصو، تحقيقي اڀياس
    جو موضوع: (1985ع تائين)
    تدريسي تجربو: اٺاويهه سال

    ڇپيل ڪتاب:
    1. “سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات” روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2004ع.
    2. “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس”، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد 2008ع، ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن 2015ع.
    3. “اٿي رائو ريل” (تحقيق تنقيد) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد، 2008ع.
    4. “آديسين ادب آهي اکڙين ۾” (لطيفيات) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، 2008ع، ٻيو ڇاپو 2009ع.
    5. “سون ورنيون سوڍيون” (ڪهاڻيون ترتيب ) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد 2009ع
    6. “اخلاقي قدر” (ٻاراڻو ادب) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد، 2010ع، ٻيو ڇاپو سنڌ راڻي پبليڪيشن 2016ع
    7. “وکر سو وهاءِ” (مضمون ۽ مقالا) هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد 2011ع.
    8. سنڌي ادب (تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو) ائبدانسڊ پبلشرز لاهور 2015.
    9. عالم سڀ آباد ڪرين، سنڌ راڻي پبليڪيشن 2016ع.
    10. پلئه پايو سچ، سنڌ راڻي پبليڪيشن 2016ع.
    11. “سنڌي ادب” (ايم سي ڪيوز” ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد، 2017ع
    12. “گلدستو” مضمونن جو مجموعو 2017ع

    اڻ ڇپيل ڪتاب
    1. “جي پارکو پارس جا” (لطيفيات)
    2. “ملهه مهانگا سپرين” (سوانح)
    3. “مفتي منجهه ويهار ” (آتم ڪهاڻي)
    4. “هلڻ منهنجو هوت ڏي” (حرمين شريف جي زيارتن تي مبني سفر نامو)
    5. “محبت پائي من ۾” (مضمون ۽ مقالا)
    6. “سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جو حصو” تحقيقي اڀياس، (پي ايڇ ڊي جو مقالو) (1985ع تائين)

    اعزاز ۽ ايوارڊ:
    1. سرٽيفڪيٽ اڪيڊمڪ بحث مباحثي جي مقابلي ۾ رُڪنيت تي بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد طرفان 2004ع ۾
    2. بيسٽ ڪمپيئر شيلڊ، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد طرفان 2007ع.
    3. هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد طرفان مونو گراف ۽ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم طور ڪتابن “سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس” 2015ع ۽ “وکر سو وهاءِ” 2006ع جي اسڪيم ۾ منظور ٿيڻ تي تعريفي خط ۽ ڪيش ايوارڊ.
    4. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ انٽرنيشنل ڪانفرنس 2009-03-03 تي شموليت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان اعزازي سرٽيفڪيٽ.
    5. ڪئنيڊين ايسوسيئيشن ۽ جيجل سنڌ (جس) ريسورس سينٽر جي اشتراڪ سان بين الاقوامي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ نقد انعام ۽ سرٽيفڪيٽ 2008ع.
    6. پهرين قومي مضمون نويسيءَ جي مقابلي بعنوان “جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي، شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد”، ۾ شموليت تي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران اعزازي سرٽيفڪيٽ، 2010ع.
    7. ساڳئي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ اردو ٻولي ۾ مضمون لکڻ تي اعزازي سرٽيفڪيٽ.
    8. نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد پاران ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي ڪتاب تي مقابلي ۾ “اخلاقي قدر” ڪتاب تي ٻيو انعام ۽ تعريفي خط ۽ سرٽيفڪيٽ.
    9. سنڌي ادبي سنگت پاران “اٿي رائو ريل” ڪتاب کي 2009ع جي بهترين تحقيق ۽ تنقيد جي ڪتاب طور منظور ٿيڻ تي 07 جولاءِ 2010 ع تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ خيرالنساءِ جعفري ايوارڊ جي شيلڊ.
    10. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن ۽ ناري سنگت جي طرفان “راهه بينظير ڀٽو” ايوارڊ شيلڊ عورتن جي ڪم جي باري ۾ ڊاڪٽريٽ جي مقالي تي مڃتا طور 2013 ۾ ڏني ويئي.

    ميمبر شپ
    1. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن 2. سنڌي اردو ادبي فائونڊيشن.3 ناري سنگت .4سنڌي ادبي سنگت

    ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پڙهيل مقالا
    1. “شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جون لطيفيات ۾ خدمتون” قليچ انٽرنيشنل ڪانفرنس آرٽس فئڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو. 3-4 آڪٽوبر 2009ع
    2. “محمد عثمان ڏيپلائي جون سنڌي صحافت ۾ خدمتون قومي ادبي ڪانفرنس 12 ڊسمبر، 2009ع وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي.
    3. “سنڌ سرزمين محبت آهي” جيجل (جس) پاران سيمينار، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2009ع.
    4. خيرالنسا جعفريءَ جون ادبي خدمتون “ناري پبليڪشن پاران ملهايل شام ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي 31 مارچ 2010ع.
    5. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي 2 روزه ڪانفرنس 9/8 مارچ 2011ع تي وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ مقالو بعنوان، “ڇاپخانن جي کوٽ ۽ ڇپيل تخليقي ادب جي معيار ۽ مقدار جو تحقيقي جائزو”.
    6. “محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي انعام يافته تصنيفات جو تحقيقي جائزو” 8 فيبروري 2015ع تي ڏيپلائي صاحب جي ورسيءَ جي موقعي تي لئنگويج اٿارٽيءَ ۾ پڙهيل مقالو.
    7. “علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ طرفان ٻولي ڪورس ورڪشاپ/سيمينار ايم ايس سي جي لاءِ 2016-3-28 کان 2016-3-30 تائين مارچ 2017ع ۾ ليڪچرز ڏنا ويا.
    8. “محمد عثمان ڏيپلائي جي ناٽڪ نويسيءَ ۾ سماج جي سڌاري جو پيغام 8 فيبروري 2016ع تي ورسيءَ تقريب ۾ پڙهيل مقالو.
    9. “عبدالحئي پليجو جون سنڌي سفر نامي ۾ خدمتون”، ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد 2016ع
    10. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان لطيف شناسيءَ جي حوالي سان اپريل 2016ع تي ليڪچر ڏنو.
    11. ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان فيبروري 2017ع کان مئي 2017ع تائين لطيف شناسيءَ جو ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” سامعين کي 8 پروگرامن آڪٽوبر 2015ع کان اپريل 2016ع تائين قسطوار تفصيل سان ٻڌايو ويو، (لنڪ/ انٽرنيٽ تي موجود)
    12. مهراڻ ٽي وي تان “صبح مهراڻ. ۽ “بنت حوا” پروگرامن 31 مئي ۽ 25 مارچ 2016ع تي پنهنجا ويچار ونڊيا ويا ۽ آواز چئنل کي 2017ع جي مئي ۾ انٽرويو ڏنو.
    13. “محمد عثمان ڏيپلائي” جو شاعريءَ جو شوق ۽ ذوق” مقالو ورسي تقريب 8 فيبروري 2017ع تي پڙهيو.

    اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل مواد
    (جاکوڙ پيغام احمد، ٽه ماهي مهراڻ، سرتيون، نئين زندگي، سروپا، سنڌي ٻولي، بلاول تحقيقي جرنل، ڪارونجهر، ادبي تحقيق، ڪلاچي، سوجهرو، سنڌي ادب، سنگت ادبي مخزن، روزاني عبرت، ڪاوش، سوڀ ۽ ٻين مخزنن۽ اخبارن ۾ ڇپيل مواد)
    1. “چري” ڪهاڻي “چانڊوڪي” مخرن ميرپورخاص 1980ع
    2. “ماءُ جو دلاسو” خليل جبران جي ڪهاڻي (ترجمو) پارس ماهوار مخزن ميرپورخاص 1982ع.
    3. “شاهه عبدالطيف جي شاعريءَ ۾ انساني اخلاقي قدر”، ابن رشد گرلز ڪاليج مخزن، 1998ع.
    4. شاهه جو فلسفو ڪاليج منحزن 2000ع.
    5. ذاتي انٽرويو، سورٺ ادبي مخزن ميرپورخاص عبرت پبليڪيشن حيدرآباد 2005ع.
    6. “مرزا قليچ بيگ ۽ ادب جون خدمتون” هفتيوار سنڌو ڊائجيسٽ 27 فيبروري 2006ع
    7. “ڀٽائيءَ جي طفيل” سوجهرو ايڊيٽر تاج بلوچ جنوري 2009ع ڪراچي.
    8. “ڪهاڻي ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻي ڪارائون” ڪلاچي تحقيقي جرنل ڊسمبر 2009ع ايڊيٽر پروفيسر سليم ميمڻ، شاهه عبدالطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
    9. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون سنڌي صحافت ۾ خدمتون“ادبي تحقيق” ريسرچ جرنل سنڌي شعبو وفاقي اردو يونيورسٽي براءِ آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪراچي 10/2009ع.
    10. “سون ورني سوڍي شهيد محترمه بينظير ڀٽو”، روزاني عبرت، مئي 2005ع.
    11. “محمد عثمان ڏيپلائي”، “سنڌي ٻولي” تحقيقي جرنل” جلد ڇهون شمارو ٻيو، اپريل، جون 2013ع جون، سنڌي ٻولي اٿارٽي حيدرآباد، 2013ع
    12. “سنڌ سرزمين محبت آهي” (مضمون) (2010/2009) ترتيب ڪامران يوسف زئي سورج پرنٽرز، حيدرآباد.
    13. ساڳيون مضمون “سنگت ادبي مخزن” ايڊيٽر، يوسف سنڌي حيدرآباد، 2011ع.
    14. “جي هينئڙي منجهه هُرن” (يادگيريون) نواءِ سروش مخزن ابن رشد، گرلز ڪاليج ميرپورخاص، 2009ع.
    15. ترجمي جي فن جو تعارف: اهميت، افاديت ۽ سنڌي نثر ۾ ترجما نگاري “ڪارونجهر” (تحقيقي جرنل) ايڊيٽر ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي، ڊسمبر 2010ع.
    16. “مفتي منجهه ويهار”جاکوڙ، ايڊيٽر محمد هنڱورو، ساڃهه ويلفيئر ٿرپارڪر، آگسٽ 2010ع.
    17. “ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا” “پيغام احمد”، حاجي احمد ملاح اڪيڊمي بدين، مارچ 2011ع.
    18. “شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو پيغام فن ۽ رسالو هڪ نظر هفتيوار عبرت مئگزين 2011ع
    19. “شاهه لطيف تي ٿيل سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪم جو جائزو”، هفتيوار عبرت مئگزين 2011ع.
    20. “ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جون سنڌي لوڪ ادب ۾ خدمتون”، هفتيوار عبرت مئگزين 2011ع
    21. “شهيد راڻيءَ جي جمهوريت لاءِ ڪيل ڪوششون” روزاني عبرت. 27 ڊسمبر 2010ع.
    22. شهيد راڻيءَ محترمه بينظير ڀٽو جي زندگيءَ تي هڪ نظر “ماهوار اڳواڻ مخزن” ايڊيٽر غلام مصطفيٰ سولنگي” جنوري- فيبروري 2012ع.
    23. “معياري مطالعو انسان کي مڪمل بنائي ٿو”. ماهوار “جاکوڙ” ايڊيٽر، محمد هنڱورجو، مٺي، مئي 2011ع.
    24. “ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ماهوار” “پيغام احمد” حاجي احمد ملاح اڪيڊمي بدين، آگسٽ 2011ع.
    25. “جو وڙ جڙي جن سين” ڊاڪٽر غلام علي الانا اڻ ٿڪ انسان (مرتب) محمد عثمان منگي، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد 2011ع.
    26. “اڌ صديءَ کان مسلسل لکندڙ هڪ تاريخ ساز شخصيت”، اڻ ٿڪ انسان (مرتب) محمد عثمان منگي، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد، 2011ع.
    27. “ترجما نگاريءَ جي ادبي اهميت”، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 2/2013ع.
    28. “محمد عثمان ڏيپلائي”، سنڌي ٻولي تحققي جرنل، جلد ڇهون، شمارو ٻيو سنڌي لئنگويج اٿارٽي اپريل، جون 2013ع
    29. “حيف تنين هوءِ” (لطيف شناسي) سوڀ سبڊي مئگزين، اپريل 2014ع.
    30. “محمد ابراهيم جويو سان ٿيل هڪ ملاقات جو احوال”، ٽه ماهي مهراڻ، ابراهيم جويو خاص نمبر، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 3/4-2014.
    31. “پورهئي ۾ عظمت آهي”. (لطيف شناسي) روزاني ڪاوش، اڱارو آڪٽوبر 2014ع.
    32. “تون ڇپر تون ڇانو” ماهوار سرتيون ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو مارچ 2014ع.
    33. “مهراڻ ڏيپلائي نمبر هڪ نظر” ڪاوش مئگزين، جولاءِ 2014ع.
    34. “مفتي منجهه ويهار” (آتم ڪٿا جو باب ) سروپا ماهوار مخزن، ايڊيٽر، ميمڻ روشن تبسم انفارميشن آفيسر ڪراچي.
    35. “لطيف شناسي” ماهوار پيغام احمد، مولوي حاجي احمد ملاح، اڪيڊمي، بدين، سيپٽمبر 2014ع.
    36. “مشڪ کٿوري مڻ ڊاڪٽر نورافروز جي فن جو جائزو، سرتيون، ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، جون - آگسٽ 2014ع.
    37. سنڌي نثر جي واڌري لاءِ م-ع ڏيپلائيءَ جون خدمتون (ناول امڙ جائزو) ٽه ماهي مهراڻ ڏيپلائي خاص نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 01/2014ع.
    38. “پورهئي هٿ سڪار” ماهوار “پيغام احمد” ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح بدين، ڪڙي نمبر 40 نومبر 2014ع.
    39. “سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو حصو” ماهوار مخزن سروپا ايڊيٽر روشن ميمڻ، شمارو نمبر 01 جنوري 2015ع. ڪراچي.
    40. “ڊاڪٽر غلام علي الانا جون مقالا تي ادب ۾” خدمتون”، بلاول ڇهه ماهي تحقيقي جرنل، شمارو نائون، ايڊيٽر، نذير احمد زرداري نوابشاهه جنوري 2015ع.
    41. “استاد قوم جا معمار آهن”، ماهوار پيغام احمد ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح ڪڙي نمبر، 48 مارچ 2015ع.
    42. “ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا” (لطيف شناسي) روزاني عبرت اڱارو 24 فيبروري 2015ع.
    43. “هو چونيئي تون مَ چئو واتان ورائي” (لطيف شناسي) عبرت 18 فيبروري 2014ع.
    44. سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو حصو (ٻه حصا) روزاني عبرت 27 ۽ 28 فيبروري 2015ع.
    45. “ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي” روزاني عبرت 01 مارچ 2015ع.
    46. “پورهئي هٿ سڪار تو وس آهن هٿڙا” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 4 مارچ 2015ع.
    47. “جو وڙ جڙي جن سين سو وڙسي ئي ڪن” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 13/14 مارچ 2015ع.
    48. “سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورتن جو حصو” روزاني عبرت 8 مارچ 2015ع.
    49. “اسين سڪون جن کي سي تان اسين پاڻ” (لطيف شناسي) سوڀ مئگزين، آچر 15 مارچ 2015ع.
    50. “ادب زندگيءَ جو آئينو ۽ عڪس آهي” سوڀ سنڊي مئگزين، آچر 29 مارچ 2015ع.
    51. “مطالعي سان قومن جي ڪمال ۽ زوال جي خبر پوي ٿي” سوڀ سنڊي مئگزين، آچر 22 مارچ 2015ع.
    52. “سنڌي نثر ۾ ترجما نگاري” روزاني عبرت سومر 30 مارچ 2015ع.
    53. “سڙيا مٿي سچ” روزاني عبرت 2 اپريل 2015ع.
    54. “جيون گهارڻ جو فلسفو” روزاني عبرت 6 اپريل 2015ع.
    55. “قومي ٻڌي ۽ سنڌي قوم” روزاني عبرت، 8 اپريل 2015ع.
    56. “پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سورهئا” سوڀ سنڊي مئگزين 12 اپريل 2015ع.
    57. “ڪتاب ۽ ڪتب خانا اڻ ملهه خزانا آهن” سوڀ سنڌي مئگزين، 19 اپريل 2015.
    58. “سنڌي ڪهاڻي ۾ عورتن جي شموليت جو جائزو”ٽه ماهي ڪچ ڪوڏيون، ايڊيٽر انعام علي ڪٻر خيرپور، اپريل- جون 2015ع.
    59. “ڪمپيوٽر سائنس جي افاديت” سنڌ راڻي ماهوار مخزن ايڊيٽر غلام مصطفيٰ سولنگي اپريل 2015ع.
    60. “سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۾ رڪاوٽون” روزاني عبرت 23 اپريل 2015ع.
    61. رسول پاڪ بحيثيت معلم روزاني عبرت، 12 اپريل 2015.
    62. “تعليم جي تباهي جا ڪارڻ” (تعليمي مضمون) روزاني عبرت 23 اپريل 2015ع.
    63. “جديد ٽيڪنالاجي وقت جي اهم ضرورت” سوڀ سنڊي مئگزين 26 اپريل 2015ع.
    64. “حيف تنين هوءِ وطن جن وساريو” روزاني عبرت 25 اپريل 2015ع.
    65. “اٿي هن اونداهيءَ ۾ ٻارڻ ڪو ٻار” روزاني عبرت 28 اپريل 2015ع.
    66. “مفتي منجهه ويهار ته قاضيءَ ڪاڻيارونه ٿين” روزاني عبرت، 4 مئي 2015ع.
    67. “هنري تعليم” (تعليمي مضمون) روزاني عبرت، 7 مئي، 2015ع.
    68. “انسان ۽ انسانيت ۽ مذهبن جون فلاسافيون” روزاني عبرت، 10 مئي 2015ع.
    69. “سي چلولا چئجن جي در در لائين دوستي” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 15 مئي 2015ع.
    70. “سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري” سوڀ سنڊي مئگزين 7 مئي 2015ع.
    71. “سنڌ سرزمين محبت آهي” روزاني عبرت 22/21 مئي(ٻه حصا)2015ع.
    72. “جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن” روزاني عبرت 27 مئي 2015ع.
    73. “انساني زندگيءَ جا قدر” سوڀ سنڊي مئگزين 24 مئي 2014ع.
    74. “سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جو جائزو” روزاني عبرت 01 جون 2015ع.
    75. “جديد دنيا ۾ سائنسي علمن جي ترقي” 4/6 (ٻه حصا) روزاني عبرت جون 2015ع.
    76. “علم لازوال دولت آهي” (تعليمي صفحو) روزاني عبرت 11 جون 2015ع.
    77. “نمي کمي نهار تون ڏمر ڏولائو” روزاني عبرت 11 جون 2015ع.
    78. “ناڻي جو زيان ۽ پاڪستاني قوم ” روزاني عبرت، 16 جون 2015ع.
    79. “آفتاب ميمڻ هڪ گهڻ رخي شخصيت” روزاني عبرت 19 جون 2015ع.
    80. “شهيد راڻيءَ جو جنم ڏينهن” روزاني عبرت 21 جون 2015ع.
    81. “شهيد راڻيءَ جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل عظيم قرباني” سنڊي سوڀ مئگزين سوڀ 21 جون 2015ع.
    82. “حضرت سچل سرمست رح روزاني عبرت 3 جولاءِ 2015ع.
    83. “مهربان محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو” روزاني عبرت 11 جولاءِ 2015ع.
    84. “جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناهه سجود” روزاني عبرت 13 جولاءِ 2015ع.
    85. “سنڌ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار نسيم کرل” عبرت 14 جولاءِ 2015ع.
    86. “پرت نه ڇنن پاڻ ۾” روزاني عبرت 21 جولاءِ 2015ع.
    87. “سنڌي ليکڪائن جي ادب ۾ شموليت” ماهوار سرتيون، اپريل- مئي 2015ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    88. “محمد عثمان ڏيپلائي سنڌي نثر جو اهم ليکڪ”ماهوار، “پيغام احمد”، ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح بدين جولاءِ 2015ع.
    89. “سنڌي شعر جي ابتدا روزاني عبرت ¾ (ٻه حصا) آگسٽ 2015ع.
    90. “ادب فن لطيف آهي” روزاني عبرت (تعليمي صفحو) 6 آگسٽ 2015ع.
    91. سنڌي نثر جي ابتدائي ترقيءَ لاءِ ورتل ڪوششون روزاني عبرت 17 آگسٽ، 2015ع
    92. “ننڍي کنڊ جو ناميارو اديب، ليکراج ڪشنچند عزيز” روزاني عبرت، 19 آگسٽ 2015ع.
    93. تاريخ ساز شخصيت قاضي عبدالمجيد عابد روزاني عبرت، 27 آگسٽ 2015ع.
    94. نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت روزاني عبرت، 3 سيپٽمبر، 2015ع.
    95. نثر ۾ اثر انگيزيءَ جو ذريعو اسلوب بيان روزاني عبرت 8 سيپٽمبر 2015ع.
    96. “سنڌي بيت جي اوسر”، عبرت 25 سيپٽمبر 2015ع
    97. “استاد ۽ قوم” روزاني عبرت پهرين آڪٽوبر 2015ع
    98. “مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ”، روزاني عبرت 4 آڪٽوبر 2015ع
    99. “شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ”، روزاني عبرت 7 آڪٽوبر 2015ع
    100. “سنڌي ٻوليءَ جي قدامت”، عبرت 8 نومبر 2015ع
    101. “پسي لهس نه لچئا”، سوڀ سنڊي مئگزين 8 نومبر 2015ع
    102. علامه محمد اقبال رح روزاني عبرت 9 نومبر 2015ع
    103. “سنڌ جون رومانوي داستانون”، سوڀ سنڊي مئگزين 22 نومبر 2015ع
    104. “قلم تلوار کان وڌيڪ طاقتور آهي” روزاني عبرت، 10 سيپٽمبر 2015ع.
    105. سنڌي بيت جي اوسر، عبرت 25 سيپٽمبر 2015ع.
    106. “استاد ۽ قوم” روزاني عبرت پهرين آڪٽوبر 2015ع،
    107. مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ، روزاني عبرت 4 آڪٽوبر 2015ع.
    108. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، عبرت 7 آڪٽوبر 2015ع.
    109. “پسي لهس نه لچئا”، سوڀ سنڊي مئگزين 8 نومبر 2015ع
    110. علامه محمد اقبال روزاني عبرت 9 نومبر 2015ع
    111. “سنڌ جون رومانوي داستانو”، سوڀ سنڊي مئگزين 22 نومبر 2015ع
    112. “شاگردن جي زندگيءَ جو مقصد” روزاني عبرت 2015ع
    113. “شاهه جو فن، رسالو ۽ پيغام” گلشن لاڙ ڊسمبر 2015ع
    114. “سنڌي ٻوليءَ جي قدامت” سوڀ سنڊي مئگزين 26 ڊسمبر 2015ع
    115. “شاگرد جي زندگيءَ جو مقصد”، روزاني عبرت نومبر 2017ع
    116. “شاهه جو فن، رسالو ۽ پيغام”، گلشن لاڙ ڊسمبر 2017ع.
    117. “سنڌي ٻوليءَ جي قدامت”، سوڀ سنڊي مئگزين 26 ڊسمبر 2015ع
    118. “اخلاقيات ۽ قدر” روزاني سنڌ ايڪسپريس، 9 ڊسمبر 2015ع)
    119. “دلير نياڻي، شهيد بينظير ڀٽو”، سوڀ سنڊي مئگزين 27 ڊسمبر 2015ع
    120. “سون ورني سوڍي”، ماهوار سروپا مئگزين، ايڊيٽر روشن ميمڻ، ڊسمبر 2015ع
    121. “والدين ۽ اولاد جو رشتو”، سنڌ ايڪسپريس 9 جنوري 2016ع
    122. ”سونهن ۽ سچ جو شاعر”، استاد بخاري روزاني عبرت 16 جنوري 2016ع
    123. “استاد ۽ شاگرد” روزاني سنڌ ايڪسپريس 17 جنوري 2016ع
    124. سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري، سوڀ مئگزين 2 جنوري 2016ع
    125. ”سائين جي ايم سيد عظيم مفڪر”، عبرت 17 جنوري 2016ع
    126. “دوستي”، روزاني سنڌ ايڪسپريس 23 جنوري 2016ع
    127. “ڊاڪٽر فهميده حسين جون علمي ۽ ادبي خدمتون” گلشن لاڙ ماهوار مئگزين ڊسمبر 2016ع
    128. “گيت جي سئو ساله تاريخ” ماهوار ريکائون ايڊيٽر رحمت پيرزادو، جنوري 2016ع
    129. “شيخ اياز جي منظوم ڊرامن جو جائزو” ڪچ ڪوڏريون ٽه ماهي مئگزين جنوري مارچ چيف ايڊيٽر نصر الله ڪٻر 2016ع
    130. “حسن اخلاق”، روزاني سنڌ ايڪسپريس 8 فيبروري 2016ع
    131. “ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه لطيف جو فڪري پارکو” روزاني عبرت 10 فيبروري 2016ع
    132. لاڙ جي فطرت جهڙو شاعر مولوي حاجي احمد ملاح روزاني عوامي آواز 14 فيبروري 2016ع
    133. “معاشي قدر”، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 20 فيبروري 2016ع.
    134. “سفر نامن جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو، روزاني عبرت 19 فيبروري 2016ع
    135. “تصوف ۽ وحدانيت جو شاعر” قاضي قادن سوڀ سنڊي مئگزين 28 فيبروري 2016ع
    136. ڌرتيءَ جو رهنما شاعر شيخ اياز روزاني عبرت 2 مارچ 2016ع
    137. “مولوي حاجي احمد ملاح”، گلشن لاڙ ماهوار مئگزين مارچ 2016ع
    138. “سادگي ۽ ڪفايت شعاري” روزاني سنڌ ايڪسپريس 15 مارچ 2016ع
    139. “حب الوطني، روزاني سنڌ ايڪسپريس 19 مارچ 2016ع
    140. “سنڌي سفرناما”، سوڀ سنڊي مئگزين 13 مارچ 2016ع
    141. “سنڌ جي سياست جو تڪراري ڪردار، پير علي محمد راشدي، عوامي آواز مئگزين 13 مارچ 2016ع
    142. ڪتاب ۽ ڪتب خان اَمُلهه خزانا آهن، ماهوار سنڌ راڻي مئگزين اپريل 2016ع
    143. “عدل ۽ انصاف” روزاني سنڌ ايڪسپريس 12 اپريل 2016ع
    144. “سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو” جو جائزو وفا مولا بخش سوڀ 13 اپريل 2016ع.
    145. سچ، روزاني سنڌ ايڪسپريس 9 اپريل 2016ع
    146. “رهجي ويل منظر جو خالق، طارق عالم ابڙو”، روزاني عبرت 10 اپريل 2016ع
    147. مير عبدالحسين سانگيءَ جون لطيفيات ۾ خدمتون، روزاني جيجل 12 اپريل 2016ع
    148. “عورتن جي تعليم” روزاني عبرت 14 اپريل 2016ع
    149. “لالچ ۽ حرص”، روزاني سنڌ ايڪسپريس 23 اپريل 2016ع
    150. “سکو قدر ڪتاب جو”، روزاني عبرت، 23 اپريل 2016ع
    151. “معياري مطالعو”، سوڀ سنڊي مئگزين 24 اپريل 2016ع
    152. “سنڌ جو سائين جيئي سدائين”، روزاني عبرت 25 اپريل 2016ع
    153. ڪاوش ۾ انٽرويو پروفائيل 26 اپريل 2016ع
    154. “علم ڇا آهي” روزاني عبرت 28 اپريل 2016ع
    155. “شاهه ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ عورت جي عظمت” ماهوار همسري ايڊيٽر زاهده ابڙو، مئي 2016ع
    156. سنڌي ادب جائزو ڪاوش مئگزين 27 مارچ 2016ع
    157. “ادبي تنقيد ارتقاءِ اوسر” (2 حصا) عبرت 9 ۽ 10 مئي 2016ع
    158. “تعليم جي اهميت” روزاني عبرت 12 مئي 2016ع
    159. “اخلاقي قدر” جائزو عبرت 24 مئي ۽ ڪاوش 14 جون 2016ع
    160. “آغا سليم ۽ سندس ناول” همه اوست، روزاني عبرت 27 مئي 2016ع
    161. “سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم” روزاني عبرت 2 جون 2016ع
    162. “ڪري پاڻ ڪريم” (لطيف شناسي) روزاني عبرت، 7 جون، 2016ع
    163. “نايو نيڻ نهار” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 10 جون 2016ع
    164. “جنهن هادي ميڙيم ههڙو” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 15 جون 2016ع
    165. “سورهيه مرين سوڀ کي” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 17 جون 2016ع
    166. “سنڌي نثر ۾ آفتاب احمد ميمڻ جون خدمتون”، روزاني عبرت 18 جون 2016ع
    167. واڪا ڪندي ووءِ صديون تو لاءِ سنڌڙي” سوڀ سنڊي مئگزين 21 جون 2016ع
    168. “الا جنگ جين” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 6 جولاءِ 2016ع
    169. “جي ڀاينين جوڳي ٿيان”، (لطيف شناسي) روزاني عبرت 9 جولاءِ 2016ع
    170. “نثري نظم شيخ اياز جي ڪتاب جو جائزو” روزاني عبرت 2 حصا 26 ۽ 27 جولاءِ 2016ع)
    171. سنڌي ادب ۾ اول درجي جو ڪهاڻيڪار نسيم کرل” روزاني عبرت 14 جولاءِ 2016ع
    172. “سنڌي ادب جو سرموڙ ڪهاڻيڪار علي بابا” روزاني عبرت 10 آگسٽ 2016ع
    173. شاهه جو رسالو مقصديت ۽ پيعام” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 17 آگسٽ 2016ع
    174. “سڙيا مٿي سچ” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 24 آگسٽ، 2016ع
    175. “شاهه لطيف جي ڪلام جون فني خوبيون” روزاني عبرت 26 آگسٽ 2016ع
    176. قاضي عبدالمجيد عابد، صحافت سياست ۽ ادب جو وڏو نانءُ روزاني عبرت 27 آگسٽ 2016ع
    177. “سنڌي غزل جي ارتقا ۽ اوسر”، روزاني عبرت 30 آگسٽ 2016ع
    178. “نير منهنجي نينهن اُجاري اڇو ڪيو” روزاني عبرت (ٻه حصا) 21 ۽ 22 سيپٽمبر 2016ع
    179. “سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي”، روزاني عبرت 28 سيپٽمبر 2016ع
    180. شاهه ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ عورت جي عظمت روزاني عبرت سيپٽمبر 2016ع
    181. “جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو” روزاني عبرت سيپٽمبر 2016ع
    182. “رونديون ڏٺيون مون ان در تي دادليون” روزاني عبرت 9 آڪٽوبر 2016ع
    183. “سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم” سنڌ راڻي مئگزين آگسٽ سيپٽمبر 2016ع
    184. علم ادب ۽ صحافت جو وڏو نانءُ پير حسام الدين راشدي”، روزاني عبرت 21 آڪٽوبر 2016ع
    185. “عالم سڀ آباد ڪرين” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 24 آڪٽوبر 2016ع
    186. “شاهه لطيف جو پيغام محبت آهي” روزاني عبرت 30 آڪٽوبر 2016ع
    187. “ادب زندگي جو آئينو ۽ عڪس”، سوڀ سنڊي مئگزين 11 سيپٽمبر 2016ع
    188. “خودشناسي ۽ شاهه عبداللطيف” سوڀ سنڊي مئگزين 11 سيپٽمبر 2016ع
    189. “شاهه لطيف ۽ عورت جي عظمت” روزاني عبرت آڪٽوبر 2016ع
    190. “شاهه جي شاعري شاعري ۾ سجاڳي جو سڏ” روزاني عبرت 13 نومبر 2016ع
    191. “شاهه جو ميلو” (لطيف شناسي) روزاني عبرت 22 نومبر 2016ع
    192. “مٽيءَ لڌو مان” (لطيف شناسي) تخيل ٽه ماهي جرنل، شمارو نمبر 3 جولاءِ-سيپٽمبر 2016، چيف ايڊيٽر سڪندر ملاح، مارئي اڪيڊمي حيدرآباد
    193. “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جا معاشي ۽ ثقافتي قدر”، روزاني عبرت 11 ڊسمبر 2016ع
    194. “دادي ليليٰ وتي تلسي داس هرچنداڻي”، روزاني عبرت 20 ڊسمبر 2016ع
    195. “سڙيا مٿي سچ”، جيئي لطيف مئگزين ڪڙي نمبر 10 سال نومبر 2016ع
    196. “شهيد محترمه بينظير ڀٽو” سنڌ راڻي مئگزين، ايڊيٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، ڊسمبر 2016ع
    197. “مٽيءَ لڌو مان”، سوڀ سنڊي مئگزين 18 ڊسمبر 2016ع
    198. “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ تهذيب ۽ تاريخي داستانن جو ذڪر سوڀ مئگزين 26 ڊسمبر 2016ع
    199. “مخدوم امين فهيم پيغام هڪ جائزو” ٽه ماهي مهراڻ ڊسمبر 2016ع
    200. “شهيد بينظير ڀٽو جي تاريخي جدوجهد جو جائزو” روزاني عبرت 27 ڊسمبر 2016ع
    201. “مضمون نويسي / مقالا نگاريءَ جو تحقيقي جائزو”، روزاني عبرت (3، 5، 6) (3 حصا) فيبروري 2017ع
    202. “سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم”، سنڌ راڻي مئگزين آگسٽ/سيپٽمبر 2016ع
    203. “جي ڀانئين جوڳي ٿيان”، سوڀ سنڊي مئگزين 1 جنوري 2017ع
    204. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دعائيه شاعري سوڀ سنڊي مئگزين 19 فيبروري 2017ع
    205. ادب ۽ تاريخ کي زندگي ارپيندڙ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي”، روزاني عبرت 11 فيبروري 2017ع.
    206. (1908ع 1981ع محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون سنڌي صحافت ۾ خدمتون روزاني عبرت فيبروري2017ع،
    207. “عورتاڻي ادب ۾ ٻوليءَ جي استعمال جو تحقيقي جائزو” 6-7-13 مارچ (3 قسطون) عبرت 2017ع.
    208. “جمهوريت ۽ عوام”، روزاني عبرت 21 مارچ 2017ع.
    209. “قاضي ويٺو آهي قلب ۾” روزاني عبرت 30 مارچ 2017ع
    210. “عالم سڀ آباد ڪرين”، ڊاڪٽر پروين جي ڪتاب تي تبصرو علي نواز آريسر عبرت (ساڳيو تبصرو ٽماهي تخيل ڊسمبر 2016ع)
    211. “صوف صحت جو ضامن ميوو” “ماهوار پيغام محبت”، چيف ايڊيٽر نظام عباسي مارچ –اپريل 2017ع)
    212. “جديد دورڪي سنڌي عورت”، ماهوار اطراف چيف ايڊيٽر محمد شام، مارچ 2017ع
    213. “مفتي منجهه ويهار”، (پروين موسيٰ جي اڻ ڇپيل آتم ڪهاڻي جو هڪ باب) سرتيون يادگيريون نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو (جلد 27 جنوري –نومبر 2016ع
    214. ڊاڪٽر پروين موسيٰ سان ڳالهه ٻولهه ٽه ماهي ڪچ ڪوڏيون جلد ٻيو- پرچو جولاءِ –سيپٽمبر 2016ع
    215. ڪتابن سان شوق قائم رکڻ جي ضرورت آهي روزاني عبرت آچر 23 اپريل 2017ع
    216. “فلاسافي جيون جيئڻ جي تحقيقي نظر” روزاني عبرت 8 مئي 2017ع
    217. باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي”، روزاني عبرت 20 مئي 2017ع
    218. “نظم، نثراڻو نظم ۽ آزاد نظم”، روزاني عبرت 23 مئي 2017ع
    219. “ميون جو بادشاهه ميوو انب”، ماهوار پيغام صحت جون 2017ع
    220. ذهني صحت ۽ وٽامن ڊي جو استعمال، ماهوار پيغام صحت جون 2017ع
    221. محمد عثمان ڏيپلائي جي فن جو جائزو، روزاني عبرت 13 جون 2017ع
    222. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو، سنڌي ٻولي مخزن ڇهه ماهي جنوري، جون 2017ع سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
    223. ڊاڪٽر گربخشاڻي جون علمي ۽ ادبي خدمتون هفتيوار “هند واسي” هندوستان ايڊيٽر شوڀالالچنداڻي مارچ 2017ع
    224. “منگهارام ملڪاڻي جو فن”، هفتيوار “هندو واسي” هندوستان ايڊيٽر شوڀا لال چنداڻي فيبروري 2017ع


    ڊاڪٽر پروين موسيٰ جي فَنَ تي عالمن ۽ اديبن جا رايا

    بابا! مون کي توهان تي فخر آهي، توهان تخليقي صلاحيت رکندڙ ليکڪا آهيو. “آديسين ادب آهي اکڙين” ۾ ڪتاب کي جنهن طريقي سان توهان جوڙيو آهي اهو هڪ تمام اڇوتو ۽ مختلف انداز جو آئيڊيا آهي توهان سان ملي ۽ توهان جو سڄو علمي ۽ ادبي ڪم ڏسي مون کي گهڻي سرهائي محسوس ٿي آهي.
    - محمد ابراهيم جويو

    “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس” جي سڄاڻ سهيڙيندڙ محترمه پروين موسيٰ نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع ڪيو آهي، جو تفصيلي ۽ تسلي بخش آهي پاڻ محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم جي قومي خدمت قلمي روايت جي پاسبان ۽ ڏيپلي شهر جي علمي ۽ ادبي قافلي جي حدي خوان آهي آئون سندس لاءِ دعاڳو آهيان ته هن نياڻيءَ لکڻ جي سفر ۾ رب پاڪ کيس ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون عطا ڪري .
    - ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

    سنڌي ٻوليءَ جي تنقيدي ادب ۾ خواتين ليکڪائن جا چند نالا ملن ٿا انهن ۾ پروفيسر پروين جو نالو وڏي فخر سان پيش ڪري سگهجي ٿو، پروفيسر پروين تخليق ۽ تنقيد وارين صلاحيتن سان نوازيل آهي سندس ڪتاب سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس قابلِ، فخر ڪتاب ۽ تحسين لائق پروجيڪٽ آهي کيس سنڌي ٻولي ۽ ادب سان عشق آهي جنهن جو ثبوت سندس ڇپيل علمي ۽ ادبي ڪتاب آهن ۽ اهي ڪتاب جڏهن سنسڌي ادب سان دلچسپي رکندڙ مردن توڙي عورتن جي لائبريرين جي شيلفن ۾ سينگاريل هوندا، تڏهن هر ڪو ماڻهو پنهنجي گهر ۾ ڪتابن جي اهڙي انمول خزاني تي فخر به ڪندو ۽ ناز به.
    - ڊاڪٽر غلام علي الانا


    پروين موسيٰ ميمڻ جا HECمان منظور ٿيل ۽ ڇپيل ڪتاب ٻيو علمي ۽ ادبي ڪم ڏسي ڏاڍي سرهائي محسوس ڪيم، تحقيق ۽ تنقيد ۾ سندس ڪم بي مثال آهي مون کي خوشي آهي ته اسانجا استاد پڙهائڻ سان گڏ پاڻ پڙهڻ ۽ لکڻ جي ڪم کي به اولين ترجيع ڏيئي رهيا آهن هر پڙهيل ۽ لکيل لاءِ خاص طور استاد لاءِ ته لازمي آهي ته هو مطالعي ۽ مشاهدي سان پنهنجي قابليت وڌائي هن وقت پروين موسيٰ ميمڻ جي ڪتاب تي ٻه اکر لکندي مان کيس دلي مبارڪباد ٿو ڏيان.
    - مظهر الحق صديقي، (اڳوڻو) وائيس چانسلر،سنڌ يونيورسٽي

    پروين موسيٰ ميمڻ هڪ قابل ليکڪا ۽ جفا ڪش عورت ۽ پنهنجي استادانه فن جي ماهر آهي پروين موسيٰ تعليم ۽ ادب جي ميدانن ۾ نهايت وسنڀالي قلم هلايو آهي جنهن سان ٻنهي شعبن کي حقيقي تقويت ملي آهي هن جا ڪتاب لکڻيون سندس ڀاڱيداريءَ جي لاڀدائڪ هئڻ جون شاهد آهن، هن پنهنجي انداز بيان ۾ هر تحرير کي چونڊ گڻن سان متصف ڪيو آهي.
    - ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

    پروين موسيٰ ميمڻ جديد تحقيق جي اصولن قانونن ۽ ضابطن جي پوئواري مطابق لکي ٿي هر موضوع کي هڪ مربوط ۽ منظم نموني سان پيش ڪرڻ جو فن ڄاڻي ٿي جنهن سان ڪيتريون ئي معلوماتي مقصدن جو پورائو ٿئي ٿو.
    - پروفيسر آفاق صديقي

    پروين موسيٰ ميمڻ پهريان تعليم ۽ پوءِ ادب جي حوالي سان گهڻي ڄاتل سڃاتل آهي. سڄاڻ، ساڃاهه وند، استاد ۽ اديب طور پاڻ مڃرايو آهي. اهو سندس ڀاڳ آهي جو ان خاندان ۽ شهر سان لاڳاپيل آهي جنهن جي مٽيءَ ۾ محنت ۽ عظمت جي مڻيا شامل آهي الله تعاليٰ کيس سندس علمي، ادبي، سماجي ۽ تدريسي خدمتن جو موقعو ايترو ته گهڻو ڏئي جو خود ڏيپلو هن جو نالو کڻي پنهنجي سڃاڻپ ايئن ڪرائي ته آئون اهو شهر آهيان جنهن ۾ پروين موسيٰ ميمڻ ڏيا ڏيا ٻاري ڏيپلي کي ڏيئن (علم جي جوت) جو شهر بڻائي ڇڏيو آهي.
    - سليم چنا


    فاضل ليکڪا/ مصنفه جيئن ته ذميوار، استاد شفيق والده آهي ۽ وڏي ڳالهه ته هڪ ذميوار شهري آهي سندس تصنيف ڪيل ڪتابن مان سندس ادب سان لگن اورچائي ۽ ڪميٽمينٽ بکي رهي آهي جنهنجو ثبوت اهو آهي جو سندس ڪتاب لاڳيتو شايع ٿيندا رهن ٿا. مون کي اميد آهي ته تحقيق جي صلاحيت رکندڙ هن مصنفه جو قلم تخليق ۽ تنقيد جي ميدان ۾ آئينده به وڌيڪ بهتر صورتن ۾ پنهنجي صلاحيتن جو اظها ر ڪندو رهندو.
    - ولي رام ولڀ


    ڏيپلي شهر جو تعليم، صحت، نوڪر شاهي، توڙي علم ۽ ادب ۾ خاص ڪردار آهي ڏيپلو جي ميمڻ برادري اڄ سنڌ جي نقشي ۾ خاص رتبو رکي ٿي، ڊاڪٽر پروين ميمڻ جو نالو به ان ڏسن ۾ نشانبر آهي هوءَ انهن عالمن ۾ ڳڻجي ئي جن ڊگريءَ جو مان مٿانهون رکندي لڳاتار تحقيق ۽ تصنيف ۾ پاڻ کي مشغول رکيو آهي سندس مطالعي ۽ تحرير جا موضوع خاص طور تحقيق، تنقيد، لطيفيات ۽ مضمون نگاري آهن سندس لکيل سنڌي لکت نهايت صاف سٿري ۽ شهري گدلاڻ کان پاڪ آهي، انهيءَ لاءِ لائق ليکڪا مبارڪباد جي حقدار آهي سندس لکيل ۽ ڇپيل ڪتاب سنڌي زبان جو مکيه سرمايو آهن جن ۾ عام پڙهندڙن کان وٺي وڏن اديبن ۽ عالمن جي ڄاڻ لاءِ وڏيءَ جاکوڙ سان ڳچ معلومات هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ڏني وئي آهي.
    - ڊاڪٽر لاکو غلام محمد

    گذريل ڪافي سالن کان سنڌي ادب ۾ جيڪي خواتين ليکڪائون انتهائي محنت لگن ۽ جستجو سان سنڌي ادب جا گهڙاڀري رهيون آهن. محترمه پروين موسيٰ ميمڻ جو نانءُ انهن ۾ سڀني کان مٿانهون آهي، ٻين سنڌي ليکڪائن جي ڀيٽ ۾ پروين موسيٰ ميمڻ ان ڪري منفرد حيثيت رکي ٿي ته سندس ميدان تحقيق، ترتيب، ۽ تدوين آهي جڏهن ته ٻين سنڌي ليکڪائن جو لاڙو فڪشن ڏانهن آهي کيس پنهنجي علمي پورهئي تي ڪيترا انعام ۽ ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن جنهن مان اها ڳالهه چٽي ٿي بيهي ٿي ته، سندس علمي ۽ تحقيقي ڪم معياري ۽ وقت جي گهرجن موجب آهي.
    - يوسف سنڌي

    پروين موسيٰ هڪ جاکوڙي خاتون آهي سندس جاکوڙ ۽ اندر مان نڪتل اونهي جذبي هيٺ لکيل لکڻيون علم، ادب ۽ سکيا جي ميدان ۾ مستقل قدرن جون امين آهن.
    - حميد سنڌي

    ڀيڻ پروين موسيٰ ميمڻ جي ڪتاب وکر سو وهاءِ ۾ جيڪو مواد ڏنو آهي اهو ڪم هن تمام محنت ۽ ڪوشش سان ڪيو آهي شاگردن جي تعليم ۽ ادبي گهرجن کي نظر ۾ رکندي سندن سهولت لاءِ تمام گهڻو مواد هڪ جاءِ تي ڏنو ويو آهي سندس ڪوششون ساراهه لائق آهن اميد ته پاڻ ٻيا به اهڙا ڪتاب سنڌي ادب کي ڏينديون رهنديون.
    - ڊاڪٽر دل سومرو

    پروين ادب شناس ڪٽنب سان واسطو رکي ٿي گذريل پنجويهن سالن کان سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي لکندي پيئي اچي، سندس مڪمل ڪتاب دير سان ڇپجڻ شروع ٿيا سندس پهريون ڪتاب سنڌي ادب جو جائزو پڻ چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان ۽ ڪميشن جي لاءِ پڙهندڙن ۾ مقبول ٿيو، هوءَ وڏي محبت محنت، عقيدت ۽ دلچسپيءَ سان ڪم ڪري ٿي رب پاڪ کيس حياتي ۽ تندرستي ڏئي، سنڌي علم ۽ ادب جي خدمت جي وڌيڪ توفيق ڏي.
    - الطاف شيخ

    محترمه پروين موسيٰ ميمڻ، جو ڪتاب لطيف شناسيءَ جي هڪ بنهه منفرد، نئين ۽ انوکي موضوع تي تيار ڪيل آهي جنهن ڏانهن اڳ ۾ شايدئي ڪنهن جو ڌيان ويو هجي سندس هن محنت سان شاهه جي شاعريءَ جو هڪ نئون رخ واضع ٿيو آهي.
    - ڊاڪٽر فهميده حسين

    پروين پنهنجي لکڻين جا ڏکيا ڏکيا موضوع چونڊي ٿي ۽ سندس لکڻين مان محسوس ٿئي ٿو ته هن کي شاهه لطيف سان خاص عقيدت آهي. هوءَ با همٿ ۽ ذهين عورت آهي. سندس هيترن ڪتابن لکڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هوءَ ادب سان گهڻو چاهه رکندڙ ۽ محنتي آهي کيس خدا پاڪ ڪاميابيون عطا ڪري.
    - ڊاڪٽر انور افروز خواجه

    پروين موسيٰ پنهنجي تحرير ۽ گفتگو ۾ پرجوش نظر اچي ٿي هوءَ پنهنجي محنتن ۽ ڪوششن ۾ سنجيده آهي. سندس پيار جو پورهيو ۽ اهو علمي، ادبي، تخليقي ۽ تحقيقي ڪم جَسِ لهڻي اميد ته پڙهندڙ ،خاص طور شاگرد سندس ڪم مان گهڻو فائدو حاصل ڪندا.
    - مهتاب اڪبر راشدي

    پروين موسيٰ جا چند ڪتاب منهنجي نظر مان گذريا آهن هن واقعي تمام وڏي محنت ڪئي آهي الله پاڪ کيس لکڻ جي اڃان توفيق ڏي انشاءَ الله سندس هي املهه پورهيو ضرور قبول پوندو.
    - ماهتاب محبوب

    سانئڻ پروين جي علمي ڪم مان سندس ڳوڙهي مطالعي ۽ مشاهدي جي ڄاڻ پوي ٿي، ڪتاب سندس بهترين ساٿي رهيا آهن. سندس ڪافي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ته وڏي انگ ۾ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ شايع ٿي چڪا آهن هن مون کي پنهنجا ڪافي ڪتاب دهلي پوسٽ ڪري موڪليا آهن جيڪي پڙهي مون کي اندازو ٿئي ٿو ته جڏهن هن ايترا سوين صفحن جا ڪتاب لکيا آهن ته هن هزارين صفحا ضرور پڙهيا پڻ هوندا، مطلب ته سندس مطالعو واکاڻ جوڳو آهي سانئڻ ڊاڪٽر پروين کي مبارڪون هجن جنهن نور نچوئي سنڌي ادب کي پنهنجي ڪتابن جي صورت ۾ سهڻيون سوغاتون ڏنيون آهن کيس جَسِ هجي ۽ اڃان به هوءَ انهن راهن کي روشن رکندي.
    - وينا شرنگي

    جهڙي سونهن سچائيءَ ۽ سادگيءَ ۾ هوندي آهي اهڙي سونهن دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به موجود ناهي مون کي به اهڙن ماڻهن سان ملي دلي خوشي ٿيندي آهي جن جو وجود سچائي ۽ سادگيءَ جو اهڃاڻ هجي ادي پروين موسيٰ ميمڻ پڻ اهڙي شخصيت جي مالڪ آهي جنهن جو حسن سندس سادگيءَ مان جلوه گر ٿيندو آهي. نياز نوڙت سان ڀرپور سندس پر خلوص وجود سچ پچ ان جهڪيل وڻ مثل محسوس ٿيندو آهي جنهن جو جهڪاءُ گلدائڪ هجڻ جي نشاني هوندو آهي، بلڪل ساڳي طرح سندس لکڻي به پاڻ وانگر سادي، سولي، سٻاجهي ۽ سڀاويڪ آهي جنهن کي سولائيءَ سان پڙهي، سمجهي ان مان لاڀ پرائي سگهجي ٿو. هن ڪتاب ۾ آيل ڪردارن جي فن تي ليکڪا هڪ ذميوار محقق وانگر پنهنجي قلم سان لکيو آهي جو اسان جي اديبن ۽ عالمن جي ڪيل پورهئي کي هن پنهنجي قلم سان امر ڪري ڇڏيو آهي انهيءَ صف ۾ مون کي پڻ بيهاري سچ پچ ته ادي پروين کي مان بخشيو آهي.
    - ماهين هيسباڻي

    ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ هڪ منفرد عنوان، “سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو” سان نئين سر تحقيق ڪري سنڌي ادب جي تاريخ جو ڪتاب ترتيب ڏيئي ڄڻ ته سنڌي ادب جي سمنڊ کي ڪوزي ۾ سهيڙيو آهي نئون دور تحقيق ۽ تنقيد جو آهي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جديد دور جي تحقيقي ۽ تنقيدي پهلوئن وارن تقاضائن کي پڻ سامهون رکيو آهي. اهو ادبي تاريخ نويسيءَ ۾ هڪ وقتائتو ۽ اڳڀرو قدم آهي مان سندس انهيءَ ڪم تي کين تمام گهڻيون واڌايون ڏيان ٿي. هن ڪتاب جي هلندڙ وقت ۾ وڏي گهرج هئي.
    - ڊاڪٽر عابده گهانگهرو


    اسان وٽ ليکڪ ۽ شاعر ته تمام گهڻا ڏسڻ ۾ ايندا پر انهن ۾ محققن جو انگ تمام ٿورو آهي ساڳيءَ ريت محققن ۾ وري عورتن جو تمام تعداد گهٽ آهي ان گهٽ ڳاڻيٽي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ به شامل آهي. تحقيق جي ڪم لاءِ محقق کي گهڻين تڪليفن مان گذرڻو ٿو پوي سو ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه انهن اڻانگن مرحلن مان گذري پنهنجو ڪم جاري رکندي پئي اچي. هوءَ مسلسل ڪم ۾ جنبيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي سندس مختلف ڪتاب ملن ٿا. پنهنجو آرام ڦٽائي تڪليفون سهي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاءِ ايترو ته ڪم ڪري هن هڪ وڏو جهاد ڪيو آهي.
    - ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

    پروين موسيٰ ميمڻ جي ڪتابن تي سرسري نظر وجهڻ سان ئي مون کي معلوم ٿيو ته هوءَ تمام محنت، توجهه ڪوشش ۽ دل سان ڪم ڪرڻ جي عادي آهي جو اڄڪلهه جي ماحول ۾ يقيناً واکاڻ جوڳو ڪم آهي سندس ڪتاب موضوع ۽ پيشڪش جي لحاظ کان بي مثال آهن جن جو اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي.
    - سيد مظهر جميل


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927368
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760845
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ