ادارَي پاران
ڌِيمو لَهِجَو رَکندڙُ گُلُ ڪُونڌَرُ، پَنهنجِي نَفِيسُ طَبِيعتَ جِيان، پَنهنجَي لِکڻِيُنِ ۾ به نَفاسَتَ پِروئِيندَي نظر اَچَي ٿو، هُو ڪهاڻِي لِکڻَ وَقتِ شاعِرَ کي جُدا ڪري، نِجُ ڪهاڻيڪارُ ٿِي لِکَي ٿو، ان ڪري سندس ڪهاڻيون، فَنِي ماپَي تي پُورِيُون لَهَنِ ٿِيُون. گُلَ جِي ڪهاڻيءَ جو پلاٽُ، خِيالُ، ڊائلاگَ، مَنظَرنِگارِي ۽ ڪِلائِمِڪِس جو تاڃِي پَيٽو، ماهر ڪارِيگَرَ جِي اُڻتِ جِيان اُڻِيَل نَظَرِ اَچَي ٿو، نَتِيجَي ۾ پَڙهَندڙُ ڪهاڻيءَ جو ڪِردارُ بَڻِجِي، مَنِظَرَنِ ۾ پاڻ کي گُهمَندَو ڦِرندَو مَحسُوسُ ڪري ٿو.
گُلُ ڪُونڌَرُ شاعِرِي سِرجَڻ وَيلَ، پَنهنجَي ڪهاڻيڪارَ وارِي حَيثِيَتَ کي وِسارَي ڇڏي ٿو، اُنَ وَقتِ مَٿَسِ شاعِرَ وارِي ڪَيفِيَتَ طاري رَهَي ٿِي، هُو پَنهنجِي شاعِريءَ ۾ فَنَ، فِڪِرَ ۽ خِيالَنِ کي اِيئَن ڊَوڙائَي ٿو، جو سندس شاعريءَ ۾ گَهوڙَي جي ٽاپَولِيءَ جِهڙَو رڌم پَيدا ٿِي پَوَي ٿو. گُلُ ڪونڌرُ مَضمُونَ، مَقالَي ۽ مُهاڳَ لکڻ وقت به، نَثِرِي لِکڻِيءَ جو جَوهَرُ، ڀَرپُور انداز ۾ پَيشِ ڪرڻ جو ڏانءُ رَکَي ٿو. ڪنهن شَخِصِيَتَ تي مَضمُون/تاثُر لِکندو، ته اُنَ جَي گُڻنِ اَوَگُڻَنِ کي اِيئَن ظاهرُ ڪندو، جو اَڳِلَو شَخِصُ مُطمَئن نَظَرِ اِيندو، اِها گُلَ جِي پَرکَ وارِي نِگاههَ آهي، جَيڪا کَيسِ هَمِعَصرَنِ ۾ نِمايان ڪري ٿِي. ڇو ته هُو ٻاجهارِي طَبِيعَتَ جو مالِڪُ آهي، اِنَ ڪري سَندسِ لِکڻيُنِ ۾ به ٻاجهه ڀَرِيَلَ آهي، هُنَ جا ڪهاڻِي ڪِرِدارَ مَنفِي گَهٽِ، مَثبَت وڌيڪ آهن.
لَيکَڪَ، شاعِرَ دوستن کان علاوه، ذاتِي حَوالَنِ سان به سَنگَتِ سان اِخِتِلافَ ٿِيندا آهن، دوستَ مُخالِفَ ٿِي پَوَندا آهن پر گُلُ ڪُونڌَرُ دوستِي رَکِي، پوءِ اِختلافُ ڪرڻ وارو ماڻهو ناهَي. مُنهنجِي گُلَ سان وِيهَنِ پَنجِوِيهَنِ سالَنِ کان دوسِتِي آهي، ان عَرصَي دورانِ ڪڏهن به، اسان ۾ اِخِتلافَ پيدا ناهِن ٿِيا.
گُلُ ڪُونڌَرُ دوستَنِ جُون اُوڻايُون، نظر انداز ڪرڻ وارو شَخصُ آهي،“رَکَڻُ ناتَو سَوَلَو، نِڀائِڻُ ڏُکِيو آ” وارَي مَقَولَي کي هُنَ رَدِ ڪري ڏَيکارِيَو آ، دوستن سان ناتَو رَکِي، وَرِي اُنَ کي نِڀائَي ثابتُ ڪيو اَٿائِين، ته جَيتِرو ناتَو رکڻ سَوَلَو آهي، اَوتِرو نِڀائِڻُ به سَوَلَو آ. اِنَ مان ظاهرُ ٿِئَي ٿو، ته جَيڪڏهن پاڻَ ماڻهو سُٺَو آ، ته پوءِ هَرِ ماڻهو سُٺو آهي...!
گُلُ ڪُونڌَرَ جِي دوستيءَ ۾ جَيڪو آيو، چاهِيندَي به ساڻَسِ تَعلقُ ٽَوڙَي نه سگهندو، اِنَ جو سَبَبُ اهو آهي ته هُو، مَثبَت سَوچَ رَکَندڙُ ماڻهو آهي، مون کَيسِ ڪنهن جِي غِيبَتَ ڪندي نه ٻڌو آ، نَنڍَي وَڏَي کي عِزَتَ ڏِيَڻُ، ڪو گل ڪونڌر کان سِکَي. ڪچهريءَ ۾ مُحتاط انداز ۾ ڳالهائِڻُ، سَلِيقَي ۽ سِڪَ سان مِلڻُ، اِهڙِي فَضِيلَتَ سان گُفتَگُو ڪَرڻُ، جو اَڳِلَو ماڻهو به، سندس سامُهون اِهڙو سَلِيقَو، اختيارُ ڪرڻ تي مَجِبُور ٿِي وَڃَي.
گل ڪونڌر کي تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن هُو عبرت ميگزين ۾ قسطوار ناوِلُ “بَندِ ڪَليُنِ مان ٽِڙندا گُلَ” لِکندو هُيو، سندس اِنَ تَحِرِيرَ مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. گُلَ سان واسطو اَدَبُ رِسالَي ۾ لِکَڻَ دورانِ ٿِيو، ساڻِسِ پَهرِين مُلاقاتِ سندس ”ڪونڌر ڪَمپِيُوٽَر اَڪَيڊميءَ“ وارِي آفيس ۾ ٿِي، پوءِ اهو واسطو دوستيءَ ۾ تبديل ٿِي ويو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. سَوچِيندَو آهيان سَڀُ دوستَ، جَيڪَرَ گل ڪونڌر جهڙا هُجَنِ، دل جا صاف، اَندَرَ جا اُجِرا، جِهڙا ٻاهران، تِهڙا اندران، مُنافِقَتَ کان پاڪُ، پر اِهڙا ماڻهو مُعاشِرَي ۾ گَهٽِ آهن، جَيڪَي بغير مطلب ۽ لالچ جي دوستِي نِڀائِينِ.
گُلُ ڪُونڌَرَ سان ڪَچَهِريُون ٿِينديون رَهندِيون آهن، مُون کَيسِ چيو ته “بَندِ ڪَليُنِ مان ٽڙندا گُلَ” ناوِلُ ڇَپِرايو، چيائين ضرور ڇَپرائيندُسِ پر ان کان اَڳُ، هِڪُ هِڪُ ڪهاڻيُنِ ۽ شاعريءَ جو زَخِيمُ ڪِتابُ اچڻ گَھرجَي. ايئن ڪهاڻِيُنِ جو هِي ڪِتابُ “مائِي مُجاوِرُ” مُنهنجَي حوالَي ڪيائين، جنهن جا پِرُوفَ پَڙهندَي اِيئَن مَحسُوسُ ٿِيو، ڄَڻُ گُلُ ڪُونڌَرُ مُنهنجَي سامهون، پاڻ ڪهاڻِيُون پَڙهندو هُجَي ۽ مان ٻُڌِي رَهِيو هُجان، ڪهاڻيءَ جَي هَرِ جُملَي مان گُلَ جو ڌِيمو آواز ٻُڌجَي پِيو.
مان سرهائِي مَحسُوسُ ڪريان ٿو ته، وَڏِي وِٿِيءَ کان پوءِ سندس ڪهاڻِي ڪِتابُ، “مائِي مُجاوِرُ” مُنهنجَي ادارَي ”سِنڌُ راڻِي پَبلِيڪَيشَنِ“ طرفان شايع ٿِي رهيو آهي. ڪوشش ڪئي اَٿِمِ ته گُلُ ڪُونڌَرَ جو ڪِتابُ، سَندسِ شَخِصِيَتَ جِيان صافُ سُٿِرَو، نَفِيسُ ۽ سُهڻو اَچَي، جَنهَن ۾ ڪَنهَن به حَوالَي سان ڪا ڪَمِي نه رَهَي، جيئن هُنَ دوستيءَ جَي، ماڻَ ماپَنِ ۾ ڪا کَوٽِ ناهَي رَکِي.
غلام مصطفيٰ سولنگي
سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد
25 ڊسمبر 2019ع