پَنهِنجَي پاران: اَدَبَ جِي زَمِينَ تَي اَوسَرِ
ٻالپَڻ ۾ بابا سائين ته نوڪريءَ سانگَي ٻاهَرِ رهندو هُيو، باقِي اَمَڙِ عائِشه آکاڻِيون، پَهاڪا ۽ بَيتَ ٻُڌائيندِي هُئِي. نانا سائين مُحَمَد عُثمانَ جو ننڍو ڀاءُ غُلام نَبِي، جنهن کي امان جَي ”چاچا“ ڪَوٺِڻَ ڪَرَي، آئون به چاچا سَڏِيندو هُيُسِ، هُو مُنهنجِي ڦُڦِيءَ جو گهروارو به هُيو ۽ هِڪَ گَھرَ ۾ گَڏُ رهندا هُياسِين. رات جو سُمَهڻ وَيلَ قَصَصُ الانبِيا جا قِصا، جِنَنِ پَريُنِ جون ڪَهاڻِيُون ۽ لَوڪُ آکاڻِيُون ٻُڌائِيندو هُيو. مُنهنجَو ذهن اُنَهنِ قِصَنِ، ڪَهاڻِيُنِ ۽ آکاڻِيُنِ جَي ڪردارن ۽ مَنِظَرَنِ کي، هَلَندَي گُھمَندَي ڏِسَڻَ لَڳندَو هو. ڳَوٺَ جَي اَوسَي پاسَي جا ماڻهو، جانِوَرَ، پَکِي، ڍَورا، وَهندڙَ شاخَ، سَرينهَنِ ۽ ٻَيرِيُنِ جا وڏا وَڻَ، اُنَهنِ داسِتانَنِ جا ڪِردارَ ۽ حِصا لڳندا هُئا. آئون سَمجھان ٿو اِها ئِي، مُنهنجَي ڪهاڻِيءَ جِي پِيڙِهه ۽ پاڙَ هُئِي جيڪا مَهِلَ مَوقعو مِلَڻَ سان، اَدَبَ جِي زَمِينَ تي اُسِرِي نِروارُ ٿِي.
بابا سائِين بشيراحمد ڪونڌرَ جَي، خُوبصُورَت هَٿَ اَکِرِيَ ۾ لِکِيَلَ، سَندسِ سَوَين خَطَ مون وٽ مُوجُود آهن، سَندنِ عادت هُئِي ته ڪنهن کي خَطُ لکندا هُئا، ته اُن جِي هِڪَ ڪاپِي پاڻ وَٽِ رَکَندا هُئا، بابا سائِينءَ جا لِکيَلَ ۽ اُنَ ڏانهُن آيَلَ خَطَنِ جو دورانيو، پَنجَنِ ڏهاڪَنِ تي مُشتَمِل آهي، اُهي خَطَ ذاتِي نَوعِيَتَ جا هُوندَي هِڪَ دؤرَ جِي تاريخ آهن. بابا سائينءَ زندگيءَ ۾ مُنهنجَي حوالي سان مَضمُونَ ”ڏاڏا گل محمد“ لکيو، جيڪو ماهوار ادب جي ڊائمنڊ جُوبلي نمبر ۾ شايع ٿيو، اُنَ کان علاوه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان، نَشِرِ ٿِيندَڙَ دِينِي پروگرام ۾ حِصَو وٺندا هُيا، ان حوالي سان به سندن ڪجھه تحريرون مَوجُود آهن، انشاالله سندن خطن کي ”هِڪَ دؤرَ جِي تاريخ“ ڪِتابَ ۾ شامِلُ ڪَندُسِ.
بابا سائينءَ جَي معمول ۾ شامل هُيو، روز ڪنهن نه ڪنهن اَدَبِي/ تارِيخِي ڪِتابَ جو مطالعو، هُنَنِ کي مَنجھندِ ۽ رات جو ننڊ کان اَڳُ پڙهڻ جِي عادت هُئي، مطالعي کان سوا کَينِ نِنڊَ نه اِيندِي هُئي. سنڌي اديبن ۾ سائين حميد سنڌي، نجم عباسي، غلام رباني آگرو، عنايت بلوچ ۽ الطاف شيخ صاحب سميت ڪيترا لِکارِي بابا سائينءَ جا ذاتي دوست هُيا، ان ڪري سندن ڪتاب بابا وٽ موجود هوندا ها. اردو ادب جي تاريخي ناوِلِسِٽ ”نسيم حجازي“ جا سڀ ناوِلَ بابا سائينءَ سَوَين دفعا پڙهيا، اُهَي ناوِلَ مون وٽ موجود آهن، انهن کي ڏسڻ سان محسوس ڪري سگھبو، ته هي ڪِتابَ تمام گھڻا دفعا پڙهيا ويا آهن. مان سمجھان ٿو ته چاچا غلام نبيءَ ۽ اَمَڙِ عائِشه جَي ٻُڌايَلَ قِصَنِ ڪهاڻِيُنِ کان پوءِ، بابا سائينءَ جي ادب دوستيءَ، گھر ۾ موجود ڪتابن ۽ نسيم حجازيءَ جَي ناوِلَنِ جو به مُنهنجَي ادب ڏانهن لاڙَي ۾ ڪردار رهيو آهي.
اُڻوِيهه سؤ نَوَي ۾ هَفتَيوار ”سنڌو“ رِسالَي اندر، پَهريُون شَعِرُ شايع ٿِيو، اِنَ ئِي سال عبرت مئگزين ۾ تاثراتِي تَحرِيرَ ”مَظلُومُ قَومُنِ جَي ٻارَنِ کي ڇا ڪرڻ گُھرِجَي“ عُنوانَ سان لِکِڻِي ڇَپِي. (هِنَ ڪتابَ ۾ ”دَيسَ جا ٻارَ“ ڪهاڻيءَ جِي صَورَتَ ۾ ڏِنَلَ آهي) اِنَهنِ ٻِنِهي تَحرِيرُنِ جِي اَشاعَتَ وڌيڪ لِکَڻَ جو اُتساههُ بَخِشِيو. جَلدُ ئِي عبرت مئگزين ۾ مُنهنجَو قِسطوار ناوِلُ ”ڏَکَ سُکَنِ جِي سُونهَن“ شايع ٿِيَڻَ لڳو. اُنَ تي گھڻي پَذِيرائِي مِلِي، ان حد تائين جو عِبرتَ گُروپَ جَي اَهمُ شَخصَ ”غَفُورُ ڪَريمِي صاحب“، پَنهِنجَي ماتحت يَعقُوبُ جَويَي جي ذريعي چيو، ته آئون ٻيو قِسطوار ناوِلُ لِکان، جنهن جي مَوٽَ ۾ مون ”بَندِ ڪَليُنِ مان ٽِڙَندا گُلَ“ ناوِلُ لِکيو. پِيارَي دوست مُرتضى سيال جَي دؤر ۾ به، عبرت مئگزين ۾ مُنهنجون ڪهاڻيون ۽ شاعري شايع ٿيندِ رَهِي.
عِبرَتَ مئگزين سَمَيتِ، ٻِيَنِ ادبي رسالن ۾ ڪهاڻيون لکندو رَهُيُس، گڏوگڏ روزانه عبرت ۾ ”اقتصاديات“ جَي عُنوانَ سان، هَفتيوار ڪالَمُ لِکَڻَ لَڳُسِ، جنهن جو انگ 1994ع ۾ ”ادب“ رسالي جِي شُروعاتِ ڪرڻ تائين، ٽي سؤ جَي لَڳِ ڀڳ ٿِي ويو. اِيئَن اَدَبَ رِسالَي جِي اشاعت سَبَبِ، ڪالَمَ کي جارِي رَکِي نه سِگِھيُس، ۽ ڪهاڻِيُن لکڻ جِي رفتار به گھٽجي وَئِي. 2006ع جَي مَئَي مَهِينَي ۾، ادب/اديب رِسالَي جو آخري پرچو شايع ٿيو، اهڙيءَ طرح اُڻويهه سَؤ چَورانَوَي کان ٻه هزار ڇَهه تائين، ٻارنهنِ سالن جي عرصي ۾، لِکيَلَ ڪهاڻيُنِ جو تعداد، مُشڪل سان ٻارَنهَن هُيو، اِنَ دؤرانِ ٽِيُون ناوِلُ ”مِينهَن وَسَندا مَوٽُ تون“ لِکِيُم، جيڪو ماهوار ادب ۾ ڏهن قسطن ۾ شايع ٿيو.
مُرِيدِيءَ فَقِيرِيءَ جو سِلِسِلَو مُرشِد حضرت قِبلا سُهڻا سائين جَنِ سان رَهيو، سَندنِ رِحلَتَ کان پوءِ، حضرت خواجه خواجگان قِبلا سَڄَڻ سائين جَنِ سان رُوحانِي ڏَورِ ڳَنڍِيَلَ آهي، اُنَهنِ جِي سَڄَي خاندان تي خاص عِنايَتَ آهي. ان جو سَبَبُ حضرت سڄڻ سائين جَنِ جِي شفقت ته آهي ئِي، پر قبلا سائين اسان کي، ڏاڏا سائين شير محمد ڪونڌر جي حوالي سان بيحد مانُ ڏيندا آهن، ڇو ته اُهَي حضرت سُهڻا سائِين جا ڳوٺائِي، ساٿِي ۽ گَڏيَل مُرشِدَ، حضرت عبدالغفار المعروف مِٺا سائِين جن جا خليفا ۽ مُرِيدَ هُيا. پَنهنجي مُرشدَ جِي دعوت ۽ تبليغ جي سلسلي ۾ رهائش لاءِ، ڏاڏا شير محمد اسان جَي ڳوٺ ۾، ڇَهه جِرَيبَ زمين جِي اَيراضِيِءَ کي اَوڏِڪِي ڀِتِ ڏِيارِي هُئِي ۽ کُوهُه کَوٽايَو هو، حضرت مِٺا سائين جن اُتي تَشرِيفِ فرما به ٿيا، پر ڏاڏا جِي اُڻٽيهن سالن جَي عمر ۾، جَلدُ ئِي وفات ٿِي وَيئِي. آئون پَنهنجَي خاندانَ کي خوشنصيب سمجھان ٿو، جو اُنَ تي الله جَي وَلِييَنِ جِي خاصُ مِهرَ رَهِي آهي.
زِندگِيءَ ۾ دوستَنِ جو ڳاڻَيٽَو جَھجَھو رَهيو آهي، جن جَي ذِڪرَ لاءِ ڪِتابَ گُھرجَنِ پر ٻِنِ دوستن سائين ممتار علي شاهه ۽ سائين سردار علي شاهه، جن پَنهنجِي مِحنَتَ ۽ الله جَي مهربانيءَ سان وڏو مَقامُ ماڻِيو آهي، اُنهنِ جو ذِڪِرُ ڪَرڻُ مُناسِبُ ٿو سَمجھان.
هِنَ وَقتِ سِنڌُ جو چِيفِ سيڪريٽري سائين ممتاز علي شاهه صاحب، ماڊل اسڪول/ڪاليج اولڊ ڪَيمپَس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، مُون سان گڏ پَڙهندَڙُ دوستُ آهي. سائين جَنهَن مَقامَ تي پَهتا آهن، اُنَ تائِين رَسَڻَ جا گُڻَ شروع کان، سندس شَخِصَيَتَ ۾ مَوجُود هُيا. ممتاز علي شاهه تڏهن (1978..1979) نَئِين وَحدَت ڪالُونِي حيدرآباد ۾ رهندو هَو، ۽ آئون پُراڻِي وَحدَت ڪالُونيءَ ۾، ماڊل ڪاليجَ ڏانهَن اَچڻُ وَڃڻُ اَڪثَرُ گَڏُ ٿِيندو هُيو. نَئِين پُراڻِي وَحدَت ڪالُونِيُنِ ۾ جيڪي ڪلاس فيلوز رهندا هُياسين، انهن ۾ سائين ممتاز شاهه، آغا نَويد، مَنظُور بِروهِي، شَفِيقُ ميمڻ ۽ سُهَيل شَيخَ جا نالا مون کي ياد آهن. تعمير ميمڻ ڪِلاسِ فَيلَو ته نه هُيو، پر سائين ممتاز شاهه جَي گَھرَ سان گَڏُ، گَھرُ هُئَڻَ ڪري دوستيءَ ۾ شامل هو.
سائين ممتاز شاهه، آغا نَويد ۽ آئون، گَڏُ گَڏُ ڪاليج ايندا ويندا هُياسِين، عام ٻارن جِيان ڇَولا، دالِ پاپِڙِي ۽ پَڪوڙا سَموسا رَيڙَهنِ اڳيان بِيهِي کائڻ کان، شاهه صاحبُ مَنَع ڪندو هو، سندس چوڻ هُيو ته اِيئَن شَيُون کائِي، پَنهنجَي شَخصِي وَقارَ کي هَيٺاهُون نه ڪريو. حيدر چوڪ گاڏي کاتو حيدرآباد ۾، مَعيارِي چائينِيزِ رَيسٽَورَنٽِ ”ڪَينٽانِ“ ۾ به، پهريون دفعو سائين ممتاز علي شاهه وَٺِي هَلِيَو هو، سندس تَربِيَتَ ڏِيَڻ جو اُنَ وَقتِ به اِهو عالَمُ هُيَو.
سائين سيد سردار علي شاهه مهراڻ يونيوسٽيءَ ۾ انجينيئرنگ جو شاگردُ، سَندسِ وَيجھا دوستَ عبدالحفيظ جمالي، عمران لغاري ۽ جاويد سحر قريشي اَدَبَ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان مونسان واڳِيَلَ. سائين سَيَد سَردارَ جِي رهائِشِ عامِل ڪالُونِي هِيرآباد حيدرآباد ۾، ۽ ٻِيَنِ ذِڪرُ ڪَيَلَ دوستَنِ جا گَھرَ ڪلهوڙا ڪالُونِيءَ ۾. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جِي حيدرآباد شاخَ غَيرُ فَعال هُئڻَ ڪري، اسان پنجن دوستن ”ساس ڪَلَهوڙا ڪالُونِي شاخ“ جِي مَيمبَرشِپِ ڪري گَڏجاڻِيُون شروع ڪيون. اَدَبِي وَيهڪُنِ جون رپورٽون اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لَڳِيون، ته اُنَ وقت جَي سيڪريٽري جنرل ادل سومرو صاحبَ، خَطُ لِکِي ڪَچَو اِلِحاقُ وٺڻ لاءِ چيو، جَلدُ ئِي سنڌ سنگت جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾، شاخَ کي ڪَچَو اِلِحاقُ مِلِي ويو. دوستن پاران ادبي سنگت جَي پليٽفارم تان، ماهوار ”ادب“ رِسالَو جارِي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن جو چيف ايڊيٽر آئون (گل ڪونڌر)، ايڊيٽر جاويد سحر قريشي ۽ ايڊيٽوريل بورڊ ۾سيد سردار، سِنڌُو قاضي، عمران لغاري ۽ عبدالحفيظ جمالي شامل رهيا.
سائين سردار شاهه سَمَيتِ سڀيئي دوستَ، رِسالَي کي مِحنَتَ سان جارِي ڪندا رهيا ۽ ادبي سنگت جون دَستُوري گڏجاڻيون به ٿينديون رهيون. ادل سومرو صاحب ڪلهوڙا ڪالوني شاخ جِي بهتر ڪارڪردگيءَ کي ڏِسندَي، سنگت مرڪز جي اجلاس ۾، هِنَ شاخ کي ”ڪلهوڙا ڪالوني شاخ“ بدران ” سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد“ جو پَڪَو اِلحاقُ ڏِنو، اهڙيءَ طرح اَڄُ تائين اها شاخ ”حيدرآباد شاخ“ جَي نالَي سان هلندڙ آهي.
سائين سيد سردار شاهه بانِي مَيمبَرَ جِي حَيثِيَتَ سان، هر هَفتَي ”ڪُونڌَر هائَوسَ“ تي ٿِيندَڙَ، شاخَ جَي گَڏِجاڻِيُنِ ۾ ايندو ۽ اَدَبُ رِسالَي جِي اشاعت ۾ سهڪار ڪندو رهيو. پَنهِنجَو ”سُونهَن مئگزين“ شايع ڪرڻ ڪري، 4 سيپٽمبر 1994ع تي ”ادب“ جي اَيڊِيٽورِيَل بَورڊَ تان لِکَتِ ۾ استعفى ڏِنائِين. اسان لاءِ سائين سردار شاهه جو ساٿُ اَمُلهه هُيو، رَبَ سائينءَ کَيسِ وَڏَي مانَ مَرتَبَي سان نوازيو آهي، تَعلِيمَ کاتَي جِي وَزارَتَ وارَي عُهدَي تي فائز رهيو ۽ هِنَ وقت سنڌ جي ثقافت وارَي کاتَي جو وَزيرُ آهي.
آئُون ٿورائِتو آهيان ڀائرن جِهڙَي دوستَ، زَيبُ سِنڌِي صاحبَ جو جنهن هِنَ ڪِتابَ جو سَمُهاڳُ لِکيو. مُون سنڌي ٻَولِيءَ جَي ناموَر اَدِيبَنِ مان، جنهن اَدِيبَ سان هِڪَ جاءِ تي وَيهِي، ڪَچِهِريُون ڪَندَي وَڌِيڪَ وَقتُ گُذاريو آ، اُهو زَيبُ سِنڌِي آهي. زَيبَ هميشهه مُحبَتَ وارو رَوَيَو رکيو آ ۽ سندس شَفقتَ جو هٿ مُون تي رهيو آهي، هُو ڪڏهن مون سان اَرَهو نه ٿيو آ ۽ نه ڪڏهن مُنهنجِي ڪا ڳالهه ٽارِي اَٿائِين.
وڏا وَڙَ اَدِي زَيبِ نِظاماڻِيءَ جا جنهن ڪِتابَ ”مائِي مُجاوِرُ“ جو مُهاڳُ لِکَندَي، مُنهنجَي لِکڻُيُنِ، شَخِصيت ۽ گھرڀاتِيُنِ کي خوبصورت لفظن جِي ڀَيٽا ڏِنِي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لَيکَڪائُنِ ۾، اَدِي زَيبِ سان مُنهنجو تمام ويجھو تعلق رهيو آهي. زِندَگِي ڪهڙا امتحان وَٺِي ٿي، ڪِيئَن خوشِيُون اَرپَي ٿِي ۽ ڪَيڏِيُون پِيڙائُون جَهولَ ۾ ڀَرَي ٿي، اُنَ جو ڪَيرُ تَعينُ ڪري نه ٿو سگھي، پر حياتيءَ جَي لاهَنِ چاڙَهنِ ۾ ڪَي شَخصَ هُوندا آهن، جَيڪِي اوهان جَي مامِرَنِ جِي وڌيڪ ڄاڻ رکندا آهن، اَدِي زَيبِ جو شُمارُ انهن ماڻهن ۾ ٿِئَي ٿو، جن مُنهنجَي ڏُکَنِ سُکَنِ کي ويجھو کان محسوس ڪيو آهي.
احِسانَ سَليم چنا صاحب جا، جنهن جِي حَسبِ دَستُورِ مَجِمُوعِي مَدَدَ شامِلُ رَهِي آ، سَندسِ هِنَ ڪهاڻِي ڪتابَ جَي اَمُهاڳَ ۾، ڏِنَلَ تفصيلي راءِ وَڏِي اَهمِيَتَ جِي حامِلُ آهي. سَلِيمُ مُنهنجَو اُهَو ساٿِي آهي، جنهن سان لاڳِيتَو ڏَههَ ڪِلَو مِيٽَرَ پَنڌِ هَلَڻَ ۽ سَڄِي سنڌ ۾ وَڌِ کان وَڌِ، گَڏُ سَفرُ ڪَرڻَ جو سِلِسِلَو رَهيو آهي. سليم چنا مُنهنجَو حالَ ڀائِي ۽ هَرِ حال ۾ حَوصِلَو ڏِيندَڙُ رهيو آهي، کَيسِ پَنهنجَي خوشِيُنِ تي خوِش ۽ ڏُکَنِ تي دَردَ ۾ ٻُڏَندَي مَحسُوسُ ڪيو اَٿَمِ.
آئون نُورُ حُسَين ڪلهوڙو جَي لِکڻِيُنِ کي پسند ڪندو آهيان، سندس ڪِتابَ ”جيءُ مُنهنجَو جَنِ سِين“ جو مُهاڳُ لِکِيُمِ، هُنَ جون خَطنِ جِي صُورَتَ ۾ لِکِڻِيُون دِلِ ۾ لَهِي وَيُون. نُورُ حُسَينُ بيحد حَساسُ ماڻهو ۽ حَقِيقِي اُستادُ لڳندو آهي پَنهِنجَي رَوَيَن مان، کَيسِ اِسڪُولَ ۾ پڙهندڙ ٻارَنِ جو، هَرِ وقت اُلِڪَو لَڳَلُ رهندو آهي. اِها ئِي سَچَي اِنِسانَ جِي پَرکَ آهي، ته هُو ٻِيَنِ جَي اَولادَ لاءِ به، پَنهِنجَي پَيٽَ ڄايَنِ جِيان سوچَي. نُورَ جِي وَڏِي مِهربانِي جو هُنَ، ڪهاڻيُن کي دل سان پڙهڻ کان پوءِ، هِنَ ڪتاب جو اَڀِياسُ لِکِيو آهي.
سِنڌُ راڻِي پَبلِيڪَيشَنِ جَي سَرواڻَ، پِيارَي غلام مصطفى سولنگيءَ جا لَکَ قُربَ، جنهن جَي اِسِرارَ ڪرڻ تي هِنَ ڪتاب جو مُسَوِدو ڏِنومانسِ، ۽ الله جي مهربانيءَ سان ڪِتابُ ”مائِي مُجاوِرُ“ اوهان جَي هَٿَنِ ۾ آهي. آئون غلام مصطفى سولنگيءَ جو بيحد ٿورائتو آهيان، جَنهَن پُراڻِي دوستيءَ کي، اَچِ وَڃِ ۽ مَيلَ مُلاقاتِ سان بَرقرارُ رکيو آهي، مان به هُنَ سان پِيارُ ڪندو آهيان، سَندسِ گھرَ تي اَچڻُ سُٺو لَڳندو آهي، دعا آهي ته سدا سلامت رَهَي، آمين.
گل ڪونڌر
25 ڊسمبر 2019ع حيدرآباد.
03332795922